باب ٽيون : اولهه ايشيا جي عيسائي قومن ۾ اسلام جي اشاعت
”آءٌ رسول الله جن جي ڪنهن به حڪم کي هرگز رد نه ڪندس. مدينو ڀلي جهنگلي جانورن جو شڪار بڻجي وڃي، پر لشڪر کي حضور جن جي منشا جي تعميل ضرور ڪرڻي پوندي.“ هيءَ چڙهائي انهن حيرت انگيز لڙاين جي سلسلي مان پهرين لڙائي هئي، جن ۾ عربن شام، فارس ۽ اتر آفريڪا جي ملڪن کي فتح ڪيو، قديم ايراني سلطنت کي زيرو زبر ڪري ڇڏيو ۽ رومي شهنشاهيت کان ڪيترائي بهترين علائقا ڦري ورتا. انهن مختلف لڙاين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ هن ڪتاب جي موضوع کان ٻاهر آهي پر جيئن ته انهن لڙاين فتح ڪرڻ سان اسلام جي تبليغ ۾ ترقي ٿي، انهيءَ ڪري اهو معلوم ڪرڻ ضروري آهي ته اهي ڪهڙيون حالتون هيون، جن جي ڪري مسلمانن لاءِ اهڙين لڙاين جو فتح ڪرڻ ممڪن ٿي سگهيو ٿي.
هڪ وڏي مورخ دلنگر (دلنگر*صفحو5-6) انهيءَ مسئلي کي جو اسان جي پيش نظر آهي، هن طرح بيان ڪيو آهي: ”ڇا اهو سچو ديني جوش هو، ڇا اها انهيءَ مذهب جي نئين قوت هئي، جيڪو هاڻي پهريون دفعو پنهنجي تمام پاڪيزگيءَ سان هڪ گل جي صورت ۾ نمودار ٿيو، جنهن هر ڪنهن لڙائيءَ ۾ عربن جي لشڪر کي ڪامياب بڻايو ۽ هڪ قليل عرصي اندر عربن کي هڪ ايڏي وڏي سلطنت جو مالڪ بڻايو، جا دنيا شايد ڪڏهن ڏٺي هجي؟ پر انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪا شاهدي موجود نه آهي. انهن مسلمانن جو تعداد تمام ٿورو هو، جن آزاديءَ ۽ دل جي خلوص واري يقين سان پيغمبر خدا جي تعليم ۽ اطاعت کي قبول ڪيو. باقي ٻئي طرف انهن مسلمانن جو تعداد تمام گهڻو هو، جن محض دنيا جي لالچ يا ٻين ڪن مجبورين جي بنا تي اسلام قبول ڪيو.
حضرت خالد رضي الله جنهن کي خدا جي ترارين مان هڪ ترار سڏيو وڃي ٿو. نهايت موثر نموني ۾ جبر ۽ ترغيب جي ملاوت کي، جنهن ڪري پاڻ ۽ قريش جا ڪيترا ماڻهو مسلمان ٿيا هئا، هن طرح ظاهر ڪيو آهي: ”خدا انهن کي دلين کان به پڪڙيو ۽ وارن کان به ۽ پوءِ انهن کي مجبور ڪيو ته حضرت محمد جن جي پيروي ڪن.“ قوميت جي مغرور جذبي جو به ڪافي اثر رهيو. اهو جذبو جيتريقدر انهيءَ وقت عربن ۾ موجود هو، اوتريقدر شايد ٻئي ڪنهن قوم جي ماڻهن ۾ هجي ۽ انهيءَ قومي جذبي ڪري ئي هزارين ماڻهن پنهنجي ملڪ جي ماڻهو ۽ ان جي دين کي ڌارين استادن جي مقابلي ۾ ترجيح ڏيڻ جو پڪو ارادو ڪيو. انهيءَ کان به وڌيڪ هيءَ ڪشش هئي، جو انهن کي پڪ ٿي ويئي ته اسلام جي طرفان لڙاين لڙڻ ۾ بي انداز مالِ غنيمت حاصل ٿيندو ۽ پوءِ پنهنجي ويران ۽ واريءَ جي بيابانن کي جتي مشڪل سان گذران ٿيندو هو، فارس، شام ۽ مصر جهڙن آباد زرخيز ملڪن ۾ بدلائڻ جو موقعو ملندو.“ پر تاريخ ۾ ٻين ڪيترين قومن جا مثال ملندا (جهڙوڪ هنس ۽ ونڊال قومون) جي نه صرف دنيوي لالچ ۽ قومي خودداريءَ ڪري، بلڪه پنهنجي ملڪ اندر ڏڪار ۽ ضروريات زندگيءَ جي گهٽتائيءَ کان مجبور ٿي، ٻين ملڪن کي ڦرڻ، لٽڻ ۽ برباد ڪرڻ لاءِ آماده ٿيون ۽ اڀرندي کان نڪري دنيا جي ڪيترن ملڪن مٿان اچي ڪڙڪيون. پر انهن مان ڪهڙي قوم هئي، جنهن عربن وانگر ايڏي وڏي سلطنت قائم ڪئي؟ يا اها ڪهڙي قوم هئي جا مفتوح قومن کي پاڻ ۾ متفق ۽ متحد ڪرڻ ۾ عربن وانگر ڪامياب ٿي؟ ڇا مسلمانن جي فتوحات طرف غور ڪرڻ سان اها خبر پئجي نٿي سگهي ته انهن جي ڪاميابي ڪيتري حد تائين انهن جي حيرت انگيز مذهبي جوش جو نتيجو هئي ۽ اِهو اهو مذهب هو، جنهن جي صداقت ۾ ۽ جنهن ۾ دنيا ۽ آخرت جي اجر ۽ انعام متعلق ڪيل وعدن ۾ مسلمانن جو پورو پورو يقين هو؟ انهيءَ کان سواءِ مسلمانن کي اها پڻ خاطري هئي ته انهيءَ مذهب جي تعليم تي عمل ڪرڻ ڪري سڀني مسلمانن ۾ هڪ قسم جي اخوت قائم ٿي ويندي. ممڪن آهي ته انهن ۾ اهڙا مسلمان به گهڻا ئي موجود هجن، جن جي اندر دنيوي خواهشن جي پيدا ٿيڻ اسلام جي انهن بلند خيالن مٿان پردو وجهي ڇڏيو هجي. تنهن هوندي به اهي ٿورڙا سچا مسلمان هئا، جن سوسائٽيءَ جي مجموعي حالت کي بدلائي ڇڏيو. ڊبلن جي سابق آرچبشپ وضاحت سان هن ڳالهه تي روشني وڌي آهي ته: ”نه رڳو خالد پر درحقيقت هر ڪنهن مسلمان سپاهي پاڻ کي خدا جي تلوار سمجهيو ٿي.“ جڏهن مسلمانن پنهنجي موجوده حالت جو پنهنجي اڳوڻي جهالت واري زماني جي حالت سان مقابلو ڪيو ته انهن کي ائين محسوس ٿيو ته انهن کي روحاني دنيا ۾ ڪير وٺي آيو آهي. آخرڪار هو معلوم ڪري ويا ته انسان جو شان ۽ مرتبو ڪهڙو آهي، يعني انسان هڪ انهيءَ خدا جو ٻانهو آهي، جيڪو سڀني جو خالق ۽ مالڪ آهي، ۽ انسان جو فرض آهي ته پنهنجي خالق جي قدرت جو اعلان ڪري. اهڙن خدا جي سچن ٻانهن هجڻ جو شرف مسلمانن حاصل ڪيو. انهن خود خدا جي اطاعت ڪئي ۽ ٻين انسانن کي پڻ مجبور ڪيو ته خدا جي مرضي آڏو پنهنجو ڪنڌ جهڪائين. اها ڪهڙي نه سچائي هئي. جنهن بيشمار انسانن جي دلين تي پنهنجو قبضو ڄمايو! انهيءَ ۾ ڪو به تعجب نه آهي، جو انهيءَ سچائيءَ جي قوت سان بيشمار قبيلا هاڻي بدلجي، هڪ قوم بڻجي ويا، جي هن کان اڳ هميشہ هڪ ٻئي کي مارڻ ۽ تباهه ڪرڻ جي فڪر ۾ هئا ۽ هزارن قسمن جي فضول ڪوڙن خدائن کي پوڄڻ وارا بدلجي هڪ اهڙيءَ سوسائٽيءَ جا فرد بڻجي پيا، جا ڪليسا سان مشابهت رکي ٿي.“
اها ڪا عجب جهڙي ڳالهه نه آهي جو ڪيترا عيسائي بدوي هن زبردست تحريڪ (يعني اسلام) جي وهڪري ۾ لڙهي ويا ۽ اهي عرب قبيلا جي صدين کان وٺي عيسوي مذهب جي پيروي ڪندا آيا، هاڻي پنهنجي مذهب کي ڦٽو ڪري اسلام قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. انهن قبيلن مان قبيلي بنو غسان جو نالو قابلِ ذڪر آهي. هيءُ قبيلو فلسطين جي اڀرندي طرف واري صحريٰ ۽ شام جي ڏاکڻي ڀاڱي تي حڪمراني ڪندو هو. هن قبيلي جي ماڻهن متعلق عام طرح چيو ويندو هو ته: ”اهي ماڻهو جهالت واري زماني ۾ امير ۽ اسلام واري زماني ۾ ستارا هئا.“
قادسيه جي لڙائيءَ (سن 14 هجري) کان پوءِ، جنهن ۾ ايراني لشڪر رستم جي سرڪردگيءَ ۾ مسلمانن جي هٿان زبردست شڪست کاڌي، فرات نديءَ جي ٻنهين ڪپن تي رهندڙ بدوي قبيلن جا ڪيترائي عيسائي اسلامي لشڪر جي امير وٽ آيا ۽ چيائونس ته: ”جن قبيلن پهريائين اسلام قبول ڪيو آهي، اسان کان وڌيڪ عقلمند هئا. هاڻي جڏهن رستم مارجي ويو آهي، تڏهن اسان اسلام قبول ڪريون ٿا.“ ساڳيءَ طرح شام جي اترئين حصي فتح ڪرڻ بعد ڪيترن بدوي قبيلن ٿوريءَ شش و پنج کان پوءِ اسلام قبول ڪيو.
انهيءَ حقيقت جي خبر ته اهي عيسائي ڪنهن زور زبردستي ڪري مسلمان نه ٿيا، انهن دوستانه لاڳاپن مان خبر پوندي ته جيڪي عيسائي عربن ۽ مسلمان عربن ۾ موجود هئا. حضور جن خود ڪيترن عيسائي قبيلن سان عهدناما ڪيا هئا، جن مطابق انهن جي حفاظت ۽ مذهبي آزاديءَ جو ذمو کنيو ويو هو ۽ انهن جي پادرين کي قديم حقن ۽ اختيارات کي بغير ڪنهن دست اندازيءَ جي استعمال ڪرڻ جو وعدو ڏنو ويو هو. ساڳيءَ طرح دوستانه تعلقات ذريعي رسول الله جن پنهنجن اصحابن کي سندن شهرن ۾ رهندڙ عيسائين سان متفق بڻائي ڇڏيو، ايتريقدر جو ڪيترن عيسائين پنهنجي رضا خوشيءَ سان لڙاين ۾ مسلمانن جي مدد ڪئي.
جسر جي جنگ ۾ (سن 13 هجريءَ ۾) جڏهن مسلمانن کي هڪ زبردست شڪست سامهون نظر اچي رهي هئي ۽ ڊپ جا ماريل عرب سپاهي فرات نديءَ ۽ ايراني لشڪر جي وچ ۾ بند ٿي ويا، تڏهن عين انهيءَ وقت قبيلي طيءِ جو عيسائي سردار ٽپو ڏيئي، مسلمانن جي مهندار مثنيٰ بن حارث جي اڳيان اچي بيٺو ۽ ٻيڙين مان بڻايل پل جي حفاظت ڪرڻ ۾ هن جي ڏاڍي مدد ڪيائين. مسلمانن لاءِ جنگ جي ميدان مان سلامتيءَ سان ٻاهر نڪرڻ لاءِ صرف اهو ئي رستو هو. انهيءَ لڙائيءَ ۾ شڪست کائڻ ڪري، جيڪو مسلمانن جي عزت کي نقصان پهتو، ان جي تلافي ڪرڻ لاءِ جڏهن نئين سر لشڪر ڀرتي ٿيڻ لڳو، تڏهن هر ڪنهن طرف کان امدادي فوجون آيون. انهن ۾ هڪ عيسائي قبيلي بنو نمر جا ماڻهو هئا. هي قبيلو رومي حڪومت جي حدن اندر رهندو هو. جسر جي لڙائي کان پوءِ بويب جي لڙائيءَ ۾ (سن 13 هجري) عربن جي آخرين حملي ڪرڻ کان ٿورو اڳ مسلمانن جو سالار مثنيٰ عيسائي قبيلي بنو نمر جي سردار وٽ آيو ۽ چيائينس ته: ”توهان ۽ اسان هڪ ئي خون جي پيدائش آهيون. هاڻي اچو ۽ جيئن آءٌ دشمن تي حملو ڪريان ٿو، تيئن اوهان به مون سان گڏ حملو ڪريو.“ ايراني لشڪر انهن ٻنهين جي گڏيل خوفناڪ حملي جو تاب جهلي نه سگهيو ۽ پويان پير ڪري ڀڄڻ لڳو. اهڙي طرح مسلمانن جي شاندار ڪاميابين جي فهرست ۾ هڪ ٻيءَ وڏيءَ فتح جو اضافو ٿيو. انهيءَ بويب جي لڙائيءَ واري ڏينهن تي جيڪي به بهادريءَ جا ڪارناما رونما ٿيا، انهن ۾ صحريٰ جي هڪ ٻئي عيسائي قبيلي جي هڪ نوجوان جو پڻ حصو هو، هي نوجوان پنهنجن ٻين بدوي ساٿين سان، جي گهوڙن جو واپار ڪندا هئا، انهيءَ وقت ميدان ۾ اچي پهتو هو، جنهن وقت مسلمانن جي لشڪر جي لڙائيءَ لاءِ صف بندي ٿي رهي هئي. هو سڀئي پنهنجن هموطنين يعني مسلمانن طرفان لڙائيءَ ۾ ٽپو ڏيئي پيا ۽ جنهن وقت گهمسان جي لڙائي لڳي، انهيءَ وقت هي عيسائي نوجوان ڌوڪيندو ايراني لشڪر جي وچ ۾ وڃي پهتو ۽ انهن جي سردار کي قتل ڪري، پنهنجي خوب سينگاريل گهوڙي کي ٽپا ڏياريندو، ڏاڍي دٻدٻي سان مسلمانن جي لشڪر ۾ واپس اچي پهتو. جيئن جيئن ماڻهن جي شاباس ۽ واهه واهه جي وچان گذرندو ٿي ويو، تيئن تيئن گهڻي فخر سان پڪاريندو ٿي ويو ته: ”آءٌ بنو تغلب جو ماڻهو آهيان. آءٌ اهو آهيان جنهن سردار کي قتل ڪيو آهي.“
جنهن قبيلي جي فرد هجڻ تي هي نوجوان فخر ڪندو هو، اهو انهن قبيلن مان هڪ هو، جن عيسائي ٿي رهڻ پسند ڪيو هو. باقي ٻين عراق ۽ عرب جي بدوي قبيلن جهڙوڪ بنو نمر ۽ بنو قضاعته اسلام قبول ڪيو. جڏهن قبيلي بنو تغلب جي ماڻهن پنهنجي قديم مذهب کي ڇڏڻ پسند نه ڪيو، تڏهن امير المومنين سيدنا حضرت عمر رضي الله حڪم ڏنو ته انهن تي ڪنهن به قسم جو جبرُ نه ڪيو وڃي. انهن کي ڇڏيو وڃي ته آزاديءَ سان پنهنجي مذهب جي پيروي ڪن. انهن تي صرف هيءَ پابندي لڳائي ويئي ته جيڪڏهن انهن مان ڪو به ماڻهو پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪرڻ چاهيندو ته هو هن تي ڪنهن قسم جي روڪ نه ڪندا ۽ نڪي انهن مسلمان ٿيلن جي ٻارن کي عيسائي بڻائيندا. انهن کي جزيي يعني عيسائي رعيت تي لڳايل محصول ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، پر انهن اهڙي محصول کي جو جان ۽ مال جي حفاظت جي عيوض ڏيڻو پوي، پنهنجي شان جي خلاف سمجهيو ۽ امير المؤمنين کي عرض ڪيو ته انهن کان به اهڙي قسم جو محصول ورتو وڃي، جهڙي قسم جو مسلمان ادا ڪن ٿا. پوءِ بنو تغلب وارن جذبي جي عيوض ٻيڻو صدقو يا خيرات ادا ڪيو. صدقو غريبن جي استعمال لاءِ هڪ قسم جو محصول هو، جو مسلمانن جي ٻنين ۽ چوپائي مال مان وصول ٿيندو هو.
حيره جي ماڻهن ساڳيءَ طرح حضرت خالد رضي الله جي انهن ڪوششن کي روڪيو، جيڪي هن انهن ماڻهن کي اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ خرچ ڪيون. حيره جو شهر عرب جي سڀ کان زياده مشهور شهرن مان هڪڙو هو. اسلام جي جوشيلي مجاهد حضرت خالد رضي الله ائين سمجهيو ته صرف انهن جو توجهه انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڇڪائڻ سان ته انهن جي رڳن اندر عرب جو خون آهي، شايد اهي رسول الله جي اطاعت قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن. جڏهن هن شهر جي گهيري هيٺ آيل ماڻهن پنهنجو وفد مسلمان سردار ڏانهن صلح جي شرطن مقرر ڪرڻ لاءِ موڪليو، تڏهن حضرت خالد رضي الله انهن کان پڇيو ته: ”اوهان ڪير آهيو؟ اوهان عرب آهيو يا عجمي؟“ انهيءَ تي عديءَ، جنهن کي وفد جي طرفان خطاب ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو جواب ڏنو ته: ”نه – اسين خالص عربي خون جي پئدائش آهيون. باقي اسان ۾ ٻيا اهي به ماڻهو آهن، جن بعد ۾ اچي پنهنجو وطن عربستان بڻايو آهي.“ خالد رضي الله چيو ته: ”جيڪڏهن اوهان عربي هجو ها، جنهن جي هجڻ جي اوهان دعويٰ ٿا ڪريو ته ڪنهن به صورت ۾ اوهان مخالفت نه ڪريو ها ۽ نڪي اسان جي مقصد کي نفرت جي نگاهه سان ڏسو ها.“ عديءَ جواب ڏنو ته: ”جيڪي مون چيو آهي، ان جي ثابتي اسان جي نج عربي ٻولي آهي.“ حضرت خالد چيو ته: ”تون سچ ٿو چئين. هاڻي هي ٽي ڳالهيون آهن، انهن مان ڪا به هڪ قبول ڪريو:
(1) اسان جو مذهب قبول ڪريو، پوءِ جيڪي ڪجهه اسان جو آهي اهو ڏک سک ۾ اوهان جو هوندو، چاهي اوهان پنهنجي ملڪ ۾ رهو يا ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ وڃي رهڻ پسند ڪريو، يا
(2) جزيو ڏيو، يا
(3) جنگ ڪريو.
خدا جو قسم! آءٌ اوهان وٽ انهن ماڻهن سان آيو آهيان، جيڪي موت کي انهيءَ کان وڌيڪ پسند ڪن ٿا، جيترو اوهين زنده رهڻ کي ڪريو ٿا.“
عديءَ جواب ڏنو ته: ”اسان جزيو ڏينداسون.“ انهيءَ تي حضرت خالد رضي الله چيو: ”بدنصيبي هجي اوهان لاءِ! ڪفر هڪ بي راهه بيابان آهي ۽ اهو عرب نادان چئبو جو انهيءَ بيابان ۾ ٻه رهبر هجن، هڪ عرب ۽ ٻيو غير عرب، ته هو پهرئين کي ڇڏي، ٻئي ڌارئين جي رهنمائيءَ کي قبول ڪري.“
نون مسلمانن جي تعليم و تربيت لاءِ ڪافي انتظام ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته سڀيئي قبيلا اهڙيءَ ته تيزيءَ سان اسلام قبول ڪندا پئي ويا جو انهن کي مذهب ۽ مذهبي ارڪانن جي باري ۾ غلطين کان بچائڻ لاءِ پوريءَ خبرداريءَ ڪرڻ جي ضرورت هئي. انهيءَ ڪري امير المئومنين حضرت عمر رضي الله هر ڪنهن ملڪ ۾ معلم مقرر ڪيا، جي ماڻهن کي قرآن شريف ۽ اسلام جي احڪامن جي تعليم ڏيندا هئا. قاضي پڻ مقرر ڪيا ويا هئا، انهيءَ لاءِ ته هو ڏسن ته سڀ مسلمان نماز لاءِ، خصوصن جمعي نماز ۽ رمضان جي مهيني ۾ باقاعدي حاضر رهن ٿا. انهي ڪم يعني نون مسلمانن کي ديني تعليم ڏيڻ جي اهميت هن ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي جو ڪوفي جي شهر ۾ اهو ڪم اهڙن ماڻهن جي سپرد ٿيل هو، جن جو عهدو ڪنهن به حالت ۾ بيت المال جي خزانچيءَ جي عهدي کان گهٽ نه هو.
پهرين صدي هجريءَ جي مسلمان فاتحن ۽ انهن جي جڳهين تي ايندڙ مسلمان حاڪمن جي عيسائي عربن سان مذهبي رواداريءَ سان پيش اچڻ جا مثال جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آهن، انهن مان لازمي طرح هي نتيجو نڪري سگهي ٿو ته جن عيسائي قبيلن اسلام قبول ڪيو، انهن پنهنجي پسنديءَ ۽ آزاد راءِ سان ائين ڪيو آهي. موجوده زماني ۾ عيسائي عربن جو مسلمانن جي وچ ۾ رهڻ انهيءَ مذهبي رواداريءَ جو زنده ثبوت آهي. سر هينري ليئرڊ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته هڪ دفعي هن جو گذر ڊيڊ سيءَ (Dead Sea) جي اوڀر پاسي ڪرڪ وٽ عيسائي عربن جي هڪ ڇانوڻيءَ وٽان ٿيو ۽ هن ڏٺو ته اهي عيسائي عرب لباس ۾ ۽ هلت چلت ۾ مسلمان عربن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئا.“. برخارت (Burkhardt) کي سينا جبلن جي راهبن ٻڌايو ته هتي آخرين صديءَ تائين ڪيترا عيسائي خاندان رهندا هئا، جن اسلام قبول ڪو نه ڪيو هو. انهن عيسائين جي آخرين خاندان جي هڪ پوڙهيءَ عورت جو انتقال سن 1750ع ۾ ٿيو ۽ هن کي عيسائي خانقاهه جي باغ ۾ دفن ڪيو ويو.
