باب چوٿون : آفريڪا جي عيسائي قومن اندر اسلام جو ڦهلجڻ
عيسوي ستين صديءَ ۾ مصر جي عام ماڻهن اندر، جن جو تعداد ڪافي گهڻو هو، عيسائي مذهب تمام گهٽ ڦهليل هو. انهن جا مذهبي اڳواڻ رومي حڪومت خلاف نفرت ۽ عداوت جي جذبن ڀڙڪائڻ لاءِ جيڪي ديني اصطلاح استعمال ڪندا هئا، انهن جو مطلب ڪن ٿورن ماڻهن کي سمجهه ۾ ايندو هو. مصر ۾ عربن جي داخل ٿيڻ بعد جلد ئي اسلام جي تيزيءَ سان ڦهلجڻ جو سبب غالبن مسلمانن جي ڪن خاص تبليغي ڪوششن کان به وڌيڪ مصر جي عيسائين اندر اهو خيال هو ته اهڙي مسيحي مذهب کي پاڻ وٽ ڪيئن رکجي، جنهن جو انهن کي ڪو به علم نه هو. يعقوبي عيسائين جو هڪ الڳ فرقي هئڻ جي حيثيت ۾ مدار انهن مذهبي اصولن تي هو، جن جي قائم رکڻ لاءِ، انهن تمام گهڻي وقت تائين ۽ تمام گهڻو نقصان برداشت ڪندي، جدوجهد ڪئي. اهي اصول تمام گهڻن دقيق ۽ باريڪ قسم جي مسئلن ۾ سمايل هئا. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته گهڻن ئي عيسائين پنهنجي چوگرد ٿيندڙ بحث مباحثن کان، جي ڪڏهن به ختم ٿيڻ وارا نه هئا، تنگ ۽ بيزار ٿي، ضرور اهو مذهب اختيار ڪيو هوندو، جنهن جو سارو مطلب هڪ سادي ۽ عام فهم حقيقت يعني خدا جي وحدانيت ۽ حضرت محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي رسالت ۾ اچي ٿي ويو. ڪجهه عرصي بعد خود قبطي ڪليسئا ۾ هڪ اهڙي تحريڪ نمودار ٿي، جا جيتوڻيڪ بلڪل اسلامي نه هئي، تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ ان جو اسلام سان ڳوڙهو واسطو هو ۽ جنهن صورت ۾ ڪليسئا جي طرفان ڪو به اهڙو نظام نه هو، جنهن ۾ هيءَ تحريڪ پاڻ کي ظاهر ڪري. انهيءَ حالت ۾ ممڪن آهي ته هن تحريڪ پاڻ مسلمانن جي تعداد ۾ اضافو ڪرايو هجي. عيسوي ٻارهين صديءَ جي شروعات ۾ سينٽ انٿونيءَ جي خانقاهه (Monastry of St: Anthony) ۾، (جا نيل نديءَ تي اطفيه ڀرسان هئي) هڪ راهب بلوطس (Balutus) نالي رهندو هو. بلوطس عيسائي مذهب جي سڀني مسئلن جو ڄاڻو هو. خانقاهي زندگيءَ جي سڀني فرضن جي هن کي خبر هئي ۽ ڪليسئا جي قاعدن قانونن کان چڱيءَ طرح واقف هو، مگر شيطان هن کي پنهنجن ڄارين مان هڪ ڄار ۾ ڦاسايو، ڇاڪاڻ ته هن جا عقيدا (مجلس نائسيا جي) ٽي سئو ارڙهن (عالمن) جي سيکاريل عقيدن کان مختلف هئا. هن اهڙن گهڻن ئي ماڻهن جي دلين کي خراب ڪيو، جن کي آرٿوڊاڪس عيسائي مذهب جي تعليم جي ڪجهه به خبر نه هئي. هن پنهنجن فاحش تقريرن ۾ پنهنجي ناپاڪ منهن سان ظاهر ڪيو ته اسان جو خدا حضرت عيسيٰ (جنهن جو مرتبو بلندو هجي) ٻين پيغمبرن وانگر هڪ پيغمبرآهي. بلوطس پنهنجو ميل جول پنهنجي پوئلڳن مان غريب ۾ غريب طبقي وارن سان رکيو هو ۽ انهن جهڙي پوشاڪ پهريندو هو، جنهن جي هن کي اڳ ۾ ئي رهباني زندگيءَ ڪري عادت پيل هئي. جڏهن هن کان سندس مذهب ۽ عقيدن متعلق پڇيو ويو، تڏهن هن ظاهر ڪيو ته هو خدا جي وحدانيت جو قائل آهي. هن جا عقيدا سنه 1123ع تائين قائم رهيا. ان کان پوءِ هن وفات ڪئي ۽ سندس يادگيري هميشه لاءِ ختم ٿي وئي.
عيسائي مذهب ۾ زندگي گذارڻ جي نظريي کي رهبانيت جي اهڙي ته غلط رنگ ۾ پيش ڪيو ويو هو جو ان ۾ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن رجوع ڪرڻ جي جاذبيت اسلام جي اعليٰ انساني اخلاق واري نظريي جي مقابلي ۾ تمام گهٽ هئي. قبطين جي وقت بوقت تمام گهڻي تعداد ۾ اسلام قبول ڪرڻ ڪري، مسلمانن جو اهو خيال آهي ته قبطين اندر ٻين عيسائي قومن جي مقابلي ۾ اسلام لاءِ گهڻي ڪشش هئي، جيتوڻيڪ ڪيترن موقعن تي انهن مٿان ڏاڍيون سختيون ڪيون ويون ۽ ظلم ڪيا ويا، تنهن هوندي به جن قبطين زور زبردستيءَ ڪري اسلام قبول ڪيو، انهن جو تعداد ٻين قبطين جي مقابلي ۾، جن پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو، ٿورو آهي هاڻوڪي زماني ۾ پڻ جڏهن مصر کي دنيا جي سڀني اسلامي ملڪن کان وڌيڪ بي تعصب ملڪ سمجهيو وڃي ٿو، قبطين جو ڪجهه تعداد هر سال مسلمان ٿيندو وڃي ٿو باوجود پرامن طريقن استعمال ڪرڻ جي قبطين جي تعداد گهٽجڻ جو باعث گهڻي ڀاڱي ظلم ۽ تشدد پڻ آهي. مصر جي يعقوبي ڪليسئا مٿان ٿيل ظلمن جي ڪهاڻي گهڻي درد ناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهين هم مذهب عيسائين ۽ طاقتور مذهب جي پوئلڳن (مسلمانن) انهن مٿان تمام گهڻا ظلم ڪيا. گهڻن ئي يعقوبي عيسائين تمام ڳرن محصولن، ناقابل برداشت ذلتن کان بچڻ خاطر پنهنجي اباڻي دين کي ترڪ ڪيو. قبطين تي زياده ظلم ۽ سختين ڪرڻ جو باعث سندن سرڪش طبيعت هئي، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي قبطين جي ۽ انهيءَ وقت جي شام، فلسطين ۽ اندلس جي عيسائين جي هلت چلت ۾ هڪ وڏو فرق نظر ايندو. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته رومي حڪومت جي ملڪي ۽ ديني خودمختياريءَ خلاف قبطين کي تمام گهڻي وقت تائين جدوجهد ڪرڻي پئي. انهيءَ جدوجهد ڪري، قبطين جا اهي ماڻهو، جن ۾ سخت مذهبي جوش هو، پاڻ ۾ ملي، هڪ قومي جماعت بڻجي پيا ۽ اهي عربن جي ڌارئين راڄ کي رومي عيسائين جي حڪومت وانگر برداشت ڪري نٿي سگهيا. سنه 646ع ۾ قبطين پنهنجي نون حاڪمن (مسلمانن) برخلاف هڪ بغاوت شروع ڪري ڏني ۽ انهن عربن کي ٿوري وقت لاءِ اسڪندريه مان تڙي ڪڍيو ۽ شهر جا دروازا روم جي عيسائي فوجن لاءِ کولي ڇڏيا. (انهيءَ احسان عيوض رومي لشڪر اٽلندو بدقسمت قبطين سان دشمن جهڙو برتاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ ته انهن هن کان اڳ قبطين جي اسلامي لشڪر جي استقبال ڪرڻ واري عمل کي اڃا تائين نه وساريو هو) قبطين جي هيءَ بغاوت انهن جي بغاوتن ۽ فسادن جي سلسلي جي پهرين ڪڙي هئي. اهي فتنا ۽ فساد گهڻو ڪري قبطين مٿان ڳرن محصولن وجهڻ ڪري برپا ٿيندا هئا ۽ انهن فسادن ۽ بغاوتن ڪري، انهن کي تمام سخت تڪليفون ڏنيون ويون،مصر جي يعقوبي عيسائين کي ايتريقدر ته سخت زندگي گذارڻي پيئي جو سڄيءَ اسلامي حڪومت اندر ڪنهن به ملڪ ۾ ٻئي ڪنهن عيسائي فرقي کي اهڙي سختيءَ واري حالت پيش نه آئي، پر اهڙن سختيءَ وارن واقعن جو بيان ڪرڻ، مسلمانن جي ظلم ۽ تعصب جي تاريخ سان تعلق رکي ٿو ۽ هن ڪتاب جو موضوع آهي. بهرحال اهو انومان نه ڪڍڻ گهرجي ته ڪا قبطين جي حالت هميشه ظلم ۽ سختين واري هئي، پر پاڻ ڪي اهڙا موقعا آيا، جن ۾ انهن کي اسلامي حڪومت اندر تمام گهڻي آمدنيءَ ۽ شهرت وارن عهدن تي مقرر ڪيو ويو. سرڪاري آفيسن ۾ سيڪريٽرين ۽ ڪاتبن جون جڳهيون انهن کي عطا ڪيون ويون محصولن جي رقم مقرر ڪرڻ جو ڪم انهن جي سپرد ڪيو ويو ۽ ڪن حالتن ۾ انهن تمام گهڻو پئسو پاڻ وٽ جمع ڪيو. قبطين جي ڪليسيائي تاريخ مان اسان کي انهن جي عيسائي عالمن جا ڪيترا مثال ملندا، جن تي انهيءَ وقت جي مصري بادشاهن جو تمام گهڻو راز ۽ توجهه هوندو هو. ڪيترا اهڙا به حاڪم هئا، جن جي دور حڪومت ۾ عيسائين کي تمام گهڻو امن نصيب هو محاسبن ۽ رجسٽرارن جون