لطيفيات

شاهه جو فڪر ۽ فلسفو

ڪتاب ”شاهه لطيف جو فڪر ۽ فلسفو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه عبد اللطيف ڀٽائيءَ جي مختلف سُرن ۾ سمايل فڪر ۽ فلسفو - فرد ۽ سماج لاءِ سندس اخلاقي ۽ سڌارڪ تعليم جا چونڊ مضمون شامل آهن جنهن جو سهيڙيندڙ فضل الرحمٰن ميمڻ صاحب آهي.
Title Cover of book شاهه جو فڪر ۽ فلسفو

شاهه جي نظر ۾ انسان جو تصور : ڊاڪٽر علامه عمر بن محمد دائود پوٽو

ڪائنات جا اسرار بي انتها آهن ۽ جيتري انهن جي ڦولهه ڪبي، اوتري قدر مونجهاري ۾ پئبو، جنهن ڪري ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:
”اونهي تنهن عميق جي، واري ڇڏ وماس.“
انهيءَ ڪائنات کي صوفين پنهنجي اصطلاح ۾ ”عالم اڪبر“ ڪري سڏيو آهي، ۽ انسان، جو ڪائنات جو جزو آهي، تنهن کي ”عالم اصغر“ ڪري چيو اٿن، جيڪي به ڪائنات ۾ موجود آهن، تنهن جو اختصار انسان ۾ موجود آهي. تنهن ڪري انسان سڀني ممڪنات (ممڪن يا ٿيندڙ شين) جو مجموعو ۽ مصدر آهي. انهيءَ حالات ۾ انسان جي وجود جا اسرار به لامتناهي ۽ غير محدود آهن، جيئن شاهه صاحب فرمايو آهي ته:

نڪا ابتدا عبدجي، نڪا انتها،
جن سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا.

انهيءَ ڪري صوفين وٽ مشهور حديث آهي ته ”من عرف نفسھ فقد عرف ربھ“ (جنهن پاڻ کي سڃاتو، تنهن پنهنجي رب کي ڃاتو).
باوجود انهيءَ رتبي جي انسان ٻن متضاد (مخالف) طاقتن جي وچ ۾ آهي. منجهس ملڪوتي طاقتون به آهن ته بيهمي (يعني مِرُن جون) طاقتون به. جيڪڏهن بيهمي طاقتون زور پئجي ويون ته انسان پسونءَ جي درجي کان به هيٺ ڪري پوندو. پر جيڪڏهن ملڪوتي قوتون قابض ٿيون ته مَلڪن جي درجي کان به مٿي چڙهي ويندو. جيئن فارسي واري چيو آهي ته:

آدمي زاده طرفھ معجونيست،
از فرشتھ سرشتھ و از حيوان،
گر کند ميل اين شود بھ ازين،
ور کند ميل آن شود بھ ازان.

تنهن ڪري انهن متضاد طاقتن جي وچ ۾ هميسھ جنگ جاري آهي. جنهن پنهنجي نفس کي ماري مات ڪيو، تنهن گويا وجود جو ورق ورايو، ۽ پاڻ کي الاهي حضور جي لائق ثابت ڪيو. اهڙو ماڻهو روحاني ترقي ڪندي ڪندي، آخر اهڙيءَ حد کي پهچي ٿو، جتي ان کي ڪامل انسان چئجي. صوفين جي نظر ۾ ڪامل انسان فقط رسول الله ﷺ ئي آهي، جو پننجي ڪمال ۽ قرب سبب اهڙيءَ حد تي پهتل آهي. جو نڪي عاشق آهي نڪي معشوق، ۽ نڪي خالق نڪي مخلوق، انهيءَ باري ۾ شاهه لطيف فرمائي ٿو:

عاشق چؤ مَ ان کي، مَ ڪي چؤ معشوق،
خالق چو مَ خام تون، مَ ڪي چو مخلوق،
سلج تنهن سلوڪ، جو ناقصيائي نڱيو.

اهڙي حبيبي حقيقت، جنهن کي صوفي ”حقيقت محمدي“ ڪري چوندا آهن، خواجھ محمد زمان لنواري واري هن طرح بيان ڪئي آهي.

عجب جهڙي آهه، حقيقت حبيب جي،
نڪين چئبو سو ڌڻي، نڪين مخلوقا،
شفق جي ساڃاءِ، جامع ليل و نهار کي.

گرهوڙي صاحب وري ان جو وستار هن طرح ڪيو آهي.

وصف جنهن ورنهه جي، مٿو مور نه آهه،
سسئي، سهڻي مون پرين، مارئي محبوبا،
پاڙي مون پرينءَ جي، مجنون مشتاقا،
حقيقت حبيب جي، عجب جهڙي آهه،
جامع ليل و نهار کي، شفق جي ساڃاءِ،
آگو چؤ مَ ان کي، نڪي مخلوقا.

اهو سالڪ، جو انهيءَ منزل کي رسي ٿو، تنهن گويا توڙ ڪيو ۽ اهو آهي انسان جي ڪمال جو شان، جو بشري عارضن جي فنائيت بعد نصيب ٿئي ٿو. جيئن شاهه فرمائي ٿو.

نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو،
مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي،
ڪبي اُتِ ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.

اهڙي قسم جو قرب ۽ اتصال، عبد ۽ معبود جي وچ ۾ راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي قصي ۾ نمايان آهي. ان ۾ هڪ وڏي تمثيل رکيل آهي. جنهن جي اپٽار انهن بزرگن ڪئي آهي. جي اسلامي تصوف جي اسرارن کان واقف آهن. جيڪي طالب آهن، سي انهن جي روحاني وارثن وٽان يا سندن ڪتابن مان پروڙين، اها تمثيل شاهه جي هيٺين ٻن بيتن مان ايتري قدر عيان آهي، جو وڌيڪ بيان جي ضرورت نه اٿس، ڪي رند اهو راز پروڙين.
1
نرتي تند نياز سين، ٻرائي بيجل،
راجا رتولن ۾، اونائي امل،
راز ڪيائين راءَ سين، ڪنهن موچاريءَ مهل،
انا احمد ”بلاميم“ چئي، سين هنئي سائل،
ڪنهن ڪنهن پيئي ڪل، ته هر دوئي هيڪ ٿيا.

ڪنهين ڪنهين ماڙهئين، پيئي ڪل ڪائي،
”الانسان سري و اناسره“ ورتي ايءَ وائي،
راجا راڳائي، هردوئي هيڪ ٿيا.
اهڙي اعليٰ درجي حاصل ڪرڻ لاءِ دائمي جدوجهد جڳائي، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ گهرجي. جيڪڏهن ويسلائي ٿي ته مقصود هٿان هليو ويندو.
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
--
واقف نه وڻڪار جي، اڳ نه ڏيهه ڏٺوم،
ڏونگر ڏوراپن سين، ڪاتيءَ ري ڪٺوم،
جيلاه محب مُٺومِ، تي ڇُلون ڪريان ڇپرين.
--
هتان کڻي هُتِ، جن رکيو سي رسيون،
ساڄن سونهن سُرت، وِکان ئي ويجهو گهڻو.