لطيفيات

شاهه جو فڪر ۽ فلسفو

ڪتاب ”شاهه لطيف جو فڪر ۽ فلسفو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه عبد اللطيف ڀٽائيءَ جي مختلف سُرن ۾ سمايل فڪر ۽ فلسفو - فرد ۽ سماج لاءِ سندس اخلاقي ۽ سڌارڪ تعليم جا چونڊ مضمون شامل آهن جنهن جو سهيڙيندڙ فضل الرحمٰن ميمڻ صاحب آهي.
Title Cover of book شاهه جو فڪر ۽ فلسفو

انساني اخلاق ۽ ڪردار : ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل

اڄ ڪلهه جا ڪيترا اديب مغرب جي غلامانه ذهنيت جو شڪار آهن. مغرب جا اديب اخلاق کي اضافي رسم ۽ رواج سمجهن ٿا. انهن جو چوڻ آهي ته هر دور ۽ هر ملڪ ۾ اخلاق جو نظام بدلجندو رهيو آهي. زمانو بدلجندڙ حالتن سان گڏوگڏ اخلاق جي معنيٰ ۽ مطلب کي بدلائيندو رهيو آهي ۽ بدلائيندو رهندو، پر جيڪڏهن علمي نقطي نظر سان ۽ فلسفه اخلاقي جي ڪسٽوٽيءَ تي مٿئين نظريي کي پرکبو ته انهيءَ چوڻيءَ جي صداقت ظاهر ٿي پوندي.
اخلاق جي جائزي وٺڻ کان اڳ ادب ۽ اخلاق جي لاڳاپن کي سمجهي پنهنجي موضوع ڏانهن اڳتي وڌبو ته وڌيڪ مناسب ٿيندو.
جڏهن اسين ادب ۾ زندگي جي عوامل کي اڳيان رکنداسين ته لازمي آهي ته اسان کي تعميري ادب پيش ڪرڻو پوندو ۽ اهڙيءَ حالت ۾ اهو تخريبي جراثيم کان پاڪ ۽ صاف هوندو. اسان کي زندگيءَ جي حسن ۽ قبح جي پهلوئن کي اڳيان آڻڻو پوندو، تمدن ۽ معاشرت، اخلاق ۽ ڪردار، تعمير ۽ ارتقا جي سڀني ڳالهين کي پيش نظر رکڻو پوندو، ۽ انهيءَ نقطي نظر کان بيان جي صفائي، خيالات جي پاڪيزگي، هيئت جي جدت ۽ مواد جي بصيرت ۾ زندگيءَ جون جهلڪيون نظر اينديون. انهيءَ قسم جو ادب زندگي جي ويجهو هوندو آهي ۽ اهڙي ادب کي ئي ادب برائي زندگي چئبو آهي. اهڙي ادب ۾ صداقت، سوز ۽ گداز، رحم ۽ ڪرم، احساس ۽ جذبي جو هجڻ لازمي آهي.
اهڙن ئي عنصرن سان زندگيءَ جي تعمير ٿئي ٿي ۽ اهڙي ادب کي ئي تعميري ادب چئبو آهي يا ادب برائي زندگي سان تعبير ڪبو آهي.
زندگيءَ جو مفهوم ڏاڍو وسيع آهي، جنهن جي تعبير جا مختلف پهلو آهن. انهن مان اخلاق جو تعلق سڀ کان ويجهو آهي. ان جي فقدان کان زندگي کي زندگي نه چئي سگهبو. هن جي انتشار کان زندگي عجب شيءِ بڻجو ٿي وڃي. اخلاق زندگي جو مظهر آهي ۽ انسانيت جو آئينو آهي. انهيءَ حقيقت کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي ته اخلاق ۽ زندگيءَ جو ربط مشترڪه حيثيت رکي ٿو ۽ انهيءَ پهلو کان ادب۽ اخلاق جا ڇيڙا ملندا نظر اچن ٿا.
انهيءَ نقطي نظر کان اسان جي ولي الله ۽ زنده جاويد شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه اسان کي اهڙو ادب پنهنجي شاهڪار ”شاهه جي رسالي“ ۾ پيش ڪيو آهي.
اسان جي اڄوڪي مذاڪري جو عنوان آهي ”شاهه جي ڪلام ۾ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو معيار“ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو معيار، تعميري ادب جو هڪ ضروري جز آهي ۽ شاهه صاحب ان کي جابجا پنهنجن سرن ۾ نمايان ڪيو آهي. هن موضوع تي خيالن جي اظهار ڪرڻ لاءِ اسان کي عالم انساني جي اخلاق تي غور ڪرڻو پوندو، جي سڄي بني آدم ۾ ٿورو گهڻو نظر اچن ٿا، جهڙوڪ عبادت، انساني مساوات، راست بازي، عدل ۽ انصاف جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ، ملڪي ۽ قومي مفاد جي حفاظت ڪرڻ، نيڪين جي پابندي ۽ بڇڙاين کان بچڻ ۽ ڪردار جي اهميت. اهي ۽ انهن جهڙيون ڪي ڳالهيون جي انساني جماعت ۾ قريب قريب هڪجهڙيون ملن ٿيون. جڏهن اسين انهن عام اخلاق تي غور ڪريون ٿا ۽ شاهه صاحب جي ڪلام تي نظر وجهون ٿا ته هڪ سرسري مطالعي مان ئي آسانيءَ سان فيصلو ڪري سگهون ٿا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ مسلمان ۽ صوفي شاعر هو. هن پنهنجي ڪلام جي ذريعي اهڙي اخلاق جي تعليم ڏني آهي جا سڄي دنيا جي انسانن لاءِ عموما ۽ مسلمان لاءِ خصوصاً اهميت رکي ٿي.

