مذهب

اسلام جي اشاعت جي تاريخ

هي ڪتاب دنيا جي وڏي عالم ۽ فاضل پروفيسر ٿامس آرنولڊ جي جڳ مشهور ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام“ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ اسلام جي دعوت ۽ تبليغ جي مفصل ۽ جامع تاريخ پيش ڪئي آهي. هن تمام گهڻي کوجنا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ مواد گڏ ڪيو آهي ۽ نهايت ديانتداريءَ ۽ فراخ دليءَ سان ان کي پيش ڪيو آهي. هن تعصب کان پري رهي، سچائي ۽ سهڻي سليقي سان حقائق بيان ڪيا آهن. انهيءَ ڪري ڪتاب ۾ اسلام جي سچائي ۽ مسلمانن جي فراخ دلي، انسان دوستي ۽ رواداريءَ جا ڪيترائي مثال موثر انداز ۾ ملندا.
Title Cover of book اسلام جي اشاعت جي تاريخ

باب پهريون : اسلام تبليغي ذريعن سان ڦهليو

جڏهن کان وٺي پروفيسر ”مئڪس مولر“ (Max Muller) ڊسمبر 1873ع ۾ ”تبليغي جماعتن جي شفاعت واري ڏينهن (Day of Intercession For Missions) ويسٽ منسٽرائبي ۾ تقرير ڪئي هئي، تنهن وقت کان وٺي اها ڳالهه عام طرح تسليم ٿي چڪي آهي ته دنيا جي ڇهن مکيه مذهبن کي ٻن سلسلن تبليغي ۽ غير تبليغي ۾ ورهايو وڃي. پهرئين سلسلي ۾ ٻڌ ڌرم، عيسائيت ۽ اسلام ۽ ٻئي ۾ يهودي، برهمني ۽ زردشتي مذهب اچي وڃن ٿا.
فاضل پروفيسر هڪ تبليغي مذهب جي تعريف نهايت خوبيءَ سان هن طرح بيان ڪئي آهي ته ”تبليغي مذهب انکي چيو وڃي ٿو جنهن ۾ مذهب جي بانيءَ ۽ سندس حوارين طرفان حق جي اشاعت ۽ غير مذهب وارن کي پنهنجي دين ۾ آڻڻ جي مبارڪ ڪم کي هڪ مذهبي فرض جو درجو قرار ڏنو ويو هجي. اهل ايمان جي دلين اندر حق جو اهڙو ولولو هوندو آهي، جيڪو تيستائين خاموش نه رهندو آهي، جيستائين ان پاڻ کي خيال، قول ۽ فعل جي صورت ۾ ظاهر ن ڪيو آهي ۽ اڃا به ان کي انهيءَ وقت تائين قرار نٿو اچي جيستائين ڪه پنهنجو پيغام هر هڪ انساني روح تائين نه پهچايو اٿس ۽ جنهن حقيقت تي ان جو ايمان آهي تنهن جي يقيني هجڻ جو انساني نسل جي سڀ ڪنهن فرد اقرار نه ڪيو آهي 
مسلمانن ۾ سندن مذهب جي سچائيءَ جو هڪ جذبو هو، جنهن انهن ۾ اهو روح ڦوڪيو ته دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ قدم رکن، اتي جي رهواسين کي اسلام جو پيغام پهچائين ۽ اهائي ڳالهه هئي، جنهن هن مذهب کي انهن مذهبن جي صف ۾ داخل ٿيڻ جي لائق بڻايو، جن کي اسين تبليغي يا مشنري مذهب سڏيون ٿا. هن قسم جي تبليغي جدوجهد جي وجود ۾ اچڻ جي تاريخ، ان کي همٿائيندڙ قوتون ۽ ان جي علمي طريقن جو بيان ئي هن ڪتاب جو موضوع آهي. اڄ سترهن ڪروڙن ۽ ٽيهن لکن مسلمانن جو ساري دنيا جي تختي تي ڇانيل نظر اچڻ انهن مذهبي سرگرمين جو زنده ثبوت آهي، جي ٻارهن صدين جي عرصي اندر عمل ۾ آيون.