پلميرا (Plamyra) جي ڏکڻ اولهه ۾ 24 ڪلاڪن جي پيدل مسافريءَ جيتري پنڌ تي صحرا ۾ هڪ ڳوٺ قريتين نالي آهي، جتي ٻارهن سئو ماڻهو رهن ٿا، جن مان اڌ جيترا ماڻهو شامي عيسائي آهن. اهي پنهنجي مسلمان پاڙيسرين سان گڏ اهڙي ته ميٺ محبت سان رهن ٿا ۽ انهن جهڙو بدوي لباس ڍڪين ٿا جو ظاهرن ڪو به انهن ۾ مسلمان ۽ عيسائيءَ جو فرق محسوس ڪري نه سگهندو. هڪ مشهور عرب قبيلي بنو غسان جي گهڻن ئي ماڻهن، جن جي رڳن ۾ عرب جو خالص خون پيل هو، عيسوي چوٿين صديءَ جي آخر ڌاري عيسائي مذهب اختيار ڪيو پر، اڃا تائين اهي ماڻهو پنهنجي مذهب تي محڪم آهن. جيتوڻيڪ انهن کي رومي ڪليسا جي اطاعت ڪندي ٻن صدين جو عرصو گذري ويو آهي، تڏهن به هو اڃا تائين پنهنجي ديني امور ۾ عربي زبان استعمال ڪندا ٿا اچن.
هاڻي جيڪڏهن اسين بدوي ماڻهن جي حالتن کي ڇڏي شهرن اندر منظم طريقي سان رهندڙ ماڻهن جي حالت جو جائزو وٺنداسين ته معلوم ٿيندو ته عربن جي ملڪن فتح ڪرڻ بعد ماڻهن يڪدم اسلام قبول نه ڪيو. رومي سلطنت جي مشرقي صوبن جي وڏن شهرن ۾ جيڪي عيسائي رهندا هئا، انهن جو هڪ وڏو حصو پنهنجي اباڻي دين تي قائم رهيو ۽ اهي عيسائي اڃا تائين ڪثير تعداد ۾ پنهنجي اصلوڪي دين جا پوئلڳ آهن.
انهن عيسائين جي مسلمان حڪومت ۾ ڪهڙي حالت رهي ۽ ڪهڙن سببن ڪري، انهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مذهبي تبديليءَ جا واقعا ٿيندا هئا، انهن ڳالهين جي تحقيقات لاءِ پهريائين انهن جي ان حالت کي بيان ڪرڻ مناسب ٿيندو جا رومي سلطنت جي عيسائي حڪومت جي زماني ۾ هئي.
هڪ سئو ورهيه اڳ رومي شهنشاهه جسٽينن رومي سلطنت اندر ڪجهه قدر اتحاد پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پر هن جي وفات بعد يڪدم رومي سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي ۽ مرڪز ۽ صوبن جي وچ ۾ ڪو به قومي احساس باقي نه رهيو. جسٽينن کان پوءِ بادشاهه هرقل (Heraclius) شام کي وري مرڪز سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهه قدر پنهنجن ڪوششن ۾ ڪامياب به ٿيو. پر بدقسمتيءَ سان هن صلح لاءِ جيڪي به عام ذريعا اختيار ڪيا، انهن اٽلندو پاڻ ۾ ملائڻ بدران زياده مخالفت پيدا ڪئي. قومي احساس جي فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ، انهيءَ جڳهه تي محض مذهبي جذبا وڃي رهيا. هرقل انهيءَ ڳالهه جي ڪوشش ڪئي ته صلح قائم ڪرڻ لاءِ عيسائي مذهب جي نئين سر وضاحت ڪري، مخالف فرقن جي سڀني جهڳڙن کي بند ڪيو وڃي ۽ مذهبي مخالفن کي آرٿوڊاڪس ڪليسا (Orthodax Church)• ۽ مرڪزي حڪومت سان ملايو وڃي. ڪئلسيڊان جي مجلس (Council of Chalcedon) (سنه 451ع ۾) هي عقيدو ظاهر ڪيو هو ته: ”حضرت عيسيٰ کي بغير ڪنهن مونجهاري، تبديلي، تقسيم ۽ تفريق جي ٻن حيثيتن ۾ تسليم ڪيو وڃي. ٻنهي حيثيتن جي وچ ۾ تفاوت انهيءَ سبب ڪري نڪري نه ويندو ته اهي ٻئي حيثيتون هڪ شخص ۾ گڏ آهن، پر هر هڪ حيثيت جي پنهنجي پنهنجي صفت قائم رهندي ۽ هڪڙي ئي شخصيت ۽ هڪڙي ئي مادي ۾ مليل رهندي. هيءَ حيثيتن جي تقسيم اهڙي نموني نه ٿيندي، جيئن ٻن شخصن ۾ ٿيڻ گهرجي، بلڪه هو (حضرت عيسيٰ ) هڪ ئي ذات رهندو. يعني اهو ئي هڪڙو خدا جو پٽ ۽ محض خدا جي حڪم سان پيدا ٿيل آهي.“
مونو فزائت فرقي (Mono Physites) وارن هن مجلس جي عقيدي کي قبول نه ڪيو. انهن حضرت عيسيٰ جي ذات ۾ صرف هڪ حيثيت کي تسليم ڪيو ۽ ائين چوندا هئا ته حضرت عيسيٰ هڪ مرڪب ذات آهي، جنهن ۾ خدائيت ۽ بشريت جون سڀئي صفتون موجود آهن پر اهو مادو، جنهن جون اهي سڀيئي صفتون آهن، ان ۾ ٻيائي آهي ئي ڪا نه، رڳو وحدت جي وحدت آهي. هيءُ عقيدن جو جهڳڙو آرٿوڊاڪس ڪليسا جي فرقي ۽ مونو فزائت فرقي جي وچ ۾ ٻن صدين تائين هلندو آيو ۽ انهن جو پاڻ ۾ خوب بحث مباحثو ٿيندو رهيو. مونوفزائت فرقي جا ماڻهو مصر، شام ۽ رومي سلطنت جي حدن کان ٻاهر وارن ملڪن ۾ ڦهليل هئا. بادشاهه هرقل ٻنهين مخالف فريقن ۾ مونو ٿيليٽزم نظريه (Doctrines of Mono Theletism) ذريعي صلح پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن نظريي مطابق ٻن حيثيتن جي مرڪب کي قبول ڪرڻ سان حضرت عيسيٰ عيله السلام جي سچيءَ پچيءَ زندگيءَ ۾ شخصيت جي وحدت کي قائم رکيو ويو، پر هڪڙي ئي شخصيت ۾ عملن جي ٻن قسمن جو انڪار ڪيو ٿي ويو. جيئن ته هڪ عيسيٰ ۽ خدا جي پٽ مان هڪ انساني حيثيت جي مراد نڪري ٿي ۽ هڪ خدائي حيثيت جي مراد انهيءَ مان ڪڍي سگهجي ٿي، جو هو خدا جو عيوضي انساني صورت ۾ آهي. يعني محض هڪ خدائي ارادو هڪ انساني صورت ۾ ظاهر ڪيل آهي، پر هرقل کي هن ڪم جي عيوض اهڙو ئي اجورو مليو، جهڙو بعد ۾ ان مسئلي کي حل ڪرڻ وارن کي مليو، ڇاڪاڻ ته نه صرف مخالفت جي باهه نئين سر ڀڙڪي اٿي، پر هن تي خود بي دينيءَ جي تهمت لڳائي ويئي ۽ ٻنهين فرقن جو غصو هن کي برداشت ڪرڻو پيو. در حقيقت هرقل پنهنجي رعيت اندر ايتريقدر ته ناراضگي پيدا ڪئي، جو رومي سلطنت اندر خصوصن انهن صوبن اندر، جيڪي هن جي ڏينهن ۾ فتح ٿيا هئا، آرٿوڊاڪس طبقي جو وڏو حصو عربن جو خير خواهه بڻجي ويو. اهي هن کي مذهب جو مخالف سمجهي، نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. انهن کي ڊپ لڳو ته متان هو پنهنجن مونو ٿيليٽڪ عقيدن کي اختيار ڪرائڻ لاءِ انهن مٿان ظلم ۽ سختيون ڪري. انهيءَ ڪري، انهن نون حاڪمن (مسلمانن) جي وڏي شوق سان مرحبا ڪئي، مسلمانن وري انهن کي مذهبي آزادي ڏيڻ جو وعدو ڪيو ۽ انهن مذهبي رتبي ۽ قومي آزاديءَ کي برقرار رکڻ قبول ڪيو. حمص جي ماڻهن پنهنجي شهر جي دروازن کي بند ڪري ڇڏيو ۽ هرقل جي لشڪر کي پنهنجي شهر ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ۽ انهن مسلمانن کي ٻڌايو ته هو يونانين جي بي انصافيءَ ۽ ظلم جي مقابلي ۾ انهن جي حڪومت ۽ انصاف کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا.
شام ۾ سنه 633ع کان 639ع تائين لڙاين جو سلسلو چالو رهيو، جن ۾ عربن رومي لشڪر کي رفته رفته ملڪ مان تڙي ڪڍيو. انهن لڙاين جي دوران شامي عيسائين جا به اهڙائي خيال هئا، جيڪي مٿي ذڪر ڪيا ويا آهن. جڏهن سنه 637ع ۾ دمشق جي ماڻهن عربن سان صلح ڪري، هڪ مثال قائم ڪيو ۽ پنهنجي ڦر جي وڃڻ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ۽ ٻيا به ڪيترا مفيد شرط شروط حاصل ڪيا، تڏهن شام جي ٻين شهرن پڻ انهيءَ مثال جي پيروي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي، حمص، شيزر، بنج ۽ ٻين شهرن به عهدناما ڪيا، جن مطابق انهن شهرن جي ماڻهن پڻ عربن کي ڏن ڏيڻ قبول ڪيو. بيت المقدس جي سردار پڻ ساڳين شرطن تي پنهنجو شهر مسلمانن جي حوالي ڪيو. بي دين بادشاهه هرقل جي مذهبي دٻاءَ جي ڊپ انهن ماڻهن کي رومي سلطنت ۽ عيسائي حڪومت سان وفادار ٿي رهڻ بدران مسلمانن جي مذهبي آزادي ڏيڻ جي وعدن ۾ زياده ڪشش پيدا ڪئي. انهيءَ کانسواءِ مسلمان فاتحن جو پنهنجو نفس تي جبر ڪرڻ ۽ جنگين جي زماني ۾ رحمدلي ڏيکارڻ، ماڻهن جي دلين ۾ اسلام لاءِ تمام گهڻي عزت پيدا ڪئي ۽ انهن ۾ اهو شوق پيدا ڪيو ته اهي حمله آور اسلامي لشڪر جو دل و جان سان استقبال ڪن. اسلامي لشڪر انصاف ۽ اعتدال جي انهن اصولن جو پابند هو، جيڪي اسلام جي پهرئين خليفي حضرت ابوبڪر رضي الله شام جي پهرين لڙائيءَ ۾ مسلمانن جي هدايت لاءِ مقرر فرمايا هئا. حضرت ابوبڪر رضي الله مسلمان فوج کي هن طرح هدايت فرمائي: ”انصاف سان هلجو، پنهنجن وعدن کي نه ٽوڙجو، ڪنهن جي به عضون کي جدا نه ڪجو، ڪنهن به ٻار، ٻڍي ۽ عورت کي قتل نه ڪجو، کجور جي باغن کي نقصان نه پهچائجو ۽ نه انهن کي باهه ڏيئي ساڙجو، ڪنهن به ميويدار وڻ کي نه وڍجو، رڍن، ٻڪرين ۽ اٺن کي کاڌي جي ضرورت کانسواءِ ذبح نه ڪجو، جيڪڏهن اوهان جو گذر اتفاق سان اهڙن ماڻهن وٽان ٿئي، جيڪي ديولن ۾ گوشه نشين آهن ته انهن کي هٿ نه لائجو ۽ انهن جي ڪار گذارين ۾ دست اندازي نه ڪجو، انهيءَ ملڪ جا ماڻهو جيڪو کاڌو سندن ٿانون ۾ وجهي اوهان وٽ کڻي اچن ته ان تي خدا جو نالو وٺي کائجو، اوهان کي اهڙا ماڻهو ملندا، جن جا مٿا ڪوڙيل هوندا ۽ اوهان انهن ماڻهن کي تلوار جي ترا کڙي پاسي سان آهستي ڌڪ هڻجو ”(فاخفقوهم بالسيف خفقاََ“ هن جملي جي لفظي معنيٰ آهي، تلوار سان انهن کي ٺوڪر ڏيو ڪجهه ٺوڪر، انهن لفظن جو اڪثر هن طرح غلط ترجمو ڪيو ويو آهي ته ”انهن کي ماري ڇڏيو“ پر ”خفق“ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ته ”اهڙيءَ طرح سان ڌڪ هڻڻ، جو آواز ٿئي ۽ جڏهن هي لفظ تلوار جي لفظ سان گڏ استعمال ٿئي ته پوءِ معنيٰ ٿيندي: ”تلوار جو تراکڙو پاسو هڻڻ.“ هن قسم جو عمل هن ڳالهه جي ثابتي آهي ته هن کان پوءِ مسلمان انهن تي حڪومت ڪندا.)“ هاڻي خدا جي نالي سان اڳتي روانا ٿيو ۽ لڙائيءَ توڙي وبا ۾ خدا تعاليٰ اوهان جي حفاظت فرمائيندو.“ رومي حڪومت جي مختلف پرڳڻن جي ماڻهن جن کي مسلمانن پنهنجي طاقت سان جلد مطيع ڪيو، مسلمان حاڪمن وٽان اها مذهبي آزادي حاصل ڪئي، جنهن جو انهن کي سندن مونوفزائت ۽ نسطوري (Nestorian) عقيدن ڪري، صدين کان وٺي علم به نه هو، انهن کي سواءِ ڪن معمولي پابندين جي پنهنجي مذهب جي پيروي ڪرڻ ۾ مڪمل آزادي ڏني ويئي. جيڪي ٿوريون گهڻيون پابنديون انهن تي عائد ڪيون ويون هيون، سي به محض انهيءَ لاءِ هيون ته جيئن مخالف مذهبن جي پوئلڳن جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪا اڻبڻت پيدا ٿي پوي ته ان کي روڪي سگهجي يا متان ڪن مذهبي نشانين جي ظاهر ظهور ڏيکاءُ سان مسلمانن جي جذبات کي اذيت پهچي ۽ ان ڪري انهن ۾ تعصب جي باهه ڀڙڪي پوي. عيسوي ستين صديءَ جي تاريخ اندر هن قسم جي مذهبي آزاديءَ جي اعليٰ معيار جي خبر انهن شرطن مان پوي ٿي، جيڪي مسلمانن فتح ڪيل شهرن جي ماڻهن کي عطا ڪيا. انهن شرطن مطابق انهن ماڻهن کي سندن رڳو اڻ مڃڻ ۽ جزيي ادا ڪرڻ عيوض جان ۽ مال جي حفاظت جي خاطري ڏني وئي ۽ مذهبي اصولن جي ادائيگيءَ ۾ انهن کي مڪمل آزادي ڏني ويئي.
دمشق جي شهر جو هڪڙو حصو مسلمانن جنگ ڪرڻ کان پوءِ فتح ڪيو ۽ ٻئي حصي خودبخود مسلمانن جي اطاعت ڪئي. يعني مسلمانن جو هڪڙو سردار اڀرندي دروازي کان ترار جي زور تي شهر اندر داخل ٿيو ته ٻيو سردار الهندي دروازي کان شهر جي گورنر جي خودبخود آڻ مڃڻ ڪري اندر داخل ٿيو. انهيءَ ڪري، جيڪي به شهر اندر ديولون هيون، اهي عيسائين ۽ مسلمانن اندر برابر تقسيم ڪيون ويون. سينٽ يوحنا (Cathedral of St: John) جي وڏي ديول پڻ ساڳيءَ طرح اڌو اڌ ورهائي ويئي ۽ 80 (اسي) سالن تائين مسلمانن ۽ عيسائين ساڳيءَ ڇت هيٺان خدا جي عبادت ڪئي. خليفي عبدالملڪ چاهيو ته انهيءَ سڄي ديول کي مسجد ۾ تبديل ڪري ڇڏي، پر جڏهن عهدنامي جي شرطن کي ڏٺو ته اهڙي ڪم جي اجازت نٿا ڏين، تڏهن پنهنجي انهيءَ خواهش کي ڦٽو ڪري ڇڏيائين. ٻين به ڪيترن خليفن ڪوشش ڪئي ته هڪ وڏي رقم معاوضي طور ڏيڻ سان سڄي ديول هٿ ڪن، ڇاڪاڻ ته عيسائين جي زور سان گهنڊ وڄائڻ ۽ ڳائڻ ڪري، مسلمانن کي سندن عبادت ۾ تمام گهڻي تڪليف پهچندي هئي، پر هو انهيءَ ڪم ۾ ڪامياب نه ٿيا. آخرڪار سنه 90 هجريءَ ۾ خليفي وليد اهو ساڳيو ڪم زبردستيءَ سرانجام ڏنو، جنهن کي ٻين خليفن مناسب طريقن سان ڪرڻ چاهيو ٿي. ڪجهه سالن کان پوءِ خليفي حضرت عمر بن عبدالعزيز رحه انهيءَ بي انصافيءَ خلاف عيسائين جو فرياد ٻڌو ۽ هن انهيءَ اڌ ديول عيوض دمشق شهر ۽ ان جي آسپاس واريون اهي سڀيئي ديولون انهن جي حوالي ڪيون، جيڪي مسلمانن لڙائي جي دوران پنهنجي قبضي ۾ آنديون هيون. جڏهن بيت المقدس جي ماڻهن امير المئومنين حضرت عمر رضي الله جي اطاعت قبول ڪئي، تڏهن انهن لاءِ هيٺيان شرط مقرر ڪيا ويا:
”بسم الله
(شروع ٿو ڪريان الله جي نالي سان، جو نهايت ٻاجهارو ۽ مهربان آهي)
عهدنامي جا هي شرط آهن، جيڪي آءٌ عمر (رضي الله ) خدا جو هڪ بندو ۽ مؤمنن جو امير، بيت المقدس جي ماڻهن کي عطا ڪريان ٿو. آءٌ انهن کي سندن جانين، مال ۽ اولاد جي، سندن ديولن ۽ صليبن جي ۽ ٻيو جيڪي ڪجهه انهن سان ڳنڍيل آهي، ان جي ۽ سندن مذهب جي حفاظت عنايت ڪريان ٿو. انهن جي ديولن اندر پيل مال کي لٽيو نه ويندو ۽ نه ڪي انهن جي ديولن کي ڊاهيو ويندو يا ٻئي ڪنهن قسم جو نقصان پهچايو ويندو. انهن جي وقف ٿيل جائداد کي، انهن جي عزت کي ۽ انهن جي ملڪيت مان ڪنهن به شيءِ کي نقصان نه پهچايو ويندو. بيت المقدس جي ماڻهن کي مذهب جي پيروي ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو جبر نه ڪيو ويندو ۽ مذهبي ڳالهين جي ڪري انهن جي ڪنهن به ماڻهو کي تڪليف نه پهچائي ويندي“
بيت المقدس جي ماڻهن تي محصول جو هي نرخ لڳايو ويو. شاهوڪار تي پنج دينار، وچولي طبقي وارن تي چار دينار ۽ غريبن تي ٽي دينار.
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي حضرت عمر رضي الله بيت المقدس جي عيسائي سردار جي رفاقت ۾ مقدس مقامات جي زيارت ڪري رهيو هو. جڏهن ٻئي ڄڻا ڪنيست القيامت (Church of Resurrection) ۾ پهتا ته نماز جو وقت اچي ويو. عيسائي سردار، امير المؤمنين کي عرض ڪيو ته اتي ئي ڪليسا ۾ نماز ادا ڪريو. پر حضرت عمر رضي الله محض دور انديشيءَ کان ڪم وٺندي انڪار ڪيو ۽ چيو ته: ”جيڪڏهن مون ائين ڪيو ته بعد ۾ مسلمان انهيءَ ڳالهه جي دعويٰ ڪندا ته اها ڪليسا انهن جو عبادتگاهه آهي.“
حضرت عمر رضي الله جي اهڙيءَ دور انديشيءَ جو مثال مسلمانن جي دور حڪومت جي عيسائين جي آخرين تاريخ ۾ ٻيو ڪو مشڪل ملندو ۽ نڪي حضرت معاويه رضي الله جي فراخدليءَ جو مثال ڪٿي ملندو، جنهن پنهنجي عيسائي رعيت جي سفارش تي ايڊيسا جي ديول (Church of Bdessa) وري ٻيو دفعو تعمير ڪرائي مطلب ته مسلمان خليفن جو پنهنجي عيسائي رعايا سان برتاءُ مذهبي آزاديءَ ۽ بي تعصبيءَ جي اصولن تي مبني هو ۽ (جيڪڏهن ڪنهن خاص وقت کي نظر انداز ڪبو، جنهن ۾ عيسائين کي تڪليفون پهچايون وينديون هيون، جهڙوڪ خليفي متوڪل جو زمانو هو ته ائين معلوم ٿيندو ته) انهن تي جيڪي پابنديون لڳايون ويون هيون، سي اهي هيون، جيڪي اسان کي انهيءَ صلح نامي ۾ ملن ٿيون، جو حضرت عمر رضي الله جي ذات سان منسوب ڪيو ويو آهي.
هيءَ ڳالهه عام طرح مشهور ٿيل آهي ته جنهن به عيسائي شهر مسلمانن جي اطاعت قبول ڪئي ته ان حضرت عمر رضي الله واري صلح نامي جي شرطن کي منظور ڪيو، پر قديم زماني جا مورخ انهيءَ صلح نامي جو ڪو به ذڪر نه ٿا ڪن.
