باب ڇهون : ترڪن جي دور حڪومت ۾ يورپ جي عيسائي قومن اندر اسلام جو ڦهلجڻ
در حقيقت ترڪن جي عيسائين مٿان حڪومت انهيءَ وقت کان وٺي شروع ٿي، جنهن وقت کان ايشيا مائنز ۾ عثمانيه سلطنت ترقي ڪرڻ لڳي، پر جيستائين سنه 1453ع ۾ رومي سلطنت جو قديم تخت گاهه قسطنطنيہ ترڪن جي هٿ ۾ نه آيو، تيستائين اسلامي حڪومت ۽ عيسائي ڪليسئا جي وچ ۾ تعلقات پوريءَ طرح قائم ٿي نه سگهيا. سلطان محمد ٻئي قسطنطنيہ تي قبضو ڪري انتظاميه قائم ڪرڻ بعد پهريون قدم هيءَ کنيو جو هن پنهنجي متعلق ظاهر ڪرايو ته هو يوناني ڪليسئا جو سرپرست آهي ۽ اهڙيءَ طرح هن عيسائين جي اطاعت حاصل ڪئي. هن حڪم جاري ڪيو ته ڪير به عيسائين تي سختي ۽ ظلم نه ڪري، انهن جي نئين چونڊيل پئٽرئارڪ ۽ هن جي جاءِ نشينن ۽ هن جي هٿ هيٺ ڪم ڪندڙ بشپن کي اجازت ڏني وئي، ته هو پنهنجن اصلوڪن حقن، آمدنيءَ جي ذريعن ۽ معافي ڏنل پابندين کي اهڙيءَ طرح آزاديءَ سان استعمال ڪن، جهڙيءَ طرح اهي سڀئي ڳالهيون انهن کي اڳوڻي حڪومت ۾ حاصل هيون. ترڪن جي غلبي کان پوءِ پهريون پئٽرئارڪ گنائڊئيس (Gennadius) مقرر ٿيو. سلطان هن کي پنهنجن هٿن سان هڪ خاص عصا عطا فرمائي، جيڪا هن جي عهدي جي شايان شان هئي. ان سان گڏ هن کي هڪ هزار سونن سڪن (Ducats) جي ڳوٿري ۽ هڪ تمام گهڻي ٺاٺ سان سينگاريل گهوڙو ڏنو ويو ۽ کيس اهو پڻ حق ڏنو ويو ته ڀلي ان گهوڙي تي سوار ٿي پنهنجي عملي سميت سڄي شهر جو گشت ڪري ڪليسئا جي مهندار کي ترڪن وٽان نه رڳو اها عزت ملي، جيڪا هن کي عيسائي شهنشاهه وٽان ملندي هئي، پر هن کي ٻيون به ڪيتريون ملڪي اختياريون ڏنيون ويون. پئٽرئارڪ جي ڪورٽ سڀني عيسائين جا پنهنجا پاڻ ۾ جهيڙا جهڳڙا نبيريندي هئي ۽ اها ڪورٽ ڏوهارين کي ڏنڊ ۽ جيل جي سزا ۽ ڪن خاص حالتن ۾ ڦاسيءَ جي سزا پڻ ڏئي سگهندي هئي. سلطنت عثمانيه طرفان وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن کي حڪم مليل هو ته انهيءَ ڪورٽ جي فيصلن کي عمل ۾ آڻين. عيسائين جي ديني ۽ ڪليسئائي ڪمن جو مڪمل انتظام پئٽرئارڪ ۽ ڪليسئائي مجلس (Synod) جي سپرد ڪيو ويو (حالانڪه هن کان اڳ سندن رومي حڪومت انهن جي مذهبي ڳالهين ۾ هر طرح جي دست اندازي ڪندي هئي، مگر ترڪي حڪومت ڪڏهن به ائين نه ڪيو) پئٽرئارڪ کي پوري اختياري هئي، ته جنهن به وقت هن کي پسند اچي انهيءَ وقت پنهنجي ڪليسئا جي مجلس ڪوٺائي، ان ۾ سڀني مذهبي ڳالهين ۽ اصولن جو اسلامي حڪومت طرفان دست اندازي ڪرڻ جي خوف کانسواءِ فيصلو ڪن. جنهن صورت ۾ ڪليسئا جو پئٽرئارڪ شاهي حڪومت جو هڪ آفيسر تسليم ڪيو ويندو هو، انهيءَ حالت ۾ هو بي انصاف ترڪي گورنرن جي ڪارنامن کي سلطان جي ڌيان تي آڻي، مظلوم عيسائين کي ظلم ۽ ستم کان نجات ڏيارڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهيو ٿي.
يوناني بشپن جي تمام گهڻي عزت ڪئي ويندي هئي، ۽ انهن کي ملڪي معاملات ۾ ايتريقدر ته اختياريون ڏنيون ويون هيون، جو انهن موجوده وقت تائين پنهنجن علائقن ۾ عيسائي رعيت مٿان ترڪي سردارن وانگر حڪومت هلائي. اهڙيءَ طرح اصلوڪي عيسائي آمريت واري حڪومت جي جڳهه، جنهن جي ترڪن پاڙ پٽي ڇڏي هئي، بشپن جي حڪومت اچي والاري. اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته اعليٰ طبقي جا پادري يوناني پادرين کان وڌيڪ ترڪن جا ايجنٽ ثابت ٿيا ۽ هميشه پنهنجن ماڻهن (عيسائين) کي اهو سبق ڏيندا هئا ته سلطان کي مسيحي ڪليسئا جي حفاظت جي ذمه داري خدا جي طرفان عطا ٿيل آهي. آخرڪار سلطان طرفان هڪ پروانو شايع ڪيو ويو، جنهن مطابق عيسائين کي اهڙين ديولن استعمال ڪرڻ جي اجازت ملي، جيڪي مسجد بڻائڻ لاءِ اڳ ۾ ئي ضبط نه ڪيون ويون هيون. ان کانسواءِ انهن کي آزادي ڏني وئي هئي ته هو پنهنجون مذهبي رسمون پنهنجي قومي رواج مطابق ظاهر ظهور ادا ڪن..
جيتوڻيڪ ترڪي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ يوناني عيسائين جو تعداد ترڪن جي تعداد کان تمام گهڻو هو، تنهن هوندي به ترڪن وٽان مذهبي آزاديءَ ۽ جان ۽ مال جي حفاظت حاصل ڪرڻ ڪري، انهن مان هو جلد ئي راضي ٿي ويا ۽ حڪومت جي تبديليءَ کي خوشيءَ سان برداشت ڪرڻ لڳا. انهن خود سلطان جي حڪومت کي هر ڪنهن عيسائي بادشاهه جي حڪومت کان وڌيڪ پسند ڪيو. سچ آهي ته ملڪ جي گهڻن ئي حصن ۾ يونانين ترڪي فاتحن جو تمام سٺو استقبال ڪيو ۽ انهن کي فرينچ ۽ وينس جي حريص ۽ ظالم حڪومتن کان آزاد ڪرائڻ وارا سمجهڻ لڳا. انهن حڪومتن جو روم جي بزنطيني حڪومت سان پلاپونيساس (Peloponnesos) ۽ يونان جي ڪن ڀر وارن علائقن هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيتري وقت کان وٺي جهيڙو هلندو ٿي آيو. انهن يونان اندر جاگيرداري سرشتو جاري ڪيو هو، جنهن ڪري ماڻهن جي حالت غلامن جهڙيءَ بدبختيءَ واري حد تائين وڃي پهتي. جنهن صورت ۾ اهي فرينچ ۽ وينس وارا زبان، قوم ۽ مذهب جي لحاظ کان ڌاريا هئا، انهيءَ ڪري انهن کي سندن يوناني رعيت ڏاڍو ڌڪاريندي هئي انهن جي حالت ايتريقدر بدتر ٿي وئي هئي، جو انهن کي خاطري ٿي وئي هئي ته ٻيءَ ڪنهن به قوم جي حڪومت انهن جي حالت کي وڌيڪ ابتر نه بڻائيندي، پر پاڻ انهن کي سندن حالت سڌارڻ جو موقعو ڏيندي. هاڻي جيتوڻيڪ انهن کي وينس وارن جي ظلم کان نجات ڏياريندڙ ڌاريان هئا، تنهن هوندي به، انهن غير عيسائين يعني ترڪن جي حڪومت کي رومن ڪئٿلڪ عيسائين جي حڪومت کان وڌيڪ ترجيح ڏني يونان جا اهي عيسائي، جيڪي سنئون سڌو روم بزنطيني حڪومت جا تابع هئا، سي پڻ ساڳي طرح عيسائي حڪومت بجاءِ ٻيءَ ڪنهن ڌارئين قوم جي حڪومت کي پسند ڪرڻ لڳا. جن ظلمن ۽ سختين ڪري، پاليولوگي جو شاهي خاندان مشهور آهي، انهن جو رڳو تصور ڪرڻ ئي ڀيانڪ آهي. ”اميرن جي بدڪاري، پادرين جي ڪثرت ۽ انهن جو ظلم، غلط قانون کي سختيءَ سان عمل ۾ آڻڻ، حڪومت جو زوريءَ محصول وصول ڪرڻ ۽ ان کان به وڌيڪ حڪومت جي تجارت جا سڀيئي حق پاڻ وٽ محفوظ رکڻ، مال جي جمع ڪرڻ ۽ محصول جي وصوليءَ لاءِ فوج مقرر ڪرڻ، انهن سڀني ڳالهين ويچاريءَ غريب رعيت کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، ۽ انهن کي پنهنجي حالت ۾ نڪا سڌاري اچڻ جي اميد هئي ۽ نه وري انهن ظلمن ۽ مصيبتن مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جو ڪو آسرو هو ممڪن آهي ته ماڻهن کي ائين نظر اچي ته مٿي ڄاڻايل بيان ڪنهن پارٽي جذبي وچان لکيو ويو هجي، انهيءَ ڪري انهيءَ بيان جي تصديق لاءِ ٻئي ڪنهن مورخ جو حوالو ڏيڻ ضروري آهي. هڪ روسي تاريخ نويس پڻ قسطنطنيه جي هارائڻ جي احوال ڏيڻ وقت ساڳئي قسم جو الزام عيسائي حڪومت تي مڙهيو آهي. هو لکي ٿو ته ”هرڪا حڪومت قانون جي ڊپ کانسواءِ هڪ بي لغام تيز گهوڙي مثل آهي. بادشاهه قسطنطين (Constantine) ۽ هن کان اڳين حاڪمن پنهنجن اميرن کي پوري آزادي ڏئي ڇڏي هئي ته هو ڀلي رعيت تي ظلم ڪن. انهن جي عدالت ۾ ڪو به انصاف نه هو، انهن جي دلين ۾ ڪا به مردانگي نه هئي، انهن جي ججن معصومن جي لڙڪن ۾ خون مان پاڻ وٽ خزانو جمع ڪيو. يوناني لشڪر جو ناز صرف پنهنجي پوشاڪ جي شان شوڪت تي هو. رعيت جي ماڻهن کي پنهنجي حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ ۾ ڪو به عار محسوس نه ٿيندو هو. سپاهين کي لڙائيءَ جي ميدان مان ڀڄندي، شرم نه ٿيندو هو. آخرڪار الله تعاليٰ انهن نااهل حاڪمن مٿان پنهنجو عذاب نازل ڪيو ۽ سلطان محمد کي ظاهر ڪيو، جنهن جي سپاهين جي خوشي جنگ ۾ هوندي هئي ۽ جنهن جا جج ڪڏهن به بي ايماني نه ڪندا هئا. مٿي جيڪا ترڪن جي تعريف ڪئي وئي آهي، ان جو آخري جملو موجوده زماني جي ماڻهن کي هڪ عجيب ۽ ناگوار معلوم ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو گذريل پنجاهه سالن کان وٺي، مسلسل ترڪن جي بي انصافيءَ خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندا آيا آهن پر گذريل نسل جي سڀني مورخن ترڪن جي عدل ۽ انصاف جي گهڻي تعداد ۾ وضاحت سان تصديق ڪئي آهي.
هڪ عيسائي مورخ، جنهن قسطنطنيه جي فتح جو احوال لکيو آهي، اسان کي ٻڌائي ٿو ته سلطان بايزيد جهڙو جوشيلو بادشاهه به پنهنجي عيسائي رعيت تي ڪيتريقدر مهربان ۽ فياض هو. سلطان عيسائين کي پنهنجي ڪچهريءَ ۾ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اچڻ جي اجازت ڏئي، پاڻ کي انهن ۾ ڏاڍو مقبول ڪيو سلطان مراد ٻئي عدالتي انتظام طرف توجهه ڪرڻ سان ۽ انهن سڀني خرابين کي دور ڪرڻ سان جيڪي يوناني شهنشاهن جي ڏينهن ۾ موجود هيون، پنهنجو نالو مشهور ڪيو. هن پنهنجن انهن عملدارن کي، جن عيسائي رعيت تي ظلم ڪيا هئا، تمام سخت بيدرديءَ سان سزائون ڏنيون قسطنطنيه هارائڻ کان پوءِ تقريبن هڪ سئو سالن جي عرصي اندر ملڪ مٿان مسلسل لائق ترڪ حاڪمن حڪومت هلائي ۽ انهن پنهنجي مضبوط ۽ سخت انتظام ذريعي سڄيءَ سلطنت اندر امن امان قائم رکيو هڪ تحسين جوڳو ملڪي ۽ عدالتي نظام جاري ڪيو. جيتوڻيڪ انهيءَ نظام ۾ عيسائين ۽ مسلمانن سان بلڪل هڪجهڙو بي ريا انصاف نه ٿيندو هو، تڏهن به يونانين جي اصلوڪي حالت کان صد بار بهتر هئي. هاڻي انهن کي بيگر جي ڪم لاءِ تمام ٿورو ستايو ويندو هو ۽ انهن کان غير معمولي محصول ڪو ورلي وصول ڪيو ويندو هو. جيڪو به محصول انهن تي مقرر ڪيو ويو هو، اهو انهيءَ جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هو، جيترو فرينچ ۽ بزنطيني حڪومتون تمام گهڻيءَ زبردستيءَ سان انهن مان وصول ڪنديون هيون. جن به پرڳڻن تي ترڪن جي حڪومت هلندڙ هئي، انهن جو نظم و نسق يورپ جي ٻين گهڻن ئي عيسائي حڪومتن کان گهڻو بهتر ۽ ڪامياب هو. ترڪي سلطانن جي حڪومت اندر عيسائي هارين ۽ زميندارن کي ٻين عيسائي حڪومت اندر زرعي ڪم ڪندڙن جي مقابلي ۾ تمام گهڻي آزادي حاصل هئي ۽ انهن کي سندن محنتن جو تمام گهڻو اجورو ملندو هو ملڪ جي تجارت کي تمام گهڻو زور وٺايو ويو، ڇاڪاڻ ته ترڪن جا اڳيان سلطان پنهنجي رعيت جي تجارت کي ترقي ڏيڻ لاءِ هميشه تيار هئا. جڏهن ترڪن عيسائين کي بزنطيني حڪومت جي موتمار مصيبتن ۽ ظلمن مان آزاد ڪرايو، تڏهن انهن جي ڪيترن وڏن وڏن شهرن لاءِ ترقيءَ جو دروازو کلي پيو. انهن شهرن مان پهريون نائسيا (Nicaea) جو شهر هو. هن شهر جي ماڻهن هڪ ڪافي وقت تائين مقابلي ڪرڻ بعد آخرڪار ڏاڍن فائديمند شرطن سان سنه 1330ع ۾ سلطان ارخان جي اطاعت قبول ڪئي.
قديم رومين وانگر ترڪ به رستن ۽ پلين ٺاهڻ ۾ تمام گهڻو ماهر هئا ۽ انهن نوان نوان رستا ۽ پليون بڻائي، سڄيءَ سلطنت اندر واپار جي سهولت پيدا ڪئي. ڌاريون رياستون، جن روم جي بزنطيني حڪومت واري زماني ۾ يوناني واپارين کي پنهنجن بندرن مان هڪالي ڪڍيو هو، هاڻي اهي ساڳيون حڪومتون انهن يوناني واپارين کي ساڳين بندرن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي پيون، ڇاڪاڻ ته هاڻي عيسائي تاجر پنهنجن جهازن تي سلطنت عثمانيه جو جهنڊو لڳائي پوءِ سفر ڪندا هئا. انهن پنهنجو لباس ۽ طور طريقو سمورو ترڪن وارو اختيار ڪيو هو. انهيءَ ڪري مغربي يورپ جون سڀئي قومون هاڻي عيسائي واپارين جي ايتريقدر ته عزت ڪنديون هيون، جو هيل تائين رومن ڪئٿلڪ عيسائين پنهنجي يوناني ڪليسئا جي پوئلڳ عيسائين جي به ايتري عزت ڪڏهن ڪو نه ڪئي.
انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته ترڪن جو پنهنجي عيسائي رعيت سان نهايت اعليٰ قسم جو سلوڪ هو ۽ بغير ڪنهن تعصب جي انهن سان پيش ايندا هئا، پر انهن ۾ هڪ خراب ڳالهه هيءَ هئي، جو عيسائين کان سندن ٻارن جو محصول وصول ڪندا هئا. يعني مائٽن کان سندن اولاد ننڍيءَ عمر ۾ ئي ڦري وٺندا هئا ۽ انهن کي سلطان جي مشهور جان نثار فوج (Crops of Janissaries) ۾ داخل ڪندا هئا. هن فوجي سلسلي کي سنه 1330ع ۾ سلطان ارخان شروع ڪيو ۽ان کان پوءِ صدين تائين ترڪي سلطانن جي طاقت جو دارومدار هن فوج تي رهيو. هن فوج ۾ هر ڪنهن چوٿين سال نوان نوان ڇوڪرا ڀرتي ڪيا ويندا هئا. انهن جي وصول ڪرڻ لاءِ سلطان جا خاص عملدار انهن ضلعن جو وڃي گشت ڪندا هئا، جن ضلعن تي هي ٻارن جو محصول لڳايو ويندو هو ۽ اهي عملدار انهن ضلعن جي ٻارن مان ڇهن سالن جي عمر کان وٺي نون سالن جي عمر تائين، ٻارن جو انتخاب ڪندا هئا. مسلمان عالمن اهڙي غير واجبي محصول جي باري ۾ هن عذر پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي ٻار مال غنيمت جو اهو پنجون حصو آهن، جيڪو قرآن شريف ۾ مسلمان بادشاهن لاءِ جائز قرار ڏنو ويو آهي انهن عالمن هي به ظاهر ڪيو ته زبردستي مسلمان بڻائڻ خلاف جيڪي قرآن شريف جا حڪم آهن، اهي انهن عيسائي ٻارن جي حق ۾ پڻ ساڳيا رهندا، پر جنهن صورت ۾ اهي ٻار تعليم واسطي بلڪل ننڍيءَ عمر ۾ ئي مسلمان معلمن جي حوالي ڪيا ويندا هئا، انهيءَ حالت ۾ زبردستي مسلمان نه بڻائڻ وارن حڪمن جو عملن ڪو به اثر نه پوندو هو. عيسائي يورپ هن قسم جي وحشي محصول خلاف پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو آهي ۽ ترڪي صوبن اندر سير ڪندڙ سياحن، ويران گهرن جون ۽ انهن مائٽن جي روئڻ جون نهايت رقت انگيز تصويرون چٽيون آهن، جن جي هنجن مان ٻار کسيا ويا هئا، پر جڏهن پهرئين دفعي ئي هيءَ ٻارن جي فوج قائم ڪئي وئي. تڏهن خود عيسائين پنهنجن ٻارن کي پنهنجي رضا خوشيءَ سان هن فوج ۾ داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح انهن خودبخود هن فوج جي تعداد ۾ اضافو ڪرايو جن حالتن ڪري، هيءُ محصول پهريون دفعو جاري ڪيو ويو، انهن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته خود يوناني ترڪن جي انهيءَ عمل طرف بي پرواهي ڏيکاري هئي. سڄو ملڪ لڙاين جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويو هو، سڄن سڄن خاندانن کي بک جي وگهي ختم ٿي وڃڻ جو اڪثر خوف هو. جن عيسائي ٻارن کي فوج، ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو، اهي سڀ گهڻو ڪري يتيم هئا ۽ ائين نه ڪرڻ کانسواءِ شايد سڀئي تباهه ٿي وڃن ها. انهيءَ وقت اهو رواج پڻ عام جام هو ته عيسائين کي غلام بڻائي وڪيو ويندو هو. هاڻي جيڪڏهن انهن سڀني حالتن کي نظر ۾ رکبو ته هيءُ ٻارن جو محصول اسان کي گهٽ خطرناڪ معلوم ٿيندو. ان کانسواءِ هن قسم جي محصول جو رواج روم جي بزنطيني شهنشاهن جي حڪومت ۾ پڻ هو. انهيءَ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته درحقيقت ترڪي سلطانن ڪو نئون قدم ڪو نه کنيو هو، بلڪه ساڳئي عمل کي انهن چالو رکيو. انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو آهي، ته جن مسلمان آفيسرن کي ٻارن جي وصول ڪرڻ لاءِ موڪليو ويندو هو، انهن کي ٻارن جي مقرر ٿيل تعداد هٿ ڪرڻ ۾ زور زبردستي استعمال ڪرڻ جي ضرورت ڪا ورلي محسوس ٿي. گهڻو ڪري انهن جا مائٽ خود پنهنجن ٻارن کي ترڪن جي حوالي ڪرڻ لاءِ منتظر رهندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن کي هن ڳالهه جو يقين ٿي ويو هو ته انهن جي ٻارن جو ترڪي فوج ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ هڪ شاندار مستقبل رهندو ۽ هر ڪنهن حالت ۾ انهن جي زندگي آرام ۽ راحت سان بسر ٿيندي. ڇاڪاڻ ته انهن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت اهڙيءَ طرح ٿيندي هئي. جو ڄڻڪ اهي سلطان جا پنهنجا ٻچا هئا. اڃا به جيڪڏهن اها ڳالهه سچي آهي ته انهن ٻارن جا مائٽ ڪجهه رقم ڏئي، انهن کي آزاد ڪرائي سگهيا ٿي ته پوءِ اهو محصول ايترو خوفناڪ يا وحشي نظر نه ٿو اچي. مٿي جيڪي حالتون بيان ڪيون ويون آهن، اهي يقينن ترڪن جي هن وحشيانه قدم جي اهميت کي گهٽ ڪن ٿيون. ان کانسواءِ اها ڳالهه پڻ درست آهي ته ڪهڙي به شيءِ جيڪڏهن هڪ ڀيرو رواج ۾ اچي ويندي آهي ته پوءِ ان جو برداشت ڪرڻ آسان ٿي ويندو آهي. پر اهي سڀئي ڳالهيون ترڪن کي اهڙيءَ بي حرمتيءَ واري عمل جي هرگز اجازت نه ٿيون ڏين. انهيءَ هوندي به اهي ڳالهيون اسان کي هن حقيقت جي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ته ڇو يوناني ترڪن جي هن قدم تي جنهن مان انهن کي در حقيقت تمام گهڻو فائدو پهتو ٿي، جلد ئي راضي ٿي ويهي رهيا؟
ترڪي سلطنت اندر عيسائي رعيت کي فوجي نوڪريءَ ۽ پنهنجي جان مال جي حفاظت عيوض جزيي جي ڪجهه رقم ادا ڪرڻي پوندي هئي. ترڪي قانون مطابق جزيي جو نرخ هر هڪ بالغ مرد تي اڍائي، پنج ۽ ڏهه قرش (Piasters) هن جي آمدنيءَ مطابق هو عيسوي سترهين صديءَ جي اڪثر عيسائي مصنفن لکيو آهي ته جزيي جو نرخ هڪ ڊڪٽ (Ducat) في ماڻهو هو مگر مختلف نرخ پڻ بيان ڪيا وياآهن جهڙوڪ ٽي، پنج يا 7/8 ڪرائون يا ڊالر. جزيي جي مختلف نرخن جي هجڻ جو سبب غالبن اهو آهي جو عيسوي سترهين صديءَ اندر ترڪي سڪي جي قيمت هڪڙي مقرر ٿيل نه هئي، مگر ڦرندڙ گهرندڙ هئي. هن ڳالهه جي اندازي لڳائڻ لاءِ ته عيسائين تي جزيي جو ادا ڪرڻ ڪيتريقدر بار هو، اسان کي هڪ ڊگهو بحث ڪرڻو پوندو ته انهيءَ وقت ترڪي سڪي ۾ ڪيترو مال خريد ڪري سگهبو هو ۽ ٻين ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين تي ڪيترو ڪيترو پئسو خرچ ٿيندو هو. ڪن عيسائي مصنفن تارن فور (Taurne Fort) وغيره لکيو آهي ته عيسائي جزيي جي ڊپ کان پڻ اسلام قبول ڪيو، پر جزيي جو نه ڏيڻ عيسائين جي پنهنجي مذهب کي بدلائڻ لاءِ صحيح عذر ٿي نٿو سگهي. تارن فور سنه 1700ع ۾ ڪانديت قوم (Candiots) جي اسلام قبول ڪرڻ جو احوال لکندي، بيان ڪري ٿو ته ”هن ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ ضروري آهي ته هي بدبخت عيسائي هڪ خسيس ملهه تي پنهنجو ايمان وڪڻن ٿا. انهن کي پنهنجي مذهب بدلائڻ عيوض جيڪي ڪجهه ملي ٿو، اهو آهي هڪ عبا ۽ جزيي کان آزادي، جنهن جي رقم سال ۾ پنج ڪرائون کان مٿي نه آهي هڪ ٻيو مصنف شيفلر ته اڃا به انهيءَ فڪر ۾ هو ته ترڪي حڪومت اندر عيسائين جي حالت کي ڪيئن بريءَ ۾ بريءَ طرح ڏيکاريو وڃي. هن صاحب لکيو آهي ته هڪ ڊڪٽ هڪ ماڻهوءَ کي ڏيڻ معمولي ڳالهه هئي. هن گهڻو زور غير معمولي محصولن ۽ لڙاين وقت چندن وصول ڪرڻ ۽ ٻين اهڙين ڳالهين تي ڏنو آهي، جن لاءِ عيسائين کي مجبور ڪيو ويندو هو زمين جي ڍل جو نرخ ٻنهين مسلمانن ۽ عيسائين لاءِ ساڳيو هوندو هو ڇاڪاڻ ته ترڪي جي سلطانن انهيءَ اصلوڪي فرق کي بلڪل ڪڍي ڇڏيو ته مسلمانن پنهنجين زمين تي عشر ادا ڪن ۽ غير مسلم خراج عيسائين کي جيڪي به سختيون سهڻيون پيون، اهي گهڻو ڪري ڪن خاص خاص حاڪمن يا عملدارن جي ظلم جو نتيجو هيون، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي عهدي ۽ حڪومت جو فائدو وٺي، پنهنجي ماتحتن مان پيسو حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي. اهڙا ظلم جا ڪم نه رڳو اسلامي شريعت جي خلاف هئا، پر جيستائين مرڪزي حڪومت طاقتور هئي ۽ اڃا ان پنهنجي صوبائي حاڪمن کي انهن جي بدڪارين ۽ بي انصافين لاءِ سزا ڏيڻ جي قوت نه وڃائي هئي، تيستائين اهڙن ڪمن جو ظاهر ٿيڻ ورلي هو يورپ ۾ ترڪي سلطنت جي قائم ٿيڻ بعد پهرين ٻن سئو سالن اندر جيڪا عيسائي رعيت جي حالت رهي، ان ۾ ترڪي سلطنت جي زوال بعد عيسائين جي حالت ۾ هڪ وڏو فرق نظر اچي ٿو، پر اها ڳالهه قابل توجهه آهي ته انهيءَ سڄي عرصي اندر، جنهن ۾ عيسائين جي حالت برداشت ڪرڻ کان ٻاهر هئي، اسلام قبول ڪرڻ جا واقعا تمام گهٽ وجود ۾ آيا. جڏهن عيسوي ارڙهين صديءَ ۾ عيسائين جي حالت حد کان زياده خراب ٿي وئي هئي ۽ اهڙي سختي ۽ ظلم هن کان اڳ انهن ڪڏهن به نه ڏٺو هو، عين انهيءَ زماني ۾ اسان کي عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جو ڪو به واقعو نٿو ملي. نه رڳو ايترو، بلڪه ترڪن متعلق بيان ڪيو ويو آهي ته اهي خود انهيءَ وقت پنهنجي مذهب جي ترقيءَ کان بلڪل بي پرواهه هئا ۽ بي اعتقاديءَ ۽ مذهبي شڪوڪ ۾ مبتلا ٿي ويا هئا. انهيءَ ڳالهه جي ثابتي ته عيسائين کي تڪليفون حڪومت جي بدانتظاميءَ کان پهتيون ۽ نه مذهبي سختين ڪري، هن حقيقت مان ملي ٿي ته حڪومت جي خرابين ڪري ٻنهن، مسلمانن ۽ عيسائين کي هڪجهڙيون سختيون سهڻيون پيون. البته مسلمانن جي مقابلي ۾ عيسائين کان زياده سختيءَ سان مال ڦريو ويو ۽ انهن سان زياده برو سلوڪ ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته انهن کي پنهنجن تڪليفن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ قانوني مشڪلاتون زياده هيون. ممڪن آهي ته ڪن تمام غريب عيسائين انهن مصيبتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام قبول ڪيو هجي.
