جيل جا خط (ڏهه خط)
_________________________________________________________________________________
(71)
مورو جيل
11-06-2001
پيارا راشد
ساٿ سلامت - سچ سلامت.
توکان موڪلائي جيئن ئي پنهنجي منزل ڏي اچڻ لاءِ بس جي مقرر وقت ۽ جاءِ تي ڳجهڙ 8 وڳي پهتس ته ٺيڪ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ بس آئي ۽ اسان وري ڏوڪري کان ٿيندي راڌڻ روڊ سان روانا ٿياسين. اسان جي بس مختلف پوليس چوڪين کان پاڻ بچائيندي 12 وڳي ميهڙ ۾ ڪجهه وقت لاءِ آرام ۽ ماني کائي 12.45 تان ميهڙ مان نڪتاسين ۽ مُوري طرف پارٽيءَ چيئرمين جي ڏنل حُڪم مطابق داخل ٿيڻ وارا هياسين ته مورو پوليس گهڻي منهن ماري کان پوءِ سڄي بس کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي 2.45 تي نيٺ پنهنجو اسان کي مهمان ڪيو ۽ هيءٌ خط به توکي جيل مان لکي رهيو آهيان.
پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ڌرڻي جي حوالي سان ته خبرون اخبارن ۾ پڙهيون هوندئي ته ڪيئن نه رياست ڏاڍ مڙسيءَ جو مظاهرو ڪندي قومي ڪارڪنن جي مٿان لٺبازي، گوليون ۽ شيلنگ ڪري اسان کي پنهنجي راهه تان هٽائڻ جي ناجائز ڪوشش ڪئي آهي ۽ جڏهن بشير خان قريشي جي مٿان بلڪل سڌيون گوليون هلايون آهن ۽ بشير خان خود پاڻ تمام ٿلهو ڏنڊو کڻي ڪارڪنن سان گڏ ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن جا مٿا ڦاڙيا آهن. نيٺ آخر ڳالهه ڳوري ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي جان بچائي واقعي معجزاڻي طور تي پوليس کي اکين ۾ ڌوڙ وجهي نڪري ويو. خير انهيءَ لاءِ سامهون تفصيل بيان ڪيا. هن وقت جيل ۾ طبيعت خراب ٿيڻ لڳي آهي مسلسل ماني ٺيڪ وقت تي نه ملڻ، آرام صحيح نموني سان نه ڪرڻ سبب ڪافي مسئلا ٿي پيا آهن پر حوصلا بلند آهن مايوس نه آهيون مڙس ٿي جيل ملهائبو.
امان ۽ بابي جن ڏاڍا پريشان هوندا انهن سان ملي کين هي خط ۽ دلجاءِ پڻ ڏجانءِ ۽ کيس سمجهائجاءِ ته مان ستت ئي ايندس. اڄ ٿي سگهي چالان ٿي وڃون ۽ چالان ٿيڻ کان پوءِ سست پارٽي ضمانت ڪرائي ڇڏيندي. باقي ٿي سگهي ته ڪجهه ڏينهن لڳندا اهو ڪو مسئلو ناهي. ارشد، بني، امام بخش، اياز ۽ جيڪو پڇئي سلام، قرب دعائون ڏجانءِ. وڌيڪ ٻيهر خط لکندا سانءِ باقي جيل جي زندگيءَ ۾ پنهنجو مزو اٿئي. ڪُل اسان 60 ڄڻا ڏوڪريءَ جا ئي آهيون.
عيسيٰ ميمڻ
مورو جيل
_________________________________________________________________________________
(72)
سکر سينٽرل جيل
12-06-2001
سڄڻ راشد قاضي
ڪهڙا حال اٿئي مان ته خوش آهيان، اڄ موري جيل کان صبح جو 5.50 پوليس بند موبائيل مان سکر سينٽرل جيل ۾ آندو ويو آهي. مورو ۽ سکر 155 ڪلوميٽر جو مفاصلو آهي تقريبن ٽن ڪلاڪن جي اندر سکر پهتاسين. شروعات ۾ تلاشي ورتي وئي ۽ ٻئي مختلف جيل جون فارملٽيون پوريون ڪري هڪ ڪشاده هال ۾ رهايو ويو آهي. جتي جيئي سنڌ جا ٻه سئو کان مٿي ڪارڪن آهن. هتي به ٻه ويلا ماني ملندي آهي مانيءَ جا وقت توکي اڳ لکي چڪو آهيان. هتي جيل جي حوالي سان سمجهه موري کان وڌيڪ سهولتون مليل آهن. ڏينهن ۾ ٻه دفعا وهنجڻ ٿئي ٿو. توکي اهو به ٻڌائيندو هلان ته هيءٌ جيلُ برطانيه دور حڪومت ۾ تي ٺاهيو ويو، هن جيل جي ايراضي تقريبن هڪ سئو چاليهه جريب آهي. برطانيه دور حڪومت ۾ هت ڪل هزار قيدي رهائي سگهبا هئا پر هاڻي صورتحال ڪجهه ٻي ٿي وئي آهي. هن وقت ٻه هزار ست سئو قيدي رهيل آهن. سياسي قيدين کان سواءِ ٻين قيدين سان انتظاميه جو ورتاءٌ انتهائي اڻ وڻندڙ آهي. اهو ورتاءٌ ڏسي انسانيت ۽ انسان جي عظيم عظمت تان ويساهه ئي کڄي وڃي ٿو. باقي مستقبل رهائش رکندڙ سياسي يا مڇي مانيءَ لائق چور کي ڪافي سهولتون مليل آهن.
هتي مستقبل رهائش رکندڙ قيدي عام پورهيو مثال طور ٽوپيون ٺاهڻ، ڀرٿُ ڀرڻُ، استري ڪرڻ، برف کپائڻ وغيره جهڙا ڪم ڪندا آهن. جن کي محنت آهر معاوضو جيڪو به ٻاهر جي پورهيو کان بنهه گهٽ ملي ٿو. هن جيل ۾ تقريبن ست ڊويزنون (اسان ڊويزن کي پاڙو چئي سگهون ٿا يا ڪالوني) آهن. جن کي سرڪل پڻ چيو وڃي ٿو. هر سرڪل اندر مختلف قسم جا باغيچا، راند جا ميدان پڻ ميسر آهن. جن تي قيدي گهمي ڦري ۽ راند ڪري سگهن ٿا.
هتان جي هڪ ڪراڙي جيڪو جيل جي قيدين جو خدمتگار آهي تنهن ٻڌايو ته جيل ۾ برطانيه دور حڪومت ۾ قيدين کي پڙهائڻ لاءِ باقاعده اسڪول هوندو هو، قيدين کي عام تعليم سان گڏوگڏ ڏوهن کان باز اچڻ ۽ پڻ مختلف قسم جا ليڪچرار ليڪچر ڏئي سندن ذهني نشونما ڪندا هئا. پر هاڻي اهو سمورو نظام System ختم ٿي چڪو آهي. هاڻي ته قيدي جيل ۾ نه سکن ٿا ۽ وري انهن جي ٻي ڪا تريبت آهي. انهن سان هتي حسين سولنگي ۽ مان هڪ قيديءَ سان ملاقات ڪئي جيڪو ٽوپي ٺاهي رهيو هو. هي دوست جيڪب آباد جو آهي پاڻ تمام سٺو پڙهيل لکيل پڻ آهي. ساڻس ڪچهري جيل ۾ سندس ذاتي زندگي بابت ڪئيسين جنهن مان ڪافي مطمئن ٿياسين. جنهن لاءِ الڳ ڪچهريون ڪنداسين.
هتي منهنجي قمبر جي جسقم ڪارڪن سان ڪچهري پڻ ٿي. جن سان سياسي ۽ ادبي معاملن تي ڳالهايوسين، دوست ڪافي سنجيده هئا پر اسان جي پارٽيءَ طرفان اسٽڊي سرڪل نه هلائڻ سبب سندن ڪتابن جي مطالعي جي حوالي سان ڪافي جهول هئا کين انهيءَ جهول کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ صلاحون وغيره ڏنيونسين. سڀني مون کي قمبر جي گهمڻ لاءِ دعوت پڻ ڏني. شام جو آرام ڪيم. رات جو ماني کائڻ کان پوءِ پارٽي ماليات سيڪريٽري سرمد ميراڻيءَ ڪجهه جيل جي حوالي سان هدايتون ڏنيون ۽ ڪجهه وقت لاءِ قومي راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي جنهن ۾ مختلف دوستن پنهنجا انقلابي گيت ٻڌايا. ڪارڪن ۾ آزاديءَ جو جذبو ۽ روح پئي ڦوڪيو. ان کان پوءِ ٻارهين وڳي سمهڻ جيتري جاءِ ملي ۽ آرام ڪرڻ تي جون جي ڏينهن جي پڄاڻي خيريت سان ٿي. سڀاڻي ڇا ٿيندو جنهن لاءِ خبر خدا کي.
