لطيفيات

شاهه جو فڪر ۽ فلسفو

ڪتاب ”شاهه لطيف جو فڪر ۽ فلسفو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه عبد اللطيف ڀٽائيءَ جي مختلف سُرن ۾ سمايل فڪر ۽ فلسفو - فرد ۽ سماج لاءِ سندس اخلاقي ۽ سڌارڪ تعليم جا چونڊ مضمون شامل آهن جنهن جو سهيڙيندڙ فضل الرحمٰن ميمڻ صاحب آهي.
Title Cover of book شاهه جو فڪر ۽ فلسفو

سُر کنڀاٽ ۽ قرآني تعليم : پروفيسر محمد اڪرم انصاري

انسان جڏهن اک پٽي ٿو ۽ هوش سنڀالي ٿو، تڏهن قدرت جي هر حسين شيءِ کيس موهي ٿي. هر دلفريب نظارو ۽ دلڪش نغمو سندس دل جا ساز ڇيڙي ٿو. ڪائنات جي ميخاني مان هو سڪ جي سرڪ چکي ٿو. ڏيٺ ويٺ ٿئي ٿي. کيس ان ڳالهه جو شعور ٿئي ٿو ته هڪ طرف ته ظاهري ۽ بيروني عالم آهي، جنهن م سج، چنڊ، تارا ڪتيون آهن، هيرون ۽ هوائون آهن، ويرون ۽ لهرون موجزن آهن، ساوڪ سبزي، وڻ ٽن، گل ڦل، باغ بهار، پکي پکڻ ۽ انهن جون لاتيون، عجيب و غريب ساهوارا، جي انسان جي من کي تازگي بخشين ٿا ۽ دل جا دروازا کولين ٿا ته ٻئي طرف جڏهن هو ظاهري دنيا کان نظر ڦيرائي من اندر جهاتي پائي ٿو، ته اتي به کيس هڪ وڏو عالم نظر اچي ٿو. ڪير آهي جو ظاهر کي ڏسي ٿو، ظاهر تي موهجي ٿو، ظاهر کي پرجهي ٿو! ڪير آهي جو خواهش ڪري ٿو، وري ان کي روڪي ٿو، ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو، صحيح، صاف ۽ سٺين شين جو انتخاب ڪري ٿو ۽ غليظ شين کان پرهيز ڪري ٿو! ڪير آهي جو محبوب سان ملڻ لاءِ مشتاق آهي! ڪير آهي جو ظاهر جون حدون ٽپي، عالم غيب ۾ دونهون دکائي ٿو! ڪير آهي جو توحيد جو سهرو پائي، پوري ڪائنات کي پاڻ ۾ غرق ڪيو ڇڏي! ڪير آهي جو ويڇا وساري، فرق مٽائي، دوئي دور ڪري، تنهن کان پوءِ ”همه اوست“ يا ”همه از اوست“ جا نعرا بلند ڪري ٿو!.
ڪائنات جي هر هڪ شيءِ، هڪ حالت ڇڏي ٻي حالت اختياري ڪرڻ لاءِ واجهه وجهي رهي آهي. ڪنهن کي به ڪو سڪون ڪو نه آهي، پوءِ کڻي ڪا بيجان شيءِ هجي يا جاندار، ڏک درد سهڻ ۽ ڪشالا ڪڍڻ، سفر سٽڻ، منزل پٽڻ، اڳتي وڌڻ، ارتقا ڪرڻ هر هڪ شيءِ جي زندگيءَ جو مول متو آهي.
بيروني دنيا جي معلومات، جوهر کان وٺي نظام شمسي جي ساخت کان واقفيت، هر مادي شيءِ جي خاصيتن جي پروڙ ۽ ان جي منزل جي شناس، هر حيوان جي مزاج جي سمجهه ۽ ان جي پالڻ جي اهليت، بيروني قوتن کي موڙي مروٽي، انهن مان فائدي حاصل ڪرڻ جي قابليت، انسان جي نفسيات جي گهري تحصيل، چڱي مٺي جي ڄاڻ ۽ پنهنجي نفس تي ضابطي رکڻ جي صلاحيت، انهن ۽ اهڙين ڳالهين تي ئي ته اسان جي سڄي تعليم جو دارومدار آهي. انسان جي پوشيده قوتن کي اڀارڻ، جيئن هو