هاڻي جيڪڏهن اسين ٻارن جي محصول کي ڇڏي، ترڪي جي سلطانن جي پنهنجي عيسائي رعيت سان، گهٽ ۾ گهٽ يونان جي فتح بعد پهرين ٻن صدين اندر ٿيل حسنِ سلوڪ کي ڏسنداسون ته ان مان معلوم ٿيندو ته عيسائين کي ترڪن طرفان اهڙي ته مذهبي آزادي ميسر هئي، جو ان وقت يورپ جي باقي ملڪن اندر ڪنهن به اهڙي آزادي ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. خود انهيءَ ٻارن جي محصول متعلق معلوم ٿو ٿئي ته يونانين بغير ڪنهن چُون چرا جي اهو محصول قبول ڪيو ۽ اهو محصول ڪجهه وقت بعد انهيءَ ڪري بند ٿي ويو هو، جو عيسائين ان جي قائم رهڻ خلاف ڪو فساد يا بغاوت برپا ڪئي هئي، بلڪه ان جي بند ٿيڻ جو صحيح ڪارڻ اهو هو، جو ترڪيءَ جي آدم شماري حد کان زياده وڌي وئي هئي ۽ عيسائي مسلمان بڻجي، ڪثرت سان سلطان جي لشڪر ۾ داخل ٿيندا ٿي ويا هنگاريءَ جا ڪالويني عيسائي۽ ٽرئسنلوانيا جا ٻئي ڪالويني ۽ موحد عيسائي هئپسبرگ جي متعصب شاهي خاندان جي هٿ هيٺ رهڻ کان ترڪن جي اطاعت کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا سليشيا جا پروٽيسٽنٽ عيسائي ترڪن ڏانهن ڏاڍي اشتياق سان نهاري رهيا هئا ۽ پنهنجي مذهبي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ اسلامي حڪومت جي اطاعت قبول ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار هئا. عيسوي پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ اسپين جي مظلوم يهودين جي هڪ ڪافي تعداد اسپين مان ڀڄي، ترڪيءَ ۾ اچي پناهه ورتي ڪاسڪ قوم جي عيسائين، جي قديمي طرز جي مسيحي دين جا پيرو هئا ۽ جن تي رشيا جي شاهي ڪليسيا سخت ظلم ڪيا هئا، ترڪي سلطانن جي حڪومت اندر اها مذهبي آزادي حاصل ڪئي، جيڪا سندن هم مذهب عيسائين انهن کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو جڏهن انطاڪيه جي پئٽرئارڪ مڪاريئس عيسوي سترهين صديءَ ۾ پولينڊ جي رومن ڪئٿلڪ عيسائين کي رسيا جي آرٿوڊاڪس مشرقي ڪليسئا جي عيسائين تي تمام سخت ظلم ڪندي ڏٺو، تڏهن پاڻهين پاڻ کي مبارڪباد ڏيڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته: ”اسان انهن هزارن شهيدن تي تمام گهڻو ماتم ڪيو، جن کي انهن دين جي دشمنن، پليت ۽ ڪميڻن پول قوم جي ماڻهن چاليهه پنجاهه سالن جي عرصي اندر قتل ڪري ڇڏيو. انهن شهيدن جو تعداد غالبن ستر يا اسي هزار کن ٿيندو. اي دين جا منڪرو! اي پليت وحشي انسانو! اي پٿر دل رکڻ وارو! عورتن اوهان جو ڇا بگاڙيو هو؟ ڇوڪرين، ڇوڪرن ۽ معصوم ٻچن اوهان جو ڇا ڪيو هو؟ اوهان انهن کي به قتل ڪيو؟.......... آءٌ انهن کي (پول قوم جي ماڻهن کي) مردود ڇو ٿو سڏيان؟ ڇاڪاڻ ته انهن پاڻ کي بدڪار، بت پرستن کان به وڌيڪ ذليل ۽ ظالم ثابت ڪيو آهي. انهن پول قوم جي ماڻهن سمجهيو ٿي ته عيسائين تي ظلم ڪري، آرٿوڊاڪس ڪليسئا جو نالو نشان گم ڪري ڇڏينداسون. خدا شل ترڪن جي سلطنت کي سدائين قائم دائم رکي! ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجو جزيو وصول ڪن ٿا، پر مذهبي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي دست اندازي نه ٿا ڪن، پوءِ کڻي انهن جي رعيت عيسائي هجي يا نصراني (Nazarenes) يهودي هجي يا سامارتي (Samaritans)، ليڪن انهن نالائقن پولنڊ جي ماڻهن پنهنجي عيسائي ڀائرن کان نه رڳو محصول ۽ عشر وصول ڪيا، پر انهن کي مسيح عليه السلام جي دشمنن ظالم يهودين جي حوالي ڪيو. حالانڪه اهي ويچارا عيسائي پولينڊ جي ماڻهن جي غلامي ڪرڻ لاءِ به تيار هئا. يهودين ڇا ڪيو، جو انهن عيسائين کي ڪا به ديول بڻائڻ نه ڏني ۽ ڪنهن اهڙي پادريءَ کي انهن وٽ رهڻ ڏنو، جيڪو انهن جي مذهبي رازن کي ڄاڻندڙ هو.
موريا جي يوناني عيسائين مسلسل چوڏهن ورهين تائين (سنه 1685 کان 1699ع تائين) وينس وارن جي غلامي ڪرڻ کان پوءِ وري پنهنجن اڳين ترڪ حاڪمن جو، جن جي حڪومت جو انهن کي اڳ ۾ ئي گهڻو تجربو هو، تمام گهڻي خوشيءَ سان استقبال ڪيو. اٽليءَ ۾ پڻ ڪيترا اهڙا ماڻهو هئا، جيڪي انهيءَ اميد سان ترڪن ۾ گهڻي وقت کان وٺي اکيون وجهيو ويٺا هئا ته مسلمانن جي رعيت بڻجڻ جي حالت ۾ انهن کي اها مذهبي آزادي ۽ جان مال جي حفاظت حاصل ٿيندي، جنهن جي ملڻ جي عيسائي حڪومت جي دور ۾ انهن کي ڪا به اميد نه هئي. هاڻي هيءَ ڳالهه واضح ٿي وئي ته ترڪي سلطانن جي حڪومت اندر اسلام تلوار سان نه ڦهليو، جيتوڻيڪ اهو ممڪن آهي ته ترڪي سلطنت جي تنزل واري زماني ۾ پوريءَ طرح انصاف نه ملڻ ڪري ۽ ڪن بي ايمان آفيسرن جي ظلم ۽ ستم ڪري، ڪن عيسائين مجبورن اهو خيال ڪيو هجي ته پنهنجي اباڻي دين بدلائڻ سان پنهنجي حالت بهتر بڻائن، پر يورپ ۾ ترڪي سلطنت جي پهرين ٻن صدين اندر اهڙا مثال ڪي مشڪل سان ملندا. در حقيقت اهو ٻن صدين وارو عرصو ئي جنهن ۾ عيسائين جو هڪ وڏو تعداد مسلمان ٿيو، هڪ عيسائي جيڪو ترڪن وٽ ٻاويهن سالن تائين قيد ۾ رهيو، اهو بيان ڪري ٿو ته: ”ترڪن ڪڏهن به پنهنجي دين کي ڦٽو ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي مجبور نه ڪيو.“ ساڳي شهادت اسان کي ٻين عيسائين وٽان پڻ ملي ٿي. هڪ معزز انگريز جنهن عيسوي سترهين صديءَ جي اوائلي حصي ۾ ترڪيءَ جو سير ڪيو، اسان کي ٻڌائي ٿو ته: ”ڪنهن به شخص جي ايمان تي زبردستي نه ڪئي ويندي هئي. جيڪڏهن ڪو اهڙو اتفاق پيش آيو، تڏهن به ڪنهن سنگين جرم کانسواءِ موت جي سزا نه ڏني ويندي هئي.“ هن بيان کان اٽڪل ٽيهن سالن بعد سنه 1663ع ۾ شيفلر پڻ اسان کي ٻڌائي ٿو ته:”ترڪ ماڻهن کي زبردستيءَ کان وڌيڪ چالاڪيءَ سان مسلمان ڪن ٿا. هو عيسائين جي دلين مان حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي دين کي دولاب ذريعي ڪڍن ٿا. بيشڪ هيءَ حقيقت آهي ته ترڪ موجوده وقت ۾ ڪنهن ملڪ تي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ سختي نه ٿا ڪن، پر هو ٻيا ڪي اهڙا ذريعا استعمال ڪن ٿا، جنهن ڪري ڳجهه ئي ڳجهه ۾ عيسائيت جي پاڙ پٽجي وڃي ٿي..... هاڻي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخرڪار انهن ملڪن جي عيسائين سان ڪهڙو معاملو ڪيو ويو؟ انهن کي شهر نيڪالي نه ڏني وئي ۽ نه انهن کي ترڪن جي مذهب قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته هو خود بخود پنهنجي رضا خوشيءَ سان ترڪ بڻجي ويا.“
ترڪن انهيءَ ڳالهه کي بخوبي سمجهيو هو ته هو ڪنهن به انسان تي وڏي ۾ وڏو احسان اهو ڪري سگهن ٿا، جو هو ان انسان کي اسلام جي سلامتيءَ واري دائري جي اندر داخل ڪن ۽ انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن ترغيب و تحريص جو ڪو به ذريعو بغير استعمال جي نه ڇڏيو. عيسوي سورهين صديءَ جو هڪ ڊچ سياح اسان کي ٻڌائي ٿو ته جنهن وقت هو مسجد ابا صوفيا جي خوبصورتيءَ جي تعريف ڪري رهيو هو ته ڪن ترڪن خود هن جي مذهبي خيالن تي سندس حُسن پسند طبيعت ذريعي اثر وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس چيو ته: ”جيڪڏهن تون مسلمان ٿئين ته پوءِ هن خوبصورت مسجد ۾ جيستائين جيئرو هوندين، هر روز اچي سگهندين.“ انهيءَ واقعي کان اٽڪل هڪ صدي پوءِ هڪ انگريز سياح کي پڻ ساڳي ڳالهه پيش آئي. هو صاحب لکي ٿو ته: ”ڪڏهن ڪڏهن ترڪ اسلام جي جوش ۽ جذبي وچان تمام گهڻي اخلاق سان عيسائين کي چوندا هئا ۽ هڪ دفعي مون کي پڻ مسجد ابا صوفيه ۾ چيو هئائون ته توهان اسلام قبول ڪري اسان جهڙا ڇو نه ٿا ٿي وڃو؟“ ڪنهن به ماڻهو جي اسلام ۾ داخل ٿيڻ وقت ترڪن جي عام ۽ خاص ماڻهن اندر جيڪي خوشيون ملهايون وينديون هيون، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ڪيتريقدر اسلام جا سرگرم مبلغ هئا. نئين مسلمان کي گهوڙي تي سوار ڪري، شهر جي سڀني گهٽين مان ڏاڍي شان شوڪت سان گهمائيندا هئا. جيڪڏهن انهن کي اها خاطري ٿي ويندي هئي ته انهيءَ نئين مسلمانن سچيءَ دل سان پنهنجو اصلوڪو دين بدلائي اسلام قبول ڪيو آهي يا اهو ماڻهو جنهن اسلام قبول ڪيو آهي، سو ڪنهن شريف گهراڻي جو آهي ته انهيءَ حالت ۾ ترڪ ان نئو مسلم جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا ۽ هن جي گذر سفر لاءِ پنهنجي طرفان ڪجهه بندوبست ڪندا هئا..
ترڪن اندر پنهنجي مذهب جي تبليغ جو جيڪو جذبو ۽ جوش هو، ان بابت اسان کي اليگزينڊر راس جي هيٺين قول مان ڪافي ثابتي ملي ٿي:”ترڪ عيسائين کي سندن سچي دين کان هٽائي يا کين گمراهه ڪري، پنهنجي بي دين مذهب ۾ داخل ڪرڻ جا ڏاڍا خواهشمند آهن. هو هر روز پنهنجن مسجدن ۾ سچيءَ دل سان دعائون گهرن ٿا ته شل عيسائي قرآن شريف جي تعليم کي قبول ڪري، انهن وانگر مسلمان بڻجي وڃن. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ترڪن خوف ۽ خوشامد، سزا ۽ انعام جو ڪو به طريقو بغير استعمال جي نه ڇڏيو“
انهيءَ وقت عيسائين جي سوسائٽيءَ جي ڪن حالتن خود ترڪن جي سرگرم تبليغي ڪوششن کي زياده تر موثر بڻايو. انهن حالتن ۾ سڀني کان وڌيڪ يوناني ڪليسئا جي خراب حالت هئي. هڪ پاسي روم جي بزنطائين سلطنت کي ملڪي معاملات ۾ مڪمل آزادي هئي ته ٻئي طرف وري ديني معاملات ۾ ڪليسائي طبقي پوري خودمختياري حاصل ڪئي. هن طبقي رعيت جي عقلي ۽ ذهني قوت کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته انهن دين جي آڙ وٺي، اخلاقي ۽ ديني مسئلن تي بحث مباحثو بلڪل بند ڪرائي ڇڏيو. صرف هڪ ڳالهه انهن جي غفلت ۽ بي حسيءَ ۾ ڪجهه حرڪت پيدا ڪندڙ هئي، اها هيءَ هئي ته انهن جي رومن ڪئٿولڪ ڪليسئا وارن سان بحث مباحثي ۾ خوب چٽا ڀيٽي ٿيندي رهندي هئي ۽ ان بحث مباحثي ۾ مذهبي مناظرن واريون سڀئي خرابيون ۽ فرقه وارانه نفرتون موجود هيون، ماڻهن جي ديني حالت ايتريقدر ته ابتر ٿي وئي هئي، جو فقط ڪن ظاهري رسمن جي پيروي وڃي رهي. انهن جي عبادت جو سڄو شوق حضرت مريم عليها السلام ۽ ٻين عيسائي سنتن، مورتن ۽ ٻين ديني تبرڪات جي پوڄا ۾ وڃي رهيو. اهڙا گهڻائي عيسائي هئا، جي ڪليسئا کان منهن موڙڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته ڪليسئا جي روحاني زندگي بلڪل ختم ٿي وئي هئي.
اهي عيسائي معمولي مسئلن تي جهڙوڪ: روح القدس خدامان نڪتل آهي يا مسيح مان، خداوندي عشا ۾ خميري جي روٽي کائجي يا بغير خميري جي ۽ ٻين به اهڙي قسم جي ادنيٰ درجي جي ڳالهين تي نه ختم ٿيندڙ بحث مباحثن مان ايتريقدر ته بيزار ٿي پيا هئا جو انهن خوشيءَ سان اسلام جي صاف ۽ جلد سمجهه ۾ ايندڙ وحدانيت جي تعليم کي قبول ڪيو. اسان تائين اهو بيان پهتو آهي. عيسائين جو هڪ وڏو تعداد اسلام جي دائري اندر داخل ٿيو ۽ انهن ۾ نه رڳو عام ماڻهو هئا پر هر ڪنهن طبقي مان اهلِ علم ۽ مختلف قسمن جي عهدن ۽ درجن جا ماڻهو پڻ شامل هئا. جن عيسائي پادرين ۽ راهبن اسلام قبول ڪيو، انهن جي کاڌي خوراڪ ۽ رهائش وغيره جو ترڪن انهيءَ ڪري بهترين بندوبست ڪيو ته جيئن هو ٻين کي به اسلام طرف آڻي سگهن. اڃا ترڪن جو تختگاهه ائڊريانوپل ۾ ئي هو، (1453ع کان اڳ) ته شاهي درٻار اهڙن نون مسلمانن سان ڀرپور ٿي ويندي هئي، جيڪي پهريائين عيسائي هوندا هئا. ائين پڻ چوڻ ۾ اچي ٿو ته امراءَ طبقي مان آيل نئو مسلمانن جي ڪثرت هوندي هئي. رومي شهزاده ۽ ٻيا ڪيترا عيسائي امير مسلمانن جي طرف هليا ويا ۽ انهن وٽ انهن جو سٺو آڌرڀاءُ ٿيو. انهن شهزادن مان سڀني کان پهريون شهزادو، جيڪو مسلمان ٿيو، اهو هو شهنشاهه جان ڪمنينس (John Comnenes) جو ڀائٽيو. هن سنه 1140ع ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ قونيه جي سلطان مسعود جي ڌيءَ سان شادي ڪئي قسطنطنيه جي هارائڻ بعد اعليٰ طبقي جي عيسائين اسلام قبول ڪرڻ ۾ تمام گهڻي جلدي ڪئي. پاليولوگي (Palaeology) جي شاهي خاندان سان گهڻن ئي اميرن اسلام قبول ڪيو. طربيزاند ((Trebizond جي هڪ زبردست عالم جارج اميروظس (George Amiroutzes) پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ عيسائي مذهب کي ترڪ ڪري، اسلام قبول ڪيو. اهڙي طرح ٻين به ڪيترن اعليٰ خاندانن جي عيسائين جا نالا قابل ذڪر آهن، جن پنهنجو مسيحي مذهب ڦٽو ڪري، اسلام قبول ڪيو هن نئين مذهب (اسلام) ۾ محض هن ڳالهه جي ضرورت هئي ته هڪ آسان عقيدي: لا الہٰ الا الله محمد رسول الله () کي قبول ڪيو وڃي هڪ مصنف جنهن جو اڳي ئي مٿي بيان ڪيو ويو آهي، لکيو آهي ته ”هن مذهب ۾ جيڪڏهن ڪا به مشڪل ڳالهه هئي ته اها انهيءَ ڪلمي لا الہ الا الله محمد رسول الله () جو اقرار هو. جيڪڏهن ڪنهن جي دل جو لاڙو صرف هن ڳالهه تي ٿي ويو ته هو هڪ خدا جو پوڄاري آهي ته سندس انهيءَ غلطيءَ جو زهر مذهب جي ويس ۾ هن جي ساري جسم اندر آسانيءَ سان ڦهلجي ويندو. هيءُ گناه جو اهو جبل آهي، جنهن سان بي شمار ماڻهن مٿو ٽڪرايو ۽ پوءِ ان ڦندي ۾ ڦاسي پيا، جنهن انهن روحن مٿان هميشه جو عذاب آندو (نعوذ بالله) هيءُ جنڊ جو اهو پُڙ آهي، جيڪو گهڻن ئي ماڻهن جي ڳچين ۾ لٽڪايو ويو ۽ انهن سڀني کي نااميديءَ جي کڏ ۾ ڦٽو ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته جڏهن انهن بيوقوفن هي ٻڌو ته ترڪ بت پرستيءَ جي پاڙ پٽڻ وارا آهن ۽ هو هر ڪنهن تصوير ۽ مورت کي اهڙيءَ ته نفرت ۽ ڌڪار جي نظر سان ڏسن ٿا، جو گويا اها دوزخ جي باهه آهي، ۽ هو هميشه هڪ خدا جي عبادت خود ڪن ٿا ۽ ٻين کي پڻ ان جي تلقين ڪن ٿا ته انهيءَ حالت ۾ انهن ماڻهن جي دلين ۾ شڪ شبهي جي ڪا به جڳهه نٿي رهي.