اڄ خبر پئي ته اسان جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي ممڪن آهي ته ڏينهن ٻن ۾ اسان جي آزاديءَ سان پڄاڻيءَ تي پهچي. نمبر ٻي ڳالهه، اڄ طبيعت ٺيڪ نه اٿم گهمرا ٿي پيا اٿم. جنهن لاءِ نديم باغي ٽيبليٽ وغيره کارايو جنهن کان پوءِ ڪجهه فرحت محسوس ڪري رهيو آهيان. نمبر ٽين ڳالهه، ٽي چار ڏينهن ٿي ويا آهن ايڏانهن ڪير به ملاقات ڪرڻ نه آيو آهي، جنهن جو ٿورو گهڻو ڏک ٿئي پيو ته ڇا سڀني کي ڪٿي وسري ويو آهيان؟ نمبر چوٿين ڳالهه، امان ۽ بابي، ڀينرن ۽ ڀاءٌ جي ڳڻتي اٿم. خبر ناهي انهن جو ڪهڙو حال آهي؟ چڱو ننڊ پئي اچي، موڪلاڻي ناهي.
عيسيٰ ميمڻ
(73)
ڏوڪري
24-06-2001
پٽ عيسيٰ!
هتي اسان بلڪل خوش آهيون. ڪنهن به قسم جي اسان لاءِ ڳڻتي نه ڪجانءِ ۽ جوان ٿي منهن ڏجانءِ متان ڀاڙي ٿي پوين، دوستن ۽ مون کي لڄائي وجهين، مان به ته سعوديءَ جا جيل ڪاٽيا هئا. تون ته هتي آهين ۽ 59 دوست گڏ اَٿَيئي. تون ته اڪيلو به نه آهين.
ڪالهه سارنگ ماڇي به آيو هئو جنهن دلاسا ڏنا ان جي دلاسن کان پوءِ ڳڻتي بلڪل لهي وئي آهي. پٽ منهنجي تو لاءِ اِها دعا آهي ته شل ڪنڌ نه جهڪائين.
تنهنجو بابا
الله ڏنو ميمڻ
(74)
سينٽرل جيل سکر
16.06.2001
پيارا بابا سائين
اميد ته خوش هوندا.
اسان کي هتي اڄ پنج ڏينهن ۽ پنج راتيون گذري چڪيون آهن. بابا! اسان هي جيل ڪنهن چوريءَ يا ڌاڙي جي ڪيس ۾ ڪو نه پيا ڪاٽيون پر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ ۽ انهن جي آزادي جي لاءِ پاڻ کي تڪليفون ڏيون ٿا. مون کي افسوس آهي ته مان توکي ڪراڙپ ۾ سُک ڏيڻ بجاءِ ڏک ڏنا آهن پر بابا تون اُهو پورو پورو يقين رک اهو ڏينهن پري نه آهي جو اسان جا سمورا ڏک، درد دٻي جي پاڻيءَ جيان سُڪي ويندا ۽ اسان پنهنجي زندگي ڏاڍي سُڪون سان گذارينداسين ۽ مان توکي ماڻهن جي اڳيان شرمندو ٿيڻ نه ڏيندس.
اسان کي جيل ۾ ڪا به تڪليف ڪا نه آهي پارٽيءَ پنهنجي طرف کان مڪمل مالڪي ڪئي آهي جيڪڏهن هتي ڪنهن شيءَ جي تڪليف آهي يا کوٽ آهي ته صرف امان، تنهنجي، پوپري، صيفل، روبينه، حسينه، ناديه، ادي، اشرف، ڀاڳل، سوني، زينت، چاچي، ادا رجب، ادا شبير وارن ۽ پنهنجي مٽ مائٽن جي. نه ته اسان کي هر شيءِ ملندي رهي ٿي. منهنجي توهان ڪنهن به قسم جي ڪا به ڳڻتي نه ڪيو، هتي صرف توهان جو اڪيلو پٽ مان نه آهيان ڏوڪريءَ جا 60 ڪارڪنن سميت ٻيا سوين ڪارڪنن اسان سان گڏ آهن اُهي اسان جو خيال ڀائرن کان وڌيڪ ڪري رهيا آهن. مون کي رڳو ٿورو مٿي ۾ سُور پيو ته سڀ پريشان هئا، اُن وقت ڊاڪٽرن کي گهرائي منهنجو علاج ڪرايو ويو. مطلب ته اسان کي ڪنهن به قسم جي (سوا توهان) ٻي ڪا تڪليف نه آهي.
مان ڄاڻان ٿو ته اسان جي گهر جي چلهه ڏاڍي ڏکي دُکي ٿي انهيءَ ڪري پئسن جي به ڳڻتي نه ڪندا منهنجا ٻه سئو کن ٽيبل جي هيٺان کوکي ۽ بلو فائيل ۾ پيا آهن..............
اسان جو ڪيس پڻ عدالت ۾ هلندڙ آهي پر عدالتن جو ڪم آهي ته هل ته پڄانءِ وارو تنهن ڪري به دير ٿي آهي نه ته اسان ڪڏهوڪو ٻاهر هجون ٿا.
صيفل ۽ ڀاڳل کي پڙهڻ لاءِ موڪليندا. راشد قاضي پنهنجا ٻار ٽيوشن تي منهنجي ٻاهر نڪرڻ تائين پڙهائيندو. انهن کي خاص هدايت ڪندا ته پڙهو ڇاڪاڻ ته علم / پڙهڻ کان سواءِ ماڻهو دنيا ۾ ڪجهه به نه آهي.
سلام: امان کي پيرن تي هٿ رکي، ڀينرن، ڀائرن، سئوٽن، چاچي جن ۽ سمورن مٽن مائٽن کي سلام، قربَ ۽ دعائون ڏجو. چڱو موڪلايون ٿا. دعا ڪَجُو رنجُ نه ڪجو. الله سڀ ڪجهه چڱي ڪندو.
عيسيٰ ميمڻ
سينٽرل جيل سکر
(75)
ڏوڪري
17-06-2001
پيارا عيسيٰ!
خوش هجين شال!
هتان جي ماڻهن جي Nature اهڙي تبديل ٿي وئي آهي جو ڪو به ذاتي مفادن کانسواءِ ڪم نه ٿو ڪري سواءِ ڪجهه ماڻهن جي. جيڪي نعرا هڻڻ ۾ ڀَڙَ آهن ۽ نعرن هڻڻ کان پوءِ جي پنهنجي ذاتي ڪچهرين ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا. انهن لاءِ سياست ڪرڻ ۽ سياسي معاملن تي ڳالهائڻ ڄڻ سوڀ Without compensation ڄڻ ڪا هنن لاءِ ڪينسر کان وڌيڪ مرض هجين جنهن جي بچاءِ لاءِ ويٺا وجهه ڳولهين ۽ جڏهن سياسي معاملن تي ڪچهري ٿيندي ته ڪوشش اها هوندي اٿن ته اهڙي قسم جي ڪچهريءَ ۾ نه ويهن پر جيڪڏهن ڪو ويهڻ لاءِ چوندن ته ٺپ چپ ٿي ويندا ڄڻ ڪنهن ڪڪڙ مٿان مينهن پئجي ويو. اڄ حاڪم مڱريي سان ملندس ۽ وضاحت (تنهنجي جيل ۾ پوڻ جي) ڪندو مانس. ڪالهه مان، امام بخش ۽ اياز موريو چاچي ڏي وياسين تنهنجو سئوٽ (رجب) نڪري آيو، جنهن چيو ته چاچي جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي. پوءِ چاچو پاڻ نڪري آيو. ڏاڍو بخار هئس ٻڌايائين ته ڏينهن لڳي ويو آهي. اسان چيوسونس ته عيسيٰ جي ڳڻتي ٿي پئي اٿئي ڇا. نه نه ڪا به ڳالهه ناهي چيائين باقي ٻه ٽي ڏينهن آهن عيسيٰ جي آزاديءَ ۾ اسان چيوسين ڀلي ڏهه ڏينهن هجي به چيو ڪا پرواهه ناهي ۽ چيائين ته چئجوس ته جوان ٿي منهن ڏئي.
ڪجهه ماڻهن تنهنجي جيل پوڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو، ڪجهه ماڻهن خوشيءَ جو اظهار ڪيو (اهي ائين پيا چون ته جيڪر اسان به وڃون ها) خير اهي ته حوال آهن ۽ وري ڪجهه ماڻهن تنهنجي ڌرڻي ۾ وڃڻ تي ۽ گرفتار ٿيڻ تي ڏاڍو اعتراض ڪيو جن چيو ته ڇا جي ڪاڻ وڃي هٿ سان پاڻ ڦاهو وڌو اٿئين. غريب ماڻهو گهر جو ڇا ٿيندس؟ ۽ پنهنجي ڪريڪٽر تي ڪيڏو اثر پيس؟ هاڻي ويٺو هروڀرو حاضريون ڪاٽيندو. خير، اهي ته هيون ماڻهن جون ڳالهيون ماڻهو جيئن وڻين تيئن ويٺا چون ڇو ته ماڻهن ۽ کوهن جا وات بند نٿا ڪري سگهجن.
