مذهب

اسلام جي اشاعت جي تاريخ

هي ڪتاب دنيا جي وڏي عالم ۽ فاضل پروفيسر ٿامس آرنولڊ جي جڳ مشهور ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام“ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ اسلام جي دعوت ۽ تبليغ جي مفصل ۽ جامع تاريخ پيش ڪئي آهي. هن تمام گهڻي کوجنا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ مواد گڏ ڪيو آهي ۽ نهايت ديانتداريءَ ۽ فراخ دليءَ سان ان کي پيش ڪيو آهي. هن تعصب کان پري رهي، سچائي ۽ سهڻي سليقي سان حقائق بيان ڪيا آهن. انهيءَ ڪري ڪتاب ۾ اسلام جي سچائي ۽ مسلمانن جي فراخ دلي، انسان دوستي ۽ رواداريءَ جا ڪيترائي مثال موثر انداز ۾ ملندا.
Title Cover of book اسلام جي اشاعت جي تاريخ

مهاڳ

هيءُ ڪتاب مشهور انگريز مستشرق عالم (Orienta list) ” پروفيسر ڊاڪٽر ٿامس آرنولڊ“ جي مشهور ڪتاب “The Preaching of Islam” (اسلام جي تبليغ) جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه سنڌي ۾ ايم اي (فائنل) جي تڪميل خاطر تحقيقاتي مقاله طور سنه 1955ع ۾ پيش ڪجي ٿو.
اصل ڪتاب تقريبن 400 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سنهي ٽائيپ ۾ ڇپيل آهي. اڪثر صفحن تي مصنف طرفان وڏا حاشيه لکيل آهن. هن ڪتاب جو ترجمو ڪا آسان ڳالهه نه هئي. هڪ پاسي ڪتاب ضخيم ته ٻئي پاسي وري ان جي عبارت نهايت پيچيده ۽ عالمانه انداز ۾ لکيل آهي. ازانسواءِ سڄو ڪتاب تاريخي حوالن، مذهبي فلسفه ۽ ٻين به ڪيترن باريڪ نڪتن ۽ مسئلن سان ڀريو پيو آهي، جن جي سمجهڻ لاءِ نه فقط تاريخي ڪتابن، پر ڪنهن قابل استاد جي رهنمائيءَ جي به سخت ضرورت محسوس ٿيندي هئي. انهيءَ ضرورت جو پورائو سنڌ يونيورسٽيءَ جي ”اسلامي تاريخ“ جي پروفيسر مرحوم قاضي احمد ميان اختر فرمايو. جيڪڏهن مرحوم قاضي صاحب جن وقت به وقت منهنجي مدد، همت افزائي ۽ دلجوئي نه ڪن ها ته هن ڪتاب جو ترجمو ٿيڻ محال هو. ٻي وڏي مشڪلات اها درپيش آئي، جو ڪتاب ۾ مختلف ملڪن جي قومن، ماڻهن ۽ شهرن، مختلف مذهبن جي عقيدن ۽ ريتن رسمن ۽ مختلف زبانن ۾ لکيل ڪتابن ۽ انهن جي مصنفن جا نالا بي انداز آهن، جن سڀني کي سنڌي اچار ۾ لکڻو هو. منهنجي انهيءَ مشڪلات کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌيونيورسٽيءَ جي ”عربي“ ۽ ”اسلامي تمدن“ جي شعبن جي پروفيسر جناب ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو صاحب دل کولي مدد ڪئي.
ٻن سالن جي ساندهه سخت محنت ۽ دماغ سوزيءَ بعد ڪتاب جي ترجمي کي يونيورسٽي اختياريءَ وارن جي سپرد ڪريان ٿو. پنهنجي سر گهڻيئي ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪتاب سٺي نموني ۽ ڪاميابيءَ سان ترجمو ٿئي، منجهس غلطيون نه هجن، ۽ ٻولي سهڻي، سادي، عام فهم ۽ ادبي خوبين سان مالا مال هجي، پر ڪتاب جو موضوع ۽ مصنف جي طرز، تحرير اهڙي ته نوعيت جي آهي، جو هن ڏس ۾ ضرور ڪجهه قدر ڪمي رهجي ويئي هوندي، جا اميد ته ناظرين ڪرام معاف فرمائيندا. ڪتاب جي آخر ۾ مکيه مکيه تاريخي ۽ مذهبي لفظن ۽ اصطلاحن جون سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن. خود ڪتاب جي متن ۾ جتي جتي مناسب سمجهيو ويو آهي، اتي حاشيه ۾ ڪجهه سمجهاڻي پڻ ڏني ويئي آهي.
اميد ته هي ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ اسلامي تاريخ ۽ تمدن جي شاگردن، اسلام تي تحقيق (Research) ڪرڻ وارن، ديني مدرسن جي شاگردن ۽ اسلام جي تبليغ ڪرڻ وارن عالمن لاءِ نهايت مفيد ثابت ٿيندو.
مان انهن سڀني سرپرستن ۽ بزرگ استادن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جن پنهنجو قيمتي وقت صرف ڪري هن ڪم ۾ منهنجي مدد ڪئي، سڀ کان اول مان علامه آءِ آءِ قاضيءَ صاحب جن جو شڪر گذار آهيان، جو پاڻ هن ڪتاب جي انتخاب ۾ منهنجي رهنمائي ڪري مون کي اسلام ۽ سنڌي ادب جي خدمت جو موقعو عطا فرمايائون. ان کان پوءِ مان پروفيسر ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو ۽ پنهنجي لائق استادن، جناب پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پروفيسر محبوب علي چنا ۽ پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جو شڪر گذار آهيان، جو هنن منهنجي وقت بوقت رهنمائي ڪئي. پڻ گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه جي پرنسپال جناب احمد سعيد خان صاحب جو ٿورو مڃيان ٿو، جنهن صاحب وقت بوقت اصل انگريزي عبارت جي پيچيدگي سمجهائڻ ۾ مدد ڪئي. آخر ۾ مان سينٽ پئٽرٽارڪ ڪئٿيڊرل ڪراچيءَ جي فادر فرئنسز ڪوٽوانيءَ جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جنهن عيسائي مذهب جي مختلف فرقن، عقيدن ۽ ريتن رسمن جو مفهوم سنڌي زبان ۾ سمجهايو.

[b]پروفيسر محمد حاجن
[/b]متعلم ايم اي فائينل
شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي
سيپٽمبر 1955ع