جهالت، تعصب، ظلمات، روڳ ۽ فحش جي تاريڪ ۽ تنگ دائري کان نڪري، کليل فضا، صاف روشني، فراخدلي، پاڪيزگي، اعتماد ۽ انصاف جي صحتمند ماحول ۾ قدم رکي، ترقي ۽ ارتقا جون منزلون طئي ڪندو رهي، ان کي ئي ته تعليم سڏبو آهي. انسان جا انسان سان تعلقات خوشگوار پيدا ڪرڻ، هڪٻئي جي خيالن، جذبن ۽ اعتقادن جو احترام ڪرڻ، دولت جي انصاف جي اصولن مطابق تقسيم، اهڙي قسم جي حڪومتن جو قائم ڪرڻ، جي هر هڪ فرد جي مادي، اخلاقي، ذهني ۽ روحاني نشونما ۾ هن جي مدد ڪن، انهن سڀني ڳالهين ۾ تعليم هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
هاڻي ڏسڻو آهي ته شاهه عبداللطيف اهڙن معاملن بنسبت اسان جي ڪهڙي رهبري ڪئي آهي. سڀ کان پهريون سبق، جو هو سيکاري ٿو، سو هيءُ آهي ته سُستي ۽ ڪاهلي ڇڏيو، جنهن به انسان تي جمود طاري ٿيو، سو مردو آهي. دنيا جون سڀ قوتون، جراثيمن کان وٺي راڪاسن تائين کيس پٽينديون ۽ کوهينديون پيون، پر هو پنهنجي غفلت ۾ غلطان هوندو عشق ئي اسان کي اهڙي ننڊ مان بيدار ڪري ٿو. ان محبوب جو تصور، جو سج ۽ چنڊ کان بالاتر آهي، جنهن جي نور جو مثال ڪا به شيءِ پيش نه ٿي ڪري سگهي، جو هر اخلاقي ۽ روحاني نظريي جو سرچشمو آهي جنهن جي يادگيري انسان کي هر ظاهري ۽ باطني دشمن کان پناهه ڏيئي سگهي ٿي. ان مطلق وجود جو تصور اسان جي ننڊ ڦٽائي، اسان جي پياس وڌائي، اسان کي تڙپائي، ڦٿڪائي، جلائي، اسان کي حقيقي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري ٿو.
رات سهائي، ڀون سئين، پرت نئين، پنڌ پور،
ميا! محبوبن جي، هلي وانءُ حضور،
جي چڻڪن چت ۾، سي ڪئن سڄڻ ڏور،
الله لڳ اسور، اتان ئي ٿي آءٌ تون.
رات جو وقت آهي. چنڊ چمڪي رهيو آهي. پريت نئين آهي. عشق جي آڳ انسان کي پنڌ پوڻ لاءِ تيار ڪري رهي آهي. اٺ کي التجا ڪئي ويئي آهي ته جلدي هلي محبوب جي حضور ۾ پهچاءِ. راهه سڌي آهي. زمين هموار آهي. جي محبوب چت ۾ چڻڪن پيا، سي ڪڏهن به ڏور ٿي نٿا سگهن. فاصلو ۽ ان جي ڪٿ به دوکا آهن. انسان کي اتان ٿي اچڻو آهي. اتان علم حاصل ڪري، فيض پرائي، هن زمين کي روشن ڪرڻو آهي. انسان جي دل کي ڌوئي پاڪ ڪرڻو آهي. عمل، انصاف ۽ مساوات جي دنيا پيدا ڪرڻي آهي. محبت ۽ ميٺاج پيدا ڪرڻو آهي. واحد جي وحدت جو ديدار ڪري، توحيد جو علم بلند ڪرڻو آهي. انسان کي انسان ڪرڻو آهي. آسمان کي زمين تي لاهڻو آهي.
جيستائين انسان جي من اندر سج نٿو اڀري، جيستائين مطلق حسن جو ماهتاب نٿو چمڪي، تيستائين ظاهري چمڪ ڌمڪ اوندهه سمان آهي.

سهسن سجن اڀري، چوراسي چنڊن،
بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.