[b]عبادت:
[/b]اسين سڀ کان اڳي عبادت کي وٺون ٿا. شاهه صاحب نهايت سهڻي نموني ۾ انسان کي خدا جي عبادت لاءِ تاڪيد ٿو ڪري ۽ ان جي نتيجي کان آگاهه ٿو ڪري. جيڪي غفلت ۾ ستا پيا هوندا آهن، تن کي سجاڳ ٿو ڪري ته ننڊ ۾ پئجي رهڻ کان ڪجهه حاصل ڪري نه سگهندي، تنهنڪري اٿي عبادت ڪر:
ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ٿئي.
سر ڪلياڻ ۾ عبادت لاءِ جيڪي چيو اٿس، تنهن جو اندازو هيٺين بيتن مان ٿي سگهي ٿو:
وحده لاشريڪ لھ، چئه چوندو آءُ،
فرض واجب سنتون، تنئون ترڪ مَ پاءِ،
توبهه سندي تسبيح، پڙهي سا پڄاءِ،
نانگا پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راهه سونهاءِ،
سپيريان جي ڳالهڙي، ڪي هنئين سين لاءِ،
ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه وڃي.
ساڳئي سر ۾ ٻئي هنڌ فرمائين ٿا:
وحده لاشريڪ لھ، جن اُتو سين ايمان،
تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لسان،
اوءِ فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنهن نه اوليا.
سر سريراڳ ۾ چون ٿا:
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، آڳهه اچيو اُن جي.
عبادت هر مذهب ۽ ملت جو هڪ فرض آهي. آتش پرست باهه ذريعي، يهودي ۽ عيسائي پنهنجي پنهنجي طريقي سان ۽ ڪي قومون مورتين کي اڳيان رکي عبادت ڪن ٿيون. شاهه صاحب عبادت جي فرض کي اسلام جي طريقي تي ادا ڪرڻ جي تعليم ڏني آهي، جهڙوڪ فرض، واجب ۽ سنتون جي لفظن مان ظاهر ٿو ٿئي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ دوزخ جي باهه ويجهي ڪين ايندي.