پڻ انهيءَ صلح نامي جي صداقت ۾ شڪ آڻي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته انهيءَ صلح نامي ۾ اهڙا ته سخت شرط وڌل آهن، جو اهي هڪ بي تعصب حاڪم حضرت عمر رضي الله جا لڳايل معلوم نٿا ٿين. انهي ۾ بعد واري زماني جون خصوصيتون زياده نظر اچن ٿيون. ان صلح نامي جا شرط هن طرح بيان ڪيا وڃن ٿا:
”بسم الله (شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان، جو ٻاجهارو ۽ رحم وارو آهي) هيءَ تحرير فلاڻي شهر جي عيسائين طرفان عمر بن خطاب ڏانهن آهي. جڏهن اوهان اسان تي حملو ڪيو، تڏهن اسان اوهان کان پنهنجي جانين جي، پنهنجي خاندان جي، پنهنجي مال جي ۽ پنهنجي دين ڀائن جي حفاظت جي طلب ڪئي ۽ انهيءَ عيوض اسان توهان سان اهو معاهدو ڪيو ته اسان پنهنجي شهر ۾ يا ان جي پسگردائيءَ ۾ ڪا به نئين ديول، مڙهي يا خانقاهه نه بڻائينداسون (ڪن مسلمان فقيهن جو اهو رايو آهي ته هي قانون ننڍڙن ڳوٺن ۽ وستين سان لڳائي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهڙين ننڍين بستين ۾ ديولون ٺهرائڻ جي ڪا به منع ٿيل نه هئي. ۽ اهڙن مذهبي جڳهين مان جيڪڏهن ڪا به ڪري پوندي ته ان جي مرمت نه ڪرائينداسون ۽ نڪي جيڪي مسلمانن جي محلن ۾ هونديون، انهن کي نئين سر ٺهرائينداسون. اسين مسلمانن کي رات جو وقت هجي يا ڏينهن جو، پنهنجن ديولن اندر داخل ٿيڻ کان نه روڪينداسون. اسين پنهنجن ديولن جي دروازن کي غريبن ۽ مسافرن لاءِ هميشه کليل رکنداسون. اسين هر ڪنهن مسلمان مسافرن کي پنهنجن گهرن ۾ اچڻ ڏينداسون ۽ ان کي ٽن راتين تائين کاڌو ۽ رهڻ لاءِ جڳهه ڏينداسون. اسين ڪنهن به جاسوس کي پنهنجن ديولن يا گهرن ۾ پناهه نه ڏينداسون، يا مسلمانن جي ڪنهن به دشمن کي لڪائي نه ڇڏينداسون. اسين پنهنجن ٻارن کي قرآن شريف جي تعليم نه ڏيارينداسون“ اسين پنهنجي مذهبي شين جو نماءُ نه ڪنداسون ۽ نه ڪنهن کي عيسائي مذهب قبول ڪرڻ جي دعوت ڏينداسون. اسان جي ڪنهن به عزيز جيڪڏهن اسلام قبول ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري ته هن کي انهيءَ ڪم کان نه روڪينداسون. اسين مسلمانن جي عزت ڪنداسون ۽ جيڪڏهن هو اسان جي جلسن ۾ وهڻ چاهيندا ته اسين اٿي بيهنداسون. اسين پنهنجي پوشاڪ ۾ جهڙوڪ ٽوپيءَ، پٽڪي، جتيءَ يا سينڌ ڪڍڻ ۾ انهن جي مشابهت نه ڪنداسون. اسين انهن جي ٻوليءَ جي خاص لفظن کي استعمال نه ڪنداسون، (جهڙوڪ سلام وغيره جا لفظ، جيڪي محض مسلمانن لاءِ مخصوص آهن) ۽ نڪي انهن جي خانداني نالن کي اختيار ڪنداسون. اسين گهوڙن تي زين سان سواري نه ڪنداسون ۽ نڪي ڪمر ۾ تلوار ٻڌنداسون يا بدن تي هٿيار پهرينداسون. اسين شراب نه وڪڻنداسون. اسين پنهنجن مٿن جو اڳيون حصو ڪوڙائينداسون، جتي به اسين هونداسون اتي پنهنجي ئي لباس جو نمونو اختيار ڪنداسون. اسين پنهنجي چيلهن تي پٽا ٻڌنداسون يا پنهنجن پاڪ ڪتابن کي مسلمانن جي گهٽين ۽ بازارين ۾ کڻي نه گهمنداسون• اسين پنهنجن ديولن ۾ ناقوس (ناقوس، ڪاٺيءَ جو هڪڙو مستطيل ٽڪرو هوندو هو، جنهن کي هڪڙيءَ ڏنڊيءَ سان وڄائيندا هئا.) آهستگيءَ سان وڄائينداسون. جنهن وقت ڪو مسلمان اسان وٽ موجود هوندو ته انهيءَ وقت اسين پنهنجي عبادت ڏاڍي آواز سان نه ڪنداسون. اسين کجور جي ٽارين يا پنهنجن مورتن جو جلوس بازارين ۾ نه ڪڍنداسون. اسين پنهنجن مئلن کي دفن ڪرڻ وقت ڏاڍي آواز سان نه ڳائينداسون ۽ نه مسلمانن جي محلن يا بازارين مان ٻاريل شمعون کڻي لنگهنداسون. اسين انهن غلامن کي نه خريد ڪنداسون، جيڪي اڳ ۾ ئي مسلمانن جي قبضي ۾ آهن ۽ نه مسلمانن جي گهرن ۾ جاسوسي ڪرڻ اينداسون. اسين ڪنهن به مسلمان کي ڌڪ نه هڻنداسون. اسين پنهنجي طرفان ۽ پنهنجي سڀني ديني ڀائرن طرفان انهن شرطن مطابق عمل ڪرڻ جو عهد ڪريون ٿا ۽ انهيءَ عيوض توهان کان حفاظت طلب ڪريون ٿا. جيڪڏهن اسين انهن شرطن مان ڪنهن به هڪ جي انحرافي ڪريون ته پوءِ توهان جي حفاظت کان محروم رهنداسون ۽ توهان کي پوري اختياري هوندي ته ڀلي اسان سان دشمنن ۽ باغين جهڙو برتاءُ ڪريو. اسان پنهنجين ديولن مٿان صليب نه لڳائينداسون.
مغربي ناظرين لباس وغيره ۾ ظاهري فرق رکڻ جا عادي نه آهن مگر مشرقي ملڪن جا مختلف مذهب رکندڙ ماڻهو قدرتي طرح ۽ خودبخود انهي فرق کي پسند ڪندڙ آهن. انهي ڪري ممڪن آهي ته اسان جي مغربي ناظرين کي مٿي ذڪر ڪيل صلح نامي جا شرط ڪنهن جي شخصي آزاديءَ ۾ ناجائز دست اندازي ڪندڙ معلوم ٿين پر جيڪڏهن حقيقت ۾ سڀني مسلمانن جي هڪ برادريءَ کي قائم رکڻو هو جنهن کي موجوده زماني جا ڪي مصنف اسلام جي فري ميسنري (Free Masonary) ڪري چون ٿا، ته پوءِ اهو ضروري هو ته ان جي ڪا ظاهري شڪل صورت به مقرر ڪئي وڃي. ان کانسواءِ اهو پڻ لازمي هو ته جن ماڻهن اسلام جي حلقي اندر داخل ٿيڻ کان انڪار ڪيو، انهن کي عربن جي پوشاڪ ۽ بيان جي خاص طرز جي تلقيد کان روڪيو وڃي، جنهن جي اختيار ڪرڻ جو نون مسلمانن کي ڏاڍو شوق هوندو هو. مذهبي نشانين ۽ رسمن جي عام نمائش جي سلسلي ۾ جيڪي پابنديون عيسائين تي مڙهيون ويون هيون، اهي اهڙيون هيون جو انهن جو هجڻ ملڪ اندر امن و امان قائم رکڻ لاءِ ۽ مسلمان رعيت اندر تعصبي فسادن جي برپا ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ بلڪل ضروري هو، ڇاڪاڻ ته مسلمان خاص ڪري انهيءَ هر ڪنهن شيءِ کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، جنهن مان انهن کي بت پرستيءَ جي رڳو بوءِ به ايندي هئي. جيڪڏهن انهن شرطن جي هميشہ پيروي ڪئي وڃي ها ته اهي فتنا ۽ فساد پيدا نه ٿين ها، جن ۾ عيسائين کي جان ۽ مال جو نقصان پهتو. ليڪن حقيقت ۾ انهن شرطن تي پابنديءَ سان عمل نه ڪيو ويو. انهيءَ ڪري انهن جي وري نئين سر مقرر ڪرڻ لاءِ ڪو نه ڪو تعصبي فساد ضرور برپا ٿي پوندو هو.
انهيءَ ڳالهه تي اڳيئي روشني وڌي ويئي آهي ته اسلامي فتوحات جي اوائلي زماني ۾ عيسائين کي ڪا به شڪايت ڪرڻي نه پيئي ته ڪو انهن جي مذهبي آزاديءَ ۾ رڪاوٽ وڌي ويئي آهي. اهو درست آهي ته عيسائين کي پنهنجي اصلوڪي مذهب تي قائم رهڻ جي حالت ۾ جزيو ڏيڻ سخت ناگوار معلوم ٿيندو هو، پر ان محصول جي رقم ايتري ته ٿوري هئي جو انهن تي ڪو به بار ثابت ٿي نٿي سگهيو، خصوصن انهيءَ حالت ۾ جڏهن انهن کي جزيي ڏيڻ ڪري، فوجي خدمت بجا آڻڻ کان، جا مسلمانن لاءِ لازمي هئي، آزاد ڪيو ويندو هو. اسلام قبول ڪرڻ جي حالت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ انهن کي مالي نفعو ٿيندو هو، پر جيڪڏهن ڪنهن عيسائيءَ محض جزيي کان بچڻ خاطر پنهنجي اصلي دين کي ترڪ ڪيو ته پوءِ چئي سگهبو ته هن تي انهيءَ دين جو اثر ڪو تمام ٿورو هو، ورنه معمولي نفعي لاءِ پنهنجي دين کي قربان نه ڪري ها. ڪن خاص خاص حالتن ۾ ڪنهن عيسائي کي مسلمان ٿيڻ جي حالت ۾ خراج (يعني زمين تي محصول) عيوض عشر (يعني زمين جي پيدائش جو ڏهون حصو) ڏيڻ جي اجازت ڏني ويندي هئي، مگر گهڻين حالتن ۾ اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ به انهن تي خراج لڳائي ويندي هئي. مگر نون مسلمانن کي جزيي جي بدران زڪوات ڏيڻي پوندي هئي، جا متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيت جي گهڻن ئي قسمن تي هر سال لڳائي ويندي هئي.
جزيي جا نرخ جيڪي اوائلي فاتحن مقرر ڪيا، سي هڪ جهڙا نه هئا ۽ اسلام جا ٻه وڏا فقيهه امام ابو حنيفه ۽ امام مالڪ جزيي جي ڪن گهٽ اهميت رکندڙ مسئلن تي متفق نه آهن. هيٺ ڄاڻايل حقيقتون امام ابو يوسف جي ڪتاب ”الخراج“ مان ورتيون وينديون آهن. هيءُ ڪتاب امام صاحب خليفي هارون الرشيد (سنه 786-809ع) جي عرض ڪرڻ تي تيار ڪيو ۽ گهڻو ڪري عهد خلافت اندر مسلمانن جي محصول وصول ڪرڻ جي پوري طريقي کي ظاهر ڪري ٿو. شاهوڪارن کي 47 درهم ۽ وچولي طبقي وارن کي 24 درهم سالانه جزيو ادا ڪرڻو هو، پر غريبن کان جنهن ۾ ڪڙمي ۽ ڪاسبي اچي ٿي ويا، صرف 12 درهم سال ۾ ورتا ويندا هئا. هيءَ محصول جيڪڏهن اهڙي خواهش ڏيکاري ويندي هئي ته، پئسن بدران جنس ۾ پڻ ادا ڪيو ويندو هو. جنسن ۾ چوپايو مال، تجارتي سامان ۽ گهرو استعمال جون شيون سُين سميت قبول ڪيون وينديون هيون، پر مئل جانور سوئر ۽ شراب ڪنهن به صورت ۾ نه ورتا ويندا هئا. جزيو محض انهن مردن کان ورتو ويندو هو، جن جو جسم سالم ۽ صحيح هوندو هو. عورتن ۽ ٻارن تي معاف هو. اهي غريب، جي ڪو به ڪم ڪار ڪري نه سگهندا هئا، انهن کان خاص ڪري جزيو نه ورتو ويندو هو. ساڳي طرح انڌا، منڊا، ٽنڊا، چريا ۽ لاعلاج مريض بشرطيڪه دولتمند نه هجن، جزيي کان بري هوندا هئا. هيءُ ساڳيو شرط پادرين ۽ عيسائي عالمن سان پڻ لاڳو هو. جيڪڏهن انهن جو گذران شاهوڪارن جي خيرات تي هوندو هو ته پوءِ انهن تي محصول معاف هو، پر جيڪڏهن پنهنجيءَ وارا هوندا هئا ۽ سُکيا آرام سان رهندا هئا ته پوءِ انهن کان جزيو وصول ڪيو ويندو هو، جزيو وصول ڪرڻ وارن کي، جن کي عامل سڏيو ويندو هو، خاص طرح هدايتون مليل هونديون هيون ته محصول وصول ڪرڻ وقت بلڪل نرميءَ کان ڪم وٺن ۽ نه وصولي جي حالت ۾ ڪنهن به قسم جي سختيءَ يا جسماني سزا ڏيڻ کان پاسو ڪن.
ڪن ماڻهن جو اهو خيال آهي ته محصول عيسائين تي انهيءَ سبب ڪري مڙهيو ويو هو، جو انهن اسلام قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، پر حقيقت درست نه آهي. انهن کي اهو محصول ٻين زمين سان گڏ ادا ڪرڻو پوندو هو. جهڙيءَ طرح اسلامي حڪومت اندر ٻي غير مسلم رعيت جن کي سندن مذهب اسلامي فوج اندر نوڪري ڪرڻ کان محروم رکيو هو، جزيو ادا ڪندي هئي. اهڙيءَ طرح عيسائين کان پڻ وصول ڪيو ويندو هو ۽ انهيءَ عيوض مسلمان سپاهي انهن جي پوري حفاظت ڪندا هئا. جڏهن حيره جي ماڻهن محصول جي مقرر ٿيل رقم ادا ڪئي، تڏهن انهن انهيءَ ڳالهه کي صاف طرح بيان ڪيو ته انهن هيءَ جزيي جي رقم انهيءَ شرط تي ڏني آهي ته: ”مسلمان ۽ انهن جو سردار انهن ماڻهن کان اسان جي حفاظت ڪندو، جي اسان تي ظلم ڪندا، پوءِ کڻي هو مسلمان هجن يا ڪي ڌاريا ٻيو هڪ واقعو آهي ته جڏهن حضرت خالد بن وليد حيره جي نزديڪ ڪن شهرن سان عهدنامو ڪيو، تڏهن ان ۾ هُن هِن طرح لکيو: ”جيڪڏهن اسان توهان جي حفاظت ڪئي ته پوءِ جزيي جو ڏيڻ اوهان تي واجب ٿيندو، پر جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته اهو واجب نه ٿيندو. هن حفاظت جي شرط کي مسلمانن ڪيتري قدر وضاحت سان سمجهيو هو، ان جي خبر هن واقعي مان پوندي، جو خليفه حضرت عمر رضي الله جي دور حڪومت ۾ پيش آيو. روم جي شهنشاهه هرقل مسلمانن جي حمله آور لشڪر کي شڪست ڏيڻ لاءِ هڪ زبردست فوج تيار ڪئي. مسلمانن پڻ پنهنجون سڀيئي قوتون هن مقابلي لاءِ جمع ڪيون. اسلامي لشڪر جي سپہ سالار ابو عبيده شام جي سڀني فتح ڪيل شهرن جي گورنرن ڏانهن حڪم موڪليو ته شهرن مان جيڪا به جزيي جي رقم وصول ڪئي ويئي آهي، سا انهن کي واپس ڏني وڃي ۽ انهن شهرن جي ماڻهن کي لکيائين ته: ”جيڪي به پئسا اسان اوهان کان جزيي جي طور ورتا آهن، اهي اسين واپس ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته اسان کي اطلاع مليو آهي ته هڪ زبردست لشڪر اسان تي حملي ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ هي عهدنامو ٿيل هو ته اسين اوهان جي پوريءَ طرح حفاظت ڪنداسون، پر جنهن صورت ۾ هيءَ ڳالهه هاڻي اسان جي وس کان ٻاهر آهي، انهيءَ حالت ۾ اسان جيڪي ڪجهه اوهان مان وصول ڪيو آهي، سو اوهان کي واپس ڪريون ٿا، پر جيڪڏهن اسان فتحياب ٿياسون ته پوءِ پاڻ کي پنهنجي معاهدي جي اڳوڻن شرطن پوري ڪرڻ لاءِ ٻڌل سمجهنداسون.“ هن حڪم مطابق بيت المال مان هڪ وڏي رقم انهن کي واپس ڪئي ويئي ۽ عيسائي رعيت مسلمانن کي دعائون ڏيڻ لڳي ته: ”خدا شل، اوهان کي اسان تي وري حڪومت عطا ڪري ۽ رومين جي مقابلي ۾ توهان کي سوڀارو ڪري، جيڪڏهن اوهان جي جڳهه تي رومي هجن ها ته اهي اسان کي ڪجهه به واپس نه ڪن ها، پر پاڻ جيڪي ڪجهه اسان وٽ هجي ها، سو به ڦري وٺن ها!
جهڙيءَ طرح مٿي اڳيئي بيان ڪيو ويو آهي ته جزيو صرف سالم جسم وارن مردن کان، اسلامي فوج اندر نوڪري نه ڪرڻ ڪري وصول ڪيو ويندو هو ۽ جيڪڏهن اهي مسلمان هجن ها ته انهن کي اها فوجي خدمت لازمي ادا ڪرڻي پوي ها، هيءَ قابل توجهه آهي ته جڏهن ڪو عيسائي قبيلو اسلامي فوج اندر داخل ٿيندو هو ته ان قبيلي جي ماڻهن تان جزيو معاف ڪيو ويندو هو. هڪ عيسائي قبيلي جراجمہ جو واقعو اهڙي نموني ٿي گذريو آهي. هي قبيلو انطاڪيه جي آس پاس آباد هو ۽ هن قبيلي جي ماڻهن جڏهن مسلمانن سان صلح ڪيو، تڏهن انهن وعدو ڪيو ته اسين مسلمانن جا دوست ٿي رهنداسون ۽ لڙاين ۾ انهن جي طرفان لڙنداسون، بشرطيڪه جزيي ڏيڻ لاءِ انهن کي نه چيو ويندو ۽ مالِ غنيمت مان انهن کي پورو حصو ڏنو ويندو. اهڙي قسم جو ٻيو به هڪ واقعو نقل ڪيو ويو آهي ته جڏهن سن 32 هجريءَ ۾ عربن فارس جي اتر طرف ڪاهون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون، تڏهن هڪ سرحدي قبيلي سان ساڳئي نموني جو عهدنامو ڪيو ويو ۽ ان قبيلي جي ماڻهن مٿان اسلامي فوج اندر نوڪري ڪرڻ عيوض جزيو معاف ڪيو ويو.
جزيي جي معافيءَ جا ساڳئي قسم جا مثال اسان کي انهن عيسائين جا ملن ٿا، جن ترڪي سلطنت ۾ فوجي، بري ۽ بحري خدمتون بجا آنديون. مثلن مگارس جي رهاڪن تان جي آلبيني عيسائي هئا، جزيو انهيءَ سبب ڪري معاف ڪيو ويو، جو انهن هٿياربند سپاهين جو هڪ جٿو ڪوه سٿران ۽ ڪوه گرانيا جي حفاظت لاءِ موڪليو هو. ساڳيءَ طرح هائيدرا جي عيسائي رهاڪن سلطان کي ڪو به باقاعدي محصول نه ڏنو، پر انهيءَ عيوض انهن 250 تندرست بحري سپاهين جو هڪ امدادي ٽولو ترڪي ٻيڙي لاءِ مهيا ڪري ڏنو ۽ انهيءَ ٽولي جو خرچ، سرڪاري خزاني مان ادا ڪيو ويو هو ساڳيءَ طرح يوناني عيسائين تان جزيو انهيءَ ڪري معاف ڪيو ويو هو جو انهن، جن حوضن وسيلي قسطنطنيہ کي پيئڻ جو پاڻي پهچندو هو، تن جي حفاظت ڪري سلطنت جي هڪ وڏي خدمت ادا ڪئي هئي. انهن مثالن جي ابتڙ وري هي واقعو آهي ته مصري هارين کي باوجود مسلمان هجڻ جي جڏهن فوجي خدمت انجام ڏيڻ کان معافي ڏني ويئي، تڏهن انهن تي اهڙيءَ طرح ئي محصول لڳايو ويو، جهڙيءَ طرح عيسائين تي فوجي خدمت نه ڏيڻ جي حالت ۾ لڳايو ويندو هو.
مطلب ته عيسائين خلافت جي اوائلي دور ۾ خصوصن شهرن اندر پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ مذهبي آزاديءَ سان گڏ هڪ نهايت آرام ۽ ترقيءَ واري زندگي بسر ڪئي. خليفن جي درٻار ۾ عيسائين کي وڏا وڏا عهدا عطا ٿيل هئا. مثلن هڪ عيسائي عرب اخطل نالي درٻاري شاعر هو. دمشق جي سينٽ يوحنا جو پيءُ، خليفي عبدالملڪ (سن 685-705ع) جو صلاحڪار ٿي گذريو آهي. خليفي معتصم (سن 833-842ع) جي خدمت ۾ ٻه عيسائي ڀائر رهندا هئا، جن تي خليفي جو سڀ کان زياده اعتماد هوندو هو. انهن مان هڪ جو نالو سلمويہ هو، جنهن کي تقريبن انهيءَ عهدي واري جڳهه عطا ٿيل هئي، جنهن جڳهه تي موجوده زماني ۾ جيڪر سيڪريٽري آف اسٽيٽ مقرر ڪيو وڃي. ڪو به سرڪاري ڪاغذ سلمويہ جي تصديقي صحيح کانسواءِ جائز نه سمجهيو ويندو هو. هن جي ڀاءُ ابراهيم جي سپرد سرڪاري مهر هئي ۽ بيت المال جي نگراني پڻ هن جي حوالي ڪيل هئي. هن بيت المال جي نگرانيءَ جو عهدو پئسي جي جمع ۽ خرچ جي لحاظ کان ايتريقدر ته اهم هو، جو يقينن هڪ مسلمان جي حوالي ڪرڻ کپندو هو، پر ائين نه ٿيو. خليفي جي ابراهيم سان ايتري ته محبت هئي جو هن جي (ابراهيم جي) بيماريءَ جي حالت ۾ خليفو پاڻ خود هن کي پڇڻ ويو ۽ هن جي موت جو خليفي کي ڏاڍو صدموپهتو ۽ حڪم ڏنائين ته ابراهيم جي جنازي کي شاهي محلات ۾ آندو وڃي ۽ اتي ئي عيسائي رسمون تمام گهڻي وقار سان ادا ڪيون وڃن.