سج ۽ چنڊ جي روشني ڪنهن ٻي روشنيءَ طرف اشارو ڪري ٿي. سج ۾ ڪيتري نه تابش ۽ تپش آهي؟ سج زمين جي زندگي برقرار رکڻ ۽ ان ۾ نشونما پيدا ڪرڻ لاءِ ذميوار آهي. سج انسان لاءِ اناج ۽ غذا پيدا ڪري ٿو، ميوا پچائي ٿو، ٿڌ کان انسان کي بچائي ٿو. چنڊ وري سج جو احسانمند آهي، تابعدار آهي، زير دست آهي. جي انسان سج جو تاب سهي نٿا سگهن. سج کي ڏسڻ شرط اکيون وڃائي ٿا ويهن، سي چنڊ جي روشني ڏسي دل ٺارين ٿا. چنڊ جي روشني زمين ۽ پاڻيءَ تي پوي ٿي ته هر هڪ شيءِ حسين بڻجي پوي ٿي. چنڊ عشق جو جذبوپيدا ڪري ٿو. چنڊ جو سايو پوڻ شرط انسان مست ٿيو وڃي پر انهن سڀني خوبين ۽ اثرن جي باوجود،سج ۽ چنڊ اڀرن ٿا ۽ لهن ٿا، ڪڏهن سندن نور ۾ اضافو ٿئي ٿو، ڪڏهن ان ۾ ڪمي ٿئي ٿي. شروع کان وٺي اسان کي اها تعليم ڏني وئي ته جا شيءِ اڀري ۽ غروب ٿئي، سا اسان جو خدا ٿي نٿي سگهي. جنهن شيءِ کي ڪمال ۽ زوال آهي، تنهن جي پرستش ڪرڻ انسان جي شان وٽان ڪين آهي. سڀ ظاهري شيون ان لاءِ آهن ته انسان انهن مان فائدو وٺي ۽ انهن ذريعي پنهنجي ۽ انهن جي خالق کي سڃاڻي، ائين نه ته هو هر چمڪندڙ سج آڏو ڪنڌ نمائي ۽ هر جميل ماهتاب کي پنهنجي دل ڏيئي ويهي. حقيقي محبوب لاءِ ته ائين چيو ويو آهي.

کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،
سورج شاخون ڪڍيون، ڪوماڻو قمر،
تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،
جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سان.

يا وري چنڊ کي مخاطب ٿي فرمايو اٿن:

چوڏهينءَ چنڊ تون اڀرين، سهسين ڪرين سينگار،
پلڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلا ڪرين هزار،
تون جهڙو سڀ ڄمار، تهڙو دم دوست جو.

ظاهري حسن جي سڀ ڄمار، دوست جي هڪ دم جي برابر آهي. هڪ گهڙيءَ جو الهام انسان کي اهڙي ته دولت عطا ڪري ٿو، جا جيڪر سڄي ڄمار جي محنت، تحصيل، تجربي، آزمودي، مشاهدي، عبادت ۽ رياضت سان به حاصل نه ٿي سگهي.
هاڻي سوال هيءُ آهي ته قدرت محسن آهي، نور آهي، نطام آهي، محبت آهي، خوشي آهي، انسان لاءِ سبق آهي ۽ هدايت آهي. قدرت جي هر هڪ شيءِ حقيقي ۽ غيبي دوست طرف اشارو ڪري ٿي. اهو دوست انسان جو ڀلوئي چاهي ٿو، هر قدم تي انسان کي آگاهه ڪري ٿو، هر منزل تي انسان کي پناهه ڏئي ٿو ۽ هن جي مدد ڪري ٿو. پوءِ ڇو اڄ انسان جي دل جي دنيا اجڙ آهي، ڇو هڪٻئي سان تعلقات خراب آهن! ڇو تازگي، رعنائي ۽ بهاري انسان جي دل تي اثر نٿي ڪري! ڇو قدرت جو ڏنل سبق اسان جي دماغ تائين نٿو پهچي! سچي سڄڻ لاءِ ته شاه صاحب هيئن چيو آهي:

هن تاري، هن جاءِ، هت منهنجا سپرين،
سڄڻ ماکيءَ ساءِ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.