ڀلا تون ٻڌاءِ ڪيئن ٿو گذارين؟ مون کي ته هاڻي تنهنجي لاءِ پريشاني وڪوڙيندي ٿي وڃي. دل به ڏاڍيون سٽون ٿي کائي پئي ڇا ڪريان. پاڻ کي خبر هوندءِ ته مان ڇا جي ڪري نه ٿو اچي سگهان. ارشد سان ملندس ۽ چوندو مانس ته ٽيوشن پڙهائي ۽ ٻي ڳالهه ته ASWA جي طرفان لائبريريءَ تي صوفي آزاد سان شام ملهائي وئي ۽ هن کي ”تصوف“ جي Topic ڏني وئي. جنهن ۾ شرڪت لاءِ ڪامريڊ حيدر جويي کي به دعوت ڏني وئي هئي. ڪامريڊ آيو پر صوفي آزاد جا هڻي ڀاڱا ئي لاهي رکيائين. ويچارو صوفي آزاد ڳالهائڻ کان ئي بس ٿي ويو. باقي ان کان موضوع تي روبرو ڳالهائينداسين ۽ امام بخش واري ڳالهه ته ان ۾ اهي ئي خصلتون اڃا آهن جن جي اڳ ۾ تو نشاندهي ڪئي هُيئي. پر Meteralism ۾ ويساهه پڪو ٿي ويو اٿس. خط مليا پڙهي خوشي ٿي. باقي احوال ڪامريڊ حاڪم ۽ ارشد سان ملڻ کان پوءِ ڪندو سانءِ. ڀائو حسين سولنگي ۽ عثمان جيسر کي سلام رَسن. بني ڀان، راحيل قاضي، هريش اوڏ، عرفان موريو، غفار ڪيهر، اياز، استاد فياض، ارشد ميراڻي ۽ امام بخش ٻٽ جي پاران سلام ۽ سڪ جو اظهار.
ساٿ چڙهندو لڪين وري به
راشد قاضي
(76)
ڏوڪري
21-06-2001
پيارا عيسيٰ!
اميد ته خوش هوندين!
مون کي ڏاڍي چڙ لڳي جڏهن ماما فتاح قاضي توکي خَطَ نه ڏنا شايد وسري ويا هئس پر ڦاڙي ته نه ها. ان جو نهايت افسوس اٿم بهرحال خير ۽ ماما وارن ٻڌايو ته اڄ اهي ضرور آزاد ٿيندا. مان ڏاڍو خوش ٿيم پر هن وقت چوطرف پريشاني وڪوڙي وئي آهي. ٻڌاءِ ته ڇا ڪريان. سڪ به ڏاڍي لڳي آهي. امر پنهنجي رهبر کان پڇيو ته آخر انتظار ايڏو طويل ڇو ٿيندو آهي، چار ڏينهن چار صديون ڇو لڳنديون آهن. اهو ساڳيو ئي سوال منهنجي ذهن ۾ گردش ڪري رهيو آهي مان صدين جو سودائي ٿي ويو آهيان. اها ساڳي ئي ڪيفيت موٽي آئي آهي جا اڳ هوندي هئي. ڪنهن سان ڳالهائڻ تي دل ئي نه ٿي چئي. صرف هڪ جي لاءِ سوچڻ. ٻي دنيا کي وسارڻ. خبر نه ٿي پئي ته آخر ڇا ٿي ويو آهي. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ دلچسپي گهٽ. All activities تي اثر پئجي ويو آهي. ڪوشش به ڏاڍي ڪئي اٿم ته ائين نه ڪيان پوءِ به. وڌيڪ ٻئي خط ۾.
تنهنجو
راشد قاضي
(77)
ڏوڪري
24-06-2001
ادا عيسيٰ!
مون کان اها ڳالهه ئي وسري وئي جنهن جي ڪرڻ لاءِ هن کان اڳيون خط لکيو مانءِ. حاڪم مڱريو سان آچر ڏينهن مليس تنهنجي ڳالهه ڪري ٻڌائي مانس ته جيسيتائين عيسيٰ اچي تيسيتائين مان ٻارن کي پڙهائيندس. نه خير ٻارن جو تسلسل نه ٽٽندو. جيسيتائين عيسيٰ اچي تيسيتائين توهان تڪليف ڇو ڪريو چيائين. مون چيو تڪليف ڇا جي، ائين نه سمجهو ته عيسيٰ ٻيو ۽ مان ٻيو آهيان، مون لاءِ عيسيٰ جا ٻار پڙهائڻ ڪا تڪليف ناهي. پوءِ به چيائين ته جيڪڏهن فري آهيو ته ٻار پڙهايو مون چيو مان ان وقت بلڪل Free هوندو آهيان. پوءِ ان ڏينهن ئي ٻارن کي پڙهائڻ شروع ڪيو جيتوڻيڪ آچر هيو ڇو ته هنن (ٻارن) کي هيڏي هڪ هفتي جو گيپ پئجي ويو ۽ پوءِ به ڪامريڊ سان ڪچهري ٿي، تنهنجي معافيءَ لاءِ چيومانس. هن چيو ”ڪو ريءَ وڻ جي ڏار تي ويهي وري ان کي ئي ڪٽيو آهي“ ڀلي ڀلي تجربو ڪري ڏسي“ (ڪاوڙ واري انداز ۾) ۽ ٻيو چيائين ته جيڪڏهن هنن کي خبر هجي ته هي پوليس جا ٽيئر ئي اڏائي سگهن ٿا، (جيڪا خبر ڀاڻس امداد ٻڌائي هئي) پر هنن کي خبر ئي نه پوندي. ٻيو ته ارشد سان مليس ۽ ٽيوشن پڙهائڻ لاءِ چيومانس جواب نه ڏنائين. هاڻي هي ٻارن کي پڙهائيندو آهي. وڌيڪ ٻئي خط ۾ لکندوسانءِ.
اهوئي تنهنجو
راشد قاضي
(78)
ڏوڪري
25-06-2001
عيسيٰ!
ڇا ڀلا ائين به ٿيندو آهي ڇا جو دوست پنهنجي دوست کي اوکيءَ ويل وساري ڇڏي. ايئين چئي شرمندو ته نه ڪر Friendship جون ڪيتريون ئي Requirements ٿيندون آهن جيڪي اڃان تائين پوريون نه ڪري سگهيو آهيان پر انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ جي ڪوشش ضرور ڪئي اٿم. هن خط کان اڳ ٻه خط لکيا آهن جنهن ۾ هڪ خط اهڙو آهي جيڪو متان توکي پريشان ڪري، اهڙي ڪائي به ڳالهه ناهي اها ڪيفيت وقتي هئي پر هن وقت وري ساڳئي (صحيح) ڪيفيت ۾ موٽي آيو آهيان. تون مون لاءِ ڪا به ڳڻتي نه ڪجان ۽ صيفل ايندو آهي. پڙهندو به چڱي نموني سان آهي مون کي اميد آهي ته اڳتي نڪري ايندو. باقي سحر کانسواءِ ٻين جو حال پورو آهي منهنجي گهڻي کان گهڻي ڪوشش آهي ته سڀئي ٻار سٺي پرفارمنس ڏين. ان ۾ ئي منهنجي ڪاميابي آهي ۽ ٻي ڳالهه اها ته بنيءَ جي سينٽر تي تقريبن منهنجي شفٽ ۾ ٻارن جو ريشو 30 ٿي ويو آهي جنهن ڪري ٻه شفٽيون ڪيون آهن. هڪ اٺ ٽُه نَوَ ۽ ٻي نَوَ ٽه ڏهه ۽ پوءِ پنهنجي ٽيوشن تي ويندو آهيان. اتان موٽي پنهنجي ڀيڻ جي گهر وڃي ان کي به ٽيوشن ڏيندو آهيان. تقريبن ٻارهن ٿي ويندا آهن. پوءِ لائبريريءَ تي ڪڏهن ويندو آهيان ته ڪڏهن نه. ڇو ته ڏاڍو ٿڪ ٿي پوندو آهي. اڳ ۾ منجهند جو ننڊ ڪندو هيس پر هاڻي سمهندو آهيان. پر ننڊ نه ايندي ٿم، پوءِ 5 بجي تيار ٿي منڱريي ويندو آهيان.
