موجوده دور ۾ شاهه لطيف جي اهميت : محمد حسين ڪاشف
تاريخ اندر زندگي مختلف خانن ۾ تقسيم هوندي به اڪائيءَ جي حيثيت رکي ٿي، جنهن جي جدوجهد جا رخ هڪ ٻئي کان پري هوندي به پاڻ ۾ لاڳاپيل هوندا آهن. اها ڪيفيت ان جي هر دور ۾ رهندي اچي ٿي. پوءِ ان جو تعلق ماضيءَ سان هجي يا حال سان، مستقبل ۾ به ان جو اهو حال رهندو. زندگي جا اهي ترڪيبي عنصر پنهنجي دور کي متعين ڪن ٿا، ۽ انهن وسيلي ئي سماجوادي نظام جي تشڪيل ٿئي ٿي. اڳتي هلي تاريخ ۾ اهو تهذيب ۽ ثقافت جي شڪل ۾ پڌرو ٿئي ٿو. لطيف جي ڪلام جا تخليقي عنصر جن کي هن پنهنجي تاريخ جي دور مان اخذ ڪيو آهي، انهن کي هر زماني ۾ جاءِ ملي ٿي. پوءِ اهو ڪالهه جو وقت هجي يا اڄ جو، سندس ڪلام جي جوڙجڪ جي اها وڏي خوبي آهي، جنهن مان اسان سبق حاصل ڪري انفرادي توڙي اجتماعي طور ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهون ٿا. پر جيڪڏهن لطيف کي محض هڪ شاعر ۽ حقيقت ۽ مجاز جو، ظاهر ۽ باطن جو پيغامبر ڪري تصور ڪيو ويو ته پوءِ اها دائميت واري ڪيفيت جنهن جو تعلق سماج ۽ ان جي نظام سان فرد ۽ اجتماع جي زندگيءَ سان آهي اهو ختم ٿيندو نظر ايندو. اسان وٽ اها وڏي ستم ظريفي آهي جو اسان کي لطيف سولو هٿ اچي ويو آهي. جنهن ڪري بنا ڪنهن سوچ ويچار جي بنا ڪنهن غور ۽ فڪر جي زندگي ۽ ان جي دور جي تقاضائن ۽ حاصلات کي پوئتي ڪري روايت جي بنياد تي سندس ڪلام توڙي حياتيءَ لاءِ ڪئين غلط ڳالهيون بيان ڪندي نٿا گسون، جيڪا ڳالهه غور طلب آهي.
دور، وقت، زمانو اهي ٽيئي لفظ پنهنجي اندر وڏي معنيٰ رکن ٿا. جن ۾ خاص محدوديت هوندي به لامحدوديت آهي. سڀ کان اول اهو سوچڻ ضروري آهي ته دور وقت جي نسبت ۾ آهي يا وقت دور جو تعين ڪري ٿو؟ يا ٻنهين جو زماني سان پلاند اٽڪيل آهي؟ هت زماني جو استعمال والعصر جي روشنيءَ ۾ آهي. ڇا مٿين ٽنهين لفظن کي هڪ ئي ڪيفيت ۽ ڪميت ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو؟ اهو نڪتو غور طلب آهي. اتي اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا وقت گذري ٿو؟ دور گذري ٿو؟ زمانو گذري ٿو؟ غور ڪبو ته انهن مان ڪو به نه گذريو آهي نه گذرندو. اسان وٽ انهن جي اضافي تقسيم آهي، جيڪا ڏينهن رات، ماهه وسال، صدين ۽ دور جي صورت ۾ ورتي وڃي ٿي. جنهن کي سماجي عمل ۽ ان جا اثر هڪ مخصوص قبا ڍڪائي عليحدگيءَ جي صورت ڏين ٿا. اصل ۾ هر دور يا وقت جي وير جنهن جو هو مجموعو آهي سماجي ڪيفيتن ۽ حالتن جو ميڙ آهي جنهن کي نسبتي طور الڳ ڪري تاريخ جو نالو ڏنو وڃي ٿو پوءِ اها ماضي جي هجي يا حال جي. موجوده دور جو لفظ وقت جي هڪ خاص تقسيم تي دلالت ڪري ٿو. جنهن مان اڄ جو انسان گذري رهيو آهي، جيڪو هڪ سماجوادي نظام جي صورت م به آهي، ته هڪ سماجي قوت ۽ سماجي عمل جي شڪل ۾ به آهي. موجوده سماجوادي نظام جا ترڪيبي عنصر ڪهڙا آهن؟ ان جي هيئت ۽ شڪل ڪهڙي آهي؟ اهو ڪهڙيءَ ريت عمل پذير آهي، ان جي ڪنهن به تشريح جي ضرورت ڪا نه آهي.
