لطيفيات

شاهه جو فڪر ۽ فلسفو

ڪتاب ”شاهه لطيف جو فڪر ۽ فلسفو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه عبد اللطيف ڀٽائيءَ جي مختلف سُرن ۾ سمايل فڪر ۽ فلسفو - فرد ۽ سماج لاءِ سندس اخلاقي ۽ سڌارڪ تعليم جا چونڊ مضمون شامل آهن جنهن جو سهيڙيندڙ فضل الرحمٰن ميمڻ صاحب آهي.
Title Cover of book شاهه جو فڪر ۽ فلسفو

شاهه ڀٽائي انسانيت جو علمبردار : مخدوم امير احمد

انهيءَ کان اڳ جو پنهنجو مضمون شروع ڪريان، مناسب ٿو سمجھان ته انسانيت بابت ٻه ٽي لفظ چوان. انسانيت، جيئن عام طور سمجھيو وڃي ٿو، تيئن چند ظاهري علامتن، جهڙوڪ: ڳالهائڻ ٻولهائڻ، خاص قسم جي شڪل و شباهت وغيره جو نالو ناهي. اهڙيون وصفون ته جانورن ۾ به لڀن ٿيون، جيئن ته هڪڙي فارسيءَ جي شاعر فرمايو آهي:

آدمیت نہ بہ نطق و نہ بہ ریش و نہ بہ جان،
طوطیان نطق، بزال ریش، خران جان دارند۔

انسانيت فقط ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ڏاڙهي رکائڻ يا ساهه واري هجڻ جي ڪري، ثابت نٿي ٿئي. ڳالهائيندا ته طوطا به آهن، ڏاڙهي ته ٻڪرن کي به هوندي آهي، ساهه وارا ته گڏهه به هوندا آهن.
انسان ته اها اشرف المخلوقات هستي آهي، جنهن کي پروردگار پاڪ هن زمين تي پنهنجو خليفو ڪري موڪليو. جنهن جي آڏو ملائڪن سجدو ڪيو. جنهن جي لاءِ زمين، آسمان ۽ جيڪي به انهن ۾ آهي، سي سڀ پيدا ٿيا. اها هستي ڪنهن اعليٰ اخلاق ۽ بلند ڪردار جي مالڪ هجڻ گھرجي. انهي جو نصب العين ۽ مقصد کاڌي پيتي، دنيوي عيش آرام ۽ هن فاني جهان جي فاني متاع کان مٿڀرو هجڻ گھرجي. بس شاهه صاحب جو سمورو رسالو انهيءَ اخلاق ۽ انهيءَ ڪردار جو شرح آهي جنهن سان انسان، انسان بنجي ٿو ۽ صحيح معنيٰ ۾ اشرف المخلوقات بنجڻ جو حقدار ٿي، خلافتِ الاهي جو تاج سر تي رکڻ جو مستحق ٿي سگھي ٿو.
سڀ کان اول هن ڳالهه جو ضرور آهي ته عالمِ انسانيت لاءِ هڪ اهڙو مرڪزي نقطو هجڻ گھرجي، جنهن سان تعلق پيدا ڪري، انسانيت انتشار ۽ پرا گندگيءَ جي مصيبت کان آزاد رهي، توهان ڏسندا ته انسان دنيا جي ڪهڙي به گوشي ۾ رهندو هجي، سڌريل هجي يا اڻ سڌريل هجي، پر هو ڪنهن مافوق الفطرت هستيءَ سان تعلق رکڻ لاءِ ضرور بيقرار نظر اچي ٿو. جيڪڏهن ڪو پٿرن جي بتن جي پوڄا ڪري ٿو تڏهن به انهيءَ مافوق الفطرت هستي سان تعلق پيدا ڪرڻ لاءِ. ڪو قدرت جي مظاهر جهڙوڪ: سج، چنڊ، تارا، آگ، پاڻي وغيره جي عبادت ۾ مصروف نظر اچي ٿو، تڏهن به سندس مقصود انهيءَ هستيءَ سان تعلق ۽ انهيءَ جي خوشنودي ئي آهي. انهيءَ حالت تائين جو جن قومن کي خدا جي هستيءَ کان انڪار آهي، انهن کي به هيترو اقرار آهي ته ڪا اهڙي قوت ضروري آهي جا هن جهان کي هلائي ٿي. جنهن جي اثر ۽ طاقت جي ڪري هيءُ دنيا جو انتظام هلي رهيو آهي. اسلام ۾ هن مافوق الفطرت هستي يا قُوت کي ‘الله’ جي نالي سان سڏيو ويو آهي ۽ اهو ئي انسانيت جو مرڪز آهي.
الله تعاليٰ جي هستي هر عيب کان پاڪ ۽ هر خوبيءَ سان موصوف آهي. انسان جي اخلاق جي درستيءَ لاءِ به ضروري آهي ته الله تعاليٰ سان سندس تعلق استوار ۽ درست هجي. جيئن ته شاهه صاحب فرمايو آهي:

