شاهه عبداللطيف جون تمثيلون : جمال الدين ‘مومن’
پيغمبرن جي ظهور ٿيڻ جو سبب اهو ئي رهيو آهي ته ڀليل قوم کي راهِه راست تي هلائين. ان کان پوءِ وقتاً فوقتاً اولياءَ الله جا وجود دنيا ۾ ايندا رهيا، جن پنهنجي سڄي زندگي عوام کي صحيح رستي تي آڻڻ لاءِ وقف ڪري، پاڻ کي هميشہ لاءِ حيات ڪيو.
سنڌ جو سهڻو گھوٽ لطيفؒ به اهڙن نيڪن مان هڪ هو. سندن سڄو رسالو قرآن شريف جو کليل تفسير آهي، جنهن لاءِ فرمائين ٿا ته:
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
آئون، شاهه صاحب جي ٻين ڳالهين کي ڇڏي سندن تمثيلن کي، جن مان نصيحت آموز درس ملندو، پنهنجي ناقص علم، تجربي، تحقيق جي وسيلي نڀائڻ جي ڪوشش ڪندس. ڀٽائي گھوٽ جي شعر ۾ اها هڪ اعليٰ خوبي و خاصيت آهي جو جنهن به چيز ڏانهن نظر کڻي نهارين ٿا ته ان جي اندروني خواهه بيروني خاصيت کان خوب واقف ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ ان لاءِ جيڪي به فرمائين ٿا، سو اسان لاءِ باعثِ تعجب بنجيو پوي.
سندس هر تمثيل ۾ نصيحت، هر گفتي ۾ زندگي آهي. اسان انسانن کي سجاڳ ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏي.
مثلاً جڏهن اٺ ڏسي ٿو ته کيس اوٺار ازخود ياد اچيو وڃي، ائٽ سان ان جو ڪتيندڙ، لوهار سان ڌمڻ، ڪنڀر سان نهائين، ٻيڙي، سئي، چنڊ، ڪانگل، هنج، پتنگ، مينهون وغيرهه. حاصل ڪلام ته شاعرِ فطرت جي اڳيان هر شيءِ ڳالهائي، کيس پنهنجا سڀ راز ۽ رمزون ظاهر ڪري، پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ادا ڪري ٿي. پوءِ ته شاهه صاحب جن جو شعر ائين ٿو پلٽجي، جو هر انسان پڙهڻ سان پُر ٿي، پرواز ڪرڻ لاءِ هر بري شيءِ کان پري ٿئي ٿي.
طوالت جي خوف کان هر تمثيل جو مختصر مثال عرض رکجي ٿو:
[b]1. اک:
[/b] جڏهن شاعرِ فطرت جي نظر اک تي پوي ٿي ته کيس ان جي هر ادا خواهه اشاري ۾ لک لطف نظر چڙهن ٿا. هوءَ سڄڻ جي سڪ ۽ اڪنڍ ۾ نارن جيان نيسارا ڪيو پيئي وهي. کيس آرام ڪونه ٿو اچي. شب و روز ان جي ديدار لاءِ واجھائيندي رهي ٿي، سواءِ ان جي منٽ به سندس لاءِ مصيبت بنجيو پوي. محبوب کي ان ۾ سمائي، کين بند ڪرڻ سان؛ جيئن هو سواءِ محبوب جي ٻين کي نه پسي ۽ نه وري محبوب کي ئي ڪو ٻيو پسي:
ان لاءِ فرمائين ٿا ته:
اکين ۾ ٿي ويهه، ته آئون واري ڍڪيان،
توکي ڏسي مَ ڏيهه، آئون نه پسان ڪي ٻيو.
[b]2. ائٽ:
[/b] شاهه صاحب جي نظر جڏهن ائٽ تي پوي ٿي، تڏهن ائين محسوس ڪن ٿا ته هر چيز ۾ ساهه آهي ۽ هر ساهه پنهنجي معبود کي هر گھڙي ياد ڪندو رهي ٿو ۽ ان جي عشق ۾ اکيون سدائين نم رهن ٿيون. اتان سندن دل جا پردا کُلن ٿا، ۽ اسان کي درس ڏيڻ لاءِ فرمائين ٿا ته:
تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرين جو.
ڇو اوڳي ڇڏي ارٽ الاڻي، جيءُ جسو ويهه تنهن سين واڻي،
توبهه توبهه ڪيو تند تاڻي، لينجھ ڀڙي ڪڍ ڇني ڇاڻي،
هر دم حق جي تند تنوار، چرخو چوري ڪت ڪا تار.