ڇاڪاڻ ته انهن ترڪيبي عنصرن ۾ سماجوادي نظام جو سڄو مانڊاڻ اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ اقتصادي، سياسي، اخلاقي، مذهبي، ثقافتي، سائنسي مطلب ته سڀ حالتون اچي وڃن ٿيون. جن مان سنڌو ماٿر جو ماڻهو گذري رهيو آهي يا گذاريو پيو وڃي. لطيف جيڪو هن سماج جي بنيادي اڏاوت لاءِ هڪ رهبر جي، هڪ سونهي جي هڪ محافظ جي حيثيت رکي ٿو، ان جي فڪر ۽ شعور جي لاٽ ماڻهوءَ لاءِ ڪهڙو گس ڏسي ٿي؟ ان ڏاهه جو ڏس ڏيڻ اسان جي ڏاهن ۽ دانشورن جو فرض آهي ته هو حالتن جي بنياد تي اڄ جي ماڻهوءَ لاءِ لطيف جي فلسفي مان ڪا واٽ ووڙين، پر ڏٺو ويو آهي ته اسان وٽ بجاءِ حقيقت پسندي جي هميشه ٻه روپي جهنجهٽ جو جهيرڻو ڦيريو ويو آهي جيڪو اڄ تائين ان کير اڪسير مان مقصد جو مکڻ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. ان ۾ ڏوهه لطيف جو نه پر اسان جو آهي اهڙيءَ حالت لاءِ پاڻ فرمائين ٿا ته:
گهنگهريا گهڻ ڄاڻ، موڙهي مت مهائين،
ويا گڏجي وير ۾، پيا منهن مهراڻ،
اڳيان پويان ٽاڻ، ويا ويچارن وسري.
(شاهه رحه)
تاريخ جو وارث عام ماڻهو ان جي زندگي ۽ ان جا حالات آهن، اسان جو معاشرو جيڪو جاگيرداريءَ ۽ سرمائيداريءَ جي شڪل جو آهي، جنهن ۾ طبقاتي ڇڪتاڻ پنهنجي اوج تي آهي جيڪا ڪنهن به مستحڪم سماجي نظام کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ هميشه رڪاوٽ رهي آهي، ان جو ڪو به سدباب نظر نه ٿو اچي. فرد ۾ نه تعلق انسانيت جي ڪيفيت آهي، نه تعلق با الله جي ڪا ڳالهه ۽ نه وري تعلق ڏات تي ڪو غور آهي. ڇڙ ڇڙ گابا واري ڪار آهي جنهن کي جڏهين تصور ۾ آڻجي ٿو ته لطيف جي هيءَ مهميز ياد ڇوي ٿي:
اڃا پئي جئين، سڄن ساري نه مُئيين،
وٽيون وهه گاڏيون، ڇوري ڇو نه پئين،
لڳئي ڪو نه هنئين، ڪو ڳڻ ٻاروچن جو.