مشرقي ڪليسئا جي انهن عيسائين، جيڪي ڪنهن صاف ۽ سادي ديني اصول جا خواهشمند هئا، قدرتي طرح مذهب اسلام ۾ وڃي پناهه ورتي. درحقيقت انهن ئي عيسائين ڪجهه صديون اڳ تحريڪ جي آسان اصولن کي هڪ بدعت قرار ڏئي، بلڪل خارج ڪري ڇڏيو هو. هن تحريڪ آرٿوڊاڪس ڪليسئا جي غلط عقيدن ۽ صورتن، مذهبي يادگارن ۽ ديني بزرگن جي پوڄا جي خلاف هڪ سخت صداءِ احتجاج بلند ڪيو. هن تحريڪ جا اڳواڻ انهيءَ ڪوشش ۾ لڳل هئا ته دين ۾ سادگي پيدا ٿي وڃي ۽ زندگي پاڪ ۽ پوتر گذاري وڃي. جيئن ته هن تحريڪ جا ڪجهه ماڻهو عيسوي ستين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين بلگيريا ۾ موجود هئا، انهيءَ ڪري مسلمان فاتحن کي ضرور ڪيترا اهڙا عيسائي مليا هوندا، جيڪي يوناني ڪليسئا جي اصولن ۽ عمل کان بيزار ويٺا هئا. ان کانسواءِ جنهن صورت ۾ ملڪي حالتون اهڙيون موافق نه هيون،جو مغربي ملڪن وانگر هتي به پروٽيسٽنٽ مذهب جون ڪليسائون قائم ڪيون وڃن. انهيءَ حالت ۾ مختلف خيالن وارن عيسائين ضرور اسلامي ماحول کي پنهنجي لاءِ وڌيڪ مناسب سمجهيو هوندو. عيسوي سترهين صديءَ جي شروعات يوناني ڪليسئا کي پروٽيسٽنٽ مذهب ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اها ڪوشش ناڪام وئي ۽ ان جو نتيجو شايد اهو نڪتوهوندو جو ڪيترا عيسائي مسلمان ٿيا هوندا. هن تحريڪ جو مکيه بانيڪار سرل لوڪارئس (Cyril Lucaruis) هو، جو سنه 1621ع کان 1638ع تائين قسطنطنيه جو پئٽرئارڪ پڻ ٿي رهيو هو. اڃا ننڍيءَ عمر جو ئي هو ته سرل لوڪارئس پروٽيسٽنٽ مذهب جي علمي جاين جهڙوڪ وٽنبرگ ۽ جنيوا يونيورسٽين ۾ وڃي ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ واپس ورڻ بعد جنيوا، هالنڊ ۽ انگلينڊ جي مشهور پروٽيسٽنٽ عالمن سان خط و ڪتابت ڪندو رهيو. مگر هن کي انگلينڊ جي ڪليسئا جي ديني اصولن يا ليوٿر فرقي وارن، اهڙو متاثر نه ڪيو جهڙو جال ڪالون جي تعليم سرل ڪالويني مذهب کي يوناني ڪليسئا ۾ داخل ڪرڻ جي تمام سخت ڪوشش ڪئي ۽ هن ڪم ۾ جنيوا جي ڪالويني فرقي وارن هن جي ڏاڍي مدد ڪئي. انهن ڪالويني مذهب جي ڪتابن کي يوناني زبان ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ جنيوا مان هڪ نوجوان هوشيار ۽ ڪالويني مذهب جو ماهر ليجر (Leger) نالي قسطنطنيه ڏانهن روانو ڪيو. سرل کي قسطنطنيه ۾ پروٽيسٽنٽ سفارتخانن ۾ پڻ ڪيترا مددگار مليا ۽ خصوصن انگريزي ۽ ڊچ سفيرن تمام گهڻي فياضيءَ سان هن جي مالي مدد ڪئي. ٻئي پاسي وري يسوعي فرقي وارن ڪئٿولڪ مذهب جي سفيرن جي مدد سان سرل جي يوناني ڪليسئا کي ڪالويني مذهب ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جي هر ڪنهن طرح مخالفت ڪئي، انهن يوناني پادرين جي منصوبن جي پٺڀرائي ڪئي جن آخرڪار ڪالويني فرقن جي پيشوا (سرل لوڪارئس) کي قتل ڪرڻ جي سازش سٽي سرل 1629ع ۾ هڪ مذهبي اقرار نامو شايع ڪيو، جنهن جو خاص مقصد اهو هو ته آرٿوڊاڪس ڪليسئا جي اصولن کي عام ماڻهن اڳيان اهڙيءَ طرح ظاهر ڪيو وڃي، جو اهي رومن ڪئٿلڪ مذهب جي خلاف نظر اچن پر ڪنهن به طريقي سان پروٽيسٽنٽ مذهب جي تعليم سان مطابق رکندا هجن هن جان ڪالون جي تعليم مان تقدير جي مسئلن ۽ صرف ايمان ذريعي نجات حاصل ڪرڻ جي اصول کي اخذ ڪيو. سرل ڪليسئا جي معصوم هجڻ جو انڪار ڪيو. انجيل جي ترجمي ۾ ڪليسئا جي اختياريءَ کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ مورتن جي پوڄا جي سخت مذمت ڪئي. هن تقدير جي مسئلي ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين تي جيڪا روشني وڌي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن جو لاڙو آرٿو ڊاڪس ڪليسئا جي تعليم کان وڌيڪ ڪالون جي مذهب طرف هو انهيءَ مذهبي اقرار نامي جي اشاعت سڀني يوناني پادرين اندر مخالفت جو جوش برپا ڪري ڏنو ۽ سرل جي موت کان ڪجهه هفتن بعد هڪ مجلس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سرل جي خيالن کي سخت ننديو ويو ۽ هن جي لاءِ اهو پڌرو ڪيو ويو ته هو مردود هو. سنه 1642ع ۾ هڪ ٻي مجلس منعقد ڪرائي وئي. جنهن ۾ سرل جي مذهبي اقرار نامي جي هر هڪ فقري جي ترديد ڪئي وئي. سرل ۽ هن جي پوئلڳن تي هن طرح سخت ڦٽ لعنت ڪئي وئي: ”اسان سڀ يڪراءِ سان سرل جي سڄي اقرار نامي کي ننديون ٿا جو اهو اقرار نامو گمراهيءَ ۽ بي دينيءَ جي ڳالهين سان ڀرپور آهي ۽ اسان جي ڪليسائي تعليم جي بلڪل برعڪس آهي. اسان اهو پڻ ظاهر ڪريون ٿا ته سرل اسان جي مذهب جي ڪا به ڳالهه پاڻ وٽ نه ٿو رکي. هن محض ٺڳيءَ ۽ غلط بيانيءَ سان پنهنجي ڪالوني عقيدن کي اسان ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جيڪي به ماڻهو هن اقرار نامي کي پڙهن ٿا ۽ ان کي سچو ۽ بي عيب سمجهن ٿا ۽ پنهنجي تقرير ۽ تحرير ذريعي ان جي حفاظت ڪن ٿا، انهن سڀني کي اسان سرل جي بدعتي عقيدن جو پوئلڳ، شريڪ ۽ مسيحي ڪليسئا کي نقصان پهچائيندڙ سمجهي مؤمنن جي جماعت مان خارج ڪريون ٿا ۽ اهو حڪم ڏيون ٿا ته انهن سڀني کي ڪافر ۽ مرتدد سمجهيو وڃي پوءِ کڻي هو ڪهڙي به اعليٰ منصب يا درجي جا هجن. ڀلي ته انهن تي دائما خدائي لعنت هجي، ڀلي ته هو هن زندگيءَ ۾ ئي پيءُ (خدا) پٽ (مسيح) روح القدس (حضرت جبرئيل) ۽ ڪليسئا کان اڳ هجن ۽ موت کان پوءِ واريءَ زندگيءَ ۾ به هميشه واري عذاب ۾ گرفتار هجن.
سن 1672ع ۾ هڪ ٽين مجلس يروشلم ۾ انهيءَ مقصد لاءِ سڏائي وئي ته سرل واري مذهبي اقرار نامي جي مضمون جي وري ترديد ڪئي وڃي ۽ يوناني ڪليسئا کي انهن ماڻهن جي لڳايل تهمتن کان آزاد ڪيو وڃي جن اهو ظاهر ڪيو هو ته ان تي ڪالويي مذهب جو اثر پيل آهي.
مطلب ته يونان جي ڪليسئا کي پريٽيسٽنٽ مذهب ۾ تبديل ڪرڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي وئي هئي، سا بلڪل ناڪامياب ٿي. ڪالويني مذهب جا اصول يوناني ڪليسئا جي تعليم جي بلڪل برعڪس هئا. در حقيقت ان مذهب ۾ گهڻا اهڙا ديني مسئلا هئا، جيڪي آرٿو ڊاڪس ڪليسئا کان وڌيڪ اسلامي اصولن سان ٺهڪي ايندا هئا. انهن مسئلن متعلق ئي آرٿوڊاڪس ڪليسئا وارا مسلمانن سان اڪثر بحث مباحثو ڪندا رهندا هئا. ڪيترا اهڙا به عيسائي هئا. جيڪي مورتن جي پوڄا کي بريءَ نظر سان ڏسندا هئا ۽ پادرين جي حڪم بلڪه انهن جي وجود کي ئي تسليم نه ڪندا هئا ۽ ڪالويني مذهب جي انهن سخت خيالن جا ڏاڍا همدرد هئا، جي انجيل جي نئين عهدنامي (New Testaments) کان وڌيڪ، پراڻي عهدنامي old-testaments ۾ موجود هئا. اهڙن عيسائين پڪ سان عيسوي سترهين صديءَ جي يوناني ڪليسئا کان وڌيڪ اسلام اندر عمدي فضا ڏٺي هوندي. انهيءَ ڪري بغير ڪنهن شڪ و شبهه جي چئي سگهجي ٿو ته سترهين صديءَ جي نون مسلمانن مان گهڻا اهڙا مسلمان هوندا جن جو لاڙو پهريائين ڪالوني مذهب طرف هوندو ۽ انهن خيالن ڪري ئي هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڪليسائن کان منهن موڙي ويا اسان کي اڃا صحيح معلومات ميسر ٿي نه سگهي آهي ته سرل لوڪاريس جا پوئلڳ ڪيترا آهن ۽ يوناني ڪليسا تي ڪالوين جي مذهب جو ڪيتريقدر اثر پيو. يوناني پادرين پنهنجي ڪليسا جي شهرت کي هر ڪنهن حالت ۾ برقرار رکڻ چاهيو ٿي، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي ڪليسا جي سچائيءَ کي تمام گهڻي فخر ۽ ناز سان قائم رکيو ان کي بدعت ۽ گمراهيءَ کان پاڪ صاف ڪيو هو. هاڻي جڏهن انهن تي اهو الزام لڳايو ويو ته ڪالويني مذهب کان متاثر ٿيا آهن. تڏهن انهن ظاهر ڪيو ته سرل جي خيالن جي ڪير به پيروي ڪندڙ نه آهي، بلڪه هو پنهنجن خيالن ۾ اڪيلو آهي. پر حقيقت ۾ سرل جا پوئلڳ ضرور موجود هئا. سرل جي معتقدن جي مذهبي اقرار نامي کي هڪ مجلس ۾ منظور ڪيو ويو هو. جن ماڻهن سرل جي بدعتي خيالن جي پٺڀرائي ڪئي هئي، انهن کي قسطنطنيه جي مجلس ۾ (سنه 1633ع) ۽ جيروسلم جي مجلس ۾ (سنه 1672ع) ۾ سخت ننديو ويو. جيڪڏهن سرل جي خيالن جي پيروي ڪندڙ ڪو به ماڻهو موجود نه هو ته ٻيو دفعو مجلس جي ڪوٺائڻ جي ڪهڙي معنيٰ هئي؟ اسان کي سرل جي پوئلڳن مان ڪن ٿورڙن جا نالا هٿ آيا آهن. انهن مان هڪڙو اٿينس جي شهر جو مکيه پادري سافر نئوس (Sophronius) هو جيڪو رفارميشن (پروٽيسٽنٽ مذهب) جو سخت حامي هو ٻيو ماڻهو نيڪوڊيمس ميتاراس (Nicodemus Metaras) نالي هڪ ٻائو هو جنهن لنڊن مان هڪ ڇاپڻ جي مشن پاڻ سان گڏ آندي هئي ۽ ان جي ذريعي پنهنجا گمراهي پيدا ڪندڙ مذهبي رسالا ڇاپي پڌرا ڪندو هو. سرل کي انهيءَ ديني خدمت جي عيوض ڪنهن هڪڙي جڳهه جو مطران (Metro Poiitan) مقرر ڪيو ويو. ٽيون ماڻهو سرل جو هڪ دوست ڪوريداليوس (Corydaleus) نالي هڪ فيلسوف هو، جنهن ڪالويني مذهب جي تعليم ڏيڻ لاءِ قسطنطنيه ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو. ٻيو هڪ ماڻهو جرجاونس (Gerganos) نالي هڪ يوناني هو جنهن پنهنجي ملڪي ماڻهن ۾ ڪالول جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ هڪڙو سوالن جوابن ۾ ڪتاب ڇپايو. سرل جولاءِ سنه 1636ع ۾ جنيوا يونيورسٽيءَ ڏانهن هڪ خط روانو ڪيو، جنهن ۾ هن لکيو ته ليجر پنهنجي تقرير ۽ تحرير ذريعي گهڻن ئي کي ڪالويني مذهب ۾ آندو آهي. هن ٻيو هڪ خط ليجر کي موڪليو جنهن ۾ کيس لکيائين ته ڪانديا جي ٻيٽ ۾ هن پنهنجو اثر ڪهڙيءَ طرح قائم ڪيو
سرل جي جاءِ نشين (سرل ٻئي) کي جلاوطن ڪري، ڪارٽيج ڏانهن روانو ڪيو ويو، جتي سرل جي پوئلڳن هن کي گهوگهو ڏئي ماري ڇڏيو پارٿينيوس ٻيو، جو سنه 1644ع کان سنه 1646ع تائين قسطنطنيه جو پئٽرئارڪ هو، دل سان ڪالوين جي مذهب کي پسند ڪندو هو، پر ظاهر ظهور ماڻهن کي ڪالويني مذهب جي تعليم نه ڏيندو هو. تنهن هوندي به هن کي سندس ان مذهب سان دلچسپي هئڻ ڪري، پئٽرئارڪ جي عهدي تان لاهي، شهر نيڪالي ڏني وئي. هاڻي مٿي ڄاڻايل بيان مان ظاهر ٿيندو ته يقينن ڪالويني مذهب جو اثر تمام گهڻو ڦهليل هو، پر سرل جي دشمنن ان کي ايتريقدر تسليم ڪرڻ نٿي چاهيو.
جن عيسائين پنهنجي پيشوا سرل تي ملامت ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل مجلس جي حڪمن اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه نمايو، انهن ۾ سندن پاڙيسري مسلمانن جون ڳالهيون، يوناني پادرين جي مقابلي ۾ تمام گهڻيون هيون. انهيءَ سبب ڪري يوناني پادرين اهڙن عيسائين کي پنهنجي مذهب مان خارج ڪري ڇڏيو. اهو سچ آهي ته اسان وٽ ڪا به سچي ثابتي موجود نه آهي، جنهن سان چئي سگهجي ٿو ته ترڪيءَ ۾ ڪالويني مذهب جي اثر ڪري، اسلام آسانيءَ سان ڦهلجي ويو، مگر جنهن صورت ۾ ٻيو ڪو به سبب معلوم نٿو ٿئي، تنهن صورت ۾ اهو صحيح گمان ڪڍي سگهجي ٿو ته عيسوي سترهين صديءَ جي وچ ڌاري ڪثرت سان يوناني عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جو باعث ٻين سببن سان گڏ ڪالوين جي مذهب جو پڻ اثر هو. هيءُ اهو زمانو هو، جنهن ۾ وچولي ۽ هيٺين طبقي جي عيسائي نئو مسلمن جو تعداد ٻئي ڪنهن به زماني کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو.
نه رڳو پادري طبقي مان گهڻا ماڻهو مسلمان ٿيا، پر ڪيترن ڪليسئا جي اعليٰ ۾ اعليٰ عهديدارن پڻ اسلام قبول ڪيو. جهڙوڪ: روڊس (Rhodes) جو اڳيون مطران (Metropolitan) سنه 1676ع ۾ ڪارنٿ (Cornith) جي ماڻهن متعلق بيان ڪيو ويو آهي ته انهن مان هر روز ڪجهه نه ڪجهه عيسائي مسلمان ٿيندا رهندا هئا ۽ هڪ سال اڳ ۾ ٽي پادري اسلام قبول ڪري چڪا هئا..
سنه 1679ع ۾ هڪ مسلمان ٿيل عيسائي راهب جي موت جو واقعو تاريخ ۾ درج ٿيل آهي سلطان محمد چوٿين جي پٽ مصطفيٰ جي طهر جي موقعي تي تيرهن ڏينهن جي عام خوشيءَ واري عرصي اندر تقريبن ٻن سون عيسائين اسلام قبول ڪيو
ان کانسواءِ عيسائين جي مسلمان ٿيڻ جا ٻيا به بيشمار واقعا انهيءَ زماني جي تاريخ ۾ درج ٿيل نظر اچن ٿا. سنه 1663ع جي هڪ مورخ اهڙن عيسائين جي دل جو احوال، جن پنهنجو مذهب ڦٽو ڪري، اسلام قبول ڪيو، هن طرح بيان ڪيو آهي: ”جڏهن توهان ترڪن کي سندن روزمره واري زندگيءَ ۾ ملندا ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته هو خدا جي عبادت ڪن ٿا ۽ خدا جي تعريف جا گيت حضرت دائود ( جي مقدس ڪتاب زبور مان ڳائين ٿا. غريبن کي خيرات ڏين ٿا ۽ ٻيا به ڪيترا نيڪ ڪم ڪن ٿا. حضرت عيسيٰ () متعلق انهن جا خيال نهايت اعليٰ آهن ۽ انجيل کي تمام گهڻي ادب سان ڏسن ٿا. انهيءَ کان سواءِ ٻيو هي به معلوم ٿيندو ته هڪڙو گڏهه به بادشاهه کي تحفا، سوکڙيون ڏئي، ڪنهن علائقي جو پادري بڻجي سگهي ٿو، جو اوهان کي عيسوي مذهب جي تعليم ايتري گهڻي نه ڏيندو.
انهيءَ حالت معلوم ڪرڻ کان پوءِ ضرور اوهان جي دلين ۾ اهو خيال ڊوڙندو ته ترڪ ڏاڍا سٺا ماڻهو آهن ۽ انهن کي ضرور ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو. ان کان پوءِ اوهان پنهنجي متعلق پڻ سوچيندا ته جيڪر اسين به ترڪ ٿي، نجات جا مستحق بڻجون. جڏهن اوهان جي دلين جي حالت اها ٿيندي، تڏهن پڪ سان اوهان جي دلين مان پاڪ تثليٽ (holy Trinity) صليب تي چاڙهيل خدا جي پٽ (حضرت مسيح عليه السلام) ۽ ٻين ڪيترن ديني رازن جو خيال، جو روشن دماغ انسانن کان سواءِ ٻين جي نظرن ۾ هڪ فضول خيال آهي، آسانيءَ سان نڪري ويندو ۽ مسيحي دين جو جذبو اوهان جي دل ئي دل ۾ غير محسوس طريقي سان ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ اوهان سمجهندا ته عيسائي هجڻ يا مسلمان ٿيڻ هڪجهڙي ڳالهه آهي..
يوناني ڪليسئا جي عيسائين جي تعداد ۾ کوٽ پوڻ جو ٻيو سبب هي هو، جو ڪليسئا جي پادرين جي حالت، خصوصن انهن جي جيڪي اعليٰ درجو رکندڙ هئا، تمام خراب حد تائين وڃي پهتي هئي. انهن مان شرافت جو انگ بلڪل نڪري ويو هو. بشپن ۽ مکيه پادرين جا عهدا عام نيلام ڪيا ويندا هئا ۽ جيڪو به شخص سڀني کان وڌيڪ واڪ ڏيندو هو، ان کي اهو عهدو عطا ٿيندو هو. پوءِ لازمي طرح انهيءَ عهدي جو خريدار پنهنجي حلقي جي عيسائين مان مختلف قسمن جا محصول اڳاڙي، پنهنجي کوٽ جو پورائو ڪندو هو. بدنصيب عيسائين مٿان معمولي توڙي غير معمولي محصول مڙهيو ويندو هو ۽ انهن کي سڀني مذهبي ارڪانن لاءِ جهڙوڪ بپتسمه (aptism)، اقرار (Confession) عبشائي رباني ۾ شرڪت (Holy Communion)، سزا جي معافيءَ ۽ جنازي کي دفنائڻ وغيره لاءِ وڏين وڏين رقمن ادا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو هو.
ترڪي سلطانن جي حفاظت لاءِ هڪ پيدل فوج مقرر ٿيل هئي، جنهن ۾ عيسائي نوجوان ڀرتي ڪيا ويندا هئا. سلطان جي ڪمزوريءَ ڪري هن فوج تمام گهڻو زور ورتو. ڪيترن پادرين ۽ بشپن هن فوج سان اندروني طرح پنهنجا تعلقات قائم ڪيا. انهن پنهنجن عزيزن قريبن جا نالا ۽ پنهنجون گهرو ملڪيتون هن فوج جي هڪ پلٽڻ ۾ درج ڪرائي ڇڏيون هيون، انهيءَ لاءِ ته ماڻهن تي جيڪي زيادتيون ڪن، انهن جي وٺ پڪڙ کان کين ڇوٽڪارو ملي ۽ ان فوج جي سهاري ڪري، انهن کي سندن ڪيل ڪرتوتن جي سزا ملي نه سگهي. انهيءَ وقت جو هڪ عيسائي مورخ، جنهن يوناني پادرين جي ظلم جا اکين ڏٺا واقعا بيان ڪيا آهن، عيسائين جي تڪليفن ۽ مصيبتن جي نهايت دردناڪ تصوير پيش ڪري ٿو. سنه 1700ع ۾ مورخ تارن (Tauren Fort) هڪ نئين پئٽرئارڪ جي انتخاب جو بيان ڪندي، لکي ٿو ته ”اسان کي انهيءَ ۾ شڪ ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي ته نئون پئٽرئارڪ پنهنجي وقت جو تمام گهڻو فائدو وٺي ٿو. ڪليسئا جي عهدن جي خريد و فروخت بعد ظلم جي ابتدا ٿئي ٿي. پئٽرئارڪ پنهنجي عهدي تي چونڊجي اچڻ بعد سڀ کان اول هي ڪم ڪري ٿو جو پنهنجي علائقي جي سڀني پوپن ۽ پادرين کي سلطان جي حڪم کان آگاهه ڪري ٿو. ان کان پوءِ اهو معلوم ڪري ٿو ته هر هڪ پوپ جي صحيح آمدني ڪيتري آهي. پوءِ انهن مٿان محصول مقرر ڪري، انهن کي هڪ تحرير ذريعي حڪم ٿو موڪلي ته مقرر ٿيل محصول جي رقم هڪدم روانو ڪن، ورنه انهن جا علائقا نيلام ڪري سڀ کان وڌيڪ واڪ ڏيندڙ کي ڏنا ويندا. پوپ جيڪي اڳ ۾ ئي اهڙي واپار تي هريل هوندا آهن، اها محصول جي رقم پنهنجن نائبن مان وصول ڪندا آهن ۽ اهي وري اها چٽي پادرين مٿان مڙهيندا آهن. پادري وري پنهنجن علائقن ۾ رهندڙ عيسائين جو رت چوسيندا آهن ۽ جيستائين انهن کي اڳواٽ پئسو نه ملندو هو، تيستائين پاڪ پاڻيءَ جو هڪڙو قطرو به نه ڇٽڪاريندا آهن. جيڪڏهن اڃا به پئٽرئارڪ کي پئسي جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي ته پوءِ پئسن گڏ ڪرڻ جون اختياريون نيلام ڪري ڪنهن ترڪ کي ڏنيون وينديون هيون. جيڪو به ترڪ پئٽرئارڪ کي زياده ۾ زياده پئسا ڏيندو هو، ان کي يونان ۾ وڃي عيسائي پادرين وٽان پئسن وصول ڪرڻ جي اختياري ڏني ويندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن پادريءَ تي ويهن هزارن ڪرائون چٽي مڙهي ويندي هئي ته اهو ترڪ هن مان ٻاويهه هزار ڪرائون وصول ڪندو هو، جن مان ٻه هزار ڪرائون هن جي وصول ڪرڻ جي محنت جو اجورو هئا. انهن ٻن هزار ڪرائونن کان علاوه هن جي کاڌي پيتي وغيره جو خرچ انهيءَ حلقي جي ماڻهن کي ادا ڪرڻو پوندو هو. پئٽرئارڪ ٻول مطابق انهيءَ ترڪ کي اختياري ڏئي ڇڏيندو هو ته جيڪو به پادري هن رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ته پوءِ هو ان کي مذهبي فرضن ادا ڪرڻ کان روڪي سگهيو ٿي“ عيسائي پادرين جي متعلق هي بيان ڪيو وڃي ٿو ته هوپنهنجي علائقي جي عيسائين جي ننڍن ٻارن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا ۽ انهن کي غلام بڻائي وڪڻي ڇڏيندا هئا، انهيءَ لاءِ ته انهن کي ڪليسئا جي عهدن خريد ڪرڻ لاءِ پئسو حاصل ٿئي.
عيسوي سترهين صديءَ ۾ جيڪي ظلم ڪري ماڻهن مان پئسو وصول ڪيو ويو، انهيءَ جو مثال اسان کي موجوده صديءَ (اڻويهين صديءَ ۾) پڻ ملي ٿو. بوسينيا ۾ يوناني ڪليسئا جي عيسائين مٿان، آسٽريا وارن جي قبضي کان اڳ جيڪي ظلم ۽ سختيون ڪيون ويون، اهي تارن فور جي مٿي ذڪر ڪيل بيان کي وضاحت سان کولي ظاهر ڪن ٿيون. سرا جيوو جو مطران (Metro Pohitan Of sera Jevo) پنهنجي علائقي جي عيسائين مان هر سال ڏهه هزار پائونڊ وصول ڪندو هو. هيءَ رقم در حقيقت ترڪي گورنر جي تنخواهه کان ٻيڻي هئي ۽ايڏي وڏي رقم ويچارن بدنصيب عيسائين کي پيڙي انهن مان وصول ڪئي ويندي هئي. ترڪي آفيسرن کي حڪم مليل هو ته عيسائي پادرين کي محصول وصول ڪرڻ ۾ هر ڪنهن قسم جي مدد ڏين. جيڪڏهن ڪن ڳوٺن جي عيسائين پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪيو يا پادرين جي ايڏيءَ وڏيءَ طلب ڪيل رقم کي ادا ڪرڻ جي انهن ۾ طاقت نه هئي ته پوءِ انهن ڳوٺن جي حالت اهڙي ته تباه ۽ برباد ٿي ويندي هئي، جهڙي لڙائي فتح ڪرڻ کان پوءِ دشمن شهرن ۽ ڳوٺن جي ڪندو آهي جنهن صورت ۾ خود مذهبي پيشوائن، جن جو فرض هو ته پنهنجي عيسائين جي مال ۽ جان جي حفاظت ڪن، انهن تي اهڙا سخت ظلم شروع ڪيا ته انهيءَ حالت ۾ عيسائين کي جڏهن به ڪو مناسب موقعو ملي ويندو هو، تڏهن بغاوت برپا ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندا هئا.
