شاهه جي ڪلام ۾ توحيد ۽ رسالت جي اُپٽار : مخدوم امير احمد
شاهه ڀٽائي رحه جي ڏينهن ۾ سنڌ جي بعينه اها حالت هئي جيڪا ٻنهي جهانن جي سردار، محبوب مدني، محمد رسول اللهﷺ جي ڏينهن ۾ عرب ملڪ جي هئي. اهيئي غير يقيني حالتون، اها ئي بدامني، اهو ئي ظلم، زوري ۽ زبردستي، اهائي خانه جنگي وغيره. يقينا ڀٽائي صاحب انهن حالتن کان متاثر ٿيو هوندو، ۽ سندن روشن ذهن ۽ فڪر رسا حقيقت کي پروڙي ورتو ته هنن حالتن کي به اهو ئي ڪيميا جو نسخو اثر ڪري سگهندو، جنهن آنحضرت ﷺ جي زماني ۾ عرب قوم جي ذريعي ساري دنيا جي ڪايا پلٽي ڇڏي هئي. اهو ڪيميا جو نسخو آهي ”قرآن حڪيم“ پر وري هي مشڪل سامهون آيو ته .زبان يا من ترڪي ومن ترڪي نمي دانم“ يعني قرآن حڪيم جي زبان عربي ۽ سنڌي عوام عربي زبان کان غير واقف. انهيءَ مشڪل کي حل ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب وري مولانا جلال الدين رومي رحه جي رهنمائي قبول ڪري ”خوشتر آن باشد که سر دلبران، گفته آيد در حديث، ديگران“ واري زرين اصول تي عمل ڪري ڏنو ۽ قرآن پاڪ جو پيغام سنڌ جي عام طور مشهور قصن ڪهاڻين، جهڙوڪ سسئي پنهون، سهڻي ميهار، ليلا چنيسر، نوري ڄام تماچيءَ وغيره جي لباس ۾ قرآن پاڪ جو پيغام پهچائڻ شروع ڪري ڏنو. ان سان گڏ ٻڌندڙن کي به خبردار ڪيائين ته ”بيت م ڀانئيو ماڻهئا، اهي آيتون آهين.“ نتيجو توهان اسان سڀني جي سامهون آهي. هڪ مولوي صاحب ڪيڏو به آتش بيان يا شيرين زبان ڇو نه هجي، پر سندس واعظ يا نصيحت ماڻهو هڪ ڪن کان ٻڌي. ٻئي ڪن کان ڪڍي ڦٽي ڪن ٿا. پر شاهه صاحب جي ڪلام کي هر هڪ سنڌي، پڙهيل توڙي جاهل، شهري يا ديهاتي، جديد تهذيب جو دلدادو هجي يا قديم تهذيب جو علمبردار، مسلمان هجي يا غير مسلم، پنهنجي دل جي گهراين ۾ جاءِ ڏئي ٿو. شاهه جي بيتن جا سوين مصرع ضرب المثل بڻجي چڪا آهن ۽ سنڌ جي ٻار ٻار جي زبان تي آهن.
هن مختصر تمهيد کان پوءِ اسان پنهنجي اصل مقصد تي اچون ٿا. مون خدا جي فضل سان شاهه جو رسالو اول کان آخر تائين نه فقط پڙهيو آهي، پر غور سان پڙهيو ۽ انهيءَ جو اردو ترجمو پڻ ڪيو آهي، تنهن ڪري اعليٰ وجھ البصير يعني پوري غور و خوض کان پوءِ هن راءِ تي پهتو آهيان ته شاهه صاحب جي رسالي جو پهريون سر ڪلياڻ، رسالي ۾ متن جي حيثيت رکي ٿو ۽ باقي سڄو رسالو سندس تشريح ۽ توضيح آهي. هن سُر ۾ شاهه صاحب اسلام جي نهايت اهم ۽ بنيادي قدرن، توحيد ۽ رسالت جي اپٽار ڪئي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ڪلمي پاڪ لاالھ الا الله محمد الرسول الله جي وضاحت ۽ تشريح آهي. اسلام ۾ ڪلمي طيب کي اولين اهميت حاصل آهي. هيءُ ڪلمو اسلام جو منشور يا ميني فيسٽو آهي. هن ڪلمي جي ڄاڻ سان انسان ڪفر جي برادريءَ مان نڪري اسلام جي برادريءَ ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. هن ڪلمي ادا ڪرڻ سان هڪ غلط ڪار انسان جون سڀ غلطيون ۽ خطائون ميسارجي وڃن ٿيون ۽ سندس نالو خدائي جماعت . حزب الله“ ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. کيس قرآن ڪريم جي اها خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي ته ”الا ان حزبُ الله هُمُ الغالبون ۽ هُمُ المفلحون“ يعني ڪن ڏئي ٻڌو ته ”الله جي جماعت جا ماڻهو ئي غالب آهن ۽ اهيئي ڪامياب آهن.