(شاهه رح)
گذريل ٻن سون سالن جي دوران اسان جي تاريخ خير جي ڳولا ۾ شر سان تجربا ڪندي رهي آهي. باوجود هن ڳالهه جي ته ابن عربيءَ جو فلسفو اسان جي فڪر جي رهبري جو محور رهيو آهي.اسان لاءِ خير جي عدم موجودگي شر کي موجود ڪندي رهي آهي. پوئتان ڏسندي معلوم ٿو ٿئي ته انسان جو پنهنجي دور ۾ ڪنهن صحيح طرف نه وڃڻ ڪري خير حادثاتي معلوم ٿئي ٿو ۽ شر جي حيثيت بنيادي معلوم ٿئي ٿي. جڏهن ته تخليق جو بنيادي جز خير آهي، ۽ معروضي حالتن ۾ شر کي سڃاڻن جي ڪوشش ۾ اسان جي تاريخ هميشه غفلت ڪئي آهي. خود ابن العربي ان جو بنياد شر کي قرار نٿو ڏئي. هن جو چوڻ آهي ته ”جنهن کي شر چيو وڃي ٿو اهو اصل ۾ خير جي عدم موجودگي جو نالو آهي.“ جڏهن ته هيءَ ڪائنات حق آهي، ان جي تخليق حق آهي، ان جو عمل حق آهي. ته پوءِ سوال پيدا ٿو ٿئي ته ان جي حق جي ڦهلاءَ مان جيڪو خير جو مظهر آهي ان ۾ شر جو وجود ۾ اچڻ ڇا جي ڪري ٿئي ٿو؟ يا ڪائنات جي عمل جي امڪاني ۽ اضطراري ڪيفيتن مان اهو وجود وٺي ٿو جيڪي بقول ابن عربي جي خير جي عدم موجودگيءَ ڪري وجود وٺن ٿيون. جيڪڏهن حق مان مراد صرف ذات حق آهي ته پوءِ ڇا اها محدود آهي؟ نه اها لامحدود آهي. جنهن مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته هر شيءِ حق آهي جيڪڏهن ٿوري نرمي اختيار ڪجي ته حق جو مظهر آهي. جنهن ۾ حق جا اظهار پنهنجي ظهور لاءِ حق جي تنزلات ۽ توجهه جا محتاج آهن. جڏهن ته هو احتياج پذير آهن ته پوءِ حق کي انهن کان الڳ ڪري نٿو سگهجي. لطيف وٽ سماج وادي نظام توڙي زندگي جي عملي صورت ۾ انهيءَ تقسيم جي تعظيم ۽ تڪريم آهي. نڪو ڪم ڪفارسين، نڪا مسلماني من. پاڻ ان جا قائل آهن ۽ پرين جي پنهنجائپ جا ڳولائو آهن. خود ارشاد خداوندي آهي ته ”لقد ڪرمنابني آدم“ لطيف حق کي حق جي نظر سان حق ۾ ڏسڻ جو قائل آهي. پاڻ فرمائين ٿا ته:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
(شاهه رحه)
سندن آڏو حق سماجي نظام جي صورت ۾ به آهي ته وجودي ڪيفيت به آهي. حسن ۾ به حق آهي ته عشق ۾ به حق آهي. عبادت ۾ به حق آهي ته رياضت ۾ به حق آهي. جلال ۾ به حق آهي ته جمال ۾ به حق آهي. عبد ۾ به حق آهي ته معبد ۾ به حق آهي، جنهن لاءِ فرمائين ٿا ته:
”لهرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو“
ليڪن اسان هر لهر کي الڳ لباس ڏيئي جدا جدا مهرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. پوءِ اهي زندگيءَ جي نظام ۾ هجن يا زندگيءَ لاءِ حق جي راهه ڳولڻ ۾ هجن. لطيف جو فلسفو ڪالهه به ان جو انڪاري هو ۽ اڄ به ان جي نفي ڪري ٿو. هو همھ کي ۽ انجي همھ گيريت کي حق تصور ڪري ٿو. جتي زندگيءَ جي نظام لاءِ عدل ۽ انصاف جي ماڻ ۽ ماپن جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ۽ ان لاءِ هر رڪاوٽ کي پوءِ اها ڇو نه جبل جيڏي هجي ان کي به خاطر ۾ نٿا آڻين.