هاڻي اسان کي اهو ٻڌي، ڪنهن به قسم جي حيرت نه ٿيندي ته گهڻائي عيسائي انهن ظلمن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام طرف هليا ويا
جيتوڻيڪ هيٺئين طبقي جي پادرين جي دامن اهڙن ظلمن کان پاڪ هئي، جيڪي سندن اعليٰ عملدار ڪندا هئا، تنهن هوندي به اهي پادري بلڪل جاهل ۽ ڄٽ هئا. تاريخي ڪتابن ۾ ائين بيان ڪيو ويو آهي ته عيسوي سترهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين سڄيءَ ترڪي سلطنت اندر مشڪل سان اهڙا ٻارهن عيسائي ملندا، جيڪي قديم يوناني ٻوليءَ جا پوريءَ طرح ماهر هئا. جيڪڏهن ڪو پادري صرف پڙهڻ ڄاڻندو هو ته هن جي لاءِ اها هڪ وڏي لياقت سمجهي ويندي هئي. جيتوڻيڪ انهن کي سندن نماز جي ڪتابن ۾ جيڪي لکيل هوندو هو، ان جي معنيٰ جي به خبر نه هوندي هئي..
جيتري قدر انهيءَ وقت جي عيسائي سوسائٽيءَ اندر خرابيون موجود هيون، اوتريقدر وري ترڪن جي زندگي خوبين سان ڀرپور هئي. عيسائي ڪليسئا جي رهبرن ۽ استادن جي ذليل زندگي جي مقابلي ۾ قديم ترڪن جي اعليٰ سيرت پڪ سان انهن صاف دل عيسائين جي دلين تي پنهنجو اثر ڄمايو هوندو، جن يوناني ڪليسئا جي اڳواڻن جي خود غرضيءَ، عهدن حاصل ڪرڻ جي شوق ۽ ظلم کان تنگ ٿي بغاوت کڙي ڪئي هئي.
عيسائي مصنفن اڪثر ترڪن جي تعريف لکي آهي ته انهن جي زندگي ديني شوق ۽ جوش جذبي سان ڀرپور هئي، پنهنجا ديني فرض تمام گهڻي چاه سان ادا ڪندا هئا. انهن جي پوشاڪ ۽ رهڻي ڪهڻي نهايت سادي ۽ گهڻي ادب حيا واري هئي. انهن جي وڏن ۽ بااثر ماڻهن جي زندگي پڻ سادي ۽ ظاهري ڏيک ويک کان پاڪ هئي.
سنه 65-1166ع ۾ شهنشاه ليوپولڊ پهرئين ترڪي سلطنت جي درٻار ۾ هڪ سفارت رواني ڪئي. انهيءَ سفارت اندر جيڪو مورخ هو انهيءَ خاص ڪري ترڪن جي دينداريءَ ۽ نهايت اهتمام ۽ احترام سان نماز ادا ڪرڻ جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي. هن ائين پڻ لکيو آهي ته:
”عيسائين کي شرم ڏيارڻ لاءِ اسان اهو ظاهر ڪرڻ ضروري ٿا سمجهون ته عيسائين جي مقابلي ۾ ترڪ پنهنجي مذهب جا سخت پابند آهن. انهن ۾ هيءَ ڳالهه ته عيسائين کان گهڻي ئي دفعا وڌيڪ آهي ته نماز وقت ڪنهن به ترڪ جو توجهه ٻئي ڪنهن شيءِ طرف نه ٿو ڇڪجي وڃي. ڪو به اهڙو مسلمان نظر نه ايندو جو پنهنجي موليٰ جي عبادت ۾ مڪمل طرح مشغول ۽ منهمڪ نه هجي ۽ عبادت وقت هن ۾ اهي سڀئي ادب ۽ تعظيم جون نشانيون نظر نه اينديون هجن جن جو پيدا ڪرڻ هڪ انسان کي پنهنجي خالق لاءِ نهايت ضروري آهي.
ترڪي فوج جي هلت چلت جي پڻ اهڙي ئي تعريف ڪئي وئي آهي، جنهن جي هوءَ لائق هئي. چارلس ٻئي جيڪا سفارت سلطان جي خدمت ۾ موڪلي، ان جي سيڪريٽريءَ اسان کي ٻڌايو ته جنهن به شهر مان ترڪي فوج لنگهندي هئي، انهيءَ شهر جي ماڻهن کي ترڪي سپاهين خلاف ڪا به شڪايت نه هوندي هئي، ته انهن ڪڏهن به ڪو انهن جو مال ڦريو يا انهن جي عورتن جي بي حرمتي ڪئي. فوج جي گذر واري رستي تي جيڪي به شراب جا دڪان هوندا هئا، سي فوج جي پهچڻ کان ٻه يا ٽي ڏينهن اڳ بند ڪيا ويندا هئا ۽ انهن کي سيل ڪيو ويندو هو. ان کانسواءِ انهن دڪانن جي مالڪن کي اڳيئي چتاءُ ڪيو ويندو هو ته جيڪڏهن ڪنهن به ترڪي سپاهين کي شراب وڪيو ته هن کي موت جي سزا ڏني ويندي.
ڪيترن اهڙن عيسائي مصنفن پڻ ترڪن جي خوبين جي تعريف ڪئي آهي، جــــــن کـــــــي در حــــقـــيـــقـــــت تـــــــــرڪن ســـــان ڪـــــــا بـه محبت نه هئي. هڪڙو عيسائي مصنف. جنهن جي دل ۾ اسلام لاءِ نفرت ويٺل هئي، ان پڻ ترڪن جي هن طرح تعريف ڪئي آهي: ”قرآن (شريف) جي گندگيءَ ۾ (نعوذ باالله) پڻ اوهان کي عيسائي خوبين سان جڙيل هيرا نظر ايندا. جيڪڏهن عيسائي مسلمانن جي ديني اصولن ۽ انهن جي تاريخ جو گهڻي ئي محنت سان مطالعو ڪن ۽ ان تي غور ڪن ته هوند انهن کي اهو معلوم ڪري شرم اچڻ گهرجي ته مسلمان ڪيتري قدر پنهنجي عبادت، پرهيزگاريءَ ۽ خيرات ڏيڻ ۾ سچا آهن. هو مسجدن ۾ ڪيتريقدر عبادت گذار، پاڪ صاف ۽ باادب نظر اچن ٿا. پنهنجي عالمن جي ايتري قدر ته فرمان برداري ڪن ٿا، جو وڏي ۾ وڏو ترڪ به مفتيءَ جي صلاح کانسواءِ ڪوبه ديني ڪم نه ٿو ڪري سگهي. ڪيتري قدر نه پابنديءَ ۽ فڪرمنديءَ سان رزانو پنج وقت نماز ادا ڪن ٿا، چاهي هو ڪٿي به هجن ۽ ڪهڙي به اهم ڪم ۾ رڌل هجن. ڪهڙيءَ طرح هو سارو مهينو ساندهه صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين روزو رکن ٿا. مسلمان پنهنجا پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا ڪيتري قدر خواهان ۽ همدرد آهن. انهن جيڪي اسپتالون غريبن ۽ مسلمانن لاءِ بڻايون آهن، تن مان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مسلمانن کي غير مذهب وارن جو پڻ ڪيتري قدر خيال آهي. جڏهن انهن جي انصاف انهن جي پرهيزگاريءَ ۽ انهن جي نيڪ اخلاقيءَ کي ڏسون ٿا ته اسان کي پنهنجن ڪمزورين تي شرم ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته اسين خدا جي عبادت ڪرڻ ۽ خيرات ڏيڻ ۾ ڏاڍا سست آهيون. بي انصاف، بدڪار ۽ ظالم آهيون. بيشڪ حساب ڪتاب جي ڏينهن مسلمانن کي اسان جي خلاف کڙو ڪيو ويندو ۽ پڪ سان اسلام جي ترقيءَ جو مکيه سبب مسلمانن جو ايمان، انهن جي تقويٰ ۽ انهن جي رحمدلي آهي.“
موجوده زماني جي هڪ مورخ پڻ ساڳي راءِ قائم ڪئي آهي. هو لکي ٿو ته: ”اسان کي گهڻائي اهڙا اعليٰ دماغ ۽ اعليٰ سيرت يوناني ملن ٿا. جي جيتوڻيڪ ٻاراڻي اوستا ۾ خراجه طور وصول ٿي، سلطان جي سايه هيٺ زندگي گذارڻ کان بچي ويا هئا، تنهن هوندي به انهن کي مسلمانن جي برتريءَ جو ايتري قدر ته احساس ٿيو، جو انهن پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو. عيسوي پندرهين صديءَ ۾ عيسائين جي ڪافي تعداد پنهنجو اصلوڪو مذهب ترڪ ڪري، اسلام قبول ڪيو. انهيءَ مذهبي تبديليءَ جو سبب جهڙيءَ طرح ڪن خاص خاص فردن جي ذاتي خواهش بيان ڪيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ترڪي سوسائٽيءَ جي اخلاقي برتريءَ کي پڻ ضرور عيسائين جي مذهبي تبديليءَ جو باعث ٺهرائڻ گهرجي.“
موجوده زماني (اوڻيهين صدي) جا جيڪي ماڻهو ترڪي طاقت جو تنزل ۽ ترڪي سلطنت مان ملڪن جو نڪري وڃڻ ڏينهون ڏينهن ڏسي رهيا آهن ۽ ترڪي حڪومت لاءِ لڳايل لقب ”بيمار“ آدمي جي ٻڌڻ جا عادي ٿي ويا آهن ۽ انهن کي خاطري ٿي وئي آهي ته اها سلطنت جلد ئي ختم ٿي ويندي، اهڙن ماڻهن لاءِ اها ڳالهه سمجهڻ تمام مشڪل آهي ته عثمانيه سلطنت (Ottoman Empire) پنهنجي اوج واري زماني ۾ يورپ اندر ڪيتريقدر پنهنجو اثر قائم ڪيو. ترڪن جي تڪڙي ۽ عام جام ملڪن فتح ڪري، يورپ جي ماڻهن جي دلين ۾ هراس ۽ حيرت جي لهر ڊوڙائي ڇڏي. عيسائي حڪومتون هڪٻئي پٺيان ترڪن جي هٿن ۾ اينديون ويون. بلغاريه، سرويا، بوسينيا ۽ هنگريءَ جي عيسائي رياستن هڪٻئي پٺيان پنهنجي آزادي ترڪن جي حوالي ڪري ڇڏي. وينس جي مغرور جمهوري حڪومت کي پڻ ڏسڻو پيو ته سندس ملڪ هڪ ٻئي پٺيان کسبا وڃن، ايتريقدر جو وينس جو جهنڊو جنهن تي سينٽ مارڪ جو شينهن اڪريل هو، صرف ائبرياٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي ڦڙڪڻ لڳو. اوترئنتو (Ottranto) شهر جي فتح ٿي وڃڻ بعد خود روما جي شهر جي سلامتي خطري ۾ پئجي وئي. پندرهين ۽ سورهين صديءَ جون تاريخون اهڙن خوفناڪ پيشنگوئين سان ڀريون پيون آهن ته جيڪڏهن ترڪن جي وڌندڙ طاقت کي نه روڪيو ويو ته سڄي عيسائي يورپ جي قسمت خطري ۾ آهي. ترڪن متعلق مشهور ڪيو ويو ته هو يا ته خدا جي هٿ جو چهبڪ آهن، انهيءَ لاءِ ته گنهگار ۽ توبہ ٽوڙيندڙ ماڻهن کي سزا ڏين يا ته هڪ شيطاني قوت آهن، انهيءَ لاءِ ته مذهب جي ڪوڙي ويس ۾ مسيحي دين جو خاتمو آڻين. پر سڀ کان وڌيڪ غور طلب ڳالهه هيءَ آهي ته ڪيترن عيسائين جي دلين ۾ خودبخود هي سوال پيدا ٿيو ته ڇا اهو ممڪن آهي ته خدا تعاليٰ بغير ڪنهن معقول سبب جي مسلمانن کي ايتريقدر بي انداز تعداد ۾ ترقي ڏيندو وڃي؟ ڇا اها ڳالهه سمجهڻ ۾ اچڻ جهڙي آهي ته هيترا لکين انسان اسلام قبول ڪري، هڪ شخص وانگر مردُود ٿي سگهن ٿا؟ (نعوذبالله).
ايترا بيشمار ماڻهو ڪيئن هڪ سچي دين جي مخالفت ڪري سگهن ٿا؟ جنهن صورت ۾ حق ناحق جي مقابلي ۾ وڌيڪ قوت رکندڙ آهي ۽ حق سان سڀئي ماڻهو محبت رکندڙ ۽ ان کي وڌيڪ چاهيندڙ آهن. انهيءَ حالت ۾ اهو ناممڪن آهي ته ڪو هيترا انسان حق جي خلاف جهڳڙو ڪندا هوندا. جيئن ته خدا هميشه حق جو حامي آهي ۽ ان کي هميشہ قائم رکندو آيو آهي. پوءِ ڪهڙيءَ طرح اهڙا ماڻهو حق جي مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهندا؟ جيڪڏهن اسلام جو بقا ڪمزور ۽ غلط بنياد تي هجي ها ته پوءِ ڪهڙيءَ طرح اهو مذهب ايتري حيرت انگيز ترقي حاصل ڪري سگهي ها.
مطلب ته اهڙي قسم جي خيالن جو ترڪي حڪومت اندر رهندڙ عيسائين جي دلين تي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ خاص طرح انهن بدنصيب عيسائين غلامن جي دلين تي ته اڃا به وڌيڪ اثر ٿيو، جيڪي ڪيترن سالن کان غلاميءَ جي زندگي گذاريندا ٿي آيا ۽ جن کي انهيءَ غلاميءَ مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجين مصيبتن جي گهٽجڻ جي ڪا به اميد نه هئي. ڇا اسان کي هڪڙي عيسائي غلام جو اهڙي قسم جو واقعو معلوم ڪري، حيرت لڳي سگهي ٿي؟ هو پنهنجو پاڻ کان پڇي ٿو ته: ”يقينن جيڪڏهن خدا جنهن جي دين جي تون دعويٰ ڪندڙ آهين، ان مان خوش هجي ها ته پوءِ هو توکي ڪڏهن به هن بيڪسيءَ جي حالت ۾ نه ڇڏي ها، بلڪه هو توکي آزادي حاصل ڪرڻ ۾ ۽ پنهنجي اصلوڪي دين تي واپس اچڻ ۾ ضرور تنهنجي مدد ڪري ها. پر هاڻي جڏهن خدا تنهنجي آزاديءَ جو هر هڪ رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن شايد هن جي خود اها خواهش آهي ته پنهنجي موجوده دين کي ڇڏي، اسلام قبول ڪر ۽ اسلام ۾ ئي پنهنجي نجات حاصل ڪر.“
هي مٿي ڄاڻايل خيال هڪ عيسائي غلام جو آهي، جنهن پنهنجو واقعو خود بخود بيان ڪيو آهي ته ڪيترن ئي سالن جي گذرڻ کان پوءِ به غلاميءَ مان هن کي آزادي نصيب نه ٿي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ساڳئي قسم جي خيالن بدقسمتي عيسائي قيدين کي پڻ مجبور ڪيو هوندو ته پاڻ کي پنهنجي اصلوڪي مذهب جي ٻنڌڻن مان آزاد ڪرائي، اسلام قبول ڪن. عام طرح اها غلط خبر مشهور ٿيل آهي ته مسلمان غير مذهب وارن کي اختيار ڏيندا هئا ته قرآن (شريف) کي قبول ڪريو يا تلوار هٿ ۾ کڻو. جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح هجي ها ته پڪ سان گهڻائي عيسائي پنهنجي دين خاطر وڙهي پنهنجي جان قربان ڪري، شهادت جو درجو حاصل ڪن ها. پر انهن کي اهڙيءَ طرح شهادت حاصل ڪرڻ جو موقعو نه مليو. انهيءَ ڪري اهي عيسائي سالن جا سال غلاميءَ ۽ قيد ۾ رهڻ ڪري، مسلمانن جي خيالات ۽ عمل کان متاثر ٿيندا ويا ۽ آخرڪار مسلمانن جي انسانيت واري سلوڪ انهن عيسائين کي انهيءَ وقت اندر اسلام ۾ آندو، جنهن وقت ڪو به زور زبردستي انهن تي اثر نه ڪري سگهي ها. جيتوڻيڪ عيسائي قيدين جي حالت قابل رحم هئي ۽ اهي عيسائي غلام جيڪي ترڪن جي گهرن ۾ خانگي نوڪرن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندا هئا، انهن جي حالت ڪجهه قدر بهتر هئي، تڏهن به انهن قيدين ۽ غلامن جي حالت يورپ جي ٻين ملڪن اندر خانگي ڪم ڪندڙ نوڪرن کان وڌيڪ خراب نه هئي. اسلام اندر غلاميءَ متعلق جاري ٿيل قانون غلامن سان ٿيندڙ سختين کي اڳ ۾ ئي بند ڪري ڇڏيو هو. تنهن هوندي به ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ترڪيءَ ۾ غلامن تي ايترو ظلم ۽ سختيون نه ٿينديون هيون، جيڪي اتر آفريڪا جي قزاقي سامونڊي ڦورن جي رياستن اندر جاري هيون. حڪومت اندر غلامن کي ٻين آزاد شهرين وانگر پنهنجا حق مليل هئا.جيڪڏهن ڪنهن غلام تي سندس مالڪ سختي ڪئي ته هن کي اهو حق حاصل هو ته پنهنجي مالڪ کي قاضيءَ اڳيان حاضر ڪرائي جيڪڏهن غلام قاضيءَ اڳيان اها شڪايت ڪئي ته هن جي ۽ سندس مالڪ جي طبيعت ايتريقدر ته هڪٻئي جي مخالف آهي، جو ٻنهي جو صلح ٿيڻ ناممڪن آهي ته انهيءَ حالت ۾ قاضي مالڪ کي غلام وڪڻي ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪري سگهيو ٿي.
عيسائي قيدين ۽ غلامن جي حالت ماحول ۽ وقت مطابق بدلبي رهندي هئي ۽ ان جو مدار انهيءَ ڳالهه تي پڻ هوندو هو ته غلامن اندر سختين برداشت ڪرڻ جو مادو ڪيتريقدر موجود هو. وڏي عمر وارن پادرين، راهبن ۽ شريف خاندان مان آيل غلامن کي گهڻيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون هيون. باقي جيڪي غلام حڪمت جو ڪم يا ٻيو ڪو هنر ڄاڻندڙ هئا، تن جي حالت سٺي هوندي هئي. انهن سان سندن مالڪ جو سلوڪ وڌيڪ سٺو هوندو هو. ڇاڪاڻ ته جيڪو به پئسو انهن تي خرچ ڪيو ويندو هو، سو انهن جي هنر يا حڪمت مان وصول ٿي ويندو هو. ٻيڙيون ۽ جهاز هلائيندڙ غلامن جي حالت لازمي طرح سڀني کان وڌيڪ سخت هئي، ڇاڪاڻ ته انهن جو پيشو خود اهڙو سخت هو، جو انهن سان حد درجي جو سٺو سلوڪ ۽ مهرباني ڪرڻ جي باوجود به انهن تان سندن ڌنڌي جي سختي دور ٿي نٿي سگهي
اسلامي قانون مطابق عيسائي غلامن ۽ قيدين کي پنهنجي مذهب جي پيروي ڪرڻ جي پوري آزادي مليل هئي. قسطنطنيه جي سرڪاري قيد خانن ۾ عيسائي قيدين لاءِ سندن ئي مذهب جا پادري مقرر ٿيل هئا ۽ انهن لاءِ الڳ ديولون ٺاهيون ويون هيون. پادرين کي اهو پڻ حڪم مليل هو ته جهازن ۾ ڪم ڪندڙ غلامن کي وقت بوقت مذهبي دلداريون ڏيندا وڃن.
جن عيسائي غلامن اسلام قبول ڪيو، انهن جو تعداد تمام گهڻو هو. ڪي ڪي اهڙا واقعا تاريخن ۾ بيان ٿيل آهن ته انهن غلامن کي پنهنجي اصلوڪي مذهب کي ترڪ ڪرڻ لاءِ ڊيڄاريو ويو ۽ انهن تي ڪجهه سختيون ڪيون ويون، پر عام طرح هيءُ قاعدو هو ته مالڪ پنهنجن غلامن کي دين تان دست بردار ٿيڻ لاءِ ڪو ورلي مجبور ڪندا هئا البته غلاميءَ جي شروع زماني ۾ انهن کي گهڻي قدر مجبور ڪيو ويندو هو ته اسلام قبول ڪن، پر ان بعد انهن کي ڇڏي ڏيندا هئا ته ڀلي پنهنجي مذهب جي پيروي ڪن. انهيءَ ڪري گهڻن عيسائي غلامن پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو، جنهن صورت ۾ عيسائي سفيرن جي دلين ۾ روز بروز اهو کٽڪو پيدا ٿيندو ويو ته متان انهن جا خود هم وطني عيسائي جيڪي خانگي نوڪريءَ جي حيثيت ۾ انهن سان گڏ قسطنطنيه ۾ آيا هئا، ترڪ بڻجي وڃن ته انهيءَ حالت ۾ هيءَ ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي ته اهي عيسائي غلام جن کي پنهنجي وطن واپس ڪرڻ جي ڪا به اميد نه هئي ۽ جن پنهنجي ماحول ۾ ڪا به اهڙي شيءِ نه ڏٺي جا انهن جي اصلوڪي دين کي مضبوط ڪري ۽ ان دين جي تعليم کي جاري رکي سگهي، ضرور اهي اسلامي ڳالهين کان متاثر ٿيا هوندا، جيڪي هر وقت انهن جي اڳيان موجود هيون انهن نئين دين ۽ نئين سوسائٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پنهنجي اڳيان ڪا به رڪاوٽ محسوس نه ڪئي. عيسوي سترهين صديءَ جي هڪ انگريز مصنف انهن عيسائين متعلق هن طرح لکيو آهي ته: ”انهن عيسائين مان ڪي ٿورا اهڙا هوندا جي پنهنجي وطن واپس آيا هجن ۽ انهن کان به گهٽ اهڙا عيسائي هوندا، جن کي پنهنجي اصلوڪي دين تي، جنهن جي انهن کي تعليم مليل هئي، قائم رهڻ جي جرائت ٿي هجي. انهن عيسائين کي پنهنجي دين جي تعليم بلڪل معمولي مليل هئي ۽ انهن کي پنهنجي دين جي بنيادي اصولن جو علم تمام گهٽ هو. انهيءَ ڪري ڪن عيسائين پنهنجي بي صبريءَ ۽ غلاميءَ جي تڪليفن کان ڊڄي ترڪن جو مذهب اختيار ڪيو.
