لطيفيات

شاهه جو فڪر ۽ فلسفو

ڪتاب ”شاهه لطيف جو فڪر ۽ فلسفو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه عبد اللطيف ڀٽائيءَ جي مختلف سُرن ۾ سمايل فڪر ۽ فلسفو - فرد ۽ سماج لاءِ سندس اخلاقي ۽ سڌارڪ تعليم جا چونڊ مضمون شامل آهن جنهن جو سهيڙيندڙ فضل الرحمٰن ميمڻ صاحب آهي.
Title Cover of book شاهه جو فڪر ۽ فلسفو

محسن انسانيت : رشيد احمد ”رشيد“ لاشاري

انساني اخلاق ڇا آهي؟ تنهن جي باري ۾ موجوده ائٽمي دور ۾ ڏينهون ڏينهن نوان نوان نظريا پيش ڪيا وڃن ٿا. مثلا ڪن جو چوڻ آهي ته اسين جنهن کي اخلاق سڏيون ٿا، سو اسان تي مڪمل نموني سان آسمان مان نازل ڪو نه ٿيو آهي، بلڪه انسان جي زندگي پنهنجن اونداهين ۾ هميشه سُڪون ۽ ڇوٽڪاري جا ذريعا تلاش ڪندي رهي ٿي. رد ۽ قبول جي هڪ لڳاتارعمل جي ذريعي، انساني اخلاق جو واڌارو ٿيو آهي ۽ دنيا جو ڪو به پيغمبر اخلاق جي باري ۾ آخري اکر نه چئي سگهيو آهي.
انهيءَ جديد نظريي ۾ ڪيتري قدر صداقت موجود آهي، تنهن جو فيصلو هر اهل دل ۽ اهل ايمان پاڻهي ئي ڪري سگهي ٿو. مون کي فقط هيءُ ثابت ڪرڻو آهي ته حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه پنهنجي ڪلام ۾ جنهن انساني اخلاق ۽ ڪردار جو ذڪر ڪيو آهي، سو انهيءَ جديد نظريي جي حمايت ڪري ٿو يا ماڳهين ڪنهن اهڙي عظيم شخصيت جي پيرويءَ لاءِ سڏي ٿو، جنهن کي سراپا اخلاق ۽ ”خلقُ عظيم“ يعني اخلاق جي انتها يا آخري اکر تسليم ڪيو ويو آهي.
”شاهه جي رسالي“ جي هڪ هڪ اکر منجهان صاف ظاهر آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، جناب سرور ڪائنات ﷺ جن جي اخلاق کي اخلاق جو ”آخري اکر“ ڪري سڏيو آهي. جديد نظرين جي مطابق انساني زندگي پنهنجن اونداهين ۾ بيشڪ سڪون ۽ ڇوٽڪاري جا ذريعا تالش ڪندي رهندي، پر ساڳئي ئي وقت جيستائين انساني اخلاق جي جامعيت ۽ آخري اکر هئڻ جو تعلق آهي، سو حضورﷺ جن جي سيرت مبارڪ کانسواءِ اوهان کي ٻئي هنڌ ڪٿي به نظر نه ايندو ۽ نه وري حضور جن کان پوءِ ڪنهن نئين اخلاق يا نئين پيغمبر جو ظهور ئي ممڪن نه آهي:

جکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيراءَ
جئائين گهڙيو جکرو، تئائين نه ٻيا
مِٽي تنهن ماڳا، اصل هئي ايتري.

جکري جي استعاري منجهان، متان ڪو هيءُ اعتراض اٿاريندو هجي ته حضرت شاهه صاحب جن پنهنجي انهيءَ بيت ۾ حضورﷺ جن جو نالو مبارڪ ته نه آندو آهي، بلڪه جادم جکري نالي هڪ سردار جي تعريف ڪئي اٿس ته ان جي جواب ۾ ساهه صاحب جن علي الاعلان وري هئين ٿا فرمائين ٿا ته:

جکرو جس کرو، ٻيا مريئي مَل،
سمي جي سهاڳ جي، ڪهين نه پوي ڪل،
مِٽي اُن مرسل، اصل هئي ايتري.