”آڏو ٽڪر ٽر! متان روهه رتيون ٿئين.“
ڪو به سماج ڪنهن به دور م هڪ فارم ۾ نه رهيو آهي، پر بجاءِ هر دور جي تقاضائن جي بنياد تي ان ۾ تبديلي ايندي رهي آهي، جيڪا ان جي صورت کي وجود ڏيندي آئي آهي. يا ائين چئجي هر دور ۽ سماج جي ڪک مان ان جي دور ۽ سماج وجود وٺي ٿو. اسان جنهن دور ۾ هلي رهيا آهيون اهو اڳئين دور جي پيداوار آهي. لطيف پنهنجي دور ۾ جن ڪردارن کي جنم ڏنو ۽ جن حقيقتن جي اپٽار ڪئي، اهي صرف ان وقت لاءِ نه هيون جيئن عام طور تي خيال ڪيو وڃي ٿو. پر بجاءِ ان جي هن هڪ ڏاهي انسان ۽ سماجي مصلح جي حيثيت ۾ انهن فڪري قدرن کي وجود ڏنو جيڪي هر سماجي دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ متشڪل ٿينديون رهيون آهن، جن جو تعلق ان دور جي زندگي سان هو ۽ اڄ به انهن جو واسطو سماجوادي نظام سان آهي. ان ڪري لطيف کي هڪ شاعر جي حيثيت ڏيڻ جُز وقتي ڳالهه ٿيندي، جيڪا سوچ انصاف وٽان نه آهي. بجاءِ ان جي اسان کي لطيف جي فلسفي کي زندگيءَ جي نظام ۾ ڏسڻ گهرجي. جڏهن انهيءَ نقطي نظر سان ڏٺو ويندو ته ڳالهه ئي ٻي نظر ايندي. جنهن کي محسوس ڪندي افسوس ٿو ٿئي ته اسان هن عظيم ڌرتي جي عظيم انسان ۽ شاعر ۽ ڏاهي تي ڪيڏا نه وار ڪيا آهن، جن جي ڌڪن سبب سندس فڪر ۽ شاعريءَ جو سڄو جسم چُور ٿيو پيو آهي. آخر انهيءَ ماجرا جو ڪير ذميدار آهي؟ اهي ڏاها ۽ برک عالم يا اسان پارا اڌ پڙهيا جن کي لاکيڻي لطيف جي هڪ سٽ به پڙهڻ ۾ نه ٿي اچي.ا سان شيڪسيپئر ۽ ٽيني سن، ملٽن ۽ گوئٽي، رومي، جامي، حافظ ۽ خيام جا حوالا ته ڏيون ٿا ليڪن ڪڏهن اهو سوچيو ويو آهي ته انهن شاعرن ۽ عالمن لاءِ انهن جي قومي پرک جو، پڙهڻ جو، شرح ۽ عظمت جو ڪهڙو معيار قائم ڪيو آهي؟ ان مقابلي ۾ اسان اڃان تائين ان شروعاتي دور ۾ آهيون جيڪو محض لفاظيءَ تي مدار رکي ٿو، ان لاءِ سڄي لطيفيات موجود آهي. جنهن ۾ سواءِ ڪن ڳاڻ ڳڻين ڏاهن جي لکيتن جي ٻيو سڀ خير آهي.
جڏهين کان علم ادب، شاعري ۽ ان جي لوازمات جي تشريح جو سلسلو شروع ٿيو آهي، تڏهين کان وٺي لطيف تي ڏاها ۽ سڄاڻ توڙي ننڍا وڏا اديب لکندا رهيا آهن. تحفته الڪرام کان وٺي شاهه، سچل، ساميءَ تائين، مقدمه لطيفيءَ کان وٺي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ تائين واري مواد ۾ اسان کي لطيف تي مواد نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ڪن محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا آهن ته ڪن سنهو ڪتي سٽ سڦلي ڪرڻ جي ڪوش سڪئي آهي. پوءِ ڪن جو ڪائو ۽ ڪچ اگهيو آهي ته ڪن جي ماڻڪن ملهه ئي نه ڪيو آهي. لطيف سائين تي هن وقت تائين جو ڪجهه لکيو ويو آهي يا لکيو وڃي ٿو ان کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو.!
1 عالمن اديبن جو اهو حلقو جن شاهه رحه جي شعر ۽ فڪر کي نج تصوف جو غواص ڄاڻايو آهي، جيڪو حقيقت ۾ مجاز، ظاهر ۽ باطن تي مدار رکي ٿو. جنهن جو بنياد داخلي فسلفي تي آهي يا ائين چئجي ته اهو افلاطون ۽ نو فلاطونيت جي فلسفي جي شرح ڪندڙ آهي.
2 عالمن ۽ اديبن جو اهو گروهه جيڪو لطيف کي تاريخ ۽ تاريخي حالتن جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ جو قائل آهي ۽ سندس فڪر ۽ شعر جو بنياد تجربي ۽ مشاهدي تي رکي ٿو ۽ سندس شعر ۾ تاريخي حقيقت ۽ حالتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ سندس فلسفه شاعري جي توجيهه ترقي پسند فلسفي جي روشنيءَ ۾ ڪري ٿو.
