محبوب جي طالبن لاءِ شاهه صاحب جو نظريو : حافظ محمد ‘احسن’ چنا
تڏهن تنهينءَ کي، ساٿ سُتيئي ڇڏيو.
مٿيون ارشاد عاشقن، سالڪن ۽ محبوب جي طالبن جي تنبيهه لاءِ شاهه صاحب فرمايو آهي، ڇو ته جنهن کي عشق اندر ۾ آيو، طالب الموليٰ سڏايو، اُن کي پير ڊگھا ڪري سمهڻ ته بجاءِ خود پر نيڻن کي ننڊ ۽ اکين کي اُوجھراڻيون اچڻ، غفلت ۽ سستي ڪرڻ، مشڪل بلڪ محال آهي. ‘قالوا بليِٰ’ جو قول ڪري سُک جو ساءُ چکڻ، ننڊون ڪرڻ نڀاڳائيءَ جي نشاني آهي، ڪوڙن عاشقن جو ڪرتب ۽ ڪار آهي، ڪُٽي کائڪ مجنون جا اوصاف آهن، دوئي رکڻ جو دليل سچي سڪ جي ثابتي نه ڏيڻ آهي:
ڇا لڳي سِڪَ، ڇا لڳي سُمهڻ!
اي ڪَم ڪميڻن، جيئن سُمهڻ پير ڊگھا ڪري،
ننڊان نڀاڳن کي، اوڀالا اچن۔
سي پنهون ڪوهه پڇن، جي سنجھي رهن سمهي
اکين کي اوجاڳا، تن کي تسيا، جسم کي جفائون ڏيئي، بدن کي بيتاب ڪري، انتظاري، بيقراريءَ کي برقرار رکي سِڪ ۾ سچو ۽ ثابت ٿيڻو آهي. جنهن کي جيءَ ۾ جانب جي جھوري، لونءَ ۾ لالڻ جي لوري، سيني ۾ سڄڻ جي سڪ، اندر ۾ عجيبن جو عشق هوندو، اُن کي ٻي ڪا پچار ئي ڪانه هوندي. يادگيري به يار جي ته ذڪر ۽ فڪر به دلدار جو. طلب ۽ تات ڏينهن ۽ رات، تن ۾ تنوار، تونهين تونءَ جي پچار به پريت جي.
اهڙن مولا جي طالبن، سالڪن ۽ عاشقن جون صفتون ۽ وصفون، سالڪن جي سرتاج، عاشقن جي اڳواڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ فرمايو آهي ته:
مونا طور سينا، سندا سناسين،
سجدي ۾ ‘سيد’ چئي، گوڏا گودڙين،
‘فکان قاب قوسين او ادنى’، ٿا نانگا ائين نمن،
‘کل من عليها فان’، باقي ڪين بچن،
‘الله والذين اٰمنو يخرجهم من الظلمٰت الي النور’، ٿا اهڙي پر پرين،
‘خر موسي صعقا’، جوڳي جُنگ جلن،
‘ما زاغ البصر وما طغى’، اهڙي روش رَوَن،
مشاهدو محبوب جو، اُتي آديسين،
‘بي يبصر بي يسمع’، بي وصال ويهن،
‘بي يمشي بي ينطق’، ٿا اهڙي چال چلن،
‘سيد’ چئي سندين، ڪل پڇين تون ڪهڙي.
جن کي راتيان ڏينهان روح ۾ رب ئي رب رهيو آهي، برهه جو باهيون پيون ڀڙڪا ڏين، تِن کي سمهڻ مان ساءُ ڪڏهن نه ايندو. هو ويچارا وصال لاءِ واجھائيندا وتن. ديدار لاءِ درماندا، ملڻ لاءِ مستان، حال کان بيحال، فڪر ۾ فنا، محبت ۾ محو، مشغول ۽ مستغرق:
وچينءَ ويٺا رهن، سانجھيءَ رهن سمهي،
بک مرندي بکيا، ڪنهن کان ڪين گھرن،
پيٽ نه هيرايئون پنهنجا، چُوريءَ ساڻ چسن،
ڦڪي فقيرن، ماڳيان پِني ماٺ جي
بک وڌائون بگري، جوڳي ڪندا جُڃُ،
طلب نه رکن طعام جي، اوتيو پين اُڃُ،
لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مُڃُ،
سامي جھاڳي سُڃُ، وسيئن کي ويجھا ٿيا.