“ کيس اها به دلداري ڏني وڃي ٿي ته ”ولا تهنو ولاتحزنوا و انتم الاعلون ان ڪنتم مومنين“، يعني اوهين نڪي سست ٿيو نڪي غمگين، توهين سربلند آهيو، بشرطيڪه توهان ايمان تي قائم هوندا.“
اسلام جي سڀني قدرن جهڙوڪ صدق، توڪل، رضا، صبر، تحمل، عزت النفس وغيره جو اصلي سرچشمو اهو ئي ڪلمو پاڪ آهي. ڪلمي پاڪ جي انڪار کي اسلامي شريعت ۾ شرڪ چئبو آهي ۽ شرڪ اسلامي قانون موجب وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي. جيئن ته قرآن ڪريم ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو: ”اِن الله لا يغفر اَن يشرُڪُ بھ ويغفرُ مادون، ذالڪ لِمَن يشاءُ“ انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته الله شرڪ جو ڏوهه نه بخشيندو، باقي انهيءَ کان سواءِ ٻيا ڏوهه، جنهن کي گهرندو تنهن کي بخشيندو. شاهه صاحب اسلام جي سڀ کان اهم قدر توحيد جي اپٽار اجهو هنن لفظن ۾ ٿو فرمائي:
اول الله عليم اعليٰ، عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهي قديم،
والي واحد وحده، رازق رب رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون.
هي شاهه صاحب جي رسالي جو پهريون بيت آهي. جيڪڏهن رسالي کي غور سان پڙهبو ته ڀٽائي صاحب توحيد جي مختلف پهلوئن تي پنهنجي مخصوص انداز ۾ جابجا روشني وجهندو رهيو آهي. شاهه صاحب ٻڌائي ٿو ته اسان جو پروردگار جنهن تي اسان ايمان آڻي. سندس ٻانهپ جو اقرار ڪيو آهي، سو نهايت رحيم ۽ ٻاجهارو آهي، سندس ٻاجهه ۽ مهربانيءَ جي ڪا حد ڪانهي:
1- الله جيئن نالوءِ، تيئن مون وڏو آسرو،
خالق تنهنجي کاند جو، پرو پاند نه ڪوءِ،
نالو رب سندوءِ، رهيو آهم روح ۾.
2- جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان،
ريءَ ٿنڀين ريءَ ٿوڻئين، تون ڇپر تون ڇانءِ،
ڪڄاڙو ڪهانءِ، توکي معلوم سڀ ڪا،
3- ڏمرجي ته به ڏي، پرچي ته پاٽ ڀري،
جُنگ جکري کي، ٻئي چڱايون چت ۾!
پر ساڳئي وقت شاهه صاحب خبردار به ڪري ٿو ته متان پنهنجي پروردگار جي رحم ۽ ڪرم کي ڏسي مغرور ٿيو آهين، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف جيڪڏهن سندس نالو رحمان ۽ رحيم آهي ته ٻئي طرف وري قهار ۽ جبار به آهي. متان هن درٻار ۾ گستاخي ڪري هميشه لاءِ ڌڪجي وڃين. هن در تي هميشه نياز ۽ نوڙت قبول پوندا آهن. گيرب ۽ گاءَ جي هتي ڪا به گنجائش نه آهي:
1- مڻيون وجهان مچ ۾، هائيءَ هڻي هار،
صبح سک سيد چئي، ڪرئين ڪوهه قرار،
راجا ريساڻو گهڻو، سٽاڻو سردار،
چوڏس چنيسر ڄام جو، ڏيهان ڏيهه ڏهڪار،
ٺاڪر اکئين ٺار، مڻئين تي ٿي مَٽيئي؟
2- ڏهاڳان سهاڳڻيون، ڪهڙي ڏوهه ڪنبن؟
جيئن جيئن پاڻ پسن، ور وڏوڻو ايهين.
3- ليلا جم لکائيين، چئي چنيسر ساڻ،
ورسين وڙهيو اٿئين، موڙهي مٺئي پاڻ،
ڀوري ڪيئي ڀاڻ، آيئي ڏَنءُ ڏهاڳ جو.