سي سدا سک وسن، قائم رهن ڪير سان.

شاهه صاحب پنهنجي رسالي جي ابتدا انهيءَ بلند ۽ بالا هستي، پروردگار پاڪ الله ﷻ جي تعريف سان ڪئي آهي ۽ رسالي جا پهريان ٻه سُر ڪلياڻ ۽ ايمن ڪلياڻ انهيءَ ئي هستيءَ جي تعريف ۽ توصيف ۾، انهيءَ سان ڪيئن تعلق قائم ڪجي تنهن جي بيان ۾ صرف ڪيا اٿس. پنهنجي رسالي کي شروع اجهو هنن لفظن سان ڪري ٿو:

اول الله عليم اعليٰ، عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهي قديم،
والي، واحد، وحدهٗ، رزاق، رب، رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جي.

شاهه صاحب هر چيز کي انهيءَ ذات پاڪ جو مظهر تسليم ڪري ٿو ۽ فرمائي ٿو:

مروئان، موران، پکيان، وائي ٻي مَ ڀُل،
هو هلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.

پاڻهئين جل جلالہ، پاڻهئين جان جمال،
پاڻهئين صورت پرينءَ جي، پاڻهئين حُسن ڪمال،
پاڻهئين پير مريد ٿئي، پاڻهئين پاڻ خيال،
سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿيو.

ڪوڙين ڪايائون تنهن جون، لکن لک هزار،
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌاروڌار،
پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪيئن چوان.

سو هي، سو هو، سو الله،
سو پرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.

انسان جي فطرت ۾ نقاليءَ جو مادو رکيل آهي. هر عمل لاءِ سندس آڏو ڪنهن مثال جو هئڻ ضروري آهي. تنهنڪري انسان کي انسانيت سکڻ لاءِ ضروري آهي ته سندس آڏو ڪو اهڙو مثالي انسان (Examplary Man) هجڻ گهرجي‏، جنهن ۾ جمله انساني خوبيون به تمام و ڪمال موجود هجن. شاهه صاحب جي عقيدي ۾ هن زماني ۾ اهڙو مثالي انسان حضرت محمد رسول اللهﷺ آهي. فرمائي ٿو:

جکري جهڙو جوان، ڏسان ڪو نه ڏيهن ۾،
مهڙ مڙني مرسلين، سرس جنهين جو شان،
‘فَکَانَ قَابَ قَوۡسَيۡنِ اَوۡ اَدۡنى، مُيسر ٿيس مڪان،
اِي آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙو.

روءِ راڻي جي ناهي ڪو، سوڍا ٻيا به سڄاڻ،
نسوريائي نينهن جي، ڪشائين ڪمان،
ڇڏي ويا ڇوهه ۾، دعوائون ديوان،
ٻي رهيائي ڪانه، ٿيو مڙيوئي مينڌرو.

تنهنڪري علي الاعلان چئي ڏنائين ته:

‘وحده لاشريڪ لہ’، جان ٿو چئين ائينءَ،
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتؤن منجهان نينهن،
سو تون وڃين ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي.

انسان تي ٽن قسمن جا حق عائد ٿين ٿا. جيستائين اهي حق پوريءَ طرح بجاءِ نٿو آڻي، تيستائين هو انسان نه آهي پر حيوان آهي. اُهي آهن حقوق الله، حقوق العباد ۽ حقوق النفس.
شاهه صاحب جي نظر ۾، الله پاڪ نسورو ٻاجهه ئي ٻاجهه آهي:

ڏمرجي ته به ڏي، پرچــي ته پــــاٽ ڀــري،
جنگ جکري کي، ٻئي چڱايون چِت ۾.