جڳهيون انهن جي هٿن ۾ هيون. سلطان صلاح الدين کان پوءِ تقريبن هڪ سئو سالن تائين سلطانن جي حڪمراني ۾ عيسائين کي اها ساڳي مذهبي آزادي ۽ بادشاهن جو راز حاصل هو. انهن کي خود سندن پادرين جي خرابين ۽ رشوت خوريءَ کانسواءِ، ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه جي شڪايت نه هئي. انهن جي ڪليسئا ۾ عهدن جي خريد و فروخت جو رواج تمام گهڻو زور وٺي ويو. پادرين جا عهدا جاهل ۽ بدڪار ماڻهن کي وڪرو ڪري ڏنا ويندا هئا. انهن مذهبي عهدن لاءِ، جيڪڏهن ڪي لائق ۽ قابل ماڻهو ميسر به ٿيندا هئا پر تڏهن به انهن کي نفرت ۽ ڌڪار وچان رد ڪري ڇڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته پادريءَ جي عهدن تي ماڻهو مقرر ڪرڻ لاءِ، جيڪي پئسا رشوت طور طلب ڪيا ويندا هئا، اهي هو ادا ڪري نه سگھندا هئا. انهن حالتن مان نتيجو اهو نڪتو جو ماڻهن جي ديني ۽ اخلاقي تعليم طرف ڪو به توجهه نه ڏنو ويو ۽ عيسائي زندگيءَ ۾ هڪ افسوسناڪ انحطاط پيدا ٿي ويو ڪليسئا جي حالت اهڙي ته بدتر ٿي وئي هئي، جو جڏهن يعقوبي عيسائين جي چوهترين وڏي پادريءَ يحييٰ سنه 1216ع ۾ وفات ڪئي ۽ انهيءَ جي جڳهه تي ڪنهن ماڻهوءَ کي منتخب ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي، تڏهن مخالف گروهن پنهنجي پنهنجي اميدوار جي حقن کي پيش ڪيو ۽ انهن تقريبن ويهن سالن تائين بغير ڪنهن ٺاهه جي هڪ سخت خونريز جهڳڙي کي چالو رکيو. هي سڄو وقت انهن پنهنجي سخت رسوائيءَ ۽ پنهنجن شرمناڪ جهڳڙن جي نقصانڪار نتيجن طرف ڪو خاص توجهه نه ڏنو، بلڪه پنهنجي سرڪش ۽ فتنه انگيز جذبي کي قائم رکيو. ڪيترن موقعن تي انهيءَ وقت جي سلطان عيسائين جي مخالف گروهن جي وچ ۾ صلح پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سلطان کي ٽن، چئن ۽ ڏهن هزارن اشرفين تائين رشوت آڇي ويندي هئي ته جيئن هو پنهنجي حاڪماڻي دٻاءُ وسيلي سندن گروهه جي اميدوار جو انتخاب ڪري، پر سلطان انڪار ڪيو ۽ اٽلندو انهن سان هڪڙي رعايت ڪئي، جو انهن تان اها رقم، جيڪا ڪليسئا جي نون عهديدارن کي دستور مطابق ادا ڪرڻي پوندي هئي، هن شرط تي معاف ڪئي ته هو پنهنجن جهيڙن جهڳڙن کي ڦٽو ڪري، پاڻ ۾ راضي ٿي وڃن، پر هي سڀيئي ڪوششون بيڪار ويون. انهن ويهن سالن جي عرصي اندر ڪيتريون بشپن جون جڳهيون خالي ٿيون، پر انهيءَ وچ ۾ مري ويل بشپن ۽ پادرين جي جڳهين تي ڪنهن کي به مقرر نه ڪيو ويو. سينٽ مئڪارئس (St: Macarius) جي خانقاهه ۾ صرف چار پادري وڃي بچيا هئا، جيتوڻيڪ آخري پئٽرئارڪ جي ڏينهن ۾ اسيءَ کان به وڌيڪ پادري موجود هئا مطلب ته مغربي ڪليسائن جي حالت ايتريقدر ته توجهه کان ٻاهر نڪري وئي هئي، جو اهي سڀيئي آهستي آهستي مسلمان ٿي ويا. هن سلسلي ۾ مٿي جيڪو احوال بيان ڪيو ويو آهي، سو قبطي ڪليسئا جي هڪ مورخ طرفان بيان ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ احوال کانسواءِ ٻي ڪا به اسان وٽ اهڙي معلومات نه آهي، جنهن مان جيڪر اسان کي عيسائين کي اسلام طرف آڻڻ لاءِ مسلمانن جي باقاعده ڪوشش جي خبر پوي. جنهن صورت ۾ اسان کي خبر آهي ته عيسائي پاڻ ۾ عام مناظرن ڪرڻ ۽ پنهنجي پنهنجي مخالف فرقن جي لياقتن ۽ خوبين تي تحريري تنقيد ڪرڻ ۾ مشغول هئا، انهيءَ حالت ۾ ٿورو شڪ پيدا ٿئي ٿو ته مسلمانن عيسائين کي اسلام طرف راغب ڪرڻ لاءِ ڪي باقاعدي ڪوششون ڪيون هونديون باقي انهيءَ ڳالهه ۾ ته ڪو به شڪ ڪونهي ته عيسائين تي پنهنجو مذهب ترڪ ڪري، اسلام قبول ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو ظلم يا جبر نه ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته اسان کي تاريخي ثابتين مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪليسيائي سردار جي عهدي خالي رهڻ واري زماني ۾ عيسائين کي پنهنجي مذهب جي عام پيروي ڪرڻ ۾ پوري ۽ مڪمل آزادي حاصل هئي. انهن کي پنهنجن ديولن جي مرمت ڪرائڻ يا نون ديولن ٺهرائڻ جي اجازت مليل هئي، انهن مٿان لڳايل پابنديون جهڙوڪ گهوڙي يا خچر تان سواري نه ڪرڻ وغيره هٽايون ويون هيون. انهن جي مقدمن جو فيصلو، انهن جي عدالتن ۾ ڪيو ويندو هو. انهن جي پادرين ۽ راهبن مٿان جزيو معاف ڪيو ويو هو ۽ ٻيون به ڪيتريون خاص اختياريون انهن کي ڏنيون ويون هيون.
مشڪل سان هي ٻڌائڻو پوي ٿو ته قبطين جي هيءَ حالت جنهن ۾ پئٽرئارڪ جو عهدو ڪافي عرصي تائين خالي رهندو هو، ڪيتريقدر انهن جي مسلمان ٿي وڃڻ لاءِ جوابدار آهي. ساڳئي قسم جي ديني بي توجهيءَ ۽ لاپرواهيءَ جو مثال ڪپاچي مشنرين (Capuchin Missoinaries) بيان ڪيو آهي، جن عيسوي سترهين صديءَ ۾ نيل نديءَ کان وٺي لڪسر ((Luxor تائين سفر ڪيو. انهن کي اتي معلوم ٿيو ته لڪسر جي قبطين وٽ ڪو به پادري موجود نه هو ۽ انهن ۾ ڪي اهڙا به قبطي موجود هئا، جي پنجاهه سالن کان وٺي پنهنجي گناهن جي اقرار (Confession) لاءِ يا پنهنجي خاص عبادت ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ديولن ۾ نه ويا هئا. اهڙين حالتن ۾ قبطين جي تعداد ۾ کوٽ پوڻ جو سبب آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو.
ساڳيءَ غفلت ۽ بي پرواهيءَ ڪري، نبيا جي ڪليسئا عيسائين جي هٿ مان نڪري وئي ۽ اها ڪليسئا اسڪندريه جي يعقوبي پئٽرئارڪ جي سرداري اهڙيءَ طرح تسليم ڪندي هئي، جهڙيءَ طرح حبش جا رهاڪو اڄ ڏينهن تائين انهيءَ پئٽرئارڪ جي اطاعت ڪندا رهن ٿا. نبيا جي ماڻهن عيسوي ڇهين صديءَ جي وچ ڌاري عيسائي مذهب قبول ڪيو هو ۽ عربن جي مصر فتح ڪرڻ وقت انهن کي پوري خودمختياري حاصل هئي. عربن ۽ نبيا جي ماڻهن وچ ۾ هڪ عهدنامو بحال ٿيو، جنهن مطابق نبيا جي ماڻهن کي عربن ڏانهن ٽي سئو ڪارا غلام، ڏهه باندر ۽ هڪ زراف هر سال موڪلڻو هو. انهيءَ عيوض عربن وري انهن ڏانهن اناج، تيل ۽ ڪپڙي موڪلڻ جو وعدو ڪيو. خليفي المعتصم (سنه 833-842ع) پنهنجي دور حڪومت ۾ هن عهدنامي کي نئين ڪرڻ لاءِ پنهنجا ايلچي نبيا ڏانهن روانا ڪيا ۽ نبيا جو بادشاهه اسلامي حڪومت جي تختگاهه ۾ گهمڻ آيو، جتي هن جو تمام گهڻي شان شوڪت سان استقبال ڪيو ويو عيسوي ٻارهين صديءَ ۾ نبيا جا سڀئي ماڻهو عيسائي مذهب جا پوئلڳ هئا. ۽ باوجود مسلمانن جي مسلسل حملن ڪرڻ جي انهن پنهنجي خودمختياري قائم رکي سنه 1275ع ۾ نبيا جي بادشاهه جي ڀائٽي پنهنجي چاچي جي برخلاف بغاوت ڪرڻ ۾ مصر وٽان لشڪر جي مدد حاصل ڪئي ۽ انهيءَ مدد ڪري ئي پنهنجي چاچي کي تخت تان لاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن انهيءَ مدد عيوض نبيا جي اتر طرف وارا ٻه صوبا سلطان جي سپرد ڪيا، پر جڏهن انهن صوبن جي ماڻهن پنهنجي اصلي عيسائي مذهب تي محڪم رهڻ پسند ڪيو، تڏهن انهن مٿان هڪ دينار في ماڻهو سالانه محصول مقرر ڪيو مسلمانن جي هيءَ حڪومت تمام ٿوري وقت لاءِ رهي ۽ پوءِ جلد ئي انهن صوبن جي ماڻهن وري خودمختياري حاصل ڪئي.