هن حالت ۾ شاهه صاحب قرآن پاڪ جي ارشاد ”لايئيسن من روح الله الالقوم الڪافرون (الله جي رحمت کان فقط ڪافر ئي آسرو لاهي ويهندا آهن) تي عمل ڪندي هدايت ٿو فرمائي ته توکان ڪنهن خطا سبب تنهنجو ڪانڌ يعني رب پاڪ رسي ويو آهي ته متان آسرو لاٿو اٿئي. نياز ۽ بيڪسيءَ جو سهارو وٺي حيلا بهانا ڇڏي، ڪانڌ جي آڏو ليلائڻ شروع ڪر ته پرين توسان پرچي پوندو.
1- ليلا حيلا ڇڏ، جي تون سوڀي سکئين،
پائي پاند ڳچيءَ ۾، پاڻ غريبيءَ گڏ،
هڏ نه چوندءِ لڏ، جي ڪارون آڻيين ڪانڌ کي.
2- جي ڪارون آڻيين ڪانڌ کي، ته روئي ريجهائيج،
ليلا ليلائيج، اٿئي ماڳ منٿ جو.
3- جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج،
آسر مَ لاهيج، سڄڻ سٻاجها گهڻا.
شاهه صاحب ذات پات جي ڦير ڦند جي سختيءَ سان ترديد ڪري ٿو، ۽ ٻڌائي ٿو ته ٻاجهاري مالڪ وٽ رڳو اچڻ وارن جو قدر آهي. هتي ڏات ذات تي نه ملندي آهي، بلڪه جيڪو هن در تي حاضري ڏيندو آهي، اهو لاڳ لهندو.
1- نئون نياپو آيو، راڻي مُلا رات،
لڌي سون لطيف چئي، ڪنا ڏاتر ڏات،
ڪا نه پڇيائون ذات، جي آيا سي اگهيا،
2- ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي،
آريون اٻوجهن جون، سيپڙ ڄام سهي،
جو راءِ وٽ رات رهي،
تنهه جُکي، جان ڪيتان نه ٿئي.
شاهه صاحب اهو ٻڌايو آهي ته توحيد جو عقيدو انسان جي فطرت جي تقاضا آهي، پنهنجي پروردگار کي. جوئي انسان جو حقيقي محبوب ۽ مطلوب آهي. تنهن کي ڳولي لهڻ لاءِ انساني فطرت هميشه بيقرار رهندي آهي. فرمائي ٿو:
1- نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪو لڱ لحم،
بنيو هو نه بت ۾، اڃان ڪي آدم،
مون توهين سين سڱ، اها ساڃاهه سپرين،
2- ”الست بربڪم“ جڏهن ڪن پيوم،
”قالوا بليٰ“ قلب سين، تڏهن تت چيوم،
تهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سان.
3- سنهيءَ سئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساهه،
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاهه،
پکن منجهه پساهه، قالب آهيم ڪوٽ ۾.
انهن ۽ انهيءَ قسم جي ٻين بيتن ۾ شاهه صاحب قرآن پاڪ جي انهيءَ آيت ”و اذا خذر بڪ من بني آدم من ظهورهم ذريتهم واشهد هم عليٰ انفسهم الست برحڪم قالو ابليٰ شهدنا ان تقولوا يوم القيمھ انا ڪنا عن هذ غافلين“ جو پيغام پهچائي رهيو آهي.
هن سلسلي ۾ شاهه صاحب اهو به ظاهر ڪيو آهي ته انسان ڪو فطري گنهگار ناهي بلڪه فطرتا معصوم ۽ گناهن کان پاڪ آهي. مومن دنيا جي گندي ماحول ۾ اچي پنهنجي اصليت وساري ڇڏي ٿو. انسان کي گهرجي ته هو هر حالت ۾ پنهنجي اصل حالت نه وساري ۽ گندي ماحول م به دامن گناهن کان پاڪ رکندو اچي، متان پنهنجي حقيقي محبوب ۽ مالڪ اڳيان کيس شرمندو ٿيڻو پوي. ارشاد ٿئي ٿو:
1- سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،
وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهه حسن ريءَ.
2- سونهن وڃايم سومرا، هتي اچي هاڻ،
ڪيئن لهنديم ڪاڻ، حسن مون هت ويو.
