مذهب

اسلام جي اشاعت جي تاريخ

هي ڪتاب دنيا جي وڏي عالم ۽ فاضل پروفيسر ٿامس آرنولڊ جي جڳ مشهور ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام“ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ اسلام جي دعوت ۽ تبليغ جي مفصل ۽ جامع تاريخ پيش ڪئي آهي. هن تمام گهڻي کوجنا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ مواد گڏ ڪيو آهي ۽ نهايت ديانتداريءَ ۽ فراخ دليءَ سان ان کي پيش ڪيو آهي. هن تعصب کان پري رهي، سچائي ۽ سهڻي سليقي سان حقائق بيان ڪيا آهن. انهيءَ ڪري ڪتاب ۾ اسلام جي سچائي ۽ مسلمانن جي فراخ دلي، انسان دوستي ۽ رواداريءَ جا ڪيترائي مثال موثر انداز ۾ ملندا.
Title Cover of book اسلام جي اشاعت جي تاريخ

باب يارهون : آفريڪا ۾ اسلام جو پکڙجڻ

آفريڪا ۾ اسلام ڪيئن ڦهليو، ان جي باقاعدي تاريخ لکڻ خصوصن ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته هتي تقريبن تيرهن صدين کان وٺي اسلام پکڙبو رهيو آهي ۽ هن تمام وڏي کنڊ جي 3/2 حصي ۾، باوجود بيشمار ۽ مختلف قسمن جي قومن ۽ فرقن هجڻ جي، اسلام ڦهلجي چڪو آهي. هن کنڊ جي سڀني حصن ۾ هڪڙي ئي وقت تي اسلام جي شايع ٿيڻ جو تاريخوار احوال ڏيڻ ناممڪن آهي. مصر، اتر آفريڪا، لبيا ۽ حبشه جي ڪليسائن سان اسلام جي لاڳاپن جو احوال اسان اڳ ۾ ئي چوٿين باب ۾ قلمبند ڪري چڪا آهيون. هاڻي هن باب ۾ پهريائين اتر آفريڪا جي بت پرست قومن اندر اسلام جي ترقيءَ جو احوال ڏيڻو آهي ۽ پوءِ سوڊان ۽ سڄي الهندي ڪناري جو احوال ۽ آخر ۾ اڀرندي ڪناري ۽ ڪيپ ڪالونيءَ ۾ اسلام جي اشاعت جو بيان ڪرڻو آهي.
اتر آفريڪا جي بت پرست قومن اندر اسلام جي اشاعت جو جيڪي ڪجهه احوال اسان کي مليو آهي، سو انهن ٿورن واقعن کان، جيڪي اسين مٿي چوٿين باب ۾ عيسائي ڪليسا جي زواليت بابت بيان ڪري آيا آهيون، ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه آهن. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته بربر قوم اندر، جن جون عادتون ۽ قومي خصوصيتون عربن سان ملندڙ جلندڙ هيون، اسلام تمام جلد ترقي ڪئي، جڏهن سنه 702ع ۾ بربر قوم جو لشڪر عرب لشڪر جي مقابلي ۾آ خري دفعو ميدان ۾ آيو، تڏهن سندن مهاراڻيءَ ۽ پيغمبرياڻيءَ ڪاهنه لڙائيءَ ۾ پنهنجي هار اکين سان ڏسي، پنهنجن پٽن کي نصيحت ڪئي ته اسلامي لشڪر جي سپهه سالار وٽ وڃي اسلام قبول ڪن ۽ دشمن جو مقصد پنهنجو مقصد بڻائين. باقي راڻيءَ پنهنجي لاءِ هي پسند ڪيو ته هوءَ پنهنجي قوم جي بهادر لشڪر جي قيادت ڪندي، هن عظيم الشان لڙائيءَ ۾، جنهن بربر جي سياسي طاقت کي پائمال ڪري ڇڏيو هو، وڙهندي وڙهندي پنهنجي جان قربان ڪري 
بربر قوم پنهنجي حڪومت وڃائڻ بعد اسلام قبول ڪيو. ڇاڪاڻ ته مذهب اسلام پنهنجي سادگيءَ ڪري ازخود انهن کي پنهنجي طرف ڪشش ڪئي. ان کانسواءِ سندن راڻيءَ ۽ پيغمبرياڻيءَ ڪاهنه خود اسلام طرف پنهنجي رغبت ڏيکاري هئي.
سنه 711ع ۾ ٻارهن هزار بربري مسلمانن جو لشڪر حضرت طارق رحه (جو خود بربر هو)، جي سپهه سالاريءَ ۾ آفريڪا کان سمنڊ رستي اسپين فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. هن سڄي لشڪر ۾ اهي مسلمان هئا، جن تازو اسلام قبول ڪيو هو انهن جي باري ۾ صاف صاف بيان ڪيو وڃي ٿو ته هوسچي دل سان مسلمان ٿيا هئا ۽ انهن لاءِ عرب عالم ۽ فقيهه مقرر ڪيا ويا هئا ته ” انهن کي قرآن شريف پڙهي ٻڌائين، قرآني احڪام سمجهائين ۽ اسلام جي سڀني فرضن ۽ ارڪانن جي تعليم ڏين.“ آفريڪا جي فاتح اعظم موسيٰ جي دل ۾ اسلام جي ترقيءَ جو ايتريقدر ته شوق ۽ جذبو هو، جو هن کي خليفي عبدالملڪ وٽان جيڪو به پئسو ملندو هو، سو اهڙن غلامن جي خريد ڪرڻ ۾ خرچ ڪندو هو، جن متعلق هن کي پورو يقين هوندو هو ته هو اڳتي هلي اسلام جا لائق فرزند ثابت ٿيندا. هڪ مورخ لکي ٿو ته: ”فتح کان پوءِ جڏهن غلامن جي وڪري جو وارو ايندو هو، تڏهن موسيٰ (رحه) اهڙن غلامن کي خريد ڪندو هو، جن بابت هو سمجهندو هو ته پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪندا. ان کانسواءِ اهي شريف خاندان مان هجڻ سان گڏ چست ۽ چالاڪ نوجوان به ڏسڻ ۾ ايندا هئا. اهڙن غلامن کي موسيٰ پهريائين اسلام جي دعوت ڏيندو هو ۽ جڏهن انهن جي غلط فهمي دور ٿي ويندي هئي ۽ انهن جون دليون اسلام جي اعليٰ حقائق کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وينديون هيون، تڏهن هو سچيءَ دل سان مسلمان ٿيندا هئا. ان بعد موسيٰ (رحه) انهن جي قابليتن ۽ صلاحيتن کي پرکڻ لاءِ انهن کي ڪنهن ڪم سان لڳائيندو هو. پوءِ جيڪڏهن انهن پسنديده قابليت ۽ هوشياري ڏيکاري ته موسيٰ رحه يڪدم انهن کي آزاد ڪري پنهنجي لشڪر جون واڳون انهن جي هٿن ۾ ڏيندو هو ۽ انهن کي سندن اهليت ۽ لياقت پٽاندر ترقي ڏيندو رهندو هو، مگر انهيءَ جي برعڪس جيڪڏهن انهن پنهنجي ڪم ۾ دلچسپي نه ڏيکاري، ته موسيٰ رحه انهن کي واپس انهيءَ جڳهه تي موڪليندو هو، جتي جنگي قيدي رهندا هئا ۽ اهي سڀ فوج جي ملڪيت هوندا هئا. اتي انهن کي عام فوجي رسم يعني تيرن ذريعي غنيمت جو مال تقسيم ڪرڻ مطابق نيڪال ڪيو ويندو هو. خليفي حضرت عمر بن عبدالعزيز رحه جي ڏينهن ۾ اسماعيل ابن عبدالله آفريڪا جو گورنر مقرر ٿيو. اسماعيل بابت بيان ڪيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي معتدل ۽ انصاف پسند انتظام ذريعي بربر قوم کي مسلمان ڪيو، البته هي بيان اعتبار جو ڳو نه آهي ته هن جي وقت ۾ بربر قوم جو ڪو به ماڻهو اسلام کان محروم نه رهيو، ڇاڪاڻ ته سڄيءَ قوم جو اسلام قبول ڪرڻ در حقيقت صدين جو ڪم هو. جيتوڻيڪ هن قوم اندر اشاعتِ اسلام جو تفصيلي احوال ڪنهن به تاريخ ۾ درج ٿيل نه آهي، تنهن هوندي به اهڙا ڪئين واقعا بيان ڪري سگهجن ٿا، جن کان متاثر ٿي انهن ماڻهن اسلام قبول ڪيو.
