منصور رمضان عباسي (هڪ خط)
ڄامشورو
25-11-2007
محترم عيسيٰ ميمڻ!
خوشيءَ جي جهوليءَ ۾ لڏندا هوندئو. عيسيٰ اڄ گهڻي مدت کان پوءِ مان توهان ڏانهن خط لکي رهيو آهيان، شايد انهيءَ ڪري جو اڄ مان فائيلس (Files) ۾ ڪاغذ ڳولهيان پيو ته پهريان اوهان جا محبت سان لکيل خط منهنجي سامهون سرخ گلابن جيان پيل نظر آيا. هيانءٌ ڀرجي آيو ۽ دل سٽ کاڌي ته انهن خطن کي ورائي پڙهي سندن مان محبت جو مٺاس وٺان ۽ ايئن ئي ٻين خيالن کي مروڙي سروڙي پهريان اوهان جي اُڪير ۾ پيپر تي نقش ٿيل لفظ ٻهڪي ٻهڪي پڙهي ورتا.
خط پڙهڻ کان پوءِ عجيب ڳالهه اها ته مون کي احساس ٿيو ته دوست جيڪو ڀائرن جهڙو پيارو ۽ پنهنجي خوبصورت لفظن ۾ سچ کي اڇي پيپر تي اتاري مون کي سدائين پاڻ سڃاڻڻ ۽ سماج جي ڀلائيءَ ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ اڳتي وڌڻ جو اتساهه ڏنو آهي، پر مان، انهيءَ دوست کي وساري ويٺو آهيان. ان تي مون کي پاڻ تي نه صرف افسوس آهي پر تمام گهڻو لڄي به آهيان.
عيسيٰ اڄ کان ٻه ڏينهن پوءِ منهنجو پيپر آهي جنهن جي تياري ڪيان ٿو ۽ ان کان اڳ به هڪ پيپر نالي (News Writing) جو ٿي ويو آهي جيڪو پڻ سٺو ٿيو. منهنجو آخري پيپر 20 ڊسمبر تي آهي تيسيتائين ته پاڻ نه ملي سگهنداسين پر هن خط ذريعي اسان هڪ ٻئي سان احساس ۽ خوشيون ته ونڊي سگهون ٿا.
عيسيٰ، انسان ايترو مطلب پرست يا خوددار ڇو ٿيندو پيو وڃي ۽ پنهنجي هڪ روپئي جي فائدي ڪري ٻين جي پنجن روپين کي نقصان پهچائڻ سندس کي هچڪ به نه ٿي اچي. ڇا واقعي انسان ازل کان ائين رهيو آهي ۽ ابد تائين ائين ئي رهندو؟ جيڪڏهن اهو سلسلو ائين رهندو ته ڇا عيسيٰ ميمڻ!، جيڪو حضرت عيسيٰ مسيح جو تسلسل آهي، اهو حضرت عيسيٰ جي عدم تشدد ۽ ماڻهن جي ذهني تبديليءَ ۽ انهن جي ڀلائي واري واٽ ڇڏي صرف پنهنجي فائدي لاءِ سوچيندو؟!
عيسيٰ مان اڄ حقيقت ٿو بيان ڪريان ته (مون کي ڀل گهڻين ڳالهين جي خبر نه هجي يا مان صرف هش ۾ خوش هجان) ائين جڏهن هَيانءٌ جُهري پوندو آهي. پر گهڙي پَل لاءِ ذهني ٽارچر جو نشان بڻجي ويندو آهيان. اسان سڀ جيڪي هڪ ئي خيال جي ڪڙي آهيون يا هڪ ئي نظريي جا پوئلڳ آهيون تڏهن به ڇو اسان هڪ ٻئي جا مخالف آهيون؟
بهرحال هڪ ڏينهن ايندو جنهن ڏينهن تي عيسيٰ، مسيح جي ڀرم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي ماڻهن ۾ سچ جو نعرو بلند ڪندو ۽ انهن ۾ هيڪڙائي جي پرچار ڪندو. ان هجوم ۾ ڀلي ان عيسيٰ جا دشمن يا مخالف ڇو نه هجن پر انهن کي به سيني سان لائي سندن کي سچ تي بيعت ڪرائيندو!
باقي مان ته سدائين عيسيٰ جي ڇانَو ۾ رهڻ چاهيو آهي، اها ڇَانَو مون کي سانوَڻَ جو گهاٽي نِم جي ٿڌي ۽ مٺي ڇانَوَ کان به وڌيڪ وڻندڙ ۽ دلڪش لڳندي آهي، پر عيسيٰ جيڪو ٻين کي ته پنهنجي رهبريءَ جي ڇانَوَ ۾ رهڻ ڏيندو آهي پر شايد مون کي سانوڻ جي باهه مثل سمجهندو آهي جيڪا گهاٽي کان گهاٽي نم کي به هميشه لاءِ ختم ڪري سگهي ٿي. پر مان توهان کي لکي ٿو ڏيان ته مان باهه مثل نه پر هڪ گل جيان آهيان. جيڪو ظالم هٿن ۾ نپوڙي ڀڳل روڊن ۽ رستن تي سانوڻ جي اس ۾ سڙي کپي هميشه لاءِ انهن ظالمن ماڻهن جي نظرن کان اوجهل ٿي ويندو آهي جنهن جي ڪنهن کي به خبر نه هوندي آهي.
عيسيٰ توهان پنهنجي زندگي جو سفر ڪيئن طئه ڪيو آهي؟ ان حوالي سان توهان هڪ بردبار ۽ باهمٿ نوجوان آهيو پر اوهان ۾ جيڪا وڏي خوبصورت ڳالهه جيڪا نه صرف منهنجي زندگي گذارڻ لاءِ رستا ۽ فيصلا طئه ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي، پر هر ان ماڻهوءَ کي به انسانيت جي پٽڙيءَ تي آڻي بيهاري ٿي جن جو صرف اوهان جي پاسي مان گذر ٿيو آهي. پر دوست هڪ ڳالهه اوهان کي به سوچڻ گهرجي ته انهن ماڻهن کي صحيح رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو جيڪي ڪلر جي رڻ ۾ رُلي ويا آهن ۽ سندن جي ذهنن تي صرف ڪلراٺي مٽي ڄمي وئي آهي!
هت سڄي سنگت خوش آهي جن سان ڪچهريون به ٿينديون رهن ٿيون، ڪڏهن ڪڏهن اوهان کي ڪنهن حوالي تي ياد ضرور ڪندا آهيون جنهن جي ڪري سنگت به اوهان سان ملڻ جي خواهش ٿي ڏيکاري پئي. جيڪڏهن هن وقت ملي وٺجي يا حيدرآباد اچڻ ٿئي ته اسان کي پنهنجو ديدار ضرور ڪرائجو. ڏوڪري جي سنگت کي گهڻي کان گهڻا سلام. اوهان لاءِ نيڪ تمنائون.
اوهان جو پنهنجو
منصور رمضان عباسي