پر ڇو انسان جي دل ۽ انسان جي دنيا اندر افراتفري آهي؟ علامه اقبال ان نڪتي طرف هيءُ اشارو ڪيو آهي.

گل و گلزار تري خلد ڪي تصويرين هين،
يه سڀي سورهء والشمس ڪي تفسيرين هين،
سرخ پوشاڪ هي ڦولون ڪي درختون ڪي هري،
تيري محفل ۾ ڪوئي سبز ڪوئي لال پري،
مين ڀي آباد هون اس نور ڪي بستي مين مگر،
جل گيا ڦر ميري تقدير ڪا اختر ڪيون ڪر،
نور سي دور هون ظلمت مين گرفتار هون مين،
ڪيون سيه روز، سيه بخت، سيه ڪار هون مين.

”ورڊس ورٿ“ ڪهڙي نه سادگيءَ سان ساڳئي خيال جو اظهار ڪيو آهي.

Through primrose tufts, in that sweet bower
The periwinkle trailed its wreaths”
And it is my faith that everp flower
Enjoys the air it breathes.
From Heaven if this belief be sent,
If such be nature’s holy plan,
Have I not reason to lament
What man has made of man?

”جڏهن گلن ڦلن ۾ سرهاڻ، خوشي ۽ محبت آهي، جڏهن قدرت جي رٿ انسان جي ڀلي لاءِ آهي، جڏهن سڄڻ ڪڏهن به ڪوڙا نٿا ٿين، ته پوءِ انسان هڪٻئي سان وڙهي، هڪٻئي تي ظلم ڪري، جهنم ڇو پيدا ڪري رهيا آهن؟“
جڏهن سياست اهڙي زور تي آهي، تڏهن حوس پرستي، اقتدار پرستي ۽ دولت پرستي انسان کي انڌو ۽ گونگو بڻائي ڇڏيو آهي، ته پوءِ صحيح تعليم، خواه اها استاد وٽان هجي يا قدرت وٽان، ممڪن ٿي سگهي ٿي؟
هاڻي اچو ته ان الاهي پيغام طرف توجهه ڏيون، جنهن بابت علامه اقبال اشارو ڏنو آهي. سوره والشمس جا ٽي حصا آهن. هڪ حصي ۾ سج ۽ چنڊ، ڏينهن ۽ رات، آسمان ۽ زمين تي غور ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي: ٻئي حصي ۾ نفس ۽ ان جي تڪميل طرف اشارو ڏنو ويو آهي: ٽئين حصي م هڪ تاريخي واقعي طرف ڌيان ڇڪايو ويو آهي ته هڪ غافل ۽ سرڪش قوم ڪهڙيءَ سزا جي مستحق آهي. ”قدرت“، ”نفس“ ۽ ”قوم“ اهم لفظ آهن.
سج تي غور ڪريو، جڏهن اهو چمڪي ٿو ۽ دنيا تي پنهنجا ڪرڻا پکيڙي ٿو، ان جي گرمائش ۽ روشنيءَ تي هر هڪ ساهواري جي جياپي ۽ واڌ جو دارومدار آهي، تنهن کان پوءِ رات جو چنڊ نظر اچي ٿو، جنهن جي حسن تي حيران ٿي متوالا ٿي وڃون ٿا، اهو چنڊ پنهنجي روشني، سج کان اڌاري وٺي ٿو ۽ سج جي زير اثر آهي. غور ڪريو ڏينهن تي، جڏهن هر شيءِ سج جي روشنيءَ سببان ظاهر ۽ نمايان ٿئي ٿي. تنهن کان پوءِ رات ٿي اچي ۽ تاريڪي ڇانئجي وڃي ٿي. چور ۽ گنهگار، رات کان پنهنجو ڪم وٺن ٿا، پر فقير، درويش، شاعر ۽ فيلسوف ايڪانت سان رب کي ياد ڪن. جڏهن ظاهري شيون حواسن کان دور ٿين ٿيون، تڏهن هو دل جون اکيون کولي، غيبي خزانا ڏسن ٿا.
آسمان تي غور ڪريو ته ڪيئن اهو ٺهي راس ٿيو ۽ ڪهڙيءَ قوت ان کي بلند ڪيو. آسمان ظاهري به آهي ۽ ذهني به، جتي افلاطون جي قول مطابق هر شيءِ جي مڪمل صورت محفوظ رکي وئي آهي. وري زمين تي نظر ڊوڙايو ته ڪهڙيءَ طرح اها وڇايل آهي ۽ ڪهڙي قوت ان کي برن، بحرن، بيابانن، ماٿرين، پهاڙن، ڍنڍن، ڍورن، ندين، نارن، گرم ۽ سرد علائقن ۾ تقسيم ڪيو ۽ مختلف هنڌن تي مختلف قومن کي آباد ڪيو، تعليم ذريعي انهن سڀني ڳالهين جو ڳوڙهو مطالعو ڪريو.