بنيءَ سان گهڻيون ۽ امام بخش سان گهٽ ڪچهريون ٿينديون آهن. اڪثر جڏهن به وڃان تڏهن تنهنجو موضوع کوليندا هئا پر هاڻي مس وڃي ڪنٽرول ڪيو اٿم مانِ. ڪوشش ڪيان ٿو ته هنن سان گهڻيون ڪچهريون ڪريان. پر وقت جي اڻاٺ سبب نه ٿيون ٿي سگهن. ڪلهه هتي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ قاضي امداد کان ليڪچر (گلوبلائيزيشن جي دور ۾ سنڌي شاگرد جو مستقبل) جي ايجنڊا رکي وئي. ان ميٽنگ ۾ صرف انهن ماڻهن کي آندو ويو. جيڪي ليڪچر لاءِ راضي هئا. انهن کي ٻڌايو ئي نه ويو جيڪي ان ليڪچر ٿيڻ لاءِ راضي نه هئا. صرف مان اڪيلو ئي هيم جو چوان پيو ته ليڪچر نه ٿئي، اهو نه ته ليڪچر ڪندڙ خراب آهي يا ليڪچر جي ٽاپڪ خراب آهي. ٻئي سٺا آهن. تون ته ڄاڻندو هوندين نه، ته ڪهڙا مسئلا آهن جنهن تي هنن جو دليل اهو هيو ته پيسا اسان صفا گهٽ ڀرينداسين ڪجهه پيسا سنڌي ادبي سنگت ۽ ڪجهه پيسا Oxford Computers Centre وارا ڀريندا پر پوءِ به کٽن ٿا جيڪي هاڻي هر ميمبر تي ڏهه ڏهه روپيا رکيا ويا آهن وٺي پروگرام سٺو ڪندا. هر شي ڪرڻ ۾ Tricts ٿا رکن. هر ڪم پنهنجي مرضيءَ سان ٿا ڪن ۽ هاڻي هر هنڌ منهنجي گلا به شروع ڪئي اٿن. تن ۾ ڊاڪٽر جهڙو Genius ماڻهو به شامل آهي. جنهن لاءِ Resign ڏيڻ لاءِ سوچيو اٿم ۽ لکي اٿم تنهنجي ڇا راءِ آهي؟ هن وقت مون کان اهي شيون برداشت نه ٿيون ٿي سگهن. يارَ مون کي معاف ڪجان جو هيترو وقت رسالا ۽ ڊڪشنري نه موڪلي سگهيو آهيانءِ ڇو ته مان اصل اها ڳالهه نه سمجهي هئي ته رسالا (Indus Magazine) ساڳي ئي مهينن جا 6 يا ٻين مهينن جا بهرحال، في الحال ٻه رسالا ۽ ڊڪشنري موڪليانءِ ٿو. مختلف دوستن ڏانهن ويس (بني، ارشد، غفار) جن کان خط لکرايا آهن بنا ڪنهن زور زبردستي جي. موٽ جو اوسيڙو رهندو. سڄي سنگت کي سلام ڀائو حسين سولنگي، عثمان جيسر، نديم باغي، ايم پي، انور جوڻيجو، مرتضيٰ جوڻيجو ۽ ٻين کي سلام ڏجانءِ.
تنهنجو
راشد قاضي
(79)
ڏوڪري
01-07-2001
ادا عيسيٰ!
مون لاءِ وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي تو ڏانهن خط موڪلڻ. مان سمجهان ٿو ته توکي منهنجي ٻه اکرن مان ضرور آٿت ملندو. پر مون کي به ايتري آٿت ملندي آهي (تنهنجي لکيل خطن مان) جيتري توکي ملندي آهي ڇو ته تون صرف ان جيل ۾ آهين جنهن جي ايراضي سئو چاليهه جريب آهي (تنهنجي چواڻيءَ مطابق) ۽ ان جون حدون مقرر آهن پر مان هڪ اهڙي جيل ۾ جيڪو لامحدود آهي جنهن جي ڪا به حد ناهي. خير خَطَ مليا پڙهي خوشي ٿي جو ههڙي وقت ۾ به تنهنجو ساٿ مون لاءِ هڪ شمعِ مثل آهي. هتي ٿئي ائين ٿو جو خَطَ، رسالا، ڊڪشنري هُن کي ڏئي هن کي ٿو ڏيان پر ڪو ٿو چوي ته اسان اوچتو ٿا وڃو ۽ پروگرام Cancel ٿي سگهي ٿو ۽ جڏهن ان جو پروگرام Cancel ٿو ٿئي ته وري ان کان واپس ٿو وٺان ۽ ڪنهن ٻئي کي ٿو ڏيان جيڪو وري پنهنجا مسئلا ٿو ٻڌائي نتيجي طور مواد آسري ۾ اڃان تائين ياسين ڪنڀر وٽ پيو آهي. خبر به ناهي ته تو وٽ پهچندو به يا نه.
اهوئي
راشد قاضي
(80)
سينٽرل جيل سکر
21-06-2001
راشد قاضي!
ساٿ سلامت!
تنهنجو خط مليو، هڪ ئي وقت انتهائي گهڻي خوشي ٿي ته هڪ ته توکان وسريو نه آهيان ٻيو ته روايتي سستي ڇڏي ڏني اٿئي. جنهن لاءِ توکي شابس هجي. مختلف ماڻهن جا مون لئه مختلف رايا ڪن جا مثبت ته ڪن جا منفي. اهو راءِ ڏيڻ جو حق انهن جو جمهوري حق آهي مان ڪو پاڪستان جو جرنل، ڪرنل نه آهيان جو ماڻهن جي زبانن ۽ تخيل تي پهرا لڳايان. هر انسان بنيادي طور تي آزاد ڄائو آهي آزاد گذارڻ، اظهار جي آزادي انهن جو بنيادي حق آهي. اُها انهن جي مهرباني آهي جو مون لئه ڳالهائن ٿا مون کي پنهنجو سمجهن ٿا اها کڻي الڳ ڳالهه اُهي نيگيٽو ۽ پازيٽو راءِ رکن ٿا. باقي تون ته مون کي ڄاڻين ٿو ته هي مون ڪنڊن جو رستو پنهنجي مٿان تاريخ ۽ قوم جي مون مٿان رکيل ذميواريءَ سبب اختيار ڪيو آهي. محبت اسان کي هن معامري وڌو آهي راشد! نه ته هوند هي ڪشالا ڪرڻ پنهنجي وس کان ٻاهر آهن. محبت جي سفر / ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي پوڻ سبب سانگا سر جا لاهي ڇڏڻ سڀ محبت نه آهي ته ڇا آهي؟
شيخ اياز چوندو هو ڏات وڏي شيءَ نه آهي پر سچ وڏي شيءَ آهي، اسان جون سموريون ڪچهريون، بحث مباحثا سڀ ڪنهن حد تائين ڏات جي ذمري (کاتي) ۾ شامل ٿين ٿا هي منهنجو جيل ۾ پوڻ سَچُ آهي. سچ واقعي وڏي شيءَ آهي، ماڻهو جڏهن سچ ۾ پچي راس ٿئي ٿو ته اهو ماڻهو پنهنجي معنيٰ ئي الڳ رکي ٿو. سڄي سنڌ ۽ سنڌي قوم لٽجي ٿي پئي ڪير داد فرياد ڪرڻ وارو ڪو نه آهي، اُتي اسان جي پارٽيءَ کان گهگُهه اوندهه ۾ ڏيئي ٻارڻ برابر آهي جيڪو ٻيو ڪجهه نه به سهي اهو ته احساس ڏئي ٿو ته ٻيلي اٿو جاڳو هي وقت جاڳڻ جو آهي. تاريخ شاهد آهي دنيا ۾ اهو قومون زندهه رهي سگهن ٿيون جيڪي پنهنجي وجود جي بقا لاءِ وڙهن ٿيون. تنهن ۾ پنهنجو ڀلي وڏو ڪردار نه به هجي پر هئڻ نه هئڻ واري وچ وارو ڪردار ته ڪائونٽ ٿيندو نه؟
تون پنهنجي خط ۾ مون لاءِ پريشاني ۾ وڪوڙجڻ جو ذڪر ڪيو آهي، توکي گهٽ ۾ گهٽ مايوس / پريشان ٿيڻ نه کپندو آهي، زندگي ۾ چند ڏينهن جي جدائي برداشت نه ٿو ڪري سگهين؟ دنيا ۾ پاڻ ۾ ڪنهن به وقت ڪجهه به سهڻ لاءِ پاڻ کي ذهني طور تي تيار رکجي. پاڻ ۾ خود اعتمادي پيدا ڪجي. تون سڀني صلاحيتن هوندي به ائين ٿو ڪرين. حيرت ڏيندڙ خبر آهي. هن ڪائنات اندر سڀ کان وڌيڪ ۽ عزيز رشتو ڏک جو آهي. ڏک ماڻهوءَ کي سيکارين / سنوارين ٿا سسئي جڏهن رڻ ۾ پنهونءَ ڪارڻ اڪيلي سر ڀٽڪندي رهي، سفر ڪيو جڏهن سور انهيءَ کان الڳ ٿيا آهن ته انهن لاءِ ڏاڍي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان سورن جو ٿورو مڃيو آهي.
تن سورن کي شابس، جن مون سين گهاريو. (شاهه)
دردن جي پنهنجي ڪهاڻي آهي ڏک / سُورَ تاريخ انسان ۾ الڳ مقام آهي. گوتم ٻُڌ چيو آهي ته ”سروم دُکم دکم“ معنيٰ سڀ ڪجهه ڏک آهي. انهن سُورن انسان کي سهارو ڏنو آهي. سڀ ڇڏي وڃن تڏهن ويچارا اچن ٿا اسان سان اورين ٿا، اسان کي پنهنجائپ جو احساس ڏين ٿا ڇا اها گهٽ ڳالهه آهي؟ تون مايوس ٿي ويٺو آهين. اهو چڱو عمل ته ڪو نه آهي. نثار کهڙيءَ ڏوڪري سنگت جي پروگرام ۾ هڪ ڏاڍي ڪَم جي ڳالهه ڪندي چيو هو ته ”جيڪو فرد ۽ قومون مايوس ٿين ٿيون ۽ انهن کي جيئڻ جو ڪو به حق نه آهي“. هاڻ ٻڌاءِ مان تولئه ڪهڙي راءِ رکان. ڪوشش ڪر پاڻ ۾ جرئت پيدا ڪَر، مڙس ماڻهو ٿي، هاڻي ئي جيڪڏهن ائين ڪندين ته اسان کي گڏجي الائي ڪيترا ڪَم ڪرڻا آهن ته اُهي ڪيئن ڪنداسين.
