لطيفيات

شاهه جو فڪر ۽ فلسفو

ڪتاب ”شاهه لطيف جو فڪر ۽ فلسفو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه عبد اللطيف ڀٽائيءَ جي مختلف سُرن ۾ سمايل فڪر ۽ فلسفو - فرد ۽ سماج لاءِ سندس اخلاقي ۽ سڌارڪ تعليم جا چونڊ مضمون شامل آهن جنهن جو سهيڙيندڙ فضل الرحمٰن ميمڻ صاحب آهي.
Title Cover of book شاهه جو فڪر ۽ فلسفو

شاهه جي ڪلام ۾ تصوف جون رمزون : ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل

گهڙو ڀڳو، مُنڌ مُئي، وسيلا ويا،
تهان پوءِ سُئا، سهڻيءَ سڏ مهيار جا.
شاهه ڀٽائي رحه پنهنجي ڪلام ۾ وک وک تي تصوف جا ڳوڙها خيال ۽ راز استعمال ڪيا آهن جن کي رڳو اُهي ماڻهو پروڙي سگهن ٿا، جن کي شاهه صاحب جي انهن رمزن جي خبر آهي. شاهه صاحب جيڪو تصوف ڪتب آندو آهي، سو ويدانتي تصوف نه آهي، جيئن ڪي ماڻهو سمجهي رهيا آهن ۽ ائين لکيو به اٿن؛ بلڪه خالص اسلامي تصوف آهي، جنهن جو واسطو قرآن ۽ حديث سان آهي. شاهه صاحب هڪ اهل الله، عارف بالله ۽ ولي الله هو. دنيا ۾ نبين جي اچڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ بعد، ولي انهن جا جاءِ نشين ٿي آيا. ولي دنيا ۾ انسان جي رشد ۽ هدايت جي لاءِ ايندا آهن ۽ شاهه صاحب به انهيءَ لاءِ آيو هو ته ماڻهن کي خدا، رسول ۽ قرآن جون ڳالهيون ٻڌائي دڳ تي لڳائي، تاڪه هو خدا جو قرب حاصل ڪن ۽ وصول الي الله حاصل ڪن. شاهه صاحب جو سڄو ڪلام ڏسبو ته اهڙين ڳالهين سان ڀريو پيو آهي ۽ خود شاهه صاحب انهيءَ بابت پنهنجي ڪلام ۾ اسان کي چتاءُ ڪري ڇڏيو آهي ته:
تو جي بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
يعني شاهه صاحب جي چوڻ جو مطلب آهي ته سندس ڪلام محض شاعري نه آهي، رڳو بيت ڪين آهن، پر انهن ۾ قرآن جو تفسير سمايل آهي.
دنيا ۾ ڪيترائي ولي آيا، تن مان ڪن وعظ جي ذريعي خدا تعاليٰ جي واٽ ڏيکاري ته، ڪن نصيحت جو طريقو اختيار ڪيو، مگر شاهه صاحب شاعريءَ کي اظهار جو ذريعو بنايو ۽ شاعريءَ ۾ اسلام کي پيش ڪرڻ لاءِ تصوف کي استعمال ڪيو. شاعريءَ کي زماني کان وٺي مذهب سان لاڳاپو رهيو آهي. تنهن ڪري الاهيات جو مختلف نوعيت سان شاعريءَ سان تعلق رهيو آهي. اها ڳالهه سنسڪرت، عربي، فارسي وغيره شاعريءَ ۾ صدين کان وٺي نظر اچي ٿي. مذهب ۾ شاعريءَ جيڪو اثر پيدا ڪيو تنهن جون ٻه صورتون آهن، هڪ ته مذهب جا حڪم احڪام ۽ اسلامي دنيا جا واقعا صاف صاف لفظن ۾ نظم ڪيا ويا، جيئن مولوي ابو الحسن يا مولوي ضياءُ الدين ٺٽويءَ وغيره ڪيو. ٻيو مذهب اسلام کي ٻئي پيرايي ۾ وٺي وڃي شاعريءَ جو وڳو پهرايو ويو، يعني شاعريءَ ۾ تصوف استعمال ڪيو ويو. پهريائين اسلام سان تصوف جو لاڳاپو پيدا ڪيو ويو، پوءِ شاعريءَ کي تصوف جي لاءِ ڪم آندو ويو. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ جي لاءِ ان کان وڌيڪ سٺي ٻيڪا واٽ نه هئي ۽ نه تصوف شاعريءَ کان وڌيڪ بهتر ڪو ٻيو وڳو پائي سگهي ها. شاهه ڀٽائي رحه به پنهنجن بيتن ۾ اهو طريقو اختيار ڪيو ۽ تصوف کي ڪتب آندو. اسلام جي صاف ۽ سڌين ڳالهين کي تصوف جي ڳوڙهن ۽ پيچيدن طريقن سان پيش ڪيو جهڙو هن بيت ۾:
گهڙو ڀڳو، منڌ مئي، وسيلا ويا،
تهان پوءِ سُئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا.