فارس جي بويہ خاندان (Buwahiyad Dynasty) جي بادشاهه عضدالدوله (سنه 949-982ع) جو وزيراعظم نصر بن هارون هڪ عيسائي هو. هن ڪيتريون ئي ديولون ۽ خانقاهون بڻايون ڪافي وقت تائين سرڪاري وڏيون وڏيون جڳهيون خصوصن مالي کاتي اندر عيسائين ۽ آرين سان ڀريون وينديون هيون آخرڪار ڪجهه عرصي بعد مصر اندر به اهڙي حالت پيدا ٿي ويئي. ڪڏهن ڪڏهن ته حڪومت جون سڀيئي وڏيون جڳهيون گهڻو ڪري، عيسائين جي قبضي ۾ رهنديون هيون خاص ڪري طبابت جو ڌنڌو اختيار ڪري، عيسائين تمام گهڻي دولت گڏ ڪئي ۽ وڏن وڏن اميرن ۽ رئيسن جي گهرن ۾ انهن کي تمام گهڻي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. هڪ سنطوري عيسائي جبرئيل خليفي هارون الرشيد جو خاص طبيب هو. هن جي آمدني پنهنجي ذاتي ملڪيت مان هر سال اٽڪل اٺ لک درهم هوندي هئي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ هن کي سالانه ٻه لک اسي هزار درهم خليفي جي نوڪري ڪرڻ جي عيوض ملندا هئا. ٻيو به هڪڙو وڏو عيسائي طبيب هوندو هو، جنهن کي هر سال ٻاويهه هزار درهم پگهار ملندو هو تجارت ۽ سوداگريءَ جي ڪمن مان پڻ عيسائين ڪافي دولت جمع ڪئي. در حقيقت انهن جي اها دولت هئي، جنهن عام ماڻهن اندر سندن خلاف حسد جي باهه ڀڙڪائي ۽ متعصبي ماڻهن کي موقعو ڏنو ته هو عيسائين تي ظلم ۽ سختيون ڪن. انهيءَ کانسواءِ غير مسلم قومن کي سندن ذاتي معاملات ۾ گهڻو ڪري، پوري خودمختياري حاصل هئي. ڇاڪاڻ ته سندن خانگي امورن جو سڄو انتظام حڪومت طرفان انهن جي سپرد ڪيو ويو هو ۽ انهن جي مذهبي اڳواڻن کي پوري اختياري ڏني ويئي هئي ته هو پنهنجن ماڻهن جا باهمي جهيڙا جهڳڙا خود بخود نبيرين. انهن جي ديولن ۽ خانقاهن ۾ ڪير به دست اندازي نه ڪندو هو، البته وڏن شهرن ۾ ڪن ديولن ۽ خانقاهن کي مسجدن ۾ تبديل ڪيو ويو، پر مسلمانن جي انهيءَ قدم تي انهيءَ خيال سان ڪو به اعتراض اٿاري نه سگهيو، جو شهرن اندر مسلمانن جي آدم شماري ڏينهون ڏينهن وڌندي ويئي ۽ عيسائين جي گهٽبي ويئي. عيسائين کي نون ديولن ۽ خانقاهن بڻائڻ جي اجازت پڻ ڏني ويئي هئي. جيڪڏهن خليفي حضرت عمر بن عبدالعزيز رحه (سنه 717-720ع) هجري پهرين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ سڀني تازن بڻايل ديولن کي ڊهرائڻ جو حڪم ڏنو ته وري هڪ صديءَ بعد خليفي متوڪل اڳوڻيءَ ساڳيءَ حالت کي برقرار رکيو. (يعني وري نون ديولن تعمير ڪرائڻ جي عيسائين کي اجازت ڏني) انهن واقعن مان ثابت ٿئي ٿو ته نون ديولن ٺهرائڻ تي بندش وجهڻ واري حڪم تي ڪيتري قدر گهٽ عمل ڪيو ويندو هو. نون ديولن بڻائڻ جا گهڻائي واقعا، اسان کي عيسائي توڙي مسلمان مورخن وٽان ملن ٿا. مثلن خليفي عبدالملڪ (سنه 685-705ع) جي ڏينهن ۾ هڪ نئين ديول ايڊيسا شهر ۾ ۽ ٻه ٻيون مصر جي الفسطاط شهر ۾ بڻايون ويون. هڪ ٻي ديول الفسطاط کان ٿورو پرڀرو هڪ ڳوٺ حلوان ۾ بڻائي ويئي ۽ اها سينٽ جارج جي نالي وقف ڪئي ويئي سنه 711ع ۾ خليفي وليد (سنه 705-715) جي حڪم سان هڪ يعقوبي (Jacobite) ڪليسا انطاڪيہ ۾ تعمير ڪرائي ويئي هڪ عيسائي خالد الڪسري سنه 724 کان سنه 738ع تائين عربي عراق ۽ ايراني عراق جو گورنر هو ۽ انهيءَ دوران هن پنهنجي ماءُ جي عبادت لاءِ هڪ ديول ٺهرائي سنه 759ع ۾ نصيبيس (Nisibis) ۾ هڪ ديول ٺهي تيار ٿي، جنهن تي ديول جي وڏي ۾ وڏي پادريءَ ڇاونجاهه هزار دينار خرچ ڪيا (الياس نصيبي-ص:128) انهيءَ ساڳيءَ صديءَ ۾ ابو سرجہ جي ديول پراڻي قاهره جي قديم رومي قلعي ۾ بڻائي ويئي. خليفي مهديءَ (سنه 775-785ع) جي ڏينهن ۾ بغداد ۾ هڪ ديول، انهن عيسائي قيدين لاءِ بڻائي و يئي، جيڪي مسلمانن جي رومي حڪومت خلاف لڙاين ۾ قيد ڪيا ويا هئا. بغداد جي شهر ۾ ٻي هڪڙي ديول خليفي هارون الرشيد جي ڏينهن ۾ سمالو جي ماڻهن تيار ڪرائي ۽انهن خليفي جي اطاعت ڪري، سندس سرپرستي حاصل ڪئي. ساڳئي خليفي هارون الرشيد جي زماني ۾ بابل ۾ هڪ وڏي عاليشان ديول ٺهي راس ٿي، جنهن ۾ دانيال (Daniel) ۽ حزقيل (Hezechial) پيغمبرن جي مجسمن کي رکيو ويو. جڏهن خليفو مامون الرشيد (812-833) مصر ۾ هو، تڏهن هن پنهنجي ٻن خاص عيسائي عملدارن کي اجازت ڏني ته هو ڀلي قاهره جي ڀرسان مقطم جي ٽڪريءَ تي هڪ ديول تيار ڪرائين ۽ ساڳئي خليفي جي اجازت سان بڪام نالي هڪ دولتمند عيسائيءَ بوره ۾ ڪيتريون عاليشان ديولون تيار ڪرايون. نسطوري فرقي جي اڳواڻ ٽموٿيس (Timot heus) جنهن 820ع ۾ وفات ڪئي، هڪ ديول تڪرت ۾ ۽ هڪ خانقاه بغداد ۾ تيار ڪرائي. عيسوي ڏهين صديءَ ۾ ابو سيفين جي عاليشان قبطي ديول الفسطاط ۾ ٺهي تيار ٿي ساڳيءَ صديءَ ۾ بويہ خاندان جي بادشاهه عضدالدوله، جنهن جي حڪومت ڏکڻ فارس ۽ عراق تي هئي، ان جي وزيراعظم نصر بن هارون ڪيتريون ديولون ۽ خانقاهون تيار ڪرايون مصر جي فاطمي خاندان جي ستين خليفي الظاهر (سنه 1020-1035) جي ڏينهن ۾ جدي ۾ هڪ ٽين ديول تعمير ڪرائي ويئي عباسي خاندان جي خليفي المصتضيءَ جي دور حڪومت ۾ (سنه 1170-1180) ۾ پڻ ڪيتريون نيون ديولون ۽ خانقاهون قائم ٿيون سن 1187ع ۾ الفسطاط ۾ هڪ ديول تيار ٿي، جا حضرت مريم عليہ السلام جي نالي منسوب ڪئي ويئي.
حقيقت ۾ مسلمانن جي حڪومت قائم ٿيڻ سان عيسوي مذهب جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿئي ها، پر نسطوري فرقي جي عيسائين جي تاريخ مان ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن کان وٺي عيسائي، مسلمانن جي رعيت بڻيا، تڏهن کان وٺي انهن اندر مذهبي زندگي ۽ مذهبي جوش زياده پيدا ٿيڻ لڳو. (فلارينس ”Florence“ جو هڪ ڊومينيڪن راهب رڪولڊس دمونتي ڪروسس ”Ricoldus De Monte Crucis“ نالي، جنهن عيسوي تيرهين صديءَ جي پڇاريءَ ۽ چوڏهين صديءَ جي شروعات ۾ مشرقي ملڪن جو سير ڪيو، بيان ڪري ٿو ته نسطوري عيسائين کي جيڪا مذهبي آزادي اسلامي حڪومت جي اوائلي دور ۾ ملي، سا هن جي سفر وقت تائين برقرار هئي. هو لکي ٿو ته ”مون مسلمانن جي قديم ۽ مستند تاريخي ڪتابن مان معلوم ڪيو آهي ته نسطوري عقيدي جا عيسائي محمد جن جا دوست هئا. پاڻ پنهنجن خليفن کي حڪم ڏنو هئائون ته نسطورين جي سڀ کان زياده عزت ڪريو ۽ هن حڪم جي مسلمان اڄ ڏينهن تائين ڏاڍي پابنديءَ سان تعميل ڪن ٿا.“ اسلامي حڪومت قائم ٿيڻ کان اڳ نسطورين جي هيءَ حالت هئي، جو ايراني بادشاهه جن جي حڪومت ۾ هي ڪثرت سان آباد هئا، ڪڏهن انهن کي پيار ۽ محبت جي نظر سان ڏسندا هئا ته ڪڏهن وري انهن تي ظلم ۽ سختيون ڪندا هئا. مطلب ته هو ڪا اطمينان ۽ سڪون واري زندگي بسر نه ڪندا هئا، پر هر وقت انهن کي خوف ۽ خطرو رهندو هو. جڏهن ايران ۽ رومين وچ ۾ لڙائي شروع ٿي، تڏهن ايرانين ۾ اها بدگماني پيدا ٿي ته نسطوري عيسائي دشمن سان مليل آهن، انهيءَ ڪري انهن سان تمام سختيءَ جهڙي هلت هلڻ لڳا. ليڪن خليفن جي دور حڪومت ۾ انهن کي پنهنجي ملڪ اندر اهڙي ته حفاظت حاصل هئي، جو انهن پنهنجي مذهب جي تبليغي سرگرمين کي ڏاڍي زور شور سان ڌارين ملڪن ۾ جاري رکيو. انهن چين ۽ هندستان ڏانهن پنهنجا پرچارڪ روانا ڪيا ۽ عيسوي اٺين صديءَ ۾ انهن ٻنهين ملڪن ۾ ڪجهه عيسائي پرڳڻا پڻ قائم ڪيا. ساڳيءَ صديءَ ۾ نسطورين مصر ۾ پنهنجا پير کوڙيا ۽ انهن کان پوءِ انهن پنهنجي مسيحي دين کي ايشيا کنڊ جي ٻئي حصي تائين پهچايو. عيسوي يارهين صديءَ ۾ تاتارين جي ڪيترن ماڻهن کي عيسائي بڻايو ويو.
جيڪڏهن عيسوي مذهب جي ٻين فرقن نسطورين جهڙيون سرگرميون نه ڏيکاريون ته ان ۾ مسلمانن جو ڪو به قصور نه آهي.
اسلامي حڪومت طرفان سڀني فرقن کي هڪ جهڙي مذهبي آزادي مليل هئي، ۽ ان کان به وڌيڪ هيءُ بندوبست رکيل هو، جو ڪو به ديني فرقو ٻئي ڪنهن ديني فرقي تي ظلم ڪري نٿي سگهيو. پنجين عيسوي صديءَ ۾ هڪ نسطوري بشپ برسمس (Bursumas) ايراني بادشاهه جي ڌيان تي هيءَ ڳالهه آندي ته نسطوري فرقي وارن جو باني نسطورس ايرانين جو دوست هو ۽ هن جا عقيدا ايرانين جي مذهبي عقيدن جي بلڪل لڳ ڀڳ هئا. اهڙيءَ طرح برسمس، بادشاهه کي آرٿوڊاڪس ڪليسا جي عيسائين مٿان حملي ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو. هن حملي ۾ تقريبن ست هزار اٺ سئو آرٿوڊاڪس پادري ۽ انهن سان گڏوگڏ هڪ وڏو تعداد عام عيسائين جو قتل ٿي ويو. هن واقعي کان اٽڪل ڏيڍ سئو ورهين بعد، ايراني بادشاهه ٻيو دفعو آرٿوڊاڪس عيسائين مٿان ظلم ڪيا. هن ڀيري بادشاهه جا سندس طبيب جو يعقوبي عيسائي هو، ڪن ڀريا ته لڙاين ۾ آرٿوڊاڪس فرقي وارن هميشهه رومي عيسائين جو پاسو کنيو آهي مگر مسلمانن کي سندن مذهبي آزاديءَ وارا اصول، اهڙن بي انصافيءَ جي ڪمن ڪرڻ جي اجازت ڏيئي نٿي سگهيا، پر اٽلندو انهن جي اها ڪوشش رهي ته پنهنجي سڄيءَ عيسائي رعيت سان انصاف سان پيش اچن. مثلن فتح مصر کان پوءِ يعقوب فرقي وارن عيسائين رومي حاڪمن جي خارج ٿي وڃڻ جي موقعي جو فائدو وٺي، آرٿوڊاڪس عيسائين جي سڀني ديولن تي پنهنجو قبضو ڄمايو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن انهن ديولن جا صحيح حقدار پيدا ٿيا، ۽ انهن پنهنجو حق ثابت ڪري ڏيکاريو، تڏهن مسلمانن اهي ديولون، انهن کي واپس ڏياريون هاڻي جڏهن مسلمانن جي ابتدائي دورِ حڪومت ۾ عيسائين کي هن قسم جي مذهبي آزادي ملي، تڏهن اها عام دعويٰ ته اسلام اندر ماڻهن کي تلوار جي زور تي آندو ويو، مشڪل سان اعتبار جوڳي معلوم ٿئي ٿي ۽ اسان کي مجبور ٿي، ٻين ڪن اهڙن سببن کي تلاش ڪرڻو پوي ٿو، جن سببن ڪري، ماڻهن پنهنجو مذهب ڦٽو ڪري، اسلام قبول ڪيو، پر بدقسمتيءَ سان تاريخن ۾ هي موضوع تمام گهٽ تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي ۽ اسان کي لاچار ٿي قياس کان ڪم وٺڻو پوي ٿو ڪيترن عيسائين عالمن. جو اهو گمان آهي ته اسلام جي عروج واري وقت ۾ مشرقي ڪليسيا جي اخلاقي ۽ روحاني حالت تمام گهڻي ڪريل هئي ۽ ان ڪري ڪيترن عيسائين جي دلين مان پنهنجي مسيحي مذهب جي محبت نڪري ويئي هئي ۽ ڪنهن ٻئي وڌيڪ صحت بخش روحاني ماحول جي تلاش ۾ هئا. اهو ماحول انهن کي محض مذهب اسلام ۾ مليو، جو پنهنجي اندر تازي پيدا ٿيل ديني جوش جي پوريءَ قوت سان انهن تائين پهتو هو. مثلن ڊين ملمين (Dean Milman) هي سوال ڪيو آهي ته: ”جن ملڪن تي مسلمانن پهريائين حملا ڪيا، انهن ملڪن ۾ عيسائي دنيا جي ڪهڙي حالت هئي؟ هڪ فرقو ٻئي فرقي جو مخالف هو ۽ هڪڙو عيسائي عالم ٻئي عيسائي عالم سان ديني مسئلن جي تمام دقيق ۽ باريڪ نڪتن تي بحث مباحثي ڪرڻ ۾ مشغول هو. آرٿوڊاڪس (Orthodox) نسطوري (nestorians) اتڪئنس (Eutychians) ۽ يعقوبي (Jacobites) فرقا هڪ ٻئي جا سخت دشمن هئا ۽ هڪ ٻئي تي سخت ظلم ڪندا هئا. انهن مسئلن، مباحثن ۽ جهيڙن جهڳڙن گهڻن ئي عام عيسائين جي دلين ۾ دين جي بنياد کي ضرور ڪمزور ڪري ڇڏيو هوندو. جيڪڏهن هزارين ماڻهو انهيءَ مسلسل پريشان ڪن مناظرن کان تنگ ۽ بيزار ٿي توحيد خدا جي هڪ سولي ۽ صاف سمجهه ۾ ايندڙ حقيقت اندر پناهه نه وڃي وٺن ها ته اها هڪ حيرت جهڙي ڳالهه ٿي پوي ها، جيتوڻيڪ اهو سودو انهن کي محمد جي رسالت جي اقرار ڪرڻ کان پوءِ مليو ٿي.“ اهڙيءَ طرح ڪئنن ٽيلر چوي ٿو ته: ”هيءَ ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿي ته هي سڌاريل يهودي مذهب (يعني اسلام) ڇو ايتري قدر جلد ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ڦهلجي ويو. آفريڪا ۽ شام جي عالمن حضرت عيسيٰ جي دين کي ڪن دقيق فيلسوفانه عقيدن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. انهن پنهنجي زماني جي عياشيءَ ۽ نفس پرستيءَ جي مقابلي ۾ تجريد جي آسماني ۽ ملڪوتي خوبين کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن جي نظر ۾ دنيا کان ڪناره ڪشي، پاڪيزگيءَ تائين پهچڻ جو رستو هئي ۽ راهبن جي پرهيزگاريءَ جو امتيازي شان مٽيءَ ۾ هو. سڀ ماڻهو گهڻو ڪري مشرڪ هئا ۽ شهيدن، ولين ۽ فرشتن جي پوڄا ڪندا هئا. اوچي طبقي جا ماڻهو عياش ۽ بدڪار هئا. وچولي درجي وارا ڍلن ۽ محصولن ۾ پيڙيا پيا هئا. غلامن کي هميشه لاءِ مايوسي ئي مايوسي نظر ايندي هئي. اسلام ڄڻ ته خدائي جهاڙوءَ سان سڄي خرابي ۽ گمراهيءَ جي مٽي ٻهاري ڇڏي. اسلام مذهبي مناظرن خلاف هڪ بغاوت هو ۽ ڪنواري رهڻ خلاف، جنهن کي پاڪيزگيءَ جو ڇَٽُ سمجهبو هو، هڪ مردانو احتجاج هو. اسلام دين جي بنيادي اصولن کي ماڻهن اڳيان پيش ڪيو.جهڙوڪ خداهڪ آهي ۽ سڀني کان وڏو آهي. هو رحيم ۽ عادل آهي، هو چاهي ٿو ته سڀئي انسان هن جي مرضيءَ مطابق زندگي بسر ڪن ۽ پنهنجي سڀني ڪمن کي هن جي توڪل تي ڦٽو ڪن. اسان جي ذمه داري، موت کان پوءِ جي زندگي، حساب ڪتاب جو ڏينهن ۽ سخت عذاب جو گنهگارن ۽ ظالمن کي ملندو. انهن سڀني ڳالهين کي اسلام کولي بيان ڪيو آهي. اسلام نماز، روزي، زڪوات ۽ سخاوت کي مسلمانن مٿان فرض ڪيو. بناوتي نيڪين، مذهبي ٺڳين، ديني گمراهين، بگڙيل اخلاقي خيالن ۽ مذهبي بحث مباحثي ڪندڙن جي زباني لطافتن جي اسلام پاڙ پٽي ڇڏي. اسلام رهبانيت جي جڳهه تي مردانگيءَ کي قائم ڪيو، غلام کي دلداري ڏني، انسان ذات ۾ اخوت قائم ڪئي ۽ انساني فطرت جي بنيادي حقيقتن کي سڃاتو.“