باقي ٻيا عيسائي زندگيءَ جي انهن خوشين ۽ لذتن تي موهت ٿي پيا، جيڪي اسلام ۾ قانونن جائز هيون انهن محسوس ڪيو ته پنهنجي مذهب بدلائڻ سان انهن جي حالت اڳئين کان وڌيڪ بهتر ٿيندي، جڏهن انهن کي پنهنجي ڇوٽڪاري جي ڪا اميد نظر نه آئي، تڏهن انهن پنهنجي نجات بخشيندڙ (حضرت مسيح عليه السلام) ۽ عيسائيت تان هٿ کنيو. انهن جلد ئي پنهنجي اصلي وطن کي وساري ڇڏيو ۽ هاڻي اهي ترڪيءَ ۾ غير ملڪي نه ٿا لڳن، بلڪه ترڪيءَ جا اصلي باشندا معلوم ٿين ٿا.“
عيسائي غلامن جو پنهنجو مذهب تبديل ڪري اسلام قبول ڪرڻ جو مدار انهن جي ذاتي حالتن ۽ مختلف طبيعتن تي رکي ٿو. هڪ گمنام عيسائي مصنف جنهن جي حوالن کي اسان اڪثر مٿي بيان ڪيو آهي، ڪافي وقت تائين ترڪيءَ ۾ مسلمانن جو غلام ٿي رهيو هو. انهيءَ ڪري هن کي عيسائي غلامن جي صحيح حالت جي چڱيءَ طرح خبر هئي. هن مصنف عيسائي غلامن کي ٽن درجن ۾ ورهايو آهي. پهرئين درجي ۾ اهي عيسائي غلام آهن، جن پنهنجي زندگي سادي نموني ۾ گذاري ۽ پنهنجن مالڪن جي مذهب سکڻ طرف ڪجهه به توجهه نه ڏنو. انهن پنهنجي لاءِ اها معلومات ڪافي سمجهي ته ترڪ ڪافر آهن (نعوذ بالله)، انهيءَ ڪري جيتري قدر قيد جي حالت ۽ غلاميءَ جون تڪليفون انهن کي اجازت ڏينديون هيون، اوتريقدر هو ترڪن ۽ ترڪن جي دين کان پري ڀڄندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن کي خوف ٿيندو هو ته متان پنهنجين غلطين ڪري گمراهه ٿي وڃون، عيسائي غلامن جو اهو طبقو جيتريقدر انهن کان بچي سگهيو، اوتريقدر پنهنجي مسيحي دين تي محڪم رهيو. ٻئي قسم جا اهي عيسائي غلام هئا، جن جي دلين ۾ ترڪن جي ڪارگذارين معلوم ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. خدا جي مدد سان انهن کي ترڪن جي راز معلوم ڪرڻ جو ڪافي وقت مليو ۽ انهن کي ترڪن جي حالات معلوم ڪرڻ جي ڪافي سمجهه عطا ٿي ۽ اهو عقل عنايت ٿيو، جنهن سان هو ترڪن جي مذهب جو مطلب سمجهي سگهن. انهيءَ ڪري اهي عيسائي نه صرف آزمائش مان صحيح و سلامت ٻاهر نڪري آيا پر پنهنجي مسيحي دين کي پڻ تقويت پهچايائون. ٽئين قسم جا عيسائي غلام اهي آهن، جن مسلمانن جي مذهب جو مطالعو بغير ڪنهن سوچ سمجهه جي ڪيو. اسلام جي تهه تائين نه ڪي هو پهچي سگهيا ۽ نه ڪي ان جو مطلب سمجهي سگهيا. انهيءَ ڪري اهي ٺڳجي ويا. ترڪن جي غلط ڳالهين کي حقيقت سمجهي پنهنجو دين ايمان وڃائي ويهي رهيا ۽ مسلمانن جو ڪوڙو مذهب (نعوذ بالله) قبول ڪيائون. ائين ڪرڻ سان انهن نه رڳو پنهنجي مٿان تباهي ۽ بربادي آندي، مگر ٻين جي حق ۾ پڻ خراب ثابت ٿيا، اهڙن عيسائين جو تعداد بيشمار آهي
ڪن مصنفن اهو بيان ڪيو آهي ته اسلام قبول ڪرڻ سان عيسائي غلام کي آزاد ڪيو ويندو هو مگر ائين صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته آزاديءَ جو ڏيڻ نه ڏيڻ مالڪ جي مرضيءَ تي منحصر هو. البته مسلمان مالڪ پنهنجن غلامن سان اهڙو وعدو ڪندا هئا ته اسلام قبول ڪرڻ جي حالت ۾ بغير ڪنهن پئسي ڏيڻ جي انهن کي آزاد ڪيو ويندو ٻئي طرف وري مسلمان انهن غلامن کي به مفت ۾ آزاد ڪري ڇڏيندا هئا، جيڪي پنهنجي عيسائي دين تي محڪم هوندا هئا. بشرطيڪه انهن پاڻ کي هڪ وفادار ۽ نمڪ حلال نوڪر ثابت ڪيو هجي. نه رڳو انهن کي آزادي ڏيندا هئا، پر انهن کي ڪجهه سامان به ميسر ڪري ڏيندا هئا ته جيئن پيرسنيءَ جي حالت ۾ گذارو ڪري سگهن
عيسائي غلامن کانسواءِ ٻيا به گهڻا اهڙا آزاد عيسائي هئا، جن انهن غلامن وانگر پاڻ کي اصلوڪي ماحول ۽ سوسائٽيءَ کان الڳ ڪيو ۽ پاڻ کي پراڻي قسم جي پابندين کان آزاد سمجهي هڪ اهڙيءَ سوسائٽيءَ اندر داخل ڪيو، جا مذهبي ۽ سوشل خيالن ۾ هڪ بلڪل نئين نموني جي هئي. عيسوي پندرهين صديءَ ۾ عيسائي مزورن ۽ ڪاسبين جا ٽولن جا ٽولا پنهنجي روزگار جي تلاش ۾ فتح ٿيل ملڪن مان نڪري، ائڊريانوپل ۽ ٻين ترڪي شهرن ۾ اچي رهيا هئا. مسلمانن جي ترغيب تي اهي عيسائي اتي آباد ٿي ويهي رهيا ۽ آسانيءَ سان اسلام قبول ڪيائون ساڳي حالت انهن عيسائي خاندانن جي ٿي، جن کي سلطان محمد ٻئي يورپ جي کٽيل ملڪن مان ڪڍي، ايشيا مائينر ڏانهن روانو ڪيو. انهن خاندانن جا ماڻهو به آهستي آهستي اسلام قبول ڪري، مسلمان رعيت ۾ اهڙيءَ طرح ملي ويا، جهڙيءَ طرح ”آرميني قوم (Armenians) جي ماڻهن ڪيو، جن کي فارس جي بادشاهه عباس پهرئين (سنه 1587-1629ع) ايران ۾ آندو هو. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هن قوم جي ماڻهن جو گهڻي ۾ گهڻو تعداد ٻي پيڙهيءَ ۾ ئي مسلمان ٿي ويو.
هيٺين صفحن ۾ آلبينيا، سرويا، بوسينيا ۽ ڪريٽ جي عيسائي قومن ۾ ڪهڙيءَ طرح اسلام ڦهليو، ان جو تفصيلوار احوال ڏيڻ جو خيال آهي. ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن مان هر هڪ ملڪ جي تاريخ ترڪن جي فتح بعد اشاعت اسلام جي تاريخ ۾ ڪي خاص دلچسپ واقعات بيان ڪري ٿي. آلبينيا جي قوم سواءِ انهن ماڻهن جي، جن جون بيٺڪون يونان ۾ آهن، باقي سڄي قوم انهيءَ جابلو ملڪ ۾ آباد آهي، جيڪو ائڊرياٽڪ سمنڊ جي اڀرندي ڪناري تي مانٽنيگرو (جبل اسود) (Montenegro) کان وٺي ارتاتڪ کاريءَ (Gulf Of Arta) تائين ڦهليل آهي. هيءَ قوم يورپ جي قديم ۾ قديم ۽ خالص ملڪي قومن مان هڪ قوم آهي. ۽ آرين نسل جي پلاسجڪ (Pelasgic) شاخ مان آهي. انهن جو ملڪ پهريائين سلطان بايزيد پهرئين عيسوي پندرهين صديءَ جي اوائلي حصي ۾ فتح ڪيو. جارج ڪاستريوت (george Castriot) جي سرڪردگيءَ ۾، جنهن جو اسلامي نالو سڪندر بيگ مشهور آهي، آلبينيا ٿوري وقت لاءِ خود مختياري حاصل ڪئي. جارج اڃان ڇوڪرو هو ته سندس پيءُ جو ايپيرس (Epirus) جو خودمختيار حاڪم هو، هن کي سندس ٻين ٽن ڀائرن سان گڏ محصول جي رقم ادا ڪرڻ تائين ضمانت طور ترڪن جي حوالي ڪري ڇڏيو. جارج جو ختنو ڪرايو ويو ۽ سلطان جي خصوصي نظر عنايت سان هن جي تربيت مسلمانن جهڙي ڪئي وئي. سلطان هن کي پنجن هزارن ترڪي سوارن جو سردار مقرر ڪيو. هن جي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ سلطان هن جي ٽنهين ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ ايپيرس جو ملڪ پنهنجي قبضي ۾آندو. سلطان جو خيال هو ته سڪندربيگ هنجي مهربانين ڪري پوريءَ طرح هن جو خير خواهه هوندو، پر هي آلبيني نوجوان انتقام وٺڻ لاءِ تيار ويٺو هو. هن اسلام جي دعويٰ ڦٽي ڪري، ترڪي فوجن جو ٽيويهن سالن تائين نهايت سخت ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو. سنه 1467ع ۾ سڪندر بيگ جي مرڻ کان پوءِ ترڪن وري آلبينيا تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. ڪاسترويت خاندان جي گاديءَ جو هنڌ ڪرويا (Krola) يارهن سالن جي ڪوششن کان پوءِ ترڪن جي هٿ ۾ آيو. انهيءَ وقت کان وٺي، تاريخ ۾ ڪو به اهڙو بيان نظر نه ٿو اچي ته ڪو آلبينيا جي سڄي ملڪ ملي، باقاعدي ترڪن جو مقابلو ڪيو. باقي ملڪ اندر هيڏانهن هوڏانهن ڪجهه بغاوتون ٿينديون رهنديون هيون ۽ مڪمل طرح سڄو ملڪ ترڪن جي قبضي ۾ ڪڏهن به نه رهيو. سامونڊي ڪناري تي ڪجهه شهر گهڻي وقت تائين مقابلو ڪندا رهيا. درازو (Durazo) جو شهر سنه 1501ع ۾ ترڪن جي هٿ هيٺ آيو. باقي انتيواري (Antivari) جي شهر جو آلبينيا جي سامونڊي ڪناري تي بلڪل ڏکڻ طرف واقع هو، سنه 1517ع کان اڳ آڻ نه مڃي. جن شرطن تي انتيواري جي شهر صلح ڪيو، سي هي هئا، ته شهر جي اندر ساڳيا اصلوڪا قاعدا قانون رهندا ۽ عدالتي سرشتو پڻ ساڳيو رهندو. شهر جي ماڻهن کي سندن عيسائي مذهب جي آزاديءَ سان کليءَ طرح پيروي ڪرڻ جي اجازت هوندي. ديولن ۽ گرجائن کي ڪو به نقصان نه پهچايو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو خراب حالت ۾ هوندو ته ان جي وري نئين سر تعمير ڪرائي ويندي. شهر جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيتن جا مالڪ رهندا ۽ انهن تي جيڪو اڳ ۾ ئي محصول مقرر ٿيل هو، ان کان وڌيڪ ڪجهه به انهن تي نه مڙهيو ويندو.
ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ترڪن جي حڪومت اندر آلبينيا جا ماڻهو هميشہ نيم خودمختياريءَ جي حالت ۾ رهيا. انهن جا ڪيترا قبيلا ته اهڙي نموني ئي آزاد رهيا، جهڙا ترڪن جي فتح کان اڳ هئا.
جيتوڻيڪ اهي سلطان جا تابعدار هئا، تنهن هوندي به ترڪي آفيسرن جي ملڪ جي اندروني انتظام ۾ دست اندازي برداشت نه ڪندا هئا. هن ڳالهه جي مڃڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ترڪي حڪومت ڪنهن به اهڙي ماڻهوءَ کي آلبينيا جو گورنر مقرر ڪري نه سگهندي هئي يا انهيءَ عهدي تي ڪنهن به اهڙي ماڻهوءَ جي مقرريءَ کي بحال ڪري نه سگهندي هئي، جيڪو ان ملڪ جو باشندو نه هو ۽ هن اڳيئي فوجي طاقت ذريعي پنهنجي حڪمت عمليءَ يا ٻين ڪن لاڳاپن ذريعي پنهنجو اثر قائم نه ڪيو هو انهن اندر قومي غرور ايتري قدر ته گهڻو هو جو موجوده قوت ۾ به جيڪڏهن ڪنهن آلبينيءَ کان پڇيو ويندو ته تون ڪير آهين؟ ته هو پهريائين پاڻ کي اسڪيپيتار (ڪوهستاني) سڏائيندو ۽ پوءِ چوندو ته آءٌ عيسائي آهيان يا مسلمان. هن قسم جي مضبوط قومي خيال آلبينيا جي ملڪ ۾ عيسائي يا مسلمان هجڻ جي مذهبي فرق کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو، جيڪو عثمانيه سلطنت جي ٻين ملڪن ۾ زور سان هلي رهيو هو. جهڙيءَ طرح عيسائي آلبيني ۽ مسلمان ساڳي ٻولي ڳالهائيندا هئا، اهڙيءَ طرح انهن جون قديم روايتون پڻ ساڳيون هيون ۽ انهن جون ريتون رسمون پڻ هڪجهڙيون هيون. انهيءَ سخت قومي خيال ڪري مذهبي فرق انهن کي جدا جدا جماعتن ۾ تقسيم ڪرڻ نه ڏنو. آلبينيا جا عيسائي ۽ مسلمان ٻئي گڏوگڏ بي قاعدي فوجي دستن ۾ ڀرتي ڪيا ويندا هئا، جن تي ترڪن جي فتح بعد ملڪ جي اندروني انتظام جو دارومدار هو. مقامي پاشائن (ترڪي حاڪمن) جي ملازمت ۾ پڻ انهن ٻنهين مذهب جي ماڻهن کي هڪدم کنيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته انهن کي سڄيءَ سلطنت اندر بهادر ۾ بهادر سپاهي ڪري ليکيو ويندو هو. ڪريميا جي لڙائيءَ ۾ آلبيني عيسائين ترڪي لشڪر ۾ فوجي خدمتون ادا ڪيون جيتوڻيڪ آلبينيا جا عيسائي پنهنجي هم وطن مسلمانن جي مقابلي ۾ امن پسند طريقن ۽ زراعتي پيشي کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا، تنهن هوندي به انهن ٻنهين ۾ ڪو ٿورو فرق هو. انهن به پنهنجي مسلمان ڀائرن وانگر ساڳئي قسم جو فوجي اقتدار قائم رکيو ۽ ساڳئي قسم جي شجاعت، دٻدٻو ۽ آزاديءَ جو جوش ڏيکاريو ۽ پنهنجي اندر ساڳئي قسم جو سخت قومي جذبو پيدا ڪيو..
آلبينيا ۾ اسلام جي اشاعت جو احوال معلوم ڪرڻ لاءِ مٿي جيڪي حقيقتون بيان ڪيون ويون آهن، انهن جو لحاظ رکڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ائين معلوم ٿئي ٿو ته هن ملڪ اندر اسلام رفته رفته هن ملڪ جي ماڻهن هٿان ڦهليو ۽ ڪو به ٻاهريون اثر يا ٻاهرين طاقت استعمال نه ڪئي وئي. پر هن سلسلي ۾ اسان کي مفصل احوال تمام ٿورو ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته عيسوي پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ کان وٺي، ٽي سئو سال بعد علي پاشا جي وقت تائين آلبينيا جي تاريخ اسان کي ڪجهه به نه ٿي ٻڌائي. انهيءَ ڪري هن عرصي اندر اسلام جي آهستي، پر مسلسل ڦهلجڻ جو جيڪو ٿورو گهڻو احوال اسان کي مليو آهي، سو اسان مختلف علائقن جي ڪليسائي تاريخ. مان ۽ انهن رپورٽن مان ورتو آهي، جيڪي پادري وقت بوقت پوپ ڏانهن ۽ سوسائٽيءَ پروپئگينڊا فيد (Sosiety De propaganda Fide) ڏانهن روانيون ڪندا هئا پر اهي تاريخون يا رپورٽون اهڙي ته نوعيت جون آهن جو ڪنهن عيسائيءَ جي مسلمان ٿيڻ جو گهڻو ڪري سچو ۽ صحيح سبب خصوصن انهن جي دلي خلوص کي بيان نه ٿيون ڪن. ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت جي پادرين متعلق اهو خيال ڪري نه ٿو سگهجي ته انهن ڪنهن به عيسائيءَ کي سچيءَ دل ۽ پختي ايمان سان اسلام قبول ڪندو سمجهيو هوندو، پر جيڪڏهن ڪنهن پادريءَ اهو سمجهيو به هوندو ته فلاڻي عيسائيءَ سچيءَدل سان اسلام قبول ڪيو آهي، تڏهن به هن کي پنهنجي بالا آفيسر ڏانهن اهڙي حقيقت لکي موڪلڻ جي جرائت نه ٿيندي هئي.
عيسوي سورهين صديءَ ۾ جيتوڻيڪ عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، تڏهن به اسلام جي اشاعت جي رفتار گهڻو گهٽ هئي. سنه 1610ع ۾ عيسائين جو تعداد مسلمانن کان ڏهوڻو هو جيئن ته ڳوٺن ۾ گهڻو ڪري رڳي عيسائي رهندا هئا ۽ ڪي ٿورڙا مسلمان ڪٿي ڪٿي ڏسڻ ۾ ايندا هئا انهيءَ ڪري ائين معلوم ٿئي ٿو ته وڏن شهرن ۾ عيسائي گهڻي تعداد ۾ مسلمان ٿيا، مثلن انيتواري جي شهر مان جڏهن گهڻا عيسائي لڏي وڃي، آسپاس جي عيسائي ملڪن ۾ رهڻ لڳا، تڏهن باقي بچيل عيسائين جي ڪثير تعداد ادنى توڙي اعليٰ طبقي آهستي آهستي اسلام قبول ڪيو ۽ عيسائين جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهٽبو ويو جيئن جيئن عيسائي مسلمان ٿيندا ويا، تيئن تيئن انهن جون ديولون مسجدن ۾ تبديل ٿينديون ويون. اهڙو قدم عام رواجي حالتن ۾ صلح جي شرطن خلاف هو، پر جنهن صورت ۾ ملڪ جي ماڻهن جو دين ئي بدلبو ويو ته انهيءَ حالت ۾ ديولن جو مسجدن ۾ تبديل ٿيڻ جائز نظر اچي ٿو سنه 1610ع ۾ رومن ڪئٿلڪ عيسائين وٽ فقط ٻه ڪليسائون باقي وڃي بچيون ۽ اهي ٻه ڪليسيائون انهن جي ضرورت لاءِ ڪافي هيون. هن حقيقت جو اندازو ڪجهه قدر مارڪوبيزيءَ جي هنن لفظن مان ڪڍي سگهجي ٿو: ”مسلمانن ۽ عيسائين جا جمله 600 گهر آهن. عيسائين ۾ ٻئي فرقا رومي ڪئٿلڪ ۽ يوناني ڪليسئا جا پوئلڳ موجود آهن. مسلمانن جو تعداد عيسائين جي تعداد کان ٿورو زياده آهي ۽ رومن ڪئٿولڪ عيسائين جو تعداد وري يوناني ڪليسئا وارن کان زياده آهي.“
مسلمانن ۽ عيسائين جي وچ ۾ معاشرتي تعلقات جا ڪيترا واقعا ملن ٿا ۽ انهن تعلقاتن ۾ ڪنهن به قسم جي پابنديءَ جي حد مقرر نه هئڻ ڪري، انهن واقعن مان ڪجهه قدر اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مسلمانن جي اثر، عيسائين کي رفته رفته اسلام اندر آندو ۽ جيتري قدر مسيحي ڪليسئا جي طاقت ۽ مذهبي زندگي ختم ٿيندي ويئي. اوتري قدر مسلمانن جو اثر عيسائين تي غالب پوندو ويو.
عيسائين ۾ اها ڳالهه عام طرح رائج ٿي وئي هئي ته هو پنهنجين ڇوڪرين جون شاديون مسلمان مردن سان ڪرائيندا هئا ۽ عيسائي عورتن کي اهڙيءَ شادي تي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه هوندو هو: هن گڏيل شاديءَ مان جيڪڏهن ڪو پٽ پيدا ٿيندو هو ته هن کي مسلمانن جهڙي تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي هئي. جيڪڏهن ڪا نياڻي ڄمندي هئي ته هن کي سندس ماءُ جي مذهب جي پيروي ڪرڻ جي اجازت ملندي هئي. پر هن قسم جي اجازت عملن بلڪل بيڪار ثابت ٿيندي هئي. ڇاڪاڻ ته ڪليسئا جا عيسائي عملدار انهن عورتن کي اڳيئي ڪليسئا کان خارج ڪري ڇڏيندا هئا ۽ انهن کي ڪنهن به ديني رسم ۾ شرڪت ڪرڻ نه ڏيندا هئا انهيءَ ڪري (جيتوڻيڪ ننڍا پادري پنهنجن اعليٰ آفيسرن جي هن حڪم کي گهڻو ڪري نظر انداز ڪري ڇڏيندا هئا) انهن عورتن مان گهڻيون عورتون پنهنجن مڙسن جو مذهب اختيار ڪري ڇڏينديون هيون، پر انهيءَ هوندي به انهن ۾ بپتسمه جي هڪ ڀرمي رسم رائج هوندي هئي ۽ عام طرح اهو وهم ويٺل هو ته هيءَ رسم ڪوڙهه جي بيماريءَ، ڏانئڻن جي اثر ۽ بگهڙن جي کائڻ کان بچڻ لاءِ هڪ خاص ۽ عمدو علاج آهي جيڪڏهن ڪا به مسلمان عورت پنهنجي ٻار جي بپتسمه ڪرائڻ چاهيندي هئي ته عيسائي پادري جهٽ پٽ انهيءَ رسم کي ادا ڪري ڇڏيندا هئا. مسلمانن ۽ عيسائين وچ ۾ جي هن قسم جا سٺا تعلقات هن حقيقت مان پڻ ظاهر ٿين ٿا ته عيسائي بزرگن جي وڏن ڏينهن تي مسلمان پڻ شريڪ ٿيندا هئا. مثلن: مارڪوبيزي بيان ٿو ڪري ته: ”سينٽ الياس (جنهن کي آليبيني خاص طرح مڃين ٿا) جي ڏينهن تي ڪليسئا ۾ جيترا عيسائي موجود هئا، اوترو ئي تعداد مسلمانن جو موجود هو ائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته آلبيني مسلمان اڄ ڏينهن سوڌو حضرت مريم (عليها السلام) ۽ ٻين عيسائي اوليائن جي عزت ڪندا آهن ۽ انهن جي مقبرن تي زيارت لاءِ ويندا آهن. ساڳيءَ طرح عيسائي وري پنهنجي بيماريءَ جي شفا لاءِ يا سکائن جي پوري ڪرڻ لاءِ مسلمان ولين جي قبرن تي ويندا آهن.“
ڪاليواڪي شهر ۾ جتي عيسائين جا سٺ (60) گهر ۽ مسلمانن جا ڏهه گهر هئا، عيسائي پادريءَ جي گذر سفر لاءِ مسلمان پڻ ڪجهه چندو ڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته گهڻن مسلمانن جون زالون عيسائي هيون انهن حالتن جو اهو نتيجو نڪتو جو گهڻن عيسائين ظاهري طور اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجي ضمير کي راضي رکڻ خاطر انهن چيو ته اسين دل ۾ عيسائي مذهب رکندڙ آهيون مارڪو بينريءَ عيسائين جي انهيءَ قصور جا ٽي سبب بيان ڪيا آهن. پهريون دنيوي نفعي جي لالچ، ٻيو جزيه کان بچڻ ۽ ٽيون ڪافي تعداد ۾ هوشيار ۽ پڙهيل پادرين جو نه هجڻ، جيڪي ملڪ جون ديني ضرورتون پوريون ڪري سگهن عيسائين جو پنهنجي مذهب کي ڦٽو ڪري اسلام قبول ڪرڻ جو سبب اڪثر اهو بيان ڪيو وڃي ٿو ته مسلمانن عيسائين مٿان محصول جو سخت بار مڙهيو هو ۽ انهيءَ محصول جي ادائيگيءَ کان بچڻ خاطر ڳوٺن جي ڳوٺن پنهنجو مسيحي دين ترڪ ڪري ڇڏيو، جنهن صورت محصولن بابت تفصيلي احوال ڪجهه به ڏنل نه آهي، تنهن صورت ۾ اهو فيصلو ڪرڻ ناممڪن آهي ته انهيءَ شڪايت لاءِ سچ پچ انهن کي ڪافي سبب به هئا يا نه، يا انهن جو اهو صرف بهانو هو ته جيئن هو پنهنجي قديم هم مذهب وارن اڳيان پنهنجي مسلمان ٿيڻ جو ڪو نه ڪو سبب پيش ڪري سگهن، يا اهو محض ڪليسئا جي آفيسرن جو هڪ وڌاءُ هو ۽ حقيقت ۾ انهن سمجهيو ٿي ته ڪنهن عيسائيءَ جو پنهنجي عقل ۽ سچيءَ نيت سان مسلمان ٿيڻ هڪ ناممڪن ڳالهه هئي. اٽڪل هڪ صديءَ بعد (سنه 1703ع) ۾ جزيه جو نرخ ساليانه ڇهه ريال في ماڻهو هو ۽ هيءُ محصول ئي هو، جو خصوصن عيسائين تي هڪ بار سمجهيو ويندو هو (هن محصول کان علاوه سڪياتاراڪيو (Sciataracio) محصول پڻ هو، جنهن جو نرخ ساليانه 3 ريال هو.) جيڪڏهن عيسائين پنهنجو مذهب محض انهيءَ معمولي محصول ڪري ترڪ ڪيو ۽ ٻيو ڪو به انهن کي سبب نه هو ته پوءِ يقينن انهن جو پنهنجي مذهب سان تمام گهٽ لڳاءُ چئبو، پر موجوده وقت ۾ آلبينيا ۾ عيسائين جي ڪافي تعداد جو هجڻ ڏيکاري ٿو ته عيسائين مٿان ڇهن ريالن محصول جو ڪو ايترو گهڻو بار نه هو، جو انهن کي بغير ڪنهن ٻئي سبب جي پنهنجو دين ڦٽو ڪري اسلام قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري.
ترڪن جي ظلم بابت اڪثر گول مول شڪايتون ڪيون ويون آهن، پر جيڪڏهن اهي شڪايتون ڪجهه قدر وضاحت ۽ تفصيل سان بيان ڪيون وڃن ها ته پوءِ آسانيءَ سان معلوم ٿي سگهي ها ته جيڪو جزيه ڪري عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جو سبب بيان ڪيو ويو آهي، سو ڪيتريقدر وزنائتو آهي. هيلتائين جيڪي به ثابتيون مليون آهن، انهن مان اهو نتيجو نه ٿو ڪڍي سگهجي ته عيسائين محض جزيه کان بچڻ خاطر اسلام قبول ڪيو. اهو ضروري آهي ته ترڪي حڪومت اندر هڪڙي ڳالهه تمام خراب هئي جو صوبي اندر سرڪاري عهدا نيلام ڪيا ويندا هئا ۽ جيڪو وڏي ۾ وڏي رقم ڏيندو هو، ان کي اهو عهدو ملندو هو.