سُک مَ سُتا ڪڏهن، کرڪڻا لاهي،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو
(شاهه)
امام بخش خط لکيو آهي جنهن ٻڌايو ته بنيءَ سان منهنجي موضوع تي ڪچهريون ڪري ٿو، انهن کي سمجهاءِ ڇا توهان وٽ ٻيا موضوع آهن ئي ڪو نه جو مون تي ويٺا ٿا ڳالهايو. جيڪڏهن اهي ويٺا مون تي ڳالهائيندا ته ٻيا معاملا ڪير حل ڪندو؟ مان انهن جو شڪر گذار آهيان جو ان قابل سمجهن ٿا پر اهو سندن لاءِ نقصانڪار آهي. کيس چئجانءِ ته ڪامريڊ سُوڀي چيو هو ته ”هن وقت سنڌ ۾ اَن، پاڻيءَ جي ڏُڪار کان پوءِ علم جو ڏڪر اچڻ وارو آهي ۽ باقاعده تيزيءَ سان اچي رهيو آهي تنهن کي روڪڻ لاءِ پنهنجي اسٽيڊيءَ کي تيز ڪجي ته جيئن علم جي ڏڪر کي ڪجهه ته منهن ڏئي سگهون ۽ جتي به عمل جو ڏڪر آيو آهي اُتي هي شيءَ جي تباهي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به پلئه ڪو نه پيو آهي ۽ پوءِ انهن علم جي ستايل / وانجهيل قوم کي ڪر موڙڻ ۾ لکها سال لڳي ويندا آهن. کين تاڪيد سان چئجانءِ ته پنهنجو موضوع مٽائن جي ائين نه ڪندا ته اڄ کان پوءِ پنهنجا رستا الڳ سمجهن. اِها ڌمڪي نه پر حقيقت آهي.
تو پڇيو آهي ته ڪيئن ٿو گذاريان؟ ڪيئن گذاريان، بس ائين گذاريان پيو جيئن ڳوٺ گذاربو هو. فرق صرف ماحول جو آهي. ماڻهن جو ۽ بس. صبح جو اڳ جيان 5.30 وڳي اُٿي، ڏندڻ وغيره ڪري شاهه جو رسالو يا ٻيو ڪتاب وغيره پڙهندو آهيان. ستين وڳي ڌاري باريڪ کلندي آهي ۽ وهنجڻ لاءِ موٽر تي واري جو انتظار ڪري وهنجندو آهيان. وهنجڻ کان پوءِ ڪچهري، تاس، لڊي يا ٻين مشغولين ۾ گذاريندو آهيان. يارهين وڳي ماني کائي ڪجهه وقت آرام ڪندو آهيان. ان دوران ڪڏهن ڪڏهن ملاقات به ايندي آهي. جنهن ۾ ڪلاڪ کن لڳي ويندو آهي. شام جو چار وڳي اُتي ٻيهر وهنجي، راند لاءِ ٻين ڊويزنن / سرڪلن ۾ ويندو آهيان. اُتي صرف راند ڏسڻ جي حد تائين وقت گذرندو آهي پوءِ ستين وڳي باريڪ ۾ ايندو آهيان، اٺين وڳي باريڪ بند ڪئي ويندي آهي. رات جو ماني کائي ڪجهه وقت ڪچهري وغير ڪري آرام ڪندو آهيان. اها آهي پنهنجي روز جي ڊائري. ٻيو گهڻو ڪجهه ڪرڻ باوجود به ڪجهه ڪو نه ٿو ڪري سگهان ڇاڪاڻ ته پنهنجي غلاميءَ جا زنجير سوڙها ٿي جيل جي ديوارن تائين پهتا آهن. خبر ناهي ته ڪيترو وقت هت رهون. ڪُورٽ ۾ اڄ ٻڌڻي هئي پر خبر ناهي ته ڇا ٿيندو. اسان پاڻ اندر آهيون. ٻين جي سهاري جيڪو ٿيندو / نه ٿيندو سڀ ڪجهه اُهي وڌيڪ ڄاڻن ٿا.
امام بخش وارن سان ڪچهرين جو سلسلو ٻيهر جوڙڻ جي ڪوشش ڪر. ٽيوشن جيڪڏهن شروع ڪئي ٿئي ته مون واري ڀاءٌ کي ڪنهن به صورت ۾ پڙهائڻ لاءِ آماده ڪري پڙهائجانءِ، ٿي سگهئي ته اُها ڳالهه تڪليف ڏئي پر منهنجي ڪري برداشت ڪجانءِ. مان ڄاڻان ٿو ته ڇا جي ڪري نه ٿو اچي سگهين. انهيءٌ لاءِ پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضروت ڪانه آهي. پاڻ سمجهه هر وقت گڏ آهيون. پنهنجن خيالن ۾، سپنن ۾، گفتن ۾، تصورن ۾، جنهن جي شاهدي ڀٽائيءَ جو بيت لکندي تو پاڻ به ڪئي آهي ته
ايڪ قصر، دَرَ لک، ڪوڙين ڪڻس ڳِڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
(شاهه)
پنهنجي مقرر ٽارگيٽ لاءِ جدوجهد ۾ جيل عارضي رڪاوٽ کڙي ڪئي آهي. تنهن به مايوس ڪو نه ڪيو آهي جيترو پنهنجي مائٽن ۽ گهر وارن. خبر ناهي ته اُهي ڇا سوچيندا هوندا؟ موڪلاڻي ڪونهي، زندگيءَ جي وڇوڙي جا لمحا ايڏا ڊگها ڪو نه ٿيا آهن ۽ نه ئي ٿيندي نظر اچن ٿا. ستت پاڻ ملنداسين. مايوس نه ٿي نه ئي مون کي ڪر. تو لئه حسين سولنگي، نديم باغي، عثمان جيسر، مرتضيٰ جوڻيجو ۽ ٻين سنگت جا سلام قرب.
تنهنجو
عيسيٰ ميمڻ / سکر
(81)
سکر سينٽرل جيل
17-06-2001
راشد ميان ساٿُ سلامت!
جيل جي ۽ عام زندگيءَ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. هتان جي زندگيءَ جو هر گذرندڙ لمحو پاڻ لاءِ تڪليف ڏياريندڙ آهي. زندگيءَ جون گهربل گهرجون اسان جون عام زندگيءَ ۾ مشڪل سان پوريون ٿين ٿيون پر هتي ان کان وڌيڪ ناممڪن آهي. اُنهيءَ گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ تنهنجا ٻه اکر لکيل پاڻ لاءِ آٿت مهيا ڪن ٿا. اُميد ته اُن کان محروم نه ڪندين ۽ خط تڪڙا تڪڙا لکندو رهندين. مون لاءِ اُها ته انتهائي فخر جهڙي ڳالهه آهي جو تون منهنجي دوستيءَ تي اعتماد، ڀروسو ڪرين ٿو ۽ مان آئنده به ڪوشش ڪندس ته تنهنجي ڏنل محبتن جو ڀَرَمُ رکان.
سَرتيون دَعا ڪجاههءٌ، ته ڀَرم ڀاروڙيءَ رَهِي. (شاهه)
هتي جيل جي مختلف قيدين سان ڪچهريون ٿينديون آهن. جن جيل بابت اڃان به معلومات ۾ اضافو ڪيو آهي. هتي مختلف وقتن تي جيل جو سرڪار طرفان آپريشن ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ قيدين کي عبرتناڪ (اذيتناڪ) سزائون ۽ تشدد ڪيو ويندو آهي. اُنهيءَ آپريشن کي هتي محاورتي طُور تي ”گرم جيل“ ڪري چون ٿا ۽ آپريشن / سختي نه هجي ته ”ٿڌو جيل“ ڪري چوندا آهن. هن وقت جيل ٿڌو آهي. جنهن ڪري سمورو جيل گهمڻ ۾ ڪنهن به قسم جا ڪا به تڪليف ڪا نه ٿيندي آهي. اُنهيءَ تفصيلي طور تي ڪچهري ڪنداسين هتي اسان سنڌ جي نوجوان قومي هيري اسان جي همعمر، هيمون ڪالاڻيءَ جي ڦاهيءَ گهاٽ کي ڏٺوسين. هيمون ڪالاڻي برطانيه سرڪار طرفان سنڌ ۾ ناجائز هٿيارن کي روڪڻ لاءِ ريل جو پٽڙيون پنهنجي چئن ساٿين سان گڏ اُکيڙڻ وقت گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو هو. اڄ اهو هيمون ڪالاڻي اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. جنهن مرڻ گهڙيءَ تائين دشمن سان اکيون اکين ۾ وجهي للڪار ڪندو رهيو پر جهڪيو نه.
