عباس سارنگ (ٻه خط)
جيڪب آباد
8 اپريل 2004
ڊيئر عيسيٰ
حق موجود - سدا موجود
ڪيئن آهين، دل ڪيئن آهي، اميد ته قرارن ۾ هوندين مان ڀي ٺيڪ آهيان، تنهنجي ياد ڪرڻ جي مهرباني ادبي رشتي ۾ هڪ ٻئي سان رابطو رکڻ اسان تي اخلاقي فرض آهي. تنهن جي خط جي وري به مهرباني.
ادبي سفر جاري آهي سر تي جيڪا ذميواري کنئي آهي نڀائڻ جا جتن ڪيان پيو. آفيس جي مصروفيت ايڏي آهي جو لکڻ پڙهڻ تمام گهڻو گهٽ آهي پر سنگت جي گڏجاڻين ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت ڪري رهيو آهيان. تازو مورو ۾ ٿيل مرڪزي گڏجاڻيءَ ۾ توهان جي ضلعي رابطه سيڪريٽري ممتاز لوهار سان ملاقات ٿي جيڪو پڻ توهان کي سڃاڻي رهيو هو. ڪڏهن وقت ڪڍي جيڪب آباد اچو ته ڪچهري رهندي.
هن وقت ڪهاڻي جي ڇپائڻ جي سلسلي ۾ به مصروفيت آهي. دعا ڪيو ته پورهيو ساڀيان ماڻي. تنهنجو ڏوڪري ۾ هجڻ ڏڍ ڏيندو رهندو آهي ته تون اتي موجود آهين.
ياد ڪرڻ لاءِ وري وري مهرباني سموري سنگت کي سلام خاص طري انور ڏنگڙائي ۽ اسماعيل جوڻيجو کي. موئن جو دڙو کي اسپيشل سلام.
صرف تنهنجو
عباس سارنگ
_________________________________________________________________________
(30)
جيڪب آباد
26-04-2005
ڊيئر عيسيٰ!
حق موجود - سدا موجود
ساٿي سَرهو هوندين!
يار تون ايڏي ٿو محبت ڪرين تنهنجي مهرباني سڪ پيار ۽ قرب لاءِ تنهنجو پيار پتر، اڄ مليو. يار مان ايڏو ته مصروف رهان ٿو جنهن جو مان توسان سکر واري ملاقات ۾ ذڪر به ڪري چڪو آهيان منهنجي ضلعي پوسٽ آهي اندازو ڪر ته ڪيڏو ڪم هوندو. توهان جي سائيڊ تي ڪامريڊ حاڪم هڪ پل جو ڪم ڪندو هو سا ته ٻئي پاسي شفٽ ٿي ويئي آهي. خير پوءِ به ياد ڪرڻ لاءِ وڏا وڙ! ”ساٿ هلندو، لاٽ ٻرندي“ بس يار ڪتاب اچي ويو. تنهنجين مبارڪن جي به مهرباني. مان مصروف هجڻ ڪري بس رابطه سيڪريٽريءَ جو عهدو نڀائي رهيو آهيان خاطر خواهه ڪم ڪو نه ڪري سگهيو آهيان. باقي پنهنجي سنگت انتهائي سرگرم آهي. ٻه ڪتاب ڇپرائي چڪي آهي. جنهن ۾ هڪ منهنجو ڪتاب ”پکي اڏاڻا پيار جا“ ۽ ٻيو دوستن جو گڏيل مواد تي مشتمل آهي. هڪ گذارش ته ڪتاب ”پکي اڏاڻا پيار جا“ جون ڪاپيون سنگت ۾ هلائي ڏيو جلد لکي موڪليو ته ڪيتريون ڪاپيون موڪلجن. ڪتاب جي قيمت 70 روپيه آهي دوستن کان توهان 50 روپيه وٺو جيئن اسان جو ٻيڙو تري پئي. يا اڃان ٻيو ڪو به مشورو وغيره هجي يا ڪنهن بڪ اسٽال تي به رکرائي سگهجن ته مدد ڪيو. اوسيئڙو رهندو. ڏوڪريءَ جو ڪو دوست جيڪب آباد ۾ ڪم ڪندو هجي ته ڪاپيون موڪلڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿيندي. گهڻو پاڻ تي بار به نه وجهجو هي اسان جو هڪ ادبي ۽ قومي فرض آهي. ان لاءِ توهان کي چيم.
تنهنجو ساڳيو
عباس سارنگ