هيءُ بيت سر سهڻيءَ ۾ آهي ۽ انهيءَ نموني جا ڪيترا بيت ساڳئي سر ۾ آهن. ان مان ائين نه سمجهڻ گهرجي ته شاهه صاحب اجايو بيتن کي دهرايو آهي، بلڪه شاهه صاحب تصوف جي جنهن نڪتي کي سمجهائڻ گهري ٿو، تنهن کي مختلف نمونن سان بيان ڪري، اُن جي اهميت ظاهر ڪري ٿو. شاهه صاحب جي انهيءَ بيت جي لفظي معنيٰ ۽ تصوف جون رمزون بيان ڪرڻ کان اڳي ڪجهه نڪتا انهيءَ بيت بابت اوهان جي آڏو رکجن ٿا، تاڪ بيت کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي.
انسان ۾ ”ونفخت فيھ من روحي“ جو راز سمايل آهي. يعني الله تعاليٰ پنهنجو روح ان ۾ ڦڪيو آهي ۽ اهو روح بيچين آهي ته خاڪي قلب مان نڪري، جان آيو آهي وري اتي وڃي. ”کل شيءِ يرجع الي اصلھ“ يعني جيڪا شيءِ جتان آئي آهي اتي موٽي ويندي. مگر دنيا جا اسباب ۽ وسيلا طالب کي مطلوب سان ملڻ ۾ روڪين ٿا. دنيا، جا درياءَ جي مثال آهي، تنهن جي هن ڀَر اچڻ کان پوءِ جسم ۽ ٻيا اسباب حجاب ٿي پيا آهن. جيئن سهڻي درياءَ جي هن ڀَر تان مطلوب کي ملڻ لاءِ حيلا ٿي ڪيا پر جيسين اهي حجاب نه ٽٽا، تيسين ميهار جا سڏ ڪين ٻڌائين.
تعلق، حجاب است بي حاصلي،
چو پيوندها بگسلي، واصلي.
يعني لڳ لاڳاپا بيڪار حجاب آهن، جڏهن انهن پيوندن کي ڀڃين ته خدا تعاليٰ سان واصل ٿين.
ٻيو نڪتو هيءُ به ياد رکڻو آهي ته روز ازل کان جيڪو وعدو طالب، مطلوب سان ڪري آيو آهي، سو به نڀائڻو اٿس. انهيءَ جي گهڻي اپٽار شاهه صاحب سُر مارئيءَ ۾ڪئي آهي ته:
الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
قالو بليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم،
تهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
ساڳي ڳالهه سُر ڪوهياريءَ م به ڪئي اٿس:
پهرين تون پاريج، پارڻ پوءِ پنهونءَ تي،
ٻول مَ وساريج، هو جو ڪيئي هوت سين.