اهڙيءَ طرح شاهه صاحب رب پاڪ جي هڪ هڪ ڳڻ جي پنهنجي رسالي ۾ اپٽار ڪئي آهي. اسين طوالت جي خوف کان ”مشتي نمونه خروار“ (يعني خرار جي جنس ڏسڻ لاءِ هڪ لپ ڪافي آهي) تي اڪتفا ڪريون ٿا. وڌيڪ لاءِ شاهه جي رسالي جو مطالعو ضروري آهي.
ڪلمي پاڪ جي ٻئي جزي يعني محمد رسول اللهﷺ بابت به شاهه صاحب پنهنجي رسالي ۾ گهڻوئي ڪجهه فرمايو آهي. مثلا:
1- جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهين جوڙيائين،
خاوند خاص خلقي، محمد مڪائين،
”انا مولاڪ وانت محبوبي“ ائين اتائين،
ڏِکي ڏنائين، ٻئي سرائون سيد کي.
2- جکري جهڙو جوان، ڏسان ڪو نه ڏيهن ۾،
مهڙ مڙئي مرسلين، سرس سندس شان،
”فڪان قاب قوسين او ادنيٰ“ ميسر ٿيس مڪان،
اي آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙو.
3- جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي مير،
جيان ٿي جڙيو جکرو، تئان نه پڙيا پير،
مٽي هن خمير، اصل هئي ايتري.
هن بيت جي پوئين سٽ قابل ذڪر آهي. شاهه صاحب رسول ڪريمﷺ جي تعريف جو درياءُ ڪوزي ۾ بند ڪري چيو آهي. افسوس جو مضمون جي تنگي تفصيل جي اجازت نٿي ڏئي نه ته ڏيکاريون ها ته شاهه صاحب هن هڪ سٽ ۾ فصاحت، بلاغت ۽ شاعريءَ جو ڪيڏو نه ڪمال ڏيکاريو آهي. اها ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا ڪيئي بيت شاهه صاحب کي ٻين شاعرن کان ممتاز ڪن ٿا.
آنحضرت صلي الله عليه وسلم جن جي تعريف ۾ شاهه صاحب جو هيٺيون هڪ بيت ئي ٻين شاعرن جي دفترن کان زياده وزني آهي:
برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو،
ڇوريون ڇرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،
اچي لاٿو لوڪ تان، هاڙهي ڌڻي هور،
آرياڻي اتور، جنهن ڏکيون ڏک وهاريون.
ڄاڻڻ وارا ڄاڻن ٿا ته هي بيت قرآن شريف جي حضور پاڪ جي باري ۾ ڪيل وصف جو نهايت حسين تفسير آهي.
شاهه صاحب جي نظر ۾ فقط زبان سان ڪلمو پاڪ پڙهڻ ڪافي نه آهي بلڪه ”اقرار باالسان“ يا زباني اقرار سان ”تصديق بالقلب“ يا دل سان مڃڻ به لازمي آهي، بلڪه دراصل اصلي شيءِ تصديق قلبي آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو زبان سان ڪلمو شريف پڙهي ٿو پر سندس دل مطمئن ناهي ۽ دل، دغا ۽ فريب سان ڀرپور آهي ته انهيءَ کي ڪلمو پڙهڻ مان ڪو به فائدو ناهي.
1- ان پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائيين،
دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،
منهن م مسلمان، اندر ۾ آذر آهيين،
2- منهن ته موسيٰ جهڙو، اندر م ابليس،
اهڙو خام خبيث، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏيين؟
ڪلمي پاڪ يعني توحيد ۽ رسالت جي اقرار جون ڪهڙيون تقاضائون آهن ۽ هڪ مسلمان تي ڪهڙا فرض عائد ٿين ٿا، شاهه صاحب انهيءَ کان به ٻڌندڙن کي آگاهه ٿو ڪري، پهرين ڳالهه ته ڪلمي گو مسلمان کي ڪڏهن به پنهنجو سر غير خدا وٽ نائڻو ناهي.
ارشاد آهي:
وحده ”لاشريڪ لھ“ جان ٿو چئين ايئن،
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن،
سو تون وڃيو ڪيئن، نائيين ڪنڌ ٻين کي.
ٻي ڳالهه ته ڪلمي پڙهندڙ کي الله۽ رسول جي هر فرمان کي اکين تي رکي ان تي عمل ڪرڻو آهي:
وحده ”لاشريڪ لھ“، چئي چوندو آءٌ،
فرض واجب سنتون، تنئون ترڪ م پاءِ،
توبھ سندي تسبيح، پڙهڻ ساڻ پڄاءِ.