ابن بطوطه (برخارت جلد چوٿون، صفحو: 396) اسان کي ٻڌائي ٿو ته نبيا جا ماڻهو عيسوي چوڏهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين عيسائي هئا، جيتوڻيڪ دنيا جي مکيه شهر ڊنگولا ((Dangola جو بادشاهه سلطان ناصر جي ڏينهن ۾ مسلمان ٿيو هو (سلطان ناصر غالبن ناصر ابن قلاون مصر جي مملوڪي سلطانن مان هو ۽ هن سن 1340ع ۾ وفات ڪئي.) مسلمانن عيسوي پندرهين صديءَ تائين نبيا تي مسلسل حملا ڪيا، پر نيل نديءَ جي پهرئين آبشار کان اڳتي ڏکڻ طرف، جتي انهن جي آخرين ڇانوڻي هئي، ڪجهه به وڌي نه سگهيا ليڪن ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته عيسائي مذهب نيل نديءَ جي ڏکڻ طرف سنار (Sxennaar) تائين ڦهليل هو. انهن حالتن مان اهو گمان ڪڍي سگهجي ٿو ته نبيا ۾ هيستائين اسلام جي ترقي مسلمان تاجرن ذريعي يا ٻين اهڙن ماڻهن ذريعي پئي ٿي آهي، جيڪي هتي گهڻو آيا ويا آهن. (عيسوي پندرهين صديءَ جي شروع حصي ۾) مقريزيءَ اسلام جي اشاعت جو هڪ عجيب واقعو نقل ڪيو آهي ۽ اهو واقعو ٻين عربن مصنفن جي ڪتابن ۾ مشڪل سان ملندو. هن واقعي جو راوي ابن سليم الاسوالي آهي ۽ تمام گهڻو دلچسپ آهي، ڇاڪاڻ ته هن واقعي ۾ هڪ مسلمان مبلغ جي ڪوششن جي زندهه تصوير ڪڍيل آهي، جيتوڻيڪ اهو نئو مسلم جنهن جو ذڪر هن واقعي ۾ ڪيل آهي، پهريائين ته عيسائي هو ۽ نه نبيا جو رهاڪو، تنهن هوندي به هي واقعو ڏيکاري ٿو ته عيسوي پندرهين صديءَ ۾ نبيا ۾ اسلام قبول ڪرڻ جو واقعو نمودار ٿيو. ابن سليم بيان ٿو ڪري ته هن جي هڪ دفعي نبيا جي سردار مقره جي درٻار ۾ هڪ ماڻهوءَ سان ملاقات ٿي، جنهن هن کي ٻڌايو ته هو هڪ اهڙي شهر کان اچي ٿو جو نيل نديءَ کان ٽن مهينن جي پنڌ جيتري مفاصلي تي آهي، جڏهن هن کان ابن سليم سندس مذهب متعلق پڇيو، تڏهن هن جواب ڏنو ته ”منهنجو خالق ۽ تنهنجو خالق هڪ خدا آهي. سڄيءَ مخلوق ۽ سڀني انسانن جو پيدا ڪندڙ اهو هڪڙو ئي آهي ۽ هن جي رهڻ جي جڳهه آسمان تي آهي.“ جڏهن بارش جو پوڻ بند ٿي ويندو هو يا ٻي ڪا وچڙندڙ بيماري انهن ۾ يا انهن جي چوپائي مال ۾ پوندي هئي ته سندس شهر جا ماڻهو ڪنهن اتاهين جبل تي چڙهي ويندا هئا ۽ اتي وڃي، خدا کان دعا گهرندا هئا. ڌڻي تعاليٰ انهن جي دعائن کي ٻڌندو هو ۽ انهن جي ضرورتن کي، انهن جي جبل تان لهڻ کان اڳ پورو ڪري ڇڏيندو آهي. جڏهن هن اجنبي ماڻهوءَ انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته خدا تعاليٰ ڪڏهن به انهن ڏانهن ڪو پيغمبر نه موڪليو آهي، تڏهن ابن سليم هن کي خدا جي پيغمبرن حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ عليهما السلام ۽ حضرت محمد جن جو ڪجهه احوال بيان ڪري ٻڌايو ۽ هن کي اهو پڻ ٻڌايو ته ڪيئن انهن پيغمبرن خدا جي مدد سان ڪيترا معجزا ڪري ڏيکاريا. انهيءَ تي هن شخص جواب ڏنو ته ”جنهن صورت ۾ انهن هي معجزا ڏيکاريا ته انهيءَ حالت ۾ سچائي ضرور انهن سان گڏ هوندي. جيڪڏهن انهن هي ڪم ڪيا ته آءٌ انهن تي ايمان آڻيان ٿو.“
نبيا جا ماڻهو تمام گهڻي آهستگيءَ سان ۽ درجي بدرجي عيسوي مذهب کان اسلام طرف ايندا ويا. انهن جي ڪليسئا جي روحاني زندگي تمام گهڻو ڪِري چڪي هئي ۽ جنهن صورت ۾ ٻي ڪا به سڌاري واري تحريڪ انهن جي وچ ۾ نه هئي ۽ پنهنجي ملڪ جي حدن کان ٻاهر ٻين سڀني عيسائي ڪليسائن سان انهن جو واسطو باقي نه رهيو هو، انهيءَ حالت ۾ اهو لازمي هو ته نبيا جا ماڻهو پنهنجي روحاني خواهشن کي مذهب اسلام ذريعي حاصل ڪن، ڇاڪاڻ ته اسلام جا پوئلڳ ڪيتري وقت کان وٺي اها شهادت ڏيندا آيا هئا ته اسلام انهن ۾ هڪ زنده طاقت هو. نبيا جي ماڻهن مان پڻ ڪجهه ماڻهن اسلام قبول ڪيو هو. هڪ پورچوگيز پادريءَ، جنهن سنه 1520ع کان 1527ع تائين حبش جو سفر ڪيو، نبيا جي ماڻهن جي مذهبي تبديل جي حالت ۾ هڪ تصوير اسان جي لاءِ محفوظ ڪئي آهي. هو بيان ٿو ڪري ته ”نبيا جا ماڻهو نه عيسائي هئا، نه يهودي هئا ۽ نه مسلمان، بلڪه انهن جو ڪو به دين ۽ قانون نه هو. انهيءَ هوندي به انهن کي عيسائي ٿي رهڻ جي خواهش هئي.“ نبيا جا ماڻهو اڳي ئي پنهنجي پادرين جي غلطين ڪري، جهالت جي اوڙاهه ۾ غرق هئا ۽ هاڻي ته انهن ۾ ڪو به بشپ يا پادري موجود نه هو، انهيءَ ڪري انهن حبش جي بادشاهه ڏانهن هڪ ڇهن ماڻهن جي سفارت رواني ڪئي ۽ هن کي انهن ڏانهن ديني تعليم ڏيڻ خاطر ڪجهه پادرين ۽ راهبن موڪلڻ جو عرض ڪيو، مگر بادشاهه، اسڪندريه جي پئٽرئارڪ جي اجازت کان سواءِ ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جيئن ته اها اجازت ملي نه سگهي، هي بدقسمت سفير بغير ڪاميابيءَ جي پنهنجي وطن واپس وريا انهيءَ ساڳئي پورچوگيز مصنف کي ٻئي هڪ عيسائي مصنف وٽان، جنهن پڻ نبيا جو سير ڪيو هو، معلوم ٿيو ته هن پنهنجي سفر جي دوران ۾ نبيا ۾ اٽڪل ڏيڍ سئو ديولون ڏٺيون هيون، انهن مان هر هڪ ديول ۾ حضرت مسيح عليه السلام مصلوب، مريم عذرا ۽ ٻين مسيحي بزرگن جون تصويرون ڀتين تي نقش ٿيل هيون. ان کانسواءِ سڀني قلعن ۾، جيڪي سڄي ملڪ ۾ پکڙيل هئا، ديولون موجود هيون. عيسوي سترهين صديءَ جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي پادرين جي قلت سبب مسيحي دين نبيا جي سڄي ملڪ مان غائب ٿي ويو، پر بند پيل ديولون اڃا تائين اتي ڏسڻ ۾ اينديون نبيا جي ماڻهن پنهنجي آسپاس جي زبردست اسلامي ماحول کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو ۽ هن سلسلي ۾ انهن مسلمانن جي تبليغي ڪوشش پڻ تمام گهڻو اثر پيدا ڪيو، جيڪي گذريل ٻن صدين کان وٺي هن ملڪ ۾ سير و سفر ڪندا رهندا هئا. نبيا جي اتر طرف مصر جو ملڪ هو، جتان عرب قبيلن نيل نديءَ جي ڏکڻ طرف وڌي، درياءَ جي ٻنهين ڪنارن تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ڏکڻ طرف بيلو قوم (Belloos) جي اسلامي رياست هئي، جنهن نبيا کي حبش کان الڳ ڪيو ٿي. بيلو قوم جا ماڻهو، جيتوڻيڪ مسلمان هئا، تنهن هوندي به عيسوي سورهين صديءَ جي شروعات ۾ حبش جي عيسائي بادشاهه جا ڏن ڀرو هئا جيڪڏهن هيءَ بيلو قوم، اها ساڳي بليون (Baliyun) آهي، جنهن متعلق مورخ ادريسيءَ لکيو آهي ته هيءَ قوم پنهنجي پاڙيسريءَ قوم باجا (ميرو ٻيٽ جا رهاڪو) سان گڏ، عيسوي ٻارهين صديءَ ۾ يعقوبي عيسائي هئي، ته انهيءَ حالت ۾ اهو گمان نڪري سگهي ٿو ته بليون قوم جي ماڻهن، باجا جي ماڻهن کان ڪجهه سال اڳ اسلام قبول ڪيو هوندو. باجا جي ماڻهن کي فنج جي اسلامي حڪومت اندر انهيءَ وقت شامل ڪيو ويو، جنهن وقت فنج جي حڪومت سنه 1449ع کان 1530ع جي عرصي اندر ڏکڻ کان وٺي نبيا ۽ حبش جي سرحد تائين پنهنجن سوڀن کي جاري رکيو ۽ سنار جي زبردست رياست قائم ڪئي. جڏهن احمد گراگنيءَ جي لشڪر حبش تي حملو ڪيو ۽ ڏکڻ کان اتر طرف وڌندي، ملڪ جي وچ مان پنهنجو رستو بڻائيندو ويو، تڏهن احمد جو لشڪر ۽ ماسيگايا مازاگا جي سلطان جو لشڪر سنه 1534ع ڌاري هڪ جڳهه وٽ اچي پاڻ ۾ مليو. مازاگا، حبش ۽ سنار جي وچ ۾ هڪ پرڳڻو هو، هتي مسلمانن جي حڪومت هئي، پر حبش جي بادشاهه کي ڏن ڏيندڙ هئا. سلطان جي لشڪر ۾ پندرهن هزار (15000) نوبي سپاهي هئا ۽ جيڪو احوال انهن متعلق بيان ڪيو ويو آهي، انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي سڀئي سپاهي مسلمان هئا مطلب ته نوبي ماڻهن جي اسلام قبول ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪو ٿورو گهڻو، پر ناڪافي احوال مليو آهي، انهن مان اسان کي انهن ماڻهن جي آزاد طبيعت ۽ مذهبي مضبوطيءَ جي خبر پوي ٿي. جيستائين عيسائي مذهب انهن وٽ زنده حالت ۾ هو، تيستائين انهيءَ تي محڪم هئا. انهن سڀني ڳالهين مان يقينن اسان کي اهو نتيجو ڪڍڻو پوندو ته نبيا جي ماڻهن پنهنجي رضا خوشيءَ سان پنهنجو دين بدلايو هو ۽ اسلام قبول ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪنهن به قسم جو جبر نه ڪيو ويو هو.