انهيءَ وعدي کي پوري ڪرڻ لاءِ طالب بيچين آهي ۽ سڀ ٻنڌڻ ٽوڙي، واصل بالله ٿيڻ ٿو گهري پر اها مدعا حقيقي فنا کان سواءِ حاصل ٿي نٿي سگهي. سالڪ کي، حق سبحانهو و تعاليٰ کي ڏسڻ ۾ ايترو غرق ٿي وڃڻ گهرجي جو پنهنجي ذات ۾ سڀني شين کي ڀلجي وڃي. جيسين سالڪ ماسوا جي قيد ۾ ڦاٿو پيو آهي ۽ پنهنجي خوديءَ جي قيد کان ڇٽو نه آهي، تيسين فنا در فنا کي حاصل نه ڪندو ۽ وصلِ الي الله کان پري رهندو. سهڻي ڪيئن انهن وسيلن کي ٽوڙي، قرب ٿي حاصل ڪري، تنهنجو اظهار ڏنل سٽ ۾ شاهه ڀٽائي رحه ڪيو آهي.
ٽيون ته شاهه صاحب بقا ۽ فنا جو نُڪتو به پيش ٿو ڪري. انسان جي جسم ۾ روح ڦوڪيو ٿو وڃي ”ونفخت فيھ من روحي“. انسان جو جسم فاني آهي ۽ روح غيرفاني، هن ڀر يعني دنيا ۾ جسم جو نشو و نما ٿو ٿئي. يعني فاني شيءِ جو فاني دنيا ۾، ليڪن روح، جو غيرفاني آهي، سو غير فاني دنيا ۾ يعني ٻئي جهان ۾ جتان هو آيو هو وڃي پنهنجي اصل سان ملڻ ٿو گهري ”کل شيءِ يرجع الا اصلھ“ اهو ان وقت ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن فاني شيءِ، فاني دنيا ۾ فنا ٿئي ته پوءِ روح آجو ٿي پنهنجي اصل سان وڃي ملندو. تنهنڪري فنا ٿيندڙ شين جو هڪٻئي سان لاڳاپو رهي ٿو ۽ غيرفاني شين جو پاڻ ۾ واسطو رهندو آهي. جيئن روح (طالب)، مطلوب (جتان روح اصل آيو هو) ۽ غيرفاني جهان، اهي ٽيئي ابدي آهن: يعني انهن کي بقا آهي، باقي جسم، جو فاني آهي ۽ هيءَ دنيا ۽ ان جا وسيلا اهي سڀئي فنا ٿيندڙ شيون آهن، انهن سڀني ڳالهين جي اپٽار شاهه صاحب ڏنل بيت ۾ڪئي آهي.
گهڙو ڀڳو، منڌ مئي وسيلا ويا،
تهان پوءِ سئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا.
هن جي لفظي معنيٰ ٿيندي ته گهڙو ڀڄي پيو، ڇاڪاڻ ته ڪچو هو، جنهن جي ڪري پاڻيءَ لڳڻ سان پُسي، ڀُري ڀڄي پيو ۽ جيڪي به دنيا جا وسيلا هئا، جهڙوڪ: ڪچو گهڙو، هٿ پير هڻن جي اٽڪل ۽ سهڻيءَ جي همت ۽ بي ڊپائي سڀ ختم ٿي ويا، ۽ ازل، يعني سهڻي مري ويئي (زال ضعيف ٿيندي آهي، تنهنڪري ڪمزوري جو نشان ليکي ويندي آهي ۽ ضعيفي محبوب کان پري رکندڙ شيءِ آهي) تنهن کان پوءِ هن ميهار جا سڏ ٻڌا، يا هن جي ڪنن تي ميهار جا پڙلاءَ پهتا. هاڻي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته انهيءَ لفظي معنيٰ، مطلب ته ظاهر ڪو نه ڪيو، اٽلندو مونجهارو پيدا ڪري ڇڏيو. مرڻ کان پوءِ سڏ ڪيئن ٻڌائين! يا اهي سڏ ڇا هئا؟
اهو سڄو بيت تصوف جي رمز ۾ چيل آهي، تنهن ڪري ان کي تصوف جي لفظن ۾ ئي سمجهڻ گهرجي ته سمجهه ۾ اچي سگهي. مٿي جيڪي به نڪتا بيان ڪري آيا آهيون، تن کي هتي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي.