سمجھوتے کا نام نہ تھا اُس کے لہو میں شامل
ورنہ جھک کر پے بھی جی سکتا تنہا مرنے والے
۽ اسان کي هت اڄ اٺ ڏينهن ٿيا آهن. ڪجهه دوستن جي ڪوتاهين سبب ضمانتن ٺهڻ ۾ دير ٿي وئي آهي. هاڻ ممڪن آهي ته ٽن، چئن ڏينهن اندر آزاد ٿي وڃون. اسان جا حوصلا بلند آهن. پنهنجي مٿان مهل آئي آهي ته مڙس ٿي ملهايون پيا. جهڪڻ اسان کي پنهنجي رهبر سيکاريو ئي ڪُونهي. مصيبتن سان منهن ڏيڻ سُو به ڪنهن عظيم مقصد خاطر پنهنجي لاءِ زندگيءَ ۾ امتحان آهي. جنهن ۾ اي ون، اي، يا بيءَ جيتريون مارڪون نه به سهي پر پاس مارڪن جي لاءِ ڪوشش ڪيون پيا. پنهنجي سڄي سنگت ڏاڍي ياد اچي پئي. کين هر وقت ياد ڪندو آهيان. انهن کي چئو ته يار ٻيو نه ته ٻه اکر خط جا ته لکندا ڪريو؟ ارشد ميراڻي کي منهنجي طرفان چمي ڏئي خط لکڻ لاءِ زور رکجانءِ. سڀني کي. بابي جو خط پڻ ڏاڍو حوصلو ڏياريندڙ هو. جنهن لاءِ مان بابي جا اڻ ڳڻيا ٿورا ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح لاهيندس. بابي کي پيرين تي هٿ رکي گهڻي کان گهڻا سلام ۽ قرب چئجانءِ. اسان کي هن ڪائنات اندر پنهنجي وجود جي بقا لاءِ ڪيڏي نه اڻ کٽ جدوجهد ڪرڻي ٿي پوي ۽ اُن جدوجهد ۾ ٿڪجي پوندڙ انسان پنهنجي معنيٰ به وڃائي ويهي ٿو. جيڪي انسان پنهنجي زندگي صرف پاڻ لاءِ گذارن ٿا، اُهي بي نام قبرن مثل آهن پر ٻين لاءِ جيئندڙ صديون تاريخ ۾ زندهه رهن ٿا، اُنهن کي لکها ڪروڙها ماڻهو سلام ڪن ٿا.
ڪوڙين ڪن سلام، اچي اگهه اُن جي، (شاهه)
۽ انهن جي زندگي ٻين لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿي. مان به اهڙي زندگيءَ گذارڻ چاهيان ٿو. پر ائين نه به ٿي سگهي ٿو. پر پنهنجي جدوجهد اُنهيءَ لاءِ ئي آهي. اُنهيءَ ۾ ماٺ ڪري ويهڻ پاڻ لاءِ عذاب ڀانيان ٿو. وڌيڪ لاءِ تنهنجي ۽ تو جهڙن دوستن جي رهنمائي جي ضرورت پوندي ته مون لاءِ تي، منهنجي هر چرپر تي گهري نظر رکي منهنجي لاءِ رهنمائي ڪيو. جيل ۾ پنهنجي مڙسي پاڻ ڪرڻي پوندي آهي. ڪنهن تي به ڀاڙڻو ڪين پوندو آهي. مان به انهيءَ اصول تحت رهان پيو. هتي روزانو ليڪچر ڪيو ويندو آهي. هن وقت تائين سائين شفيق آريجو، حسين سولنگي، حفيظ هڪڙو (جساف مرڪزي خزانچي) مختلف موضوعن تي ليڪچر پنهنجي حال آهر ڏنا آهن. منهنجي ذاتي طور تي ڪنهن سان به ڪچهريءَ سواءِ عثمان جيسر ۽ حسين سولنگي جي ٻئي ڪنهن سان ڪا نه ٿي آهي، اُن ڪري انور جوڻيجو، مرتضيٰ جوڻيجو ۽ ٻين ساٿ قومپرستي، انسان جي تاريخ، ”سائين جي ايم سيد ۽ آزاديءَ“ جي موضوعن تي ڪچهري ٿي آهي.
هتي ڪتاب نه هئڻ سبب جسم ۾ بيقراري رهي ٿي، پر پوءِ به ڪوشش ڪري سقراط جو موڪلاڻي ۽ شاهه جو رسالو هٿ ڪيو اٿم. وقت گذارڻ لاءِ سٺي وندر آهي. خاص ڪري ههڙن موقعن تي ڀٽائي واقعي پڙهڻ گهرجي. سقراط جو فلسفو به پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي. گهر جي تانگهه، دوستن سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جي خواهش ۽ پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن کي پڙهائڻ جي حسرت، حاڪم مڱريي ۽ منظور ميراڻيءَ جي ٻارن پڙهائڻ جي تمنا ۽ پنهنجي پڙهڻ ۽ انگريزي ڳالهائڻ جي تمنا هت بار بار ستائن ٿيون. ٻي ڪا به تڪليف ڪانه آهي.
تون پنهنجي سرگرمين بابت لکي موڪل. بني ڀان کي به ٻه اکر لکڻ لاءِ چئجانءِ. خط لکڻ ۾ تڪليف پيش اچئي ته منظور، چاچي پيرل ۽ پارٽي ڪارڪنن سان رابطي ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. انهيءَ وسيلي تنهنجو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. ضمير جي ڀاءٌ طفيل سُوهو وٽ منهنجو ڪتاب پيو آهي اهو وٺجانس، غفور زهراڻي کان پڻ آريسر جو ڪتاب وٺي پاڻ پڙهه ۽ ٻين کي پڙهاءِ. سڀني کي سلام جيڪو پڇي تنهن کي ٻيڻا. موڪلايون ٿا سدائين گڏ.
نوٽ: سکر جيل جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ئي هيمون ڪالاڻيءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. (بابي جن کي هيءٌ خط پڙهائجانءِ)
تنهنجو
عيسيٰ ميمڻ
(82)
ڏوڪري
28-06-2001
يار عيسيٰ!
جيئن ته مان به من اندر اڪيلائيءَ جي رڻ ۾ تو بنا رڪاوٽن جي ٿوهرن کي ٽڪر هڻي هڻي..... ڦٽيو ۽ مايوس رهيو پيو وتان، پر راشد ڏي موڪليل خط ۾ نثار کهڙي جي ڳالهه پڙهي سڀئي رڻ ۽ ٿوهر غائب ٿي ويا ۽ ان بدلي ۾ سنڌوءَ جون ڇوليون ۽ ڪپ تي حسين ۽ رنگين وڻن هيٺيان هڪ جستجو ڪندڙ زندگيءَ ۾ پنهنجو روپ ڏسي ۽ تنهنجي ملهايل حسين يادن جا ورق ڏسي، منهنجو من سچائيءَ، ايمانداري، محبت جي جلون سان جرڪي پيو. مَندُ (منظر) ڏسي بيحد......! خوشي ٿي.
تنهنجي مون تي رکيل ذميواري آءٌ هڪ سٺي استاد ۽ دوست جي حيثيت ۾ شايد نڀايان پيو يا ضرور؟ الاءِ جي شاگردن کي پڙهائي روحاني سڪون ملي ٿو ۽ ڀت تي تنهنجي اکرن ۾ لکيل، عيسيٰ ميمڻ ڏسي ڏاڍو مزو اچي ٿو. تنهنجي لاءِ بابو چئي پيو ته ”غريب آهي، آزار ۾ پئجي ويا (گهر سوڌو) پر تنقيد کان پوءِ چيائين ته ”اوهان به هن جي همت آهيو جو هن عمر ۾ هيڏي جستجو ۽ سائين جي ايم سيد جي نظريئي تي عمل راهه! مون کي علي بخش بابت ٻڌاءِ خط لکيئن يا نه؟ جهٽ ۾ قاضيءَ چيو ” انهي (علي بخش) خط نه لکيو اٿس. (خط لکڻ مهل) باقي توهان جي اها سٺي ڳالهه آهي جو مختلف قيدين سان ملي انهي جي زندگيءَ بابت ڄاڻو ٿا ۽ مطالعو جاري رکو ٿا، جوابي خط ۾ ٿورو تفصيل سان جيل جي زندگيءَ جو احوال لکجانءِ. تنهن لاءِ چاچي الله ڏني (تنهنجي والد) هي ريمارڪس ڏنا.
خود ہی کو کر بلند اتنا، کہ ہر تقدیر سے پہلے،
خدا بندے سے خود پوچھے بتا تیری رضا کیا ہے۔
(اقبال)
منهنجو ڀاءٌ عامر بنيءَ وٽ 50 روپين ۾ پڙهي ۽ مجيب اظهار ميراڻيءَ وٽ فري ۾. مان عادل ۽ مجيب کي حسابن جي Practice پريڪٽس ڪرائيندو آهيان ۽ اکر لکي ڏيندو آهيان. آءٌ U.S.A سينٽر جو فيئر بوڪ به Complete ڪري ڇڏيو آهي ۽ باقي ٻن هفتن بعد ٽيسٽ آهي جنهن جي ڪوشش ڪري اڄ کان تياري شروع ڪندس ۽ پکن جي دوڪان تي پڻ وڃان پيو. 8 تاريخ جولاءِ جي آڪسفورڊ تي امداد قاضيءَ جو اسوا طرفان ليڪچر منعقد ڪيو پيو وڃي. جنهن جي ٽاپڪ (گلوبلائزيشن جي دور ۾ سنڌي شاگرد جو مستقبل) جيڪا قاضيءَ خط ۾ غلط لکي آهي.