هاڻي حبش جي ماڻهن ۾ اسلام جي تاريخ جو ذڪر ڪجي ٿو، جن وٽ عيسائي مذهب نبيا جي ماڻهن کان ٻه صديون اڳ پهتو هو ۽ انهن وانگر هو به يعقوبي ڪليسئا جا پوئلڳ هئا. ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته عرب جي جن ماڻهن حبش ڏانهن حجرت ڪئي هئي، اهي ڳاڙهي سمنڊ جي ڪنارن کان ملڪ اندر داخل نه ٿيا هئا، ڇاڪاڻ ته عربن جي اسلام قبول ڪرڻ کان گهڻين صدين گذرڻ بعد به ڳاڙهي سمنڊ جا مغربي ڪنارا حبش جي حڪومت جو هڪ حصو هئا. حبش جي ساحلي شهرن ۾ عيسوي ڏهين صديءَ تائين صرف ڪي ٿورا مسلمانن جا گهر آباد هئا، مگر عيسوي ٻارهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري، هڪ منظم عرب خاندان جي قائم ٿيڻ تي ڳاڙهي سمنڊ جي ڪنارن واري ايراضيءَ جو ڪجهه حصو حبش جي حڪومت مان نڪري ويو. سنه 1300ع ۾ هڪ مسلمان مبلغ ابو عبدالله محمد حبش ۾ اچي ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ لڳو. هن سنه 1301ع ۾ ٻن لکن سپاهين جو لشڪر گڏ ڪري، امهره جي حاڪم تي گهڻائي دفعا حملو ڪيو عيسوي چوڏهين صديءَ جي ختم ٿيڻ تي گهرو لڙاين ڪري، حبش جي اندروني حالت تمام گهڻو بگڙيل هئي. انهيءَ حالت جو سامونڊي ڪناري تي عرب بيٺڪن فائدو ورتو ۽ انهن حبش جي ماڻهن کي ملڪ جي اندرئين حصي ڏانهن هڪالي ڪڍيو ۽ پاڻ سڄي ڪناري جا مالڪ بڻجي ويٺا. عيسوي سورهين صديءَ جي اوائلي حصي ۾ حبش ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي ڏاکڻي ڪناري جي وچ ۾ ادل (Adel) جي زبردست اسلامي حڪومت هوندي هئي. هيءَ حڪومت ۽ ٻيون ڪيتريون رياستون حبش جي عيسائي حڪومت جون سخت دشمن هيون. ساڳئي وقت ڪجهه ٻيون به اهڙيون رياستون هيون، جي وري صلح پسند هيون ۽ حبش جي بادشاهه پريسٽر يحييٰ (Prester John) کي ڏن ڏيندڙ هيون. مثلن ماسوواه ۾ عرب رهندا هئا ۽ اهي حبشي اميرن جي مال جا ڌڻ چاريندا هئا. اهي امير ٽيهن ٽيهن، چاليهن چاليهن جا ٽولا بڻائي، پنهنجن ٻارن ٻچن سميت هيڏانهن هوڏانهن گهمندا وتندا هئا ۽ هر هڪ ٽولي کي پنهنجو پنهنجو عيسائي سردار هو اهو پڻ بيان ڪيو ويو آهي ته حبش جي بادشاهه وٽ ڪيترا مسلمان نوڪري ڪندا هئا ۽ بادشاهه انهن کي مکيه مکيه عهدا عطا ڪيا هئا انهن مسلمانن مان ڪجهه پنهنجي دين اسلام تي محڪم رهيا ۽ باقي مسلمانن ملڪي مذهب يعني مسيحي دين قبول ڪيو. اها ڳالهه معلوم ڪرڻ مشڪل آهي ته ڪهڙن سببن ڪري هي اسلامي رياستون حبش جي بادشاهه جون ڏن ڀريندڙ هيون. اديا جا مسلمان حبش جي بادشاهه کي ٻئي محصول سان گڏ هڪ ڪنواري نينگري پڻ ڏيندا هئا، جنهن کي عيسائي بڻايو ويندو هو. هيءَ رسم ڪافي وقت کان وٺي هڪ عهدنامي مطابق هلندي ٿي آئي ۽ حبش جو بادشاهه هميشه اها رسم مسلمانن کان ضرور پوري ڪرائيندو هو، ڇاڪاڻ ته ”هو انهن کان زياده طاقتور هو.“ هن رسم کانسواءِ مسلمانن کي هٿيار کڻڻ يا جنگي پوشاڪ پهرڻ جي منع ٿيل هئي. انهن کي حڪم مليل هو ته جيڪڏهن گهوڙي جي سواري ڪن ته بغير زين يا هني جي. مسلمانن جو چوڻ هو ته ”اسان هميشه انهن حڪمن جي پيروي پئي ڪئي آهي، انهيءَ لاءِ ته متان بادشاهه اسان کي قتل ڪرائي ڇڏي يا اسان جي مسجدن کي ساڙائي ڇڏي. هر سال بادشاهه پنهنجا ماڻهو ڪنواري نينگريءَ کي وٺڻ لاءِ موڪليندو هو. اسان هن کي وٺي وڃي غسل ڏيندا آهيون، بستري تي سمهاري، چادر سان ڍڪي ڇڏيندا آهيون. پوءِ اسين هن کي گهر جي دروازي تائين کڻي ويندا آهيون ۽ هن تي اهي دعائون پڙهندا آهيون، جيڪي هڪ ميت تي پڙهيون وينديون آهن، ان کان پوءِ ڇوڪري بادشاهه جي ماڻهن جي حوالي ڪندا آهيون. اسان کان اڳ اسان جا ابا، ڏاڏا به اهڙيءَ طرح ڪندا هئا
مسلمانن جون هي ڏن ڏيندڙ رياستون گهڻو ڪري هيٺاهن ملڪن ۾ رهنديون هيون. اهي ملڪ حبش جي اترئين سرحد تي هئا ۽ ڳاڙهي سمنڊ کان وٺي الهندي طرف سنار تائين ۽ حبش جي حڪومت جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر طرف پکڙيل هئا. انهن ملڪن ۾ رهندڙ مسلمانن جو عيسائين تي، جن سان انهن جو اڪثر ميل ميلاپ هوندو هو، ڪهڙو اثر پيو ۽ ڇا انهن مسلمانن عيسائين کي به مسلمان بڻايو يا نه؟ انهيءَ سوال جو جواب قياس جوڳو آهي، پر هيءَ هڪ يعني ڳالهه آهي ته جڏهن ادل جي خودمختيار مسلمان حاڪم گراگنيءَ سنه 1528ع کان 1543ع تائين حبش جي ملڪ تي حملا ڪيا، تڏهن حبش جا گهڻائي عيسائي سردار پنهنجن ماڻهن سميت احمد جي لشڪر ۾ داخل ٿيا ۽ پوءِ اهي سڀئي رفته رفته مسلمان ٿي ويا. ڪن ضلعن جي عيسائين مسلمانن کي ڏن ڏيڻ بهتر سمجهيو پر باقي عيسائين پنهنجي فاتحن (مسلمانن) جو دين قبول ڪيو. هڪ مسلمان مورخ خود لکي ٿو ته ڪجهه عيسائين ڊپ وچان پنهنجو مذهب بدلايو ۽ اهڙن مسلمانن جي سچيءَ دل سان اسلام قبول ڪرڻ ۾ شڪ آندو ٿو وڃي پر اهڙي حالت عام نه هئي. ڪيترن ضلعن ۾ اڪثر عيسائين جي مسلمان ٿيڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسلام جي اشاعت لاءِ ڪا باقاعدي تحريڪ مقرر هئي. جن عيسائي سردارن اسلام قبول ڪيو، انهن يقينن پنهنجي رضا خوشيءَ سان ائين ڪيو. البته اهو ممڪن آهي ته انهن سردارن پنهنجن زبردستن کي اسلام ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجو ذاتي رسوخ ڪم آندو هجي. انهن سردارن متعلق چيو وڃي ٿو ته ڪيترا انهن مان پنهنجي دين کان بلڪل ناواقف هئا انهيءَ ڪري انهن جو پنهنجي مذهب کي تبديل ڪرڻ ڪا مشڪل ڳالهه نه هئي. هن قسم جي مذهبي تبديليءَ ۾ خاص ڪري، اهي مسلمان سردار ڪارآمد ثابت ٿيا، جيڪي اڳي ئي حبش جي بادشاهه وٽ نوڪريءَ ۾ هئا. ان کانسواءِ مرتد ٿيل مسلمان (جيڪي پهريائين مسلمان هئا، پر پوءِ عيسائي بڻجي ويا هئا) پڻ حبش اندر عيسائين کي مسلمان بڻائڻ ۾ معين ثابت ٿيا، ڇاڪاڻ ته انهن کي موقعو مليو ته هو بهادر اسلامي فوجن جي ملڪ تي حملي ڪرڻ وقت انهن سان شامل ٿي، عيسائي بادشاهه جي اطاعت ۽ مسيحي دين جي پيرويءَ کي الوداع چئي، پاڻ کي وري هڪ ڀيرو مسلمان ڪوٺائڻ جو شرف حاصل ڪن انهن مرتد ٿيل مسلمانن مان هڪ سردار سنه 1531ع ۾ احمد گراگنيءَ کي هيٺيون خط لکيو:
”آءٌ پهريائين مسلمان هوس، پر پوءِ مون کي قيد ڪري زبردستيءَ عيسائي بڻايو ويو. منهنجي دل هميشه اسلام ڏانهن مائل رهي. هاڻي آءٌ پاڻ اوهان جي خير خواهه حضرت محمد جن جي مذهب جي آڏو سر تسليم خم ڪريان ٿو. منهنجي هن اقرار کي قبول ڪريو ۽ جيڪي گذري چڪو، ان کي درگذر ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته آءٌ اوهان جي طرف ۽ پنهنجي خدا جي طرف واپس اچان ٿو. جيڪي سپاهي منهنجي هٿ ۾ آهن، اهي حبش جي بادشاهه جا آهن. تنهن هوندي به آءٌ هوشياري سان آهستي آهستي انهن کي اسلام طرف ترغيب ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندس.“
در حقيقت هن سردار جي لشڪر مان هڪ وڏي حصي اسلام قبول ڪيو ۽ چيو وڃي ٿو ته انهن مسلمان ٿيلن جو تعداد زالن ۽ ٻارن سميت ويهه هزار کن هو
حبش جي ماڻهن پوءِ پورچوگيزن جي مدد سان، مسلمان فاتحن جي غلاميءَ کان پاڻ کي آزاد ڪرايو ۽ سنه 1513ع ۾ احمد گراگنيءَ کي شهيد ڪيو ويو. تنهن هوندي به حبش اندر اسلام پنهنجا پير کوڙي ويو، ڇاڪاڻ ته عيسوي سورهين صديءَ جي باقي حصي ۽ سترهين صديءَ ۾ ملڪ جي اندروني حالت ايتريقدر ته خراب هئي، جو اسلام کي پنهنجن پيرن کوڙڻ جو موقعو ملي ويو. عيسائين جون مخالف ڪليسيائون پنهنجو پاڻ ۾ وڙهڻ ۾ ايتريقدر ته مشغول هيون، جو اهي پنهنجي عام دشمنن (يعني مذهب اسلام) طرف ڪجهه به توجهه ڏئي نه سگهيون. يسوعي فرقي (Jesuits) ۽ رومن ڪئٿلڪ مذهب وارن جي تبليغي گروهن جي ڪامياب ڪوششن ڪري، (جيڪي انهن حبش جي ماڻهن کي پنهنجي دين ۾ آڻڻ لاءِ ڪيون) ۽ ملڪ جي سڀني گهرو توڙي سياسي ڪمن ۾ پورچوگيزن جي دست اندازيءَ ڪري، حبش جي عام عيسائين اندر مخالفت جو سخت جوش پيدا ٿيو. اهو مخالفت جو جوش ايتريقدر ته وڌي ويو، جو ڪجهه حبشي سردارن هن ڳالهه جو صاف اعلان ڪيو ته هو پورچوگيزن سان تعلق قائم ڪرڻ کان ڪنهن مسلمان حاڪم جي اطاعت قبول ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪن ٿا. انهيءَ آواز ملڪ ۾ هڪ اهڙي تحريڪ جو بنياد وڌو، جا ڪجهه مذهب لاءِ ۽ ڪجهه ملڪي آزاديءَ لاءِ لڙڻ لڳي ۽ آهستي آهستي انهيءَ تحريڪ ايترو ته زور ورتو، جو آخرڪار 1632ع ڌاري انهن پورچو گيزن ۽ ٻين غير ملڪي عيسائين کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هن واقعي کان پوءِ حبش جي حالت ايتريقدر ته جلد بگڙجي وئي ۽ بدامني ڦهلجي ويئي، جو گالا قوم جي ڪجهه قبيلن هن خراب حالت جو فائدو ورتو ۽ ملڪ جي بلڪل وچ حصي ۾ اچي پنهنجو قبضو ڄمايو، جتي انهن جون ڪجهه بستيون اڃا تائين موجود آهن.