اهو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي ته اسلام بزنٽائين حڪومت جي ڪليسائي پادرين جي عمل جو هڪ رد عمل هو. اهي پادري قيصر روم جي درٻار کي آسمان تي خدائي درٻار جو نقل ڪري سمجهندا هئا ۽ شهنشاهه کي نه رڳو مسيحي دنيا جو اعليٰ ۾ اعليٰ حاڪم، پر وڏي ۾ وڏو مذهبي پيشوا به تسليم ڪندا هئا. شهنشاه جسٽينن جي ڏينهن ۾ ڪليسيا جي پادرين ايتريقدر ته زور ورتو جو خودمختياريءَ جي حد تائين وڃي پهتا ۽ هڪ وزني لوهه وانگر سڀني عام توڙي خاص ماڻهن کي دٻائڻ لڳا. آخرڪار سنه 532ع ۾ قسطنطنيہ اندر ڪليسيا ۽ حڪومت خلاف عام ناراضگي پيدا ٿي پيئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو جسٽينن جي حڪومت خلاف هڪ بغاوت برپا ٿي ۽ پنجٽيهن هزارن ماڻهن جي قتل بعد مشڪل سان اها بغاوت بند ٿي. باغين جي جماعت جنهن کي گرينز (Greens) ڪري ڪوٺيندا هئا، عام تماشي جي جاين تي جسٽينن جي ظلم خلاف سخت اعتراض اٿاريا ۽ زور سان پڪارڻ لڳا ته” انصاف دنيا مان غائب ٿي ويو آهي ۽ هاڻي ڪٿي به نه ملندو. اسان کي يهودي ٿي وڃڻ گهرجي يا يونان جي بت پرستيءَ طرف واپس اچڻ گهرجي.“ هڪ صديءَ جي گذرڻ بعد به انهيءَ سخت ناراضگيءَ جي سببن مٿان ڪو به سبب دور نه ٿيو، پر رومي حڪومت جي سخت طاقت سنه 532ع جهڙيءَ بغاوت کي وري ٻيو دفعو برپا ٿيڻ نه ڏنو ۽ باغين کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجي ناراضگيءَ کي مخفي رکن، تنهن هوندي به سنه 560ع ۾ به قسطنطنيہ ۾ ڪجهه لڪل بت پرست پڪڙيا ويا ۽ انهن کي سخت سزائون ڏنيون ويون. رومي سلطنت جي سرحد تي گاديءَ جي جڳهه قسطنطنيہ کان ڪجهه مفاصلو پري باغين جي حالت ڪجهه قدر سلامتي جهڙي هئي. اهي ماڻهو جيڪي مسيحي مذهب ۽ شاهي ڪليسيا کان کٽا ٿي پيا هئا ۽ جن تي رومي سلطنت اندر سخت ستم ڪيا ويا هئا، پنهنجي ملڪ مان ڀڄي اڀرندي طرف پناهه وٺي اچي ويٺا هئا. هتي انهن ماڻهن اسلامي لشڪر جي ضرور مرحبا ڪئي هوندي، ڇاڪاڻ ته هو انهن عيسائين جو اولاد هئا، جن هن کان هڪ سئو سال اڳ پنهنجي مسيحي مذهب کي ٻئي ڪنهن مذهب ۾ تبديل ڪرڻ چاهيو ٿي. انهن سببن کان سواءِ ٻيون به ڪي ڳالهيون هيون، جن ضرور مسلمانن جي حفاظت هيٺ آيل ٻين مذهبن جي ڪيترن فردن جي ديني ۽ عملي زندگيءَ تي اسلام جو عڪس وڌو هوندو. سڄيءَ اسلامي سلطنت اندر خصوصن شهرن ۾ ۽ انهن وڏن مرڪزي جڳهن ۾ جتي رعيت ڪثرت سان آباد هئي، عربي ٻوليءَ کي عام ڪيو ويو. مسلمانن جون رسمون ۽ رواج درجي بدرجي ايتريقدر ته مقبول ٿيندا ويا جو تقريبن ٻن صدين اندر ڪيترن مفتوحه قومن پنهنجي زندگيءَ جي طور طريقن کي فاتح قوم يعني مسلمانن جي عام زندگيءَ جهڙو بڻايو. رئشنلسٽڪ تحريڪ (Rationalistic Movement) جنهن جو هجري ٻيءَ صديءَکان پنجين صديءَ تائين اسلام تي تمام سخت اثر پيو، ممڪن آهي ته مسيحي مفڪرن تي پڻ اثر وڌو هجي ۽ انهن کي هڪ اهڙي دين کان بدظن ڪيو هجي، جنهن جا عام مروج اصول، انهيءَ وقت هن اصول تي ٻڌل هئا ته ناممڪن ڳالهه کي انهيءَ ڪري قبول ڪيو وڃي، جو اهو ناممڪن آهي. هجري چوٿين صديءَ جي هڪ مسلمان مورخ هڪ مصري عيسائي جي هن سان ٿيل گفتگو اسان لاءِ محفوظ ڪري رکي آهي ۽ ان گفتگو مان انهيءَ زماني ۾ مشرقي ڪليسائين جي پيروي ڪندڙن جي عام مذهبي حالت جو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اها گفتگو هن طرح آهي: ”مون وٽ عيسائي مذهب جي صداقت جو ثبوت هيءُ آهي، جو آءٌ محسوس ڪريان ٿو ته هن مذهب جي تعليم اندر ڪيتريون ڳالهيون مخالف، هڪ ٻئي کي تباهه ڪندڙ، عقل سليم جي خلاف ۽ دلائل جي مخالفت ڪندڙ آهن. ڪو به غور و فڪر انهن ۾ قوت پيدا ڪري نٿو سگهي، ڪو به بحث مباحثو انهن جي سچائي کي ابتو ڪري نٿو سگهي. اسين ڪيترو به کڻي انهن اندر حقيقت جي ڳولا ڪنداسون، تڏهن به اسان جي سمجهه توڙي اسان جو عقل انهن جي صداقت ۾ ڪو به دليل پيش ڪري نه سگهندا. باوجود انهيءَ جي مون ڏٺو آهي ته دنيا جي ڪيترين قومن ۽ وڏن وڏن صاحب علم ۽ صاحب راءِ بادشاهن هن مذهب (عيسائيت) جي پيروي ڪئي آهي. انهيءَ ڪري هاڻي آءٌ انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته جنهن صورت ۾ انهن سڀني خامين هوندي به جن جو ذڪر مون مٿي ڪيو آهي، دنيا جي قومن ۽ بادشاهن هن مذهب کي قبول ڪيو آهي ته انهيءَ حالت ۾ ضرور ٻيا ڪي خاص سبب هوندا ۽ ڪي خاص نشانيون ۽ معجزا هوندا جن کي انهن ڏٺو هوندو ۽ جن انهن کي هن مذهب قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هوندو.“
اهو ياد رکڻ گهرجي ته رئشنلسٽڪ تحريڪ جي اثر هيٺ جيڪي عيسائي مسلمان ٿيا، تن معتزله فرقي جي پيش ڪيل ديني اصولن اندر به تقريبن اهي ساڳيون ڳالهيون ڏٺيون، جيڪي ٻنهين مذهبن ۾ يڪسان هيون. انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته اهڙن مسلمانن اندر عيسائيءَ مسلمان بڻجڻ ڪري ڪا وڏي تبديلي پيدا نه ٿي هجي. جيڪڏهن اهڙن گهڻن ئي بنيادي مسئلن کي نظر انداز ڪبو، جي هر ڪنهن ان ماڻهو کي سمجهه ۾ ايندا، جنهن کي رسول الله جي تعليم جي ٿوري به معلومات هوندي ته ٻيا ڪيترا اهڙا مشترڪ مسئلا هئا، جي دمشق ۾ بنو اُميه جي خلافت اندر ۽ ان کان پوءِ ٻنهين عيسائي ۽ مسلمان عالمن جي پاڻ ۾ گهڻا تعلقات هجڻ جو نتيجو هئا، اها ڳالهه اڳ ۾ ئي تسليم ٿي چڪي آهي ته اسلام جي ديني اصولن کي ظاهر ڪرڻ ۾ جيڪا باقاعدي ترقي ٿي، ان تي رومي حڪومت جي عيسائي عالمن جو پڻ اثر هو. عربي زبان ۾ قديم ۾ قديم ديني ڪتاب فقہ اڪبر جي صورت ۽ ترتيب ۾ دمشق جي سينٽ يوحنا ۽ ٻين عيسائي بن (Ch: Fathers) جي لکيتن جي هڪ جهڙائي معلوم ٿئي ٿي عربن جي قديم تصوف جنهن جو رجحان رڳو رهباني زندگيءَ طرف هو (۽ بعد ۾ ظاهر ٿيل تصوف کان نرالو هو، جنهن جي ترقي هندستان جي صوفيانه خيالات جي اثر ڪري ٿي. ان جو بنياد گهڻي ڀاڱي عيسائي خيالات ڪري پيو. انهيءَ اثر جي خبر خاص ڪري، انهن معتزلي فرقن جي ديني نظرين مان پوندي، جن پاڻ کي روم جي عيسائي عالمن وانگر خدائي فطرت جي وصفن تي غور و فڪر ڪرڻ ۾ مشغول رکيو. قدريه (Qadariyah) فرقي وارن، جنهن کي اسلام جا احرار ڪوٺين ٿا، (Libertarians of Islam) پنهنجي اختيار جبر جي مسئلي (Doctrine of Freedom of will) کي سنئون سڌو عيسائي مذهب مان ورتو هو. مُرجيه فرقي (Murjiyah) وارن جو ابدي عذاب کان انڪار ڪرڻ وارو نظريو پڻ سڄو اهو ساڳيو آهي، جيڪو اسان کي مشرقي ڪليسئا جي تعليم ۾ ملي ٿو ۽ اهو نظريو مسلمانن جي عام عقيدي خلاف هو غيرن کي مسلمان بڻائڻ ۾ اسلام جي وڏن وڏن محقق عالمن جو ڪيتريقدر حصو هو، ان جي شهادت هن روايت مان ملي ٿي، ته امام احمد بن حنبل رضي الله جي وفات وقت تقريبن ويهه هزار عيسائي، يهودي ۽ مجوسي مسلمان ٿيا. حنبلي فرقي جو هڪ ٻيو مشهور عالم ابو الفرج ابن الجوزي (سنه 115-1200ع) جو پنهنجي وقت جو وڏي ۾ وڏو عالم، مشهور مبلغ ۽ مصنف هو، انهيءَ ڳالهه تي فخر ڪندو هو ته ايترو ئي تعداد (ويهه هزار) ماڻهن جو هن جي هٿ تي مسلمان ٿيو
انهن سڀني ڳالهين کان سواءِ، اسلامي فوجن جي وسيع ۽ بي نظير سوڀن عيسائي رعيت اندر سندن اصلوڪي مذهب کي ڪمزور ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي پڪ ٿي ويئي ته انهن سوڀن ۾ ضرور خدا جو هٿ آهي. انهن هاڻي سمجهيو ته دنيوي ڪاميابي خدا جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ۽ لڙائيءَ جو خدا پنهنجن پيارن ٻانهن کي ضرور ڪامياب ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح مسلمانن جي لڙاين ۾ ڪاميابي خود اسلام جي صداقت جو باعث بڻي.
اسلام اندر سڀني مسلمانن جي هڪ عام اخوت جو هجڻ هڪ اعليٰ خيال هو، جنهن سڀني کي اسلام طرف اچڻ جي ڪشش ڪئي. جيتوڻيڪ عربن پنهنجي نسلي وڏائيءَ وچان ڪيترين نسلن تائين ڪوشش ڪئي ته نون مسلمانن کي حاڪماڻا اختيارات نه ڏنا وڃن، تنهن هوندي به انهن مختلف عرب قبيلن وٽ ”مواليءَ“ جي حيثيت ۾ گذاريندي عرب قوم اندر اعليٰ رتبو حاصل ڪيو ۽ پهرين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري انهن نون مسلمانن اخوت کي اسلامي دينيات اندر هڪ ممتاز جڳهه ڏياري ۽ اسلامي حڪومت به ان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ اصول قرار ڏنو.
عيسائين جي حالت هميشه اهڙي آزاديءَ جهڙي نه رهي، جهڙي اسلام جي اوائلي خليفن جي ڏينهن ۾ هئي. ڪڏهن ڪڏهن مسلمانن جي فائدي لاءِ غير مسلم رعيت مٿان تڪليف پهچائيندڙ پابنديون مڙهيون وينديون هيون، انهيءَ لاءِ ته اعليٰ راڄنيتي فائدا رڳو مسلمانن کي ملن. ڪيترن مسلمان خليفن ڪوشش ڪئي ته ذمين کي سرڪاري نوڪرين مان خارج ڪيو وڃي، پر ڪامياب نه ٿيا، خليفي المتوڪل (سنه 847-861ع) المقتدر (سنه 908-932ع) مصر ۾ فاطمي خليفي الامير ۽ عيسوي چوڏهين صديءَ جي مملوڪ سلطانن اهڙا حڪم نافذ ڪيا ليڪن ذمين کي سرڪاري نوڪرين مان خارج ڪرڻ جا حڪم بار بار جاري ڪيا ويندا هئا. انهيءَ مان صاف ظاهر ٿيندو ته اهڙا تعصب ۽ غير رواداريءَ وارا قدم مسلسل نه کنيا ويندا هئا. در حقيقت اهڙن قدمن کڻڻ جو سبب عام طرح هي معلوم ٿئي ٿو ته عيسائي آفيسر مسلمانن سان سختيءَ ۽ بي مروتيءَ سان پيش ايندا هئا، جنهن ڪري انهن ۾ عام ناراضگي پيدا ٿي پوندي هئي يا ڪڏهن ڪڏهن تعصبي جهڳڙا برپا ٿي پوندا هئا، جنهن ڪري حڪومت سخت قدمن کڻڻ لاءِ مجبور ٿي پوندي هئي، پر جنهن صورت ۾ جبر ۽ سختي اسلامي حڪومت جي عام اصولن خلاف هئي، انهيءَ صورت ۾ اهڙن سخت قدمن کڻڻ تي عمل به جلد بند ٿي ويندو هو.
پنهنجي وطني عيسائين سان سختيءَ جهڙي برتاءُ جي ابتدا خليفي هارون الرشيد (سنه 786-809ع) جي ڏينهن ۾ ٿي، جنهن انهن کي خاص پوشاڪ پهرڻ ۽ سرڪاري عهدن تان مسلمانن جي حق ۾ دست بردار ٿيڻ جو حڪم ڏنو، پر هي حڪم محض مذهبي جذبي ڪري نافذ نه ڪيا ويا هئا، بلڪه زياده تر اهي انهي وقت جي سياسي حالتن جو نتيجو هئا. اسلامي حڪومت اندر عيسائين کي تڪليفون گهڻو ڪري انهيءَ سبب ڪري پهتيون جو ڌارين ملڪن جا عيسائي حاڪم يا عملدار مسلمان حاڪمن سان ايمانداريءَ سان پيش نه اينداهئا. خليفي هارون الرشيد جو پنهنجي عيسائي رعيت خلاف سخت حڪمن (جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي) جاري ڪرڻ جو باعث روم جي بادشاهه نيڪفورس (Nicephorus) جي دغابازي هئي اسلامي ملڪن ۾ عيسائين مٿان جيڪي ظلم ٿيا، انهن مان گهڻن جو اهو سبب معلوم ٿئي ٿو ته غير ملڪي عيسائين ۽ اسلام جي دشمنن پنهنجن سازشن ۽ بيجا دخل اندازيءَ ذريعي ملڪي عيسائين جي وفاداريءَ ۾ بي اعتباري پيدا ڪرائي يا مسلمانن سان دغابازيءَ ۽ بي رحميءَ جهڙي هلت هلي، انهن جي دلين ۾ عيسائين لاءِ نفرت ۽ دشمني جاڳائي، تنهن هوندي به گهڻن ظلمن جو باعث مذهبي تعصب پڻ هو. جهڙوڪ خليفي المتوڪل (سنه 847-861ع) جي ڏينهن ۾ عيسائين تي ظلم و ستم ڪيا ويا. هن خليفي کان اڳ ٻين خليفن جي ڏينهن ۾ رئشنلسٽڪ ۽ حريت فڪر (Free thinking) جي تحريڪن جو تمام گهڻو زور هو، جنهن ڪري خليفي المتوڪل جي ڏينهن ۾ پختن مسلمانن جي دلين ۾ انهن تحريڪن خلاف تمام سخت نفرت پيدا ٿي. خليفي هن موقعي جو فائدو ورتو ۽ اهلِ سنت و الجماعت وارن مسلمانن جو حامي بڻجي ميدان ۾ آيو. هن جماعت اندر اعليٰ طبقي جي ماڻهن کانسواءِ گهڻو ڪري ٻيا سڀئي مسلمان اچي ٿي ويا ۽ انهن عام مسلمانن مٿان، جيڪي گذشته ٻن خليفن جي ڏينهن ۾ سخت ظلم ٿيا، تن جي انتقام وٺڻ لاءِ هو ڏاڍا آتا ويٺا هئا. خليفي متوڪل انهن عام ماڻهن کي خوش رکڻ خاطر معتزلن يا رئشنلسٽڪ نظريي وارن مسلمانن مٿان سخت ظلم ڪيا. قرآن شريف جي مسئلي متعلق وڌيڪ بحث مباحثي ڪرڻ تي بندش وڌائين ۽ انهيءَ ڳالهه جو اعلان ڪرايائين ته قرآن شريف جي مخلوق هجڻ وارو نظريو هڪ ڪفر جو نظريو آهي. هن شيعن کي قيد ڪرائي سخت مار ڏياري، ڪربلا ۾ حضرت امام حسين رضي الله جي روضي مبارڪ کي ڊهرائي ڇڏيو ۽ ڪربلا جي زيارتين تي اوڏانهن وڃڻ جي بندش وڌي. اهڙيءَ طرح خليفي متوڪل جي زماني ۾ مسلمانن جي بدعتي فرقن تي جيڪي ظلم ۽ سختيون ڪيون ويون، انهن مان عيسائين کي پڻ حصو مليو. جيڪي حڪم اڳوڻن مسلمان حاڪمن ذمين ۽ مسلمانن جي پوشاڪ ۾ فرق رکڻ جي سلسلي ۾ جاري ڪيا هئا، متوڪل انهن حڪمن کي سختيءَ سان عمل ۾ آڻڻ لڳو ۽ حڪم ڏنو ته هن کان پوءِ ڪو به عيسائي سرڪاري نوڪريءَ ۾ نه رکيو وڃي. هن جزيي جي رقم کي ٻيڻو ڪيو ۽ عيسائين کي حڪم ڏنو ته پاڻ وٽ ڪو به مسلمان غلام ڪري نه رکن. انهن کي منع ڪيائين ته ڪڏهن به مسلمانن جي حمامن ۾ غسل نه ڪن. اهڙيءَ طرح متوڪل ٻين به ڪيترين سخت پابندين لڳائڻ سان عيسائين کي ڏاڍو تنگ ڪيو. خليفي متوڪل کان پوءِ اڌ صديءَ تائين انهن سخت حڪمن جي تعميل بند رهي، پر خليفي المقتدر (سنه 908-932ع) وري نئين سر اهڙن حڪمن کي جاري ڪيو. در حقيقت اهي سخت حڪم ڪنهن خاص موقعي تي نافذ ڪيا ويندا هئا، ورنه هميشه پابنديءَ سان انهن تي عمل نه ڪيو ويندو هو. انهيءَ حقيقت جي ثابتي هيءَ آهي جو ايندڙ خليفن کي اهڙن حڪمن کي وري وري جاري ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ کانسواءِ اهڙو جور ۽ جبر اسلام جي بي تعصب روح ۽ رسول الله جي تعليم جي خلاف هو. سندن ارشاد مبارڪ هو ته: ”جنهن به ذميءَ کي تڪيلف پهچائي، انهيءَ گويا مون کي تڪيلف پهچائي.“ باوجود رسول الله جن جي ارشاد جي، پنهنجي پنهنجي وقت جي ڪن متعصب مسلمانن جو گروهه خواه مخواهه اها ڪوشش ڪندو هو ته جيئن غير مسلم رعيت کي ذليل ڪرڻ لاءِ انهن مٿان سخت حڪم هميشه لاءِ جاري رهن. لهذا اهو بيان ڪيو ويو آهي ته: محقق مسلمان علماءَ انهيءَ حالت تي غور ڪندا هئا ۽ دل ئي دل ۾ آه و زاريون ڪندا هئا، پر ان جي برعڪس بادشاهه جن کي انهن ظلمن بند ڪرڻ جي پوري قوت حاصل هئي، انهن علمائن طرف پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيندا هئا.
جيڪڏهن ڪو به مذهبي متعصب غير مذهب وارن کي تڪليفون پهچائڻ جي خيال کان ڪي قانون مرتب ڪري ته اهي هيمشه اهڙا نه هوندا آهن، جن تي عمل ڪرڻ حڪومت لاءِ هڪ اصول بڻجي وڃي، پر انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ ۾ ماڻهو گهڻو ڪري ناڪامياب رهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪيترن مصنفن اسلامي حڪومت اندر عيسائين مٿان ٿيل ظلم جون اعلى رنگين تصويرون ڪڍيون آهن ۽ انهن هن ڳالهه کي فرض ڪري سمجهيو آهي ته جيڪڏهن ڪن ٻن چئن متعصب مسلمان مولوين، ڪي قانون تجويز ڪيا ته حڪومت انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ هميشه ٻڌل رهندي. ڪڏهن ڪڏهن ته انهن ظلمن جي باهه انهيءَ ڪري ڀڙڪندي هئي، جو اسلامي حڪومت اندر عيسائي عملدار پنهنجن عهدن کي ناجائز طرح استعمال ڪندا هئا. اهي مسلمانن مٿان ظلم ڪري انهن اندر پنهنجي خلاف ڪافي دشمني جاڳائيندا هئا. وڏن وڏن عيسائي آفيسرن متعلق چيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي اعليٰ عهدي جو فائدو وٺي مسلمانن کي لٽيندا هئا ۽ کين ڏاڍو ستائيندا هئا. تمام گهڻو بي درديءَ ۽ سختيءَ جهڙو برتاءُ ڪري انهن کان سندن زمينون ۽ زر ڦريندا هئا. اهڙيون شڪايتون خليفي المنصور سنه 754-775ع)، المهدي، (سنه 775-785ع)، المامون، (سنه 813-833ع)، التموڪل (سنه 847-861ع)، المقتدر (سنه 908-932ع) ۽ ٻين ڪيترن خليفن اڳيان پيش ڪيون ويون عيسائين انهيءَ سبب ڪري به مسلمانن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ نفرت پيدا ڪرائي جو هو عباسي خاندان جا جاسوس بڻجي اميه خاندان سان واسطو رکندڙن کي گرفتار ڪرائيندا هئا ڪجهه عرصي بعد صليبي لڙائين جي زماني ۾ عيسائين کي صليبن سان بغاوتي لکپڙهه هلائيندي پڪڙيو ويو. انهيءَ ڪري عيسائين جي خلاف تمام سخت قدم کنيا ويا، پر انهيءَ سختيءَ يا ظلم کي ڪنهن به حالت ۾ مذهبي بناءَ تي ٿيل ظلم چئي نٿو سگهجي.