3 عالمن ۽ اديبن جي ٽين لسٽ اهڙي آهي جيڪا اهو خيال ڪري ٿي ته لطيف وٽ زندگيءَ جي ڪنهن به فلسفي جو وجود ڪو نه آهي. وٽس صرف هڪ ڳالهه آهي. جنهن جو تعلق ولايت ۽ روحانيت سان آهي. جنهن لاءِ زندگي جي خارجي اثرن جي ڪا ضرورت ڪا نه آهي. پاڻ جيڪي به اصطلاح يا ڪنايو، نالا ۽ نشان، وٿون ۽ وسيون بيان ڪيون اٿن، انهن جي حيثيت استعاري آهي. اصل ۾ پاڻ انهن جي اوٽ ورتي اٿن جنهن جو سماج يا ان جي ماڻهوءَ سان ان جي حالات ۽ حاصلات سان ڪو به تعلق ڪو نه آهي. انهيءَ حيثيت سان اڄ تائين لطيف تي هر مڪتبه فڪر سوين عنوان ڏيئي هزارين صفحا لکيا آهن، جنهن ۾ ننڍي لکندڙ کان وٺي وڏي لکندڙ تائين سوين عالم اديب، ڏاها ۽ دانشور اچي وڃن ٿا. لطيف تي انهيءَ حيثيت سان لکڻين جو اچڻ وڏي ڳالهه آهي. جيڪو سندن گهڻ پاسائين شخصيت، فڪر ۽ فلسفي کي ظاهر ڪري ٿو. جنهن ۾ ٻهراڙي جي ڌنار کان وٺي علمي دانشگاهه جي عالم تائين جا فرد اچي وڃن ٿا ۽ هرڪو اهو محسوس ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته لطيف منهنجو آهي ۽ هن جو شعر مون لاءِ آهي. اها لطيف جي عظمت جي نشاني آهي جيڪا شايد دنيا جي ٻي ڪنهن به شاعر کي نصيب نه هجي.
جڏهن اهو تسليم ڪيو وڃي ٿو ته لطيف سنڌي ٻوليءَ“ دنيا ۽ ادب جو مهان شاعر آهي ته پوءِ ان جي هن دور ۾ اهميت جي سلي ۾ معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان تضاد ڇو آهي؟ ۽ شعر جي اندر تاريخي حقيقتن لاءِ اختلاف جو سبب ڇا آهي؟ يا اسان مان هر لکندڙ ۽ ڏاهو پنهنجي نالي ۽ ادبي حيثيت مڃائڻ لاءِ ائين ڪري ٿو. يا ان کي ڇوٽ ان ڪري آهي ته ڀلي ڳالهه اڳتي هلي ۽ پاڻهي ڇنڊ جي ڇاڻجي وڃي گاڏي پنهنجي منزل تي بيهندي. جيڪڏهن دور جي اهميت محسوس ڪندي انهيءَ قسم جا خيال لطيف جي شارحن ۽ لکندڙن جي ذهن ۾ آهن ته پوءِ اهو افسوس جو مقام آهي. لطيف جي اهميت هر دور ۾ مسلم آهي، مٿن قلم کڻن کان اڳ اسان کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته زندگي ڇا آهي؟ اسان جي علم جي حيثيت اضافي آهي يا حقيقي، بصارت ۽ بصيرت ۾، علم ۽ عرفان ۾ صلاحيت۽ صالحيت ۾، عقل ۽ معقوليت ۾، احد ۽ احديت ۾، واحد ۽ واحديت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ احساس لطيف وهمي عمل آهي يا ان کي تجربي ۽ مشاهدي جي ماڻ ۾ آڻي سگهجي ٿو؟ وغيره اهي ۽ ٻيا اهڙا ڪئين سوال سامهون اچن ٿا.
