مهاڳ : جوڳين جوڳ ُ جڳاءِ
عيسيٰ جو جنم ڏوڪري تعلقي (هاڻوڪي باڪراڻي) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کوهارا ۾ 9 جولاءِ 1985ع ۾ ، هڪ پورهيت ۽ ڌنار الله ڏني ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو. جنهن عمر جي ننڍي حصي ۾ ئي ادبي دنيا ۾ پير پاتو ۽ پنهنجو الڳ مقام ٺاهي ورتو.هن رواجي تعليم پرائمري اسڪول ۽ هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ مان حاصل ڪئي ۽ سال 2006ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم –اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، ان سان گڏوگڏ وڪالت ( ايل ايل بي) جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين. سال 1998ع ۾ ٻاراڻي ادب سان لکڻ سان ادبي سفر جو آغاز، شاعري، اخباري ڪالم ۽ مضمون لکڻ سان ڪيو. ازانسواءِ عوامي آواز اخبار جي ٻارن واري صفحي ”جوت“ ۾ پڻ سندس تخليقون شايع ٿينديون رهيون جن کيس ادبي دنيا ۾ نئين سڃاڻپ ڏني ۽ انهيءَ دوران سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۾ پڻ سرگرم ٿيو. 2002 ۽ 2003ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جو ٻه دفعا سيڪريٽري ٿيو. ان دور ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ ۾ هن زبردست سرگرميون ڪيون. جيڪي ڏوڪري جي تاريخ جو اهم رڪارڊ آهن. ڪجهه ذاتي مسئلن جي ڪري عيسيٰ ميمڻ ڏوڪريءَ کان هجرت ڪري لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي هڪ مسواڙي جڳهه ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي ۽ گذريل ڏهن سالن کان وٺي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ مسواڙي جڳھن ۾ گذاري رهيو آهي. لاڙڪاڻي لڏي اچڻ کان پوءِ به هن کي سڪون سان ويهڻ نه آيو ۽ ادبي ۽ سماجي حلقي ۾ شامل ٿيو ۽ ايئن سال 2013-14 ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري چونڊجي ويو. جتي پڻ بهترين ڪردار ادا ڪيائين. ان کان سواءِ 2006 ۽ 2007ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلع لاڙڪاڻي جي ترجمان رسالي ”سنگت سماچار“ جو جوائنٽ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيو اٿس ۽ ڪراچيءَ مان ماهوار ادبي رسالي ”سارنگ“ جو پڻ جوائنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. سنڌو ماٿري جي عظيم تهذيب مهين جو دڙي جي تحفظ لاءِ ادل سولنگي، عزيز منگي ۽ علي بخش پٺاڻ سان گڏجي ”مهين جو دڙو اڪيڊمي آف سنڌ” جو بنياد رکيائين . جنهن پليٽ فارم تان هن تهذيب جي تحفظ لاءِ پڻ مثالي جدوجهد ڪئي ۽ جڏهن ته اڪيڊمي جي ترجمان پرچي ”سمبارا“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي . شاگردن ۾ تعليم ۽ سماجي شعور پيدا ڪرڻ ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي جو 2003ع ۾ پڻ بنياد رکيائين . ڏوڪري ۾ خانگي سطح تي اسوا لائبريري پڻ سندس ڳڻپ جوڳو ڪردار رهيو اهي. 2012ع ۾ سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري جو بنياد رکي ”پنهنجي مدد پاڻ“ تحت ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم شروع ڪيائين. ڏسندي ڏسندي تمام ٿوري عرصي ۾ 30 ڪتابن جي لڳ ڀڳ سنڌي ادب کي معياري ڪتاب ڏئي چڪو آهي. جن ۾ ”مهين جو باغي“ ، ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو جي شخصيت تي ڪتاب، ٻيو نمبر منهنجو شاعريءَ جو ڪتاب ”اڻپوري ڪويتا“، جي-ايم سيد جون يادگار تقريرون ”پرھ جو پيغمبر“، سياست، تاريخ ۽ ڪردار( عيسيٰ ميمڻ جو ڪتاب)، سياسي تعليمي نصاب ( ڊاڪٽر مير عالم مري جو ڪتاب)، سياست، سماج ۽ آزادي (خالد چانديو جو ڪتاب)، سماج ۽ ادب جو سفر (سرور منگيءَ جو ڪتاب)، بند اکرين جو ڀاڪر (شمير سومري جي شاعري جو ڪتاب)، خانه بدوش لفظن جا قافلا (ادل سولنگيءَجي شاعري جو ڪتاب) ارپڻ کان رهجي ويل محبت (وفا صالح راڄپر جي ڪهاڻين جو ڪتاب) هدايت منگيءَ جا ٻن اهم ڪتابن سميت ڪل 30 ڪتاب شايع ڪرايا اٿائين.عيسيٰ ميمڻ کي مختلف ادبي ۽ علمي خدمتن جي عيوض مڃتا اعزاز ۽ سندون به ملي چڪيون آهن، جن ۾ سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ٻاراڻي ادب جي خدمت طور سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي جي صحيءَ سان ”مڃتا سند“، 2004ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران ”سنگت جو بهترين ورڪر ايوارڊ“، سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران 2013ع ۾ سنگت جي بهترين ڪارڪردگي سند، 2017ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلعي لاڙڪاڻي پاران ادبي خدمت عيوض ”مڃتا ايوارڊ“ 2017ع ۾ سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پاران تعليمي خدمتن عيوض ايوارڊ ۽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي پاران 2018ع ۾ ”تاريخ، مڃتا ايوارڊ“ پڻ شامل آهن.
عيسيٰ ميمڻ صبح جو گهران نڪرندو آهي ته ٻيهر شايد ماني کائڻ لاءِ ئي گهر ويندو آهي، باقي سمورو وقت ڪتابن کي پڙهڻ ، لکڻ ۽ ادبي سرگرمين ۾ وقت مصروف رهي ٿو ۽ رات جو به گهر تڏهن ويندو آهي جڏهن گهر جا سڀ ڀاتي ننڊ ڪري ويندا آهن باالخصوص شام جو وقت ته اهڙو هوندو آهي جڏهن لاڙڪاڻي جا اديب خاص ڪري عزيز منگي، قاسم ڪيهر ۽ عادل عباسي، مهراڻ هوٽل تي چانھه جي ڪٽ تي ايئن گڏ ٿيندا هئا، جيئن پراڻي دور ۾ حيدرآباد جا اديب فٽاز هوٽل تي گڏ ٿيندا آهن ۽ جڏهن دوست لاڙڪاڻي ۾ مهراڻ تي گڏبا آهن ته هڪ ٻئي کان عيسيٰ لاءِ ائين پڇا ڪندا آهن ڄڻ عيسيٰ ڪو سندن پنهون هجي جيئن لطيف سائين فرمايو آهي ته :
ڪنڌيءَ اڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن،
ڪني سانگو ساه جو ، گهوريس ڪيو گهڙن،
ساهڙ سندو تنِ، گهاگهائي گهرن جي.
مون کي ته ڏاڍو تعجب لڳندو آهي ته عيسيٰ ايترا ڪم هڪ ئي وقت ڪيئن ڪندو آهي، جڏهن ته سندس جياپي لاءِ جڪ ننڍڙي نوڪري J.S.T جي آهي، جنهن جي پگهار مان مسواڙ جي گهر ۾ رهي ٿو، گهر ڀاتين جي سهائتا ڪري ٿو ۽ مسلسل تعليم به حاصل ڪري ٿو. هن وقت شاه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان”جيلن ۾ لکيل سنڌي ادب “ جي موضوع تي ايم - فل ڪري پيو ۽ پي ايڇ ڊي سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو خواب آهي توڻي جو سندس ذاتي زندگيءَ ۾ چئني طرفن کان سسئيءَ وارا سور ۽ عذاب اٿس پوءِ به جستجو جو اتساه ۽ ويساه رکي ٿو. جيئن ڀٽائيءَ فرمايو آهي ته :
اٺ ويري، اوٺار ويري،ويري ٿيڙم ڏير،
چوٿون ويري واءٌ ٿيو، جنهن لٽيا پنهونءَ پير،
پنجون ويري سج ٿيو، جنهن الهي ڪئي اوير،
ڇهون ويري ڇپر ٿيو، جنهن سوان ڪيان سير،
ستون ويري چنڊ ٿيو، کڙيو نه وڏيءَ وير،
واهيري جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين.
(شاه)
مطلب ته جتي گهر پنهنجو نه هجي، گهرجا ٻار هن معاشي بدحاليءَ جي دور ۾ ايترا هجن جو ماڻهو خودڪشي پيو ڪري يا پوڙها ۽ ٻار پيا کپائن يا ڊليورين جون نشانيون اسپتالن جي ڍيرن مان ملن ۽ جيئڻ جو ٻيو ڪو سهارو نه هجي ، نه زمينداري نه صنعتڪاري، نه ڪا موروثي ملڪيت ، نه اجهو نه اڀل، اتي سج اڀرڻ کان وٺي رات جي چنڊ لڙڻ تائين، رڳو جفاڪشي هجي، وک وک تي سسئيءَ وارو پيرين پنڌ هجي ۽ ٻيو ڪو اوهي واهي نه هجي پوءِ به اڳتي وڌڻ جو اتساه نه رڳو پاڻ وٽ رکي بلڪه ٻين نوجوانن کي جاڳائي- اڳتي کڻي هلي، نه صرف عام زندگيءَ ۾ پر ادبي کيتر ۾ به ، پوءِ ڇو نه ادبي سنگت جون سرگرميون هجن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا واري تحريڪ هجي، ته به پاڻ ٻين دوستن کان اڳ کان اڳ ڀرو هوندو آهي پوءِ ڀلي ان ۾ ڪيتريون ئي رنڊڪون اڳيان هجنس ان جو ڪو اونو ئي نه ڪندو.
تاريخ فرد واحد جي داستان ڪونهي ڪا، بلڪه فردن يا ماڻهن جو انساني سماج جي اندر ڪردار آهن ۽ انساني معاشري ۾ تحرير جو فن نهايت اهم رهيو آهي اهڙي طرح خط لکڻ ۽ ان جي رسائي، خواه قانون نافذ ڪرڻ، جنگين جا پيغام پهچائڻ يا ڪي محبت جا سنيها موڪلڻ هجي، قديم دنيا جي تهذيبن مان هڪ اهم ڪم رهيو آهي ۽اهڙيءَ طرح عيسيٰ جو هيءٌ نئون ڪتاب، ”سنيها سپرين جا“ جن ۾ سندس ڏانهن ڪيترن ئي دوستن ۽ خطن ذريعي پنهنجو حال احوال اوريو آهي. جيڪو شايد هن ٽيڪنالوجيءَ جي دور ۾ موبائل ميسيج، واٽس ايپ يا e-mail ذريعي نه ٿو ڪري سگهجي. ان لاءِ يا ته روبرو ويهي ڪچهريون ڪجن يا وري پراڻو روايتي ۽ تهذيبي خطن جو سلسلو رکجي. هنن خطن ۾ عيسيٰ سان جتي ڪيترن ئي دوستن ۽ يارن ادبي ۽ سياسي گفتگو ڪئي آهي ته ڪٿي ميارون ۽ ڏوراپا پڻ ڏنا آهن ته ڪٿي وري سنڌي ماڻهن جي سماجي ۽ سياسي بيهڪ جي ڳالھه ڪئي آهي. جديد دور ۾ خطن جو رواج بنھه گهٽجي ويو آهي پر ان جي باوجود به ، جن دوستن عيسيٰ کي خط لکيا آهن انهن جس لهڻو، جن نه صرف عيسيٰ ڏانهن اهڙا سياسي، سماجي، رومانوي ۽ مياري خط لکيا آهن پر ادب جي دنيا ۾ هڪ زبردست اضافو پڻ ڪيو آهي. جن ۾ اسرار شام، در محمد پٺاڻ، ادل سومرو، منٺار سولنگي، سرڪش سنڌي، رياضت ٻرڙو، اصغر سجاڳ، مقصود گل، هارون چنو. محسن ٻٻر، ستار سومرو، سومرو شبير احمد، عباس سارنگ، اعجاز اسد پليجو، وفا عرس پارابي، علي بخش پٺاڻ، وغيره شامل آهن. علي بخش پٺاڻ جي خطن ۾ ته تصوف جي اپٽاربه شاندار نموني ٿيل آهي. ان کان سواءِ جيل جي عرصي جا پڻ خط تاريخ جو حصو آهن.
عيسيٰ هڪ جڳت ڪندڙ جوڳي آهي. جنهن لاءِ ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته:
جوڳين جوڳ جڳاءِ، جوڳ پڻ سونهين جوڳين،
جـوڳـيـن سـنـدي جان ۾ ، ڳجهه ڳهاندڙ آه،
هاءِ ! مونهين کي واءِ، جا آءٌ جوڳ نه سکي. (شاه)
مطلب ته جڏهن به مان هن کي ڏسندو آهيان ته هٿ ۾ ڪتاب يا بغل ۾ ٿيلهو هوندو اٿس ۽ جڳت ۾ هوندو آهي جيڪا اسان وٽ ڪو نه آهي يا سکي نه سگهيا آهيون. بهرحال عيسيٰ ميمڻ جون اهڙيون ڪاوشون ۽ ڪوششون اميد ته سدائين رهنديون ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي ادب ۾ اضافو ڪندو رهندو جيڪو اسان سميت لاءِ نيئن نسل لاءِ پڻ لاڀائتو ٿيندو.
ساٿ سلامت
رسول بخش منتظر سومرو
بنگل ديرو-لاڙڪاڻو
14.02.2018