اسلامي حڪومت اندر جيتريقدر غير مسلمان رعيت جي حالت برداشت کان ٻاهر ٿيندي ويئي، اوتريقدر انهن جي دلين ۾ اهو شوق وڌندو ويو ته ڪلمو لاالہ الا الله محمد رسول الله پڙهي ظلم ۽ سختين کان نجات حاصل ڪجي. جڏهن حڪومت کي پئسن جي ضرورت پوندي هئي ۽ اها ضرورت وڌندي ويندي هئي، تڏهن رعيت تي زياده ۾ زياده محصول وجهندا ويندا هئا، ايتريقدر جو غير مسلم رعيت جي حالت مسلسل ناقابل برداشت ٿيندي ويندي هئي ۽ اسلام ۾ داخل ٿيڻ جا واقعا پڻ انهيءَ نسبت سان وڌندا ويندا هئا. عيسائي رعيت جي تعداد ۾ کوٽ پوڻ جا ٻيا سبب هن حقيقت مان ملن ٿا ته جيڪي عيسائي عورتون لڙائيءَ وقت گرفتار ٿي، مسلمانن جي حرم سراءِ ۾د اخل ٿينديون هيون، انهن جي اولاد کي سندن پيئرن جي مذهب ۾ تعليم و تربيت ڏني ويندي هئي. عيسائي غلامن کي وري سندن مهربان مالڪ هميشه اها ترغيب ڏيندا هئا ته اسلام قبول ڪري، پنهنجي آزادي حاصل ڪن، پر اسان کي ڪنهن به اهڙيءَ باقاعدي ۽ منظم ڪوشش بابت، جنهن ۾ غير مسلمانن کي زور زبردستيءَ سان اسلام ۾ آندو ويو هجي يا ظلم ۽ ستم سان عيسائي مذهب جي پاڙ پٽڻ جو ارادو ڪيو هجي، ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي، جيڪڏهن مسلمان خليفا ائين ڪرڻ لاءِ ڪو به ذريعو استعمال ڪن ها ته عيسائيت جو اهڙيءَ طرح جلد خاتمو آڻي ڇڏين ها، جهڙيءَ طرح بادشاهه فرڊيننڊ (Ferdinand) ۽ راڻي ازبلہ (Isabella) اسپين اندر اسلام جو خاتمو آندو. يا فرانس جي بادشاهه لوئي (Louis) چوڏهين پراٽيسٽنٽ مذهب کي پنهنجي ملڪ ۾ قانونن جرم قرار ڏنو، يا يهودين کي ساڍن ٽن سون سالن تائين انگلينڊ کان ٻاهر رکيو ويو. ايشيا ۾ مشرقي ڪليسائن جو باقي عيسائي دنيا سان ڪو به تعلق نه هو، تنهن هوندي به انهيءَ سڄي عرصي ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو نه ٿوملي، جنهن انهيءَ کي مذهب جو مخالف سمجهي، انهن تي هڪ آڱر به کنئي هجي. مطلب ته انهن ڪليسائن جو اڄ ڏينهن تائين موجود رهڻ انهيءَ حقيقت جي پڪي ثابتي آهي ته اسلامي حڪومتن اندر غير مسلم رعيت سان عام طرح آزاديءَ وارو برتاءُ ڪيو ويندو هو. سنه 1888ع ۾ انطاڪيہ ۾ اسي هزار، فلسطين ۾ پنجاهه هزار، مغربي شام جي يعقوبي ڪليسا ۾ چار لک، مشرقي شام جي اشوري (Assyrian) ڪليسا ۾ ٻه لک عيسائي موجود هئا. انهن عيسائين کان علاوه لبنان جي ماروني (Maronite) ڪليسا آهي ۽ مشرق ۾ يونئٽ (Uniat) جون ڪليسائون آهن، جن روم جي ڪليسيا جي اطاعت قبول ڪئي هئي اها هڪ حيرت جهڙي ڳالهه آهي جو اهي منتشر ۽ علحدا علحدا عيسائين جا قبيلا باوجود لڙائين، مهلڪ بيمارين ۽ ڏڪار ڪري ۽ انهيءَ ملڪ ۾ رهڻ ڪري، جو صدين کان وٺي مسلسل لڙائيءَ جو ميدان رهيو هو ۽ جنهن کي ترڪن، مغلن ۽ صليبي مجاهدن خوب لٽيو هو، اڃا تائين سلامت ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ کانسواءِ اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته اسلامي قانون مطابق عيسائين کي پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪرڻ جي منع ٿيل هئي، جنهن ڪري هو پنهنجي تعداد ۾ مٿي ڄاڻايل سببن ڪري، کوٽ پوڻ جو پورائو ڪري نٿي سگهيا، پر جيڪڏهن انهن کي پنهنجي مذهب جي تبليغ جي ضرورت محسوس ٿئي ها ته ضرور انهيءَ ڳالهه طرف ڪجهه توجهه ڪن ها، پر ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته اسلامي فتوحات کان اڳ ۾ ئي نسطوري فرقي وارن کان علاوه باقي ٻين عيسائين مان پنهنجي مذهب جي اشاعت جو جذبو نڪري چڪو هو. در حقيقت تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته انهيءَ تبليغي جذبي کان سواءِ عيسائي ڪليسيا لاءِ هڪ صحيح ۽ سالم زندگي گذارڻ ناممڪن هو. اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته مشرقي عيسائين ۾ رهباني زندگي گذارڻ ۽ هڪ شادي ڪرڻ جو رواج عام هو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ بي سلامتي ۽ غلاميءَ جي حالت ۾ زندگي گذارڻ جو خيال به انهن جي دلين تي ڪافي ڇانيل هو. اهي سڀئي ڳالهيون عيسائي رعيت لاءِ پنهنجي تعداد وڌائڻ ۾ هڪ قسم جي رڪاوٽ بڻيون.
مشرق ۾ عيسائي آدمشماريءَ جي گهٽجڻ جو باعث ڪجهه اهي سبب آهن، جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آهن. انهن سان گڏ عيسائين جو ڪثرت سان هڪٻئي پٺيان مسلمان ٿيڻ پڻ هڪ سبب ليکيو وڃي ٿو، پر مسلمان حاڪمن جو مذهب ڪري انهن تي ظلم ڪرڻ انهن جي تعداد گهٽجڻ جو باعث ٿي نٿو سگهي.
عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جي واقعن جو تفصيلي احوال اسان کي ڪٿي به نٿو ملي. عربن جي پهرئين دفعي ئي عيسائي ملڪن تي قبضي ڪرڻ سان ائين معلوم ٿئي ٿو ته عيسائين جو ڪافي تعداد اسلام اندر داخل ٿيو عراق اندر عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جو ڪجهه اندازو هن حقيقت مان ملندو ته ٻئي خليفي حضرت عمر رضي الله جي ڏينهن ۾ جزيي جي رقم ڏهن کان ٻارهن ڪروڙن درهمن تائين وصول ٿيندي هئي ۽ پنجاهه سالن بعد خليفي عبدالملڪ جي حڪومت ۾ اها رقم صرف چار ڪروڙ درهمن تائين وڃي بچي. جيتوڻيڪ محصول جي رقم ۾ ايتري ڪميءَ جو وڏوڪارڻ ملڪ ۾ لڙائين ۽ بغاوتن جو هجڻ به هو، تنهن هوندي به خالص سبب اهو هو جو تمام گهڻي تعداد ۾ عيسائي مسلمان ٿيا ۽ ان ڪري جزيي جي ادائيگي انهن تان معاف ٿي وئي. انهيءَ دور ۾ خراسان جي ڪيترن عيسائين اسلام قبول ڪيو ۽ اها خبر اسان کي يعقوبي ڪليسيا جي ماها پادريءَ يسوعيب (Jesujab) ٽئين جي خط مان پوي ٿي، جو هن رورشر (Ravarshir) جي مطران ۽ فارس جي بشپ سائمن (Bishap Simeon) ڏانهن لکيو هو. هي خط جيتوڻيڪ ڪافي ڊگهو آهي، پر ڇاڪاڻ ته هجري پهرئين صديءَ جون عيسائي تحريرون تمام گهٽ تعداد ۾ موجود آهن ۽ هن خط ۾ تمام موثر نموني ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن اسلام پرامن طريقي سان خراسان ۾ ڦهليو، ان کانسواءِ موجوده زماني جي مورخن کي هن خط جي تمام ٿوري معلومات آهي. انهن سڀني سببن ڪري، هن سڄي خط کي نقل ڪرڻ بهتر ٿيندو. خط هي آهي:
”اي پنهنجي نورچشمن کان وڇڙيل پيءُ! ڪٿي آهن تنهنجا اهي نور نظر؟ ڪٿي آهن اهي مروء (Merve) جا متبرڪ ماڻهو، جن جيتوڻيڪ ڪا تلوار نه ڏٺي ۽ نه باهه يا ٻي ڪا تڪليف ڏٺي، تنهن هوندي به مال جي محبت ۾ گرفتار ٿي، نادانن وانگر سڌي رستي تان هٽي، گمراهيءَ جي ڪُن ۾ اونڌي منهن وڃي ڪريا آهن، جتي انهن لاءِ هميشہ تباهي آهي. انهن سڀني جو نالو نشان گم ڪيو ويو آهي. فقط ٻه پادري (جي نالي ۾ پادري سڏيا وڃن ٿا) ڪفر جي ڀسم ڪندڙ شعلن کان اهڙيءَ طرح ڀڄي ويا، جهڙيءَ طرح ڪنهن ٻريل باهه جي مچ مان ٻه ٻريل ڪاٺيون ڪڍيون وڃن. افسوس! صد افسوس! هيترن هزارن عيسائين مان هڪ به سچي دين (مسيحي دين) لاءِ خدا جي رستي ۾ پنهنجو خون وهائي قربان نه ٿيو. ڪٿي آهن ڪرمان ۽ فارس جا عبادتگاهه؟ انهن عبادتگاهن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ ڪو شيطان نه آيو هو يا ڪنهن دنيا جي بادشاهه يا صوبي جي گورنر جا حڪم نه آيا هئا، بلڪه هڪڙي ننڍڙي حقير ڀوت جو ڪمزور ساهه آيو هو، جنهن پنهنجي حڪم جي اشاري سان فارس جي سڀني ڪليسائن جو خاتمو آڻي ڇڏيو. هيءُ ڀوت به اهڙو هو، جنهن کي ٻين ڀوتن، جن کيس پنهنجي پيغام سان روانو ڪيو هو، ڀوتپڻي جي عزت لائق به نه سمجهيو ۽ جنهن کي گمراهه ڪندڙ شيطان پنهنجي شيطاني فريب مان ڪجهه حصو به نه ڏنو، انهيءَ لاءِ ته متان ان فريب کي تنهنجي ملڪ ۾ ظاهر ڪري...... عربن کي ڏسو، جن کي ڌڻيءَ تعاليٰ هن وقت دنيا جي سلطنت عطا ڪئي آهي. هو اوهان جي وچ ۾ رهن ٿا، جنهن جو اوهان کي پڻ علم آهي، پر تنهن هوندي به، هو عيسائي مذهب تي حملو نٿا ڪن. اٽلندو اسان جي دين تي مهربانيون ڪن ٿا ۽ اسان جي ڪليسائن ۽ مندرن کي فائدو پهچائين ٿا. پوءِ ڪهڙو سبب آهي، جو اوهان جي مروَ جي ماڻهن عربن جي خاطر پنهنجي دين کي الوداع ڪيو آهي؟ اهو به تڏهن، جڏهن عربن انهن کي سندن دين تان دست بردار ٿيڻ لاءِ مجبور نه ڪيو ۽ مروَ جا ماڻهو خود انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا. عربن انهن کي اجازت ڏني هئي ته هو پنهنجي ملڪيت جو اڌ انهن جي حوالي ڪري پنهنجي دين کي امن ۽ سلامتيءَ سان پاڻ وٽ رکي سگهن ٿا، پر مروَ جا ماڻهو انهيءَ دين کي، جنهن کين هميشہ لاءِ ڇوٽڪارو ڏنو ٿي، ڦٽو ڪري، مال جي اڌ کي چهٽي پيا، جو هن فاني دنيا جو مال آهي. اهو دين، جنهن کي دنيا جي قومن پنهنجو خون وهائي خريد ڪيو ۽ اڄ ڏينهن تائين ان کي پنهنجي خون سان خريد ڪن ٿيون ۽ انهن جي هٿ ڪرڻ سان انهن کي ابدي زندگيءَ جي دولت نصيب ٿيندي. تنهنجي مروَ جا ماڻهو اهڙي اعليٰ دين کي پنهنجي اڌ ملڪيت تي يا ان کان به گهٽ رقم تي وڪڻڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
خليفي حضرت عمر ثاني جي حڪومت جو زمانو اسلام ۾ ماڻهن جي ڪثرت سان داخل ٿيڻ کان مشهور آهي. حضرت عمر بن عبدالعزيز اسلام جي اشاعت لاءِ هڪ باقاعدي تحريڪ برپا ڪئي ۽ پنهنجي غير مسلم رعيت جي ماڻهن کي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ هر ڪنهن قسم جي ترغيب ڏني. هن انهن حڪمن کي منسوخ ڪيو، جيڪي سنه 700ع ۾ بيت المال ۾ پئسن جي قلت کي دور ڪرڻ لاءِ جاري ڪيا ويا هئا ۽ جن مطابق هڪ غير مسلم اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ به جزيي جي ادائيگيءَ کان آزاد نه ڪيو ويندو هو، بلڪه هن کي مجبور ڪيو ويندو هو ته هو جزيي جي رقم اهڙي نموني ڏيندو رهي، جهڙيءَ طرح هو ڪفر جي حالت ۾ ڏيندو رهندو هو. هن خليفي مسلمان زميندارن مٿان خراج معاف ڪري، هڪ هلڪو محصول عُشر مقرر ڪيو. هن قسم جو ڪم جيتوڻيڪ مالي نقطي نگاه کان تمام گهڻو نقصانڪار هو، پر نيڪ دل خليفي جنهن نيت سان هي قدم کڻڻ چاهيو ٿي، ان ۾ ڏاڍو ڪامياب ٿيو ۽بيشمار ماڻهو اسلام اندر داخل ٿيا.
بهرحال اهو سمجهڻ نه گهرجي ته صرف دنيا جي نفعي جي خيال کان عيسائين اسلام قبول ڪيو آهي. هجري پهرين صديءَ ۾ دمشق جي سينٽ يوحنا جيڪي بحث مباحثي تي ڪتاب لکيا آهن، انهن مان خبر پوي ٿي ته جوشيلن مسلمانن دليلن رستي عيسائي مذهب جي پاڙ پٽڻ جي ڪيتري قدر ڪوشش ڪئي آهي. گفتگو جي صورت ۾ ڪتابن جو لکڻ ۽ انهن ۾ هن قسم جي جملن جو وري وري بيان ڪرڻ: ”جيڪڏهن ڪو ساراسين (مسلمان) اوهان کان پڇي، جيڪڏهن ڪو ساراسين اوهان کي چوي.... ته اوهين هُن کي ٻڌائجو.....“- هن ڳالهه کي ظاهر ٿو ڪري ته ديني بحث مباحثي لاءِ اهي اصلي ڪتاب آهن ۽ انهن جي لکجڻ جو مقصد اهو هو ته عيسائي پنهنجي مذهب خلاف مسلمانن جي اعتراض جو جواب يڪدم ڏيئي سگهن سينٽ يوحنا جي شاگرد بشپ ٿيوڊور ابوقره پڻ مسلمانن سان بحث مباحثي ڪرڻ جا ڪيترا ڪتاب لکيا آهن ۽انهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ٻنهين طرفن جا بحث ڪندڙ ٻنهين مذهبن جي مخالف ڳالهين تي پوري روشني وجهن ٿا ۽ بحث پهريائين مسلمان شروع ڪري ٿو. انهن ڳالهين مان اسان کي ڪجهه قدر پتو پوي ٿو ته مسلمان انهيءَ زماني ۾ پنهنجي دين کي ڪيتري جوش ۽ سر گرميءَ سان پيش ڪندا هئا. بشپ ابوقره لکي ٿو ته ”مسلمانن جو پورو خيال ۽ جذبو حضرت عيسيٰ عليه السلام جي خدائيءَ جي انڪار ڪرڻ طرف هو ۽ انهيءَ خيال کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ انهن پنهنجي ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو.“.
پهرين ٻن صدين هجريءَ کان عيسائين جي اسلام ۾ اچڻ جا جيڪي ڪجهه واقعا مٿي بيان ڪيا ويا آهن، سي تمام ٿورا آهن. اهي واقعا اسان کي رڳو ٻڌائين ٿا ته اسلام اندر تبليغي ڪوششون موجود هيون، پر انهن مان ڪنهن خاص حقيقت جي خبر نٿي پوي. سڀ کان اول تبليغي نوعيت جو پهريون دستاويز خليفي المامون جي ڏينهن جو ملي ٿو. اهو دستاويز هڪ خط جي شڪل ۾ آهي ۽ اهو خط خليفي مامون الرشيد جي هڪ مائٽ پنهنجي هڪ عيسائي دوست ڏانهن لکيو هو. اهو عيسائي عرب جي اعليٰ خاندان مان هو ۽ خليفي جي درٻار ۾ هن کي اعليٰ رتبو حاصل ٿيل هو. مامون الرشيد بذات خود هن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. هن خط ۾ هو پنهنجي دوست کي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محبت سان عرض ٿو ڪري. هيءُ خط اهڙن ته موثر لفظن ۾ لکيل آهي، جو ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته انهيءَ زماني ۾ مسلمان، عيسائين سان ڪيتريقدر مذهبي آزاديءَ وارو سلوڪ ڪندا هئا. اشاعت اسلام جي اوائلي تاريخ ۾ هي خط هڪ لاثاني درجو رکي ٿو، انهيءَ ڪري هن سڄي خط کي ضميمي ۾ نقل ڪيو ويو آهي. هن خط ۾ خليفي مامون الرشيد جي پنهنجي اميرن جي درٻار ۾ ڪيل هڪ تقرير پڻ درج ٿيل آهي. جنهن ۾ هن مسلمانن جي سخت مذمت ڪئي آهي، جن محض دنيوي نفعي ۽ خود غرضيءَ ڪري، اسلام قبول ڪيو هو ۽ انهن کي منافقن سان تشبيہ ڏني اٿس، ڇاڪاڻ ته، منافقن ٻاهرين طرح ائين ظاهر ڪيو ته گويا هو رسول الله جا دوست آهن، پر اندر ئي اندر سندن حياتيءَ خلاف سازشون سٽڻ لڳا. جهڙيءَ طرح حضور جن انهن منافقن سان برائيءَ بدران نيڪي ڪئي، اهڙيءَ طرح خليفي مامون پڻ انهن مسلمانن سان تواضع ۽ تحمل سان پيش اچڻ جو ارادو ڪيو. خليفي طرفان اهڙيءَ شڪايت جو بيان ڪرڻ هڪ وڏي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هڪ غير مسلمان جي اسلام قبول ڪرڻ ۾ اها اميد رکي ويندي هئي، ته هو بنا ڪنهن غرض جي ۽ خالص ايمان سان اسلام قبول ڪري، پر جيڪڏهن اهو پتو پئجي ويندو هو ته ڪنهن شخص خود غرضيءَ ۽ غلط مقصد سان اسلام قبول ڪيو آهي ته پوءِ ان شخص تي خوب ڦٽڪار پوندي هئي.
خليفي مامون الرشيد اسلام جي اشاعت لاءِ پنهنجي سر تمام گهڻيءَ سرگرميءَ سان ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي سلطنت جي دور دراز علائقن جهڙوڪ ماوراءِ النهر (Transoxania) ۽ فرغانه (Ferghana) ۾ رهندڙ غير مسلمانن ڏانهن اسلام قبول ڪرڻ لاءِ پر محبت دعوت ناما روانا ڪيا. ساڳئي وقت ماڻهن مٿان اسلام کي زوريءَ مڙهي پنهنجي شاهاڻي شوڪت ۽ دٻدٻي کي بدنام نه ڪيائين هڪ دفعي مانويا (Manihaean) فرقي جو اڳواڻ يزدان بخت بغداد گهمڻ آيو هن مسلمان عالمن سان بحث مباحثو شروع ڪيو، پر ان ۾ هن کي خاموش رهڻو پيو. انهيءَ وقت مامون ڪوشش ڪئي ته جيئن هو اسلام قبول ڪرڻ لاءِ آماده ٿي وڃي، پر يزدان بخت انڪار ڪيو ۽ چيو ته، ”اي امير المئومين! توهان جي گفتگو ٻڌي ويئي ۽ توهان جي نصيحت گوش گذار ٿي، ليڪن توهان انهن شخصيتن مان آهيو، جن جو اهو ڪم نه آهي ته ماڻهن کان زبردستيءَ پنهنجو دين قبول ڪرايو.“ يزدان بخت جي هن طرح انڪار ڪرڻ ڪري خليفي کي ڪجهه به غصو نه آيو، پر پاڻ سپاهين جو هڪ ٽولو هن جي حوالي ڪيائون، انهيءَ لاءِ ته متان ڪي متعصب مسلمان هن جي عزت کي نقصان پهچائين ايندڙ صديءَ جي شروع حصي ۾ بيت جارميءَ (Beth Garmai) جي نسطوري بشپ ٿيو ڊور اسلام قبول ڪيو. هن تي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو جبر نه ڪيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين هجي ها ته جنهن عيسائي مورخ هن واقعي کي نقل ڪيو آهي، اهو ضرور انهيءَ جبر جو به ذڪر ڪري ها. هن واقعي کان هڪ سئو سالن بعد سنه 1016ع ۾ تڪرت جي هڪ يعقوبي فرقي جي پيشوا اگناتيئس(Ignatius) جو پنجويهن سالن کان وٺي انهيءَ عهدي تي رهيو هو، بغداد ۾ خليفي القادر جي حاضريءَ ۾ مسلمان ٿيو. هن جو نالو ابو مسلم رکيو ويو .