بربر قوم جا ماڻهو پنهنجي عرب فاتحن سان هميشه بغاوت ڪندا رهندا هئا. انهيءَ ڪري شيعه مذهب جي داعين، جن عيسوي ڏهين صديءَ ۾ فاطمي گهراڻي (Fatmid Dynasry) جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ميدان هموار ڪيو، بر بر قوم جي ماڻهن کي سندن مرحبا ۽ مدد ڪرڻ لاءِ تيار ڏٺو. ممڪن آهي ته جنهن جوش و خروش سان جن بربر قبيلن شيعن جي تحريڪ جي مدد ڪئي، تنهن ساڳئي جذبي گهڻن ئي اهڙن بربرين کي اسلام جي دائري اندر پڻ داخل ڪيو هجي، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو هن کان اڳ ائين سمجهندا هئا ته اسلام قبول ڪرڻ جي معنيٰ آهي، ملڪي آزاديءَ کان محرومي، عيسوي يارهين صديءَ جي وچ ڌاري هڪ ٻي مشهور تحريڪ ظاهر ٿي، جنهن بربر قوم جي گهڻن ئي قبيلن کي اسلام طرف ڪشش ڪئي. عيسوي يارهين صديءَ جي شروعات ۾ صحريٰ جي هڪ بربري قبيلي لمطونه (Lamtuna) جي هڪ سردار فريضه حج ادا ڪرڻ بعد مڪي کان واپس ايندي اتر آفريڪا جي اسلامي شهرن ۾ انهيءَ غرض سان پير پاتو ته جيئن اتان ڪو عالم ۽ پرهيزگار مبلغ، پنهنجي جاهل ۽ گمراهه قوم ۾ اسلام جي دعوت ڏيڻ لاءِ پاڻ سان گڏ وٺي وڃي. هن کي پهريائين ته ڪو به اهڙو ماڻهو نه مليو، جو آسانيءَ سان علم جي پرامن جڳهه مان نڪري صحريٰ جي خطرن ۽ مصيبتن جو مقابلو ڪري. آخرڪار هن جي ملاقات عبدالله ابن ياسين سان ٿي، جو هر لحاظ کان هن مشڪل ڪم لاءِ موزون هو. عبدالله ڪافي بهادر هو ۽ صحريٰ جي تبليغي سفر جون تڪليفون برداشت ڪري سگهيو ٿي. ان کانسواءِ هو نيڪوڪار، سادگيءَ سان زندگي گذاريندڙ ۽ فقهه، قانون ۽ ٻين علومن ۾ ماهر هو. عيسوي نائين صديءَ کان وٺي صحريٰ جي بربري قبيلن اندر مبلغانِ اسلام ايندا رهيا ۽ انهن ۾ اسلام کي جاري ڪندا رهيا، ليڪن اتي اسلام تمام گهٽ مقبوليت حاصل ڪئي. عبدالله بن ياسين اتي ڏٺو ته اهي ماڻهو،جن اسلام قبول ڪيو هو، مذهب جا پابند نه هئا ۽ انهن ۾ هر ڪنهن قسم جي برائي موجود هئي. عبدالله انهن ماڻهن کي صراطِ مستقيم طرف آڻڻ ۽ اسلامي احڪامن جي تعليم ڏيڻ جو ڪم نهايت جوش ۽ سرگرميءَ سان شروع ڪيو. هن ايتريقدر ته سختيءَ سان انهن جي براين تي تنقيد ڪئي ۽ انهن جي هلت چلت کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي، جو انهن هن سان پنهنجي همدردي ڪرڻ ڦٽي ڪري ڇڏي. هن ناڪاميءَ عبدالله کي مجبور ڪيو ته هو انهن سرڪش ۽ ضدي ماڻهن کي ڇڏي سوڊان ۾ وڃي اسلام جي تبليغ جي ڪوشش ڪري، پر جڏهن هن کي سمجهايو ويو ته ڪجهه به هجي، ليڪن جنهن ڪم کي هن هڪ ڀيرو شروع ڪيو آهي، تنهن کي ڦٽو ڪرڻ نه گهرجي، تڏهن هو پنهنجن انهن معتقدن سميت، جيڪي هيل تائين سندس تبليغ جي اثر ڪري سندس حلقي ۾ شامل ٿيا هئا، سينگال نديءَ جي هڪ ٻيٽ ۾ وڃي رهيو، جتي انهن هڪ خانقاه قائم ڪئي ۽ سڀئي رياضت ۽ مجاهدي کي لڳي ويا. جڏهن عبدالله بربر قبيلن کي خيرباد چئي هليو ويو، تڏهن جيڪي شخص ڪجهه قدر ديندار هئا، تن کي سندن ضمير کائڻ لڳو ته ڇو انهن ظالمانه هلت هلي، پنهنجي برگزيده استاد کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو. اهڙا ماڻهو نهايت ندامت ۽ عاجزيءَ سان عبدالله جي خدمت ۾ وري حاضر ٿيا. انهن معافيءَجي درخواست ڪئي ۽ پنهنجي اندر مذهبي حقائق کي زنده رکڻ لاءِ هدايت طلب ڪئي. پوءِ ته هر روز هن جي چوگرد مريد جمع ٿيندا رهيا، ايتريقدر جو انهن جو تعداد هزارن تائين پهچي ويو. انهيءَ وقت عبدالله ابن ياسين جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسلام جي اشاعت لاءِ وڌيڪ عملي قدم کنيو وڃي. هن پنهنجن مريدن کي جمع ڪري چيو ته: انهيءَ خدا عزوجل جو شڪر ادا ڪريو، جنهن اوهان کي اسلام جهڙي اعليٰ نعمت عطا ڪئي آهي ۽ اهو شڪر هن طرح ادا ڪريو، جو انهيءَ نعمت کي ٻين انسانن تائين پهچايو. هاڻي پنهنجي پنهنجي قبيلي ۾ وڃو، خدا جو دين انهن کي سيکاريو ۽ هن جي عذاب کان انهن کي ڊيڄاريو. پوءِ جيڪڏهن هو پڇتاءُ ظاهر ڪن، ته انهن جي عملن جي اصلاح ڪريو ۽ جيڪڏهن سچ کي قبول ڪن ته انهن کي امن سان رهڻ ڏيو، پر جيڪڏهن هو انڪار ڪن ۽ پنهنجين غلطين تي اِٽ هڻي بيهن ۽ گناهن واريءَ زندگيءَ کان باز نه اچن، ته پوءِ انهن جي مقابلي ۾ خدا کان مدد طلب ڪريو. اسان کي انهن سان جهاد ڪرڻ گهرجي. جيستائين خدا تعاليٰ اسان جي ۽ انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري.“ انهيءَ کان پوءِ هر شخص پنهنجي پنهنجي قبيلي ۾ آيو ۽ مرشد جي هدايت موجب انهن ماڻهن کي توبه تائب ٿيڻ ۽ خدا تعاليٰ تي ايمان آڻڻ جي نصيحت ڪرڻ لڳو، پر هو ڪامياب نه ٿيا. ساڳيءَ طرح عبدالله جون ڪوششون پڻ بي سود ويون، حالانڪه هن انهيءَ اميد جي جهلڪ تي پنهنجي خانقاهه ڇڏي هئي ته هن ڀيري بر بر سردار وڌيڪ تعداد ۾ سندس دعوت قبول ڪندا. آخرڪار عبدالله پنهنجن مريدن کي جمع ڪري پنهنجي سرڪردگيءَ ۾ ڀر وارن بربر قبيلن تي حملو ڪيو ۽ انهن کي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. هن پنهنجن مريدن تي المرابطين“ (جنهن کي المراود پڻ سڏجي ٿو) نالو رکيو، ڇاڪاڻ ته هي نالو ”رُباط“ لفظ مان نڪتل آهي، جنهن مان مراد اها خانقاهه آهي، جا سينگال نديءَ جي ٻيٽ ۾ عبدالله بڻائي هئي.“ عبدالله جي لشڪر کي لڙائيءَ ۾ جيڪا شاندار ڪاميابي حاصل ٿي، تنهن صحرائي قبيلن کي عبدالله جي وعظ و نصيحت کان وڌيڪ متاثر ڪيو ۽ انهن جلد ئي پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو، ڇاڪاڻ ته انهن ڏٺو ته اسلام پنهنجي پوئلڳن کي ڏاڍي شاندار ڪاميابي حاصل ڪرائي ٿو. عبدالله 1059ع ۾ وفات ڪئي، پر هن جيڪا تحريڪ پنهنجي زندگيءَ ۾ شروع ڪئي. سا هن کان پوءِ به باقي رهي ۽ بي شمار بت پرست بربر قبيلا اسلام قبول ڪري، پنهنجي هم وطن مسلمانن جي تعداد ۾ اضافو ڪندا ويا. آخرڪار اهي قبيلا صحريٰ مان نڪري ڌڙا ڌڙ اتر آفريڪا ۾ آيا ۽ ڪجهه وقت بعد اسپين جا مالڪ بڻيا
عيسوي ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ بر بر قوم اندر هڪ ٻي تحريڪ شروع ٿي يعني المحدث (Al-Mohades) فرقي زور ورتو ۽ ممڪن آهي ته هن تحريڪ جي اثر ڪري، ڪن اهڙن بربر قبيلن اسلام قبول ڪيو هجي، جي هن کان اڳ اسلام کان پري هئا. هن فرقي جو باني ابو عبدالله محمد ابن تومرت (Abu Abdullah Muhammad ibn tumart) هو. هن پنهنجي فرقي جي سخت توحيد وارن عقيدن کي عام ڪرڻ لاءِ بر بر زبان ۾ هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو ئي هن ”توحيد“ رکيو ۽ انهيءَ ڪتاب ۾ هن پنهنجي خيال مطابق اسلام جا بنيادي اصول ڄاڻاياآهن. عيسوي پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين بر بر قوم جا ڪجهه قبيلا بت پرست هئا. مگر عام طرح ائين ٿيندو هو، جو ننڍا ننڍا گروهه پاڻ کي وڏي گروهه ۾ ملائي ڇڏيندا هئا. انهيءَ ڪري لازمي طرح بر بر قوم جي انهن قبيلن، جي اڃا تائين مسلمان نه ٿيا هئا، اسلام قبول ڪري، پاڻ کي مسلمانن ۾ جذب ڪري ڇڏيو.
صحريٰ مان اسلام پهريائين سوڊان جي نيگرو قوم ۾ ڦهليو. جنهن تحريڪ ذريعي اسلام نيگرو قوم ۾ شايع ٿيو، تنهن جو اوائلي احوال اڃا تائين اونداهيءَ ۾ آهي. غالبن عيسوي يارهين صديءَ ڌاري ڪجهه عرب قبيلا جيڪڏهن خالص عرب نه هئا، تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ عربي خون ضرور انهن جي رڳن ۾ موجودهو. سوڊان ۾ آيا ۽ نينگرو قوم سان گڏ اچي رهيا. ائين معلوم ٿئي ٿو ته انهن عرب قبيلن جي اچڻ کان اڳ بربر قوم مان مسلمان مبلغ ۽ عرب قوم جا ڪجهه واپاري سوڊان ۾ آيا هئا. جن جو نيگرو قوم تي ڪافي اثر پيل هو. يوسف ابن تاشفين، جو موراڪو جو باني (سنه 1062ع) ۽ المرابطين گهراڻي جو ٻيو نمبر بادشاهه هو، تنهن جي حڪومت اسلام جي تبليغ لاءِ نهايت مفيد ثابت ٿي ۽ هن جي عهد حڪومت ۾ گهڻائي نيگرو اسلام جي اصولن کان واقف هئا ٻه بربر قبيلا لمطونه (Lamtuna) ۽ جوداله (Jodala) سوڊان جي سرحد تي ۽ ڪجهه سوڊان جي اندر آباد هئا. انهن ٻنهي قبيلن جي ماڻهن خاص ڪري اسلام جي تبليغ ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو.
