سر سهڻيءَ جو روحاني راز : ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ خيرپوري
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نِئومن لائين، پريان سندي پار ڏي.
هو پنهنجي بيتن جي ذريعي اهي آيتون پيش ٿو ڪري، جيڪي حقيقي راهه ته وٺي ٿيون هلن ۽ هادي بڻجي محبوب حقيقيءَ سان ملائڻ جو ذريعو ٿيون بڻجن.
”سهڻيءَ“ مان مراد اهو سالڪ آهي، جيڪو هن دنيا جو دهشتناڪ درياهه ٽپي، پنهنجي حقيقي محبوب يعني مدني ميهار سان ملڻ ٿو چاهي. درياءَ جا خوفناڪ منظر اهي مصنوعي مذهب آهن، جيڪي هميشه خطرن جا طوفان کڙا ڪيو بيٺا آهن. ”ڏم“ ۽ ان جو خاندان نفساني خواهشون ۽ تعلقات جا طلسم آهن، انهن سڀني مصيبتن کي منهن ڏئي پار پوڻ لاءِ پڪي دلي يعني حقيقي رهبر جي ضرورت آهي. حقيقي رهبر خدا جو آخري ڪتاب آهي.
”ڪچي دلي“ مان مراد شريعت جا ڪوڙا شارح آهن، جيڪي پنهنجي قياس آرائيءَ سان هڪڙي دين جا ٽيهتر فرقا بڻائي ويٺا آهن ۽ ڦيڻ پسي کير وڃائي ويٺا آهن. شاهه صاحب خود شڪايت ڪئي آهي ته:
پڪا رڇ ڪنڀار جا، پڪي نهائين،
مون کي تئائين،ڀيلو ڀاڱي آئيو.
الله پاڪ ۽ ان جا سمورا نبي سڳورا سچا آهن، مگر ظاهر پرست عالمن پنهنجي راءِ سان تفسير لکي، دين حنيف ۾ ايڏي تحريف ڪري ڇڏي آهي، جو رسول پاڪ جا امتي هڪ نموني جي نماز به پڙهي نٿا سگهن. انهن ئي ڳالهين کان متاثر ٿي شاهه صاحب پنهنجي زماني جي رواج موجب ڪو به ظاهري ۽ رسمي مرشد قبول نه ڪيو ۽ اويسي رهي، فقط عشق جي اڳواڻيءَ هيٺ گمراهيءَ جي طوفانن مان تري، پار وڃي پهتو.
”مينهين“ مان مراد اهي سچا صحابي ۽ پڪا پوئلڳ آهن،جيڪي پنهنجي قول ۽ فعل تي پورا رهي، هتي آخرت جي پوک پچائي، اجر عظيم جا مستحق ٿيندا ۽ سهڻي سائينءَ جي صدقي، قيامت ۾ ڪر کڻي بيهندا.
چاهڪ چري، تار تري، آيون مٿي ڪُن،
ڪوڙئين ڪر کڻنديون، ساهڙ جي سمن،
مينهيون ساڻ امن، پرچي پار لنگهينديون.
--
چاهڪ چري، تار تري، آيون مٿي کوهه،
سڻي سڏ ساهڙ جو، راضي ٿينديون روح،
مينهيون ساڻ صبوح، پرچي پار لنگهينديون.
سهڻي ۽ ميهار اهي عاشق ۽ معشوق آهن، جن کي ڪائنات جي خالق، ازل جي ڏينهن کان وٺي معنوي حسن ۽ حقيقي عشق جي دولت سان مالا مال ڪيو آهي.
ساهڙ جا سينگار، اڻ لکئا اڳي هئا،
نڪا! ڪن فيڪون هئي، نڪا ٻي پچار،
ملڪنئا مهند هئي، توڏيءَ جي تنوار،
محبت ساڻ ميهار، لايائين لطيف چئي.