هڪ ابدي ۽ حيات بخش حقيقت، خدا جي وحدانيت جو پيغام عربستان جي ماڻهن اڳيان عيسوي ستين صديءَ ۾ انهيءَ پيغمبر  پيش ڪيو، جنهن جي جهنڊي هيٺ عرب جا منتشر قبيلا ملي هڪ قوم بڻجي پيا. هن نئين قوميت جي جذبي، مذهبي جوش ۽ ولولي انهن جي فوجن اندر هڪ غير مغلوب طاقت پيدا ڪئي، جنهن ڪري هو دنيا جي ٽن کنڊن تي فاتحانه ۽ غالب قوم جي حيثيت ۾ ڇانئجي ويا. شام، فلسطين، مصر، اتر آفريڪا ۽ ايران پهريان ملڪ هئا، جن مسلمانن اڳيان پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا. مسلمان اولهه طرف اسپين تائين ۽ اوڀر طرف سنڌونديءَ جي ٻئي ڪناري تائين ڌوڪيندا ويا ۽ حضرت پيغمبر  جن جي وصال کان هڪ سئو سالن گذرڻ بعد انهن پاڻ کي هڪ ايڏيءَ وڏيءَ سلطنت جو مالڪ ڏٺو، جا رومين جي انتهائي اوج تي پهتل حڪومت کان به وڌيڪ وسيع هئي.
جيتوڻيڪ ڪجهه عرصي بعد هيءَ عظيم الشان اسلامي سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي ۽ اسلام جو سياسي زور گهٽجي ويو، تڏهن به ان جون ديني ڪاميابيون بدستور بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جاري رهيون. جڏهن منگولن جي وحشي ڪٽڪ بغداد کي تباهه و برباد ڪيو (سن 1258ع) ۽ عباسي خاندان جي رهيل کهيل شان و شوڪت کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. جڏهن ”ليون“ Leon ۽ ”قسطيلہ“ Castile جي فرڊينند مسلمانن کي ”قرطبہ“ Cordova مان تڙي ڪڍيو (سن 1236ع) ۽ اسپين ۾ اسلام جي آخرين قلعه ”غرناطہ“ Granada عيسائي بادشاهه کي ڏن ڏيڻ شروع ڪيو، عين انهيءَ وقت ۾ اسلام سوماترا جي ٻيٽ ۾ پنهنجا پير کوڙڻ لڳو ۽ ”ملايا آرڪيپليگو“ Malay Archipelago يعني ايشيا جي ڏکڻ اوڀر وارن ٻيٽن جي ميڙ ۾ شاندار ترقي ڪرڻ شروع ڪئي. عين سياسي تنزل جي گهڙين ۾ پڻ اسلام نمايان روحاني فتحون حاصل ڪيون. مثلن ٻن اهم تاريخي موقعن تي غير مسلم وحشي دشمنن يعني سلجوقي ترڪن يارهين صديءَ ۾ ۽ منگولن تيرهين صديءَ ۾ مسلمانن کي تقريبن پائمال ڪيو. انهيءَ هوندي به ٻنهين حالتن ۾ فاتح قوم مفتوح قوم (مسلمانن) جو مذهب قبول ڪيو. مسلمان داعين دنيوي اقتدار جي امداد کان سواءِ ۽ سياسي اغراض کان بي نياز ٿي، پنهنجي دين کي وچ آفريڪا، چين ۽ اوڀر هندستاني ٻيٽن ۾ پهچايو.
موجوده وقت ۾ اسلام، ”مراقش“ Morocco کان وٺي زنجبار تائين، ”ساراليون“ Sierra leone کان سائبيريا ۽ چين تائين ۽ بوسنيا کان نيوگني تائين ڦهليل آهي. خالص اسلامي ملڪن ۽ زمين جي انهن خطن، جهڙوڪ چين ۽ روس جن ۾ مسلمان ڪثير تعداد ۾ رهن ٿا، کان علاوه ٻيون به ڪي اهڙيون جڳهيون آهن، جن ۾ غير مسلم قوم جي وچ ۾ مسلمانن جي ڪن ننڍن ننڍن فرقن جو هجڻ مذهب اسلام جي وجود جي ثابتي آهي. انهن مان لٿوانيا ۾ پولش زبان ڳالهائيندڙ تاتاري نسل جا مسلمان آهن، جيڪي ڪونو، ولنو ۽ گرودنو ضلعن ۾ آباد آهن ڪيپ ڪالونيءَ جا ڊچ ٻولي ڳالهائيندڙ مسلمان ۽ هندستاني ضرور آهن، جن اسلام کي اولهه هندستاني ٻيٽن ۽ برٽش گائنا ۽ ڊچ گائنا تائين پهچايو آهي. ٿورا سال ٿيا، جو انگلينڊ(جتي نئو مسلمن جو تعداد سنه 1814ع ۾ 137 تائين پهچي چڪو هو)، اتر آمريڪا ۽ آسٽريليا جا ڪجهه ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿيڻ لڳا آهن.