شاهه ڀٽائيءَ رحه جي هيءَ خصوصيت آهي ته هو هميشه تمثيلات کان ڪم وٺندو آهي. هن بيت ۾ سهڻيءَ ۽ ميهار جو بيان آهي، وسيلن ۽ درياءَ ۾ غرق ٿيڻ جا اشارا آهن ۽ مرڻ ۽ مرڻ کان پوءِ سڏ ٻڌڻ جو ذڪر آهي.
سهڻي گهڙي تي پنهنجن هٿن پيرن هڻن سان، باوجود اونداهيءَ ۽ آڌيءَ رات هجڻ جي، هڪ ڪمزور زال هوندي به، بنا ڊپ ڊاءَ جي درياهه جي دهشت، لهرين جي زور ۽ تک، طوفان ۽ واءَ جي تيزي، دريائي خوفناڪ جانورن جي مقابلي ۾ همت ڪري ميهار کي گڏجڻ ويندي هئي. شاهه صاحب اهي سڀئي ڳالهيون آنديون آهن مگر تمثيل طور. سهڻي طالب آهي ته ميهار مطلوب، طالب پنهنجي مطلوب تائين پهچڻ ۾ دنيا جا حيلا وسيلا ٿو ڪتب آڻي، جهڙو سهڻيءَ جو وجود، گهڙو، سهڻيءَ جي هٿ پير هڻن جي اٽڪل، جيئن ترڻ ۽ ٻڏڻ مهل ڪيو آهي ۽ سهڻيءَ جي همت ۽ بي ڊپائي اهي سڀئي ظاهري دنيا جا اسباب هئا پر اهي سڀ ڳالهيون اصل ۾ روڪون هيون. حجاب هئا، جن حقيقت ۾ خدا سان ملڻ ۾ رنڊڪون پي وڌيون. جيئن شاهه صاحب خود سُر سهڻيءَ ۾ انهيءَ جي تشريح ڪئي آهي.
گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حجاب.
خدا تائين پهچڻ جو مفهوم ائين نه آهي جيئن عام ماڻهو سمجهن ٿا، ته هڪ ماڻهو ٻئي وٽ لنگهي وڃي. اِتي رستو لنگهي، مسافري ڪري، ڪنهن وٽ پهچڻ نه آهي، جيئن دلي جي آسري سهڻي ميهار وٽ پهچندي هئي. خدا جو قرب ۽ وصول الي الله، هڪ مڪان مان منتقل ٿي ٻئي ۾ وڃڻ سان حاصل نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جي صفت ئي آهي ”ليس کمثلھ شيءِ وهوَ السميع البصير“. مخلوق مان ڪو به ان جو مثل نٿو ٿي سگهي. الله تعاليٰ نه جسم آهي ۽ نه جسم جي ڪا صفت آهي، باوجود انهيءَ جي بنان ڪن ۽ اک جي تعلق جي ٻُڌي ۽ ڏسي ٿو، ساڳيءَ طرح قرب ۽ وصول ۾ به جسم ۽ مڪان جي تعلق کان سواءِ موصوف آهي، تنهنڪري مجازا جيتوڻيڪ مطلوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهي وسيلا نظر ٿي آيا پر حقيقت ۾ اهي حجاب هئا.