اها هڪ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٿي پوي ها، جيڪڏهن اهي ٻئي عيسائي پنهنجي پنهنجي زندگيءَ جو احوال تحريري شڪل ۾ اسان جي لاءِ ڇڏي وڃن ها، ڇاڪاڻ ته ان مان اسان کي معلوم ٿئي ها ته انهن ٻنهين جي دليلن اندر ڪهڙيءَ طرح مذهبي ترقي ٿي. عيسائي مورخ، جنهن هي واقعا نقل ڪيا آهن، اهو پنهنجي راءِ ڏئي ٿو ته انهن ٻنهين شخصن پنهنجي بداخلاقيءَ کان ائين ڪيو، پر جنهن صورت ۾ ٻي ڪا به شهادت موجود نه آهي، انهيءَ حالت ۾ هي الزام اعتبار جوڳو نه آهي ۽ محض اهڙيءَ طرح لڳايو ويو آهي، جهڙيءَ طرح ڪو رومن ڪئٿلڪ پنهنجي هم مذهب پادريءَ جي پنهنجي دين کي ترڪ ڪري، پروٽيسٽنٽ مذهب اختيار ڪرڻ جي واقعي کي بيان ڪرڻ وقت هن تي لڳائي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انهن ٻنهين مشهور عيسائي اڳواڻن جي اسلام قبول ڪرڻ جا واقعا اسان تائين انهيءَ سبب ڪري پهتا آهن، جو هو ٻئي وڏا عهديدار هئا، ورنه جيڪي گهٽ درجي جا عيسائي هئا، انهن جي اسلام ۾ داخل ٿيڻ جي واقعن کي قلمبند نه ڪيو ويو آهي. عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جا صرف هي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ واقعا نه هئا، بلڪه عڪا (Acre) جي بشپ جاق دوتري (Jacques de Vitry) (سنه 1216-1225ع) انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي شهادت جو هڪ بي بها خزانو ڏنو آهي، هن جيروسلم (Holy land) ۾ ڪجهه وقت گذاري، پنهنجي ذاتي تجربي مان مشرقي ڪليسئا جي ان وقت جي حالت جو هن طرح بيان ڪيو آهي:
”مشرقي ڪليسئا، ڪوڙي پيغمبر جي (نعوذ باالله) ڪوڙين ترغيبن جي دام ۾ ڦاسي ڪمزور ٿي، بلڪه سخت زخمي ٿي ۽ نفساني خواهشن ۾ مبتلا ٿي،بلڪل ختم ٿي ويو. اهو ڪليسئا، جنهن ڳاڙهيءَ پوشاڪ ۾ پرورش پاتي هئي، هاڻي گندگيءَ جي هڪ ڍير سان ملي ويو.“
عيسائي ڪليسائون، جن جي متعلق هيستائين بيان ڪيو ويو آهي ته اسلام جي اثر هيٺ آيون، انهن ۾ محض مشرق جو آرٿوڊاڪس ڪليسئا ۽ انهيءَ مان نڪتل ٻيا اختلافي فرقا اچي وڃن ٿا. عيسوي يارهين صديءَ جي ختم ٿيڻ تي شام ۽ فلسطين جي عيسائي رعيت جي تعداد ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو، ڇاڪاڻ ته رومن ڪئٿلڪ مذهب رکندڙ صليبي ٽولن جا ٽولا انهن سان اچي شامل ٿيا. هي صليبي بيت المقدس جي حڪومت جي اندر ۽ انهن رياستن اندر جيڪي خود انهن جون قائم ڪيل هيون، اچي آباد ٿي ويٺا. ٻن صدين تائين انهن صليبن جي زندگي ڀروسي جهڙي نه رهي. هن عرصي ۾ انهن نئوآباد عيسائين مان ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ماڻهو اسلام قبول ڪندا رهيا. مثلن پهرين صليبي لڙائيءَ ۾ جرمن ۽ لباردين جو هڪڙو گروهه پنهنجي سردار ريناد جي سرڪردگيءَ ۾ اصل فوج کان الڳ ٿي ويو ۽ سلجوقي سلطان ارسلان هن گروهه کي هڪ قلعي ۾ بند ڪري ڇڏيو. ريناد ۽ سندس چند مخصوص ساٿين مسلمانن مٿان حملي ڪرڻ جي بهاني سان پنهنجن ٻين ساٿين کي ڇڏي، قلعي جي ديوار ٽپي ٻاهر آيا ۽ ترڪن وٽ اچي انهن اسلام قبول ڪيو.
ٻيءَ صليبي لڙائيءَ وقت پڻ اهڙي ئي قسم جو واقعو پيش آيو. سينٽ ڊينس جي پوئلڳ اودو ديل هن واقعي کي بيان ڪيو آهي. اودو ديل بادشاهه لوئي ستين جو خانگي پادري هو ۽ هن سان گڏ صليبي جنگ تي آيو هو. هن واقعي کي هن تمام سهڻيءَ عبارت ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:
صليبي لشڪر خشڪيءَ رستي ايشيا مائنر مان گذرندي، بيت المقدس پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته انهن کي فرجيا جي ٽڪرين ۾ ترڪن وٽان سخت شڪست پهتي، (سنه 1148ع) ۽ اهو شڪست کاڌل لشڪر مشڪل سان اطلايه جي بندرگاهه تي وڃي پهتو. هتي لشڪر جي جن سپاهين وٽ ايترو ناڻو هو جو يوناني واپارين جي تمام ڳرن مطالبن کي پورو ڪري سگهن، اهي انهن کي وڏيون رقمون ڏئي جهازن رستي انطاڪيه ڏانهن روانا ٿي ويا. باقي بيمار، زخميل ۽ زائرين تمام گهڻي انداز ۾ رهجي ويا ۽ اهي سڀ هاڻي سندن دغاباز طرفدار يونانين جي رحم وڪرم تي ڇڏيل هئا. يوناني بادشاهه لوئيءَ کان 500 مارڪ انهيءَ شرط تي حاصل ڪيا ته هو زائرين جي حفاظت لاءِ، پنهنجو هڪ لشڪر انهن جي حوالي ڪندا ۽ بيمارن جي انهيءَ وقت تائين سنڀال ڪندا، جيستائين هو تندرست ٿي روانگيءَ جي قابل بڻجي وڃن. پر جڏهن لشڪر روانو ٿي ويو، تڏهن يونانين يڪدم زائرين جي بيڪسيءَ واري حالت جو اطلاع ترڪن کي ڏنو ۽ پاڻ خاموشيءَ سان ويهي انهن جي مصيبتن جو تماشو ڏسڻ لڳا. هنن ويچارن بدبخت عيسائين جي ڇانوڻيءَ اندر ڏڪار، بيماري ۽ دشمنن جي تيرن سخت تباهي آڻي ڇڏي. جڏهن مصيبتن برداشت ڪرڻ جي انهن ۾ وڌيڪ طاقت نه رهي، تڏهن انهن مان ٽن يا چئن هزارن ماڻهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهي ترڪن جي گهيري ۾ اچي ويا، جن انهن عيسائين کي قتل ڪري ڇڏيو. ترڪ پنهنجي مڪمل ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي ڇانوڻيءَ تي ڌوڪيندا آيا. جيڪڏهن انهن عيسائين جي مصيبتن کي ڏسي مسلمانن جي دل نرم نه ٿئي ها ۽ انهن کي انهن تي رحم نه اچي ها ته باقي بچيل عيسائين جي حالت سخت نااميديءَ جهڙي ٿي پوي ها. مسلمانن بيمارن جي دوا درمل ڪئي ۽ غريبن ۽ بکايلن جي نهايت کليءَ دل سان مدد ڪئي. ڪن مسلمانن ته ڇا ڪيو جو يونانين وٽان اهي فرانسي سڪا جي انهن عيسائي زائرين کان زبردستيءَ يا حرفت سان ڦريا هئا، خريد ڪري آيا ۽ تمام گهڻي ڪشاده دليءَ سان محتاج ۽ ضرورتمند عيسائين ۾ اچي تقسيم ڪيائون. هاڻي عيسائي زائرين جڏهن غير مذهب وارن (مسلمانن) جو اهڙو حسنِ سلوڪ ۽ پنهنجي هم مذهب يونانين جو ظلم ڏٺو، تڏهن انهن پنهنجي رضا خوشيءَ سان پنهنجي بچائيندڙن جي دين (اسلام) کي قبول ڪيو. يونانين انهن تي تمام سخت ظلم ڪيا هئا. مثلن انهن کان زبردستي سخت محنت مزدوريءَ جو ڪم وٺندا هئا، انهن کي ماريندا هئا ۽ جيڪي ٿورو ڪجهه پئسو انهن وٽ رهيل هو، سو به انهن کان کسي ويا. ساڳيو مورخ اوداد انهن عيسائي زائرين متعلق لکي ٿو ته: ”انهن پنهنجي ديني ڀائرن کان جيڪي انهن تي ظلم ڪندا هئا، پاسو ڪري غير مذهب وارن وٽ وڃي پناهه ورتي، جن کي انهن تي رحم ايندو هو. ائين پڻ ٻڌو وڃي ٿو ته جڏهن ترڪن جو لشڪر واپس وڃڻ لڳو، تڏهن اٽڪل ٽي هزار کن عيسائي انهن سان شامل ٿيل هئا. افسوس! احسان ۽ مهرباني ٺڳيءَ ۽ ڌوکي کان وڌيڪ ظالم آهي. مسلمانن انهن کي روٽي ڏني، پر انهن جو دين کسي ورتو، جيتوڻيڪ اهو يقين آهي ته ترڪن عيسائين کي پنهنجن خدمتن بجا آڻڻ سان خوش رکيو ۽ ڪڏهن به ڪنهن کي سندس دين ڇڏڻ لاءِ مجبور نه ڪيو.
عيسائين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ميل ميلاپ ۾ اضافي ٿيڻ، صليبي سپاهين جو پنهنجن مخالفن (مسلمانن) جي مهربانين جو روز بروز قدر ڪرڻ ۽ فرانسي ماڻهن جو ايليا ۾ رهي مشرقي ملڪن جي رهاڪن جي وضع قطع ۽ طرز معاشرت کي اختيار ڪرڻ، هي سڀ اهي ڳالهيون هيون، جن جو مذهبي خيالن تي پڻ لازمي طرح اثر پيو. هن اثر جو هڪ وڏو نتيجو هي نڪتو جو ڪيترن عيسائي سردارن جي دلين ۾ اسلام لاءِ هڪ سٺو خيال پيدا ٿيو ۽ هو اسلام کي بي تعصبيءَ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا، حالانڪه ان جي برعڪس ڪليسئا اسلام کي تمام سخت ننديندي هئي. جڏهن صلح جي زماني ۾ عيسوي يارهين صديءَ ۾ هڪ شامي امير ابن منقد، بيت المقدس جي زيارت لاءِ آيو، تڏهن صليبي لشڪر جي سردارن، جن کي ٽيمپلرز ڪري سڏيندا هئا ۽ جي مسجد اقصيٰ ۾ رهندا هئا، ابن منقد کي مسجد جي ڀرسان پنهنجي ديول جو هڪ حصو نماز پڙهڻ لاءِ ڏنو. انهيءَ وچ ۾ هڪ نئون صليبي سپاهي اچي پهتو، جنهن هن قسم جي مذهبي آزاديءَ کي مذهب خلاف سمجهيو ۽ انهيءَ عمل کي بريءَ نگاهه سان ڏسڻ لڳو. هن ابن منقن جي عبادت ۾ خلل وجهڻ چاهيو ٿي، پر ٻين عيسائي سردارن پنهنجي مهمان جي عبادت ۾ ڪنهن به قسم جي رخني وجهڻ کان، هن کي تمام گهڻي غصي سان روڪيو صلح واري زماني ۾ صليبي سپاهي ۽ مسلمان پاڻ ۾ اڪثر دوستاڻي طريقي سان ملندا جلندا هئا، در حقيقت اها هڪ حيرت جهڙي ڳالهه ٿي پوي ها، جيڪڏهن اهڙن ملاقاتي موقعن تي مذهبي مسئلن تي بحث مباحثو نه ڪيو وڃي ها، خصوصن انهيءَ حالت ۾ جڏهن مذهب خود انهن صليبين کي جيروسلم (holy Land) ۾ اچڻ ۽ مسلسل لڙاين لڙڻ لاءِ مجبور ڪيو. جنهن صورت ۾ خود عيسائي عالم مسلمانن سان ذاتي تعلقات ۾ اچڻ ڪري، پنهنجي دين متعلق صحيح انداز قائم ڪرڻ لڳا ۽ خيال جي نئين طرز ڪري، ماڻهن جي دلين ۾ اڳ ۾ ئي بي اطمينان هئي ۽ ان ڪري ڪيترا مذهبي اختلاف برپا ٿي ويا. انهيءَ حالت ۾ ڪيترن صليبي سپاهين جو اسلام قبول ڪرڻ، عجب جهڙي ڳالهه نه آهي صليبين جي قانوني رجسٽرن مان خبر پوي ٿي ته عيسوي ٻارهين صديءَ ۾ صليبي سپاهين جو ڪافي تعداد مسلمان ٿيو.
ڏاڍو سٺو ٿئي ها، جيڪڏهن انهن مسلمانن بابت ڪجهه احوال معلوم ٿئي ها، جن عيسائين کي مسلمان بڻائڻ ۾ پنهنجو پاڻ کي مشغول رکيو، پر ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته انهن پنهنجي محنتن ۽ ڪوششن جو ڪو به رڪارڊ پويان نه ڇڏيو آهي، تنهن هوندي به اسان کي اهو معلوم ٿيو آهي ته انهيءَ وقت مسلمانن جو سردار سلطان صلاح الدين هو، جنهن متعلق سندس سوانح نگار لکي ٿو ته هو پنهنجن عيسائي مهمانن اڳيان اسلام جون خوبيون بيان ڪندو هو ۽ انهن کي اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو هو.
سلطان صلاح الدين جي غازيانه زندگيءَ ۽ بلند سيرت سندس همعصر عيسائين جي دلين تي جادوءَ جهڙو اثر ڪيو. ڪن عيسائي سردارن اندر هن جي لاءِ ايتري قدر ته ڪشش پيدا ٿي چڪي هئي، جو هو پنهنجي عيسائي مذهب ۽ پنهنجي قوم کي الوداع چئي، مسلمان ٿي ويا. اهڙو هڪ مثال هڪ انگريز صليبي مجاهد جو آهي، جنهن جو نالو رابرٽ آف سينٽ آلبن (Robert of sT: Alban) هو. هن سنه 1185ع ۾ عيسائي مذهب ڦٽو ڪري، اسلام قبول ڪيو ۽ ڪجهه وقت بعد سلطان جي ويجهن عزيزن مان شادي ڪيائين انهيءَ واقعي کان ٻن سئو سالن بعد صلاح الدين فلسطين تي حملو ڪيو ۽ هتين (Hitten) جي لڙائيءَ ۾ عيسائي لشڪر کي سخت شڪست ڏني. ٻين قيدين سان گڏ بيت المقدس جو بادشاهه گاءِ (Guy) پڻ قيد ٿي آيو. جنگ ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ ڇهه عيسائي سردار، ”جن تي شيطان روح سوار هو.“ پنهنجي بادشاهه کي ڇڏي، صلاح الدين جي لشڪر ۾ ڀڄي آيا، جتي پنهنجي رضا خوشيءَ سان مسلمان ٿيا ساڳئي وقت سلطان صلاح الدين جو ترابلس (Tripoli) جي امير ريمنڊ ٽئين سان ٺاهه ٿي ويو، جنهن مطابق ريمنڊ پنهنجي ماتحتين کي عيسائي مذهب ڇڏي، اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جو ذمو کنيو، پر هن جي اوچتي موت، انهيءَ تجويز کي عملي جامو نه پهرايو.
بيت المقدس جي هارائڻ ۽ جيروسلم ۾ سلطان صلاح الدين جي ڪامياب ٿيڻ سڄي يورپ کي ٽين صليبي لڙائيءَ لاءِ ڀڙڪايو. هن لڙائيءَ جي سڀني واقعن ۾ عڪا جو گهيرو زياده اهم آهي.هن لڙائيءَ ۾ عيسائي لشڪر کي ڏڪار ۽ بيماريءَ کان ايتريقدر ته تڪليفون پهتيون، جو انهن مان ڪيترن عيسائين پنهنجي لشڪر کي ڦٽو ڪري، مسلمانن جي لشڪر ۾ وڃي پنهنجن بکن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ انهن ڀڄي آيل عيسائين مان ڪيترا واپس پنهنجي لشڪر ۾ آيا ۽ ڪيترن وري پنهنجو پاڻ مسلمانن جي حوالي ڪري ڇڏيو. پوئين قسم جي عيسائين مان ڪن ته پنهنجن اڳوڻن دشمنن (مسلمانن) جي نوڪري شروع ڪري ڏني، پر هو پنهنجي اصلوڪي دين تي محڪم رهيا ۽ پنهنجن نون مالڪن مان ڏاڍو خوش هئا. باقي بچيل عيسائي اسلام قبول ڪري، پڪا مسلمان بڻجي ويا. انهن ڀڄي آيل عيسائين جي اسلام ۾ اچڻ جي واقعن کي پڻ هڪ عيسائي مورخ بيان ڪيو آهي، جو بادشاهه رچرڊ اول سان گڏ هن صليبي لڙائي ۾ شامل هو. هو ٻڌائي ٿو ته: ”اسان جي ڪيترن ماڻهن (جن جي قسمت جو احوال بغير افسوس جي نه ٻڌائي ٿو سگهجي ۽ نه ٻڌي ٿو سگهجي) ڏڪار جي سخت تڪيلف کان پريشان ٿي پنهنجي جسم جي ڇوٽڪاري خاطر پنهنجن روحن تي عذاب آندو. ڏڪار جي تڪليفن جو جڏهن گهڻو حصو پورو ٿي ويو، تڏهن هو اسان کي ڇڏي ترڪن ڏانهن ڀڄي ويا ۽ پنهنجي اصلي دين کي ترڪ ڪرڻ ۾ انهن ڪو به تردد نه محسوس ڪيو. انهن هيءَ فاني دنيا جي زندگي ڪجهه ڏينهن آرام سان گذارڻ خاطر ڪفر جو سخت ڪلمو پڙهي پنهنجي لاءِ ابدي موت خريد ڪيو. او تباهه ڪندڙ تجارت! او سزا جي حدن کان به ٻاهر نڪتل شرمناڪ عمل! اڙي اٻوجهه جانورن جهڙا نادان انسان! تون انهيءَ موت کان ڀڄين ٿو، جو هڪ ڏينهن اوس ايندو، پر تون پاڻ کي انهيءَ تباهيءَ کان نٿو بچائين، جيڪا ڪڏهن به ختم ٿيڻ واري نه آهي!.
هن زماني کان وٺي، اڳتي عيسائين جي مسلمان ٿيڻ جو ذڪر ڪثرت سان انهن مورخن جي ڪتابن ۾ ملي ٿو، جن ايليا ۽ ٻين مشرقي ملڪن جو سفر ڪيو. جڏهن مسلمانن، بادشاهه سينٽ لوئي کي گرفتار ڪيو ۽ انهن هن کان سندس رهائي جي رقم ڏيڻ لاءِ قسم نامو طلب ڪيو، تڏهن جيڪي قسم نامي جا شرط بادشاهه جي اڳيان رکيا ويا هئا، سي انهن نئو مسلمن جا تجويز ڪيل هئا، جي پهريائين عيسائي پادري هئا. اڃا بادشاهه جي رهائيءَ لاءِ رقم ادا ڪرڻ جو ڪم جاري هو ته هڪ ٻيو عيسائي نئو مسلم، بادشاهه لاءِ هڪ تحفو کڻي آيو. هي فرانس جو رهاڪو هو ۽ پرونس ۾ ڄائو هو. سنه 1219ع ۾ بيت المقدس جي بادشاهه جان سان گڏ دمياط (Dametta) تي حملي ڪرڻ لاءِ آيو هو، پر مصر ۾ ئي رهجي ويو ۽ هڪ مسلمان عورت سان شادي ڪري، مصر جو هڪ وڏو امير بڻجي ويو..عيسائي زائرين جي ايليا ۾ اچي مسلمان ٿيڻ جو خوف ايتريقدر ته محسوس ڪيو ويو جو هڪ تحرير ۾ (سنه 1266ع) ۾ فرانس جي صليبي مجاهدن جي مهندار اموري دي لاروش روم جي پوپ ۽ فرانس ۽ سسليءَ جي پادرين کي عرض ڪيو ته هو غريبن، پوڙهن ۽ بي هٿيار ماڻهن کي سمنڊ پار ڪري فلسطين ۾ اچڻ جي اجازت نه ڏين، ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻهو يا ته مارجي وڃن ٿا يا مسلمانن جا قيدي بڻجي وڃن ٿا سنه 1350ع ۾ لودلف دُسوخم (Ludolf de Suchem) کي ايليا ۾ سفر ڪندي، ٽي عيسائي تازو مسلمان ٿيل، حبرون ۾ ملي ويا ۽ هو انهن جو ذڪر هن طرح ڪري ٿو ته اهي ٽيئي عيسائي مندن جي ڪليسئا مان آيا هئا ۽ نائيٽ وسٽنالن جي نوڪري ڪندا هئا. سر جان مانڊويل، جنهن پنهنجي متعلق ظاهر ڪيو آهي ته هن عيسوي چوڏهين صديءَ جي وچ ڌاري فلسطين جو سفر ڪيو هو، پنهنجي سفرنامي ۾ انهن نون مسلمانن جو احوال لکي ٿو، جيڪي پهريائين عيسائي هئا، پر هن انهيءَ ڳالهه جي وضاحت نه ڪئي آهي ته آيا اهي مسلمان ٿيل عيسائي مشرقي ڪليسئا سان تعلق رکندڙ هئا يا مغربي ڪليسئا سان. هو لکي ٿو ته: ”ڪڏهن ڪڏهن مسيحي مذهب جا ماڻهو مسڪينيءَ، ڪم عقليءَ يا محض شرارت کان مسلمان بڻجي ويندا هئا.“ ماندويل اهو پڻ لکيو آهي ته مصر جي سلطان، جنهن جي ملازمت ۾ هن ڪيترا سال گذاريا، کيس برغلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن هو پنهنجو دين ايمان ترڪ ڪري، مسلمان بنجي وڃي.