او يار مان تقريبن مهيني سوا کان شيوِ نه ڪرائي اٿم ۽ هر ڪو چوري ٿو Shave ڪراءِ جواب ۾ آءٌ کين چوان ٿو ” پنج روپيا ڏي“ يا ”ڇا ڀلا تو تي تنهنجي ڳٽن تي آهي جو چوين ٿو ته ڏاڙهي ڪٽراءِ“ پر اڄ پاڻ ئي وڃي Clean Shave ڪرائيندس ڇو ته پاڻ کي ئي بُرو ٿو نظر اچان!؟ (نوٽ تصور ڪندا). هي خط گڊوءَ جي دوڪان تي لکان پيو توکي ڏاڍا سلام پيو ڏئي ۽ بيحد بيحد سلامن ته ابا ۽ ادا جا سلام ياد پيا به قبول فرماءِ. شڪريه.
ارشد نواب ميراڻي
(83)
ڏوڪري
27-06-2001
دوست، عيسيٰ ميمڻ.
قومي قيدي سينٽر جيل سکر.
السلام عليڪم!
توهان جا خط گهڻن ايلازن کان پوءِ اڄ تاريخ 27 جون تي راشد! وٺان پڙهڻ لاءِ مليا جڏهن تون راشد ڏي خط لکيو هو ته مون کي امام بخش ٻڌايو هيو ته عيسيٰ راشد ڏي خط لکيو آهي انهيءَ لاءِ ٻئي ڏينهن راشد مليو انهيءَ کان تنهنجو حوال پڇيم جنهن چيو ته عيسيٰ خط لکيو آهي توڏي سلام موڪليا اٿئين. مون راشد کي چيو ته خط کڻي اچجانءِ ته پڙهان جنهن چيو ٺيڪ آهي مان کڻي ايندس. مگر انهيءَ کي ڪجهه ڏينهن گذريا ته مون پڇيو مانس ته خط اڃان ڪو نه کڻي آئين چيائين مون کان ڳالهه وسري وئي. انهيءَ تي مون راشد سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. جنهن تي راشد کِلي چيو ته اهڙي ڳالهه ڪو نه آهي. جڏهن ته مون کي ڪاوڙ به هئي مون ڳالهه مٽائي ان کان پڇيو ته ڪيڏانهن پيو اچين جنهن چيو ته عيسيٰ جي پيءٌ ڏانهن موٽي رهيو آهيان انهيءَ مهل مان عرفان موريي سان چڪر تي نڪتو هيس ته راشد، احمد جي هوٽل کان مليو جنهن مون کي چيو ته يار معافي ڏي سڀاڻي ڪيئن به ڪري عيسيٰ جا خط کڻي ايندس. مون چيو ٺيڪ آهي ۽ چيومانس ته سڀاڻي گڏجي عيسيٰ جي پيءٌ ڏي هلنداسين. انهيءَ لاءِ اڄ ٻئي ارشد ۽ راشد ٻئي گڏجي آيا ۽ تنهنجا خط پڻ کڻي آيو جنهن کان پوءِ تنهنجي سڄي حال جي خبر پئي. انهيءَ لاءِ هاڻي گهر ڏي ڪو خيال نه ڪجانءِ. اڄ مان چاچي سان ملڻ ويندس جيڪا مون کان مدد ٿي سگهي اها به ڪندس ۽ جيڪڏهن ڪنهن به شيءَ جي ضرورت پئي ته مان وٺي ڏيندس. تون ڪنهن به ڳالهه کان نه گهٻرائجانءِ، جيڪو تون قوم لاءِ جذبو رکين ٿو هن ننڍي عمر هوندي به هيڏو وڏو ڪم سرانجام ڏنو آهي انهيءَ لاءِ خدا توکي انهيءَ ۾ ضرور ڪامياب ڪندو. ڇو ته خدا ڪڏهن به ڪنهن جي محنت ڪو نه وڃائيندو آهي. انهيءَ توهان (جسقم) وارن جيڪا پنهنجي گهر وارن جي پرواهه نه ڪندي خاص ڪري تون جو پنهنجي گهر جو تون پاڻ اڪيلو فرد آهين جو پنهنجي گهر وارن بغير ڪنهن پرواهه جي ڇڏي ويو آهين. انهيءَ لاءِ به وڏي دل گهرجي ٿي. باقي توتي جيڪي تنقيد ڪن ٿا، انهن جي توکي پرواهه ناهي ڪرڻي ڇو ته هر ڪو پنهنجي قبر پاڻ ڇڏائيندو آهي.
باقي تنهنجي مون ڏي هڪ نه پر کوڙ ساريون مياريون هونديون ڇو ته مان توڏي اچي ڪو نه سگهيو آهيان انهيءَ لاءِ تون منهنجي مجبورين کان آگاهه آهين. ڇو ته اڃان مان تو وانگر دلير يا آزاد ڪو نه ٿيو آهيان. خير تنهنجو ساريون ميارون مون کي قبول آهن. بس خدا توکي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ڪري ۽ خير سان تون پنهنجي والدين سان اچي ملين ڇو ته اسان کي به سڪ لڳي آهي. هونءٌ ته تنهنجا پيءٌ ماءٌ ۽ ڀينر ڀائر جن سان تون ننڍپڻ وٺي گڏ رهيو آهين شايد انهيءَ سڀنن کان هي پهريون ڀيرو جدائي هوندي ۽ خبر اٿئي ته پهرئين جدا ئي ڪيڏي نه ڏکي هوندي آهي. انهيءَ جي مون کي سُڌ آهي. هونءٌ پين ساٿ ڇڏي وئي وري ٻي کنئي آهي ڇو ته انهيءَ پين کي جدائي جي ڳالهه پسند نه هئي ۽ انشاءَ الله تون جلد اسان سان پنهنجي والدين سان گڏ هوندين انهيءَ دعان سان جتي به هجو سُکيا هجون اسان جي دعا اِها.
توهان جو پنهنجو دعاگو
منير ”ايس“ سومرو
(84)
ڏوڪري
24-06-2001
منهنجا عيسيٰ
جوائنٽ سيڪريٽري
سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري.
مون کي شديد احساس آهي ته مان ادبي سنگت طرفان تو لاءِ ڪو بيان به اخبار ۾ نه ٿو ڏئي سگهان. ڪجهه هٿ ٺوڪين اصولن جي بنياد تي جن کي نه چاهيندي به مڃڻو ٿو پوي. ان لاءِ معذرت. مون کي پڪ آهي ته تون ڪِٺُ آهين ۽ توکي سُرو نه ٿو کائي سگهي، جڏهن کان تون جيل ويو آهين مان اهوئي سوچيندو آهيان ته تون جيل ۾ آهين؟ تنهنجي والد صاحب سان ملڻ جلڻ آهي ۽ مون اهو به چيومانس ته ڪوئي به ڪم هجي ته حجاب نه ڪجو. راشد تو واري سلسلي کي هلايون پيو اچي. سحر خوش نصيب ٿو سمجهان جنهن جو Sir باغي آهي. اي رولو ڇورا ماڻهو توسان پيار ڪرڻ لڳا آهن ۽ مان به. پر ٿورو سرس. ڪو ڪم هجي ته ضرور چٺي لکجانءِ.
تنهنجو
حاڪم مڱريو
(85)
ڏوڪري
29-06-2001
پيارا عيسيٰ!
خط مليو پڙهي سرهائي ٿيم، اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان ڇو ته تون پنهنجي نظريي تي اٽل رهيو آهين، اهائي منهنجي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي جو تو جهڙو دوست ملي پيو. جيڪو باهمت، خود اعتماد ۽ جرئت مند آهي. بلڪل سيد وانگي جنهن هڪ آدرش حاصل ڪرڻ لاءِ پوري زندگي وقف ڪري ڇڏي. اهائي وڏي ڳالهه هوندي.
چاچي وارن جي لاءِ ڳڻتي نه ڪجان، ڇو ته هو مطمئن آهن. سڀني دوستن پاران سلام.
تنهنجو ساڳيو ئي
امام بخش ٻُٽُ
(86)
ڏوڪري
22-06-2001
پيارن کان پيارا عيسيٰ ميمڻ
السلام عليڪم!
ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن ته ملاقات نه ٿي سگهي آهي. تنهنجو روز صبح جو اچڻ ته وسري ئي نه ٿو. ڪيئن صبح جو ايندي هئين ٻئي هڪ ئي اسٽول تي ويهندا هياسين. (فلمن ۾ اڪثر اداڪار اهو استعمال ڪندا آهن ته هن سان گذاريل شامون مان ڪيئن وساريان. پر هتي وري ان جي ابتڙ آهي اهو هينئن ته مان توسان گذاريل صبح ڪيئن وساريان. عيسي! تو کي چڙ ڏاڍي لڳي هوندي جو مان توهان ڏانهن خط نه لکي سگهيس. سو ڪاوڙ جَهڪي ڪر ته حقيقت ٻڌايانءِ. ڪجهه ڏينهن مون هڪ خط لکيو هيو پر بدقمستيءَ سان اهو خط تو تائين نه پهچي سگهيو چوندا آهن ته (ڏکي کي ڏک به گهڻا) بهرحال تون پنهنجو حوال ڏي ڪيئن ٿي جيل جي زندگي لڳي؟ هڪ ڳالهه ته مون کان وسري وئي اُها اِها ته رڳو تون اڪيلو جيل ۾ نه آهين پر هر هڪ سنڌي مختلف حوالن سان قيد ۾ آهي پر ڪا ڳالهه نه آهي. نيٺ ته پڃرو پرزا ٿيندو پوءِ پکيئڙو وطن تي ويندو. ٻيو خير وڌيڪ حالَ احوالَ روبرو ٿيندا.