نيگرو قوم ۾ اشاعتِ اسلام جي باري ۾ جيڪو به تحريري مواد ميسر ٿيو آهي، تنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسلام پهريائين هن قوم جي مغربي قبيلن ۾ اتر طرف کان آيو ۽ ان کان پوءِ مشرق ۾ ڦهليو. هتي سڀ کان اول جنهن ماڻهوءَ جي مسلمان ٿيڻ جو تحريري احوال ملي ٿو، سو سونرهيءَ (Sonrhay) ۽ سا(Sa) گهراڻي جو پندرهون بادشاهه ساڪاسيءَ (Sa-kassi) هو، جنهن سنه 400هه ڌاري (مطابق 10-1009ع) اسلام قبول ڪيو ۽ هو سونرهيءَ جو پهريون ئي مسلمان بادشاهه هو. (سونرهي ٽمبڪٽو جي ڏکڻ طرف آهي) انهيءَ وقت کان وٺي نائگر (Niger) نديءَ جي مٿئين حصي ۾ جيڪي رياستون هيون، سي اسلام لاءِ پشت و پناهه بڻيون ۽ ان سان گڏ انهن رياستن انهيءَ وقت جي تهذيب ۽ تمدن ۾ پڻ اعليٰ درجو حاصل ڪيو. ٽمبڪٽو جو شهر، جو سنه 1077ع ۾ آباد ٿيو، خاص ڪري مسلمانن جي علم ۽ دينداريءَ جو هڪ مرڪز بڻجي پيو ۽ مسلمان شاگردن ۽ بزرگن جو هڪ وڏو هجوم هتي اچي جمع ٿيو، ڇاڪاڻ ته هتي انهن جي ڏاڍي همت افزائي ٿيندي هئي ۽ انهن کي هر ڪنهن قسم جي مدد ملندي هئي. ابن بطوطه جڏهن عيسوي چوڏهين صديءَ جي وچ ڌاري هن ملڪ جو سفر ڪيو، تڏهن هن نيگرو مسلمانن جي ديني شوق، خاص ڪري نماز ۽ قرآن شريف جي تلاوت ڪرڻ جي ڏاڍي تعريف ڪئي. هو ٻڌائي ٿو ته جمعي جي نماز وقت مسجد ۾ ايتريقدر ته ڀيڙ ٿيندي هئي، جو جيڪڏهن ڪير مسجد ۾ ڪجهه وقت اڳ ۾ نه پهتو ته هن کي جڳهه جو ملڻ ناممڪن ٿي پوندو هو. ابن بطوطه جي ڏينهن ۾ مغربي سوڊان جي سڀ کان وڌيڪ طاقتور ميلي يا مالي (Melle or Malli) جي رياست هئي، جنهن جو بنياد ابن بطوطه جي سفر کان اٽڪل هڪ سئو سال اڳي آفريڪا جي هڪ بهترين قوم ماندنگو (Mandingo) وڌو. ليو آفريڪانو سڀني نيگرو قومن مان هن قوم کي زياده ۾ زياده مهذب، عقلمند ۽ معزز سڏي ٿو. موجوده زماني جا سياح پڻ انهن جي محنت، هوشياريءَ ۽ دينداريءَ جي ڏاڍي تعريف لکن ٿا.: ان کانسواءِ ماندنگو قوم جا ماڻهو اسلام جا پڪا ۽ سرگرم مبلغ رهيا آهن ۽ انهن پنهنجي آسپاس رهندڙ قومن ۾ اسلام ڦهلايو
سوڊان جي الهندي طرف وڌيڪ اسلام عيسوي يارهين صديءَ جي وچ ڌاري ڦهليو، جڏهن بورنو (چاڊ ڍنڍ جي اڀرندي ڪناري تي) جي بادشاهه اسلام قبول ڪيو ۽ پاڻ تي حامي ابن جليل (Hami Ibnuljalil) نالو رکايو. (اوٽو بلائو (ottoblar) ساڳئي وقت ڪانم (Kanem) جي سڄيءَ حڪومت، جا چاڊ ڍنڍ جي اتر ۽ اتر اڀرندي طرف هئي، اسلام آندو، اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ هن حڪومت ڏاڍي شهرت حاصل ڪئي ۽ ان جي طاقت مصر ۽ نبيا جي سرحدن تائين مشرقي سوڊان جي سڀني قبيلن مٿان ڇانئجي وئي. اهڙيءَ طرح اسلام آفريڪا جي پوري وچ ۾ پهتو، جتان وري سڀني پاسن ڏانهن پکڙيو. ائين چئي سگهجي ٿو ته هتي اسلام جي تبليغي مهم جا ٻه وڏا درياهه اچي مليا. هڪ الهندي کان ۽ ٻيو اتر اوڀر کان، ڪورفوڊان (Khorfodan) ۽ مشرقي سوڊان جا واپاري هن ڳالهه تي ناز ڪندا آهن ته هو عرب نسل جا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جا وڏا اتي عيسوي چوڏهين صديءَ ۾ مصر جي فاطمي خلافت جي خاتمي بعد آيا هئا. عيسوي چوڏهين صديءَ ۾ تنگور عرب (Tungur Arabs) ٽيونس مان نڪري بورنو (Bornu) ۽ ودائي (wadai) مان ٿيندا دارفر (Darfur) ۾ پهتا. انهن عربن ۾ هڪڙو شخص احمد نالي هو، جنهن سان دارفر جي بت پرست بادشاهه جو ڏاڍو پيار ٿي ويو هو. بادشاهه هن سان ڏاڍيون مهربانيون ڪيون، ۽ کيس پنهنجي محلات جو ناظم مقرر ڪيو ۽ هر ڪنهن موقعي تي ساڻس صلاح مصلحت ڪندو هو. جيئن ته احمد کي زياده مهذب ۽ ترقي يافته حڪومتن جو تجربو هو، انهيءَ ڪري هن بادشاهه جي گهرو توڙي حڪومت جي نظام ۾ ڪيترا سڌارا آندا. هن پنهنجي مدبرانه نظام ذريعي وڏن وڏن سرڪش سردارن کي حڪومت جي اطاعت ۾ آندو ۽ غريبن ۾ زمينون تقسيم ڪري، اندروني ڦرمار کي بند ڪيو. اهڙيءَ طرح سان هن رعيت اندر ايمانداريءَ جو جذبو ۽ امن امان پيدا ڪيو، جن جو اڳ ۾ انهن کي علم به نه هو. جيئن ته بادشاهه کي ڪو پٽ نه هو، انهيءَ ڪري هن احمد کي پنهنجي ڌيءُ جو سڱ ڏئي پنهنجي تخت جو والي مقرر ڪيو ۽ هيءُ انتخاب سڄي رعيت وڏيءَ خوشيءَ سان قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح دارفر ۾ انهيءَ وقت جي قائم ٿيل مسلمان حڪومت اڃا تائين هلندي اچي. سلطان احمد ۽ هن جي اولاد ملڪ ۾ تهذيب ۽ تمدن قائم ڪرڻ سان گڏ اسلام جي تبليغ جو ڪم پڻ ڪيو، پر ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته ٽيونس مان آيل عربن دارفر جي بت پرست قومن ۾ اسلام جي پکيڙڻ لاءِ تمام گهٽ ڪوشش ڪئي. دارفر جو سڄو ملڪ پوريءَ طرح سان سلطان سليمان جي ڪوششن سان مسلمان ٿيو، جنهن جي حڪومت سنه 1596ع ۾ شروع ٿي. دارفر کان علاوه ٻين حڪومتن ۾، جي ڪورنوڊان ۽ چاڊ ڍنڍ جي وچ ۾ واقع هيون، جهڙوڪ ودائي ۽ باگرمي (Bagarmi) جون حڪومتون تن ۾ اسلام عيسوي 16 يا 17 صديءَ کان اڳ ڦهلجي نه سگهيو. انهيءَ زماني ۾ اسلامي اثر جو مکيه مرڪز ودانيءَ جي حڪومت هئي، جنهن جو بنياد سنه 1612ع ۾ عبدالڪريم نالي هڪ شخص وڌو. ساڳيءَ صديءَ ۾ هوسا(Hausa) جي ملڪ ۾ ڪتسينا (Katsena) ۽ ڪانو (Kanu) جون رياستون اسلامي حڪومت جي تابع ٿيون ۽ غالبن انهيءَ صديءَ جي ختم ٿيڻ کان اڳ سڄي سوڊان ۾ اسلام ڦهلجي ويو..
آفريڪا ۾ اسلام جي اشاعت عيسوي 17 ۽ 18 صديءَ ۾ تمام گهٽ ٿي، بلڪه جڏهن اسان ان کي موجوده صديءَ جي مشهور تبليغي واقعن سان ڀيٽيون ٿا ته اها اشاعت ڪجهه به حقيقت نٿي رکي.
عيسوي 18 صديءَ ۾ آفريڪا جي مسلمانن مان اسلام جي اشاعت جو شوق گهٽجي ويو ۽ هو تقريبن دين کان بلڪل بي پرواهه ٿي ويا هئا، جنهن ڪري انهن جي قوتن کي وري بيدار ڪرڻ لاءِ ڪنهن طاقتور اثر جي ضرورت هئي. آخرڪار صديءَ جي ختم ٿيڻ تي هڪ وهابي تحريڪ جاري ٿي، جنهن آفريڪا جي مسلمانن اندر وري ديني سجاڳي آندي ۽ اهو ئي سبب آهي جو موجوده وقت ۾ اسان کي نيگرو قوم ۾ اشاعت اسلام جو ڪجهه احوال ملي ٿو، جو گذريل صديءَ جي احوال وانگر ٿورو نه آهي. ان کانسواءِ انهيءَ احوال مان اسان کي ٻين به ڪيترن مشهور تبليغي تحريڪن جي اُسرڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو تفصيلي احوال معلوم ٿئي ٿو. عيسوي 18 صديءَ جي آخر ۾ فلاح (Fulahs) قوم جو هڪ مشهور معروف بزرگ شيخ عثمان دنفودئو (Shaikh usman Danfodio) هڪ مذهبي سڌارڪ ۽ مجاهد مبلغ جي حيثيت ۾ ظاهر ٿيو. هو سوڊان مان حج جي ارادي سان مڪه مڪرمه ڏانهن روانو ٿيو، جتان اسلام جي اصلاح ۽ اشاعت جو بيحد جوش ۽ شوق کڻي واپس آيو. عثمان جنهن وقت مڪه مڪرمه ۾ هو، تنهن وقت اتي وهابيت جو ڏاڍو زور هو ۽ ان جو هن تي پڻ تمام گهڻو اثر پيو. هن ايندي شرط مئلن جي فاتحه خوانيءَ ۽ اوليائن جي قبرن جي اجائي تعظيم ڪرڻ کي ننديو ۽ خود حضور اڪرم  جن جي حد کان وڌيڪ تعريف ڪرڻ تي پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو. ساڳئي وقت عثمان سوڊان جي ٻن مکيه خرابين شراب خوريءَ ۽ بدڪاريءَ تي خوب حملا ڪيا.
