لطيفيات

شاهه جو فڪر ۽ فلسفو

ڪتاب ”شاهه لطيف جو فڪر ۽ فلسفو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه عبد اللطيف ڀٽائيءَ جي مختلف سُرن ۾ سمايل فڪر ۽ فلسفو - فرد ۽ سماج لاءِ سندس اخلاقي ۽ سڌارڪ تعليم جا چونڊ مضمون شامل آهن جنهن جو سهيڙيندڙ فضل الرحمٰن ميمڻ صاحب آهي.
Title Cover of book شاهه جو فڪر ۽ فلسفو

پيهي جان پاڻ ۾ : مولانا غلام محمد ”گرامي“

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
انسان، تخليقي ارتقا جي آخري تصوير آهي: يا چئجي ته ”انسان“ مادي مظاهر ۽ مناظر جو ارتقائي ۽ انتهائي قالب ۽ مجسمو آهي، ۽ خلق ڪائنات جي جمال پسند ۽ حسن آفرين جذبه تخليق جو انتهائي حسين ۽ پُر جمال، متنوع ۽ رنگين شاهڪار آهي. ”خلق الا دَمدَ عليٰ صورتھ“ جو به اهو ئي مطلب آهي. آدم جي، الله جي صورت تي تخليق ۽ ترڪيب ٿيل آهي، ۽ الله جميل آهي ۽ انسان به جميل آهي. خالق ڪائنات تخليقي هنرن ۽ ڪاريگرن کي، پهاڙن جي هيبت خيز بلندي، آسمان جي بلند رفعت ۽ ناقابل تسخير مسافت، سج چنڊ ۽ تارن جي گونا گون نوراني ضيا پاشي، نباتات ۽ گلن جي باليدگيءَ ۽ عطربيزيءَ، حيوانن جي مختلف النوع مظاهر، عادات، اشڪال ۽ معاش ۾ استعمال ڪيو آهي ۽ ان کي ”عالم اصغر“ سڏيو ويو آهي. پر انسان جو، انهن سڀني چيزن ۽ تخليقي ڪارنامن ۽ تعميري ڪاريگرين جو جامع آهي ۽ جو نقاش فطرت جي انتها متنوع مزاج ۽ حسن آفرين جذبه تخليق جي مورت آهي، تنهن کي ”عالم اڪبر“ سڏيو ويو آهي، جيئن ”الله اڪبر“ آهي، تيئن ”انسان به اڪبر“ آهي. جيئن الله ۽ ان جي ڪمال جو ڪو اندازو نه آهي، تيئن انسان ۽ سندس جمال جو به ڪو شمار ڪين آهي. جيئن الله ”لاشريڪ“ آهي، تيئن انسان به پنهنجي امتيازي تخليق ۽ معنوي عظمت جي لحاظ سان ” لاشريڪ“ آهي. جيئن چيو ويو آهي ته ”الله چاهيو ته کيس سڃاتو وڃي، ته پوءِ آدم کي پيدا ڪيائين.“ گويا آدم اهو ”آئينه حق نما“ آهي، جنهن ۾ الله تعاليٰ جو ڪمال ۽ جمال هوبهو، بلا ريب و فريب، بلاڪم و ڪاست منعڪس ٿين ٿا، جنهن ۾ ”حق“ تجلي ريز ٿئي ٿو، ۽ جو حق جي انعڪاس جو متهمل ٿئي ٿو، جو حق جي منتشر ڪمال ۽ جمال کي هڪ هنڌ منظم ۽ مجتمع ڪري ٿو، جنهن ۾ ”حق“ ڏسجي ٿو، جنهن سان حق ڏسجي ٿو. ولقد کرمنا بني آدم“ جو تاج به انسان جي ان عظمت ۽ عزت جي پاکر آهي: ”لقد خلقنا الانسان في احسن تقويم“ انسان جي حسن تخليق ۽ اقوام پسنديده ڏانهن اشارو آهي، ۽ تخليق ۽ تڪريم جا ضمير سڌا سنوان ”خالق اڪبر“ ڏانهن آهن گويا ”انسان“ جو دست قدرت جي تخليق آهي، ان تائين ”اير غير“ جي دسترسي جو ڪو احتمال ڪو نه آهي. سندس مادي ۽ خاڪي جسم جي ڳوهڻ وارا فضيلت مآب فرشتا سڳورا آهن. پر سندس معنوي زندگيءَ جو مبدءِ فيض، خود خالق ڪائنات آهي. ۽ سندس روح جو خروج ۽ دخول براهه راست الله جي حڪم سان آهي. ٻين جو گذر سندس روح تائين مشڪل آهي. بقول اقبال:
لحد مين ڀي يهي غيب و حضور رهتي هين.