ليڪن هن امر کان قطعي انڪار نه آهي ته زندگي مسلسل تبديل ٿيندڙ آهي ۽ ”ڪل يوم هوفي شان“ جو مظهر آهي، جنهن جي هر لمحي ۽ هر ساعت ۾ ارتقا پذير هئڻ ڪري شان نرالو آهي. هن ۾ تبديلي ئي هڪ اهڙو عنصر آهي جيڪو هن کي پنهنجي پيشور ڪيفيت کان ممتاز ۽ مٿاهون ڪري ٿو. اها تبديلي ثانين جي به آهي ته سالن ۽ دورن جي، جنهن جو تعلق هر وجود جي ڪفيت ۽ حالات سان آهي. جيستائين هڪ جسم زندهه رهي ٿو هن ۾ داخلي تبديلين سان گڏ خارجي حالتن جي بنياد تي به تبديلي ٿيندي رهي ٿي. سماج ۾ خوبي ۽ خرابي خير ۽ شر مطلق آهن. ليڪن سندن خارجي اظهار تغير پذير ۽ اضافي آهن. جنهن کي انهن کان الڳ ڪري نٿو سگهجي. مجرد خيال جيڪو محض خيال آهي ان جي به ان وقت تائين ڪا حقيقت نه آهي جيستائين ان ۾ ڪا صورت يا اعيان وجود نٿو وٺي ۽ اعيان به اعين جو عڪس آهي جيڪو خارج ۾ وجود رکي ٿو. دور ۽ تاريخ ان جي تقاضا ۽ حقائق ته هڪ اٽل حقيقت آهن. جن جو انڪار ڪرڻ غلط آهي ليڪن هت: ”مئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن، واري ڪار آهي. لطيف کي ڪنهن به دور کان الڳ ڪري نٿو سگهجي. لطيف جي حيثيت ان وقت جيان آهي جيڪا جسم جي جياپي لاءِ ضروري آهي، تيئن لطيف هر دور جي هڪ عظيم قوت آهي. جيڪا خرد ۽ اجتماع کي عمل جو سبق ڏئي ٿي ته:
”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“.
لطيف هر دور جو روح آهي، سماج سان سندس جيڪو رشتو دائميت جي صورت ۾ آهي. ان کي پرکڻ ۽ ان تي سوچڻ جي ضرورت آهي. اسان مان جڏهين ڪنهن ان دائري مان نڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ته ان جو نتيجو صحيح نه نڪري سگهندو. ڇاڪاڻ ته لطيف خود هڪ سماجي دور جي پيداوار آهي ۽ پاڻ شعر ۽ فڪر جا اهي دائمي قدر ڏنا اٿن جن جي هر دور کي ضرورت آهي. اهو ئي سبب آهي جو انهن ۾ همه گيريت، جامعيت ۽ زمان ۽ مڪان سان برميچجڻ جي ڪيفيت سمايل آهي. سندس ڪلام جو اهو شعوري عنصر آهي جنهن ڪري سندس فڪر جا ماڻ ۽ قدر هر دور جو ساٿ ڏيئي سگن ٿا.پوءِ اهو دور ڪلهوڙن جو هجي يا ميرن جو، انگرين جو هجي يا بعد جو، جمهوريت جو هجي يا آمريت جو، تهذيب جي تاريخ ۽ سماجي جدوجهد ۾ انهن تي غور ڪبو ته اهي اسان کي هر دور لاءِ ڪا نه ڪا راهه ڏسيندا نظر ايندا.
هر دور يا عهد جا حالات ان جي روح عصر جا ترجمان هوندا آهن، جن ۾ معاشرتي ڪلفتن، انفرادي ۽ اجتماعي لاڙن، ان جي اضطراب ۽ بيچينيءَ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ان سان گڏوگڏ ان معاشري جي آرزوئن ۽ امنگن جو به اندازو ڪري سگهجي ٿو.
اسان کي انهيءَ نڪتي جي آڌار تي پنهنجي دور جو جائزو وٺڻ گهرجي. ۽ ان بنياد تي رهبري حاصل ڪرڻ گهرجي. هن سلسلي ۾ غور ڪبو ته رسالي جا اڌ کان مٿي بيت انهيءَ امر ڏانهن اوڙڪ ڏيندا نظر ايندا، رسالي جي هر سُر ۾ ان جي پچار آهي. جنهن لاءِ موجوده دور ۾ ان جي تبديليءَ لاءِ اهميت نظر اچي ٿي، جنهن لاءِ ڪنهن به وستار ۽ وچور جي ضرورت ڪا نه آهي.