[b]3. اُٺ:
[/b] جڏهن شاعرِ فطرت جي نظر اُٺ تي پوي ٿي، تڏهن پنهنجي نفس کي اٺ سان تشبيهه ڏيئي، چپي چپي تي ان کي مهميزون، ملامتون اوجھڙ هلڻ کان ڏاوڻ ڏيئي، کيس راهِه راست تي هلڻ لاءِ هدايت و تلقين ڪري ٿو. ان تي پنهنجي محبوب ڏانهن وڃڻ لاءِ تياري ڪري ٿو. فرمائين ٿا ته:
ڪرها ڪسر ڇڏ، وکون وجھ وڌنديون،
هيڪر حبيبن سان، نيئي مون کي گڏ،
مڇڻ پون ئي هڏ، آهون اڪنڊين جون.
ڪرها ڪسر ڇڏ، وک وڌندي پاءِ،
منهنجو هلڻ اتهين، جتي جانب جاءِ،
توکي چندن چاريان، ٻيو وڳ لاڻي کاءُ،
ايهم اُٺ! اٺاءِ، جيئن هوندي رات هُت مڙون.
جڏهن ته نفس (اُٺ) اول کان روح جو دشمن آهي؛ پر اهڙا نيڪ ٻانها، درويشن جي اثر ۾ اچي، هر خراب شيءِ کان ڪناره ڪش رهن ٿا. شاهه صاحب جن ٻئي هنڌ فرمائين ٿا ته:
هوس وڏيرو وڳ جو، مڙني ۾ مهندار،
چنم ٿي چاڳ مان، موڙيو مڃر ٽار،
لکئي جي لغار، آڻي ٻڌم اکيا.
پيشاني پرينءَ جي، چانگي رکيو چت،
نيڻ ڇنا تو نت، اڀو اوڏهم آسري.
[b]4. سُئي:
[/b] شاهه صاحب جن جڏهن ننڍڙي سُئي ڏانهن نهارين ٿا، اُن جي ڪم کان خوب واقف ٿي وڃن ٿا، تڏهن اديبانه انداز ۾ کيس بادشاهيءَ کان به اُتم و اعليٰ ڄاڻي، فرمائين ٿا ته:
پاڇاهيءَ نه پاڙيان، سرتيون سُئيءَ ساڻ،
ڍڪي اُگھاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ابر جي اوصاف کي.
سُئيءَ جو هر ڪم بنا لوڀ لالچ جي ٿيل آهي. انسان کي به گھرجي ته ان مان سبق وٺي، هر ڪم بنا ڪنهن لالچ جي ڪري، تاڪه کيس فطرتي فائدو حاصل ٿئي؛ جنهن لاءِ فرمائين ٿا ته:
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
سپريان سين سوڀ، ننڊون ڪندي نه ملي.
[b]5. نهائين:
[/b] جنهن وقت شاهه صاحب جي طائرانه نظر نهائينءَ تي پوي ٿي، تڏهن نهائين نماڻيون نگاهون کڻي ٻانهون ٻڌي سندس حضور ۾ اچي کيس ٻڌائي ٿي ته: ‘دنيا جون سڀ تڪليفون برداشت ڪري، ٻين کي پچائي، لعل ڪيان ٿي، جا خلقِ خدمت آهي. آئون ڪڏهن به اُن لاءِ صبر جو ساٿ نه ٿي ڇڏيان.’ جنهن تي شاهه صاحب جن جا خيال پرواز ڪندي فرمائين ٿا ته:
نهائين کان نينهن، سک منهن جا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
نيڻ نهائين جيان، ستي لوڪ ڍڪيان،
اجھاميو ٻران، توکي ساريو سپرين.
[b]6. ڍنڍ:
[/b] شاعرِ فطرت، ڍنڍ جي نظاري ۾ ڏسي ٿو ته ڪي پکي وچ ۾ تري رهيا آهن، ته ڪي پاسن کان گپ مان مڇي ڳولي رهيا آهن. ڪردگار جي قدرت جا اسرار اڀرن ٿا. مثلاً: هنجن جي خوراڪ مهراڻ جا موتي آهن ۽ سندن پرواز فضا جي کليل سيني تي ٿئي ٿو.
الله جي عاشقن کي هنجن سان تشبيهه ڏني ويئي آهي، جيڪي سدائين حقيقت جي درياءَ مان معرفت جا موتي ميڙين ٿا:
اکڙيون اوڙاهه ۾، اڀو تڪي تار،
پٿون جي پاتار، هنج تنين جو هيرئون.
ٻئي طرف ڪانگن ۽ ٻگھن جي تشبيهه پيٽ جي پوڄاري انسانن سان ڏني ويئي آهي ته جتي به سندس ويهڻ ٿئي، اتي گوڙ گهمسان ڪيو ڇڏين:
اڇو پاڻي لُڙ ٿيو، ڪالوريو ڪانگن،
ايندي لڄ مرن، تنهن سر مٿي هنجڙا.
انسان کي تلقين ٿو ڪري ته ٻگھن ۽ ڪانگن کي فراموش ڪري هڪ دفعو جي هنجن جي صحبت ۾ اچين ته رچي ريٽو ٿي پوين. فرمائين ٿا ته:
هنجن سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهاريين،
ٻگھن سين ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين.
علامه اقبال صاحب، ڪرگس ۽ شاهين کي هوا ۾ اڏامندو ڏٺو ۽ انسان ذات کي تعليم ڏيڻ لاءِ ان مان نصيحت آموز نقطا پيش ڪيا ته:
پرواز ہے دونوں کی اسی ایک جہاں میں،
کرگس کا جہاں اور ہے، شاہیں کا جہاں اور۔
اے طائرِ لاہوتی، اس رزق سے موت اچھی،
جس رزق سے آتی ہو پرواز میں کوتاہی۔
[b]7. برسات:
[/b] قادر جي قدرت جا ڪروڙين ڪرشما آهن، آگم جو ٿيڻ ۽ هر شيءِ جو پرمسرت بنجڻ. مثلاً ڌنار، هاري، زميندار، پکي پکڻ، مال متاع. جڏهن شاهه صاحب جن سڀ شيون خوش ڏسن ٿا، تڏهن سندن خيال پرواز ڪن ٿا ۽ اهي راز سمجھائين ٿا، جن جو شمار ڪري ڪونه ٿو سگھجي، مارئيءَ جي زبان مان فرمائين ٿا ته:
بر وٺا، ٿر وٺا، وٺيون ترايون،
پوهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ پرين هٿڙا، سنگھارن سايون،
ساري ڏين سامهون، ٻولايون دايون،
ٻانهيون ۽ ٻانيون، پَکي سُونهن پنهنجي.
هر انسان جي زبان تي اها تات تنوار آهي ته:
اڄ پڻ اتر پار ڏي، ڪڪريون ڪاريون،
وسي ٿو وڏ ڦڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون،
لٿين لک لطيف چوي، ڍايون تاساريون،
ڀِڄنديون ڀٽاريون، وري وٿاڻن آئيون.
سبحان الله! شاعرِ فطرت، برسات کي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي دين سان تشبيهه ڏيندي فرمائين ٿا ته:
روضي تان رسول جي، ڪيو وڄڙين وارو،
ڀريائون ڀير پئي، نظر سين نعرو،
هادي! ڀر حڪم سين، هيءُ تڙ تاساريو،
نرمل نظارو، پيءَ پسايو پنهنجو.
ان رحمت للعالمين جي رحمت سبب لکين اڃايلن جا ارواح اڄ زندهه ٿي رهيا آهن ۽ دلين تان سون سالن جي ڪٽ مسمار ٿي رهي آهي.
پرين پَسايو پنهنجو، نظارو ناگاهه،
لٿو ڪَٽُ قلب تان، ٿي وروهن واهه،
اميدون ارواح، پرين پسندي پنيون.
[b]8. ٻيڙي:
[/b] انسان جي ڪشتي گناهن سان ڀرپور آهي. درياءَ جي لهرن ۾ لوڏا کائيندي جڏهن ڏسن ٿا، تڏهن فرمائين ٿا ته:
آڏو چڪڻ چاهه، منهن جي موج نه سهي مڪڙي.
ميڙي مٺاين جو، بي حد چاڙهيم بار،
چوڻ چارو نانهن ڪو، بديون بي شمار،
ڪپر ڪارونڀار، اڪارين احسان سين.
سست انسان کي ان وکر وهائڻ جي هدايت ڪن ٿا، جنهن جو ذرو به ضايع نه ٿئي، ان لاءِ فرمائين ٿا ته:
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو مَ ٿئي،
ويچيندين ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءُ،
سا ڪا هڙ هلاءِ، اڳ جنهن جي ابهين.
ٻي هنڌ فرمائين ٿا ته:
ٻيڙي پراڻي، وکر وجھ مَ وترو،
تري ۾ تن پيا، پاسنئون پاڻي،
هيءُ هڏ وهاڻي، تون ڪڙهه ڪالوڻي ڏينهن کي.
شاهه صاحب آس وندن کي آسرو رحمت للعالمين جو ڏيندي فرمائين ٿا ته:
ستا سڀ پئي، سندي معلم آسري،
اوهين پڻ سمهو ناکئا، بندر ناهه ڀئي،
جن جي سيد لڄ کنئي، سي سڀ لنگھندا لڪيون.
[b]9. پتنگ:
[/b] پتنگ جي بي پناهه محبت ڏسي، شاهه صاحب فاني انسان کي ان مان درس وٺڻ لاءِ ڪهڙي سُهڻي نموني ۾ مثال ڏيئي، اڀاري ٿو ته تون به جيڪڏهن پاڻ کي حقيقي معبود جي محبت ماڻائڻ گھرين ٿو ته پوءِ پتنگن جيان ساهه جو سانگو لاهي، جيئري پاڻ کي جلاءِ ته پوءِ ملهه مهانگو ٿئي ئي ۽ هڪ جيڏن ۾ اوچي ڳاٽ کڻڻ جي لائق ٿي سگھين. فرمائين ٿا ته:
پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لُچيا، سڙيا مٿي سچ،
ڳچين سندا ڳچ، ويچارن وڃائيا.
پتنگ چائين پاڻ کي، ته ڏسي مچ مَ موٽ،
اڃا تون اروٽ، کوري خبر نه لهين.
[b]10. لوهار:
[/b] شاهه صاحب جن جنهن وقت لوهه (سچو عاشق) باهه ۾ پچي لعل ٿيل ڏسي ٿو ۽ پوءِ اهو هر قابل تعريف چيز ٺهڻ جي قابل ٿئي ٿو، ان مان انسانن کي لائق و قابل استادن جيان سبق ٿو ڏئي ته اوهان به ان بيجان شيءِ جيان پاڻ کي بنائي، هميشہ جيان نام و نيشان فاني جهان ۾ ڇڏي وڃو.
سو سانڌاڻ ڪري، پڇج گھر لهار جو،
ڪن هيٺ ڌري، مان گڏنئي رڪ سين.
پچائي پهاڻ، جن رساڻيو رڪ کي،
تنين سندو ڄاڻ، آهي آڳڙين کي.
جڏهن عاشقن کي الله جو رنگ چڙهي ٿو، تڏهن سندن دلين ۾ ڪمال قرار و فرحت ٿئي ٿي. بعد ۾ ڪوبه رنگ مٿن ڪونه ٿو چڙهي ۽ سندن قلب هميشہ محبوب جي عشق ۾ مست و مگن رهي ٿو. ان لاءِ شاهه صاحب فرمائين ٿا ته:
سرها ڏٺم سي، جن ساڃاءِ سيراڻ سين،
تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين.
[b]11. چنڊ:
[/b] چنڊ جي چانڊاڻ ڏسندي شاهه صاحب فرمائين ٿا ته: هن کي ڪهڙي مجال آهي، جو حقيقي محبوب حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي نور مبارڪ سان مقابلو ڪري سگھي. هن کي ته نور اڌارو مليل آهي، ليڪن آنحصرت جو نور اصلي آهي، جنهن مان ٻي مخلوق کي پڻ نصيب ٿيو. ان جي وضاحت هيئن ڪن ٿا ته:
چنڊ تنهن جي ذات، پاڙيان نه پرين سين،
تون اڇو منجھ رات، سڄڻ نت سوجھرا.
چنڊ چوانءِ سچ، جي مٺو نه ڀانئين،
ڪڏهن اڀرين سنهڙو، ڪڏهن اڀرين ڳچ،
منهن ۾ ٻرئي مچ، تو ۾ نه آهي پيشاني پرين جي.
[b]12. مينهون:
[/b] جنهن وقت شاهه صاحب جن مينهين ڏانهن نهارين ٿا، تڏهن سندن حضور ۾ مينهون امت جي پوشاڪ ۾ اچن ٿيون ۽ سندن ميهار حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ. پوءِ بيتن جي پلٽان پلٽ شروع ٿئي ٿي. مينهن جي لاءِ الله جي درگاهه مان دعا گھرن ٿا ته:
مينهون هن ميهار جون، الله سڀ جين،
ڪاريون ڪڪيون ڪنڍيون، وارا ڪيو وين،
جوءِ جا جاندارن جي، ٻيلا ٻهه ٻهه ڪن،
اچي ويل رهن، مون سانڀارا سپرين.
آنحضرت ﷺ جن کي عرض ڪن ٿا ته اسان جي ڪچاين ڏانهن نه ڏس اگر ڪارا آهيون ته به تنهنجا، ڪوجھا آهيون ته به تنهنجا، اگر گنهگار آهيون ته به تنهنجي شفاعت جي سهاري ساهه کڻون ٿا. هڪ بار پنهنجي رحمت جي درياءَ کي لبريز ڪر، ته اداس امت جي زندگي بهار بهار ٿئي.
ڪنڌ مَ وڪڻ ڪنڍيون، ڌڻ سڀوئي ڌار،
اڀريون سڀريون پنهنجيون، سسيون سڀ سنڀار،
ٻن ڇڏي ڇن پئي، وڃي ولهارن وار،
ته اچي اگڻان بهار، سرلا ڪندين سڏڙا.