شاهه چيو:
اچي عزرائيل، ستي جاڳائي سسئي،
ٿي ڊوڙائي دليل، ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو.
عزرائيل فقط جسم کي ڇهي ٿو، پر روح تائين سندس رسائي ڪا نه ٿي ٿئي. اهو جيئن الله جي امر سان خاڪي جسم ۾ آيو آهي، تيئن الله جي امر سان ٻاهر نڪري ٿو، ۽ اها حقيقت ظاهر بين حضرات کان گهڻو مٿي آهي. مولانا رومي فرمايو آهي ته:
اتصال بي تڪيف بي قياس،
هست رب الناس رابا جان ناس
عبد ۽ معبود جو ربط ۽ ضبط نهايت نازڪ ۽ لطيف ۽ بي ڪيف آهي. حضرت علي ڪرم الله وجھ فرمايو آهي: ”من عرف نفسھ فقد عرف ربھ“ جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو، تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو، ۽ شاهه صاحب چيو:
پنهنجو آهين پاڻ، آڏو عجيبن کي!
اڄ سائنس ۽ فلسفه ماديات جو دور ۽ زور آهي. سائنسدان سرگردان آهن ته زندگي ڇا آهي؟ ڪائنات ڇا آهي”؟ ۽ خالق ڪائنات جي حقيقت ڇا آهي؟ نطام شمسي ڇا آهي؟ پر انهن جو ”علم ۽ عقل“ محدود آهي ۽ هو ڪوريئڙي وانگر پنهنجي پيٽ مان ڪڍيل تاڃين ۽ ڄارن ۾ خود ڦاسي چڪا آهن، ۽ هميشه ڦاٿا رهندا. ان طرح فلسفي ويچارا اصطرلاب ۽ لئبارٽريءَ کانسواءِ پنهنجي عقل جي گهوڙي تي چڙهي ڌڪا ٿا هڻن ۽ بقول رومي ”انهن جا پير ڪاٺ جا آهن! انهن جو ڪنهن سنئينءَ راهه تي پهچڻ ناممڪن آهي، اهي سائنس، فلسفي، عقل، علم، دماغ، قلم، ڪتابَ ۽ ظاهري نظر سان هن ”ڪائنات“ کي سمجهڻ گهرن ٿا، هزارين ورهيه گذري ويا، بقول اڪبر اله آبادي:
ليڪن خدا ڪي بات، جهان ٿي وهان رهي!
ٽيون گروهه آهي صوفياءِ ڪرام جو، جي عقل ۽ علم کان گهڻو مٿي، ”ذوق“ حال ۽ وجدان سان انهن مسئلن کي سمجهن ٿا. فلسفي ۽ سائنسدان جو پرواز اتي ختم ٿئي ٿو ته زندگي ڇا آهي؟ پر صوفي چوي ٿو ته ”زندگي ڇو آهي؟“ هو چون ٿا ته ”ڪائنات ڇا آهي؟“ صوفي چون ٿا ته ”ڪائنات ڇو آهي؟“ ان جي غايت تخليق ڇا آهي ڪنهن پيدا ڪئي آهي؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ هي ايترو مانڊاڻ منڊيو ويو آهي؟نباتات ۽ حيوانات ۽ جمادات ۽ طبقات الارض ۽ فلڪيات جي نظري، قياسي، وهمي ۽ ظني علوم کي دنيا ”سائنس“ سڏي ٿي ۽ انهن کي ”سائنٽيفڪ نظريات“ سڏي ٿي. حالانڪه ”وجدان ۽ ذوق، باطن ۽ بصرت“ کانسواءِ اسان جا حواس ناقابل اعتبار ۽ ساقط الاعتبار آهن. هڪ سڳوري چيو آهي ته ”جڏهن هڪ دفعو منهنجا حواس غلطي ڪن، ته اهي هميشه لاءِ ناقابل اعتبار سڏي سگهجن ٿا. اسان جون اکيون چاڻي ٻجهي به واريءَ جي رڻ کي بحر مواج ڏسن ٿيون.“ اسان جون اکيون فضا جي لا انها پور کي نيري رنگ جو گنبذ نما آسمان سمجهن ٿيون. حالانڪه هو رڃ آهي، پاڻي نه آهي ۽ هي فضا آهي. اهو رنگ اسان جي اکين جي ڪوتاهيءَ جو رنگ آهي. في الحقيقت آسمان نيرو ڪين آهي ۽ آسمان جي اها حقيقت ڪا نه آهي جا نظر اچي ٿي. موجوده سائنس جو پرواز، اسان جي ”عقل ۽ نظر“ يعني ظاهري اکين تائين آهي، جن جو حال اهو آهي جو رڃ کي پاڻي ۽ فضا کي نيرو آسمان ٿيون سڏين. انهن جي حقيقت، دل جي بصيرت سان سمجهي سگهجي ٿي.
دل بينا ڀي ڪر خدا سي طلب،
آنک ڪا نور دل ڪا نور نهين.
علامه اقبال، ”اک جي نور“ کي ”نور“ نٿو سمجهي گويا سائنس جي نظريات کي مڃي ته ٿو، پر چوي ٿو ته دل بينا جي ضرورت آهي. ان طرح شاهه ڪريم چيو آهي ته:
اي ڪن گاڏهان وڪڻي، ٻيا ڪي ڪن ڳنهيج،
تنين ساڻ سڻيج، سندي پريان ڳالهڙي!
چوي ٿو ته هن ڪائنات کي ڇو ٿو کولين ۽ ڦولين؟ ڪائنات ۽ ان جي خالق جي حقيقت توکي پنهنجي ”دل“ مان پوندي. سج، چنڊ تارن،زمين ۽ مريخ جي معاملات ۾ تون ڇو ٿو پوين؟ انهن ۾ ڇا رکيو آهي؟ اهو ”عالم اصغر“ آهي. تون ”عالم اڪبر“ يعني ”انسان“ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. اهو پتو ”پاڻ“ مان پوندئي! رسول الله ﷺ فرمائيندا هئا ”رجعنا من جهاد الاصغر اليٰ جهاد الاڪبر“ يعني ”ننڍي جهاد کان وڏي جهاد ڏانهن موٽياسون.“ شاهه لطيف ٿو چوي ته:
اصغر ڏي آهين گهڻا، تون اڪبر ڏي آءٌ!
اهو ”عالم اڪبر“ ڪير آهي؟ اهو ”انسان“آهي ۽ ان کي سمجهڻ وڏي سائنس آهي ۽ اها سائنس، قلم، ڪتاب، ڪاغذ، ڪاليج ۽ ان جي ناليج جي مادي دنيا کان مٿي آهي. ”اوراق“ نه گهرجن، پر ”ادراڪ“ گهرجي. بقول رومي:
صد ڪتاب و صد ورق در نار کن.
روئي دل را جانب دلدار کن!
شاهه چيو:
اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار،
اندر کڻي اجار، پنا پڙهندين ڪيترا!
ڪهڙي ڪاتب پيو ڪرين، مٿي پنن پيهه،
جي ورق وارين ويهه، ته اکر مڙيئي هيڪڙو!
هن علم کي علم ڪامل چوڻ به غلط آهي. الله تعاليٰ فرمايو آهي: ”وما اتبتم من العلم الا قليلا“ گويا اسان کي قليل علم مليو آهي ۽ ”ظلوما جهولا“ جي پاکر به سر تي آهي. هڪ جاهل، ظالم ۽ ڪم علم ماڻهوءَ جو پرواز ڏسو، جو پنهنجي چئن فوٽن جي دنيا کي ڇڏي وڃي سج چنڊ سان مٿو هنيو اٿس! بقول سعدي:
توکار زمين را نکو ساختي،
که با آسمان نيز پرداختي.
ڪنز قدوري ڪافيه، جي پڙهي پروڙين سڀ
ڪَرَ منڊي ماڪوڙي کوهه ۾، پيئي ڪڇي آڀ.
منڊي ماڪوڙي کوهه کان ٻاهر ڪا به دنيا نٿي ڏسي ۽ نٿي مڃي. اهو ساڳيو حال آهي علم ظاهريءَ ۽ علم ماديءَ جو! موجوده انسان اڃان ناتجربيڪار ۽ نابالغ آهي. سندس سمجهه اڃا سالم ڪين ٿي آهي. سندس نقل و حرڪت ٻاراڻا بانبڙا آهن. اهو انسان ترقي پذير آهي. ترقي ڪندي ”فقو البشر“ يا ”انسان ڪامل“ جي درجي تي پهچندو، يعني بالغ ۽ تجربيڪار ٿيندو. عامل ۽ عالم، فهيم ۽ دانمشند ٿيندو، علم ڪامل ۽ عقل ڪامل جو صاحب ٿيندو. موجوده الف، ب ت جي مَڪتبي دنيا مان نڪري، هڪ آزاد دنيا ۾ ساهه کڻندو. ساري ڪائنات کي مسخر ڪندو. سج ۽ چنڊ کي پنهنجي تابع ڪندو. سمنڊن جي پيٽ کي چيريندو، جبلن کي ٺوڪرن سان لوڏيندو ۽ چوندو:
نه مين جهان ڪي لئي هون، نه آسمان ڪي لئي،
جهان هي ميري لئي، مين هون بس خدا ڪي لئي.
(اقبال (ٿوري تصرف سان)
پوءِ پنهنجي غايت تخليق تي سوچيندو. اهو سوچڻ سندس لاءِ مناسب ٿيندو. هو ڪائنات ۽ خالق ڪائنات تي غور ڪندو ۽ پوءِ چوندو ته:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
ان ”انسان ڪامل“ لاءِ اقبال چيو آهي:
پري هي چرخ نيلي فام سي منزل مسلمان ڪي
ستاري جس ڪي گردراهه هون وه ڪاروان تو هي
شاهه جو انسان ڪامل، اقبال کان گهڻو مٿي آهي. اقبال جي چرخ نيلي فام جي جواب ۾ چوي ٿو ته:
نڪو عرش نه اڀ ڪو، زمين ناهه ذرو،
نڪو چارو چنڊ جو، نڪو سج سرو،
اتي آديسين جو، لڳو دڳ درو،
پري پين پرو، ناٿ ڏٺائون نانهه ۾!
اقبال جو ”پري هي چرخ نيلي فام سي“ ۽ شاهه جو ”پري پين پرو “ غور طلب آهي. شاهه، ”انسان ڪامل“ جو انتهائي مقام اتي ٿو ٻڌائي، جتي نه عرش آهي، نه اڀ، نه چنڊ جو چارو، نه سج جو سرو، ۽ ان مقام کي ”پري“ سڏي ٿو. پر شاهه جي ”پري“ ڪا پاڻ کان ”پري“ ڪين آهي. شاهه ٿو چوي:
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻيءَ پار،
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو!
نطشي، اقبال ۽ برگسان جا ”انسان ڪامل“ ۽ ”فوق البشر“ متعلق نظريات اوهان کي معلوم آهن. نطشي جي نظر ۾ ”نيپولين“ جهڙو شرابي، بدمست، آوارو، رنگين مزاج، خوني ۽ جنگجو ماڻهو ”فوق البشر“ آهي، ۽ برگسان ويچارو زمان ۽ مڪان جي واديءَ ۾ گم ۽ غرق آهي. ان جي افڪار مان نطش پنهنجو ”فوق البشر“ بونا پارٽ کي بنايو آهي.!
اقبال جو انسان ڪامل، گستاخ ۽ بيباڪ، شوخ ۽ شنگ، دريده دهن ۽ زبان دراز آهي. هو الله سان هم ڪلام ٿئي ٿو، پر آداب ڪلام کان جاهل! هو الله تي چوٽون ٿو هڻي ۽ ٽوڪون ٿو ڪري.
زيان آدم خاڪي زيان تيرا هي يا ميرا؟
ٻئي هنڌ:
اپنا گريبان چاڪ، يا دامن يزدان چاڪ!
پر شاهه انسان ڪامل لاءِ چوي ٿو:
جکري جهڙو جوان، جڙيو ڪين جهان ۾،
مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان،
تنهن آگي جا احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙو.
شاهه جي بشر ڪامل جا اوصاف نطشي ۽ اقبال جي فوق البشر جي وصفن سان ڀيٽيو.
آديسين ادب، آهي اکڙين ۾،
نسب تن جو ناهه ڪو، نڪو تن حسب،
سامين کي سڀين پرين، روح ۾ آهي رب،
ريءَ لانگوٽيءَ لب، پاڇي رکن نه پاڻ لئي!
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته:
بک وڌائون بگرين، جوڳي ڪندا جُڃ،
طلب نه رکن طعام جي، اوتيو پين اُڃ
لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مُڃ،
سامي جهاڳي سُڃ، وڃي، وَسئُن کي ويجها ٿيا!
ٽئين هنڌ فرمائي ٿو:
گندي ۽ گراهه، جنين سناسين سانڍيو،
تنين کان الله، اڃان اڳاهون ٿيو.
شاهه جو انسان ڪامل گهڻو مٿي آهي:
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري!
انسان ڪامل لاءِ ائين چيو ويو آهي ته هو ظاهري ”موت“ ۽ ”حيات“ تي به قابض ٿيندو ۽ ”موت“ کيس نه ماريندو. شاهه چيو آهي:
مرڻا اڳي جي مئا. سي مري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا!

جيئڻا اڳي جي جيئا، جُڳ جُڳ سي جيئن،
موٽي ڪين مرن، مرڻا اڳي جي مئا!
افلاطون جو بشر ڪامل هڪ حجره نشين ”لا يا رڍ“ آهي، جنهن مان نه دشمن کي ڀئو، نه سڄڻ کي آسرو، پر شاهه جو ”بشر ڪامل“ بازور آهي:
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار!
مولانا روميءَ جو بشر ڪامل به ذرا بيباڪ ۽ گستاخ آهي، جئن فرمايو اٿس:
بزير ڪنگره ڪبرياش مردانند،
فرشته صيد، پيمبر شڪار، ريزدان گير!
پر شاهه جو بشر ڪامل، صابر، خاموش طبع ۽ اديب آهي:
آديسين ادب، آهي اکڙين ۾!
پڇاڙيءَ ۾ ايترو ٻڌائڻ مناسب ٿو سمجهان ته بشر ڪامل جو مذهب ڇا هوندو؟ نطشي، عيسائيت جا ڇوڏا لاٿا آهن. رومي ۽ اقبال، مذهب، نسل، رنگ ۽ ذات پات جي تفريق کان ٻاهر ٿا بشر ڪامل مڃين. شاهه صاحب جو به ”بشر ڪامل“ ائين آهي.
نڪو ڪم ڪفارسين، نڪا مسلماني من!
رومي چوي ٿو:
مِلت عشق زهمھ دين ها جدا است،
عاشقان را مذهب و مِلت خدا است.
اقبال جو بشر ڪامل جڏهن خدا جي نزديڪ وڃي ٿو، تڏهن
خدا بندي سي خود پوڇي، بتا تيري رضا ڪيا هي؟
موجب، خدا، بندي جي رضا طلبيءَ لاءِ مجبور آهي، مگر شاهه پنهنجي بشر ڪامل لاءِ چوي ٿو ته:
نرتي تند نياز سين، ٻرائي ٻيجل،
راز ڪيائين راءَ سين، ڪنهن موچاريءَ مهل،
اَنا اَحمد بلا ميم چئي، سئن هئين سائل،
ڪنهن ڪنهن پيئي ڪل، ته هر دوئي هيڪ ٿيا!
وري ٻئي نموني ۾ شاهه، بشر ڪامل جو حال بيان ڪيو آهي:
ڪنهين ڪنهين ماڙوهين، پيئي ڪل ڪائي،
رسيا جي رمز کي، تن پارسي پائي،
الانسان سري واَناسره، ورتي ائين وائي،
راجا راڳائي، هر دوئي هيڪ ٿيا!
”وحدت الوجود“ ۽ ”وحدت الشهود“ جي لفظي تعبيرات ۾ راجا ۽ راڳائي. عبد ۽ الله، احمد ۽ احد جا بحث ڏسڻ گهرجن ۽ مڪتوبات امام رباني ۽ محي الدين ابن عربي اندلسيءَ جا ڪتاب ڏسجن.
شاهه جو انسان ڪامل هميشه حجت، دليل، فخر ۽ ناز کان پري آهي:
حجت هوت پنهونءَ سان، مون ڪميڻيءَ ڪيهي
هو جا پائين پير ۾، تنهن جُتيءَ ناجيهي.
شاهه جو انسان ڪامل اياز آهي، جو فرمانبردار ۽ نياز وارو آهي، جو محمود ۾ محو آهي ۽ محمود ان ۾ گم آهي. الله پنهنجي محبوب لاءِ چوي ٿو ته:
لو لاڪَ لما خلقت الا فلاڪ!
پر عبد چوي ٿو ته:
انا عبده و رسولھ
رومي چوي ٿو ته:
”گفتھ او گفتھ الله بود
گرچھ از حلقوم عبدالله بود“
قرآن چوي ٿو ته:
ما ينطق عن الهويٰ، ان هوَ اليٰ وحي يوحيٰ
اقبال چيو آهي ته:
”قاري نظر آتا هي، حقيقت مين هي قرآن“
انسان ڪامل، مجسمھ مذهب، مجسمھ دين، مجسمھ عرفان، مجسمھ اسلام هوندو، جنهن ۾ دُئي نه هوندي ۽ نه ڪفر هوندو. ان جي دور ۾ اسلام ڪتابن م نه هوندو، پر مجسمھ اسلام هوندو. ”صبغته الله ومن احسن من الله صبعته الله“ جي رنگ ۾ رنڱيل هوندو ۽ ”انا الحق“ چوڻ جو مجاز هوندو. جيئن لوهه باهه ۾ سڙي، ڳاڙهو ٿي ”انا النار“ چئي سگهي ٿو. سندس خاصيت ساڙڻ واري ساڳي باهه واري رهي ٿي. شاهه صاحب فرمائي ٿو:
مونا طور سينا، سندا سناسين،
سجدي ۾ سيد چئي، گوڏا گودڙين،
فکانَ قابَ قوسَين او ادنيٰ، ٿا نانگا ايئن نمن،
خَر موسيٰ صَعقا، ٿا جوڳي جُنگ جلن،
بي يمشي بي يَنطق، ٿا اهڙي چال چلن،
بي يَسمَع بي يبصر، ٿا اهڙي روش رَون،
سيد چئي سندين، ڳالهه پڇين ٿو ڪهڙي!
جن جو هلڻ، ڳالهائڻ اُٿڻ، ويهڻ، ٻڌڻ سڀ الله جي تصرف سان هوندو، ۽ هو الله ۾ فنا هوندا، اهي مجسمھ اسلام هوندا. قرآن ڪاغذن ۾ نه هوندو، پر قلبن ۾ هوندو. قرآن مجسمھ انسان ۾ گم ٿي ويندو ۽ ”قاري نظر آتا هي حقيقت مين هي قرآن“ جو مظهر هوندو. ان وقت نه ڪفر موجوده صورت ۾ هوندو نه اسام رسمي طرح سان هوندو. عبد ۽ الله صوري ۽ معنوي رنگ ۾ هڪ ٻئي کي ويجهو هوندا:
عاشق چئو م ان کي، م ڪي چئو معشوق،
خالق چئو م خام تون، م ڪي چئو مخلوق.
اهو نه خالق آهي نه مخلوق، آئيني ۾ پنهنجي صورت صاف نظر اچي ٿي، پر ان صورت کي ماڻهو نٿو سڏجي، پر ان آئيني جي صورت کي به ”صورت انساني“ ضرور سڏجي ٿو! اهو انسان ”آئينه حق نما“ هوندو. اهو معاملو ڳجهه آهي، جنهن متعلق شاعر، عالم، فلسفي، صوفي، سڀ حيرت ۾ غرق آهن. احد ۽ احمد، عبد ۽ الله، آئيني ۽ صورت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ شاهه صاحب فرمائي ٿو:
نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو،
مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي،
ڪبي ات ڪيهي؟ ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.
اها ڳجهي ڳالهه به شاهه ڪئي آهي ته:
نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها!
برنارڊشا اڳ ۾ مهاتما ٻڌ کي انسان ڪامل سڏيو ۽ پوءِ پڇاڙيءَ ۾ اسٽالن کي بشر ڪامل سمجهيو اٿس. پر اسان جو شاهه چوي ٿو ته مڙس جي ڳالهه هڪ.
پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين.
هئا اڳهين گڏ، پر ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا!
گل گل پسي گودڙيا، گهڻا م ڀانئيج،
سوئي سڃاڻيج، ”هي“ هو آهي هيڪڙو!
--
ساهڙ سا سوهڻي، سائر پڻ سوئي،
آهي نجوئي، ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي!
--
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا!
--
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،
منجهئي ڪاڪ ڪڪوري، منجهين لڊاڻو.
راڻو ۽ راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناهه ڪو!
--
ڪانهي ٻي تنوار، ملڪ مڙيوئي مينڌرو،
--
اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،
هاڻي وڃ گماڻ، صحيح سڃاتا سپرين!
عبد ڪامل پڇاڙيءَ ۾ ”هو“ بنجي ويندو. شاهه کان وڌيڪ ان نظريي کي ڪنهن به بيان نه ڪيو آهي. اقبال فرمايو آهي:
که يه ٽوٽا هوا تاره مھ کامل نه بنجائي.
شاهه چيو: نڪا ابتدا عبد جي، نڪا انتها.