غور ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته سمو جکرو چئي حضرت شاهه صاحب ”مرسل“ جي لفظ سان بلڪل وضاحت ڪن ٿا ته هيءُ اهو مرسل آهي، جنهن جي اخلاق جي باري ۾ قرآن پاڪ ۾ خود الله تعاليٰ جي ذات جا اهي لفظ موجود آهن ته ”اِنڪَ لَعليٰ خلق عظيم“ يعني تحقيق تنهنجو اخلاق سڀني کان بلند ۽ مٿاهون آهي. اهڙيءَ طرح رب پاڪ جو هيءُ به ارشاد آهي ته ”لقد ڪانَ لکم في رسول الله اسوه حسنته“ ٠يعني سچ پچ توهان جي لاءِ الله جو رسول سُٺو نمونو آهي).
حاصل مطلب، رَبُ پاڪ جي ارشاد مطابق انساني اخلاق جي باري ۾، حضورﷺ جن جي ذات مبارڪ سڀني کان بهتر نمونو ۽ آخري اکر آهي، ۽ پاڻ سڳورن جي ”خلق عظيم“ کان پوءِ، قيامت تائين هِن دنيا ۾ انساني اخلاق جو ڪو به نئون نمونو يا نئون نظام هرگز پيدا ٿي نٿو سگهي. انهيءَ لاءِ شاهه صاحب جن فرمايو آهي ته:

”مٽي ان مرسل، اصل هئي ايتري.

شاهه صاحب جن جي اخلاقي تعليم موجب، انسان کي سڀ کان اڳ الله تعاليٰ جي ذات پاڪ کي سندس صفات سان گڏ مڃڻو آهي. مگر الله جي توحيد به اُن وقت تائين هرگز مڪمل نه آهي، جيستائين ”ما خلقات الا فلاک لولاڪ لما“ جي ارشاد مطابق، نرت ۽ نينهن وچان حضورﷺ جن کي ڪائنات جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ يا سبب تسليم نه ڪيو وڃي. نه رڳو ايترو. پر حضرت شاهه صاحب جن نهايت سختيءَ سان تنبيهه ٿا ڪن ته انساني اخلاق جي سلسلي ۾ جناب سرور ڪائنات ﷺ جن جي ”خلق عظيم“ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي هدايت هرگز قبول نه ڪرڻي آهي، ۽ حضرت محمدﷺ جي رب پاڪ جي دروازي کان سواءِ ٻئي ڪنهن به دروازي اڳيان هرگز نه جهڪڻو آهي:

وحده لاشريڪ لهو، جان ٿو چئين ايئن،
ته مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن،
تان تون وڃيو ڪيئن، نائين سِر ٻين کي؟

موجود، دنيا ۾ ڪي ماديت جا پوئلڳ، ڀل ته حضور ﷺ جن جي اخلاق کي حرف آخر تسليم نه ڪن ۽ انهن کي انسانيت جي هن محسن اعظم جي مقدس زندگيءَ ۾ ڀل ته هزارين اوڻايون نظر اچن، پر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه انهيءَ محبوب مدنيءَ جي شان جي خلاف هڪڙو اکر ٻڌڻ لاءِ به تيار نه آهي. بلڪه پاڻ علي الاعلان هيئن ٿو فرمائي ته:

جکرا! جيئن شال، تنهنجو ڪنين مَدو مَ سُڻان،
جئين تو اَچي ڪال، نالائق نوازيا.

حضرت شاهه صاحب جن جي تعليم موجب، انساني اخلاق جي باري ۾ اسين حضورﷺ جن جي اخلاق کي بلڪل مڪمل ۽ عالم انسانيت لاءِ حرف آخر سمجهون ٿا ۽ سمجهندا رهنداسين.

هوءَ جا گهوري گهوٽ جي، تنهن کي چَري چُونَ،
پرا تنين پون، ڏِٺو جن اکين سين.

شاهه جي رسالي ۾ اسان کي انساني اخلاق جو اهڙو ڪو به پهلو نظر نٿو اچي، جو حضور ﷺ جن جي اخلاق حميده ۾ موجود نه هجي ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ اسان کان اڳ ۾ حضور ﷺ جن جي وجود مبارڪ کي، سهڻي اخلاق سان سينگاريو. حضور جن جي تعليم ۽ تربيت قرآن پاڪ سان ڪئي ويئي ۽ سڄي دنيا جي تهذيب ۽ تاديب سندن وجودمبارڪ جي وسيلي ظهور ۾ آئي، ۽ پاڻ انساني اخلاق جو هڪ جامع ۽ مڪمل نمونو آهن. مگر انهيءَ انسانيت جي تڪميل، ماديت جي پيٽ ڀرائيءَ سان نه، پر روحاني غذائن جي لافاني لذتن سان ئي ٿي سگهي ٿي، ۽ اهو ئي انساني اخلاق جو سڀ کان پهريون اصول آهي، ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پڻ ماديت جي پيٽ ڀرائيءَ جي بدران، روحاني غذا حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي. فرمائين ٿا:

جيئن ٿا پُڇن اَن کي، تِئن جي پڇن الله
ته رڙهي لَڌائون راهه، لَٿينُ لکَ ”لطيف“ چئي.