ظاهر ۾ جيڪي قهر ۽ ڏمر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو حقيقت ۾ رحم ۽ ڪرم آهي:

پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.

انسان جي مٿان فرض آهي ته هڪڙي طرف پنهنجي رب سان لنؤ لائي ۽ انهيءَ جا حق ادا ڪندو رهي. ٻئي طرف پنهنجي هم جنس انسانن سان سهڻو سلوڪ رکي ۽ انهن جا حق جيڪي مٿس عائد ٿين ٿا سي پوريءَ طرح ادا ڪندو اچي. انسان جيڪڏهن اهي ٻئي ڪُر ملهائيا ته پوءِ آهي انسان؛ نه ته ٻي صورت ۾ کيس انسان سڏڻ بيجاءِ آهي.
حقوق الله بابت شاهه صاحب جي هدايت اجھا هيءَ آهي:

‘وحدو لاشريڪ لہ’، چئو چوندو آءُ،
فرض، واجب، سنتون، تنئون ترڪ م چاءِ،
توبهه سندي تسبيح، پڙهي سا پڄاءِ،
نِڱا پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راءِ سونهاءِ،
سپريان جي ڳالهڙي، هيءَ هنين سين لاءِ،
ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.

پر شاهه صاحب اتي انتها نٿو ڪري. سندس نظر ۾ انسانيت جي اها حد اڃا اڳتي آهي.

ڪيهي ڪام ڪاپڙي، ٿا اهڙي روش رون،
نڪا دل دوزخ ڏي، نڪو بهشت گُھرن،
نڪو ڪم ڪفارسين، نڪا مسلماني من،
اڀا ائين چون، ته پرين ڪجو پنهنجو.

حقوق العباد جي متعلق حضور پاڪ ﷺ جي حديث آهي ته: ‘السلم من سلم المسلمون من يده لسانہ.’ مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا مسلمان سلامت رهن.
حافظ انهي مضمون کي اجھو هنن لفظن ۾ ادا ڪيو آهي:

مباش در پئی آزار ھرچہ خواہی کن،
کہ در شریعت نہ غیر زین گناہی نیست۔

شاهه صاحب اهو مطلب هيٺين لفظن ۾ واضح ڪيو آهي:

هو چوني تون مَ چو، واتئون ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي.

پر هن تحمل ۽ صبر جو مطلب اهو به ناهي ته هروڀرو ڪو کٻي ڳل تي چماٽ هڻي ته انهي کي سڄو ڳل ڦيرائي ڏجي ته ڀل انهيءَ تي به چماٽ وهائي ڪڍ. ائين ڪرڻ انساني فطرت جي خلاف آهي. قرآن پاڪ انهي ڪري قصاص وٺڻ جي اجازت ڏني آهي. شاهه به فرمايو ته:

ڪڏهن پئجي ڪن ٿي، ڪڏهن ٿجي وات،
ڪڏهن ٿجي ٻڪرو، ته ڪڏهن ٿجي ڪات.

پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۽ رات ڏينهن عمل ۾ سرگرم رهڻ انسان لاءِ ضروري آهي جمود ۽ تعطل جي زندگي تباهيءَ جو باعث بنجي ٿي.
اڄ جو ڪم صبح تي ڦٽو ڪرڻ، ڪم بختيءَ جي نشاني آهي. شاهه صاحب انهي لاءِ هدايت فرمائي:

ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ٿيئي.

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرين جو.

ڪتڻ جي ڪانه ڪرين، ويٺي ساهين هڏ،
صباح ايندئي اوچتو، عيد اگھاڙن گڏ،
جت سرنديون ڪنديون سڏ، اتي سڪندينءَ سينگار کي.

ڀڳوئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي،
بري بيڪاريءَ سين، هاري پاڻ م هير،
ڪت ڪتنديون ڪير، نئين سين نه ڄاڻجي.