جنهن وقت جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، انهيءَ وقت ۾ اسلام جيڪا ترقي ڪئي، ان جو اندازو عيسوي سترهين صديءَ جي هڪ سياح جي بيان مان لڳائي سگهجي ٿو. هو لکي ٿو ته ”هن جي ڏينهن ۾ اسلام جا پوئلڳ سڄي حبش جي ملڪ ۾ پکڙيل هئا ۽انهن سڀني جو تعداد سڄيءَ آدمشماريءَ جو ٽيون حصو هو. عيسوي ارڙهين صديءَ ۾ ائين ڏسڻ ۾ ايندو ته جيڪي ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، انهن اسلام قبول ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح اسلام برابر ترقي ڪندو ويو. ملڪ اندر ڪنهن به طاقتور مرڪزي حڪومت جي نه هجڻ ڪري، ڪيترا ننڍا خودمختيار سردار پيدا ٿيا. جيتوڻيڪ (حڪومت جي بنيادي قاعدي قانون مطابق) حبش جي سڀني سردارن لاءِ لازمي هو ته هو عيسائي مذهب رکندڙ هجن، تڏهن به حبش جي انهن خودمختيار سردارن مان گهڻن کي مسلمانن سان همدردي هئي. مسلمانن اندر پڻ اميريءَ جي درجي حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ انهيءَ شوق وچان انهن پنهنجو اباڻو دين ڦٽو ڪري، ٻاهرينءَ طرح پنهنجي عيسائي هجڻ جي دعويٰ ڪئي. جڏهن اهڙن عيسائين کي (جيڪي اندر ۾ مسلمان هئا) صوبن جو گورنر مقرر ڪيو ويو، تڏهن انهن پنهنجو سڄو اثر اسلام جي اشاعت ۾ استعمال ڪيو. اسلام جي ڪاميابيءَ جا جيڪي مکيه سبب هئا، انهن مان هڪ خاص سبب حبش جي عيسائين جي مقابلي ۾ مسلمانن جو اعليٰ اخلاق هو. روپيل (Ruppell) بيان ٿو ڪري ته هن حبش اندر پنهنجي سفر جي دوران ۾ اڪثر ڏٺو ته جڏهن به ڪنهن عهدي تي ڪنهن ايماندار ۽ معتبر ماڻهوءَ کي مقرر ڪرڻ لاءِ چونڊ ٿيندي هئي ته انهيءَ ۾ ضرور ڪو نه ڪو مسلمان چونڊجي ايندو هو. هو ٻڌائي ٿو ته عيسائين جي مقابلي ۾ مسلمان وڌيڪ چست ۽ محنتي هئا ۽ هر هڪ مسلمان پنهنجن پٽن کي پڙهڻ لکڻ سيکاريندو هو، پر عيسائي ٻارن کي فقط تڏهن تعليم ڏياري ويندي هئي، جڏهن انهن کي پادري بڻائڻ جو ارادو ڪيو ويندو هو. هن اخلاق جي برتريءَ مان، جيڪا حبش جي مسلمانن کي عيسائي رعيت مٿان حاصل هئي، هيءَ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ڪيئن اسلام گذريل ۽ موجوده صدين اندر حبش ۾ آهستي آهستي، پر مسلسل ترقي ڪئي. حبش جي عيسائي پادرين جي بدناميءَ ۽ بي حسيءَ ۽ حبشي سردارن جي متواتر جهيڙن جهڳڙن، مسلمانن کي آزاديءَ سان پنهنجي مذهب جي اشاعت جو موقعو ڏنو. مسٽر پلائوڊن سنه 1814ع کان سنه 1860ع تائين حبش ۾ انگريزن جو سفير هو. هن هبب (Hababs) قوم بابت هن طرح بيان ڪيو آهي ته ”اها هڪ ڳوٺاڻي زندگي گذاريندڙ قوم هئي ۽ ماسو واهه جي اتر اولهه طرف 16 درجن ۽ 30 ۽ 17 درجن ويڪرائي ڦاڪ گهيرن وچ ۾ آباد هئي. گذريل هڪ سئو سالن جي عرصي اندر ساري قوم مسلمان ٿي ۽ نئين نسل کان سواءِ هن قوم جي سڀني مسلمانن جا نالا عيسائي هئا. انهن پنهنجو مذهب مسلمان واپارين جي زياده اثر ڪري بدلايو، ڇاڪاڻ ته هو انهن مسلمان واپارين سان تجارت ڪندا هئا. ان کانسواءِ، ٻيو سبب هي به هو ته حبش جا سردار پنهنجي پاڙيسري قومن سان لڳاتار لڙاين لڙڻ ۾ ايتريقدر ته مشغول هئا، جو انهن پنهنجي ملڪ کي بلڪل ڇڏي ڏنو هو انهيءَ ساڳئي عرصي اندر حبش جي اتر طرف وارن ضلعن جي ماڻهن پڻ هبب قوم وانگر اسلام قبول ڪيو، ڇاڪاڻ ته عيسائي پادري انهن ضلعن مان صفا نڪري ويا هئا ۽ ديولون ويران ۽ برباد ٿي ويون هيون. مطلب ته انهن سڀني عيسائين جي پنهنجي دين کي ترڪ ڪرڻ جو مکيه سبب سندن پادرين ۽ ديني پيشوائن جي غفلت هئي. باقي انهن ضلعن جي مسلمانن متعلق چيو وڃي ٿو، ته انهن جي عيسائي مذهب سان ڪڏهن به ڪا خاص دشمني نه هئي ۽ نڪي انهن جي اندر ۾ ڪو تعصب هو. هلندڙ صديءَ (19 صديءَ) جي اوائلي حصي ۾ اسلام جي ترقيءَ جي ساڳئي قسم جي شهادت ٻين سياحن پڻ ڏني آهي ۽ انهن ڏٺو ته حبش جي عيسائين جا ٽولن جا ٽولا پنهنجو مذهب ڦٽو ڪري، اسلام اندر داخل ٿيندا رهندا هئا. بادشاهه ٿيوڊور سنه 1853ع ۾ حبش جي تخت تي ويٺو. هن کان اڳ رس الائي (Ras Aly) حبش جو هڪڙو نائب حاڪم هو، پر عملي طرح ملڪ جو والي هو. رس الائي مسلمانن تي ڏاڍيون خاص مهربانيون ڪيون، جيتوڻيڪ هي پاڻ عيسائي هو، تڏهن به هن مکيه مکيه عهدا مسلمانن جي حوالي ڪيا ۽ ديولن جو مال انهن ۾ تقسيم ڪيو. هن جي حڪمرانيءَ ۾ حبش جي وچ وارن پرڳڻن جي اڌ آدمشماريءَ اسلام قبول ڪيو. حبش اندر هاڻي اسلام جو بنياد ايتريقدر ته مضبوط ٿي ويو، جو سڄو واپار ٻاهريون توڙي اندريون مسلمانن جي هٿ ۾ اچي ويو. وڏيون وڏيون جائدادون انهن جي قبضي ۾ آيون. وڏن وڏن شهرن ۽ مارڪيٽن جا مالڪ بڻجي ويا ۽ ملڪ جي عام ماڻهن مٿان انهن جو پورو ضابطو قائم ٿي ويو. هڪ عيسائي مشينري پنجٽيهن سالن تائين هن ملڪ ۾ رهي هئي. ان مشينريءَ مسلمان مبلغن جي ڪاميابيءَ ۽ انهن جي تبليغي جوش جو ايتريقدر ته بلند اندازو لڳايو آهي، جو انهن کي آخرڪار هي لفظ چوڻا پيا ته جيڪڏهن هڪ وڌيڪ احمد گراگني پيدا ٿي وڃي ۽ اسلام جي جهنڊي کي بلند ڪري ته جيڪر حبش جو ملڪ مسلمان بڻجي وڃي سنه 1845ع کان سنه 1882ع تائين مصر جي حڪومت جي حبش سان لڙائي هلندي آئي، انهيءَ ڪري حبش جي ماڻهن اندر اسلام جي خلاف نفرت جو جذبو پيدا ٿيو. ڌارئين مسلمان ملڪ جي دشمنيءَ حبش جي مسلمانن تي ڏاڍو خراب اثر پيدا ڪيو. حبش جي بادشاهه يحييٰ ٻئي حبش جي پادرين جي هڪ مجلس سڏائي. هن مجلس بادشاهه کي سڀني ديني ڳالهين ۾ فيصلي ڪرڻ لاءِ، وڏي ۾ وڏو امين مقرر ڪيو ۽ اهو حڪم جاري ڪيو ته سڄيءَ حڪومت اندر هڪڙو ئي مذهب رهڻ گهرجي. يعقوبي فرقي کانسواءِ ٻين سڀني عيسائين فرقن کي ٻن سالن تائين مهلت ڏني ويئي ته انهيءَ عرصي اندر هو قومي ڪليسئا سان ملي وڃن. مسلمانن کي ٽن سالن جو عرصو ۽ بت پرستن کي پنجن سالن جو عرصو ڏنو ويو ته انهيءَ وقت اندر هو سڀيئي قومي ڪليسيا جي اطاعت قبول ڪن. ٿورن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ بادشاهه مسلمانن ڏانهن هڪ حڪم نامو موڪليو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مسلمانن کي ٽن سالن