شاهه صاحب جن جي اخلاقي تعليم، انساني زندگيءَ جو مقصد فقط ”روٽي لنگوٽي“ مقرر نٿي ڪري، پر اُن جي بدران روحاني غذا کي سڀ کان مقدم ٿي سمجهي:

جنهن سَناسي سانڍيو، گندي ۽ گِراههُ،
اُنينءَ کان الله، اڃا آڳاهون ٿيو.

شاهه صاحب جن جي اخلاقي تعليم مطابق، سَچو پَچو انسان فقط اهو ٿي سگهي ٿو، جيڪو ٿورو کائي، ٿورو هَنڍائي، ٿوري تي راضي رهي، پيٽ پٺيان لڳي، پنهنجي عزت۽ خودداري نه وِڃائي ۽ دنيا جون سڌون ڪڏهن به ساڻ نه کڻي. ڇاڪاڻ ته بُک ۽ بيروزگاري، دنيا جا هنگامي مسئلا ڪنهن به وقت ختم ٿي سگهن ٿا ۽ ضرور ٿيندا، پر سچا انسان اهي آهن جيڪي:

وِچين ويٺا رهن، سانجهي رهن سمهي،
پيٽ نه هيريائون پانهنجا، چوري ساڻ چپن،
بک مرندي، بکيا، ڪنهن کان ڪين گهرن،
ڦڪي فقيرن، ماڳيان پِني ماٺ جي.

انهن ڪامل ڪاپڙين جي باري ۾، حضرت شاهه صاحب جن هيئن به فرمايو آهي:

قوت ڪڙايا ڪاپڙي، بُک جَهليائون بوءِ،
ويا نيرانا نِڪري، جوڳي منجهان جوءِ،
اوسر آجا اوءِ، اُٿي گوندر گڏيا.

يعني، بک جو نعرو، خود پرستي يا پيٽ پوڄا ۾ شامل آهي ۽ انسان جيستائين انهيءَ پيٽ پوڄا کان بيزار ٿي، الله جي عشق ۾ بک ۽ اڃ جون خواهشون ترڪ نٿو ڪري، تيساتئين ان کي انسانيت جو معيار ڪڏهن به حاصل نٿو ٿئي، جنهن جي باري ۾ حضرت شاهه صاحب جن فرمائين ٿا ته:

پوڄا ڪَرمَ پاڻ کي، پل پوڄا کان پاڻ،
ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ، پُر تون پورب پار ڏي.

اهڙيءَ طرح حضرت شاهه صاحب جن جي ڪلام ۾ حضورﷺ جن جي اخلاق حميده جي پيش نظر هر هنڌ انسانيت جي معيار بلند ڪرڻ تي زور ڏنوويو آهي، ۽ اهي ڳالهيون جيڪي انسانيت کي ڇيهو رسائين ٿيون، تن کان پري رهڻ لاءِ نهايت سختيءَ سان منع فرمائي اٿن.
شاهه صاحب جو اخلاق، دولت کي هڪ هنڌ ڪَٺو ڪري، ظلم ۽ زبردستيءَ جي وسيلي انسان ذات جي محنت ۽ مزدوريءَ کي هضم ڪرڻ ۽ مظلوم طبقي جي مٿان ڏنڊي جي زور تي حڪومت هلائڻ جي سخت خلاف آهي ۽ پاڻ دنيا ۾ عَدل ۽ انصاف، مساوات ۽ انسانيت جي تنظيم جا قائل آهن، ۽ انهيءَ نظريي جي پيش نظر دنيادار ظالمن کي الله جي عدل ۽ انصاف جو خوف ڏياريندي، فرمائين ٿا:

واهڙ! ڀريون مَ پاءِ، تو پڻ ليکو ڏيڻو.
سدا ساوڻ ڏينهڙا، هيهم نه هونداءِ،
وِهاڻي وينداءِ، اوڀر اُتاهان لهي.

