سر ليلا چنيسر جو روحاني راز : پروفيسر عنايت الله زنگيجو
خوشتران باشد که سردلبران،
گفته باشد در حديث ديگران.
يعني: ”چڱو ائين ٿو لڳي ته ٻين جي اوٽ ۽ ٻين جي تمثيل ۾ پنهنجي پرينءَ جي پچار ڪجي.“ عارف رومي جي ساري مثنوي، انهيءَ حديث ديگران ۾ سر دلبران جي تصوير آهي. هن ڪا نه ڪا حڪايت کنئي آهي ۽ ان جي اوٽ م ڪيئي نصيحت جا نُڪتا، وڏا دانائيءَ جا سبق ۽ محبوب جي عرفان جا اهڃاڻ بيان ڪري وڃي پار پيو آهي. قصا ۽ ڪهاڻيون هونئن به عام انساني فطرت کي وڻندڙ ۽ مرغوب پئي رهيا آهن. روميءَ ۽ ڀٽائيءَ جهڙا انسانيت جا مزاج شناس شاعر، انهيءَ حقيقت کان پوريءَ طرح با خبر هئا، تنن ڪري هنن پنهنجو پيغام، پنهنجو سنيهو ۽ پنهنجو نياپو انهن حڪايتن ۽ ڪهاڻين جي روپ م پيش ڪيو آهي. ۽ اهو انداز اختيار ڪري، هو پنهنجي اعليٰ مقصد ۾ سؤ سيڪڙو ڪامياب، سرخرو ۽ سرفراز رهيا آهن.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، جيڪو سنڌي زبان جو بي مثال ۽ الهامي شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جو موضوع انسان ۽ انسان جي اصلاح آهي، ۽ جنهن جو مخاطب سنڌ جو عام انسان آهي، تنهن مولويانه واعظن يا مفڪرانه خشڪ خطبن جي بجاءِ سنڌ جي انهن لوڪ داستانن کي پنهنجي شاعريءَ جي قالب ۾ پلٽيو، جيڪي سنڌ جي عام انسان جي دلچسپيءَ ۽ توجهه جو ڪارڻ هئا ۽ ڪنهن به صورت ۾ ان لاءِ اوپرا ڪو نه هئا. شاهه سائين. انهن داستانن ۽ انهن جي مختلف ڪردارن جي اوٽ ۾ جتي انسان جي درد فراق، عشق محبت، رسڻ پرچڻ ۽ کلڻ روئڻ جو ذڪر ڪيو آهي. اتي انسان کي پنهنجي زندگيءَ جي اعليٰ مقصد ۽ مالڪ سان سندس تعلق جي اهميت کان به باخبر ڪندو ويو آهي ۽ زندگي گذارڻ جو اهو ڍنگ به ٻڌايو اٿس، جنهن کي اختيار ڪري، انسان ٻنهي جهانن ۾ مهڻيهاب ٿيڻ کان بچي، دارين جي سعادتن جو مستحق بڻجي سگهي ٿو.
سر ليلان چنيسر جي مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته هن سر ۾ ڀٽ ڌڻيءَ اسان کي پنج حقيقتون سمجهايون آهن!
1 نياز ۽ نوڙت اختيار ڪرڻ، غرور ۽ تڪبر کان بچڻ.
2 دنيا جي چمڪ تي انسان جو موهجڻ ۽ ان جو نتيجو.
3 شيطان جو، پنهنجي مالڪ سان سينو ساهڻ ۽ انهيءَ حجت بازيءَ سبب تڙجڻ.
4 بندي جون مالڪ جي در تي التجائون ۽ صدائون.
5 انهن التجائن جي موٽ ۾ مالڪ طرفان مهر جي نظر ڪري مدايون معاف ڪرڻ.
هاڻي رسالي جي روشنيءَ ۾ انهن عنوانن جو اختصار سان الڳ الڳ ذڪر ڪجي ٿو.