جهد ۽ زهد، فقر ۽ فاقا، ذڪر ۽ اذڪار ڪرڻ، نفس جي نيستي ۽ نابودي، ڀانئڻ کي ڀڃڻ، نه ڪُڇڻ نه پُڇڻ، نه ڪُنجھڻ نه ڪُرڪَڻ، سڀ ڪجھ سِر تي سهڻ، ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍڻ، ثابت قدم رهڻ واري لاءِ شاهه صاحب ٿو چوي ته:
ويهي ويراڳين جو، ٻئي ڏينهن ٻڌم حال،
اُن جا ڌاڳا ڌوڙ ڀڪليا، جاڳوٽا زوال،
ويچارا وجود جي، ڪنهن سين ڪن نه ڳالهه،
نانگا ٿيا نهال، لڪا ڀڻن لوڪ ۾.
جا براد بتن جي، سي اُڃ بک آديسين،
روزا رند رکن، عيدون نه اوڏا ڪاپڙي.
سندن مونا مثل طور سينا، راز جي رِدا ڍڪي غم ۾ غرق، فراق ۾ فنا، فرڪت جي فرهيءَ تي اکر الف جو پيا اُچارين، من ميم سان ملائي محبت جو مچ من ۾ مچائين، نهائينءَ واري نينهن ۾ نسنگ نانگا نروار ٿي، پرت جي پچار پر ۾ پيا پچارين، نه ڪنهن کي چون نه چوائين، پاڻ کي پيا لڪائين، ڏيک ويک کان ڏور، ظاهري اسباب کان پري، لڪا ڀڻن لوڪ ۾:
نه کلن نه کيئن ڪي، نڪي ڳالهائين،
ڪنهن جنهن ۾ آهين، سا پر پروڙڻ ڏاکڙو.
عام کي سندن حال جي نه خبر نه چار، نه پرو نه پانڌ، هو مخفي مام ۾ محو ۽ مشغول آهن. نه زماني جي زيب درڪار، نه دولت ۽ ثروت جي خواهش، نه عزت ۽ عظمت جي آرزو، نه شان و شوڪت جي طلب، نه عيش و عشرت جي تقاضا. سڀ ڪجھ ترڪ، بلڪ ترڪ کي ترڪ ڏيئي سڀ سها سانگا ڇڏي، توڪل جو توشو ساڻ کڻي، اڪيلائيءَ ۽ تنهائيءَ ۾ رهي، محبوب جي مشاهدي ماڻڻ ۽ رب کي ريجھائڻ جي ڪار ۾ رڌل رهن ٿا.
هنن کي اُلڪو ۽ اونو، ڳڻتي ۽ ڳاراڻو، تاب ۽ تاري دلبر جي ديدار جي، رب جي راضپي ۽ رضامنديءَ جي، محبوب وٽ مقبوليت ۽ واعدي وفائيءَ جي.
پاڻ کي ڪجھ ڪين سمجھن فنا في الله لاءِ سڀ ڪجھ ڪن ٿا. پنهنجي پاڻ کي گم ڪري ڇڏين ٿا، الله کي اثبات ڪن ٿا. بس جيڪو به ڪم ڪار ۽ ڪرت ڪن ٿا، سا صرف يار جي راضپي ۽ رضامنديءَ لاءِ:
جتي عرش نه اُڀ ڪو، زمين ناهه ذرو،
نه ڪو چارو چنڊ جو، نه ڪو سج سرو،
اُتي آديسين جو، لڳو دنگ درو،
پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون نانهن ۾.