شاهه صاحب جن پنهنجي زماني م جڏهن ظلم ۽ زبردستيءَ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو ڏسن ٿا، ۽ کين ظالمن جي ظلم ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ نٿي اچي، ۽ ڪيترائي مظلوم پنهنجي اندر جون آهون ۽ دانهون پاڻ سان گڏ کڻي، هن ظلم جي وهڪري ۾ لڳاتار لڙهندا نظر اچن ٿا، تڏهن شاهه صاحب جي اندر مان به هڪ قسم جي آهه نڪري ٿي ۽ فرمائين ٿا:

واهڙ، وهين مَ شال! سُڪي ٻيلاٽيون ٿيين،
پسان تنهنجي پيٽ ۾، لاڻا، لوت، ليار،
جيئن تو سَڀ ڄمار، آسائتيون ٻوڙيون.

شاهه صاب جي اخلاقي تعليم، سراسر سچ تي مبني آهي ۽ پاڻ ”دوزغ مصلحت آميز به از راستي فتنه انگيز“ جا هرگز قائل نه آهن، بلڪه هر جھالت ۾ محبت جو ماڻڪ وڻجي، سَچ جو سودو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ عليٰ الا علان هيئن ٿا فرمائين.

ڪوڙ ڪماءِ مَ ڪَچ، اُٿي اورِ الله سين،
ڪَڍ تون دغا دل مان، صاحب وَڻي سچ،
محبت سندو من ۾، ماڻڪ ٻارج مَچ،
اين پر اٿي اچ، ته سودو ٿيئي سَڦرو.

شاهه صاحب جن جيتوڻيڪ هر انسان سان سچ ڳالهائڻ ۽ سچ جي سودي ڪرڻ جي تعليم ڏين ٿا، پر ساڳئي وقت ابليس صفت انسانن سان ”صلح ڪل“ جا قائل هرگز نه آهن ۽ اهڙن ماڻهن جي صحبت، ڏيتي ليتي ۽ دوستيءَ کان پڻ سختيءَ سان منع ڪن ٿا، جيڪي منهن ۾ مسلمان ۽ اندر ۾ ابليس آهن ۽ انهن وٽ سچ ۽ سچن ماڻهن جو ڪو به قدر ڪونهي:

جي نه سڃاڻن سچ کي، ويهه مَ تنين وٽ،
امُل کي اڌ ڪري، پاڻان هَڻندا پَٽ،
مهر تنين وٽ مٽ، جي پارکو پارس جا.
--
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏاڍو ٿئي،
سا مجلس ئي مَٽ، جا حاصل هوءِ هزار جي.

شاهه صاحب جن اهڙن انسان کان ايڏا ته متنفر ۽ بيزار آهن، جو فرمائين ٿا:

منهن ته آهيريانئي اُجرو، قلب ۾ ڪارو،
ٻهران زيب زبان سين، دل ۾ هَچارو،
ان پر ويچارو، ويجهو ناهه وِصال سين.

پاڻ Diplomacy يعني دورنگي ۽ دوبينائيءَ جي سخت مخالف آهن ۽ فقط مسلماني يعني اسلام جي صحيح ۽ سالم واٽ اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪن ٿا ۽ فرمائين ٿا:

تون ڪا ڪاني پاءِ، وَنين ۾ وصال جي،
دوبينائي دور ڪري، معرفت ملهاءِ،
سپيريان جي سونهن ۾، رُخنو ڪين رِهاءِ
اک اشهد چاءِ، ته ”مسلماني“ ماڻيين.

شاهه صاحب جن جنهن انسانيت جي تعليم ڏين ٿا، اها انسانيت، ڪنهن خاص نسل، خاص فرقي يا خاص نظريي وارن ماڻهن تائين محدود نه آهي، ۽ نه وري شاهه صاحب جن جو اخلاق اسان کي اهو ٿو سيکاري ته انهيءَ مظلوم کي هرگز مظلوم نه سمجهو، جيڪو توهان جن محدود ۽ مخصوص نظرين جو مخالف هجي، ۽ انهيءَ ظالم سرمايي دار انسان سان هر وقت نيڪي ڪريو، جيڪو توهان جي محدود ۽ مخصوص نظرين جو محافظ ۽ سرپرست آهي. بلڪه حضرت شاه صاحب جن جو اخلاق وڏي واڪي هيئن ٿو پُڪاري:

چڱن ساڻ چڱائيون، اِئين سڀڪو هوءِ،
تو جيئن ڪري نه ڪوءِ، بُڇن ساڻ ڀلائيون.