اهل طريقت ۽ اهلِ تصوف جو دستور آهي ته الله تعاليٰ جي قرب حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا ۽ دنيا جي شين کي پنهنجو مقصد نه بڻائيندا آهن، بلڪه اهي ماڻهو جيڪي ائين ڪندا آهن، سي الله تعاليٰ کان پري ٿي پوندا آهن، تنهنڪري جيڪڏهن الله تعاليٰ جي حضوري ۽ قرب گهرجي ته ٻن ڳالهين جي گهرج آهي. هڪڙو نفساني جذبات، حيواني رجحانات ۽ جاهلي تصورات تي قابو پائي، انهن کان شريعت جي مطابق ڪم وٺڻ، ٻيو مصيبتن ۽ تڪليفن کي براشت ڪرڻ ۽ خدا جي رضا جي طلب کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بنائڻ. انسان جڏهن الله تعاليٰ تائين پهچي ٿو ته الله تعاليٰ پنهنجي توفيق سان ان کي نزديڪي عطا فرمائي ٿو، جنهن کي تصوف ۾ وصول الي الله ٿو چئجي. اهو تڏهن ٿو ٿئي، جڏهن انسان مخلوقات جي ٻنڌڻ ۽ لاڳاپي کان آجو ٿو ٿئي. انهيءَ حالت جو نالو فنا آهي، تنهنڪري وصول ۽ فنا جي ساڳي معنيٰ ٿي ۽ واصل انهيءَ کي چئبو آهي جو فاني آهي ۽ ساڳي معنيٰ قرب جي به آهي. حضرت غوث اعظم جي تعليم آهي ته جڏهن بندو مخلوق کان، خواهشن کان، نفس کان، ارادي کان، دنيا ۽ آخرت ۽ آرزوئن کان فنا ٿي پوي ٿو ۽ الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي نٿو گهري ۽ سڀ شيون هن جي دل مان نڪريو ٿيون وڃن ته هو خدا سان واصل ٿيو پوي. انهيءَ روشنيءَ ۾ شاهه صاحب جي بيت کي ڏسو ”گهڙو ڀڳو، منڌ مئي، وسيلا ويا.“ يعني سڀ ڪجهه فنا ٿي ويو، پوءِ اڳتي ڇا ٿو ٿئي؟ حديث قدسيءَ ۾ چيل آهي ته ”منهنجو مومن بندو منهنجو قرب ٿو گهري ته آءٌ هن کي پنهنجو دوست ٿو ڪريان ۽ هن جو ڪَن ٿيو پوان جنهن سان هو سڻي ٿو ۽ هن جي اک ٿيو پوان جنهن سان هو ڏسي ٿو، هن جو هٿ ٿيو پوان جنهن سان هو جهلي ٿو ۽ پير جنهن سان هو هلي ٿو.“ انهيءَ روشنيءَ ۾ شاهه صاحب جي ٻيءَ سٽ کي جاچيو: ”تهان پوءِ سُئا سهڻيءَ سڏ ميهار جا“ يعني جڏهن حجاب جا پردا يعني دنيا جا ظاهري اسباب ٽٽي پيا، يا فنا ٿي ويا تڏهن طالب ۽ مطلوب هڪ ٿي پيا ۽ طالب کي مطلوب جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا.
من تو شدم تو من شدي، من تن شدم تو جان شدي،
تاکڪس نه گويد بعد ازين، من ديگرم تو ديگري.
فنا ٿيڻ کان پوءِ واصل بالله ٿيڻ جي مسئلي کي، شاهه صاحب جا بجا پنهنجن سرن ۾ ظاهر ڪيو آهي.
مري جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال،
هيڪر هئڻ ڇڏ، ته اوڏي ٿئين عجيب کي.
پاڻ وڃايم پانهنجو، پئي پريان جي پاس.
مُنڌ مرڻان پوءِ، پهچندي پنهونءَ کي.
رهي نالو سائينءَ جو، کل من ليها فان ويبقيٰ وجھ ربک ذوالجلال والاکرام.