زمين جي هڪ تمام وڏي حصي ۾ اسلام جي ڦهلجڻ جا گهڻائي معاشرتي، سياسي ۽ مذهبي سبب آهن، پر انهن سڀني مان اهڙي شاندار نتيجي پيدا ڪرڻ لاءِ قوي سبب مسلمان داعين جون لڳاتار سرگرميون آهن، جن خود پيغمبر  جن کي پنهنجي لاءِ هڪ بهترين نمونو تسليم ڪري غير مسلمن کي اسلام ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجو پاڻ وقف ڪري ڇڏيو.
اسلام جي تاريخ ۾ دين جي دعوت جو فرض هجڻ بعد ۾ آيل خيال نه آهي، بلڪه شروعات کان ئي مسلمانن کي انهيءَ ڪم جو حڪم ڏنو ويو، جنهن جي ثابتي قرآن شريف جي هيٺين آيتن مان ملي ٿي ۽ انهن آيتن کي شان نزول مطابق ترتيبوار ڄاڻايو ويو آهي:
”ماڻهن کي حڪمت ۽ چڱيءَ نصيحت سان پنهنجي رب جي رستي ڏي سڏ، انهن سان اهڙي نموني مناظرو ڪر جو چڱو هجي“
(سوره النحل-126)
”جن (مڪي وارن) کي انهن (يهودين ۽ عيسائين) کان پوءِ ڪتاب جو وارث بڻايو ويو، سي ان بابت وڏي شڪ ۾ آهن. انهيءَ ڪري تون انهن کي (دين ڏانهن) سڏ ۽ جيئن تو کي حڪم ڪيو ويو آهي، تيئن ان تي ثابت قدم رَههُ ۽ انهن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر ۽ چوء ته جيڪو به ڪتاب خداتعاليٰ نازل ڪيو آهي، مون ان تي ايمان آندو آهي ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اوهان جي وچ ۾ پوريءَ طرح انصاف ڪريان. الله اسان جو رب آهي ۽ اوهان جو به. اسان جي لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان جي لاءِ اوهان جا عمل. اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو به جهڳڙو نه آهي، الله اسان سڀني کي (قيامت جي ڏينهن) گڏ ڪندو ۽ هن ڏانهن ئي اسان سڀني کي موٽڻو آهي.“ (سوره الشوريٰ-13-14).
ساڳئي قسم جا حڪم انهن مدني سورتن ۾ پڻ لڀندا، جيڪي انهيءَ وقت نازل ٿيون هيون، جڏهن حضرت محمد  جن هڪ وڏي لشڪر جا مالڪ هئا ۽ پاڻ طاقت جي انتها تي پهتل هئا. اهي حڪم هي آهن:
”اهي جن کي ڪتاب ڏنو ويوآهي ۽ اهي جيڪي اڻ پڙهيل آهن، انهن کان پڇ ته ڇا اوهان اسلام قبول ڪريو ٿا؟ پوءِ جيڪڏهن انهن اسلام قبول ڪيو ته بيشڪ اهي سڌي رستي تي آهن، پر جيڪڏهن انهن منهن ڦيرايو ته تنهنجو ڪم صرف حڪم جو پهچائڻ آهي ۽ الله تعاليٰ پنهنجن ٻانهن کي ڏسندڙ آهي.“ (سوره آل عمران-19)
”اهڙي طرح الله تعاليٰ توهان تي پنهنجون نشانيون کولي ظاهر ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ ته من توهان کي ڪا هدايت ملي. توهان ۾ اهڙي جماعت هجڻ گهرجي، جا ماڻهن کي نيڪيءَ ڏانهن سڏي ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڪري ۽ بڇڙن ڪمن ڪرڻ کان منع ڪري ۽ اهي ئي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن.“ (سوره آل عمران-99 ۽ 100)
