اصغر سجاڳ (هڪ خط)
31-08-2006
مانوارا عيسيٰ ميمڻ
اميد ته خوش هوندا.
ذڪر ادبي سنگت جو ئي آهي ۽ مامرو ادبي سنگت جي وقار جو ئي آهي. هڪ سنگين حرڪت، جنهن جي شروعات ٺل کان ٿي آهي ۽ جيڪا نه ڄاڻ ڪٿي دنگ ڪندي؟ خدا خير ڪري! سنڌي ادبي سنگت ٺل شاخ، جنهن جو بنياد منهنجي هٿان 1975 ۾ پيو، پهرين سيڪريٽري جي حيثيت ۾ تڏهوڪي سيڪريٽري جنرل رشيد ڀٽي جي دور ۾ الحاق وٺي، شاخ جي شروعات ڪئي. 32 سال ٿي ويا آهن، منهنجي عمر 18 سالن مان اڄ 50 سال ٿي آهي. ان ڊگهي سفر ۾ منهنجي مضبوط حوصلن ۽ جذبن شاخ کي پرجوش ۽ جوان رکيو آهي. گذريل وڏو عرصو جوان عمر ساٿين، شاخ کي سنڀاري پنهنجو ادبي شغل، رنگبرنگي انداز ۾، ٽهڪڙن ۽ کجڪن ۾، ٺيڪ اهڙي طرح جاري رکيو، جهڙي طرح اڄ ٿر ۾ مينهن وسڻ کان پوءِ مور ٽهوڪا ڪري رهيا آهن. پر 2006 جي ابتدا سڄو منظر بدلائي ٿي ۽ سڀ رنگ مٽجي وڃن ٿا ۽ سارا ٽهڪ ۽ ٽهوڪا غائب ٿي وڃن ٿا. 19 فيبروري تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊ کان پوءِ اهڙي ڀيانڪ شڪل ڇو ٿي بڻجي!؟ سال 2006 جو، ٺل شاخ جو نئون سيڪريٽري ڪجهه هينئن چوي ٿو؛ ”سنڌي ادبي سنگت جو آئين ڇا ٿيندو آهي؟ آئين جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ ۽ منهنجي آڏو آئين ڪا به اهميت نه ٿو رکي.“ وڌيڪ چوي ٿو، ”مان سيڪريٽري جي حيثيت ۾ سڀ ڪجهه آهيان، سيڪريٽري جنرل ذوالفقار سيال مون کي سڀ اختيار ڏئي ڇڏيا آهن، هاڻ جيئن وڻندو تيئن ڪندس“ وڌيڪ چوي ٿو ته ”مان انهن سمورن ميمبرن کي خارج ڪيان ٿو، جيڪي مون کي پسند ناهن، جنهن کي وڻندو تنهن کي رکندس، جنهن کي وڻندو ڪڍندس. هاڻ اهي ميمبر رهندا، جيڪي منهنجي چوڻ آکڻ تي هلندا، اختلاف رکندڙ ميمبر سنگت مان روانا ٿين. مون کي مرڪز جي حمايت حاصل آهي، ذوالفقار سيال چئي ڇڏيو آهي ته صفايو ڪندو وڃ، مرڪز تو سان گڏ آهي.“ سيڪريٽري جي حيثيت ۾ ساڳئي نوجوان صرف ايترو ئي نه چيو، پر ان کان وڌيڪ اهي لفظ چيا، جيڪي ڏاڍا شرمناڪ، غصب ناڪ ۽ خوفناڪ آهن. هن صاحب فرمايو ” آئين، آئين نه ڪيو، آئين منهنجي نظر ۾ اها شيءَ آهي، جنهن کي ڪو پيشاب به نه ڪري!!!؟.
سنڌ جي ساڃاهه ۽ شعور آڏو هي سوال ڪَرَ کڻي بيهي ٿو ته هي لفظ شاخ جي سيڪريٽري جا آهن، يا سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جا؟ سيڪريٽري جنرل جي کاتي اهي لفظ ان ڪري به ٿين ٿا، جو هو صاحب ان شخص تي اڃا به مهربان آهي. ٺل شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽي 13 آگسٽ جي اجلاس ۾ ان شخص جي تاحيات ميمبر شپ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري مرڪز کي وڌيڪ ڪاروائي جي گذارش ڪئي آهي. سموريون رپورٽون ۽ لاڳاپيل مواد سيڪريٽري جنرل ڏانهن اماڻيو ويو آهي. اسان سمجهيو ته سيڪريٽري جنرل جلال ۾ ايندو، ڳاڙهو پيلو ٿيندو، سخت رد عمل ڏيکاريندو ۽ سخت ڪاروائي ڪندو: پر ان جي ابتڙ مانواري سيڪريٽري جنرل کي ان شخص لاءِ اڃا همدردي ٿي پئي آهي. کيس ڳڻتي اها اچي ٿي آهي ته ان شخص کي ڪيئن بچائجي. سيڪريٽري جنرل ان شخص کي اڃان به شاخ جو سيڪريٽري مڃي رهيو آهي. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي!!!.
سنڌي ادبي سنگت اندر هڪ ڪارو باب رقم ٿي ويو آهي، گروپ بندي جي گهاٽ ههڙن لفظن کي لڪائڻ ڇا، خود هڪ وڏو ڏوهه نه آهي!؟ سنڌ جي تاريخ جيڪا خود وڏي ادبي عدالت آهي، اها ڪنهن کي به معاف نه ڪندي. سنگت جو آئين هڪ مقدس دستاويز آهي، ان کي ههڙن گهٽيا لفظن سان نوازڻ واري تي خاص نوازش آخر ڇو پئي ٿئي!؟ سنگت جي ادارن ۽ ايوانن جي کليل توهين تي اکيون ٻوٽيون ڇو پيون وڃن!؟ پريس ۽ ميڊيا ۾ هي مامرو ” ادبي ائڊوائيس“ جي نظر ٿي ويو، ٺل شاخ جا کنيل قدم ڪنهن اخبار جي زينت نه بڻجي سگهيا!؟
سنڌ جو شعور ۽ ساڃاهه فيصلو ڪري ته ڇا ٿيڻ کپي؟ عهدي ۽ عهديدارن کي مقدس سمجهي، ڪجهه نه ڪڇڻ کپي؟ ڪجهه نه لکڻ کپي؟ ۽ ڪجهه به نه ڪرڻ کپي؟ سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي عاشقن کي هن صدا جو جواب ضرور کپي!
اصغر سجاڳ
سيڪريٽري
سنڌي ادبي سنگت ٺل (شاخ)