[b]توحيد:
[/b]جيڪڏهن عبادت جي حقيقت تي غور ڪبو ته ان جو بنياد توحيد تي ثابت ٿيندو. توحيد جو مطلب هي آهي ته انسان نه رڳو الله کي ئي هڪ سمجهي بلڪه پنهنجي ڪردار، افڪار ۽ اعمال ۾ پڻ يڪسائي يعني توحيد پيدا ڪري. ڪردار ۽ اعمال ۾ توحيد پيدا ڪرڻ وحدت فڪر تي منحصر آهي. وحدت فڪر ان وقت تائين ممڪن نه آهي، جيسين سڄي ڪائنات جي ڪثرت کي وحدت جي طرف رجوع نه ڪيو ويو آهي. ڪائنات ۾ ڪثرت ۽ وحدت جو لاڳاپو اهڙو آهي، جهڙو ٻج ۽ وڻ جو. ٻج هڪ هوندو پر ان جي صورت ۽ شڪل اهڙي هوندي آهي جنهن کي ڏسي اندازو نه ڪري سگهبو ته ان ۾ ڪهڙي قسم جو وڻ لڪل آهي، نه اهو معلوم ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪهري ول جو ٻج آهي: گلاب يا سورج مکي جو. نه اها خبر پوي ٿي ته هن ٻج ۾ انب، ليمي يا نم جو وڻ لڪل آهي. پر جڏهن هن ٻج کي هڪ خاص طريقي سان زمين م پوکي پاڻي ڏنو وڃي ٿو ته ان ٻج جي وحدت مان وڻ جي ڪثرت ظاهر ٿئي ٿي. هن تمثيل مان ثابت ٿئي ٿو ته وحدت فڪر جو واسطو وحدت وجود سان آهي ۽ وحدت وجود مان جيترو وحدت انساني ۽ وحدت ڪائنات ثابت ٿئي ٿي ٻئي ڪنهن، اصول مان نٿي ٿئي.
شاهه صاحب هڪ صوفي شاعر هو. صوفين جا ٻه گروهه آهن. هڪ وحدت الوجود وارا ۽ ٻيا وحدت الشهود وارا. شاهه صاحب وحدت الوجود جو قائل هو. وحدت الوجود جي مسئلي کي شاهه صاحب جنهن انداز سان پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيو آهي، تنهن مان هي مشڪل مسئلو آسان ٿي پيو آهي. جيئن شاهه صاحب فرمائين ٿا:

پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين،
هئا اڳهين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

ٻئي هنڌ فرمائين ٿا:

وحدت تان ڪثرت ٿئي، ڪثرت وحدت ڪل،
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي م ڀل،
هو هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين.
--
ايڪ قصر در لک، ڪوڙيين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
--
ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار،
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌارو ڌار
پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.

توحيد يا وحدت الوجود جو هيءُ فائدو آهي ته عبادت جي وقت، انسان جو خيال سواءِ خدا جي ٻئي ڪنهن پاسي ڀٽڪڻ نه گهرجي.
هاڻي شاهه صاحب جي ڪلام مان بعض اهڙا مثال پيش ڪريون ٿا جي تمام عالم انساني جي لاءِ هڪ جهڙا فائديمند آهن.