هن قسم جي منتشر واقعن مان هي مطلب نڪري ٿو ته تمام گهڻن عيسائين اسلام قبول ڪيو هوندو، پر انهن سڀني جي تاريخ اسان تائين نه پهتي آهي، مثلن چيو وڃي ٿو ته عيسوي پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري قاهره ۾ تقريبن اهڙا پنجويهه هزار مسلمان موجود هئا، جي پهريائين عيسائي هئا. اهڙيءَ طرح جيروسلم ۾ پڻ رومن ڪئٿلڪ حڪومت جي ختم ٿيڻ بعد ڪجهه تعداد عيسائي نئو مسلمن جو ضرور هوندو، پر ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته مسلمان مورخن پنهنجن بادشاهن جي اعليٰ ڪارنامن ۽ شاهي گهراڻن جي ڦيرين گهيرين جي احوال لکڻ ۾ ايتريقدر ته منهمڪ هئا، جو غير مسلمانن اندر جيڪو مذهبي انقلاب آيو، ان کي قلمبند ڪرڻ طرف ڪجهه به توجهه ڏيئي نه سگهيا. (جيتريقدر آءٌ دريافت ڪري سگهيو آهيان) انهن مسلمان مورخن جهڙيءَ طرح عيسائين جي مسلمان ٿيڻ طرف ڪو توجهه نه ڏنو، اهڙيءَ طرح انهن پنهنجي هم مذهب وارن (مسلمانن جي، عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ طرف به ڪو خيال نه ڪيو آهي. انهيءَ ڪري لازمي طرح اسان کي ٻنهين قسمن جي واقعن طرف معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ عيسائي مصنفن تي ڀاڙڻو آهي، پر انهن عيسائي مصنفن مسلمانن جي عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ جي واقعن جي احوال کي تمام گهڻي تفصيل ۽ دردمنديءَ سان نه لکيو آهي، ليڪن انهن مصنفن عيسائين جي مسلمان بڻجڻ جي واقعن جي تصديق پنهنجي مرضيءَ خلاف ڪئي آهي ۽ جيتريقدر انهن کان پڄي سگهيو آهي، اوتريقدر انهن عيسائين جي مسلمان بڻجڻ جا سبب ڏاڍا خراب ڏيکاريا آهن. انهن عيسائي مصنفن جي دماغ ۾ ڪڏهن به اهو خيال پيدا نه ٿيو ته ڪو ڪنهن عيسائيءَ سچيءَ دل سان اسلام قبول ڪيو هوندو. جيڪڏهن کڻي اهڙو خيال پيدا ٿيو به هجي، تڏهن به ان کي ظاهر ڪري، مسيحي عالمن جي جٺ ڦٺ سهڻ جي همت ڪنهن ۾ مشڪل سان هئي. سر جان مانڊويل، جنهن پنهنجي اڌ عمر اسلامي ملڪن ۾ گذاري ۽ اسلام متعلق پنهنجي راءِ ظاهر ڪرڻ ۾ تعصب کان ڪم وٺڻ نٿي چاهيو، تنهن پڻ اهو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪي عيسائي ڪنهن خراب نيت سان مسلمان نه به ٿيا هجن، تڏهن به انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهن پنهنجي بي سمجهيءَ ڪري، اسلام قبول ڪيو هوندو، جيڪڏهن اِهي عيسائي شرير يا بکايل نه هئا، تڏهن به بيوقوف ته ضرور هئا.
جيڪي تاريخي حوالا مٿي بيان ڪيا ويا آهن، انهن مان جهڙيءَ طرح اسان کي عيسائين جي مسلمان ٿيڻ جي تعداد جي گهٽ خبر ملي ٿي، اهڙيءَ طرح انهن کي اسلام طرف راغب ڪرڻ لاءِ صحيح تبليغي ڪوشش جي پڻ گهٽ معلومات ملي ٿي. مانڪ بورڪارڊ سنه 1283ع ڌاري يعني صليبي مجاهدن جي سندن آخرين قلعي مان تڙجي نڪرڻ ۽ مشرق ۾ رومي طاقت جي بلڪل ختم ٿيڻ کان ڪجهه سال اڳ، ظاهر ڪيو ته سڄيءَ اسلامي دنيا ۾ عيسائين جو تعداد مسلمانن جي تعداد کان تمام گهڻو هو. عربستان ۽ مصر کان سواءِ باقي ٻين ملڪن ۾ مسلمانن جو تعداد سڄيءَ آدمشماريءَ جي 3 يا 4 في سيڪڙي کان مٿي نه هوندو. هي مضمون بنا ڪنهن شڪ جي مبالغي سان ڀريل آهي ۽ شريف بود ڪارڊ پڪ سان انهيءَ نتيجي ڪڍڻ ۾ جلدي ڪئي آهي. هن خيال ڪيو هوندو ته جيڪي هن صليبي مجاهدن جي شهرن ۾ ۽ آرمينا ڪوچڪ (Little Armenia) ۾ ڏٺو، اهو ساڳيو حال شايد مشرق جي ٻين حصن ۾ به هوندو! هن جي انهيءَ بيان مان گهٽ ۾ گهٽ ايترو معلوم ٿئي ٿو ته صليبي لڙاين هلندي، ايترو گهڻو تعداد عيسائين جو، مسلمان نه ٿيو ۽ ٻيو هي پڻ معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن جيروسلم ۾ مسلمانن جي حڪومت وري شروع ٿي، تڏهن مسلمانن عيسائين کي اها ئي مذهبي آزادي ڏني، جيڪا انهن کي اڳ ۾ ئي حاصل ٿيل هئي. انهن کي محض جزيي جي قليل رقم ادا ڪري، ”چين ۽ آرام“ خريد ڪرڻو هو. انهيءَ بيان مان اهو پڻ انومان نڪري ٿو ته ڪن خاص خاص عيسائين اسلام قبول ڪيو ۽ اهي به اهي ماڻهو هئا، جن جي طبيعت اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ اسلام طرف راغب هئي ۽ انهن تي مسلمان ٿيڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو جبر نه ڪيو ويو هو. اهڙا مثال اڳ ۾ ئي بيان ڪيا ويا آهن ته عيسائين مسلمان حاڪمن وٽ نوڪريون به ڪيون ۽ پنهنجي دين جي پيروي ڪرڻ ۾ پوري آزادي پڻ حاصل ڪئي. بيت المقدس جي عدالت ٻن قسمن جي ماڻهن ۾ تفاوت ڏيکاريو آهي. پهريان ”اهي ماڻهو، جن خدا جو انڪار ڪيو ۽ ٻئي ڪنهن قانون جي پيروي ڪئي“ ۽ ٻيا ”اهي، جن عيسائين جي برخلاف مسلمانن ۽ ٻين بدمعاشن وٽ هڪ سال کان زياده فوجي نوڪري ڪئي.“
ملڪي عيسائي يقينن مسلمانن جي حڪومت کي صليبي مجاهدن جي حڪومت کان وڌيڪ پسند ڪندا هئا. جڏهن بيت المقدس آخرڪار دائمي طرح مسلمانن جي قبضي ۾ (سنه 1244ع ۾) آيو تڏهن ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته فلسطين جي عيسائين پنهنجن نون حاڪمن جو تمام گهڻو استقبال ڪيو ۽ بلڪل خاموشيءَ ۽ پنهنجي رضا خوشيءَ سان انهن جي حڪمراني قبول ڪئي.
مسلمانن جي حڪومت ۾ عيسائين کي مڪمل مذهبي آزادي مليل هئي ۽ اهو مذهبي آزاديءَ جو خيال ئي هو، جنهن ايشيا مائنر جي عيسائين کي پڻ انهيءَ زماني ۾ مجبور ڪيو ته سلجوقي ترڪن کي روم جي بزنٽائين حڪومت جي ظالمن کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ سمجهي، انهن جي مرحبا ڪن، اهي عيسائي، نه رڳو محصول جي سختيءَ ڪري، پر يوناني ڪليسئا جي ستائيندڙ جذبي ڪري، رومي حڪومت کي ڌڪاريندا هئا. يوناني ڪليسئا پنهنجي ٻن مخالف فرقن پاليسيئن (Paulician) ۽ آئيڪانوڪلاسٽ (Iconoclasts) (بت شڪن فرقو) کي پنهنجي ظالمانه هلت تباهه ڪري ڇڏيو. ميڪائيل اٺين (سنه 1263-1283ع) جي دور حڪومت ۾ وچ ايشيا مائينر جي رهاڪن ترڪن کي دعوت ڏني ته هو ننڍن ننڍن شهرن تي اچي قبضو ڪن، انهيءَ لاءِ ته من هو پاڻ کي پنهنجي عيسائي حڪومت جي ظلم کان بچائي سگهن. اڪثر شاهوڪار توڙي غريب پنهنجو وطن ڇڏي، ترڪن جي حڪومت ۾ اچي رهڻ لڳا.
مٿي جن عيسائي ڪليسائن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن کان علاوه باقي مغربي ايشيا جون ٻه ڪليسائون ارميني (Armenian) ڪليسئا ۽ جارجياني (Georgian) ڪليسئا رهيل آهن، جن جو ذڪر هاڻي ڪجي ٿو. آرميني ڪليسئا متعلق هي چوڻ ڪافي آهي ته جيڪي به مشرقي ڪليسائون مسلمانن جي حڪومت اندر اچي ويون، انهن مان هيءَ ئي ڪليسئا آهي، جنهن (پنهنجي آدمشماريءَ جي انگن اکرن مطابق) پنهنجي پوئلڳن مان سڀني ڪليسائن کان گهٽ ماڻهو اسلام قبول ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، جيتوڻيڪ هن بهادر ارميني قوم جا حالات دلچسپ آهن،جهڙوڪ دشمنن جي ڪثير التعداد لشڪر جو مردانگيءَ سان مقابلو ڪرڻ، صدين جي جنگين، ظلم و ستم ۽ جلاوطنيءَ جي باوجود پنهنجي عيسائي مذهب سان سچو رهڻ وغيره وغيره تنهن هوندي به انهيءَ احوال کي قلمبند ڪرڻ، اسان جي هن ڪتاب جي موضوع کان ٻاهر آهي. اسان کي هتي مختصر طرح محض اهو ڏيکارڻو آهي ته ارميني ڪليسئا جو مسلمانن جي تاريخ سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آرمينا جي حڪومت عربن جي خطرناڪ حملن مان سلامت بچي ويئي ۽ عيسوي نائين صديءَ ۾ هن حڪومت چڱو نالو ڪڍيو. خلافتِ بغداد جي تنزل واري زماني ۾ هن حڪومت سٺي ترقي ڪئي، پر عيسوي يارهين صديءَ ۾ سلجوقي ترڪن هن حڪومت جو خاتمو آڻي ڇڏيو. ڪجهه ڀڄي ويل ماڻهن آرمينيا ڪوچڪ جي حڪومت قائم ڪئي، پر عيسوي چوڏهين صديءَ ۾ هيءَ حڪومت پڻ نابود ٿي وئي. باوجود آزادي ختم ٿي وڃڻ جي، آرمينا جي ماڻهن جي قومي زندگي برقرار رهي ۽ جهڙي حالت يونان جي ترڪن جي دورِ حڪومت ۾ رهي، اهڙيءَ طرح ارميني ماڻهن جي مذهب ۽ قومي ڪليسئا انهن جي شوق ۽ امر حب الوطنيءَ ڪري، وري نئين سر ساهه کنيو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته آرمينيا جي ڪجهه ماڻهن اسلام قبول ڪيو، ليڪن ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد پنهنجي اصلوڪي دين سان سچو رهيو. تاورنئو، باوجود آرمينيا جي ماڻهن سان همدردي نه ڏيکارڻ ڪري، انهن بابت لکيو آهي ته ”شايد تمام ٿورا ارميني هوندا، جن دنيا جي نفعي خاطر اسلام قبول ڪيو هجي، پر عام طرح آرمينيا جا ماڻهو دنيا جي سڀني ماڻهن کان زياده هٺيلا ۽ ضدي آهن ۽ مذهبي اصولن ۾ سڀني کان زياده پختا آهن.“
جرجاني ڪليسئا، (جو عيسوي چوٿين صديءَ جي اوائلي حصي ۾ قائم ٿيو) يوناني ڪليسئا جي هڪ شاخ هو، جيتوڻيڪ عيسوي ڇهين صديءَ جي وچ ڌاري هن ڪليسئا جي نگران پنهنجي خودمختياري جو اعلان ڪيو، تڏهن به يوناني ڪليسئا سان ان جا تعلقات برابر قائم رهيا. گهرو لڙائين ۽ يونانين، ايرانين، عربن، ترڪن ۽ مغلن جي لڳاتار حملن ڪري جرجان (Georgia) جو ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. هن ملڪ جي بهادر جنگجو ماڻهن جي تاريخ گهڻو ڪري ڌارين دشمنن خلاف مسلسل جنگ و جدل ۾ ۽ ملڪي اميرن جي پاڻ ۾ خوفناڪ جهيڙن جهڳڙن ۾ سمايل آهي، البته ٻن طاقتور حاڪمن جي حڪومت ۾ رعيت ٿوري وقت لاءِ امن ۾ رهي ۽ هي ٿورو امن وارو زمانو ملڪ جي عام بد انتظاميءَ واريءَ حالت جي مقابلي ۾ تمام گهڻو موثر ۽ بهتر نظر اچڻ لڳو. جرجانين اندر آزادي جو ايتريقدر ته سخت شوق هو، جو ڪڏهن به ڌارين جي حڪومت برداشت ڪرڻ وارا نه هئا. انهن جو اهڙو شوق سندن پاڙيسري اسلامي حڪومت جي غصي کي اڪثر تيز ڪندو رهندو هو. جڏهن مسلمان انهن مٿان پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي دين طرف آڻڻ ۾ ناڪامياب ٿيا، تڏهن ته آقي باقي انهن جو غصو ايتريقدر وڌي ويو، جو قريب قريب ديوانگيءَ جي حد تائين وڃي پهتو. جرجانين جي خيال ۾ مذهب جي تبديلي ملڪي آزاديءَ جو نقصان هئي ۽ انهيءَ خيال ڪري ئي جرجان جي تاريخ اندر اسان کي ڪيترن شهيدن جا نالا ملن ٿا، پر ساڳئي وقت يوناني ڪليسئا جي تاريخ اسان جي اڳيان اهڙن مبارڪ نالن جي ڪا به فهرست پيش نٿي ڪري.
جيستائين جرجان تي مغلن جي فوجن خوفناڪ حملا ڪيا، تيستائين عيسائي مذهب اتي قائم هو، پر جڏهن مغلن جي زبردست لشڪر ملڪ تي قبضو ڪيو، انهن جي ديولن ۽ خانقاهن کي برباد ڪيو، انسانن جي کوپڙين جا ڍير، تباهي آڻيندڙ ميزبانن جي ترقيءَ جو ثبوت ڏيڻ لڳا. جرجانين جون ديني ضرورتون ڪافي وقت کان وٺي، پوري ٿيڻ کان رهجي ويون، ۽ عيسائي پادرين جي تعداد ۽ قابليت ۾ کوٽ پئجي وئي، تڏهن مسيحي مذهب پوئتي پوڻ لڳو
سنه 1400ع ۾ تيمور خان جي حملي، جرجانين جي مصيبتن ۾ هڪ زبردست اضافو آندو، جيتوڻيڪ جرجان جي بادشاهه سڪندر اول (1414-1442ع) پنهنجي دور حڪومت ۾ ملڪ کي ڌارين جي غلاميءَ کان آزاد ڪرايو ۽ سڀني مسلمانن کي پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍيو، تڏهن به هيءَ آزادي تمام ٿوري وقت لاءِ رهي، ڇاڪاڻ ته سڪندر جي مرڻ کان پوءِ جرجان جي حڪومت ننڍن ننڍن حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ آخرڪار حڪومتن جا اهي ننڍا ننڍا ٽڪرا ترڪن ۽ ايرانين انهن کان کسي ورتا. مسلمانن انهيءَ ڳالهه جو تجربو ڪري ڏٺو ته جرجان جا رهاڪو هميشه فتنه انگيز ۽باغي هئا ۽ڪنهن به معمولي موقعي ملڻ تي هڪدم بغاوت برپا ڪري ڏيندا هئا، انهيءَ ڪري ٻنهين ترڪن ۽ ايرانين انهن سرڪش ماڻهن کي پهريائين مسلمان ڪري، پوءِ پنهنجي تابع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن قسطنطنيه ۾ عيسائي حڪومت جو خاتمو آيو ۽ ايشيا مائنر ۾ ترڪن جي طاقت وڌڻ لڳي، تڏهن اخل زيخي (Akhal Tsikhe) ضلعي ۽ ان جي اولهه طرف ٻين ضلعن جي ماڻهن اسلام قبول ڪيو سنه 579ع ۾ جرجان جا ٻه شهزادا ڀائر پنهنجن نوڪرن چاڪرن سميت جن جو تعداد اٽڪل ٻه سئو کن ٿيندو، قسطنطنيه ۾ سفير بڻجي آيا. هتي ننڍي ڀاءُ پنهنجن سڀني ساٿين سميت اسلام قبول ڪيو (اهو چيووڃي ٿو ته) هن جي اسلام قبول ڪرڻ جو مقصد پنهنجي وڏي ڀاءُ جي عهدي تي قبضي ڪرڻ جو هو ڪجهه عرصي بعد ترڪن جرجان جي بلڪل وچ وارن ضلعن کي فتح ڪري، پنهنجي قبضي ۾ آندو ۽ ان بعد انهن ضلعن جي رهاڪن پنهنجي فاتحن جو دين اسلام قبول ڪيو. انهيءَ وقت کان وٺي جرجان جي مغربي حصي، ترڪيءَ جي شهنشاهيت کي تسليم ڪيو. ترڪن جرجان جي حاڪمن ۽ عام ماڻهن کي اجازت ڏني ته ڀلي هو بغير ڪنهن جي دست اندازيءَ جي پنهنجي مسيحي دين جي پيروي ڪن، پر سنه 1625ع ۾ جرجان جي شاهي خاندان اسلام قبول ڪيو ۽ آهستي آهستي سردارن ۽ اميرن انهيءَ مثال جي پيروي ڪئي.
عيسائي مذهب جو اثر ڪڙمين ۽ دهقاني ماڻهن مٿان ڪافي عرصي تائين رهيو، پر جڏهن سمزخيءَ (Samtzkhe) جي پادريءَ ڪارٿليءَ جي بشپ جي اطاعت کان انڪار ڪيو، تڏهن عام ماڻهن جي ديني ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ جيڪو باقاعدي بندوبست ٿيل هو، سو بند ٿي ويو. جرجان جي اميرن ۽ وڏن وڏن ماڻهن مسلمان ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ديولن جي جائداد ۽ ملڪيت کي لٽڻ شروع ڪري ڏنو ۽ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ته لازمي طرح انهن نذرانن وغيره جي ذريعي ديولن جي مدد ڪرڻ ترڪ ڪري ڇڏي، انهيءَ ڪري ديولون ۽ خانقاهون تباهه ۽ برباد ٿي ويون ۽ پوءِ انهن جي جڳهه تي مسجدون قائم ڪيون ويون..
جرجان جي باقي بچيل حصي فارس جي اطاعت قبول ڪئي. جڏهن عيسوي سترهين صديءَ جي وچ ڌاري تاورنيئر جرجان جي هن حصي جو گشت ڪيو، تڏهن هن کي معلوم ٿيو ته اتي بادشاهتون هيون ۽ اهي ئي بادشاهتون ايراني شهنشاهيت جي ماتحت هيون، پر انهن تي جرجان جا مقامي شهزادا حڪومت هلائيندا هئا. انهن ٻنهين شهزادن کي حڪومت جي ايڏي اعليٰ درجي حاصل ڪرڻ کان اڳ مسلمان ٿيڻو پيو. انهن شهزادن مان پهريون شزادو ڪاخيت جي بادشاهه سڪندر ٻئي جو پٽ ظاريوچ قسطنطنين هو. هن جي سڄي تربيت ايراني درٻار ۾ ٿي هئي ۽ اتي ئي هن عيسوي سترهين صديءَ جي شروعات ۾ اسلام قبول ڪيو ڪارٿليءَ جي پهرين مسلمان بادشاهه ظاريوچ رستم (سنه 1634-1658ع) پڻ پنهنجي پرورش پرشيا ۾ پاتي هئي. هيءُ ۽ سندس جانشين سڀ سترهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري مسلمان ٿيا هئا.
تاور نيئر جرجانين جو احوال بيان ڪيو آهي ته عام ماڻهو ديني ڳالهين کان بلڪل اڻواقف هئا. انهن جا پادري اڻ پڙهيل ۽ بدمعاش هئا. ڪليسائن جي ڪيترن اڳواڻن عيسائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ترڪن ۽ ايرانين کي غلام ڪري وڪڻي ڏنيون انهيءَ وقت کان وٺي عيسائي مذهب کان منهن موڙڻ جا واقعا عام ٿيڻ لڳا، خاص ڪري اعليٰ طبقي جي ماڻهن ۾ ۽ انهن ماڻهن ۾ جن ايراني درٻار جي مهربانين کي هٿ ڪرڻ چاهيو ٿي سنه 1703ع ۾ ڪارٿئي جو بادشاهه وختنگ (Wakhtang) پنجون عيسائي هو. هن پنهنجي حڪومت جا پهريان ست سال اصفهان جي قيد ۾ گذاريا، جتي هن کي اسلام طرف راغب ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون ڪوششون ڪيون ويون. جڏهن هن ظاهر ڪيو ته هو پنهنجي حڪومت وڃائڻ پسند ڪري ٿو پر ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي مسيحي مذهب تان دست بردار ٿيڻ نٿو چاهي، تڏهن (چيو وڃي ٿو ته) سندس ننڍي ڀاءُ باوجود جرجاني ڪليسئا جي وڏي عهديدار هجڻ جي، اها خواهش ڏيکاري ته جيڪڏهن هن کي سندس ڀاءُ وارو تخت عطا ڪيو ويو ته پوءِ هو عيسائي مذهب ترڪ ڪري، اسلام قبول ڪندو. ايرانين هن جي اها خواهش پوري ڪئي ۽ هن کي شاهاڻا اختيارات عطا ڪيا ويا، پر جرجان جي باشندن هن کي پنهنجو حاڪم تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس حڪومت مان ٻاهر تڙي ڪڍيو.
ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري جرجان جي بادشاهه پنهنجي رعيت کي روسي حڪومت جي حفاظت ۾ ڏنو. جيترو وقت جرجان جي ماڻهن کي مسلمانن جي حملي جو خوف هو، اوترو وقت انهن کي سندن حب الوطنيءَ جي بي انتها جذبي مسيحي مذهب تي محڪم رهڻ ۾ مدد ڪئي، پر جنهن صورت ۾ هاڻي انهن کان آزادي کسڻ واري ڌارين حڪومت عيسائي مذهب رکندڙ هئي، انهيءَ حالت ۾ ڪوهه ڪاف جي اتر پاسي وارن ڪن ضلعن ۾ انهي ساڳئي جذبي اسلام جي فائدي ۾ ڪم ڪيو. داغستان ۾ هڪ مسلمان درويش منصور نالي هو، هن روس سان مقابلي ڪرڻ لاءِ، ڪوهه ڪاف جي مختلف قبيلن کي پاڻ ۾ متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. منصور اسلام جي تلقين ڪندي، يوبچستان (Ubichistan) ۽ داغستان جي عيسائي شهزادن ۽ اميرن امرائن کي اسلام طرف آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ اهي سڀئي، جيڪي هن جي ڪوشش سان مسلمان ٿيا، اڄ ڏينهن تائين مسلمان آهن. سرڪيشيا جا ڪيترا ماڻهو هن جو وعظ ٻڌي، مسلمان ٿيا ۽ روسي حڪومت جي اطاعت ڪرڻ کان انهن پنهنجو وطن ڇڏي وڃڻ بهتر سمجهيو. سنه 1791ع ۾ منصور کي قيد ڪيو ويو ۽ سنه 1800ع ۾ جرجان کي باقاعدي روسي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو.