شاهه جو عالمي شاعرن ۾ مقام : علامه آءِ آءِ قاضي
[b]پهريون معيار:
[/b]اٽڪل هڪ سئو سال اڳ ڪارلائيل (Carlyle) نظم کي ڇڏي نثر اختيار ڪيو ۽ چيائين: ”جيڪڏهن ويد، انجيل ۽ قرآن به نثر ۾ آهن ته منهنجي لاءِ به اهو ئي ڪافي آهي. “ نظم نويسن جي استفادي خاطر وڌيڪ هيئن به چيائين: ”جيڪڏهن اوهان جو نظم ڳائڻ جي لائق نه آهي ته ان کي ”شعر“ هرگز نٿو چئي سگهجي ۽ ان جو لکڻ ئي فضول آهي.“
هاڻي اچو ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاعر کي انهيءَ ڪسوٽي تي پرکيون، پوءِ خواهه کڻي اهو شيڪسپيئر هجي يا ملٽن، گوئٽي هجي يا ڊانتي ويندي وهٽمن تائين، ۽ ڏسون ته اهو انهيءَ معيار تي پورو اچي ٿو؟ پر انهيءَ فيصلي کان اڳ اچو ته انهن متعلق جيڪي ڪجهه پاڻمرادو طئي ٿي چڪو آهي، انهيءَ تي غور ڪريون. سوال آهي ته آيا سندن شعر جو هر هڪ مصرعو خود سندن ملڪن ۾ هن کان اڳ ڳائجي چڪو آهيا يا نه؟ هن سلسلي ۾ هن سوال کي ته آيا سندن ڪلام هن وقت به ڳائڻ جي لائق آهي يانه، ڀل کڻي درڪنار ڪجي. انهيءَ باري ۾ موجوده نئين روشنيءَ جو صاحب مبادا مرڪي چوي: ”پر، سندن سمورو ڪلام ڪو ڳائڻ. جوڳو نه آهي، پر اهڙن ٻين عنوانن تي مشتمل آهي جن جو ڳائڻ لازمي نه آهي“. هائو، پر اهو دليل ڪار لائيل جي نظريي جي عين مطابق ناهي.
لطيف پنهنجي بيتن کي ڪڏهن به هڪ ”ڪارنامو“ ڪري نه ڄاتو، ڇاڪاڻ ته سندن واسطي انهن جي چوڻ ۾ ڪنهن به خاص قسم جي ڪوشش جي ضرورت ئي ڪا نه هئي. هن اهي بيت هڪ اهڙي وجداني ڪيفيت ۾ چيا، جنهن ۾ ”ڪوشش“ جي گنجائش ئي ڪا نه هئي. انهيءَ ڪري هن پنهنجي شعر کي ”نياپو“ ڪري سڏيو ۽ سندن شعر جو هر هڪ مصرعو، بنا ڪنهن خاص تاڪيد جي ڳائجي رهيو آهي. جن ماڻهن سندس ڪلام کي سمجهيو آهي، خواهه اهي ماڻهو جن ان کي ذري جيترو به ڪين سمجهيو آهي، سڀيئي سندس بيتن کي آلاپين پيا. بهرحال سندس شعر ڳائجي پيو ۽ ماڻهن کي ان جي ڳائڻ کان ڪير به موڙي نٿو سگهي. هيءَ حقيقت ڪارلائيل جي نظريي جي مڪمل تائيد ڪري ٿي ته بيشڪ شعر اهو آهي، جنهن کي هر هڪ ماڻهو پڙهڻ جي بدران ڳائڻ ئي چاهي ٿو.
جيئن اسان راڳ کي ”آوازن جي تنظيم“ سمجهون ٿا، تيئن هڪ عرب مصنف شعر کي ”لفظن ۾ سمايل راڳ“ ڪري ڄاڻايو آهي، يعني ته هو انهيءَ نظريي کي ترجيح ڏئي ٿو ته هر مصرع ۾ ترنم جي خصوصيت جو هجڻ شعر جو هڪ لازمي جز آهي. بس! دنيا جي سڀني وڏن شاعرن جي ڪلام کي پرکڻ لاءِ اها پهرين ڪسوٽي آهي. ڪو به صاحب انهن کي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي ڀيٽي پنهنجو نتيجو ڪڍي سگهي ٿو.
ممڪن آهي ته ڪو صاحب مختلف شاعرن جي ڪلام جي ضخامت جي حجت اٿاري، پر انهيءَ ڏس ۾ به لطيف جي ڪلام جو ذخيرو دنيا جي اڪثر وڏن شاعرن جي ڪلام جي ذخيرن جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڪجهه آهي. سندس رسالي ۾ ڪم و بيش 36 مختلف عنوان آهن ۽ ان مان هر هڪ جا ڪيئي مختلف داستان آهن. انهيءَ لحاظ سان به، سواءِ شيڪسيپئر ۽ گوئٽي جي ٻين ڪن ٿورن شاعرن جي ڪلام جو ذخيرو سندس ڀيٽ ۾ اچي سگهندو.
[b]ٻيو معيار:
[/b]ٻيو معيار، جو موجوده دور جا وڏا وڏا نقاد شعر کي پرکڻ لاءِ تسليم ڪن ٿا، سو هيءُ آهي ته: آيا شاعر جي ڪلام جي ڪنهن به مصرع ۾ ڪو به اهڙو لفظ بدلائي سگهجي ٿو؟ جو انهيءَ تبديلي سان مصرع کي زياه موثر يا فصيح بنائي سگهي، يا ان ۾ وڌيڪ ترنم پيدا ڪري سگهي.؟
هڪ دفعي جڏهن بين جانسن کان پڇيو ويو ته هو پنهنجي نظم جي ڏهن کان به زياده دفعا تصهيح ڪري ٿو، حالانڪه شيپسڪيئر ڪڏهن به پنهنجي شعر جي ٻيهر اصلاح ڪا نه ڪئي. تڏهن جواب ڏنائين ته سندس خيال موجب بهتر ٿئي ها جيڪڏهن شيڪسپيئر ويهه دفعا پنهنجي شعر جي اصلاح ڪري ها. مگر انهيءَ هوندي به زمانو شاهد آهي ته سندس اهو نظم، جنهن جي ڏهه دفعا تصحيح ڪئي وئي آهي، ان ۾ اڃا به اصلاح جي گنجائش باقي آهي، پر شيڪسپيئر جون في البديهه چيل مصرعون اصلاح کان بالاتر آهن ۽ انهن مان گهڻن ۾ ڪنهن به هڪ لفظ جي ڦير گهير سڄي مصرع جي ترنم کي تباهه ڪري ڇڏيندي. بهرحال، اهڙي تبديلي سڌاري جي بدلي نقصانڪار ثابت ٿيندي.
حقيقت ۾ ڪنهن ورلي شاعر جوڪلام هن معيار تي پورو بيهي سگهندو، پر لطيف جي ڪلام ۾ ته فقط هڪ لفظ جي تبديلي به سڄي لئي ۽ ترنم کي بگاڙي ڇڏي ٿي، بلڪه ختم ڪري ڇڏي ٿي ۽ ناقابل برداشت بنائي ڇڏي ٿي. بس! امڪان نه آهي جو ڪنهن به مصرع ۾ رڳو هڪ لفظ به هٽائي يا مٽائي سگهجي. سندس سڄو ڪلام انهيءَ لطيف توازن ۽ نزاڪت جو حامل آهي! نه فقط هر هڪ مصرع، پر هر هڪ لفظ ۽ ان جي بيهڪ کي ”هڪ خاص اهميت“ آهي ۽ ان جو بدلائڻ محال آهي. دنيا جو ڪو به شاعر، سندس ڪلام جي سڄي ذخيري جي نقطي نگاهه کان، هن پرکا ۾ پورو بيهي نه سگهندو. ٻين شاعرن کي ته ڇڏيو، پر خود شيڪسپيئر جي به ڪيترين ئي مصرعن کي ترميم بعد بهتر سمجهيو ويو آهي. موجوده يورپي نقادن ڪنهن به شاعر جي شعر کي پرکڻ واسطي اهو ٻيو معيار مقرر ڪيو آهي.
[b]ٽيون معيار:
[/b]اهي مٿيان ٻه معيار دنيا جي شاعرن جي قطار ۾ ڪنهن به شاعر جي درجي مقرر ڪرڻ واسطي ڪافي آهن. مگر اڃا به ٽيون هڪ آخرين، نهايت اهم، ۽ ناگزير معيار آهي، جو ازروءِ جامع تنقيد، قطعي طور، ڪنهن به شاعر جي درجي قائم ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي. اهو معيار آهي زبان جو استعمال، جنهن جي ذريعي شاعر پنهنجي خيالات جو اظهار ڪري ٿو.
چيو وڃي ٿو ته ملٽن پنهنجي جملي ڪلام ۾ انگريزي زبان جا اَٺ هزار لفظ ۽ شيڪسپيئر سورهن هزار لفظ استعمال ڪيا آهن. الفاظ جي صحيح استعمال کي درڪنار ڪندي به، خيالات جي وسعت کي تورڻ تڪڻ جو هيءُ فقط هڪ طريقو آهي. در حقيقت زبان واري معياري پرک جو اهو (الفاظ جو ڳاڻيٽو) ڪو موزون طريقو نه آهي، سوال آهي ته سورهين صدي واري انگريزي زبان اندر، خيالات جي اظهار جي وسعت جيڪا شيڪسپيئر پيدا ڪئي، انهيءَ کان وڌيڪ وسعت پيدا ڪرڻ جو ڪو امڪان هو ڇا؟ ٻين لفظن ۾، معيار آهي زبان ۾ زياده کان زياده خيالات جي اظهار لاءِ وسعت پيدا ڪرڻ، سواءِ شيڪسپيئر جي ٻئي ڪنهن شخص جي نه وهم گمان ۾ ۽ نڪي امڪان ۾ ئي هو ته ايلزبيٿ جي دور واري انگيزي ٻوليءَ ۾ اهي خيالات اظهار ڪري، جي شيڪسپيئر ڪيا. ڊانتي ۽ گوئٽي جي حالت ۾ به اهو چوڻ صحيح ٿيندو. پر سواءِ شيڪسپيئر جي، ٻوليءَ ۾ وسعت پيدا ڪرڻ واري جنهن منزل کي هو پهتا، سا نسبتاََ گهڻو گهٽ هئي. بمقابله انهيءَ ارڙهينءَ صديءَ واري سنڌيءَ زبان جي، جنهن کي لطيف نباهيو، ۽ ويجهايو ۽ وڌايو. ڪنهن جي وهم گمان ۾ ئي نٿو اچي ته لطيف واري زبان ڪا انهيءَ دور ۾ سنڌ اندر ڳالهائي ويندي هئي! سنڌي، جا زياده ۾ زياده ته به هڪ صوبائي محاوري جي منزل تي هئي، سا شاهه جي هٿن ۾ هڪ نهايت گرانمايه ۽ وسيع ترين ٻولي بڻجي پئي، ايترو جو اسين نه سڃاڻي ٿا سگهون، نڪي سمجهي ٿا سگهون ته سندس زبان ڪا اها ساڳي سادي صوبائي ٻولي آهي. تنهن ڪري انهيءَ ناگزير معيار مطابق به، جو يورپ جي وڏن نقادن ”آخرين معيار“ تسليم ڪيو آهي، ڪاميابيءَ جو سهرو لطيف جي سر تي ئي آهي.
اهي ٽي معيار جي مٿي بيان ڪيا ويا آهن، سي اسان جا نه پر دنيا جي نهايت ترقي يافته قومن جا تجويز ڪيل آهن ۽ انهن جي ذريعي اهو آسانيءَ سان معلوم ٿي سگهندو ته سواءِ لطيف جي، دنيا جو ڪو به شاعر انهن تي هر پهلوءَ کان پورو نٿو اچي سگهي.
هت اسان تصوف جي گهراين، تخيل جي پرواز، شاعرانه فهم ۽ نظر ۽ فطري نغمه سرائي وارن نقطن جو بيان ئي نٿا ڪريون، اهو هڪ جداگانه باب آهي. اسان هت انهيءَ مسئلي کي به ڇڏي يون ٿا ته شاهه جو شعر ڪيتري قدر انساني زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي روشن ڪري ٿو، ۽ نڪي وري اسان انهيءَ پنهنجي عام مروج مسئلي کي ئي ڇيڙيون ٿا ته شاهه جو شعر ڪيتري قدر قرآن تي حاوي آهي ۽ ڪيتري قدر ان جو تفسير. نڪي وري اسان جو مقصد آهي ته ڪو شاهه جي ڀيٽ روميءَ سان ڪريون، جنهن جي ”مثنوي“ متعلق چيو ويو هو.
”هست قرآن در زبان پهلوي“
اهي جملي نقطا اسان جي محققن جي توجهه جا لائق آهن ۽ انهن تي ڪتابن جا ڪتاب لکي سگهجن ٿا. انهن جي اپٽار جو نه هيءُ موقعو آهي ۽ نه مهل. تنهنڪري اسان انهن ٽن معيارن تي اڪتفا ڪريون ٿا، جي مٿي بيان ٿي چڪا آهن ۽ ڀل ته دنيا پاڻ ڏسي، بشرطيڪه ان کي اهي اکيون آهن، جن تي تنگ ”قومي“ جذبات جو پردو چڙهيل ناهي.