سوڊان جي فلاح قوم ننڍن منتشر قبيلن ۾ ورهايل هئي هو ڳوٺاڻي زندگي گذاريندا هئا. انهن گهڻو آڳاٽو اسلام قبول ڪيو هو. سوڊان جي مختلف حصن ۾ انهن جا پنهنجا الڳ ڳوٺ قائم ڪيل هئا، جتي هو کيتي ۽ چوپائي مال جو ڪم ڪندا هئا ۽ انهيءَ ڪم تي هو پوريءَ طرح خوش ۽ راضي هئا. عيسوي 18 صديءَ جي شروعات ۾ انهن ماڻهن بابت جيڪو احوال مليو آهي، تنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي ماڻهو ڏاڍا صلح پسند ۽ محنتي هئا. هڪ سياح، جنهن سنه 1731ع ۾ گئمبيا (Gambia) نديءَ جي ڪناري تي انهن جي ڳوٺن جو سفر ڪيو، انهن بابت هن طرح لکي ٿو:
”گئمبيا نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي جيڪي به ملڪ ۽ حڪومتون آهن، تن مان هر هڪ ۾ ڀوري رنگ جا ماڻهو رهن ٿا، جن کي (Pholleys) يعني فلاح (Fulahs) سڏين ٿا. هو ڏسڻ ۾ عربن جهڙا لڳن ٿا ۽ انهن مان گهڻا عربي ٻولي ڳالهائين ٿا، ڇاڪاڻ ته اسڪولن ۾ اها زبان سيکاري وڃي ٿي ۽ قرآن شريف، جو انهن جو قانون پڻ آهي، عربي زبان ۾ لکيل آهي. هي ماڻهو جيتريقدر عربي زبان ڄاڻن ٿا، اوتريقدر يورپ جا ماڻهو لئٽن زبان نٿا ڄاڻن، ڇاڪاڻ ته هو اڪثر طور عربي ٻولي ڳالهائين ٿا، حالانڪه انهن کي پنهنجي هڪ ڄٽڪي ٻولي پڻ آهي، جنهن کي هو فولي (Pholley) سڏين ٿا. هو گروهن ۽ قبيلن جي صورت ۾ رهن ٿا ۽ پنهنجا شهر ۽ ڳوٺ الڳ اڏين ٿا. هي ماڻهو جيتوڻيڪ مختلف بادشاهن جي رياستن ۾ رهن ٿا، پر ڪنهن جي به رعيت نه آهن. جيڪڏهن ڪنهن رياست ۾ انهن کي تڪليف پهتي ته پوءِ پنهنجا شهر ڊاهي، وڃي ٻيءَ جڳهه تي اڏيندا. انهن کي پنهنجا امير آهن، جي اهڙي ته اعتدال ۽ ميانه رويءَ سان انهن تي حڪومت هلائين ٿا، جو حڪومت جو هر هڪ قدم ائين پيو معلوم ٿئي ته گويا سڄيءَ قوم جو قدم آهي ۽ نه ڪنهن هڪ شخص جو. هن قسم جي حڪومت انهيءَ ڪري آسانيءَ سان هلي رهي آهي، جو هي ماڻهو نهايت شريف ۽ ماٺيڻا آهن ۽ انهن کي حق ۽ انصاف جي ايتريقدر ته تعليم مليل آهي، جو جيڪڏهن ڪو هڪڙو ماڻهو انهن ۾ برائي ڪري ٿو ته سڄي قوم جي ڦٽڪار پنهنجي سر تي کڻي ٿو... هو ڏاڍا محنتي ۽ ڪفايت شعار آهن ۽ پنهنجي گهرج کان وڌيڪ اناج ۽ ڪپهه پوکين ٿا، جنهن کي وري مناسب اگهن تي وڪڻن ٿا. انهن جي مهمان نوازي ته ايتريقدر مشهور آهي، جو ٻيون قومون فولي شهر جو ڪو به ماڻهو پنهنجي نزديڪ هئڻ هڪ قسم جي نعمت سمجهندا آهن. ان کانسواءِ هو پنهنجي نيڪ ۽ شريفانه هلت ڪري ايتريقدر ته مشهور آهن، جو ڪنهن به قوم جو انهن سان سٺيءَ طرح پيش نه اچڻ، ان قوم جي بدامني سمجهي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ انهن ۾ همدرديءَ ۽ مهربانين جو دروازو سڀني لاءِ عام کليل آهي، تنهن هوندي به پنهنجي ذات وارن تي هو ٻيڻا مهربان آهن. جيڪڏهن انهن کي خبر پئجي وڃي ته انهن جي قوم جو ڪو ماڻهو غلاميءَ جي زندگي گذاري رهيو آهي ته سڀئي گڏجي هن کي آزاد ڪرائيندا. جيئن ته انهن وٽ کاڌي خوراڪ جو سامان اڻ مَيو آهي، انهيءَ ڪري پنهنجي ڪنهن به ماڻهوءَ کي بکيو يا اگهاڙو نه ڇڏيندا. پوڙهن، انڌن ۽ لنگڙن لولن جي به ساڳيءَ طرح سار لهندا آهن. هو ڪڏهن به ڪنهن تي غصو نٿا ڪن ۽ مون ڪڏهن به انهن کي هڪٻئي ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندو نه ٻڌو، پر انهيءَ مان ائين سمجهڻ نه گهرجي ته ڪو انهن جي هيءَ نرمي ۽ نهٺائي انهن جي بزدليءَ يا ڪمزوريءَ جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ايتريقدر ئي بهادر ۽ همت ڀريا آهن، جيتريقدر آفريڪا جون ٻيون قومون، انهن جو هر هڪ ماڻهو هٿيارن جي استعمال ۾ هوشيار آهي. انهن جي هٿيارن ۾ ننڍي تلوار، ڀالو ۽ تيرڪمان آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن بندوق پڻ استعمال ڪندا آهن......... هي ماڻهو پڪا مسلمان آهن ۽ انهن جو ڪو به ماڻهو برانڊي شراب يا پاڻيءَ کان زياده تيز شيءِ استعمال نه ٿو ڪري.“
شيخ عثمان دنفودئو پنهنجي فلاح قوم جي مختلف قبيلن کي پاڻ ۾ ملائي، هڪ طاقتور بادشاهت قائم ڪئي ۽ انهن ۾ ايتريقدر ته مذهبي روح ڦوڪيو، جو انهن جو نالو اڃا تائين اسلام جي مشهور ۾ مشهور مبلغن سان گڏ پيو ڳائجي. هن پنهنجي قوم کي هاسا ملڪ جي بت پرست قومن خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ کڙو ڪيو. هن ٽمبڪٽو، بورئو ۽ ٻين رياستن جي بادشاهن ڏانهن خط موڪليا، جن ۾ انهن کي ڌمڪي ڏني ته پنهنجي ۽ پنهنجي رعيت جي زندگيءَ کي سڌاريو ورنه هو انهن تي خدا تعاليٰ جي نالي ۾ حملو ڪندو. مطلب ته فلاح قوم ملڪن جا ملڪ فتح ڪندي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولهه طرف وڌي، انهن ملڪ جي ڪيترن حصن کي ويران ڪيو ۽ جن به قومن تي انهن فتح پاتي، تن کي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. جن منتشر ۽ ننڍن ننڍن قبيلن عثمان جي اطاعت قبول ڪئي. تن سڀني کي ملائي هڪ قوم بڻايو ويو ۽ اهڙيءَ طرح عثمان هڪ اسلامي حڪومت جو بنياد وڌو. هن سوڪوٽو (Sokoto) جو شهر تعمير ڪرائي، پنهنجي حڪومت جو تختگاهه مقرر ڪيو. ڪجهه وقت بعد (سنه 1837ع) ۾ عثمان ڪيترين برباد ٿيل بادشاهتن جي جڳهه تي ادموا (Adamaua) جي رياست قائم ڪئي. هن يوروبا (Yoruba) جي ملڪ ۾ اويو (Oyo) جو شهر ڊهرائي، ان جي جڳهه تي هڪ نئون شهر الورين (Ilorin) ويڪرن ۽ ڪشادن رستن، مارڪيٽ چونڪن ۽ خوبصورت مسجدن سان ٻڌايو. فلاح قوم جي اولهه طرف سمنڊ تائين پنهنجي فتوحات کي ڦهلايو ۽ موجوده وقت ۾ سيني گئمبيا (Senegambia)جي ۽ سوڊان ۾ جيڪي چار وڏيون اسلامي رياستون آهن، سي عثمان جي تبليغي جذبي جي شهادت ڏين ٿيون.
