اعجاز اسد پليجو (هڪ خط)
جنگشاهي
10-10-1998
ساٿي عيسيٰ
سلام، اميد ته خوش هوندا
توهان جي هن خط جي ورندي دير سان پيو ڏيان، سبب M.Sc فائنل جا سخت امتحان هئا. جيتوڻيڪ امتحان هلندي جواب ڏيئي پي سگهيس پر اهڙي حالت ۾ جواب سان شايد انصاف نه ڪري سگهان ها، سو ”جيئن دير تيئن خير“ جي چواڻي، دير سان ورندي ڏيئي رهيو آهيان. اميد ته پنهنجو سمجهي دل ۾ نه ڪندا. اڳوڻي خط ۾ دير جو ڪارڻ منهنجو ننڍو ڀاءٌ هو، جو هن وقت سر خَطَ پوسٽ نه ڪيا. جنهن ڪري توهان کي اوسيئڙي جو اهنج سَهڻو پيو، ان لاءِ معافي جو طلبگار آهيان.
ادا! توهان پنهنجي ۽ واحد پارس جي تنقيد تي تنقيد ڪرڻ لاءِ چيو آهي. پر اهو ڪم ته هڪ نقاد جو هوندو آهي. پر توهان جو حڪم اکين تي، ان ڪري پهچ سارو منهنجي راءِ حاضر آهي. مان پنهنجي راءِ جو بنياد تنقيد جي هنن مکيه اصولن تي رکان ٿو. تنقيد جي نشاني تي ”ليکڪ“ نه پر ”لکڻي“ هئڻ گهرجي.
ليکڪ تي تنقيد ڪرڻ مهل خيال رهي ته هو ملائڪ نه پر انسان آهي. تنهن ڪري گڻن سان گڏ منجهس اَوگڻ به ٿي سگهن ٿا. پاڻ پڏائڻ، پنهنجي پاڻ سان پيار ڪرڻ، پنهنجي ڪارنامن تي فخر ڪرڻ انسان جي فطرت ۾ شامل آهي. انسان جي انهيءَ فطرت جي بنياد کي نرگسيت (Narcissism) چوندا آهن. جيڪڏهن ڪو ليکڪ پنهنجي لاءِ (Narcissism) جو مظاهرو (حد اندر) ڪري ته ان کي تنقيد جي اڏي تي آڻڻ نه گهرجي. ادب ۾ مثبت تنقيد اها ليکبي آهي جيڪا تنقيد جا اصول آڏو رکي ڪئي وڃي. جيڪا تنقيد براءِ تنقيد ۽ ادبي اصولن کان ٿڙيل هوندي اها ناڪاري تنقيد يا ڄنڊاپٽ سڏبي آهي. ادا مقصود تي ڀاءٌ واحد (هلال پاڪستان) ۾ ڪهڙي تنقيد ڪئي. اها مون پڙهي ناهي پر ان جو اولڙو توهان جي خط (واحد پارس هيسباڻي ڏانهن!) ۾ نظر آيو. پر منهنجي خيال ۾ واحد جي تنقيد فضول هئي ۽ توهان کي به ان جي خط کي هروڀرو تنقيد جي دائري ۾ آڻڻ نه کپندو هو. توهان کي حسام سومري تي به ناراض ٿيڻ نه گهربو هو؛ ڇو ته توهان جي تنقيد جوشيلي هئي. ادب ۾ جوش نه پر هوش کان ڪم وٺبو آهي. واحد پارس به غلط ڪيو جو هن ادا مقصود تي ناڪاري تنقيد ڪئي. مطلب سڀني جي تنقيد جو نشانو لکڻيون نه پر ليکڪ هئا. جيڪا سٺي ڳالهه نه هئي.
ادا عيسيٰ! منهنجي راءِ پڙهڻ کان پوءِ اميد ته اوهان کي ڏک نه ٿيندو ڇو ته مون کي پڪ آهي ته اوهان سچار ۽ حقيقت پسند انسان آهيو. موڪلائڻ کان اڳ هڪ ڳالهه چوندس ته، جي توهان منهنجي راءِ تي پنهنجي راءِ ڏيندا ته ڏاڍو سٺو ٿيندو. توهان ”جاڳو“ ۾ وري لکڻ شروع ڪيو آهي ان جي خوشي ٿي آهي. ”زندگي جا رنگ“ جيان ”جوت“ ۾ هڪ نئون ڪالم ”رنگ رنگ دنيا“ شروع ڪرڻ جو ارادو هو ۽ مواد به موڪيلم پر زرار پيرزادي چيو آهي ته غلطيءَ سان اوهان جا پنج ڪالم گم ٿي ويا آهن. وري ٻيو مواد موڪليو پر سوچيان پيو ته هاڻ ”ٻارڙا اکين جا تارا“ ۾ ڪالم شروع ڪجي يا ”جوت“ ۾ صلاح ڏيو! ڀاءٌ علي بخش پٺاڻ سميت سڄي سنگت کي سلام چئجو.
چڱو موڪلاڻي ڪونه سدائين گڏ.
اوهان جو
اعجاز اسد پليجو