[b]1 نياز ۽ نوڙت: [/b]
نياز ۽ نوڙت انسانيت جي سونهن ۽ انسان جو سينگار آهي. ٻانهي جي جيڪا ادا رب کي سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ ۽ پسنديده آهي، سا نوڙت ۽ نياز مندي آهي ۽ ٻانهي جو جيڪو عمل رب کي سڀ کان وڌيڪ ناپسند آهي، سو تڪبر ۽ غرور آهي. بلڪه ڏٺو وڃي ته ڪفر کان به وڌيڪ الله تعاليٰ ظلم ۽ تڪبر کي ڌڪاري ٿو. وري جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان ڏٺو وڃي ته ظلم جو محرڪ به تڪبرئي آهي. هر ظالم متڪبر ضرور ٿئي ٿو. هو ٻين کي پاڻ کان گهٽ ۽ ڪمتر سمجهي ٿو ۽ انهن کي ڪمتر ڏسڻ چاهي ٿو، تنهنڪري هو ٻين انسانن کي چپي ۽ چيڀاٽي ٿو. قرآن ڪريم ۾ جيترو تڪبر کي ڌڪاريو ويو آهي، اوترو ٻي ڪنهن بدخصلت کي نه ڌڪاريو ويو آهي. فرمان الاهي آهي. ”الله تعاليٰ ڪنهن به آڪڙ باز هٺيلي کي پسند نٿو ڪري“. ٻيءَ جاءِ تي انسان کي غرور کان بچڻ لاءِ جهڻڪيندي فرمايو ويو آهي: .زمين تي آڪڙجي نه هل. ائين ڪرڻ سان نڪو تون ايڏو طاقت ور ٿي پوندين، جو تنهنجن پيرن جي زور سان زمين ۾ کڏا پئجي ويندا ۽ نڪي تنهنجو قد وڌي وڃي جبلن کي پهچندو“ يعني تون اهو پنجن فوٽن جو عاجز انسان رهندين پوءِ آڪڙ ڇاجي؟ ٻئي طرف قرآن ڪريم جي سوره الفرقان ۾ الله جي نيڪ بندن جون جيڪي وصفون بيان ڪيون ويون آهن، تن ۾ سڀ کان پهرين نياز ۽ نوڙت کي ساراهيندي فرمايو ويو آهي: ”رحمان جا ٻانها اُهي آهن، جيڪي زمين تي عاجزيءَ ۽ نوڙت سان ٿا هلن.“ متڪبر ۽ مغرور ماڻهو خلق توڙي خالق ٻنهي کي ناپسند آهي، مگر نيازمند ۽ خاڪسار انسان خدا توڙي خلق جو محبوب ٿو ليکجي. تنهن ڪري حضرت ڀٽ ڌڻي پننجي رسالي ۾ نياز ۽ نوڙت جي زوردار تلقين ڪئي آهي. بلڪه صحيح معنيٰ ۾ ڏٺو وڃي ته محبت ۽ نوڙت ڀٽ ڌڻي جي رسالي جي تاڃي پيٽي جي حيثيت ٿيون رکن. سارو رسالو هڪ طرف محبت جي موتين سان معمور آهي ته ٻئي طرف عاجزيءَ جو آواز ۽ ٻانهن جي ٻولي آهي. ڀٽائيءَ ڪٿي پنهل پرچائڻ لاءِ سسئيءَ جي روپ ۾ صدائون هنيون آهن، ڪٿي راڻو ريجهائڻ لاءِ مومل بڻجي مهر مڱي اٿس، ڪٿي سمي ڄام کي سرچائڻ لاءِ نوري بڻجي نياز ڪيو اٿس، ڪٿي ميهار سان پريت جو پيچ پائڻ لاءِ سهڻي بڻجي صدائون هيون اٿس، ته ڪٿي چنيسر ڄام جي چت راضي ڪرڻ لاءِ ليلان بڻجي ليلاٽيون ڪيون اٿس.