[b]مساوات:
[/b]مساوات، انسان اخلاق جو اهو بلند درجو آهي، جنهن کان بهتر ۽ برتر ڪو مرتبو نه آهي. هن سلسلي ۾ اهو به ظاهر ٿو ڪجي ته مساوات انساني جي تبليغ دنيا جي سڀني مذهبن ۽ قومن ۾ سڀ کان اڳ اسلام ئي ڪئي آهي ۽ اهو اسلام جي برتريءَ جو سڀ کان اڳي اسلام ئي ڪئي آهي ۽ اهو اسلام جي برتريءَ جوسڀ کان وڏو ثبوت آهي. اقبال پنهنجي شڪوه ۾ چيو آهي:
ايڪ هي صف مين کڙي هو گئي محمود اياز،
نه ڪوئي بنده رها اور نه ڪوئي بنده نواز.
غور ڪري ڏسبو ته اسلام جو اهو اصول سڄي بني نوع انسان جي لاءِ رحمت جوسبب آهي ۽ اڄ دنيا جي هر قوم ۾ اهو احساس پيدا ٿي چڪو آهي ته سڀ انسان انساني حقن ۾ بلڪل مساوي آهن. شاهه صاحب وٽ اهو خيال جدا جدا نموني ۾ ملي ٿو، مثلا: سر سارنگ ۾ فرمائين ٿا:
سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
هن بيت ۾ شاهه صاحب جتي سنڌ کي دعا ڪئي آهي، تتي سڄي عالم کي به دعا ۾ شامل ڪيو اٿس. هن بيت مان نه رڳو مساوات جو پتو پوي ٿو بلڪه خود شاهه صاحب جو ڪردار به ان مان ثابت ٿئي ٿو.

[b]ڪردار:
[/b]انساني ڪردار ئي اصل ۾ انسان جي اها صفت آهي، جا هن کي بلند کان بلند تر به ڪري سگهي ٿي، ۽ ذليل خوار به ڪري سگهي ٿي. هڪ فارسيءَ جي استاد چڱو چيو آهي:
آدمي زاده طرفه معجون است
از فرشته سرشته وز حيوان
گرکند قصد اين شود بد ازين
وز کند ميل آن شودي ازان
شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ جيترو زور ڪردار تي ڏنو آهي، اوترو شايد ٻئي ڪنهن موضوع تي نه ڏنو هجي. مثلاََ مارئي، سسئي، ليلان، نوري، سهڻي، مومل، عمر، پنهون چنيسر، تماچي، ميهار ۽ راڻو وغيره، شاهه صاحب جا خاص ڪردار آهن. شاهه صاحب پنهنجي هر ڪردار جي خصوصيتن کي چمڪائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. ان مان شاهه صاحب جو هيءُ مطلب آهي ته ڪردار سان ئي انسان، انسان بڻجي ٿو. شاهه صاحب جي هر ڪردار جو تفصيل هن جي هر هڪ سرمان ملي ٿو. اصل ۾ ڪردار ئي هڪ اهڙو راز آهي، جنهن مان اخلاق، اخلاق بڻجي ٿو ۽ اخلاق ۽ ڪردار مان ئي ڪا قوم عظمت ۽ جبروت حاصل ڪري سگهي ٿي.
اسين شاهه صاحب جي رسالي مان فقط مارن جو ڪردار مارئيءَ جي زباني نقل ڪريون ٿا:
اي نه مارن ريت، جينءَ سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪا نه ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.
خود مارئيءَ جي ڪردار ۾ حب الوطني به شامل آهي. حب وطن به هڪ عام انساني ڪردار آهي. حضرت بلال حبشي هجرت ڪري مدينه طيبھ اچي ويو هو. پر اضم جبل جو ذڪر پنهنجن شعرن ۾ ضرور ڪري ٿو، جتي هو رڍون ۽ ٻڪريون چاريندو هو. هن جي شعرن مان مڪي معظمه جي محبت پيئي بکي، مارئي جو به شاهه صاحب اهو ئي حال ڏيکاريو آهي.
واجهائي وطن کي، آءٌ جي هت مياس،
گور منهنجي سومرا! ڪج پنهوارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير.

[b]ذخيره اندوزي:
[/b]هيءَ هڪ اهڙي لعنت آهي جا جيڪڏهن ڪٿي ڦٽي نڪري ٿي ته انسان جي ايذاءَ جو سبب بڻجي ٿي. مثلا اسان جي زماني ۾ اڄڪلهه جا مهانگائي نظر اچي رهي آهي، سا ذخيره اندوزي جي ڪري ئي آهي. غريب ماڻهو ۽ وچولي درجي جا ماڻهو ذخيره اندزوي جي سبب بيحد پريشان آهن. ذخيره اندوزيءَ جو رجحان نئون ڪو نه آهي، بلڪه شاهه صاحب جي زماني م به ان جو پتو پوي ٿو. جهڙوڪ سر سارنگ ۾ شاه صاحب ان جي مدائي ڪندي فرمائين ٿا:
حڪم ٿيو بادل کي، ته سارنگ ساٺ ڪجن،
وڄئون وسڻ آئيون، ٽهه ٽهه مينهن ٽمن،
جن مهانگي لئي ميڙيو، سي ٿا هٿ هڻن،
پنجن منجهان پندرهن ٿيا، ائين ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيهن مان، موذي سڀ مرن،
وري وڏي وس جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
سيد چوي سڀن، آهه توهه تنهنجي آسرو.

[b]رب ۽ روٽي:
[/b]لينن کي اقبال پيغمبر نان و شڪم سڏيو آهي. دنيا ۾ هڪ اهڙو طبقو به آهي، جنهن کي انساني زندگيءَ جي لطافتن سان پري جو به واسطو ڪونهي، حالانڪه حياتيءَ جون اهي لطافتون معاشري جي لاءِ نهايت ضروري آهن. مثلا فڪر ۽ خيال جو انهن جي ميلاپ سان وڏن وڏن ايجادن جو واسطو آهي، پر نان ۽ شڪم جا پوڄاري انهيءَ قسم جي ضرورتن کي نظر انداز ڪن ٿا. شاهه صاحب روٽيءَ کي روٽيءَ جوئي مقام ڏنو آهي ۽ ربُ کي ربَ جي مقام تي سمجهيو آهي، پر روٽي ۽ رب جي هڪٻئي سان ڀيٽ ڪا نه ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڀيٽ عقل جي برخلاف آهي. تنهن ڪري شاهه صاحب سر رامڪلي ۾ فرمائين ٿا:

گولا جي گراهه جا، جوٺا سي جوڳي،
ڦٽل سي ڦوڳي، جني شڪم سانڍيا.
ساڳئي سر ۾ ٻئي هنڌ چون ٿا:
جن سنياسين سانڍيو، گندي ۽ گراهه،
انهيءَ کان الله، اڃا اڳاهون ٿيو.

عام انساني قدرن مان صلح ۽ تواضع به آهن. هن بابت شاهه صاحب جيڪو فيصلو ڏئي ٿو، سو ٻڌو:

نمي کمي نهار، ڏمر وڏو ڏک،
صلح ۾ سڀ سک، جي سنواريا سمجهين.

[b]مال انديشي:
[/b]سڀني حيوانن ۾ انسان کي جيڪو شرف حاصل آهي، سوانهيءَ ڪري آهي ته هو هر ڪم جو مال يعني انجام اڳيئي سوچي ٿو وٺي. انسان کانسواءِ دورانديشي، سعي و محنت ڪنهن جاندار جو فرض نه آهي. هن باب ۾ شاهه صاحب جو فرمائڻ ائين آهي ته:

تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌ پنهنجو ترهو
اونهي ۾ آڻي، ڪو نه ڏيندو ڪو ٻيو.

ٻئي هنڌ فرمائين ٿا ته

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه ڏسين پرين جو.

انهن ٿورن مثالن مان، جي شاهه جي ڪلام مان پيش ڪيا ويا آهن. انساني اخلاق ۽ انساني ڪردار جي ڪيفيت جو معيار صاف سمجهه ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن انهيءَ موضوع کي شاهه صاحب جي ڪلام مان مڪمل طور تي اخذ ڪيو وڃي ها ته هڪ ضخيم ڪتاب تيار ٿي سگهيو ٿي. هن مقالي جي گنجائش مطابق شاهه صاحب جي ڪلام مان ڪي ٿورا عنوان چونڊي هن موضوع تي مختصر اشارا ڪيا ويا آهن:
اگر درخانه کس است، حرف بس است.