جڏهن اهڙا لاڳاپا لاٿائون، ٽڳا ٽوڙيائون، قرابتون ڪٽيائون، وجود کي وڃايائون، تڏهن مشاهدا ماڻيائون؛ جنهن جي شاهديءَ لاءِ ڀٽائي گھوٽ فرمائي ٿو ته:
قاف قرابت ڪڙم کان، ڇني ڇڏيائون،
لاهوت ۽ جبروت جا، اُهڃ آندائون،
ملڪوت ۽ ناسوت ۾، گھڙي گھاريائون،
‘فبصرڪ اليوم الحديد’، ايهين اتائون،
سڳر ساريائون، گر کي گڏيا ڪاپڙي.
اهڙن آديسين، عاشقن، تارڪن ۽ طالبن، فنا في الله ۾ اهو فيض حاصل ڪيو، اهو منصب ۽ مقصد ماڻيو جو سندن من جون مرادون پوريون ٿيون. محبوب کي مليا، فاني دنيا ۾ پنهنجي عزت ۽ عظمت، مان ۽ مرتبو، نيڪي ۽ ناموس ۽ ماڻهن ۾ مقبوليت حاصل ڪري، سناسي وڃي سائينءَ سان سنمک ٿيا ۽ پنهنجو نالو تاابد يادگار ڇڏي ويا، رهنمائيءَ جي راهه ٻڌائي ويا، سڪ جو سبق سکڻ لاءِ سڀڪجھ سمجھائي ويا ۽ عملي ڪارنامن ڪرڻ لاءِ سچو سبق ڏئي ويا:
ڪاف ڪري ڪرنشون، ٻڌي اڀا ٻانهون،
اڀي الک سامهون، رت رنائون،
سناسن سيد چئي، مليون مدعائون،
‘ولسوف يعطيک ربک فترضى’، چٽو چيائون،
لائق لڌائون، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
جن کي اهڙيون صفتون ۽ وصفون حاصل ٿيون، جن جا اخلاق ۽ اطوار قابل تعريف ۽ توصيف ٿيا، جن جي عزت ۽ عظمت عوام ۾ عام ٿي، جن کي فرشتن کان به وڌيڪ فضيلت ملي، جيڪي لالن جي لقاءُ جا لائق ٿيا، جن کي دل ۾ دوست جو ديدار نصيب ٿيو تن خوب کٽيو، انهن جو ڄمڻ، رهڻ ۽ مرڻ مقبول پيو، اهڙن سچن عاشقن ۽ محبوبن جي طالبن لاءِ سنڌ جي سدا زندهه شاعر ۽ ولي ڪامل، شاهه عبداللطيفؒ فرمايو آهي ته:
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نيهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
انهن جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
جهڙا ماءُ جي پيٽ مان معصوم پيدا ٿيا، اهڙائي معصوم موليٰ ڏي روانا ٿيا. دنيا جي فاني زندگيءَ ۾ ڪا به ناپاڪي، يا ميرائي انهن کي ڪانه لڳي، صاف ۽ سٿرا، ڌوتل پوتل وڃي پرينءَ کي پهتا.
نتيجي ۽ فيصلي واري ڏينهن، کين دهرا دان ملندا، ۽ انعام اڪرام حاصل ڪندا. منزل مقصود تي پهچندا، دائما ديدار جي دولت سان مالا مال ٿيندا:
شينئون شريعت جا، تابع ٿيا تمام،
تن کي طريقت جو، من ۾ مچ مدام،
هليا حقيقت سامهان، معرفت مقام،
‘ان الذين اٰمنوا وعملوا الصلحٰت’ سڻي آيو تن آرام،
جنت پيتائون جام، گر کي گڏيا ڪاپڙي.