جي مهلت ڏيڻ ايتري ضروري نه هئي. مسلمانن کي رڳو اهو حڪم ڏنو ويو ته جتي جتي ضرورت هجي، اتي پنهنجي خرچ سان عيسائين لاءِ ديولون ٺهرائين ۽ پنهنجي آمدنيءَ جو ڏهون حصو سندن ضلعن ۾ رهندڙ پادرين کي ڏين. سڀني مسلمانن عملدارن کي ٽن مهينن جو نوٽيس ڏنو ويو ته هو يا عيسائي مذهب اختيار ڪن يا پنهنجن عهدن تان استعيفا ڏين. اهڙيءَ طرح زبردستي مسلمانن کي عيسائي بڻائڻ (جنهن ۾ صرف بپتسمه جي رسم (Baptisma) ادا ڪئي ويندي هئي ۽ آمدنيءَ جو ڏهون حصو ڏنو ويندو هو) قدرتي طرح اثر وارو نه رهيو، ڇاڪاڻ ته ظاهري طور مسلمان اهي حڪم پورا ڪندا هئا ۽ اندروني طرح پنهنجي اصلي دين سان سچا هوندا هئا. ماسايا اهڙن اکين ڏٺل واقعن جو بيان ڪيو آهي ته مسلمان ديول مان نڪري، جتي انهن کي عيسائي بڻايو ويو هو، سڌو مسجد ۾ ويا، انهيءَ لاءِ ته هو زبردستي عيسائي بڻائڻ جي اثر کي پنهنجي مذهب جي ڪنهن بزرگ کان دور ڪرائين. عيسائي بڻائڻ جو هي عام طريقو انهيءَ ڪري به بي اثر ثابت ٿيو، جو اهو حڪم صرف مردن لاءِ هو ۽ بادشاهه جي حڪم ۾ عورتن جو ڪنهن به قسم جو ذڪر ٿيل نه هو ته ڪو انهن کي مذهب جي تبديليءَ لاءِ ستايو وڃي. عورتن کي عيسائي نه بڻائڻ جو مسئلو حبش جي آئينده اسلام جي تاريخ ۾ غالبن تمام گهڻو اهم ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ماسايا انهيءَ ڳالهه جي ڪافي تصديق ڪئي آهي ته حبش اندر اسلام جي اشاعت ۾ مسلمان عورتن نهايت اهم حصو ورتو آهي بادشاهه يحييٰ جي متعلق چيو وڃي ٿو ته هن پنجاهه هزار مسلمانن کي ۽ مشرڪن جي هڪ فرقي جي ويهن هزارن ماڻهن کي ۽ گالا قوم جي پنجن لکن ماڻهن کي زبردستيءَ عيسائي بڻايو جنهن صورت ۾ عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ لاءِ بپتسمه جي رسم ادا ڪرڻ ۽ آمدنيءَ جي ڏهين حصي ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به وڌيڪ نه ڪرڻو هو، انهيءَ حالت ۾ حبش جي بادشاهه جي سخت قدم کڻڻ جو نتيجو اهو نڪتو، جو حبش جي مسلمانن ۽ ٻين مشرڪ قومن اندر عيسائي مذهب خلاف نفرت ۽ عداوت جو جذبو وڌڻ لڳو يحييٰ جي موت کان پوءِ سنه 1889ع ۾ شوئا جو حاڪم مينيلڪ سڄي حبش جو بادشاهه مقرر ٿيو. هن جي متعلق بيان ڪيو ٿو وڃي ته هو يحى وانگر متعصب نه هو، پر پاڻ ٻين جي مذهب کي برداشت ڪندو هو ۽ عزت جي نگاه سان ڏسندو هو. ايماندار ۽ شريف ماڻهن کي، پوءِ کڻي ڪهڙي به مذهب يا قوم جا هجن، پناهه ڏيندو هو ۽ انهن سان ٻيون به ڪيتريون مهربانيون ڪندو هو بادشاهه مينيلڪ جي انهيءَ هلت ڪري، غالبن حبش اندر اسلام جي ترقيءَ ۾ تمام گهٽ رڪاوٽ پيدا ٿي.
آفريڪا جي تاريخ عيسوي ستين صديءَ اندر ڪهڙي هئي؟ هاڻي ان جو بيان ڪجي ٿو. انهيءَ وقت عرب، آفريڪا جي اترئين ڪناري تي اڀرندي کان وٺي، الهندي تائين مسلسل ڪاميابي حاصل ڪري رهيا هئا. جهڙيءَ طرح مصر جي رهاڪن جي مدد سان روم جي عيسائي حڪومت جو مصر اندر خاتمو آندو ويو ۽ مصر آسانيءَ سان فتح ڪيو ويو، اهڙيءَ طرح آسانيءَ سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو مثال ٻيو ڪو به نه ملندو. آفريڪا جي اترئين ڪناري تي مسلمانن کي خونريز لڙايون لڙڻيون پيون ۽ ڪافي گهڻي وقت تائين عيسائين جو مقابلو ڪرڻو پيو. انهيءَ ڪري انهن جي وڌيڪ ترقي رڪجي پيئي ۽ انهن کي مصر کان وٺي، ائٽلانٽڪ سمنڊ تائين سڄي اترئين ڪناري تي قبضي ڪرڻ ۾ سڄا سارا پنجاهه سال لڳي ويا. سنه 698ع ۾ ڪارٿيج جي شڪست کائڻ کان پوءِ آفريڪا ۾ رومي حڪومت هميشه لاءِ ختم ٿي وئي.
انهن لڙاين جو تفصيلي احوال بيان ڪرڻ، اسان جي مقصد کان ٻاهر آهي. اسان کي صرف هن حقيقت کي ظاهر ڪرڻو آهي ته آفريڪا جي عيسائي باشندن اندر اسلام ڪهڙيءَ طرح ڦهليو؟ بدقسمتيءَ سان انهيءَ مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ جيڪو مواد موجود آهي، اهو بلڪل ٽڙيل پکڙيل ۽ ناڪافي آهي. آفريڪا جو اهو وڏو ڪليسئا ڪيڏانهن ويو، جنهن عيسائي دنيا لاءِ وڏا وڏا عالم ۽ درويش پيدا ڪيا؟ ترتليان (Tertullian) سينٽ سئپريان (St:Cyprian) سينٽ آگسٽائين (St: Augustine) جي ڪليسيا بيحد ظلم ۽ سختين برداشت ڪرڻ کان پوءِ به ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ تمام گهڻيءَ همت ۽ جفاڪشيءَ سان آرٿوڊاڪس عيسائي دين جي مدد ڪئي، پر ڏسڻ ۾ ايندو ته اها ڪليسيا به هڪ ڪوهيڙي وانگر غائب ٿي وئي.
عام طرح ماڻهن جي اها عادت ٿي وئي آهي ته جيڪڏهن انهن کي ٻيو ڪو به خاص سبب معلوم نه ٿيندو آهي ته پوءِ عيسائين جي تعداد گهٽجڻ لاءِ مسلمانن کي جوابدار ٺهرائيندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته مسلمانن مذهبي تعصب وچان عيسائين تي ظلم ڪري، انهن کي جبرن مسلمان بڻايو آهي. پر ڪيتريون اهڙيون غور طلب ڳالهيون آهن، جيڪي انهيءَ سوال جي تڪڙي ۽ بغير سوچي جواب ڏيڻ جي بلڪل برخلاف آهن. انهن سڀني مان پهرين ڳالهه اها آهي ته انهن ماڻهن جي اهڙي قسم جي بيان جي پٺڀرائيءَ ۾ ڪا به ثابتي موجود نه آهي. قتلِ عام، ڦرلٽ ۽ ٻيون سڀيئي ڳالهيون، جيڪي هڪ خونريز ۽ گهڻي وقت تائين هلندڙ لڙائيءَ ۾ هئڻ گهرجن، اهي سڀيئي گهڻي انداز ۾ موجود هيون، پر مذهبي نقطه نگاهه کان مسلمانن طرفان ظلم ۽ سختين جو اسان کي ڪجهه به احوال نٿو ملي. ان کانسواءِ آفريڪا جي عيسائي ڪليسيا جو عربن جي فتح بعد اٺ سئو سالن تائين سلامت رهڻ، مسلمانن جي مذهبي آزاديءَ جو ثبوت پيش ڪري رهيو آهي ۽ انهيءَ مذهبي آزاديءَ ڪري ئي هيءَ ڪليسيا ايتري وقت تائين سلامت رهي سگهي.
اتر آفريقا ۾ عيسائي مذهب جو خاتمو مسلمان حاڪمن جي تعصب ڪري نه ٿيو، پر ان لاءِ ٻيا ڪي سبب ٿي سگهن ٿا، ليڪن انهن سببن بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ هن ڳالهه کي سمجهڻ بهتر ٿيندو ته عيسوي ستين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ئي عيسائين جو تعداد تمام گهڻو گهٽ هو. انهن ٿورن عيسائين جو مسلمانن جي حڪومت ۾ سلامتيءَ سان رهڻ هن ڳالهه جي ثابتي آهي ته مسلمانن عيسائين تي مذهب بدلائڻ لاءِ زبردستي نه ڪئي.