سهڻيءَ کي سينگار، اڻ لکئا اڳي هئا،
ڪن فيڪون ڪان هئي، نڪا ٻي پچار،
مرڪي ساڻ ميهار، لايائين لنءُ، لطيف چئي،
سهڻي ۽ ميهار ٻئي طالب ۽ مطلوب انهيءَ پرت جي روحاني پيچري جا پانڌيڙو آهن، جيڪو ازل کان قائم آهي ۽ هن جسماني جهان ۾ به تيستائين قائم رهندو، جيستائين هن ڪائنات جو ڪاروبار هلندو. سهڻي اهو طالب آهي جنهن جو مطلبو اهڙو مجازي محبوب آهي، جنهن جي نينهن جي نوازش ميثاقي آهي ۽ جيڪو سڀني جو سهارو ۽ عالم جو آسرو آهي.
توڏي توڙائين، نينهن نوازي سهڻي،
ڳچيءَ هار حبيب جو، لائق لڌائين،
سوتڙ سوٺائين، جيڏانهن عالم آسرو.
اهڙي محبوب حقيقيءَ جو حسن لازوال ۽ بي مثال آهي، جنهن کي به هن جو حقيقي جلوو نصيب ٿيندو، اهو پنهنجي حال کان بيحال بڻجي، بيخوديءَ ۾ اچي ويندو ۽ پنهنجي جان ۽ مال قربان ڪرڻ ۾ دم جي دير نه ڪندو.
جيڪي ڏٺو مان، سو جي ڏٺو جيڏئين،
گهر ورنين سان، هوند گهڻن گهوري ڇڏئا.
اهڙي بي مثال محبوب جي محبت به باڪمال آهي. سندس، سڪ جو ڪو سنڌو ڪونهي. ايتري قدر جو زمان و مڪان جا تعينات به ٽٽي ٿا وڃن.
نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سڪ،
عدد ناهي عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.
سالڪ پنهنجي محبوب جي محبت ۾ سدائين سرشار رهي ٿو.
کيس ڪڏهن وصال نصيب ٿو ٿئي ته ڪڏهن فراق ۽ ڦوڙائي جي حالت ۾ رهڻو پوي ٿو. مطلب ته هن کي بسط ۽ قبض جي ٻنهي حالتن مان گذرڻو پوي ٿو. قبض واري حالت ۾ سندس اندر مان اڌ ما اٿن ٿا ۽ مڪمل وصال حاصل ڪرڻ لاءِ سندس اُڪير ايتري وڌي وڃي ٿي، جنهن جو اندازو لڳائڻ مشڪل بڻجيو وڃي.
کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تَنئُس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪريان، ته سُر ڪيائي نه ٿئي.
سالڪ کي محبوب حقيقي سان ملي، هميشه هڪ ٿي رهڻ لاءِ ٻن قسمن جي مصيبتن سان منهن ڏيڻو آهي. هڪ ته دنيا جي دوئي واري درياهه ۾ ڪثرت جا ڪن ٽپي وحدت جي واديءَ ۾ وڃڻو آهي. ٻيو نفس اماره (ڏم) جون خواهشون خاڪ ڪري، اطمينان جو مقام حاصل ڪرڻو آهي. انهن ٻنهي حالتن ۾ وڏي مجاهدي ۽ سخت محنت جي ضرورت آهي. حرص جي بڇڙين بلائن کان بچي نڪرڻ ۽ شيطاني وهمن کي وڃائڻ لاءِ سمورا غير حقيقي تعلقات ترڪ ڪرڻ آسان ڳالهه ناهي. اهڙي منزل ماڻڻ لاءِ شريعت جي شاهراهه تان طريقت جا مرحلا طئي ڪري، معرفت جو ملڪ ڏسڻو آهي ۽ اتان ئي حقيقت جي هنج ۾ وڃڻو آهي. اهو ئي سبب آهي جو شاهه صاحب تلقين ٿو ڪري ته:
ساري سک سبق، شريعت سندو سهڻي،
طريقتان تکو وهي، حقيقت جو حق،
معرفت مرڪ، اصل عاشقن کي.