عام طرح ماڻهو تيل ڦليل، ڦڻي ڦوڪارا ڪري سمجهي ٿو ته ”هم چو ماديگري نيست“ مگر جڏهن هو وڏائي ٿو ڪري ته ڄڻ خدا جي ڏمر کي دعوت ٿو ڏئي، مالڪ اهڙي ٻانهي کان منهن موڙيو وجهي. ان حقيقت جو اظهار ڪندي ڀٽ ڌڻي سر ليلان چنيسر ۾ فرمائي ٿو:
سونا ڪُر ڪنن ۾، ڳچيءَ ڳاڙها هار،
ٻانهوٽا ٻانهن ۾، سينڌ سڻڀا وار،
تيلاهه پي پچار، ڪانڌ منهنجي ڇڏيي.
ٻئي طرف ٻانهي جو اخلاص ۽ نياز رب کي ڏاڍو وڻي ٿو. بندو جڏهن عاجزي اختيار ڪري، ٻانهپ جي ٻولي ٿو ٻولي ته اهڙي اڀري ۽ اٻالي انسان تي مالڪ مهربان ٿيو پوي ۽ مٿس عنايتن جا انبار ٿيو وڃن. بقول ڀٽ ڌڻي:
نڪي ٻانهڙين ۾، نڪي ڳر هئوم،
نه مون سينڌ نه سرمون، نه سينگار ڪيوم،
تيلاهه ڪانڌ سندوم، رُکوئي رءِ ڳڙي.
انسان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن حيلن وسيلن، عقلمندي ۽ حرفت بازي تي بانور ڪري سمجهي ٿو ته مون جهڙو ذهين، فطين ۽ صاحب ڪمال ٻيو ڪير هوندو! انهيءَ تصور سان هو پنهنجي مالڪ کي ناراض ڪريو وجهي، مگر جڏهن هو سمجهي ٿو ته مون وٽ ڪجهه به ڪينهي، جيڪڏهن مالڪ پنهنجو ڪرم نه ڪري ته منهنجون سڀ تجويزون ۽ تدبيرون بيسود آهن. انهيءَ سوچ واري انسان تي مالڪ مهر جي نظر ڌري، کيس دهرا دان عطا ٿو ڪري. ڀٽ ڌڻي اها حقيقت بيان ڪندي فرمايو آهي:
الا! ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
ڀوريون ڀتارن سين، کليو کير پين،
مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
ماڻهو نيڪي ڪري مغرور ٿئي، تنهن کان ته اهو گنهگار چڱو، جيڪو ڪوتاهين سبب قادر کان ڪنبندو رهي. لطيف فرمايو:
گهوريو سو سهاڳ، جنهن ۾ پسين پاڻ کي،
ڏوري لهه ڏهاڳ، جنهن ڪر لاهو داسڙو.
مالڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ هرڪو حيلن هلائڻ کان ڪو نه ٿو گهٽائي، سمي جي سهاڳ ماڻن لاءِ هرڪا آسائتي آهي. هر ڪو پنهنجي پر ۾ خوب عبادتون ڪري، پاڻ وڻائڻ لاءِ هٿ پير هڻي ٿو، مگر مالڪ صرف ۽ صرف انهيءَ کي پنهنجو ڪندو، جيڪو پنهنجو وجود وساري، نوڙت جي نک بڻجي، داتا جي در تي وڇائجي ٿو وڃي:
سڀئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيءَ هار،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، سهسين ڪن سينگار،
ڍول تنين جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي،
خدا جي ذات سان ڪنهن جي به حجت نٿي هلي. سچي بندگيءَ جي تقاضا اها آهي ته انسان ڪتي ۽ ڪنبي، ڏئي ۽ ڏري، جيڪو پنهنجي عمل تي ناز ٿو ڪري ۽ حجت ٿو هلي، تنهن جو نتيجو هي ٿو نڪري:
چئي چنيسر ڄام سين، ليلا! لکاءِ م تون،
اي ڪانڌ ڪنهن جو نه ٿئي، نڪا مون نه تون،
رُنديون ڏٺيون مون، ان در مٿي دادليون.