باوجود گهڻي ۾ گهڻا پئسا خرچ ڪرڻ جي عهدن جو ميعاد مقرر ٿيل نه هوندو هو ۽ ان جي قائم رهڻ جي عهديدار کي ڪا به خاطري نه رهندي هئي. انهيءَ ڪري هر ڪو ڪوشش ڪندو هو ته پنهنجي نوڪريءَ واري عرصي اندر هو ڪنهن قسم جو ظلم ۽ زبردستي ڪري جيتريقدر ٿي سگهي اوتريقدر پئسو جمع ڪري، پر اهو ظلم جهڙو عيسائين سان ٿيندو هو، اهڙو ئي مسلمانن سان به ٿيندو هو البته جيڪڏهن ڪو لالچي ۽ ظالم آفيسر هوندو هو ته ان کي مسلمانن جي مقابلي ۾ عيسائين مٿان ظلم ڪرڻ وڌيڪ آسان ٿيندو هو، خصوصن انهيءَ وقت جڏهن ته عيسائين کي وينس وارن ۽ ٻين عيسائي رياستن سان باغيانه خط و ڪتابت ڪندي پڪڙيو ويو ۽ انهن ۾ شڪ آندو ويو ته هو عثمانيه سلطنت جي خلاف بغاوت ڪرڻ چاهين ٿا. هاڻي باوجود انهن حالتن جي جيڪي مٿي بيان ڪيون ويون آهن. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته عيسائي پادرين جي بي پرواهيءَ ۽ جهالت جي مقابلي ۾ مسلمانن اندر ديني جدوجهد جي شوق ۽ موثر اسلامي زندگيءَ ضرور پنهنجو اثر قائم ڪيو هوندو. جيڪڏهن آلبينيا ۾ هڪ مولويءَ جهڙا، جنهن جي ايمانداريءَ، حسن اخلاق ۽ همدرديءَ جي تعريف مارڪو بيزيءَ گهڻي ڪئي آهي ۽ جنهن سان مذهبي مسئلن تي گفتگو مارڪوبيزي اڪثر ڪندو رهندو هو، ٻيا به گهڻائي مسلمان هجن ها ته هن ملڪ ۾ اسلام تمام گهڻي ترقي ڪري وڃي ها..
عيسائي پادرين جو گهڻو تعداد بلڪل اڻ پڙهيل هو. انهن مان گهڻا ته اهڙا هئا جو جيڪڏهن انهن کي ٿورو گهڻو پڙهڻ ايندو هو ته وري لکي بلڪل ڪو نه سگهندا هئا. اهي پادري پنهنجي مذهبي فرضن کان ايتري قدر ته غافل هئا جو رڳو مغفرت جي دعا جا الفاظ (Farmuola of Absolution) به انهن کي بر زبان ياد نه هئا. جيتوڻيڪ هو نماز ۽ ٻيون دعائون لئٽن ٻوليءَ ۾ پڙهندا هئا، تنهن هوندي به انهن ۾ تمام ٿورا اهڙا پادري هوندا، جي نماز يا دعا جو مطلب سمجهندا هوندا ڇاڪاڻ ته انهن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ کانسواءِ ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ جو علم نه هو. انهن پنهنجي مذهب جي حقيقتن بابت صرف پنهنجن وڏن کان غلط سلط ڳالهيون ٻڌيون هيون ۽ ٻيو ڪجهه به انهن کي علم نه هو. مارڪو بيزي انهن خرابين جو جوابدر بشپي علائقي کي ٺهرائي ٿو. ڇاڪاڻ ته هڪڙو علائقي ۾ پادرين جو تعداد تمام ٿورو هوندو هو ۽ ٻيو وري انهن کي پنهنجي مذهبي پيشي جي ڪا واقفيت نه هوندي هئي. بي شمار عيسائي پوڙها ٿي ويندا هئا، بلڪه ڪيترا ته انهن مان مري به ويندا هئا، تڏهن به انهن کي پنهنجي دين ۾ پڪو نه ڪيو ويندو هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو گهڻو ڪري هر جڳهه عيسائي پنهنجو دين ڦٽو ڪري اسلام قبول ڪرڻ لڳا. مارڪو بيزيءَ پوري وثوق سان اهو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن انهن خرابين کي دور نه ڪيو ويو ته آلبينيا اندر عيسائيت جو جلد خاتمو اچي ويندو. ڪيترن پادرين تي اها پڻ تهمت رکي وئي هئي ته هو ڪثرت سان شراب پين ٿا ۽ زناءَ ڪن ٿا.
هي پڻ ڏٺو ويو آهي ته آلبينيا جا عيسائي پادري پنهنجي قوم جي خواهش ۽ خيالات جا صحيح حامي نه هئا. جهڙيءَ طرح دولت عثمانيه جي ٻين صوبن اندر يوناني ڪليسا جا پادري هئا، جن باوجود پنهنجي جاهل هجڻ جي پنهنجن ماڻهن اندر عيسائي مذهب جو ايتري قدر ته سچو روح ڦوڪيو جو اهو ڦري يوناني عيسائين جي قومي زندگيءَ جو مرڪز بڻجي پيو يوناني ڪليسا وارن جي برعڪس آلبينين اندر جيڪو قومي خيال هو اهو مذهبي خيال کان بلڪل نرالو هو.آلبيني ترڪن کي صحيح جاگيرداري رنگ ۾ پنهنجي ملڪ جو مالڪ ڪري تصور ڪندا هئا ۽ پنهنجي لاءِ اهو ضروري سمجهندا هئا ته انهن جي هر هڪ حڪم جي پيروي ڪئي وڃي.
عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جو هڪ عجيب و غريب واقعو بيان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن عيسائي پادري ۽ عوام جي وچ ۾ ناسازي پيدا ٿيڻ ڪري سڀني عيسائين پنهنجو مسيحي دين ڦٽو ڪري وڃي اسلام قبول ڪيو. اهو واقعو هن طرح نقل ٿيل آهي: ”گهڻا سال اڳ، جڏهن اڃا سڄي ملڪ جا ماڻهو عيسائي مذهب جا پوئلڳ هئا. انشقوره Scutari) ) جي شهر ۾ حضرت مريم (عليها السلام) جو هڪ بوتو کتل هو، جنهن جي زيارت لاءِ ملڪ جي سڀني حصن کان هزارين عيسائي هر سال ايندا هئا ۽ اتي اچي پنهنجون سکائون پوريون ڪندا هئا، عبادت ڪندا هئا، ۽ پنهنجي ڪمزورين ۽ تڪليفن دور ٿيڻ لاءِ دعائون گهرندا هئا. ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان پادري ۽ عيسائين جي وچ ۾ جهڳڙو پيدا ٿي پيو ۽ هڪ ڏينهن گهڻئي عيسائي گڏجي هڪ وڏو هجوم ڪري ڪليسا ۾ آيا ۽ اچي چيائون ته جيڪڏهن پادريءَ سندن ڳالهه قبول نه ڪئي ته پوءِ هو اتي جو اتي پنهنجو مسيحي مذهب ڦٽو ڪري مسلمانن جو مذهب قبول ڪندا. پادري چاهي حق تي هو يا ناحق تي، مگر پنهنجي ضد تي قائم رهيو. عيسائين پنهنجون تسبيحون ۽ صليبون پنهنجين ڳچين مان ڇني زمين تي اڇلائيون ۽ انهن کي پنهنجي پيرن سان لتاڙيو. پوءِ يڪدم ڀر واريءَ مسجد ۾ لنگهي ويا جتي مسجد جي مولويءَ انهن جي ڏاڍي عزت ڪئي ۽ انهن سڀني کي مسلمان بڻايو.“ عيسائي پادرين جي بي پرواهيءَ ۽ عداوت ڪري عيسائي سوسائٽيءَ اندر گهڻائي خرابيون ۽ بي قاعدگيون پيدا ٿي ويون. انهن سڀني خرابين ۾ هڪ خرابي اها هئي جو عيسائين ۾ مسلمانن وانگر بغير ڪليسا جي اجازت يا مذهبي رسمن پوري ڪرڻ جي شادي ڪرڻ جو رواج پئجي ويو، جنهن ڪري شادي بدلجي هڪ معاشرتي معاهدو بڻجي پيو. هن خرابيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ اهو حڪم نافذ ڪيو ويو ته جيڪڏهن زال ۽ مڙس ڪليسائي قانون مطابق پنهنجو نڪاح وري باقاعدي نه پڙهائيندا ته انهن کي ڪليسا کان خارج ڪيو ويندو.
عيسوي سترهين صديءَ جي دوران انهن معاشرتي حالتن ۽ ٻين سببن جو نتيجو، جن جو بيان مٿي ڏنو ويو آهي، تمام خراب نڪتو ۽ عيسائين جو تعداد تمام تيزيءَ سان گهٽجڻ لڳو. سنه 1624ع ۾ انتيواري جي سڄي بشپي علائقي ۾ صرف ٻه هزار ڪئٿلڪ مذهب جا عيسائي وڃي بچيا ۽ سڄي شهر اندر فقط هڪ ڪليسا وڃي رهيو. صديءَ جي پوري ٿيڻ تي اهو ڪليسا به عبادت جي لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو هو ڇاڪاڻ ته ان وقت ڌاري رومن ڪئٿلڪ وارن جا رڳو ٻه خاندان وڃي بچيا. سنه 1651ع ۾ سڄي آلبينيا اندر زالن جو تعداد مردن جي تعداد کان گوءِ کڻي ويو. ڇاڪاڻ ته مردن جو گهڻو تعداد اسلام طرف هليو ويو. صديءَ جي ختم ٿيڻ تي حالتون اڃا به وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳيون. رومن ڪئٿولڪ عيسائي، جن جو تعداد هن کان سئو سال اڳ مسلمانن جي تعداد کان ڏهوڻو هو،. اهو هاڻي گهٽجي مسلمانن جي مقابلي ۾ ٽن ۽ چئن جي نسبت ۾ وڃي رهيو. (يعني ٽن عيسائين پٺيان چار مسلمان) درازو جي بشپي علائقي ۾ ويهن سالن جي عرصي اندر عيسائي آدم اٽڪل اڌ کن وڃي بچيو ٻئي هڪڙي شهر ۾ (ڪرويه جي علائقي ۾) ٽيهن سالن جي عرصي اندر سڄي شهر جا عيسائي مسلمان بڻجي ويا جيتوڻيڪ ڪليسا جا اعليٰ عملدار انهيءَ ڳالهه تي اعتراض وٺندا هئا ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سخت قانون پڻ جاري ڪيا ويندا هئا، تنهن هوندي به ننڍن پادرين گهڻن عيسائي مردن جي انهيءَ عمل کي جائز قرار ڏنو ته هو ڀلي ظاهر ۾ مسلمانن جو دين قبول ڪن ۽ دل ۾ مسيحي دين سان سچا رهن. اهڙن عيسائين کي هو پنهنجي مذهبي رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ جي پڻ اجازت ڏيندا هئا. انهيءَ حالت جو آخرڪار نتيجو اهو نڪتو جو اهڙن عيسائين جي ٻارن جي تربيت مسلمانن جهڙي ٿيندي هئي ۽ انهن جو ڪليسا سان واسطو هميشه جي لاءِ ڇڏائجي ويو. ساڳـــيءَ طــــرح عيسائـــــي مائٽ پنهنجون ڌيئرون مسلمانن کي نڪـــــاح ۾ ڏيندا هـــئــــا ۽ پادري باوجود پنهنجي اعليٰ آفيسرن جي سخت اعتراض جي اهڙين شادين جي منظوري ڏيندا هئا ۽ انهن عورتن کي پنهنجي مذهبي رسمن ۾ پڻ شامل ڪندا هئا. پادرين جي انهيءَ عمل مان پتو پوي ٿو ته انهن کي پنهنجي مسيحي دين جي ترقيءَ ۽ بهبوديءَ جو ڪو به خيال نه هو. ان کانسواءِ انهن تي ٻيا به ڪيترائي الزام لڳايل هئا. انهن جو ڪثير تعداد براين ۾ مبتلا هو. ڪڏهن به مذهبي اقرار جي رسم ادا ڪرڻ لاءِ ڪليسئا ۾ نه ويندا هئا. وڏن وڏن ڏينهن تي پنهنجن مڪانن ۾ شراب ڪباب جون محفلون گرم ڪندا هئا. ڪليسئا جي جائداد وڪڻي ڇڏيندا هئا. پنهنجن علائقن ۾ اڪثر غير حاضر رهندا هئا. جيڪڏهن ڪا به تهمت انهن تي مڙهي ويندي هئي ته ترڪن جي مدد سان انهيءَ الزام کان پاڻ کي بچائي ويندا هئا جڏهن فرئنسسڪن (Franciscans) ۽ آبزرونٽ (Observants) مبلغن کي آلبينيا ۾ ماڻهن جي ديني ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو، تڏهن انهن ڪو به خاص ڪم نه ڪيو، پر اٽلندو پاڻ ۾ جهيڙو جهڳڙو ڪري، ڪورٽن ۾ وڃي هڪٻئي تي مقدما داخل ڪيائون. انهيءَ ڪري انهن جي تمام گهڻي بدنامي ٿي ۽ جنهن مقصد لاءِ روانا ڪيا ويا هئا، تنهن مقصد کي ئي انهن وساري ڇڏيو. عيسوي سترهين صديءَ جي وچ ڌاري آلبينيا جي ٻارهن بشپي علائقن مان پنج علائقا بلڪل خالي پيا هئا. پُلاٽي (Pullati) جي علائقي اندر ويهن سالن جو عرصو گذري ويو هو، پر ڪو به بشپ حالتن جي معائني ڪرڻ لاءِ اتي نه آيو ۽ 6348 عيسائين لاءِ صرف ٻه پادري مقرر هئا. ملڪ جي اندرئين حصي جي ڪن ننڍن علائقن ۾ ته چاليهن ورهين کان وٺي ڪو به پادري مقرر نه ڪيو ويو هو. ملڪ جي اها بدتر حالت ترڪي سلطانن جي ظلم ڪري به بڻي هئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن آخرڪار چار فرئنسسڪن مشنريون آلبينيا ڏانهن روانيو ڪيون ويون، تڏهن انهن پنهنجي بيان ۾ ظاهر ڪيو ته هو مسيحي ملڪ اندر بغير ڪنهن خطري جي وڃي سگهيا ٿي ۽ انهن کي پنهنجي مذهبي فرضن ادا ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه پهتي سپا (Sappa) جو بشپ ڪيتري عرصي کان وٺي وينس ۾ رهندو هو، جتي چيو وڃي ٿو ته تمام خراب نموني ۾ زندگي گذاريندو هو، انهيءَ ڪري هن جي حلقي جي عيسائين کي نهايت سخت نقصان پهتو. هن پنهنجي جڳهه تي هڪ جاهل پادريءَ کي نائب ڪري مقرر ڪيو، جو خرابين ۽ بدڪارين ۾ ڏاڍو مشهور هو. هن بشپ جي حوالي 12400 عيسائي هئا. هن باري ۾ هڪ ڪليسئائي گشتي آفيسر لکيو آهي ته:”هن جي پنهنجي علائقي مان غير حاضر رهڻ ڪري اهو خطرو هو ته متان هيءَ بشپ ۽ هن سان گڏ هيترا سارا عيسائي، جي هن جي ماتحت رهن ٿا، پنهنجي مذهب مان نڪري، اسلام طرف هليا وڃن ۽ ڪليسئا جي ملڪيت پڻ ضايع ٿي وڃي.“ الشقوره جو بشپ ماڻهن توڙي پادريءَ جي نظر ۾ هڪ ظالم شخص هو ۽ ترڪن جي مدد سان ئي پنهنجي عهدي تي قائم رهي سگهيو مورخ زميئيوخ انهن بشپن جي شڪايت ۾ اڪثر لکيو آهي ته هو پنهنجي حلقي جي عيسائين مان زبردستيءَ پئسا وصول ڪندا هئا اهو معلوم ٿئي ٿو ته ترڪي سلطانن طرفان انهن بشپن کي اختيار ڏنو ويو هو ته ڀلي هو پنهنجن عيسائين مان زبردستيءَ پئسا وصول ڪن. مثلن انتي واري جي آرچبشپ (1599-1607ع)کي اجازت ڏني وئي هئي ته هو هر هڪ عيسائي خاندان مان ٻه آسپر (Asper) محصول وصول ڪري ۽ انهن مان پهرئين شاديءَ وقت 12 آسپر، ٻيءَ شاديءَ وقت 24 آسپر ۽ ٽينءَ شاديءَ وقت 48 آسپر وصول ڪري. انهيءَ کانسواءِ هنکي هر هڪ حلقي مان سالانه هڪ سوني مهر حاصل ڪرڻ جي پڻ اختياري مليل هئي. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن سڀني محصولن جي وصول ڪرڻ ۾ بشپن کي ترڪي حاڪمن وٽان ڪافي مدد ملندي هئي.
سڄي آلبينيا اندر هڪ اسڪول به مسيحي دين جي تعليم ڏيڻ لاءِ نه هو پادري وري مطلق جاهل هئا. ڪن پادرين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اٽلي روانو ڪيو ويندو هو، پر مارڪو ڪريسيئو انهيءَ طريقي جي سخت مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ ته اهي پادري اٽليءَ وڃي عياشيءَ جي زندگي بسر ڪندا هئا ۽ پوءِ واپس پنهنجي ملڪ موٽڻ جي نه ڪندا هئا. هاڻي جنهن صورت ۾ عيسائي پادري ايتري قدر جاهل ۽ پنهنجي مذهبي فرائض کان غافل هئا، تنهن صورت ۾ اهو معلوم ڪري، ڪنهن به قسم جو عجب نه ٿو ٿئي ته عام عيسائين کي پنهنجي مذهب جي ابتدائي ڳالهين جو ڪجهه به علم نه هو ۽ اهي بي شمار خراب رسمن ۽ براين جو شڪار ٿي ويا هئا. آخرڪار انهن خرابين ڪري.خدا تعاليٰ جي سر سبز چمن ۾“ سخت تباهي اچي وئي گهڻا ئي عيسائي اهڙا هئا، جي عورتن کي بغير شاديءَ جي کلم کلايو استعمال ڪندا هئا. انهيءَ هوندي به انهن کي مذهبي رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي هئي. ڪيترن عيسائين جون وري هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيل هيون عيسائين جو اهو عمل ڏيکاري ٿو ته ٻنهين عيسائين ۽ مسلمانن جي عادتن جي وچ ۾ هڪ قسم جي مناسبت قائم ٿيل هئي. اها مناسبت اڃا به هن حقيقت مان وڌيڪ ظاهر ٿئي ٿي، ته عيسائي پادرين جي بپتسمه جي رسم ادا ڪرڻ وقت مسلمانن کي ديني پيءُ جي حيثيت ۾ مقرر ڪيو ويندو هو ۽ ٻئي طرف وري مسلمانن کي سندن ٻارن جي بپتسمه جي قديم رسم ادا ڪرڻ جي پادرين طرفان اجازت مليل هئي.
جڏهن عيسوي سترهين صديءَ جي پهرئين حصي ڌاري آلبينيا اندر عيسائي ڪليسئا جي اهڙي ابتر حالت وڃي رهي، تڏهن عيسائين کي پنهنجي دين کان ڦيرائڻ لاءِ معمولي ترغيب به ڪافي هئي. انهيءَ کانسواءِ رومن ڪئٿولڪ مذهب وارن کي سندن بغاوت ڪرڻ عيوض ترڪي حڪومت طرفان جيڪي سزائون سترهين صديءَ جي آخري ڏينهن ۾ مليون، سي پڻ عيسائين کي اسلام طرف راغب ڪرڻ جو وڌيڪ باعث بڻيون، ۽ ڪثير تعداد ۾ عيسائين پنهنجي ڪليسئا کي ڦٽو ڪري ڇڏيو. اها بغاوت جي تحريڪ انتي- واري جي اڻيتاليهين آرچبشپ جارج (سنه 1635-1664ع) درازو (Durrazo) اسڪودرا (Scodra) ۽ اليسيو جي بشپن جي مدد سان شروع ڪئي. جارج عيسائي قوم جي سڀني اڳواڻن کي ڀڙڪايو ته هو يڪ مشت ٿي، ترڪي حڪومت جي خلاف بغاوت جو طوفان برپا ڪري ڏين ته جيئن آلبينيا جو ملڪ ترڪن جي هٿان نڪري، ڀر واري عيسائي راڄ يعني وينس جي جمهوري حڪومت جي هٿ هيٺ اچي، پر جيئن ته جارج جي ڏينهن ۾ وينس جي حڪومت جا ترڪي سان سٺا تعلقات هئا، انهيءَ ڪري انهيءَ بغاوتي منصوبي کي عملي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ جو مناسب موقعو نه مليو. ليڪن جلد ئي سنه 1645ع ۾ ترڪيءَ ۽ وينس جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي ۽ وينس وارن انتيواريءَ جي شهر کي جو ترڪن جي فتح کان اڳ ٽن صدين تائين (سنه 1262ع کان 1571ع تائين) انهن جي قبضي ۾ رهيو، وري هٿ اچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيا. آلبينيا جي رومن ڪئٿلڪ عيسائين دشمنن (وينس وارن) جو پاسو ورتو ۽ انهن کي مخفي طرح لشڪر وغيره جي مدد ڪئي. انهيءَ ڪري انهن کي ترڪن سخت سزائون ڏنيون ۽ انهن کي سڀني حقن کان محروم ڪيو. باقي يوناني عيسائي (جن کي هر وقت اهو ڊپ رهندو هو ته متان وينس وارن جي حڪومت انهن مٿان قائم ٿي وڃي) ترڪي سلطنت سان وفادار ٿي رهيا. انهيءَ ڪري انهن کي ڏاڍا انعام اڪرام ڏنا ويا ۽ ”پنهنجي ملڪ کي بچائيندڙ“ جي خطاب سان انهن کي مشهور ڪيو ويو. گهڻائي رومن ڪئٿلڪ عيسائي مسلمان بڻجي ويا يا يوناني ڪليسا وارن سان ملي ويا. رومن ڪئٿلڪ مذهب وارن جو يوناني ڪيلسا جي اطاعت قبول ڪرڻ ڏيکاري ٿو ته عيسائين تي انهيءَ ڪري ظلم نه ڪيا ويا، جو هوعيسائي هئا ۽ نڪي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪنهن قسم جي سختي ڪئي وئي هئي، پر ائين چوڻ ۾ ٿو اچي ته رومن ڪئٿلڪ عيسائين اسلام انهيءَ ڪري قبول ڪيو هو ته جيئن پنهنجي بغاوت جي ناڪاميابيءَ ڪري انهن کي جيڪا ذلت برداشت ڪرڻي ٿي پيئي، تنهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن. حالانڪه يوناني ڪليسئا جي پيروي قبول ڪرڻ سان انهن جو اهو ساڳيو مقصد به پورو ٿئي ها ۽ ساڳئي وقت پنهنجو عيسائي مذهب پڻ قائم رکي سگهن ها. ڇاڪاڻ ته يوناني ڪليسئا کي ترڪي حڪومت نه رڳو سرڪاري طرح تسليم ڪيو هو، پر انهيءَ وقتي آنتيواريءَ جي شهر ۾ پڻ عام طرح مقبول هو. هاڻي اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي ته جن به رومن ڪئٿلڪ عيسائين يوناني ڪليسئا بدران اسلام قبول ڪيو، تن کي در حقيقت پنهنجي مسيحي مذهب لاءِ تمام گهٽ دلچسپي هئي. اها ساڳي راءِ ٻين به بي شمار عيسائين متعلق قائم ڪري سگهجي ٿي، جن ايندڙ سالن ۾ پنهنجو مسيحي دين ترڪ ڪري اسلام قبول ڪيو. زميئيوخ اسان کي ٻڌائي ٿو ته ڪن حالتن ۾ عيسائي محض جزيه کان بچڻ لاءِ به اسلام قبول ڪيو، مگر جيڪي ڪجهه مٿي بيان ڪيو ويو آهي، ان مان ظاهر آهي ته اهو سبب عيسائين جي مذهب تبديل ڪرڻ جو ٿي نٿو سگهي.