مٿيون چارئي منزلون تڏهن ئي ماڻي سگهبيون، جڏهن غير ۽ گمان وڃائي، هڪري محبوب جو تصور ڪبو ۽ ان جي هستيءَ م پنهنجي هستيءَ کي حل ڪبو.
هاري رکج حق، سانڀارا ساهڙ جو،
خواب خيال خطرا، تنين ڏيج ترڪ،
ڪرين غير غرق، ته مشاهدو ماڻئين.
اهڙي مشاهدي ماڻن لاءِ جان جي بازي لڳائڻي پوندي. سمورا وهم ۽ وسوسا وڃائي، متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏيڻو پوندو.
گهڙيا سي چڙهئا، ايهين اٿيئي،
مئي متي مهراڻ ۾، پَئه ٽپو ڏيئي،
ته ميهار ملئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.
واقعي جيڪڏهن سالڪ سچي سڪ جو سفر ڪري ٿو ۽ محبت جي گهير ۾ گهري ٿو پوي ته پوءِ محبوب حقيقي به هن کي نٿو وساري.
پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار،
ترهو تنين بار، عشق جنين کي آڪرو.
سالڪ جيستائين عقل ۽ ادراڪ جون سرحدون لتاڙي، وجداني ڪيفيت م نٿو اچي، تيستائين کيس مجازي وسيلن جي ضرورت رهي ٿي ۽ هو انهن جي ذريعي پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. سهڻيءَ وانگر درياهه تري ميهار سان ملڻ لاءِ پڪي دلي جي ضرورت پوي ٿي، ليڪن جيڪڏهن پڪي جي بدران هڪ مصنوعي ڪچي نلي کان ڪم ورتو ٿو وڃي ته اهو لهرين ۾ لوڙهي ٿو ڇڏي. انهيءَ حالت ۾ صرف سچي محبت جي وجداني ڪيفيت ئي ڪم اچي ٿي، جيڪا ميهار سان ملائي حقيقي منزل تي پهچائي ٿي. اهڙيءَ ڪيفيت لاءِ شاهه صاحب چوي ٿو ته:
گهڙو ڀڳو ته گهورئو، آسر مَ لاهيج،
”لاتقنطوا من رحمت الله“ ترهي ان تريج،
حبيباڻي هيج، پسين منهن ميهار جو.
نه فقط ايترو پر سمورن وسيلن جي عدم موجودگي ۾ ۽ پنهنجي هستيءَ جي ترڪ ٿي وڃڻ سان به حقيقي وصال حاصل ٿئي ٿو ۽ سالڪ شهادت جي درجي تي پهچي ٿو.
گهڙو ڀڳو، منڌ مُئي، وسيلا وئا،
تهان پوءِ سُئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا.
سالڪ جڏهن فنا جا سمورا مرحلا طئي ڪري بقا جو ماڳ ماڻي ٿو ۽ نفيءَ مان نڪري اثباب ۾ اچي ٿو، تڏهن کيس ڪثرت جي بدران وحدت ئي وحدت نظر اچي ٿي ۽ هر شئي ۾ حقيقي محبوب جو مشاهدو ماڻي ٿو.
سڀت پچار پرينءَ جي، سڀت هوت حضور.
ملڪ مِڙوئي منصور، ڪُهي ڪهندين ڪيترا؟
هيٺئين بيت م به ساڳيوئي ”وحدت الوجود“ جو راڳ آلاپيو ويو آهي.
ساهڙ سا سهڻي، سائر پڻ سوئي،
آهي نجوئي، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي.
انهيءَ حلاجي حال ۾ اچڻ کان پوءِ هو ڪنهن جي به ڪاڻ نٿو ڪڍي، سندس خود داري جو اهو عالم آهي، جو ٻڏڻ پسند ڪري ٿو، پر ڪنهن جي احسان کڻن لاءِ تيار نٿو ٿئي.
سپريان جي تُرهي، ٻُڏي هٿ مَ لاءِ،
صباح تان چوندياءِ، اسان تو اُڪارئو.