[b]2 دنيا جي چمڪ تي ماڻهوءَ جو موهجڻ:
[/b]دنيا جو ڪارخانو اهڙين خطرناڪ، مگر بظاهر چمڪدار شين سان ڀريو پيو آهي، جن کي مرغوبات نفس چئجي ٿو. انسان، جڏهن انهن شين جي ظاهري رنگ ۽ رونق تي موهجي، حق ۽ هدايت جي واٽ ڇڏيو ڏئي. تڏهن هو، در حقيقت تمام گهاٽي جي سودي ۾ گرفتار ٿو ٿئي. ڀٽ ڌڻي اهڙن انسانن لاءِ ٻئي هنڌ چيو آهي:
ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.
خود قرآن انهن جي ڪيفيت بيان ڪري ٿو ته اهي ڄاڻي ٻجهي حق کان منهن ڇو ٿا موڙين، فرمائي ٿو. يعني ”چند سڪن ڪمائڻ خاطر اهو ڀڏو ڪم ڪن ٿا.“ ڀٽ ڌڻي سر ليلان چنيسر ۾ ان مڪريلي مايا جي ڦند ڦير کان با خبر ڪندي فرمائي ٿو:
مڻيو ناهه مڻين، جو تون پسي هار هر کئين،
اصل آهي اڳهين، سندو ڪوڙ ڪڻيون،
ان گهوڙن هئين گهڻيون، دوسنائن دور ڪيون.
شيطان ۽ خود انسان جو پنهنجي نفس، ماڻهوءَ کي ترغيب ٿو ڏئي ته دنيا جي پرڪشش ۽ چمڪدار لذتن کي حاصل ڪري وٺ. ماڻهو جڏهن انهن چٽن تي چريو ٿي، ترڪيو ڪريو پوي ته پوءِ پڇتائي ٿو ته هاءِ هي ڪهڙو هاڃو ٿيو، جو مون کي نفس نهوڙي وڌو، خسيس شيءِ جي عيوض وڏي وٿ وڃايم. ڀٽ ڌڻي ليلا جي واتان چورائي ٿو:
مڻئي تي جي هئا، تن چٽن ڦيريم چت،
هار کٽينديس هوڏ ۾، نيبھ ٿيندم نت،
ڪونروءَ جو ڪرت، مونهان مٿانهون ٿيو.
عام طرح انسان، زيب زينت خاطر، ناجائز طريقن سان مال ميڙي آسودو ٿيڻ ٿو چاهي. مگر جڏهن ان مال جي عيوض مالڪ جي ڏمر جو مستحق ٿو بڻجي، تڏهن ڏاڍو پڇتائيءَ ٿو ۽ ان مال کي پنهنجي لاءِ وبال تصور ٿو ڪري. لطيف انهيءَ حقيقت جو اظهار ڪندي فرمائي ٿو:
تو جو ڀانيو هار، سو سورن جو سڳرو.
چنيسر چت کڻي، ٿيو پورهيت جو پار،
اوڻت جو آچار، ڪانڌ ڪنهين سين م ڪري.
ڀٽ ڌڻي، هارجي عيوض ور وڪڻڻ تي ليلا کي جٺ ڪئي آهي گويا دنيا تي دين وڪڻندڙ انسان کي ڪن مان جهلي چئي رهيو آهي ته:
مڻئي تي موهجي، هاري! ڳيڙءِ هار،
ڪوڙين ڪيا ڪيترا، انهيءَ خر خوار،
ڀري ويو ڀتار، آيئي ڏنءُ ڏهاڳ جو.