انسان جي اهم گڻن مان هڪ گڻ ايثار ۽ قرباني آهي. ايثار جي معنيٰ آهي پنهنجي ڀلائي ۽ فائدو ٻئي جي فائدي ۽ ڀلائي تي قربان ڪري ڇڏڻ. انسان جي زندگيءَ جو مقصد هي هجڻ گھرجي ته هو ٻئي کي ڪم اچي. شاهه صاحب ملڪ جي هڪ معمولي شئي ڪانهن جي ٻوڙي جو مثال پيش ڪندي، خود قربانيءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿو:

ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجھن،
ڪيڏي لڄ لطيف چي، ڏسو کي ڪکن،
ڪڍي ڪنڌيءَ ڪن، نه ته ساڻن وڃن سِير ۾.

خود غرض ۽ رڳو پنهنجي ڀلائي چاهڻ، پنهنجي فائدي جي فڪر ۾ ٻئي جي تڪليف کي نظر انداز ڪري ڇڏڻ، انسانيت لاءِ وڏو روڳ آهي. شاهه صاحب نهايت زوردار لفظن ۾ انهيءَ بري عادت کي نندي ٿو:

حڪم ٿيو بادل کي، ته سارنگ ساٺ ڪجن،
وڄون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن ٽمن،
جن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،
پنجن مان پندرهن ٿيا، ائين ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيهه مان، شال موذي سڀ مرن،
وري وڏي وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
سيّد چئي سڀن، آهه توهه تنهنجي آسرو.

هيءَ دنيا هڪ اجھاڳ سمنڊ جي مثال آهي. جنهن ۾ ڪوڏ ۽ ماڻڪ، يعني ڪوڙ ۽ سچ پاڻ ۾ گڏيا پيا آهن. سچائي هٿ ڪرڻ لاءِ وڏيءَ محنت جي ضرورت آهي. صداقت جنهن ڳولي لڌي تنهن سڀ ڪجھ ڪمايو:

جنين سودو سچ سين، وکر وهايو،
بخرو لَهُمُ الۡبُشۡرى جو، انهيءَ لئي آيو،
ان کي لالن لنگھايو، ساندارو سمنڊ جو.

ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي،
تني سپون سوجھي ڪڍيون، پاتاران پيئي،
پسندا سيئي، امل اکڙين سان.

سيوا ڪر سمنڊ جي، جت جر وهي ٿو جال،
سيئي وهن سِير ۾، ماڻڪ، موتي، مال،
جي ماسو مليئي مال، تو پوڄارا پُر ٿئين.

سچ ڳولي هٿ ڪرڻ کان پوءِ وري انهيءَ تي مستقل ٿي بيهڻ ۽ هر تڪليف جو مقابلو ڪرڻ، سور سختيون سِر تي سهڻ به انسان جو فرض آهي:

پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.

سوري آهه سينگار، اصل عاشقن جو،
مڙڻ، موٽڻ ميهڻو، ٿيا نظاري نروار،
ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن جو.

سوري سڏ ڪري، اُڀي عاشقن کي،
جي اٿئي سَڌ سڪڻ جي، ته ڪَؤ مَ پير پري،
سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو.

اهڙيءَ طرح پنهنجي ڪلام ۾ شاهه صاحب انسانيت جي خصلتن جو هي اُپٽار ڪندو رهيو آهي. جهڙوڪ: وطن جي حُب، وفا شعاري، مشڪلات کي منهن ڏيڻ، سخا، شجاعت وغيره جيئن ته شاهه جي رسالي جي مطالعي مان اها حقيقت چڱيءَ طرح واضح ٿئي ٿي.
مطلب ته شاهه صاحب انسان کي تمام وڏي اوج تي پهچائڻ گُھري ٿو، هو چاهي ٿو ته حضرت انسان جيئن ته اشرف المخلوقات آهي تيئن هن جي منزل به هن جهان جي هر چيز کان مٿي هجڻ گھرجي. ‘کل شيءِ يرجع الي اصلہ’ جي اٽل اصول مطابق انسان کي به پنهنجي اصل جوهر وارو بمقام هٿ ڪرڻ لاءِ اصل ۾ ئي وڃڻ گھرجي.

جتي عرش نه اڀ ڪو، زمين ناهه ذرو،
نڪو چارو چنڊ جو، نڪو سج سرو،
اتي آديسين جو، لڳو دڳ درو،
پرين پين پرو، ناٿ ڏٺائون نانهه ۾.