هڪ ڳالهه ٻُڌُ جيل ۾ رهي گهڻي کان گهڻو سِکُ ته قيد ڇا آهي؟ 15 کان 20 ڏينهن جيل ۾ گذاري منهنجي ڀيٽ ۾ تمام اذيت ناڪ تڪليف سَهي وڏو ڪارنامو تون ڪري ڏيکاريو آهي. پر رابندر ناٿ ٽئگور جي ڀيٽ ۾ ته اها تڪليف اُٺ جي ڀرسان ڪِوِل بيٺل ٿي لڳي. عيسيٰ جيل ته ڳالهه هئي نه آهي. اسان کي ته اڃان گهاڻِنِ ۾ پيسجڻو ۽ زهر جا پيالا پيئڻا آهن. عيسيٰ ٻُڌُ بور ته نٿو ٿئين نه؟ چڱو کِلُ ته موڪلايون.
خدا حافظ
بني ڀان
(87)
ڏوڪري
15-06-2001
پيارا عيسيٰ!
سلامت رهو!!......
توهان جا خط راشد معرفت پڙهڻ لاءِ مليا. پيارا مون کي بيحد فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته سائين جي ايم سيد جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ تون ۽ تو جهڙا هزارين ڪارڪن ”محترم بشير خان قريشي“ جي اڳواڻيءَ ۾ سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهي پيا آهيو ۽ ان سان گڏ اهيو افسوس پڻ اٿم ته هن ماتا ڌرتي جي وجود جي بقا لاءِ هلندڙ جنگ ۾ اڃان تائين توهان جو ساٿ نه ڏئي سگهيو آهيان. جنهن لاءِ تاريخ مون کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي ۽ ضمير پڻ ملامت ڪندو رهندو.
عيسيٰ هر ماءٌ، پيءٌ جي خواهش هوندي آهي ته سندن اولاد سُڌري هڪ عظيم منزل ماڻي ۽ معاشري ۾ سندن رتبو اعليٰ هجي. دوست ديس جي وجود جي بقا لئه وڙهندڙ جيڪڏهن مارجي وڃي ته ”شهيد“ پر جي فتح ماڻي ته ”غازي“ سڏبو آهي. پر ديس جي وجود جي بقا لاءِ جنگ ڪرڻ کان اڳ ۾ والدين جي اجازت ضروري آهي. توهان به شايد چاچا سائين جو ناراضپو کڻي نڪتا هُيئو. انهيءَ ڳالهه جو بيحد افسوس اٿم. توهان جي وڃڻ کان پوءِ 11 جون تي ڪارڪنن تي تشدد ٿيڻ، ڪجهه ڪارڪن زخمي ٿيڻ ۽ هڪ نوجوان شهيد ٿيڻ جو ٻڌي تمام گهڻي پريشاني ٿي. ٻيو اهيو خوف ورائي ويو ته ڪٿي توهان تي به تشدد نه ڪيو ويو هجي ۽ توهان جا والدين به تمام گهڻو پريشان ٿيا آهن. مگر 12 جون تي توهان جو خط مليو. جيڪو پڙهي سموريون پريشانيون دور ٿي ويون ۽ وري ڪجهه دوستن به توهان جي خيريت جي خبر ڏني. جنهن کان پوءِ اسان چاچا سائين کي وڃي توهان جو خط ڏنو ۽ ان کي مطمئن ڪيوسين ۽ وري سارنگ ماڇي به ان کي دلاسا ڏئي ويو هيو. هو پوري طرح مطمئن هو ۽ توهان جا سڀ گهر وارا به مطمئن آهن. رات چاچا مليو ۽ ان سان وري ڪچهري ڪئي. ان چيو ته جيڪڏهن عيسيٰ ڏانهن خط لکو ته ان کي چئجو ته جيڪڏهن ميدان ۾ لٿو آهين ته مڙس ٿي مُنهن ڏجان (مقابلو ڪجان). متان ڀاڙيو ٿي پوين، مون کي ۽ دوستن کي لڄائي وجهين. تون ته پوءِ به پنهنجي ديس ۾ آهين. اسان ته سعودي ۾ به جيل ڪاٽيا ۽ هن ديس جي آزاديءَ لاءِ آئون هڪ ته ڇا پر هزارين عيسيٰ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. هاڻي هو تمام گهڻو خوش آهن ۽ دوستن جو پريشانيون به دور ٿي ويون آهن. وڌيڪ لاءِ منهنجي طرفان ڪنهن مدد جي ضرورت هجي ته آئون حاضر آهيان ۽ خط لکجان ۽ ٻيو ته مون ”ارتقا جي ڪهاڻي“ پڻ پڙهي پورو ڪيو. هاڻي ته يقين ٿي ويو اٿم ته همراهه جو ڪو به وجود نه آهي ۽ اهو صرف تصور آهي. توهان جي عظمت کي سلام آهي جو مون جهڙي Absent Minded ماڻهو کي توهان اونداهه مان ڪڍي روشني ۾ آندو آهي.
راشد ۽ بني سان به هر روز ملندو آهيان ۽ اسان جي گفتگو جو اڪثر موضوع توهان هوندا آهيو. توهان جي وڃڻ کان پوءِ رات جو ارشد وارا به ڪچهريءَ تي نه ٿا اچن ۽ مان به واندو ويهي تنگ ٿي پوندو آهيان ۽ توهان جي وڃڻ کان پوءِ منهنجي Study به رڪجي وئي آهي. هاڻي جلدي ٻاهر اچ ڇو ته تون هڪ واعدو به ڪيو هيو. جيڪو به نه پاڙيو اٿئي. ياد اٿئي يا نه ”مائو کارائڻ وارو“؟!!! باقي هتان جي ڪا به ڳڻتي نه ڪجان. توهان جا والدين به خوش آهن. ڪاش توهان جي والدين جهڙا منهنجا والدين هجن. جي هِن ڌرتي جي وجود جي بقا لاءِ هلندڙ جنگ ۾ مون کي به وڙهڻ (حصو وٺڻ) جي اجازت ڏين پر هو ائين ڪو نه ڪندا. Sir Anwar به توهان جو هر روز پڇندو آهي توهان کي”جيئي سنڌ“ چيو اٿس.
نوٽ: هن خط ۾ جيڪڏهن غلطيون هجن ته انهن جي نشاندهي ڪجانءِ ۽ مون کي معاف ڪجان. ڇو ته مون جهڙي Absent Minded ماڻهو وٽ لفظن جو هڪ محدود ذخيرو آهي. جيڪو هِن خط ۾ استعمال ڪيو اٿم. پر اڃان لفظن جي مون وٽ تمام گهڻي کوٽ آهي. جنهن لاءِ اميد اٿم ته زندگي جي هر موڙ تي رهنمائي ڪندو رهندين. هميشه حق ۽ سچ واري واٽ ڏسيندو رهندين. وڌيڪ بحث مباحثا ۽ ڪچهريون تنهنجي ٻاهر اچڻ کان پوءِ ٿينديون. في الحال اندر آرام ڪري وٺ. متان اهڙو سڪون نه وري نصيب ۾ نه اچئي، جيل ۾ آرام ڪرڻ جو به پنهنجو مزو اٿئي. وڌيڪ لاءِ موڪلاڻي ڪانهي پر موڪلايون ٿا وري ملڻ لئه. جيئي سنڌ.
سنڌ مقدس عقيدو ايمان آ،
سنڌ گيتا، سنڌ انجيل ۽ قرآن آ.
تنهنجو ساڳيو
امام بخش ٻُٺ
(88)
ڏوڪري
24-06-2001
يارَ عيسيٰ!
اڄ توکي جيل ٻيو هفتو پورو ٿي ويو آهي. خبر ناهي ته آخر توهان کي آزاد ڇو نه ٿا ڪن ۽ تون دڪان جي اڳيان لنگهندو هئين ته ڀوڳ چرچا ڪندا هئاسين. جڏهن کان تون ويو آهين ته دل به بي چين ٿي پئي آهي. منهنجو ارادو هيو ته خط پٽ ئي لکانءِ ته ڪير تو ڏانهن ملاقات ڪرڻ ڪير ٿو اچي يا ڪير نه. بهرحال مون کي معاف ڪجانءِ. اهي به راشد جون مهربانيون آهن جو مون کان وٺي توهان ڏانهن موڪلڻ لاءِ خط ورتو اٿئين. وڌيڪ پنهنجي حال کان واقف ڪندو رهه. الطاف مڱڻهار چيو ته شڪر الحمد الله جو جيل پئين. ڇو جو هاڻي پڪو ڪامريڊ ٿيندين. سڄي سنگت لاءِ سلام.
تنهنجو ساريندڙ
عبدالغفار ڪنڀر