[b]3 شيطان جو تڪبر ڪرڻ ۽ تڙجڻ:
[/b]انسان تڪبر ۽ غرور ۾ گرفتار ڇو ٿو ٿئي؟ عام طور، چڱي شڪل صورت، حسب نسب، سماجي حيثيت يا مرتبي، عقل ۽ ذهانت ۽ نيڪيءَ ۽ پارسائيءَ تي انسان فخر ٿو ڪري. حقيقي نظر سان ڏٺو وڃي ته انهن مان ڪا به شيءِ، انسان جي پنهنجي ڪمال سببان نه پر ڏاتار جي ڏات طور اهي سڀ ڪمالات کيس عطا ٿيندا آهن. لهذا انهن نعمتن جو ميسر هجڻ، مقام شڪر ته آهي، پر مقام فخر هرگز نه آهي. امام غزالي رحه فرمايو آهي ته سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ تڪبر اهو آهي، جيڪو پنهنجي نيڪي ۽ عبادت تي ڪيو وڃي. شيطان کي انهيءَ ئي غرور توڙئون تڙايو ۽ سندس ڪئي ڪمائي ڪٽ ٿي ويئي. پنهنجي عبادت تي ماڻ ٿيس، سينو ساهي سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو:
ٿڙڪي پسي لڙڪ، ترڪي تڪبر ۾ پئي،
اچيو اچيو اگلي چئي ليلا کي لوڪ،
اندر اوڀالن سين، ساڙي ڪيائونس سوڪ.
ٻالاپڻ جو ٻوڪ، ويو ويچاري وسري.
چوڻي آهي ”ڀلي نه باهڙجي، جيڪڏهن باهڙجي ته چارئي پير چٽ“. عزازيل، جيڪو مرتبي ۾ اڳ ملائڪن کان به مٿڀرو هو. سو وري اهڙو ڪريو جو قيامت تائين سندس نالوئي نڀاڳ جو نشان بڻجي ويو. چوي ٿو:
ڏاهي هيس ڏيهه ۾، سرتين منجهه سڄاڻ،
ڪاجا پيم ڪاڻ، جئن منهن مٿانهون نه کڻان.
عزازيل جنهن جي اڳ ملائڪن جي سٿ ۾ به ساراهه هئي. تنهنجي پهرئين سهاڳ ۽ پوئين ڏهاڳ جو ذڪر:
وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،
دهلين، دمامين، نقرين، ٿي پلپل پڇياس،
ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾.
شيطان کي جڏهن خبر پئي ته ذوالجلال جي حضور ۾ سينو ساهڻ يا پاڻ پڏائڻ ڪيڏو وڏو جرم آهي ۽ ان جي سزا ڪيڏي سخت آهي ته چوي ٿو:
چنيسر سين چاڳ، متان ڪا مُنڌ ڪري،
جان مون پوءِ پروڙيو، ته هي نه ماڻي ماڳ،
ڏمريو ڏهاڳ، سيگهو ڏي سهاڳڻين.
[b]4 آزيون ۽ التجائون:
[/b]آزي ۽ التجا مومن جو هٿيار آهي. شاهه سائين، ليلان جي واتان هن سر ۾ جيڪي التجائون اُچاريون آهن، سي هڪ ٻانهي کي مقام بندگي ياد ڏيارڻ ۽ داتا جي در تان دان گهرڻ جو سليقو ٿيون سيکارين ۽ اهو سليقو خود ڀٽائي جي لفظن ۾ آهي ته ”مڱڻهارن مپ، ڪونهي ٻيو ڪيرت ري.“ قرآن ۾ رب فرمائي ٿو ”ادعوني استجب لکم“ يعني اوهين مون کي ٻاڏايو ته آءٌ اوهان جا عرض اونايان. ڀٽ ڌڻي هن سر ۾ ٻاڏائيندي چوي ٿو:
ڍوليا ڍيل م مون، ڪانڌ ڪميڻي آهيان،
سڪ تنهنجي سپرين، ڀيري وڌيس ڀون،
مون ور تون ئي تون، تو ور! وهون ڪيتريون.