شاهه صاحب جن جي ذات تي رحمته اللعالمين جي اخلاق جو ايڏو ته اثر آهي، جو پاڻ عالمِ انسانيت ۾، هر حالت ۾ صلح ۽ امن جا قائل آهن ۽ ڪنهن سان به جنگ جهيڙو ڪرڻ نٿا چاهين. جيئن ته سندن ارشاد آهي:

اَڻ چوندن مَ چئو، چوندن چيو وسارِ،
اَٺئي پَهر اَدب سين، پر اِهائي پار،
پايو مُنهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار،
مُفتي مَنجهه وِهار، ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿيين!

يا وري سندن هيءَ فرمان ته:

هو چونئي تون مَ چئو، واتان ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي.

پر ساڳئي وقت سندن اِهو اخلاق مظلومن، بيڪسن ۽ الله تعاليٰ جي نيڪ بندن لاءِ ته بلڪل عام ۽ وسيع آهي تنهن هوندي به سندن اَمن پسند طبيعت اِهو ڪڏهن به گوارا نٿي ڪري ته ڪو ظالم ۽ سرمائي دار انسان پنهنجي دولت ۽ طاقت جي زور تي، دنيا جي نادار ۽ مظلوم انسانن تي ڀل ته پنهنجي ڏاڍ ۽ ڏَمر جو ڏنڊو وسائيندا رهن، پر انهن جي اڳيان ڪڏهن به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍجي ۽ کين ظلم ۽ زبردستيءَ جي عام اجازت ڏيئي ڇڏجي. بلڪه حضرت شاهه صاحب جن دنيا جي غريبن ۽ مظلومن کي ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿارين ٿا ۽ فرمائين ٿا:

بندر جان ڀَئي، ته سُکاڻيا مَ سمهو،
ڪَپر ٿو ڪُنِ ڪري، جئن ماٽي منجهه مَهي،
ايڏو سُور سَهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!

ساڳئي وقت پاڻ پنهنجن غريبن ۽ مظلومن کي وقت جي نزاڪت ۽ حالت مطابق، ظلم جي مقابلي ڪرڻ جي پڻ تلقين ڪن ٿا ۽ هيئن ٿا فرمائين :

ڪڏهن ٿِجي ٻَڪرو، ڪڏهن ٿِجي ڪات،
ڪڏهن پئجي ڪَن ٿي، ڪڏهن ٿجي وات.

شاهه صاحب جن جي اخلاقي تعليم موجب، اِنسان کي پنهنجي ذاتي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به اڳرائي نه ڪرڻي آهي، پر جڏهن ڪو ظالم سندس حق تلفي ڪري کيس هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي سازش سٽي ٿو، ته پوءِ اهڙيءَ حالت ۾ اُن مظلوم انسان کي ڪڏهن به خاموش نه رهڻو آهي. بلڪه ڪاريهر نانگ وانگر کيس اهڙو ڏنگ ٺڪاءُ ڪرڻو آهي، جو يا ته اُڦٽ مَري يا سَڄي عمر صحت لاءِ سڪي:

پهرين ڪاري نانگ جي، ڪو ڇِر ڪيل ڇيڙ ڪري،
جي هڻي ڏنگ ڏسائيو، ته ويجهو تان نه وَري،
جيڪي ٺپ مَري، جيڪي سڪي صحت کي.

انهيءَ غيرت ۾ خود داري واري جذبي ۾، هر مظلوم انسان برابر جو شريڪ آهي، ۽ ان ۾ ڪمزور ۽ طاقتور، سنهي ۽ ٿُلهي ۽ بيمار ۽ صحتمند جو ڪو به فرق ڪونهي:

سنهان ڀانءِ مَ سَپَ، وِياءَ واسينگن جا،
جنين جي جهڙپ، هاٿي هَنڌان ئي نه چُري.

مختصر ڳالهه ته شاهه صاحب جن جو سڄو رسالو اخلاقي تعليم سان ڀرپور آهي ۽ سندن ڪلام جو هر هڪ لفظ قرآن پاڪ جي تعليم جي عين مطابق ۽ جناب سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي ”خلق عظيم“ جو اُجريل آئينو آهي ۽ شاهه صاحب جو هيءُ بيت انهيءَ دعويٰ لاءِ هڪ مڪمل دليل آهي:

جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نِيومَن لائين، پِريان سندي پار ڏي!