نڱا پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راهه سونهاءِ،
پريان سندي ڳالهڙي، هيءَ هيين سين لاءِ،
ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.
هن ۾ هن آيت ڏي اشارو آهي ته ”ان الذين آمنو وعملو الصلالحات ڪانت لهم جنت الفردوس نزلا فيها“ جنهن مان ظاهر آهي ته ايمان سان گڏ عمل صالح به ضروري آهي.
رسول پاڪ جي اصحابي حضرت وهب بن حنبه کان ڪنهن ماڻهوءَ سوال ڪيو ته جڏهن پاڻ سونهارن جو ارشاد آهي ته ”لا الھ الا الله جنت جي ڪنجي آهي ته پوءِ عملن جي ڪهڙي ضرورت؟“ اصحابي سڳوري وراڻيو ته ”ميان! جيڪڏهن ڪنجيءَ کي ڏندا هوندائي ڪو نه ته اها ڪلف ڪيئن لاهيندي؟ ائين سمجهه ته ڪلمو شريف جنت جي ڪنجي آهي ۽ عمل صالح انهيءَ ڪنجيءَ جا ڏندا آهن.“
شاهه صاحب تاڪيد ٿو فرمائي ته هيءَ دنيا دارالعمل آهي. جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي اهو اتيئي ڪرڻو آهي نه ته سڀاڻي يعني قيامت ڏينهن سواءِ پشيماني ٻيو ڪجهه به نه ورندو.
1- هيءَ هَڏِ وهاڻي تون، ڪڙهه ڪالهوڻي ڏينهن کي،
اٿي اور ارٽ سين، ويهه م ويڳاڻي،
ته صراف سڀاڻي، موٽائي هڻئي نه منهن ۾.
2- هيءَ هڏ وهاڻي، جان ڪتين تان ڪت،
ڪو پنهنجي عيد کي، ڀيري ڪج ڀرت،
متان روئين رت، سڀان وچ سرتئين.
3- ڪتڻ جي ڪا نه ڪرين، ستي ساهيين هڏ،
سڀان ايندءِ اوچتي، عيد اگهاڙن گڏ،
جت سرتيون ڪندئي سڏ، ات سڪندينءَ سينگار کي.
شاهه صاحب هيءَ به تنبيهه ٿو ڪري ته عمل صالح به تڏهن قبول پوندا جڏهن اهي اخلاص ۽ سچيءَ نيت سان ڪيا ويندا:
1- چاوت پائي چت ۾، سنهو ڪتيو جن،
تن جو صرافن، دڪو داخل نه ڪيو.
2- محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.
شاهه صاحب ڀٽائي رحه جو ڪلام هڪ اٿاهه سمنڊ آهي جنهن ۾ جيتريون ٽٻيون هڻبيون، اوترو ئي هيرن ۽ جواهرن سان دامن ڀربي رهندي. قصو مختصر ته شاهه صاحب وڇڙيل انسان کي ورائي وٿاڻ تي آڻن جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته حضرت انسان الله جو نائب ۽ نمائندو آهي. سندس مشن اها آهي ته خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ جيڪو رشتو آهي تنهن کي ڇڄڻ کان بچائي قائم رکجي، ائين نه ٿئي ته ٻانهو دنيا جي لذتن ۽ عشرتن ۾ محو ٿي پاند پسائي ويهي رهي ۽ پوءِ محبوب حقيقيءَ کي منهن ڏيکارڻ جهڙو به نه رهي. هن مقصد لاءِ شاهه صاحب توحيد ۽ رسالت جي پرچار کي وڏي ۾ وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ انهن کانسواءِ ٻيا جملي اسلامي اقدار انهيءَ جي چوڌاري ڦيرائيندو رهي ٿو.
آخر ۾ اسين پنهنجي هن مضمون کي شاهه صاحب جي هڪ سوال ۽ انهيءَ جي جواب تي ختم ڪريون ٿا، شاهه صاحب جو هڪ بيت آهي ته:
مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائيين.
انهيءَ تي شاهه صاحب سوال ڪري ٿو ته:
پيو جو پاتار، سو ڪيئن پسڻ کان پالهو رهي،
سالڪ مون سيکار، ڪو پهه انهيءَ پاند جو.
هن سوال جوجواب شاهه صاحب پاڻ ئي ڏئي ٿو ته:
ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ،
هِيون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ڄاڻ،
هوءِ ثابوتي ساڻ، ته پُسڻان پالهو رهين.