آفريڪا جا رومي پرڳڻا، جن ۾ عيسائي ڪثرت سان رهندا هئا، ڏکڻ طرف ڪجهه ڏورانهين مفاصلي تائين ڦهليل نه هئا، ڇاڪاڻ ته صحريٰ جو رڻ پٽ انهن پرڳڻن جي اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ وڏي رڪاوٽ هو ۽ سمنڊ جي ڪناري جي ويڪر اسي يا سئو ميلن کان زياده نه هئي جيتوڻيڪ واندل (Vandal) جي فتح کان اڳ بشپن جو تعداد پنج سئو کن هو، تڏهن به بشپن جي انهيءَ تعداد مان عيسائين جي تعداد جو اندازو لڳائي نه سگهبو، ڇاڪاڻ ته آفريڪا جي ڪليسيا ۾ اهو دستور هوندو هو ته گهٽ آباديءَ وارن شهرن ۽ گمنام ڳوٺن ۾ بشپ مقرر ڪندا هئا اها هڪ شڪي ڳالهه آهي ته اسلام آفريڪا جي اترئين حصي تائين بربر قومن ۾ پهتو هو يا نه؟ جڏهن عيسوي پنجين صديءَ ۾ رومي سلطنت جي طاقت گهٽجي وئي، تڏهن بربر قوم جي مختلف قبيلن جا ماڻهو، جن کي رومي موئر (Moors) نوميڊين ((Numidians ۽ لبناني وغيره جي نالن سان ياد ڪندا هئا، ڪناري وارن شاهوڪار شهرن کي ڦرڻ لٽڻ ۽ برباد ڪرڻ جي خيال کان ڏکڻ پاسي کان ڪاهي آيا. هي حملو ڪندڙ پڪ سان مشرڪ هئا. سيريني جي سائينيسيئس (Synesius of Cyrene) قبيلي لبيان جي ڦرلٽ ڪرڻ کي تمام گهڻي درد سان بيان ڪيو آهي. لبيانن ديولن کي لٽيو ۽ پوءِ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ديولن جا پاڪ برتن پنهنجي بت پرستيءَ وارين رسمن ادا ڪرڻ لاءِ کنيا. انهن سيرنيڪا جي علائقي کي اهڙي ته بيدرديءَ سان ڦريو لٽيو، جو وري انهن ساهه نه پٽيو. مسلمانن جي حملي ڪرڻ وقت هن صوبي مان عيسائي مذهب شايد بلڪل ختم ٿي چڪو هو. قبيلي موئر جو سردار طرابلس (Tripolis) جي ضلعي ۾ رهندو هو ۽ هن جي واندل جي بادشاهه تورسمند (Thorismund) (سنه 496ع-524ع) سان لڙائي هلندڙ هئي. هن آرٿوڊاڪس عيسائي مذهب جي ڪليسائن ۽ پادرين جي تمام گهڻي عزت ڪئي، پر واندل قوم انهن سان ڏاڍيءَ سختيءَ سان پيش آئي. هن سردار هي لفظ چئي، پنهنجي بت پرستيءَ کي ظاهر ڪيو: ”مون کي خبر نه آهي ته عيسائين جو خدا ڪير آهي؟ جيڪڏهن هو اهڙو ئي طاقتور آهي، جهڙيءَ طرح هن کي ظاهر ڪيو ويو آهي ته پوءِ ضرور انهن کان پنهنجو بدلو وٺندو، جن هن جي بي عزتي ڪئي آهي ۽ ضرور انهن جي مدد ڪندو، جن هن جي عزت ڪئي آهي.“ ماريتانيا (Mauritania) جي ماڻهن متعلق پڻ اهو گمان آهي ته هو گهڻي قدر بت پرست هئا.
عيسائي ڪليسا جو معيار ڪيترو به بلند هجي، پر انهن کي واندل قوم جي ظلمن کان اهڙو ته ڌڪ لڳو، جو ان مان وري ڪڏهن به چڙهي نه سگهيا. واندل قوم جي انهن ماڻهن، جن جو آرين (Arian) مذهب هو عيسائين جي آرٿوڊاڪس فرقي مٿان تمام گهڻي بيدرديءَ سان ظلم ڪيا. انهن جي بشپن کي شهر نيڪالي ڏني، انهن کي ظاهر ظهور سندن مذهب جي پيروي ڪرڻ جي منع ڪئي ۽ انهن آرٿوڊاڪس عيسائين کي تمام گهڻيون تڪليفون ڏنيون، جن آرين مذهب قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو سنه 534ع ۾ هڪ رومي سالار بليساريوس واندل جي طاقت کي سخت ڌڪ هنيو ۽ اتر آفريڪا جو ملڪ وري رومي حڪومت جي قبضي ۾ اچي ويو. انهيءَ وقت ڪليسيا جي انتظام کي نئين سر شروع ڪرڻ لاءِ ڪارٿيج جي مجلس ۾ فقط 217 بشپ گڏ ٿيا هئا انهن سخت ۽ مسلسل مصيبتن، عيسائين جي تعداد ۾ ضرور گهڻي کوٽ پيدا ڪئي هوندي. انهيءَ کانسواءِ مسلمانن جي ڪاهن کان هڪ صدي اڳ جهنگلي موئر قوم اتر آفريڪا تي سخت حملا ڪيا. انهن رومين کي شهرن ۽ ٻين ڳتيل آباديءَ وارين ايراضين ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي قبضي ۾ جبل، بيابان ۽ ٻيا کليل ملڪ رکيا سڄي ملڪ ۾ فساد ۽ هنگاما برپا هئا ۽ حڪومت جي طرفان ڪو به انتظام نه هو. انهن خرابين ۽ عيسوي ڇهين صديءَ جي پوئين اڌ حصي ۾ پليگ جي سخت بيماريءَ سڀني گڏجي، ملڪ کي ويران ۽ برباد ڪري ڇڏيو. مسلسل لڙاين ۽ روم جي بادشاهه جسٽينن جي حڪومت آفريڪا جي اٽڪل پنجاه لکن ماڻهن کي ختم ڪري ڇڏيو. شاهوڪار شهري ملڪ مان نڪري ويا، ڇاڪاڻ ته انهن جي تجارت ۽ زراعت، جا ڪنهن وقت نهايت گهڻي اوج تي هئي، هميشه لاءِ ختم ٿي ويئي. مورخ گبن لکيو آهي ته ”آفريڪا اهڙي ته ابتر حالت کي پهچي چڪو هو، جو جيڪر ملڪ جي گهڻن ئي حصن ۾ ڪو مسافر ماڻهو ڪنهن به دوست يا دشمن جي منهن ڏسڻ کانسواءِ، ڏينهن جا ڏينهن چڪر لڳائيندو وتي. واندل جي قوم، جنهن جو تعداد ڪنهن زماني ۾ ٻارن، زالن ۽ غلامن کان سواءِ هڪ لک سٺ هزار (1،60،000) هو، ملڪ مان غائب ٿي ويئي. انهيءَ قوم کان وڌيڪ تعداد موئر قوم جو هو، پر اها قوم به لڙاين ۾ نابود ٿي ويئي ساڳي تباهي رومين ۽ انهن جي طرفدارن کي پڻ ڏسڻي پيئي. خراب موسم، باهمي جهيڙن جهڳڙن ۽ جهنگلي قومن جي حملن ڪري، سڀيئي ختم ٿي ويا.
مٿي جيڪي ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي، ان مان يقينن هيءَ ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته مسلمانن جي حملي وقت عيسائين جو تعداد ڪنهن به صورت ۾ گهڻو ڪو نه هو. پنجاهه سالن جي لڙاين واري عرصي ۾، جنهن کان پوءِ عربن کي پنهنجي ڪاميابيءَ جو يقين ٿي ويو. لڙاين جي تباهيءَ ۽ برباديءَ ڪري، عيسائين جو تعداد اڃا به گهڻو گهٽ ٿي ويو. طرابلس جو شهر ڇهن مهينن جي گهيري بعد لٽيو ويو. شهر جي باشندن مان ڪيترن کي قتل ڪيو ويو. هڪڙو ٻيو شهر نموديا جيڪو صحريٰ جي سرحد تي هو. هن شهر کي هڪ رومي سردار هڪ وڏي لشڪر ذريعي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان لشڪر هڪ سال تائين گهيري کي تمام گهڻيءَ همت ۽ جوانمرديءَ سان برداشت ڪيو، پر آخرڪار اوچتو ئي اوچتو شهر فتح ڪيو ويو. سڀني مردن کي قتل ڪيو ويو، ٻارن ۽ زالن کي قيد ڪيو ويو (هن شهر جو نالو ديوسن (Deusen) هو ۽ رومين جو بڻايل قديم شهر هو. بگيا جي راست ۽ نمودي صحريٰ جي سرحدن تي هو.. انهن قيدين جي متعلق ٻڌايو ويو ته ڪيترا لک هو ڪيترن عيسائين ڀڄي ٻين ملڪن ڏانهن وڃي پناهه ورتي، جن مان ڪجهه اٽليءَ ڏانهن ويا ته ڪجهه اسپين ڏانهن ڪي عيسائي ته ڀڄندا ڀڄندا جرمنيءَ تائين وڃي پهتا. انهن جو احوال اسان کي پوپ گريگوري ٻئي جي سينٽ بونيفيس ڏانهن موڪليل خط مان ملي ٿو. در حقيقت گهڻائي وڏا وڏا رومي شهر بلڪل غيرآباد ٿي ويا ۽ ڪيترن سالن تائين انهن ۾ ڪو به ماڻهو نه رهندو هو، بلڪه انهن مان ڪيترا ته بلڪل چٽ ٿي ويا ايتريقدر جو انهن مان ڪن مکيه شهرن لاءِ ته مسلمان فاتحن کي بلڪل نيون جڳهيون چونڊڻيون پيون
جنهن صورت ۾ آفريڪا جي مشهور ڪليسا جا ڪجهه ٽڙيل پکڙيل حصا عيسوي ستين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين موجود هئا. انهيءَ حالت ۾ اهو انومان نٿو ڪڍيو سگهجي ته ڪو عيسائين جي بلڪل ختم ٿي وڃڻ جو باعث مسلمانن طرفان ظلم ۽ سختيون هئا، خصوصن انهيءَ حالت ۾ جڏهن دير ۾ دير عيسوي سورهين صديءَ تائين اسان کي هڪ ملڪي (يعني آفريڪا جي) عيسائي فرقي جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. موراڪو جي ادريسي گهراڻي جي باني ادريس متعلق البته بيان ڪيو ٿو وڃي ته جڏهن هن سنه 789ع ۾ پنهنجي لاءِ هڪ سلطنت تلوار جي زور تي قائم ڪئي، تڏهن هن عيسائين ۽ يهودين کي مسلمان پڻ، تلوار جي زور تي ڪيو. جيتريقدر آءٌ معلوم ڪري سگهيو آهيان ته اتر آفريڪا جي ملڪي ڪليسا جي تاريخ ۾ ادريس جهڙو ٻيو ڪنهن جو به مثال نه آهي.