سنه 1649ع ۾ آلبينيا اندر ٻيو دفعو بغاوت برپا ٿي. هن ڀيري به بغاوت ڀڙڪائڻ ۾ مکيه حصو وٺندڙ آنتيواريءَ جو آرچبشپ جوزف ماريابونالڊو (Joseph Maria Bonaldo) ”سنه 1646-1654ع) هو. انتيواري، اسڪوڊرا ۽ ٻين شهرن جي مکيه مکيه ماڻهن وينس جي لشڪر لاءِ پنهنجي شهرن جي دروازن کي کليو رکڻ جو منصوبو سٽيو، پر هيءُ منصوبو ظاهر ٿي پيو ۽ ترڪي فوجن هن بغاوت جي نهايت سختيءَ سان پاڙ پٽي ڇڏي. گهڻن ئي بااثر آلبينين کي، جن بابت اهو ڊپ هو ته متان وري بغاوت شروع ڪري ڏين، سندن ملڪ مان ڪڍي، وچ ترڪيءَ ۾ آباد ڪيو ويو. اٽڪل ٽي هزار آلبيني ترڪي سرحد لتاڙي، وينس جي علائقي اندر داخل ٿي ويا. باقي بچيل عيسائين ترڪن جي قلعن ٺهرائڻ ۽ باغي شهرن ۾ ترڪي فوجن جي دوري ڪرڻ ڪري دٻجي ويا. جن عيسائين بغاوت ۾ حصو ورتو هو، انهن کي ڳرن ڏنڊن جون سزائون ڏنيون ويون بدقسمتيءَ سان جن عيسائي مصنفن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته آلبيني عيسائين محض ترڪن جي جزيه وصول ڪرڻ ۽ سختيءَ سان پيش اچڻ ڪري، پنهنجو دين ڦٽو ڪري، اسلام قبول ڪيو، تن مصنفن اهڙين شڪايتن جو تفصيلوار بيان نه ڪيو آهي، مگر رڳو سطحي طرح انهن جو ذڪر ڪيو آهي.انهيءَ ڪري اهو اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته انهن جون اهي شڪايتون ڪيتريقدر حق بجانب آهن. زميئيوخ جنهن ٻن هزار عيسائين جي مرتد ٿيڻ جو بيان لکيو آهي، تمهيد ۾ هيءُ پڻ بيان ڪيو آهي ته اهي عيسائي محصولن ۽ ٻين سختين جي برداشت ڪرڻ ڪري اسلام طرف هليا ويا. پر هو خود اسان کي ٻڌائي ٿو ته اهي سڀئي سختيون، جزيه (سال ۾ ڇهه ريال في آدمي) ۽ سڪيا تاراڪيو (سال ۾ ٽي ريال) جي محصولن کان علاوه مسلمانن کي پڻ عيسائين وانگر برداشت ڪرڻيون پونديون هيون. زميئيوخ جي بيان ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه ڏيکاريل نه آهي جنهن مان ثابت ٿئي ته عيسائين تي جيڪا محصول جي رقم مڙهي وئي هئي، سا ايتريقدر ته ناقابل برداشت هئي، جو ان کان بچڻ خاطر انهن پنهنجو اصلوڪو دين ڦٽو ڪري ڇڏيو. هو جيتوڻيڪ انهيءَ راءِ جو آهي ته گهڻن عيسائين محصول کان بچڻ خاطر اسلام قبول ڪيو، تنهن هوندي به وضاحت سان اهو پڻ بيان ڪري ٿو ته عيسائين جي مرتد ٿيڻ جو مکيه سبب عيسائي پادرين جي جهالت ۽ پنهنجي دين کان ناواقفي هو پادري انهن ماڻهن کي پڻ مذهبي رسمن ۾ شرڪت جي اجازت ڏيندا هئا، جيڪي ظاهر ۾ مسلمان هئا، پر دل ۾ عيسائي ٻيءَ هڪڙيءَ جاءِ تي زميئيوخ بيان ٿو ڪري ته جيڪي پادري مقرر ڪيا ويند هئا، سي پنهنجي عهدي ۾ قطعن نااهل هئا ۽ هو مرتدد عيسائين ۽ دل ۾ عيسائي مذهب مڃيندڙن کي پڻ ديني رسمن ۾ شريڪ ڪندا هئا. هو لکي ٿو ته ”در حقيقت اهي ئي ٻه مکيه سبب هئا، جن جي ڪري آلبينيا اندر عيسائي ڪليسئا کي تمام سخت نقصان پهتو انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته آلبينيا اندر عيسائين جو ڪثرت سان مسلمان ٿيڻ انهن اسلامي اثرات جو نتيجو هو، جيڪي ڪافي وقت کان وٺي اتي موجود هئا ۽ جن جو بيان اڳين صفحن ۾ ڏنو ويو آهي، جزيه کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ته انهيءَ سلسلي جي آخرين ڪڙي هئي. مسلمانن عيسائين کي اسلام اندر آڻڻ لاءِ پنهنجي سر جيڪي ڪوششون ڪيون، تن جو صحيح احوال عيسائي مورخن وٽان ملڻ محال آهي. اسان کي هڪ ضلعي بابت احوال ملي ٿو ته انهيءَ ضلعي جي عيسائين ترڪن سان زياده ميل جول قائم رکڻ ڪري، انهن جون خراب عادتون پنهنجي اندر قائم ڪيون ۽ انهن جو پنهنجي مسيحي دين تان هٽي وڃڻ جو مکيه ڪارڻ ترڪي عورتن سان شادي ڪرڻ هو انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهيءَ ضلعي ۾ توڙي بسڪاسيا (Biscascia) ۽ باسيا (Basia) جي بشپي علائقن ۾ مسلمانن جو اثر ڪافي قوي هو ۽ انهن ٻنهين علائقن جي اٽڪل هڪ هزار عيسائين کي ڪنهن به پادريءَ جي نه هجڻ ڪري، پنهنجي دين کان گمراهه ٿي وڃڻ جو هميشه خطرو رهندو هو. انهن کي پنهنجي دين ۾ پختي ڪرڻ لاءِ ڪنهن عالم ۽ جوشيلي پادريءَ طرفان ترغيب ڏيڻ جي سخت ضرورت هئي.
زميئيوخ آنتيواريءَ جي ڀر سان رهندڙ عيسائين جي هڪ اعليٰ خاندان جو بيان ڪيو آهي ته هن خاندان ۾ ٻه ڀائر رهندا هئا. انهن مان وڏي ڀاءُ کي ڪن مکيه مسلمانن، جيڪي هن جا ويجها مائٽ پڻ هئا، برغلائي پنهنجي اصلي دين کان ڦيرائي ڇڏيو. ننڍي ڀاءُ پادري بڻجڻ لاءِ تعليم حاصل ڪئي ۽ پادريءَ جي حيثيت ۾ ئي هو مسيحي ڪليسئا جي گهڻي مدد ڪري سگهيو ٿي. هن خاندان کي ترڪ تمام گهڻي عزت سان ڏسندا هئا. انهيءَ ڪري باوجود غريب خاندان هجڻ ڪري، سڀيئي ماڻهو هن خاندان جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا ترڪن جو انهيءَ خاندان کي عزت جي نگاهه سان ڏسڻ جو هڪ ٻيو دليل به آهي ته مسلمان عيسائين سان برو سلوڪ انهيءَ ڪري نه ڪندا هئا ته ڪو هو عيسائي هئا، بلڪه انهن تي سختيون تڏهن ڪيون ويون، جڏهن انهن ملڪي ڳالهين ۾ سرڪشي ڏيکاري ۽ بغاوت برپا ڪئي. زميئيوخ خود آلبينيا جو رهاڪو ۽ آنتيواريءَ جي بشپن وانگر وينس ۾ وڃي آباد ٿيڻ بدران هن پنهنجي بشپي علائقن ۾ رهڻ پسند ڪيو رڳو ترڪي آفيسر زميئيوخ جي بي حد عزت ڪندا هئا ۽ هن سان نهايت خوش خلقيءَ سان پيش ايندا هئا، پر آلبينيا جو اعليٰ پاشا خود هن جي ڏاڍي مرحبا ڪندو هو. هن کي پنهنجي ديوان (ڪچهريءَ) ۾ خاص عزت جي جڳهه تي ويهاريندو هو. جڏهن زميئيوخ درٻار ۾ ايندو هو، تڏهن پاشا هن جي استقبال لاءِ دروازي وٽ ايندو هو ۽ واپس وڃڻ وقت دروازي وٽ هن کي رخصت ڪندو هو. زميئيوخ لکي ٿو ته: ”هن وحشي پاشا پاڻ کي هڪ ترڪ ثابت ڪرڻ کان وڌيڪ عيسائين جو خيرخواهه ثابت ڪيو.“ پاشا آرچبشپ جي عرض ڪرڻ تي چئن شهرن جو محصول اڳواٽ وصول ڪري هن ڏانهن روانو ڪيو ۽ ائين ڪرڻ سان پاڻ هن عيسائين سان سٺي سلوڪ اختيار ڪرڻ جو سٺو مثال قائم ڪيو. جيڪڏهن ڪنهن به عيسائي پادريءَ سان ترڪن خراب هلت هلي ته ان جو ڪارڻ اڪثر اهو ڏسڻ ۾ ايندو هو ته پادري ترڪن جي دشمنن سان اڪثر باغيانه خط و ڪتابت ڪندا رهندا هئا. جڏهن ڪو پادري اٽليءَ ڏانهن دوري تي ويندو هو ته ترڪ هميشه هن کي شڪي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ ڪيترين حالتن ۾ ته ترڪن جو اهو شڪ صحيح نڪرندو هو. انهيءَ سبب کانسواءِ عيسائين کي مسلمانن خلاف شڪايتن ڪرڻ جو ٻيو ڪو به سبب نه هو. زميئيوخ خود هڪ پادريءَ متعلق لکي ٿو ته هن کي اعليٰ ترڪ تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. هرزيگوينا (Herzegovina) ۾ تربنجي (Trebinji) جي بشپي علائقي ۾ ارڙهينءَ صديءَ جي شروعات ۾ هڪ پادريءَ متعلق عيسائين کي شڪ پيدا ٿيو ته هو مسلمانن سان گهڻي تعلقات ۾ اچڻ ڪري اسلام قبول ڪرڻ چاهي ٿو. انهيءَ ڪري سندس بشپ هن کي نظربند ڪري روم ڏانهن موڪلي ڇڏيو اهڙا واقعا آلبينيا ۾ پڻ گهڻائي وجود ۾ آيا.
سرويا جي عيسائي حڪومت پهريائين سنه 1375ع ۾ ترڪي سلطنت کي ڏن ڏيڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ڪسوو (Kassovo) جي خطرناڪ لڙائيءَ ۾ سنه 1389ع ۾ شڪست کائڻ بعد پنهنجي پوري آزادي وڃائي. هن لڙائيءَ ۾ ٻنهين سرويا جي بادشاهه ۽ ترڪي سلطان پنهنجي جان ڏني. انهيءَ واقعي بعد ٻنهين حاڪمن جي جاءِ نشينن پاڻ ۾ صلح ڪيو. سرويا جي نوجوان بادشاهه اسٽيفنس ترڪي سلطنت جي اطاعت قبول ڪئي ۽ ترڪن جي نئين سلطان بايزيد کي پنهنجي ڀيڻ جو سنڱ ڏئي هن سان مائٽيءَ جو سلسلو قائم ڪيو. نيڪو پولس (Nikopolis) جي لڙائيءَ ۾ (سنه 1394ع) سرويا جي فوجن پنهنجي دليريءَ سان جنگ جي پوري قسمت بدلائي ڇڏي ۽ ترڪن کي شاندار ڪاميابي ڏياري. هن جنگ کانپوءِ قسطنطنيه ۽ ان جي آس پاس وارن ضلعن کانسواءِ باقي سڄو بلقان جو اپٻيٽ (Balkan Peninsula) ترڪن جي هٿ هيٺ آيو. انگووا جي لڙائيءَ (سنه 1402ع) ۾ جڏهن ترڪن جي طاقت بلڪل ختم ٿي وئي ۽ سلطان بايزيد کي تيمور قيد ڪيو، تڏهن اسٽيفن پنهنجي لشڪر سميت جنگ جي ميدان ۾ موجود هو ۽ پنهنجي ڀيڻويي کي آزاد ڪرائڻ لاءِ تمام گهڻيءَ جوانمراديءَ سان وڙهيو. جيتوڻيڪ هن کي پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ جو پورو موقعو هو، تنهن هوندي به ائين ڪرڻ بدران هو پنهنجي قول تي قائم رهيو ۽ سلطان بايزيد جي پٽن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي لڙندو رهيو. جيستائين انهن پنهنجو اباڻو تخت وري حاصل ڪيو. اسٽيفن کان پوءِ هن جي جڳهه تي جارج برئنڪووچ (George Brankovitch) آيو. هن جي ڏينهن ۾ سرويا نيم خودمختياري حاصل ڪئي. پر جڏهن جارج سنه 1438ع ۾ ترڪي حڪومت خلاف بغاوت شروع ڪئي تڏهن ترڪن وري سرويا تي حملو ڪري پنهنجو قبضو ڄمايو. انهيءَ کان پوءِ سرويا ٿوري وقت لاءِ هنگريءَ جي حڪومت کي تسليم ڪيو، پر سنه 1444ع ۾ وارنا جي ميدان ۾ جان هنيئاڊي (John Hunyady) کي شڪست ڏيڻ بعد ترڪن وري هڪ ڀيرو سرويا کي پنهنجو مطيع ڪيو ۽ آخرڪار 1459ع ۾ سرويا کي ترڪي سلطنت جو هڪ صوبو قرار ڏنو ويو. جڏهن سرويا جي عيسائين کي اختيار ڏنو ويو ته هو يا ته هنگريءَ جي رومن ڪئٿلڪ حڪومت کي پسند ڪن يا ترڪن جي اسلامي حڪومت جي اطاعت ڪن، تڏهن انهن مسلمانن جي صلح پسند حڪومت کي ترجيح ڏني. سرويا وارن جي انهيءَ وقت جي خيالن جي خبر هن قصي مان پوي ٿي، جڏهن ترڪن ۽ هنگرين جي وچ ۾ لڙائي لڳي، تڏهن جارج برئنڪو وچ جان هني ڊي کان دريافت ڪيو ته: ”جيڪڏهن تون جنگ ۾ ڪامياب ٿيندين ته ڇا ڪندين؟“ هن جواب ڏنو ته: ”رومن ڪئٿلڪ مذهب کي قائم ڪندس.“ جارج پوءِ سلطان سان مليو ۽ هن کان پڇيائين ته: ”جيڪڏهن تون ڪامياب ٿيندين ته پوءِ اسان جي مذهب سان ڪهڙو سلوڪ ڪندين؟“ سلطان جواب ڏنو ته: ”هر هڪ مسجد ڀرسان هڪ ڪليسا هوندو ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي آزادي هوندي ته ٻنهين مان جيڪو به گهر هن کي پسند اچي، ان ۾ خدا جي عبادت ڪري.“ سرويا جي ڪن پادرين جي دغا بازيءَ ڪري بلگريڊ (Belgrade) شهر کي گهيرو ڪيل فوج کي ترڪن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا ساڳيءَ طرح ڊئنيوب نديءَ جي ڪناري تي سمندريه جي شهر جي عيسائين ترڪي فوجن جو خيرمقدم ڪيو ۽ ترڪن وري انهن کي سنه 1600ع ۾ رومن ڪئٿلڪ مذهب کان آزادي وٺي ڏني
سرويا جي ماڻهن ۾ ڪسووا جي لڙائيءَ کان پوءِ يڪدم اسلام جي شروعات ٿي. جاگيردار طبقي مان هڪ ڪافي تعداد انهن اميرن جو وڃي بچيو هو، جن ڀر وارن عيسائي ملڪن ۾ وڃي پناهه وٺڻ پسند نه ڪيو، بلڪه پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو، انهيءَ لاءِ ته جيئن هو پنهنجا قديم جاگيرداري حقوق قائم رکي سگهن ترڪي جي سلطانن کي انهن نئو مسلم اميرن مان ڪيترا نهايت جوشيلا اسلام جا مبلغ مليا سرويا جا عام عيسائي ڪثير تعداد ۾ پنهنجي اباڻي دين تي محڪم رهيا، جيتوڻيڪ انهن کي ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ مصيبتون برداشت ڪرڻيون پيون. رڳو ستارا سربيا (Stara Serbia) يعني قديم سرويا ۾، جو موجوده آببينيا جو ڏکڻ اوڀر وارو حصو آهي، عيسائين گهڻي تعداد ۾ اسلام قبول ڪيو. عيسوي سترهين صديءَ تائين اسلام سرويا اندر بلڪل آهستگيءَ سان ڦهليو. انهيءَ عرصي اندر آسٽريا جي ماڻهن سرويا جي ماڻهن کي بغاوت برپا ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو. پر جڏهن سرويا وارن کي انهيءَ منصوبي ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي، تڏهن سرويا جو پئٽرئارڪ آرسينئس ٽيون (Arsenius III) سنه 1690ع ۾ چاليهن هزارن عيسائي خاندانن کي پاڻ سان وٺي ترڪي سرحد پار ڪري هنگريءَ طرف هليو ويو. عيسائين جي ٻي ڀاڄ سنه 1739ع ۾ ٿي. هن ڀيري آرسينئس چوٿين جي قيادت ۾ پندرهن هزار عيسائي خاندان ملڪ مان نڪري ويا. ايترن عيسائي خاندانن جي ملڪ مان نڪري وڃڻ ڪري، سرويا جو گهڻو حصو اصلوڪن رهاڪن کان محروم ٿي ويو.
جڏهن سرويا جو گهڻو حصو خالي ٿي ويو، تڏهن ڏکڻ طرف کان آلبينيا جا ماڻهو سرويا اندر ڌوڪي آيا ۽ اتي اچي آباد ٿي ويٺا. اهي آلبينيا جا ماڻهو سرويا ۾ داخل ٿيڻ وقت گهڻو ڪري، سڀ رومن ڪئٿلڪ مذهب جا پيروڪار هئا، پر قديم سرويا ۾ آباد ٿيڻ بعد آهستي آهستي مسلمان ٿيندا ويا. موجوده وقت ۾ سرويا ۾ رومن ڪئٿلڪ آلبيني عيسائي تمام ٿورا ڏسڻ ۾ ايندا، جيتوڻيڪ وقت به وقت ڀر وارن جابلو علائقن مان ڪئٿلڪ عيسائي اتي اچن ٿا، سي پهريائين پنهنجن وڏن جي دين جي پيروي ڪن ٿا، پر پوءِ آهستي آهستي اهي پڻ اسلام قبول ڪريو ڇڏين.
سرويا ۾ آلبيني ماڻهن جي آباد ٿيڻ کان پوءِ سرويا جي باقي بچيل اصلي باشندن ۾ اسلام تمام تيزيءَ سان ڦهلجڻ لڳو. سرويا جا پادري تمام گهڻو جاهل ۽ اڻ پڙهيل هئا. هو تمام گهڻيءَ تڪليف سان مس مس نماز جو ڪتاب پڙهي سگهندا هئا. انهن مان ڪنهن کي به لکڻ نه ايندو هو. هو ماڻهن ۾ نه پنهنجي دين جو پرچار ڪندا هئا، نه وري ڪو ديني ڪتاب پڙهائيندا هئا. انهيءَ جو لازمي نتيجو اهو نڪتو جو سڄن ڳوٺن ۾ ڪو اهڙو عيسائي مشڪل سان وڃي رهيو، جنهن کي خدا جي دعا (Lord’s Prayer) ۽ خدا جي حڪمن (Lord’s Commandment) جي تعداد جي خبر هجي. خود پادرين کي به انهن ڳالهين جي خبر نه هئي سنه 1689ع ۾ بغاوت کان پوءِ سرويا جي ڪليسائي شهر ايپڪ (Ipec) جو پئٽرئارڪ سلطنت عثمانيه طرفان مقرر ڪيو ويو. جڏهن 1737ع ۾ سرويا جي عيسائين ٻيو دفعو بغاوت کڙي ڪئي، تڏهن سرويا جي پئٽرئارڪ کي برطرف ڪري، ڪليسئا کي قسطنطنيہ جي يوناني ڪليسئا جي ماتحت ڪيو ويو. سرويا جي ديولن ۾ يوناني بشپ مقرر ڪيا ويا، جن بدنصيب عيسائين جي خون وهائڻ ۾ ترڪي گورنرن ۽ پاشائن جي مدد ڪئي. انهن جي قومي زبان کي ناجائز ٺهرايو ويو ۽ جيڪي نماز جا ڪتاب قديم سلاوي ٻوليءَ (Old Slavonic Language) ۾ لکيل هئا، انهن کي گڏ ڪري. قسطنطنيہ موڪليو ويو. هاڻي جنهن ملڪ ۾ پادرين جي اها حالت هجي ته انهيءَ ملڪ ۾ عيسائي مذهب جو ختم ٿي وڃڻ ڪا عجب جهڙي ڳالهه نه آهي. مثال طور هڪ شهر جو احوال ڏجي ٿو: سنه 1690ع جي ڀاڄ کان پوءِ پريزران (Prizran) ضلعي جي هڪ شهر گورا (Gora) ۾ باقي بچيل عيسائي جلد ئي مسلمانن جهڙي رهڻي ڪرڻي اختيار ڪرڻ لڳا. جيڪي به عيسائي پنهنجي دين تي اڃا محڪم هئا، تن پريزران جي يوناني بشپ کي انهن ڏانهن پادرين موڪلڻ لاءِ بار بار عرض ڪيو، پر انهن جي اها ساري ڪوشش رائگان وئي. انهن جي ٻارن جي بپتسمه جون رسمون ادا نه ڪيون ويون. انهن جي شادين ۽ غمين جا موقعا بغير ڪليسئائي دعائن جي ملهايا ويندا هئا. انهن جون مذهبي جايون آهستي آهستي ٿي ڪرنديون ويون موجوده وقت ۾ پريزران جي ڀر سان اوپولجي (Opolji) ضلعي ۾ جيڪي ساڍا نو هزار مسلمان نظر اچن ٿا، سي سڀيئي گهڻو ڪري، انهيءَ علائقي جا ماڻهو ۽ اصلي قوم سلاو ((Slav جو اولاد آهن عيسوي سترهين صديءَ جي شروعات ڌاري مورخ بيزيءَ معلوم ڪيو ته جاگنيوو (Jagnevo) شهر ۾ 120 گهر رومن ڪئٿلڪ عيسائين جا ۽ 180 مسلمانن جا هئا. تقريبن هڪ سو سالن کان پوءِ ڏٺو ويو ته انهيءَ شهر جو هر هڪ گهر مسلمانن جو معلوم پئي ٿيو، ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن گهر جي وڏي اسلام قبول ڪيو هو. رڳو عورتون ۽ ڪجهه ٻار عيسائي مذهب رکندڙ هئا ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري ليئورس (Ljurs) جو سڄو ڳوٺ رومن ڪئٿلڪ مذهب جي پيروي ڪندڙ هو، مگر سنه 1863ع ۾ معلوم ڪيو ويو ته انهيءَ ڳوٺ ۾ 90 مسلمانن جا خاندان ۽ 23 عيسائين جا خاندان هئا. هاڻي ته ليئورس ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن جي سڀني عيسائين پنهنجي مسيحي دين کي بلڪل ترڪ ڪري ڇڏيو آهي
ڪسووا جي لڙائيءَ ۾ سلطنت سرويا جي خاتمي بعد جبل اسود (Montenegro) جي غير آباد جابلو علائقي سرويا جي انهن عيسائين کي پناهه ڏني، جن ترڪن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ نٿي پسند ڪيو، بلڪه انهن پنهنجي آزادي برقرار رکڻ جو مصمم ارادو ڪيو هو. هتي انهن تاريخي واقعن بيان ڪرڻ جو موقعو نه آهي ته ڪيئن انهيءَ بهادر قوم زماني جي سختين جو مقابلو ڪيو ۽ انهن ڪهڙيءَ طرح صدين جي مسلسل لڙاين ۾ پنهنجن بشپن جي حڪومت هيٺ هڪ آزاد عيسائي رياست کي قائم رکيو، خصوصن انهيءَ وقت ۾ جڏهن انهيءَ ملڪ جي ٻين سڀني عيسائي رياستن مسلمانن جي اطاعت قبول ڪري ڇڏي هئي. هاڻي جنهن صورت ۾ انهن جي هڪ جدا گانه قوم جي حيثيت ۾ زندگي بسر ڪرڻ جو مدار انهيءَ ڳالهه تي هو ته هو پنهنجي مسيحي دين تي قائم رهن، تنهن صورت ۾ اها اميد رکڻ اجائي هئي ته ڪو انهن ماڻهن اندر اسلام ڦهلبو. پر هيءَ ڳالهه ٻڌي، عجب ٿو لڳي ته عيسوي سترهين صديءَ اندر جبل اسود جي سرحدي ضلعن ۾ رهندڙ گهڻائي عيسائي مسلمان ٿي ويا ۽ انهن ڀر وارن ملڪن ۾ وڃي، ترڪي پاشائن وٽ ملازمت حاصل ڪئي. سنه 1703ع ۾ انهيءَ وقت جي بشپ حاڪم دانيال پيترا وچ (Daniel Petro vitch) عيسائين جي سڀني فرقن کي هڪ جڳهه جمع ڪرايو ۽ انهن کي ٻڌايو ته جيڪڏهن هو پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي دين جو بقا چاهين ٿا ته پوءِ انهن سڀني مسلمانن کي جيڪي انهن سان گڏ رهن ٿا، ختم ڪري ڇڏين. جيتوڻيڪ ايندڙ ناتال جي شام (Christmas eve) جو جبل اسود جي انهن سڀني عيسائين کي جيڪي تازو مسلمان ٿيا هئا ۽ جن اسلام ڦٽو ڪري، وري عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪيو، نهايت بي رحمي سان قتل ڪرايو ويو.