هاڻي پنهنجي نفس تي غور ڪريو ته ڪهڙيءَ ريت ان جي تڪميل ٿيڻ واري آهي ۽ ڪيئن ان اندر ارتقا جو سامان موجود رکيو ويو آهي، ڪيئن ان جي سامهون ٻه رستا رکيا ويا آهن، هڪ بدڪاريءَ وارو رستو ۽ ٻيو پرهيزگاريءَ وارو رستو. نفس اندر نيڪيءَ جو رجحان به رکيو ويو آهي ۽ بديءَ ڏانهن ميلان پڻ. ڪامياب اهو آهي جنهن پنهنجي نفس کي پاڪ ڪيو ۽ نامراد اهو آهي جنهن نيڪيءَ جي رجحان کي دٻايو، ڪچليو ۽ پنهنجي نفس کي پليت ڪيو. ”ثمود“ جي قوم به پنهنجي شرارت سببان، سچي کي ڪوڙو ڪيو ۽ ڪوڙي کي سچو. سڀ کان وڌيڪ بدبخت، سرڪش ۽ مغرور اڳواڻ اٿي کڙو ٿيو. الله جي رسول انهن کي خبردار ڪيو. چتاءُ ڏنو ۽ فرمايو ته هيءَ الله تعاليٰ جي ڏاچي آزمائش طور توهان ڏانهن موڪلي وئي آهي. ان جي آزاديءَ ۾ رخنو نه وجهو، ان کي پاڻي پيئڻ کان نه روڪيو. هنن پيغمبر کي ڪوڙو سمجهيو ۽ ڏاچيءَ کي ماري ڇڏيو. پروردگار انهن جي گناهه سببان مٿن عذاب نازل ڪيو. ان مثال کي تمام قومن لاءِ عام ڪيو ويو، يعني اڳتي لاءِ پڻ ساڳئي گناهه لاءِ ساڳي سزا مقرر ٿي ۽ ٿيندي رهندي. الله تعاليٰ کي اهڙن انسانن ۽ اهڙين قومن لاءِ هلاڪ ڪرڻ م ڪو به انديشو ڪو نه ٿيندو آهي.
جنهن شيءِ جي پرورش، خواهه اها شيءِ ڏاچي هجي يا معصوم ٻار، پوک هجي يا پنهنجو نفس، الله تعاليٰ انسان جي ذمي ڪئي آهي. ان شيءِ کي بگاڙڻ، ان شيءِ کي خالص غذا نه ڏيڻ، ان شيءِ کي جسماني يا ذهني طور ڪچلڻ، هڪ عظيم گناهه آهي، جو ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو. ڏاچيءَ جي مثال کي الله تعاليٰ عام ڪيو. ڏاچي الله تعاليٰ آزمائش لاءِ موڪلي. اڄ جيڪڏهن اسان معصومن کي رنجائينداسين، غريبن کي پنهنجي محنت جو ڦل نه ڏينداسين، طالب جي جسماني، ذهني، اخلاقي ۽ روحاني تقاضائن جو خيال نه ڪنداسين ته پوءِ ساڳئي ”ثمود“ جي قوم واري عذاب جا مستحق ٿينداسين.
ان ”ڪنواٽ“ جا به مختلف مزاج ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪسر ڇڏي وڌنديون وکون وجهندو آهي ته ڪڏهن ڪٿ ڪندو آهي ۽ سست ٿي ويهي رهندو آهي. ڪڏهن ٿو هي ۾ مجاز جو ٿاڻو پيدا ٿيندو اٿس ۽ نه وڳ سان ويندو آهي ۽ نه چرندو آهي، ملول ۽ ويڳاڻو نظر ايندو آهي، ڪڏهن جڳ سان جڳ جهڙو ٿيندو آهي پر هينئن سين هُتِ چرندو آهي. ڪڏهن چندن چکي مخمور ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڪا وِهَ جي ول چري کيٽ ڌڻين کي پريشان ڪندو آهي. مطلب ته هيءَ دنيا هڪ تجربيگاهه آهي، جنهن اندر انسان جي نفس کي قسمين قسمين تجربا ڪرڻا آهن ۽ آخر ۾ صحيح انتخاب ڪرڻو آهي.
شاهه صاحب به ان ڪرهي جي مزاج کان واقف آهي. ڪڏهن ان جي خوشامد ڪري ٿو. ڪڏهن ڏاوڻ ڏائيس ٿو. ڪڏهن ان کي روڪي ٿو، ڪڏهن پلاڻي پائيس ٿو، ڪڏهن آگاهه ڪريس ٿو، ڪڏهن هدايت ڪريس ٿو، ڪڏهن ان جي ارڏاين تي ڳوڙها ڳاڙي ٿو. مثلاً.