آفريڪا ڪليسا جو آهستگيءَ سان ختم ٿي وڃڻ، هن ڳالهه جي شهادت آهي ته مسلمانن عيسائين سان ضرور مذهبي آزاديءَ وارو سلوڪ ڪيو هوندو. مسلمانن جي فتح کان اٽڪل ٽي سئو (300) سال بعد آفريڪا ۾ تقريبن چاليهه بشپ موجود هئا پر سنه 1053ع ۾ پوپ ليو نائين (Leo ix) ڏاڍي افسوس سان ظاهر ڪيو ته آفريڪا جي ڪليسا مان، جو ڪنهن زماني ۾ ڏاڍو سرسبز ۽ آباد هو، صرف پنج بشپ نمائندگيءَ لاءِ آيا آهن ايتريقدر کوٽ جو سبب غالبن اهو هو ته ڪجهه سال اڳ عربن جا ڪجهه ٽولا ملڪ ۾ ڌوڪي آيا ۽ خونريزي ۽ ڦرلٽ ڪري ساري ملڪ ۾ مسلسل فساد ۽ انڌاڌنڌي مچائي ڏني سنه 1076ع ۾ آفريڪا جو ڪليسا اهڙيءَ حد کي وڃي پهتو هو، جو اهو ڪليسا هڪ نئين بشپ جي مقرريءَ جي رسم ادا ڪرڻ لاءِ ڪليسائي قانون مطابق صرف ٽي بشپ به پيش ڪري نه سگهيو. انهيءَ حالت ۾ پوپ گريگوري (Gregory) ستين لاچار ٿي ڪارٿيج جي وڏي پادريءَ کي مدد ڏيڻ لاءِ ٻه نوان بشپ مقرر ڪيا، پر اڃا تائين عيسائين جو تعداد ايترو گهڻو هو، جو انهن ٽن بشپن مٿان ڪم جي بار هلڪي ڪرڻ لاءِ نون بشپن مقرر ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي ايندڙ صدين جي دوران ۾ آفريڪا جي ڪليسئا جي حالت اڃا به وڌيڪ پوئتي پوڻ لڳي. سنه 1246ع ۾ ڪليسئا جي باقي بچيل حصي جو ديني پيشوا صرف موراڪو جو بشپ وڃي رهيو انهيءَ وقت تائين آلجيريا جي ڪبل قوم ۾ پڻ عيسائي مذهب جي موجود هئڻ جا ڪجهه آثار ڏسڻ ۾ اچن ٿا هن قوم جي ماڻهن کي شروع زماني ۾ اسلامي اصولن جي ڪجهه ٿوري تعليم ملي هئي، پر اسلام جو اثر انهن جي دلين تي تمام ٿورو پيل هو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن اسلام جي ٿوري اڳين واقفيت به انهن وٽان ويندي رهي، ايتريقدر جو نماز پڙهڻ جو طريقو به انهن وساري ڇڏيو! اهي ماڻهو جابلو قلعن ۾ بند رهندا هئا ۽ پنهنجي زندگي آزاديءَ سان گذارڻ جا شائق هئا. انهيءَ ڪري عرب عنصر کي پنهنجي وچ ۾ داخل نه ٿيڻ لاءِ ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو. اهڙيءَ طرح ڪبل قوم جي ماڻهن کي مسلمان بڻائڻ ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هيون. انهن ماڻهن ۾ اسلام جي تبليغ جو ڪم پهريائين قدريه فرقي جي خانقاهه سجيت الحمرا ۾ رهندڙ ماڻهن شروع ڪيو، پر ڪامياب نه ٿيا. آخرڪار اهو شرف اسپين جي ڪن موئر مسلمانن کي نصيب ٿيو، ڇاڪاڻ ته جڏهن سنه 1492ع ۾ غرناطه جي قلعي هارائڻ کان پوءِ مسلمانن کي اسپين مان تڙي ڪڍيو ويو، تڏهن ڪجهه موئر مسلمانن خانقاهه سجيت الحمرا ۾ اچي پناهه ورتي. خانقاهه جي شيخ کي خاطري ٿي وئي ته اسپين جا مسلمان انهيءَ مشڪل ڪم لاءِ بلڪل موزون رهندا، جنهن ۾ هن جي مريدن جون سموريون ڪوششون رائگان ويون هيون. شيخ اهو مبارڪ ڪم انهن جي سپرد ڪيو ۽ رواني ڪرڻ کان اڳ انهن کي هن طرح هدايت ڪئي: ”اسان تي اهو فرض آهي ته اسلام جي شمع کي انهن ملڪن ۾ کڻي وڃون، جن عطا ٿيل ديني ميراث پنهنجي هٿان وڃائي ڇڏي آهي. انهيءَ بدنصيب ڪبل قوم اندر نه ڪو مدرسو آهي ۽ نه وري انهن جو ڪو شيخ آهي، جو انهن جي ٻارن کي اخلاقي ۽ اسلامي تعليم ڏئي، انهيءَ ڪري اهي ماڻهو خدا يا مذهب کان ناواقفيت ڪري خوفناڪ جانورن جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن. هن ناگوار حالت کي بدلائڻ لاءِ مون اوهان جي مذهبي جوش ۽ بصيرت کي استعمال ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي. انهن جابلو ماڻهن کي اسلام جي اعليٰ حقيقتن کان زياده بي خبر رهڻ نه ڏيو. وڃو ۽ وڃي انهن جي دلين اندر وساڻل ديني باهه کي وري دکايو ۽ دکيل باهه کي وڃي زياده ڀڙڪايو. انهن اندر سندن اڳوڻي عيسائي مذهب جي اثر ڪري، جيڪي به غلطيون هجن، سي وڃي دور ڪريو. انهن کي چڱيءَ طرح سمجهايو ته اسان جي آقا حضرت محمد جن جي دين ۾ مسيحي مذهب وانگر ڪا به گندگي ۽ غلاظت خدا تعاليٰ جي اڳيان قابل قبول نه آهي. آءٌ اوهان کان اها ڳالهه لڪائڻ نٿو چاهيان ته اوهان جو هيءُ ڪم مشڪلاتن سان ڏاڍو ڀرپور آهي، پر اوهان پنهنجي زبردست ديني جذبي ۽ ايماني قوت ڪري، ڌڻي تعاليٰ جي فضل سان سڀني مشڪلاتن تي غالب پوندا. اي منهنجا ٻچا! وڃو ۽ وڃي انهن بدقسمت انسانن کي خدا ۽ سندس رسول الله طرف وري وٺي اچو، ڇاڪاڻ ته هي ماڻهو هن وقت جهالت ۽ بي دينيءَ جي چڪ ۾ ليٿڙيون پائي رهيا آهن. وڃو منهنجا ٻچا! نجات جو پيغام انهن ڏانهن کڻي وڃو. خدا تعاليٰ اوهان جي مدد ڪندو ۽ سڀني مصيبتن ۽ مشڪلاتن کان اوهان کي محفوظ رکندو.“
شيخ جي هن تقرير بعد اهي مسلمان پنجن، پنجن ڇهن، ڇهن ڄڻن جا ٽولا ٺاهي، هڪڙي ئي وقت مختلف طرفن ڏانهن روانا ٿي ويا. انهن کي بدن تي ڦاٽل ٽٽل ڪپڙا پهريل هئا ۽ هٿن ۾ لٺيون هيون. انهن ويران ۾ ويران ۽ گهٽ ۾ گهٽ آباديءَ وارن ڪوهستاني علائقن کي تلاش ڪري، پنهنجيون جهوپڙيون جبلن جي غارن ۽ چرن ۾ وڃي بڻايون. انهن جي سادگيءَ ۽ عبادت ۽ رياضت جي ڪثرت، ڪبل جي ماڻهن جو توجهه انهن ڏانهن ڇڪايو. ڪبل جي ماڻهن ٿوري ئي وقت ۾ مسلمانن سان دوستانا تعلقات قائم ڪيا. آهستي آهستي مسلمانن پنهنجي طب جي علم، ڪلن يا مشينن جي هنرن ۽ ٻين ڪيترن اخلاقي فائدن سان انهن تي پنهنجو اثر ويهاريو. هر هڪ جهوپڙي اسلامي تعليم جو مرڪز بڻجي پئي. مسلمانن جي علوم کان متاثر ٿي، شاگردن جو ڪافي تعداد انهن جي چوگرد جمع ٿي ويو. ٿوري وقت ۾ ئي اهي شاگرد پنهنجي وطن وارن لاءِ اسلام جا داعي بڻجي پيا. ڪبل جي سڄي ملڪ ۾ ۽ آلجيريا جي صحرائي ڳوٺن ۾ اسلام ڦهلجي ويو
مٿي جيڪو واقعو بيان ڪيو ويو آهي، اهو بيشڪ هن ڳالهه کي ظاهر ٿو ڪري ته ملڪ جي اندروني حصي جي انهن خودمختيار قومن اندر اسلام ڪهڙيءَ طرح پهتو، جن کي ڪنهن زماني ۾ عيسائي مذهب جي تعليم مليل هئي، پر ڪن وهمي رسمن کان سواءِ باقي سڄو مذهب انهن مان نڪري ويو هو. هي قومون ٻيءَ سڄيءَ عيسائي دنيا کان الڳ هيون ۽ انهن ۾ ڪو به ديني معلم موجود نه هو، انهيءَ ڪري انهن کي عيسائي مذهب جي حقيقي اصولن جو ڪو به علم نه هو، جنهن جي وسيلي هو مسلمان مبلغن جي تعليم جو مقابلو ڪري سگهن.
اتر آفريڪا جي ڪليسئا جي زواليت متعلق، جيڪو منتشر احوال مٿي درج ڪيو ويو آهي، ان ۾ ڪجهه وڌيڪ اضافي ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. هڪ مسلمان سياح جنهن عيسوي چوڏهين صديءَ جي اوائلي حصي ۾ ٽيونس جي ڏاکڻي ضلعي الجريد جو سفر ڪيو، اسان کي ٻڌائي ٿو ته عيسائي ديولون جيتوڻيڪ ڦٽل حالت ۾ هيون، تڏهن به هن جي ڏينهن تائين موجود هيون ۽ انهنکي عرب فاتحن برباد نه ڪري ڇڏيو هو. مسلمانن صرف هر هڪ ديول اڳيان هڪ مسجد تعمير ڪرائڻ سان پاڻ کي راضي رکيو، عيسوي پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين ٽيونس ۾ ملڪي (يعني آفريڪي) عيسائين جو هڪ ننڍو فرقو ڏسڻ ۾ پئي آيو. اهي سڀئي عيسائي پاڻ ۾ گڏ ٽيونس جي پسگردائيءَ ۾ رهندا هئا ۽ اها جڳهه ان کان بلڪل الڳ هئي، جتي غير ملڪي عيسائي واپاري آباد هئا. مسلمان انهن تي ڪنهن به قسم جو ظلم يا سختي نه ڪندا هئا، پر پاڻ سلطان انهن کي پنهنجو محافظ ڪري مقرر ڪيو يقينن هي اهي عيسائي آهن، جن کي چارلس پنجين ٽيونس جي فتح کان پوءِ سنه 1535ع ۾ مسيحي مذهب تي محڪم رهڻ لاءِ مبارڪباد ڏني هئي هي آخري واقعو هو، جو اسان اتر آفريڪا جي ديسي ڪليسا متعلق ٻڌو. هن ڪليسا جو تمام گهڻي وقت تائين سلامت رهڻ انهيءَ فرضي دعويٰ کي رد ڪري ٿو ته مسلمانن زبردستيءَ عيسائين کان سندن مذهب تبديل ڪرايو، جيتوڻيڪ اسان وٽ ايتري گهڻي ثابتي نه آهي ته ڪو اتر آفريڪا جي متعلق عرب حاڪمن جون دليون تعصب کان صاف هيون ۽ انهن عيسائين کي پنهنجي لشڪر ۾ پڻ ڀرتي ڪيو هو. ۽ انهن کي عهدنامن ذريعي مڪمل مذهبي آزادي ڏني هئي ۽ روم جي پوپن مسلمانن حاڪمن کي عيسائي رعيت جي حفاظت لاءِ ۽ عيسائي رعايا کي مسلمان حاڪمن جي پوري ايمانداريءَ سان نوڪري ڪرڻ لاءِ لکي موڪليو هو.