عثمان پنهنجي قوم کي هڪ فاتح قوم بڻائي ڇڏيو. نه رڳو ايترو، بلڪه ان کان به وڌيڪ هن انهن ۾ اسلام جو اهڙو ته جنون پيدا ڪيو، جو هن وقت هو آفريڪا جي مشهور سرگرم مبلغن مان آهن. ان کانسواءِ هو اعليٰ قسم جي تهذيب ۽ تمدن سان سينگاريل آهن، جنهن انهن کي تبليغي ڪم لاءِ اڃا به وڌيڪ ڪارآمد بڻايو آهي.
در حقيقت فلاح قوم جي سوڀن ڪري اسلام کي ايتري تقويت نه پهتي، جيتري انهن جي پرامن تبليغي ڪوششن کان حاصل ٿي.
هيءَ حقيقت آهي ته آفريڪا جي هن حصي ۾، جتي فلاح قوم پنهنجي فتوحات ۽ تبليغي سرگرمين ذريعي اسلام جي اشاعت ڪئي بت پرستن کي مسلمان بڻائڻ لاءِ هٿ ۾ تلوار نه کنئي. هي ڪم مسلمانن جي ڪن مشهور مذهبي جماعتن جو ڪيل آهي، جن جو اتر آفريڪا جي عام مسلمانن جي زندگيءَ تي ڏاڍو سٺو اثر پيو. موجوده صديءَ ۾ (يعني 19 صديءَ ۾) انهن ڏاڍي ترقي ڪئي آهي ۽ انهن پنهنجي ڪوششن ۾ گهڻي قدر ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جيتوڻيڪ انهن جي گهڻي تبليغي ڪم جو احوال تحريري حالت ۾ نٿو ملي، تڏهن به انهن جي سرگرمين جو ڪجهه احوال ضرور موجود آهي.
عيسوي 19 صديءَ ۾ جن جماعتن آفريڪا ۾ اسلام ڦهلايو، تن ۾ سڀ کان جهوني جماعت مڪي شريف جي خضريه (Khadriyah) خاندان جي هئي. هن خاندان جو مذهبي پيشوا سنه 1797-1833ع تائين سي- احمد ابن اديرس (Si. Ahmed ibn Idris) هو، جنهن جي انهيءَ وقت مڪي شريف ۾ ديني استاد جي حيثيت ۾ تمام گهڻي مشهوري هئي. پنهنجي وفات (سنه 1835ع) کان اڳ هن پنهنجي هڪ مريد محمد عثمان الامير غنيءَ (Muhammad Uthman-ul-Amir Ghani) کي آفريڪا ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ روانو ڪيو. محمد عثمان ڳاڙهو سمنڊ پار ڪري، ڪوثير (Kossayr) ۾ آيو، جتان وري اندر نيل نديءَ جي ماٿريءَ ۾ پهتو. هن هتي رڳو اها ڪوشش ڪئي ته جيئن گهڻي ۾ گهڻا مسلمان خضريه خاندان جا مريد ٿين. هن اتر طرف اسوان (Aswan) تائين نيل نديءَ جي ڪناري تي سفر ڪيو، پر هن کي انهيءَ سڄي خطي ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي، البته اسوان کان ڍنگولا (Dangola) تائين هن جي سفر ڏاڍو ڪامياب ٿيو. نبيا جي ماڻحن هن جي حلقي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڏاڍي عجلت ڏيکاري. جنهن شاهاڻي شان ۽ شوڪت سان محمد عثمان جو استقبال ٿيو، تنهن نبيا جي ماڻهن کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ ساڳئي وقت هن جي ڪرامتن جي شهرت بي شمار ماڻهن کي سندس معتقد بڻايو. ڍنگولا کان پوءِ محمد عثمان نيل نديءَ جي واديءَ جو سفر ترڪ ڪري، ڪوردوفان ڏانهن روانو ٿيو، جتي هن ڪافي وقت تائين قيام ڪيو. در حقيقت بت پرستن ۾ اشاعت اسلام جو ڪم ڪوردوفان کان شروع ٿيو. ڪوردوفان ۽ سينار ۾ گهڻيون ئي قومون اڃا بت پرست هيون، جن ۾ محمد عثمان جي وعظ و نصيحت جادوءَ جهڙو اثر پيدا ڪيو ۽ هن کي نهايت شاندار ڪاميابي حاصل ٿي. هن انهيءَ اثر کي پائدار بڻائڻ لاءِ انهن قومن مان ڪيتريون شاديون ڪيون، جن مان جيڪو اولاد پيدا ٿيو، تنهن محمد عثمان جي وفات (سنه 1853ع) بعد ساڳيو اشاعت جو ڪم جاري رکيو. محمد عثمان کان پوءِ سندس جماعت کي ”امير غنيه“ جي نالي سان سڏڻ لڳا
محمد عثمان جي تبليغي سفر کان ڪجهه سال اڳ، مصر جي موجوده شاهي خاندان جي بانيءَ محمد عليءَ پنهنجون فوجون مشرقي سوڊان ۾ موڪليون هيون، جن اتي ملڪ فتح ڪرڻ شروع ڪيا. انهيءَ وقت مصر ۾ مختلف مذهبي فرقا موجود هئا ۽ مصري حڪومت انهن فرقن جي مبلغن کي انهيءَ خيال سان سوڊان ڏانهن روانو ڪيو ته جيئن انهن جي وعظ ۽ نصيحت ذريعي کٽيل ملڪن ۾ امن امان قائم ٿئي ۽ اسلام پڻ ڦهلجي. انهن مبلغن کي پنهنجي تبليغي ڪوششن ۾ ايتريقدر ته ڪاميابي ٿي، جو سوڊان ۾ تازو مهديءَ جي هٿ هيٺ جيڪا بغاوت شروع ٿي، تنهن جو مکيه سبب انهن مصري مبلغن جي تبليغي ڪوششن کي قرار ڏنو وڃي ٿو، جن سوڊان جي ماڻهن اندر اهڙو ته مذهبي روح ڦوڪيو، جو هو بغاوت لاءِ آماده ٿي ويا.