ڪرهي کي ڪَئين، وڌم پَينڌَ پلڻ جا،
ليڙو لاڻيءَ کي چري، نير ساڻ نئين،
چانگي سندي چت ۾، صاحب وجهه سنئين،
اوباهيوس ائين، لطف سان لطيف چئي.

يا وري هنن لفظن ۾ نفس تي ضابطي رکڻ جي تلقين ڪري ٿو.

اٿي اڙائينس، ڇڏيو ته ڇيڪ ٿيو،
کارايانس کڙيو وڃي، پلاڻي پائينس،
ڏاوڻ تنهن ڏائينس، جيئن چري ۽ چنگهي ڀڻو.

هيٺين لفظن ۾ ڪرهي جي ڪڌن ڪرتوتن تي افسوس ڪري ٿو.

آڻي ٻڌم وڻ جاءِ، مانَ مکريون چري،
ڪڌاتورو ڪرهو، لڪيو لاڻي کاءِ،
ان مبي سندي ماءِ، مون ڳالهڙين ڳوڙها ڪيا.

افسوس جو جنهن صورت ۾ قدرت، دنيا اندر اسان کي پاڪ شيون ميسر ڪري ڏنيون آهن ته پوءِ اسان جو نفس غليظ شين پٺيان پنهنجي عاقبت ڇو ٿو خراب ڪري؟

چانگي چئي چڪياس، مٿان اَڪ نه اُلهي،
جنهن ول گهڻا وِهاٽيا، اُن سين اَر لڳياس،
چوڌاري چندن وڻ، پچي پوڄ پياس،
راڙي رت ڪياس، هن ڪڌاتوري ڪرهي.

پر آخرڪار ان ۾ سمجهه اچي ٿي، چڱي مَٺي جو فرق سڃاڻي ٿو، صاف غذا تي پلجي نپجي ٿو، حلال جي ڪمائيءَ تي گذران ڪرڻ سکي ٿو ۽ رچي راس ٿئي ٿو.

جئان ڪوڙ ٻه ڪاٺيون، پنجن لکن پاءُ،
ميو تنهن ماڳاءُ، ڏيهاڻي ڏار چري.

هاڻي اهو ڪرهو ساراهه جوڳو آهي، اڱڻ جي سونهن آهي، ترت توڙ تائين رسائڻ وارو آهي، محبوب سان ملائڻ وارو آهي.

لک لاکيڻو ڪرهو، ڪوڙين ڏيئي ڪاهه،
ايلاچيون آهر ۾، پوڄ ميي کي پاءِ،
ڪٿ نه ڪندو ڪاءِ، جھ پلاڻيو ته پرينءَ مڙي.

شال سڀڪو پنهنجي منزل تي پهچي ۽ مرادون ماڻي! شال سڀڪو قرآني تعليم کي سمجهي ۽ ان مان مستفيض ٿئي! شال اسان لطيفي لاتين ذريعي، پنهنجي اندر کي اجاريون ۽ دنيا کي انسانن جي رهائش گاهه بڻايون!.