”هر ڪنهن امت کي اسان (حج ڪرڻ جو) طريقو مقرر ڪري ڏنو آهي اُهي انهيءَ ئي طريقي موجب حج ڪن ٿا. پوءِ انهن کي گهرجي ته توسان انهيءَ باري ۾ جهڳڙو نه ڪن ۽ تون انهن کي پنهنجي رب جي طرف سڏ. بيشڪ تون سڌي رستي تي آهين، پر جيڪڏهن هو توسان جهڳڙو ڪن ته پوءِ کين چئو ته جيڪي ڪريو ٿا، تنهن کي خدا تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.“ (سوره: الحج-166-67)
هيٺيان ٽڪرا ٽڪرا انهيءَ سوره مان ورتل آهن، جا آخرين نازل ٿيل سوره سمجهي وڃي ٿي:
”جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو به توکان (لڙائيءَ ۾) پناهه گهري ته ان کي پناهه ڏي، انهيءَ لاءِ ته هو خدا جو پيغام ٻڌي وٺي. پوءِ هن کي سندن امن واريءَ جڳهه تي پهچاءِ“ (سوره: التوبه-6)
اهي ڪافر جن پنهنجن وعدن کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ خدا تعاليٰ جي آيتن کي ٿورڙيءَ قيمت تي وڪڻي ڇڏيو ۽ ٻين کي سندس رستي کان روڪيو“ ۽ جن ”مسلمانن جي حق ۾ نه مٽيءَ مائٽيءَ جو ۽ نه عهد و پيمان جو لحاظ رکيو.“ انهن بابت هيءَ چيو ويو آهي ته:
”پوءِ جيڪڏهن اهي توبہ تائب ٿين ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ادا ڪن ته هو اوهان جا ديني ڀائر آهن ۽ اسان علم وارن لاءِ پنهنجون نشانيون تفصيل سان بيان ڪريون ٿا.“ (سوره: التوبه-11)
اهڙيءَ طرح اسلام شروعات کان وٺي ڇا اصول ۾، ڇا عمل ۾ هڪ تبليغي مذهب رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته حضرت محمد  جن جي مبارڪ زندگي خود اسلامي تعليم و تلقين جو مظهر آهي ۽ پاڻ داعيان اسلام جي انهيءَ هڪ وڏي سلسلي جا اڳواڻ هئا، جن غير مسلمانن جي دلين اندر پنهنجي دين لاءِ رستو کولي ڇڏيو. اسان کي اسلام جي بي پناهه تبليغي روح جي صحيح ثابتي ڪنهن ظالم جي ظالمانه ڪاررواين يا ڪنهن مذهبي ديواني جي غيظ و غضب ۾ تلاش ڪرڻ نه گهرجي ۽ نڪي انهيءَ روايتي شخص جي ڪارنامن، جنهن کي هڪ مسلمان مجاهد جي حيثيت ۾ هڪ هٿ ۾ ترار ۽ ٻئي هٿ ۾ قرآن سان ڏيکاريو ويو آهي، بلڪه مسلمان مبلغ ۽ تاجر جي خاموش ۽ پرامن جدوجهد ئي انهيءَ روح جي ثابتيءَ لاءِ ڪافي آهي، جنهن جي بدولت دنيا جي هر گوشي ۾ ايمان ۽ اسلام جي دعوت پهتي. اسلام جي دعوت ڏيڻ ۾ اهڙا پرامن طريقا محض ان وقت نه استعمال ڪيا ويا هئا، جنهن وقت ملڪي حالتن زور زبردستيءَ کي ناممڪن يا خلاف مصلحت بڻائي ڇڏيو هو، جهڙيءَ طرح سان ڪن ماڻهن اسان کي اهو دعويٰ سان ٻڌايو آهي. پر قرآن شريف ۾ ڪيترين جڳهين تي هر حال ۾ اهڙن طريقن استعمال ڪرڻ جو حڪم نهايت تاڪيد سان ڪيو ويو آهي، جيئن هيٺ معلوم ٿيندو:
”جيڪي ڪجهه توکي چون ٿا، ان تي صبر ڪر ۽ انهن کان سهڻي نموني ۾ الڳ ٿي. مون کي ۽ انهن (دنيوي) مزا ماڻيندڙ منڪرن کي ڇڏي ڏي ۽ کين ٿورڙي مهلت ڏي.“ (سوره: المزمل-10 ۽ 11)
”منهنجي ذمي ته صرف خدا جي طرفان حڪم ۽ پيغام پهچائڻو آهي “ (سوره: الجن-24)
”جن ايمان آندو آهي انهن کي چئو ته جيڪي خدا جي (عذاب جي)ڏينهن جي اميد نٿا رکن، تن کي معاف ڪن، انهيءَ لاءِ هو خود ماڻهن کي سندن عملن مطابق اجورو ڏئي ٿو.“ (سوره: الجاثيه-13)
”جيڪي مشرڪ هئا انهن چيو ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته نه اسان جا ۽ نه اوهان جا ابا ۽ ڏاڏا هن کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت ڪن ها ۽ نه اسين هن جي حڪم کانسواءِ ڪنهن شيءِ کي حرام ٺهرايون ها. انهن کان اڳين به اهڙيءَ طرح ڪيو، پوءِ ڇا پيغمبرن جي ذمي صاف صاف پيغام پهچائڻ کانسواءِ ٻيو به ڪجهه آهي؟“ (سوره: النحل-37)
”پوءِ جيڪڏهن هو منهن موڙين ته تنهنجو فرض صرف صاف حڪم پهچائڻ آهي.“ (سوره:النحل-84)
”اهلِ ڪتاب وارن سان سواءِ انهن ماڻهن جي جن ظلم ڪيو، جهڳڙو نه ڪريو، پر احسن طريقي سان ۽ انهن کي چئو ته اسين انهيءَ تي جو ڪجهه اسان تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي اوهان ڏانهن موڪليو ويو آهي، ان تي ايمان آڻيون ٿا. اسان جو خدا ۽ اوهان جو خدا هڪ آهي ۽ اسين سڀ هن جا ئي فرمانبردار آهيون“ (سوره: العنڪبوت-45)
”پوءِ جيڪڏهن هو توکان منهن موڙين ته توکي اسان مٿن ڪو نگهبان ڪري نه موڪليو آهي. تنهنجي ذمي سواءِ حڪم پهچائڻ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي.“ (سوره: الشوريٰ-47)
”پر جيڪڏهن تنهنجو رب گهري ها ته سچ پچ دنيا ۾ جيڪي به انسان آهن، سڀ گڏجي ايمان آڻين ها. ڇا تون ماڻهن تي زبردستي ڪندين ته هو ايمان آڻين؟“ (سوره: يونس-99)
” اسان توکي نه موڪليو آهي، پر انهيءَ ڪري ته تون انسانن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهين.“ (سوره: سبا-27)
اهڙا حڪم نه صرف مڪي سورتن ۾، پر انهن سورتن ۾ پڻ ڪثرت سان ملندا، جيڪي مديني منور ۾ نازل ٿيون جهڙوڪ:
”دين جي معاملي ۾ زبردستي نه آهي.“ (سوره: البقره-256)
”الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ڪريو ۽ رسول الله () جو حڪم مڃيو. پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندئو ته اسان جي رسول جي ذمي صرف واضح طور پيغام پهچائڻ آهي.“ (سوره: التغابن-12)
”خدا جو حڪم مڃيو ۽ رسول جو حڪم مڃيو، پر جيڪڏهن منهن موڙيندا، تڏهن به جيڪو بار (تبليغ جو) هن تي رکيل آهي، سو هن جي ذمي آهي ۽ جيڪو بار (عمل ڪرڻ جو) اوهان تي رکيل آهي سو اوهان جي ذمي آهي ۽ جيڪڏهن اوهان هن جي فرمانبرداري ڪندا ته اوهان هدايت واراٿيندا، پر رسول جي ذمي ته صرف صريح پيغام پهچائڻ آهي.“ (سوره: النور-54).
”چئو ته اي انسانو! آءٌ ته اوهان کي ظاهر ظهور ڊيڄاريندڙ آهيان.“
(سوره:الحج-49)
”بيشڪ اسان توکي شاهد، خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بڻائي موڪليو آهي، انهيءَ لاءِ ته اوهان خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ هن (خدا) جي مدد ڪريو ۽ هن (خدا) جي عزت ڪريو ۽ صبح شام سندس تعريف ڪريو.“ (سوره: الفتح-8 ۽9)
”انهن مان ڪن ٿورڙن کان سواءِ ٻين سڀني جي دغابازيءَ جي توکي هميشه خبر پوندي رهي ٿي. پوءِ انهن کي معاف ڪر ۽ درگذر ڪر. تحقيق الله تعاليٰ احسان ڪرڻ وارن سان محبت ڪري ٿو.“
(سوره: المائده-13)
هيٺين صفحن مان هيءَ ڳالهه واضح ٿيندي ته تاريخ ۾ اسلام جي هن اعليٰ خيال کي ڪهڙي نموني ڏيکاريو ويو آهي ۽ اسلام جي داعين تبليغ جي اصولن کي ڪيتريقدر نه عملي جامون پهرايو آهي. سڀ کان اول هن ڪتاب جي پڙهڻ واري کي هيءَ ڳالهه چڱيءَ طرح ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته هن ڪتاب جو مقصد مسلمانن جي ظلم و ستم جي ڪارنامن کي بيان ڪرڻ جو نه آهي، بلڪه تبليغ جي ذريعي جيڪا اسلام جي اشاعت ٿي، تنهن جو سربستو احوال ڏيڻ، هن ڪتاب جي خاص مدعا آهي. يعني هن ڪتاب جو مقصد زوريءَ مذهبي تبديل جي واقعن بيان ڪرڻ جو نه آهي، جيڪي اسلامي تاريخ جي ڪتابن اندر جا بجا ڦهليل نظر اچن ٿا. يورپ جي مصنفن هنن واقعن کي اهميت ڏيڻ ۾ ايتريقدر ته هوشياري ڏيکاري آهي، جو انهن کي وساري نٿو سگهجي ۽ اهڙا مثال هڪ مذهب جي تبليغي تاريخ جي دائري اندر نٿا اچيو سگهن. مسيحي تبليغ جي تاريخ ۾ لازمي طرح اسين.سينٽ لئڊگر“ St: Luidger ۽ ”سينٽ وليهڊ“ St: Willehad جي ڪوششن کي، جيڪي انهن بت پرست سئڪنس قوم (Saxons) کي سڌارڻ ۾ صرف ڪيون، بادشاهه شارل مان (Charle Magne) جي مقابلي ۾ وڌيڪ پسند ڪنداسون، جنهن انهيءَ قوم کي تلوار جي زور سان عيسائي بڻايو“ ڊينمارڪ جا سچا پچا داعي سينٽ انسگر ۽ هن جا جائنشين هئا ۽ نه بادشاهه نٽ (Cnut) جنهن پنهنجي ملڪ مان زبردستيءَ سان بت پرستيءَ جي پاڙ پٽي ڇڏي. جيتوڻيڪ ائبٽ گوڊ فرائيڊ (Abott Gott Fried) ۽ بشپ ڪرسچن (Christian) بت پرست پرشن (Prussians) قوم کي عيسائي بڻائڻ ۾ گهٽ ڪامياب ٿيا، تڏهن به هو برادرانِ شمشير (Brothern of Swords) ۽ صليبي مجاهدن (Crusaders) جي مقابلي ۾ جن آگ ۽ تلوار کي استعمال ڪيو، مسيحي مشن جا وڌيڪ سچا نمائندا ٿي گذريا آهن. عيسائي فوج جي مذهبي فرقي وارن بهادرن لونيا جي ماڻهن کي زبردستي عيسائي بڻايو، تنهن هوندي به هن ملڪ ۾ مسيحي مذهب جا سچا داعي، راهب مائن هرڊ (Mein Hard) ۽ ٿيوڊروڪ آهن ۽ نه اهي لڙاڪو مذهبي، پرچارڪ. يسوعي (Jesuit) فرقي مبلغن جي ڪڏهن ڪڏهن جبر ۽ سختيءَ وارن رستن استعمال ڪرڻ ڪري، سينٽ فرنئنسرزيوير (St: Francis Xavier) ۽ ٻين مسيحي مذهب جي داعين جي حاصل ڪيل عزت کي گهٽائي نٿو سگهجي ۽ نڪي وئلن ٽائين، ائمبونا جي رسول (Apostle) جي مقابلي ۾ گهٽ درجو رکي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن سن 1699ع ۾ جزيري جي راجائن ڏانهن هڪ حڪم موڪليو ته جڏهن پادري پنهنجي دوري تي انهن ڏانهن اچي ته ڪجهه بت پرستن جو تعداد عيسائي بڻائڻ لاءِ تيار رکن.
ساڳئيءَ طرح المتوڪل، الحاڪم ۽ ٽيپو سلطان اسلام جا اهڙا خاص ۽ ضرب المثل داعي ۽ مبلغ نٿا ليکيا وڃن، جهڙا حضرت مولانا ابراهيم صاحب جاواجو اعليٰ مذهبي پيشوا يا هندستان جو حضرت خواجه معين الدين صاحب چشتي رحه يا ٻيا اهڙا حضرت جن امن پسند طريقن سان ماڻهن کي حلقئه اسلام ۾ آندو.