الهندي آفريڪا ۾ ٻن مذهبي خاندانن قادريه ۽ تيجانيه اسلام جي اشاعت ۾ گهڻو بهرو ورتو. قادريه خاندان جو بنياد عيسوي ٻارهين صديءَ ۾ حضرت شاهه عبدالقادر جيلاني (رحه) وڌو، جنهن جو نالو هنڌين ماڳين مشهور آهي ۽ جنهن جو درجو اسلام جي سڀني اوليائن ۾ اتم آهي. اسلام جا جيڪي به صوفي خاندان ٿي گذريا آهن، تن سڀني ۾ قادريه خاندان جو اثر زياده ملڪن ۾ ڦهليل آهي. مغربي آفريڪا ۾ هن خاندان جو سلسلو عيسوي 15 صديءَ ۾ انهن ماڻهن جاري ڪيو جي مغربي صحريٰ جي واديءَ ٽوت (Taut) مان نڪري هتي آيا هئا. انهن قادريه سلسلي جو پهريون مرڪز ولاتا (Wallata) شهر ۾ قائم ڪيو. ليڪن ڪجهه وقت بعد انهن جي اولاد کي هن شهر مان تڙي ڪڍيو ويو، جن اڳتي مشرق طرف ٽمبڪٽو ۾ وڃي پناهه ورتي. عيسوي اوڻيهين صديءَ جي شروعات ۾ جيڪا عام ديني بيداري پيدا ٿي، تنهن سڄيءَ اسلامي دنيا تي هڪ وڏو اثر وڌو ۽ خاص ڪري صحريٰ ۽ مغربي سوڊان جي قادرين ۾ هڪ نئين زندگي ۽ قوت پيدا ڪئي. اڃا گهڻو وقت ئي نه گذريو هو، ته انهن جا وڏا وڏا عالم ۽ فقيهه سڄي سوڊان اندر ڦهلجي ويا. ايتريقدر جو گنيءَ جي ڪناري تي سڄي ڪوهستاني علائقي ۾ ۽ مغرب ۾ لائبيريا ((Liberia رياست ۾ قادريه فرقي جون ننڍيون ننڍيون وسنديون نظر اچڻ لڳيون. هي نوان ماڻهو جتي به ويا، اتي وڃي اسلام جا مرڪز قائم ڪيائون، جن جو اتي جي بت پرستن تي ڏاڍو اثر پوندو ويو،ڇاڪاڻ ته هو انهن ملڪن ۾ ڪاتب، قانونساز، تعويذ نويس ۽ مدرسن جا معلم بڻجي ويٺا، جنهن ڪري انهن جي ڏاڍي مرحبا ٿيڻ لڳي. هي ماڻهو پنهنجي اثر رسوخ سان بت پرستن مان آهستي آهستي ڪري ڪجهه ماڻهو مسلمان ڪندا هئا ۽ پوءِ جلد ئي نئو مسلمن جو هڪ چڱو موچارو ٽولو ٺهي پوندو هو. انهن مان جيڪي لائق نئو مسلم هوندا هئا، تن کي قادريه سلسلي جي مکيه شهرن ۾ تعليم جي تڪميل لاءِ موڪليو ويندو هو، جتي هو ڪيترا سال رهي دين جي پوري معلومات حاصل ڪندا هئا ۽ ان بعد پنهنجي وطن جي بت پرست قومن ۾ اچي، زور شور سان اسلام جي اشاعت ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح آهستگيءَ سان، مگر پختيءَ طرح سوڊان جي بتن ۽ وڻن جي پوڄا ڪندڙن ۾ اسلام پکڙبو ويو. موجوده صديءَ (19 صدي) جي نصف حصي تائين سوڊان ۾ گهڻائي اهڙا اسڪول ۽ مدرسا موجود هئا. جن جو سڄو ڪاروبار قادريه سلسلي جا ماستر ۽ معلم هلائيندا هئا ۽ انهن جي ذريعي بت پرستن ۾ مسلسل ۽ باقاعدي تبليغ جو ڪم ٿيندو رهندو هو. قادريه خاندان ذريعي اسلام جي اشاعت پرامن طريقن سان ٿي. هو تبليغ جو سڄو ڪم پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي بهترين مثالن پيش ڪرڻ سان، وعظ و نصيحت سان، استاد جي شاگردن تي اثر قائم ڪرڻ سان ۽ تعليم جي پکيڙڻ سان هلائيندا هئا. قادريه سلسلي جي مبلغن اشاعتِ اسلام ۾ هميشه پنهنجي خاندان جي باني (حضرت شاهه عبدالقادر جيلاني رحه) جي اصولن ۽ خاندان جي روايتن جي پيروي ڪئي ۽ انهنکي برقرار رکيو. شاهه عبدالقادر جيلاني رحه جا پنهنجي زندگيءَ ۾ مکيه اصول هئا: پاڙيسرين سان محبت ۽ غير مذهب وارن سان سٺو سلوڪ، جيتوڻيڪ زماني جا بادشاهه ۽ دولتمند ماڻهو شاهه صاحب جي خدمت ۾ وڏا وڏا قيمتي تحفا ۽ عطيا موڪليندا هئا. تنهن هوندي به، سندن بي انتها سخاوت هميشه کين مفلسيءَ ۾ رکندي آئي. ان کانسواءِ شاهه صاحب (رحه) جي ڪنهن به قول يا ڪتاب مان هيءَ ڳالهه ثابت نٿي ٿئي ته ڪو پاڻ ڪڏهن عيسائين خلاف دشمني يا ناراضگيءَ جو اظهار ڪيائون. جنهن به وقت اهلِ ڪتاب جو ذڪر ايندو هو ته انهيءَ وقت پاڻ انهن جي غلط ديني ڪوششن تي افسوس ظاهر ڪندا هئا ۽ خدا کان دعا گهرندا هئا ته انهن کي هدايت فرمائي. هي مذهبي رواداريءَ جو اصول شاهه صاحب پنهنجن مريدن کي ورثي طور عطا ڪيو ۽ سندس مريد هر زماني ۾ انهيءَ اصول کي برقرار رکندا اچن ٿا تيجانيه خاندان جو سلسلو، جنهن جو بنياد عيسوي 18 صديءَ جي آخر ۾ الجيريا ۾ پيو، سوڊان ۾ 19 صديءَ جي وچ ڌاري شروع ٿيو ۽ اتي انهن اشاعتِ اسلام لاءِ اهي ساڳيا طريقا استعمال ڪيا، جي قادريه خاندان وارن ڪيا هيا. انهن جي بي شمار مدرسن اسلام جي ڦهلائڻ ