روح جا رشتا
تڏهن اسان جي ڳوٺ جو به اوج هو. ڳوٺ ۾ ڏيڍ سئو کن گهر هئا. انهن ۾ ذري گهٽ اڌ هندن جو هو. ڀائرن وانگر رهندا هئاسين. بهاري لڳي پئي هوندي هئي. اصل زمانو هو، اڄوڪي وانگر اڃان ڪلفت ڪونه ڪاهي پئي هئي. محبتون هيون، خوشيون هيون. ڳوٺ ۾ وڏا وڏا ڳائڻا ايندا هئا، ڀڳتون ٿينديون هيون، وڏڪٻل ڪُڏبي هئي. هنن جي وڃڻ کانپوءِ ڳوٺ جو اهو چلتو نه رهيو آهي، اڳوڻيون رونقون ختم ٿي ويون آهن. سڀڪو پريشانين ۾ پورو، گهر، گهر کان بيزار آهي.
بابا، ڪاڪي کجومل جو ڪمدار هو. هو ڏاڍو مهربان انسان هو. بنا ڀيد ڀاءُ جي اوکي سوکي هر ڪنهن جي ڪم اچڻ وارو. اسان تي خاص مهربان هو. سندن عيدون ٿينديون هيون ته هن طرفان اسانجي گهر طعام ايندا هئا. اسانجون عيدون ٿينديون هيون ته به ڪپڙا ۽ سامان وٺي ڏيندو هو.
وقت وڇوڙو ڏنو، پر نه سندس يادون مٽائي سگهيو ۽ نه نشان. اڄ به اسانجي ڳوٺ ۾ هنن جون اڏايل جايون سندن وجود جي شاهدي ڏيڻ لاءِ ڪر کڻيو بيٺيون آهن. اڄ به ڪاڪي کجومل واري ٻنيءَ سندس نالي پٺيان سڏبي آهي، اڄ به ديوان وارو واهه ساڳئي نالي سان سڏجي ٿو. سڀڪجهه ساڳيو آهي پر هو نه آهن، رڳو سندن غم آهي.
ورهاڱي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا اختلاف چوٽ چڙهي ويا. جنگيون لڳيون، اچ وڃ تي پابندي لڳي. ورهيه وهامي ويا، هنن جي خبر نڪا چار. وري جڏهن حالتون سڌريون، وصال واءُ وريو ته پرين جو پيغام پهتو. هڪ ڏينهن ڀر واري شهر مان سيٺ مگهن لال آيو. پڇائون ڪندي اچي مونسان مليو. چيائين ”ڪاڪو کجومل گذاري ويو آهي. پاڻ وصيت ڪئي هئائين ته مرڻ کانپوءِ سندس خاڪ اباڻي ڳوٺ وٽان وهندڙ وزيراڻي برانچ ۾ وڌي وڃي. چانڊو خط لکيو آهي ته ان جو اطلاع توکي ڏيان. هو هفتي کانپوءِ هتي ايندو.“
نياپو ٻڌي منهنجيءَ ويران دل ۾ يادن جا گلاب ٽڙي پيا. ماضي جا سمورا منظر ذهن جي پردي تي تري آيا. روح بيقرار ٿي پيو. رات ڏينهن رڳو هن جي تانگهه هجي ٻيءَ ڳالهه نه وڻي.
اچڻ واري ڏينهن ڏنل ٽائيم تي اسان ننڍا وڏا ڳوٺاڻا گڏ هجون. هنن جو انتظار پئي ڪيوسين. تيسين هڪ ڳوٺاڻي هٿ جو اشارو ڪري رڙ ڪئي، ”اڙي هو اچي ويا!“ اهي لفظ ٻُڌي منهنجي دل ايترو تيز ڌڙڪڻ شروع ڪيو، سمجهيم ڦاٽي نه پوي. مون به وڻن جي اوٽ مان ڳوٺ ڏي ايندڙ رستي تان ٻه ڪارون ايندي ڏٺيون. اسانجو جوش هيڪاري وڌي ويو. هو پهتا دل باغ بهار ٿي ويئي. چانڊو گاڏي مان لٿو، اکيون چار ٿيون. سندس اکين مان اڇا موتي ڪريا. مون ڀاڪر پاتس، ان مهل منهنجيءَ جيڪا حالت ٿي اها بيان ڪرڻ مشڪل آهي. منهنجي بدن جو وار وار اُڀو ٿي ويو هو. ڪيتري دير هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ روئندا رهياسين. ڀاڪر ڪڍياسين هو مونکي ديوانن وانگر لڳو. منهن تي رت تري آيو هئس، اکين مان زارو زار لُڙڪ پئي وهيس.
شام جو خاڪ وزيراڻي ۾ وجهڻ جي رسم ادا ٿي. ڳوٺاڻا ۽ شهر مان آيل ماڻهو چانڊو سان گڏجي برانچ تي پهتاسين. چانڊو ٻاچڪي جو منهن کولي ڏاڍي احترام سان رک پاڻي ۾ وجهڻ لڳو. ان وقت اسانجي عجيب ڪيفيت ٿي ويئي هئي. سڀئي مٽيءَ سان محبت جي جذبي ۾ ٻڏي ويا هئاسين. گهڻن رومال ڪڍيا ۽ اکيون اگهڻ شروع ڪيون. چانڊو جي چهري تي سڪون ڇانيل هو ۽ لبن تي غم گاڏڙ مُرڪ. هو پنهنجو فرض پورو ڪري خوش ٿيو هو. پاڻ ٻڌايائين ته، ”بابا کي سنڌ سان ايترو عشق هو جو آخري دم تائين سندس زبان تي سنڌ جو نالو هو.“
هو قرب ڪري يڪا چار ڏينهن اسانجي ڳوٺ رهي پيو. پاڻ چيائين، ”مون دنيا جا گهڻا ملڪ ڏٺا آهن، بمبئي ۾ منهنجو وڏو ڪاروبار آهي، محلات جهڙو گهر اٿم. پر اباڻي وطن جي هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندي جيڪو سڪون مليو اٿم، اهڙو ٻئي ڪنهن به هنڌ نه مليو آهي. هن ڳوٺ ۾ گهاريل گهڙيون منهنجي زندگي جو قيمتي سرمايو آهن.“
هن جي اچڻ سان اسانجي ڳوٺ کي رونق ملي هئي. هرڪو خوش هو ته کين وڇڙيل دوست مليو هو. سڀڪو پيو کيس حُب مان دعوت ڏي. اسان ته اڃا سڪ به نه پلي، تيسين وڃڻ جو وقت ڀرجي آيو. چار ڏينهن ڄڻ ڪو خواب هو جو گذري ويو. هن موڪلايو، ماحول وري سوڳوار ٿي ويو، اکيون وري ٽمي پيون، اسان وري ڀاڪر پاتا ۽ سڏڪن ۾ پئجي وياسين.