جي تو نظر نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿي.
جي اندر اجريل نه آهي ته پنا پڙهي ڪيترا پڙهبا، سوچ ۽ ساڃهه جي پکيءَ جو ان گام ڏانهن جي گذر نه آهي ته پوءِ ان واهيري ۽ وسين کي ووڙن بيڪار ٿيو پوي جتي اهو امن ۽ سک محسوس ڪري ٿو.
”ماري مرين شال، ڍٻ وڃنئي ڍٻيون.
اڄ ڪينجهر جا ڪنارا اداس آهن، مو کي متارن جا ڀاڻا ڀينگ ٿيل آهن. سورٺ جو سينگار اجڙيل آهي. مومل ماڻو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. سسئي سورن جي ساٿ سان جبل جي جوءِ ۾ آهي، سهڻيءَ جو ڀيلو وچ سير ۾ ڀري چڪو آهي، مارئي عمر جي قيد ۾ آهي، ليلان ليهور ڇڏي چڪي آهي، نوري نماڻا نيڻ کڻي واٽون واجهائي رهي آهي. مورڙو اڳئين جيان مانگر مڇ کي مات ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهي ۽ چوي پيو ته:
متو آهين مڇ، ٿلها ٿو ٿونا هڻين،
تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا
(شاهه رح)
راڻي ملا هر روز نئون نياپو اچي ٿو، جيئن عاشق اصل پنهنجي سسي نٿا سانڍين ۽ نينهن جي نيزي تي چڙهي پاڻ پرزا ڪيو وجهن.
پاٻوهيو پڇن، ڪٿي هٿ حبيب جو
کين ان هٿ جي تلاش آهي جيڪو حق جو حمايتي ڀيڻي ۽ ڀرجهلو آهي. جنهن کي هولطيف جي فلسفي حيات ۾ محسوس ڪري ٿو ۽ ان ۾ پنهنجي لاءِ سڪار ۽ سڻائي سمجهي ٿو. هن نفسا نفسي جي عالم ۾ لطيف کي ڀيرن جي ڀيٽا ڏيڻ صحيح عمل نه آهي. آخر هي زندگي جي مانڊاڻ جي دور جون تقاضائون ڪيڏانهن وڃن ؟ جن جي حل ۽ ويچار وارو معاملو انهيءَ طرح سان بنهه پوئتي رهجي وڃي ٿو. پوءِ يا ته اسان لطيف جي ڪلام لاءِ جيڪا عالمي شعور واري دعويٰ ڪريون ٿا اها غلط آهي، يا اسان وٽ سمجهه جي گهٽتائي آهي يا اسان سچ چوڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيون. موجوده دور ڪمپيوٽرائيزيشن جو دور آهي. جنهن انسان جي عقل ۽ اظهار جي قوت کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اقتصادي حالتون جيئن پوءِ تيئن سائنسي طريقن جون محتاج ٿينديون پيون وڃن. دنيا وسيع عريض هوندي سيمٽبي پيئي وڃي. انهن جا اثر جيئن دنيا جي ٻئي حصي جي رهواسي کي متاثر ڪن ٿا تيئن هو سنڌو ماٿر جي ماڻهوءَ تي به پنهنجو اثر ڇڏين ٿا، جنهن ۾ پراڻا سماجي قدر اسان کي ٽٽندا نظر اچن ٿا. اهڙيءَ حالت ۾ انفس ۽ آفاق جي ڳالهه اڄ جي ماڻهو کي مطمئن ڪري اهو ناممڪن نه پر مشڪل ضرور آهي. خارجي حالتن جو اثر عام ماڻهوءَ جي زندگي ۽ سوچ تي پنهنجي گهري ڇاپ ڇڏي ٿو. اهڙيءَ صورت ۾ لطيف جي فلسفي جي دائميت واري پهلو کي ڪيئن بيان ڪجي. جيڪڏهن ان کي صرف حقيقت ۽ مجاز، ظاهر ۽ باطن، ڀيرن ۽ روايتن ۾ بيان ڪيو ويو ته اڄ جو ماڻهو ان کي هرگز تسليم نه ڪندو. بجاءِ ان جي هو زندگي جي ضرورتن ۽ سماجي مشڪلاتن جي حل جي صورت ۾ ان کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ گهري ٿو. اسان جي علمي وڏائپ ۽ ان جا لاها چاڙها پنهنجي جاءِ تي ليڪن سماجي شعور جي لحاظ کان ڳالهه جو رخ ٻئي طرف وڃي ٿو، جيڪو سماجي حقيقت پسندي گهري ٿو ۽ اسان ان جي اظهار کان ڪيٻايون ٿا.جيڪا اسان جي ذهني ڪمزوري آهي. جيڪا ان ڏاڍائي جي پيداوار آهي جنهن ۾ سنڌي سماج سوين سالن کان پيڙهبو رهيو آهي.