رب جي ذات ستار العيوب به آهي ته غفار الذنوب به، هو اسان جي هزارين نالائقين هوندي به اسان کي نوازي ٿو ۽ اسان جا ڍڪ ڍڪي ٿو. سندس انهيءَ نڌر نوازيءَ جو ذڪر ڪندي ڀٽ ڌڻي چوي ٿو:
جي مون موڙهي مت، ته تون پاڻ سڃاڻج سپرين،
اصل اواين جا تون عيب ڍڪين ٿو اَت،
ايءَ پر تنهنجي پت، جئنِ ولهيون ڍڪين ولها.
اسان جي لاءِ حاجت روائي ۽ مشڪل ڪشائيءَ جو در اهو ۽ فقط اهو آهي. جيئن حضرت امام اعظم پنهنجي دعا ۾ چيو آهي: ”جيڪڏهن معاف ڪندين ته تون ئي ان جو مجاز ۽ مختيار آهين پر جيڪڏهن تون ٺڪرائيندين ته پوءِ ٻيو ڪهڙو در آهي، جتان منهنجي دستگيري ٿيندي؟“ ساڳيءَ طرح ڀٽ ڌڻي ٻاڏائي ٿو ته:
اوڳڻ ڪري اپار، تو در آيس داسڙا،
جئن تو رسڻ سنديون روح ۾ تئين مون ڀيڻي ناهه ڀتار،
سائينءَ لڳ ستار، ميٽ مدايون منهنجيون.
[b]5 آخري اميد :
[/b]سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ”جيڏو الله تيڌو آسرو“
اسلامي عقيدي موجب انسان کي الله جي رحمت مان نااميدُ ٿيڻو ناهي. ڀلي کڻي چارئي پلئه چڪ ۾ هجنس يا سندس گناهه پهاڙن کي پهتل هجن. مگر جڏهن هو پشيمان ٿي پنهنجي ڪئي تي پڇتائي ٿو ۽ اڳتي لاءِ سنئين واٽ وٺڻ جو پهه پچائي، گذريل خطائن جي معافي طلبي ٿو ته سٻاجهو سائين سندس مديون معاف فرمائي: مٿس مهر جا هٿ ٿو ڌري. جيئن قرآن ڪريم ۾ آهي ”لاتقطور من رحمت الله. ان الله يغفر الذنوب جميعا“ يعني ” الله جي رحمت مان هرگز نااميد نه ٿيو. بيشڪ الله سمورا گناهه معاف فرمائيندڙ آهي. ڀٽ ڌڻي ڄڻ ساڳي آيت جو ترجمو ڪندي چوي ٿو:
جي ليلائي نه لهين، تان پڻ ليلائيج،
آسرم لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.
ٻانهو جڏهن پنهنجون سڀ وڄائون وساري، هيڻائيءَ جا هٿ کڻي ٻاڏائي ٿو ته مالڪ مٿس مهر جا هٿ ڌري، کيس پنهنجي قرب ۽ رضا سان نوازي ٿو، جڏهن راڻو مٿس راضي ٿو ٿئي، ته ڀٽ ڌڻي ان کي واڌايون ڏيندي چوي ٿو:
ليلان! لڇ ۾ ايترو، اٿي سور ٻهار،
ڍولو اڱڻ پار، ڪانڌ ڪميڻيءَ آئيو.
نه رڳو اڱڻ ٻهار، بلڪه اهو ايڏو ته عظيم احسان ۽ وڏو وڙ آهي، جو شڪر ادا ئي طور توکي مٿانئس نڇاور ٿي وڃڻ گهرجي:
ليلان لڇ ۾ ايترو، اٿي اڱڻ سور،
ابو ڏاڏو گهور، پاڻ سوڌو پرينءَ تان.