هاڻي بوسنيا (Bosinia) ۾ اسلام جي اشاعت جو احوال ڏجي ٿو: هن ملڪ جي ماڻهن جون جيڪي مذهبي ۽ معاشرتي حالتون، جيڪي ترڪن جي فتح کان اڳ هيون، سي خاص ڪري قابل توجهه آهن. هن ملڪ جي ماڻهن جو گهڻو حصو عيسائين جي هڪ گمراهه ۽ بي دين فرقي سان هو، جنهن کي بوگومائل ((Bogomiles ڪري سڏيندا هئا. عيسوي تيرهين صديءَ کان وٺي رومن ڪئٿلڪ مذهب وارن هن فرقي جي ماڻهن مٿان تمام گهڻا ظلم ڪيا ۽ انهن کي سخت ستايو. ايتريقدر جو پوپن گهڻن ئي موقعن تي هن فرقي جي عيسائين خلاف صليبي جنگ جوٽڻ جو حڪم جاري ڪيو سنه 1325ع پوپ يحييٰ ٻاويهين بوسينا جي بادشاهه کي هن طرح لکي موڪليو: ”اسان جا پيارا پٽ معزز اسٽيفن (Stephen) بوسينا جا بادشاهه! اسان کي خبر آهي ته تون ڪليسا جو وفادار فرزند آهين، انهيءَ ڪري اسين توکي حڪم ٿا ڏيون ته تون پنهنجي حڪومت مان انهيءَ بي دين فرقي جي پاڙ پٽي ڇڏ ۽ اسان جي طرفان آيل تحقيقاتي آفيسر فيبئن (Fabian) جي هر طرح مدد ڪر، ڇاڪاڻ ته اهي بي دين بگو مائلي جدا جدا پاسن کان هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي، هاڻي بوسينا جي رياست ۾ انهيءَ اميد سان آيا آهن ته جيئن هو اتي پنهنجي گندن ۽ غلط عقيدن جو ٻج به پوکين ۽ امن سلامتيءَ سان زندگي به گذارين. انهن جي رڳ رڳ ۾ شيطاني مڪر ۽ فريب ڊوڙي رهيو آهي ۽ انهن جو اندر ڪوڙن ۽ غلط خيالن جي زهر سان ڀريو پيو آهي. هو ٻاهران پاڻ کي سادگيءَ جي ويس ۾ ظاهر ڪري ۽ پاڻ تي عيسائين جهڙا جڙتو نالا رکائي رومن ڪئٿلڪ عيسائين جي دلين کي خراب ڪن ٿا. انهن جي گفتگو اهڙي ته آهستي، انڪاريءَ ۽ خوشامد سان ڀريل آهي جيئن کيکڙو زمين تي ريڙهيون پائي رهيو آهي، پر اندروني طرح هو ماڻهن کي ماري رهيا آهن. هو رڍ جي ويس ۾ بگهڙ آهن. انهن مسيح جي اٻوجهه رڍن کي ٺڳڻ لاءِ پنهنجي حيواني جوش کي مخفي رکيو آهي.“ عيسوي پندرهين صديءَ ۾ انهن جون تڪليفون ايتريقدر ته انهن جي برداشت کان ٻاهر ٿي ويون، انهن آخرڪار ترڪن کي عرض ڪيو ته انهن کي هن مصيبت واريءَ حالت مان نجات ڏيارين. بوسينا جي بادشاهه ۽ عيسائي پادرين انهن کي ايتريون ته حد کان وڌيڪ سختيون ۽ تڪليفون ڏنيون جو انهن کي ايتريون اڳ ۾ ڪڏهن به نه پهتيون هيون. انهن سختين ۽ تڪليفن کان تنگ ٿي تقريبن چاليهه هزار بوگو مائيل بوسينا مان لڏي ڀر وارن ملڪن ۾ هليا ويا. جيڪي بوگومائيل ڀڄي پنهنجي جان بچائي نه سگهيا، تن کي بوسينا جي بادشاهه زنجيرن ۾ جڪڙي روم ڏانهن روانو ڪيو. باوجود انهن سخت طريقن استعمال ڪرڻ جي بوسينا ۾ بگو مائل جي طاقت کي ڌڪو اچي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته سنه 1462ع ۾ هيءُ فرقو هن ملڪ ۾ ايتري قدر ئي طاقت ۾ هو جيتري قدر شروع ۾ هو. سنه 1463ع ۾، جڏهن ترڪي سلطان محمد ٻئي بوسينا تي حملو ڪيو، تڏهن بوسينا جي رومن ڪئٿلڪ بادشاهه جون اکيون کليون جو سندس سچي رعيت کيس تنها ڇڏي وئي. بوگومائل گورنر مکيه قلعي جون ڪنجيون ۽ بوبوواظ (Bobovatz) جو بادشاهي شهر ترڪن جي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻين شهرن ۽ قلعن پڻ انهيءَ مثال جي پيروي ڪئي ۽ هڪ هفتي اندر ستر شهر ترڪن جي قبضي ۾ اچي ويا ۽ سلطان محمد پنهنجي فتح ڪيل ملڪن ۾، جن جو تعداد شمار کان ٻاهر هو، بوسينا کي به شامل ڪري ڇڏيو
ترڪن جي بوسينا فتح ڪرڻ بعد، تاريخ ۾ بوگومائل فرقي جو احوال تمام گهٽ ملي ٿو ۽ ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن جي گهڻن ماڻهن ترڪن جي فتح بعد يڪدم اسلام قبول ڪيو ۽ باقي جيڪي وڃي بچيا سي به آهستي آهستي اسلام قبول ڪندا ويا. بوسينا جا رومن ڪئٿلڪ عيسائي بوسينا ڇڏي ٻين ڀر وارن ملڪن هنگري ۽ آسٽريا ڏانهن هليا ويا. ڪن مورخن جو خيال آهي ته بوگومائل فرقي جي گهڻن عيسائين گهٽ ۾ گهٽ ترڪي فتوحات جي اوائلي ڏينهن ۾، انهيءَ نيت سان اسلام قبول ڪيو ته هو اڳتي هلي ڪنهن مناسب موقعي ملڻ تي وري پنهنجي اصلوڪي دين تي موٽي ايندا. جئن ته انهن تي لڳاتار سخت ظلم ٿيندا رهندا هئا. انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته انهن ٿوري وقت لاءِ پنهنجي مذهب جو انڪار ڪرڻ سکي ڇڏيو هجي، پر جڏهن انهن کي وري پنهنجي اصلوڪي دين ڏانهن موٽڻ جو موقعو نه مليو، تڏهن انهن جو اهو ارادو به آهستي آهستي ٿي ضرور گهٽجي ويو هوندو ۽ آخرڪار انهن جي اولاد اها ڳالهه بلڪل وساري ڇڏي هوندي. مورخن جو اهو خيال محض هڪ ڌُڪو آهي ۽ ان جي تصديق ۾ ڪا به ثابتي موجود نه آهي. اسان کي ته ائين معلوم ٿئي ٿو ته بوگومائل فرقي وارن پنهنجي رضا خوشيءَ سان انهيءَ ڪري اسلام قبول ڪيو جو انهن جي عجيب و غريب عقيدن ۽ اسلامي عقيدن جي وچ ۾ گهڻي قدر مشابهت هئي. مثلن هو حضرت مريم عليها السلام جي پوڄا، بپتسمه جي رسم ۽ پادرين جي هر ڪنهن نوع ۽ نموني جي خلاف هئا. هو صليب کي مذهبي نشان ڪري تصور نه ڪندا هئا، بلڪه ان کان انهن کي بڇان لڳندي هئي. مذهبي مورتن، بتن ۽ بزرگن جي يادگارن اڳيان پنهنجو سر جهڪائڻ بت پرستي ڪري ليکيندا هئا. انهن جي عبادت جون جڳهيون بلڪل ساديون ۽ بغير ڪنهن ٺاهه ٺوهه جي هيون. انهيءَ جي برعڪس رومن ڪئٿلڪ عيسائين جون ڪليسائون ڏاڍيون سينگاريل هونديون هيون. مسلمانن وانگر بوگومائل به ڪليسا جي گهنڊ کي پسند نه ڪندا هئا ۽ ان کي شيطان جو دهل ڪري سڏيندا هئا. حضرت مسيح جي باري ۾ انهن جو هي عقيدو هو ته حضرت مسيح عليہ السلام جن کي خود صليب تي نه چاڙهيو ويو هو، بلڪه سندن جڳهه تي هڪ خيالي صورت مصلوب ڪئي وئي. هن عقيدي ۾ هو ڪجهه قدر قرآن شريف جي تعليم سان مشابهت رکن ٿا شراب کان نفرت ۽ سندن سادي پر خشڪ ۽ سخت زندگيءَ انهن کي اسلام جي قريب ڪري ڇڏيو. هو پنج وقت نماز ڏينهن جو ۽ پنج وقت رات جو پڙهندا هئا ۽ هر هر گوڏن ڀر ويهي خدا تعاليٰ کان دعا گهرندا هئا اهڙيءَ طرح انهن کي مسلمانن جي مسجدن ۾ وڃي نماز پڙهڻ ۾ ڪو خاص فرق نظر نه آيو. مٿي جيڪي ڪجهه ڳالهيون بوگومائل فرقي وارن متعلق بيان ڪيون ويون آهن، سي سڀيئي گهڻو ڪري اسلامي تعليم سان مناسبت رکندڙ آهن. پر انهن ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون پڻ موجود هيون جن جو واسطو خاص ڪري عيسائي مذهب سان هو ۽ هڪ صحيح مسلمان انهن کي اختيار ڪري نٿي سگهيو، هاڻي جنهن صورت ۾ ڪيتريون ڳالهيون بوگومائل فرقي اندر ۽ اسلام ۾ هڪ جهڙيون هيون، انهيءَ صورت ۾ اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي ته ڪهڙيءَ طرح بوگومائيلين کي اسلام جي مخالف مسئلن کي ترڪ ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ويو هوندو. بگو مائيلين جو هي عقيدو هو ته خدا ٻه آهن، اسلام جي بلڪل برعڪس هو. پر اسلام جو هميشہ کان اهو اصول رهيو آهي ته هو اهڙي قسم جي ديني نظرين کي في الحال برداشت ڪري ويندو آهي، بشرطيڪه اهي نظريا اسلام اندر ڪو تفرقو نه پيدا ڪن ۽ ماڻهو عام طرح اسلام جي سڀني مکيه اصولن جو اقرار ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار هجن.
ترڪن پنهنجي دستور مطابق، بوسينا وارن کي به اسلام قبول ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن قسم جون سهوليتون آڇيون. جن عيسائين اسلام قبوليو تن کي اجازت ڏني وئي ته هو ڀلي پنهنجون اصلي زمينون ۽ ٻي ملڪيت پاڻ وٽ رکن. هاڻي اهو گمان نڪري سگهي ٿو ته رومن ڪئٿلڪ مذهب وارن جن قديم عيسائين کي سندن بگڙيل ديني عقيدن ڪري پنهنجي حقي جائداد ۽ ملڪيت کان محروم ڪري ڇڏيو هو تن کي هاڻي اسلام پنهنجي اصلي حالت ۽ درجي تي وري پهچڻ جو موقعو ڏنو هوندو. ترڪن جو آخرين فتح ڪيل ملڪ ڪريٽ جو ٻيٽ هو، جو انهن سنه 1669ع ۾ وينس جي حڪومت کان کسي پنهنجي قبضي ۾ آندو. ٽن سالن جي سخت گهيري بعد ترڪن ڪانديا جو شهر فتح ڪيو ۽ هن شهر جي هٿ ڪرڻ بعد ترڪن ۽ وينس وارن جي وچ ۾ ڪريٽ جي ٻيٽ هٿ ڪرڻ لاءِ جيڪو جهڳڙو گذريل پنجويهه سالن کان وٺي هلندو ٿي آيو، سو ختم ٿي ويو.
هيءُ پهريون ئي دفعو نه هو جو ڪريٽ مسلمانن جي قبضي ۾ آيو هو، پر عيسوي نائين صديءَ جي شروعات ۾ هيءُ ٻيٽ اوچتو ئي اوچتو اسپين جي رولو مسلمانن جي هڪ جماعت جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ اٽڪل ڏيڍ صديءَ (سنه 725ع کان سنه 961ع) تائين انهن جي ئي قبضي ۾ رهيو انهيءَ عرصي اندر ڪريٽ جي تقريبن سڀني ماڻهن اسلام قبول ڪيو. عيسائين جون ديولون يا ته تباهه ۽ برباد ٿي ويون يا ته مسجدن ۾ تبديل ٿي ويون. پر جڏهن ڪريٽ ۾ وري بزنطائين حڪومت جو دور شروع ٿيو، تڏهن هڪ آرميني راهب جي عمدين ۽ موثر تقريرن ذريعي سڀني ماڻهن وري پنهنجو اصلوڪو مسيحي مذهب اختيار ڪيو ۽ سڄي ٻيٽ اندر صرف اهو ئي هڪڙو عيسائي مذهب رائج ٿي ويو جڏهن بزنطائين سلطنت ورهائجي وئي، تڏهن ڪريٽ جو ٻيٽ مانٽ سيراٽ (Montserrat) جي ڊيوڪ بونيفيس (Boniface) جي حصي ۾ آيو. بونيفيس کان وري وينس جي حڪومت عيسوي تيرهين صديءَ جي شروعات ۾ هيءُ ٻيٽ خريد ڪيو. وينس وارن ڪريٽ مٿان تمام گهڻي سختيءَ ۽ ظلم سان حڪومت هلائي ۽ بظاهر ان کي هڪ خريد ڪيل شيءِ سمجهي پنهنجي حڪومت ۽ بيٺڪ واسين جي فائدي لاءِ پنهنجي مرضيءَ مطابق استعمال ڪيو. انهن جي حڪومت ايتري قدر ته سخت ۽ ظالم هئي جو ڪريٽ جي ماڻهن گهڻائي دفعا بغاوتون ڪيون، پر انهن جي بغاوتن کي هر ڪنهن دفعي تمام گهڻي بي رحميءَ ۽ بي درديءَ سان بند ڪيو ويو. هڪڙي موقعي تي سفاڪيه (Safakia) ۽ لاسيتي (Lassiti) علائقن جي سڀني ضلعن مان ماڻهو نڪري ويا ۽ حڪم ڏنو ويو ته انهن ضلعن ۾ ڪو به ماڻهو اناج نه پوکي، ورنه ان کي موت جي سزا ڏني ويندي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو تقريبن هڪ صديءَ تائين هي پرڳڻا ويران ۽ غيرآباد پيا هئا عيسوي سورهين صديءَ جي شروع ۾ ڪريٽ وارن جي آخرين بغاوت کي، وينس جي حڪومت اهڙيءَ ته بريءَ طرح سان بند ڪيو جو بدنصيب ڪريٽ جي ماڻهن جي حالت نهايت وحشتناڪ بڻجي پيئي. ڪريٽ جي ماڻهن جي انهيءَ وقت ڪيتريقدر سخت حالت هئي، ان جي خبر اسان کي ڪمشنرن جي رپورٽن مان پوي ٿي، جن کي وينس جي اميرن ۽ جاگيردارن پنهنجي ظلم ۽ ستم سان ويچارن غريب هارين کي بلڪل پائمال ڪري ڇڏيو هو. انهن جي حالت غلامن جي حالت کان به بدتر هئي، ايتريقدر جو ڪنهن کي اها جرئت نه ٿيندي هئي جو پنهنجي ظلم جي شڪايت ڪري سگهي. هر هڪ ڪڙميءَ کي لازمي طرح سال ۾ ٻارهن ڏينهن پنهنجي جاگيردار جي ونگار وهڻي پوندي هئي. جنهن ۾ هن کي بغير ڪنهن محنت مزدوريءَ جي سخت ڪم ڪرڻو پوندو هو. اڃا به جيڪڏهن جاگيردار کي هن کان وڌيڪ وقت لاءِ ڪم وٺڻو هوندو هو ته هو پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪيتري وقت تائين به هن کي پاڻ وٽ رکي سگهيو ٿي ۽ انهيءَ وڌيڪ وقت لاءِ ڪڙميءَ کي صرف نالي ماتر هڪ پيني هڪ ڏينهن جي حساب سان اجوري ۾ ڏيندو هو. باغائي پنهنجي انگورن جي باغن مان پيدائش جو ٽيون حصو مالڪن کي ڏيندا هئا. پر مالڪ زبردستي ۽ چالاڪيءَ سان ٻه حصا کڻي ويندا هئا ۽ باقي مشڪل سان ٽيون حصو ويچاري باغائيءَ کي وڃي بچندو هو. هارين جا ڍڳا ۽ خچر زميندار زبردستيءَ پنهنجي خانگي ڪمن لاءِ وٺي ويندا هئا. انهن سڀني ڳالهين کانسواءِ ٻيا به ٺڳيءَ ۽ ظلم جا هزارين طريقا هوندا هئا، جن سان ويچارن بدنصيب هارين جو رت چوسيو ويندو هو. ڪمشنرن جي رپورٽن وينس جي حڪومت تي ڪجهه به اثر نه ڪيو ته جيئن اميرن جي ظلم ۽ تشدد کي بند ڪري، ڪريٽ جي ماڻهن جي حالت سڌارين، پر پاڻ حڪومت فراپائولو سارپي (Frapaolo Sarpi) نالي هڪ شخص جي صلاح کي پسند ڪيو، جنهن سن 1615ع ۾ وينس جي حڪومت کي يوناني بيٺڪن جي باري ۾ لکي موڪليو ته: ”جيڪڏهن بيٺڪن جا امير پنهنجي جاگيرن جي ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا ته بهتر طريقو اهو آهي ته ان تي ڪجهه به غور ۽ فڪر نه ڪيو وڃي، ۽ ڀلي ته اميرن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو پيار ۽ شفقت نه هجي
اها ڪا حيرت جهڙي ڳالهه نه آهي ته ڪريٽ جا ماڻهو پنهنجن حاڪمن کي بدلائڻ جا خواهان هئا. جيتوڻيڪ انهن کي ترڪن جي اطاعت قبول ڪرڻ جو گهڻو خيال نه هو، ڇاڪاڻ ته انهن اڳيان سندن قوم جي ٻين ماڻهن جو مثال موجود هو، تڏهن به وينس جي حڪومت جي سختين ۽ ڳرن محصولن کان بچڻ خاطر ڪريٽ جي ماڻهن جي هڪ وڏي حصي ڀڄي، وڃي ترڪيءَ ۾ پناهه ورتي ۽ ائين ڪرڻ ۾ انهن بي شمار عيسائين جي مثال جي پيروي ڪئي ويئي، جن وقت به وقت پنهنجي حاڪمن جي ظلم کان بچڻ خاطر اڳ ۾ ئي اتي اچي پناهه ورتي هئي. ڪريٽ جا گهڻائي عيسائي شهر ڏانهن پڻ پناهه وٺڻ لاءِ هليا ويا، جن مان ڪيترن وڃي اسلام قبول ڪيو ڪريٽ جي ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ ناراض ڪندڙ ڳالهه خاص ڪري هيءَ هئي جو رومن ڪئٿلڪ پادري انهن مٿان سخت ظلم ڪندا هئا ۽ پادرين اها وقف ٿيل ملڪيت هٿ ڪئي، جنهن تي يوناني ڪليسا وارن جو حق هو. ان کانسواءِ انهن يوناني عيسائين کي، جن جي آدم شماري سڄي ٻيٽ جي آباديءَ جي ڏهن حصن مان نو حصا هئي، هر طرح رسوا ۽ ذليل ڪيو انهيءَ جي برعڪس ترڪن وري ڇا ڪيو جو انهن جي دلين وٺڻ خاطر انهن کي يوناني ڪليسا جو راڄ قائم ڪري ڏنو. وينس جي هڪ مصنف اهڙي هڪ واقعي جو احوال هن طرح لکيو آهي: ”ڪانيا جو هڪ پادري ترڪي سپهه سالار قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ هن کي ٻڌايائين ته جيڪڏهن هو گهري ٿو ته ڪريٽ جي ماڻهن جي دلين کي هٿ ڪري ۽ وينس جي حڪومت جو نالو نشان گم ڪري ته پوءِ هن کي اها ڳالهه ضرور ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن به مهذب سوسائٽيءَ کي پاڻ سان ملائي رکڻ جو زبردست ذريعو مذهب آهي. انهيءَ ڪري هن کي اهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪو وينس وارن جي طرز عمل کان مختلف هجي. وينس وارن ڪريٽ مان يوناني ڪليسا جي مذهب جي پاڙ پٽي ڇڏڻ ۽ ان جي جڳهه تي رومن ڪئٿلڪ مذهب قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي سر حتي المقدور ڪوشش ڪئي. انهيءَ ئي خيال سان انهن هي حڪم صادر ڪيو ته سڄي جزيري اندر ڪو به يوناني بشپ نه رکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن کي اها ڳالهه ذهن نشين ٿي ويئي هئي ته معزز ۽ معتبر مذهبي مهندارن کي الڳ ڪرڻ سان ئي هو يوناني عيسائين جي منتشر قبيلن مٿان آسانيءَ سان قبضو حاصل ڪري سگهندا. انهيءَ حڪم ڪريٽ جي ماڻهن جي دلين ۾ ايتري قدر ته رنجش پيدا ڪئي، جو هو ٻيءَ ڪنهن به اهڙيءَ حڪومت جي خوشيءَ سان اطاعت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا، جيڪي وري انهن کي يوناني ڪليسا جو راڄ برپا ڪري ڏئي، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي مذهبي عبادت لاءِ يوناني ڪليسا جو هجڻ ضروري ٿي سمجهيو. ڪانيا جي پادريءَ قاسم کي اهو پڻ ٻڌايو ته ڪريٽ جي ماڻهن کي اڃا به وڌيڪ راضي رکڻ لاءِ انهن کي اهو يقين ڏياريو وڃي ته نه رڳو انهن جا اصلوڪا مذهبي حق ملندا، پر انهن کي وڌيڪ نوان اختيارات پڻ ڏنا ويندا. قاسم کي هي ڳالهيون اهڙيون ته مناسب معلوم ٿيون، جو هن يڪدم اهي قسطنطنيه ڏانهن لکي موڪليون. قسطنطنيہ ۾ پڻ اهي ڳالهيون ڏاڍيون پسند آيون ۽ سلطان قسطنطنيہ جي يوناني پئٽرئارڪ کي حڪم ڏنو ته ڪانيا جي صوبي ۾ هڪدم هڪ آرچبشپ مقرر ڪيو وڃي، جنهن جي هٿ هيٺ ست ٻيا بشپ پڻ رکيا وڃن
تاريخ مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته ترڪن جي ڪريٽ فتح ڪرڻ بعد جلد ئي اتي جي عيسائين ڪثرت سان اسلام قبول ڪيو. هيءَ ڳالهه عقل جي خلاف نه آهي ته جنهن شوق ۽ جذبي، ڪريٽ جي عيسائين کي وينس جي ڌارين حڪومت اندر پنهنجي اصلوڪي مذهب تي محڪم رکيو. جيتوڻيڪ وينس وارن انهن کي پاڻ کان الڳ رکيو ۽ انهن سان هر ڪنهن قسم جي تعلقات قائم رکڻ کي پنهنجي توهين سمجهي ۽ انهن ۾ هميشه احساس ڪمتري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ ساڳيءَ حب هاڻي انهن کي مجبور ڪيو ته پنهنجن نون حاڪمن (ترڪن) جو مذهب اختيار ڪن، جن انهن کي يڪدم رعيت جي درجي مان ڪڍي، پاڻ جهڙو درجو عطا ڪيو ۽ انهن کي سندن ملڪ جي سياست ۽ حڪومتي نظام ۾ پورو حصو ڏنو. ڪريٽ جي عيسائين جي مذهب بدلائڻ جا کڻي ڪهڙا به سبب هجن، تڏهن به اها ڳالهه قبول ڪري نٿي سگهجي ته ڪو ترڪن انهن کان زبردستي اسلام قبول ڪرايو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ کان اڳ ڪريٽ جي ماڻهن هڪ دشمن ۽ غير مذهب حڪومت جي ظلمن ۽ سختين کي صدين تائين برداشت ڪيو، پر هو پنهنجي مذهب ۽ عقيدي تان دست بردار نه ٿيا. ترڪن جي ڪريٽ فتح ڪرڻ کان اٽڪل ٽيهن سالن بعد ڪريٽ ۾ گهڻو تعداد انهن مسلمانن جو هو، جيڪي پهريائين عيسائي هئا يا انهن عيسائين جو اولاد هئا هڪ سئو سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصو گذرڻ بعد ڪريٽ جي آدمشماريءَ جو اڌ حصو مسلمان بڻجي چڪو هو. ڪريٽ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، شهرن ۾ توڙي ڳوٺن ۾، ملڪ جي اندروني ضلعن ۾ توڙي جبلن جي وچ ۾، مسلمان ئي مسلمان ڏسڻ ۾ ايندا هئا. اهي مسلمان ڪريٽ جا باشندا هئا ۽ شڪل شبيہ، رهڻي ڪرڻي ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ نس پس يوناني معلوم ٿيندا هئا. ڪريٽ جي سڄي ٻيٽ اندر اڄ ڏينهن تائين يوناني زبان کان سواءِ ٻي زبان نٿي ڳالهائي وڃي ۽ نه هن کان اڳ ڪڏهن ڳالهائي وئي آهي. جيڪي به ٿورا گهڻا ترڪ اتي رهن ٿا، انهن کي به يوناني زبان استعمال ڪرڻي پوي ٿي ۽ ترڪي سلطانن ۽ پاشائن جي حڪمن کي يوناني ٻوليءَ ۾ پڙهڻو ۽ شايع ڪرڻو پوي ٿو موجوده وقت ۾ (اوڻيهين صديءَ ۾) ڪريٽ جي عيسائين ۽ مسلمانن وچ ۾ جيڪي سخت اختلاف آهن ۽ جن هن ٻيٽ جي سڄيءَ تاريخ کي افسوسناڪ بڻائي ڇڏيو آهي، سي يونان جي بغاوت برپا ڪرڻ کان اڳ ڪنهن به حالت ۾ اهڙا خراب نه هئا، انهيءَ بغاوت کان اڳ ڪريٽ جا مسلمان عام طرح عيسائي عورتن سان شاديون ڪندا هئا ۽ اهي عورتون شاديءَ کان پوءِ به پنهنجي مسيحي دين تي محڪم رهنديون هيون. ان کانسواءِ اهي مسلمان پنهنجي عيسائي دوستن جي ٻارن جا ديني رسمي پِيرُ (God Fathers) بڻبا هئا ٻنهي قومن جي پاڻ ۾ معاشرتي ميلاپ جي وڌيڪ خبر اسان کي انهن جي هڪجهڙيءَ پوشاڪ مان پوي ٿي. ڪريٽ جا مسلمان توڙي عيسائي پنهنجي پوشاڪ ايتريقدر ته ساڳي پهرين ٿا، جو خود اتي جا اصلوڪا رهاڪو، جيڪي مدت کان وٺي اتي رهندا اچن ٿا يا ڀر وارن ٻيٽن ۾ رهندڙ يوناني به انهن ٻنهين قومن جي وچ ۾ ڪو فرق محسوس ڪري نٿا سگهن