”قومون انسانيت جي دولت آهن ۽ انسانيت قومن جو معراج آهي. قومن جي دل جي ڌڙڪي سان دور جي زندگي وابسته آهي. دنيا ۾ جڏهين به ڪنهن قوم جي دل جي ڌڙڪي کي دٻايو ويو آهي، ته اها پنهنجي يا ته يادداشت وڃائي ويهي ٿي يا وري ان جو سماجي ۽ روحاني اتحاد ختم ٿي وڃي ٿو. جنهن سان ان دور ۾ شر وجود وٺي ٿو. خير جي عدم موجودگيءَ سبب قوم جا فرد ۽ طبقا هڪ ٻئي کي سمجهڻ کان قاصر رهن ٿا. جيڪا ”صُم، بُڪُم، عُمي“ جي ڪيفيت آهي. جنهن جو لاڳيتو عمل ان دور ۾ گونگي نسل کي وجود ڏئي ٿو، جيڪو پنهنجي باري ۾ توڙي ان عهد جي سلسلي ۾ پنهنجي پوين کي ڪجهه ٻڌائڻ کانسواءِ مري وڃي ٿو.“ هاڻي اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته لطيف جهڙي عظيم انسان جي پيغام ۽ تعليم هوندي اسان ان تي عمل ڪريون يا ماٺ ڪري ويهون ۽ جيئن آهي ۽ جيئن ٿئي پيو ان تي شڪر ڪريون. لطيف اهڙي دور جي حالتن لاءِ نه صبر جو قائل آهي نه وري شڪر جو: پاڻ فرمائي ٿو ته:
”صبر ۽ شڪر کي، ڪاڏي آئون ڪندي.“
ڇو ته: بري هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون“ آهي. پاڻ ان کي ماٺو ۽ ٿڌو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ سنڌو ماٿر جو ماڻهو سندن تعليم جي روشنيءَ م هن بري ڀنڀور کي پنهون جي پور سان اجارڻ لاءِ ڪوشان آهي. هو تاريخ ۾ گونگي نسل جو قائل نه آهي ڇو ته لطيف جي راڻي جي جيڪا روءِ ۽ جوءِ آهي، اهو هر همير جي دور ۾ ڪڏهن به نه هيبيو آهي. ۽ نه وري ڳل تي ڳوڙهو آندو اٿس، ڇو ته سوڍو اها ڳالهه سکيو ئي نه آهي:
جڳ جيئن چوءِ، سوڍو تيئن نه سکيو،
راڻو، ايئن نه روءِ، جيئن ڳوڙهو ڳل پوي
(شاهه رح)
سنڌو ماٿر جو ماڻهو پنهنجي سماجي اڏاوت لاءِ لطيف کي رهبر تصور ڪري ٿو ۽ قوم جي وجود جي بقاءَ لاءِ سڀني ٻنڌڻن کي هڪ ئي ڇرڪ سان ڇنيو ڇڏي:
نو نير، ڏهه ڏانوڻ، پندرهن پينڌ پياس،
جڏهن سڄڻ ياد پياس، ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي
(شاهه رح)
منهنجي خيال ۾”موجوده دور ۾ شاهه لطيف جي اهميت“ ان کان وڌيڪ ٻي ٿي نٿي سگهي ته خدا ۽ رسول کان پوءِ شاهه لطيف جو فلسفهءِ حيات ئي آهي جنهن جي بنياد تي هيءَ قوم زندهه رهندي آئي آهي ۽ زندهه رهندي ايندي. ڇاڪاڻ ته لطيف حق ۽ سچ جو ساٿي آهي.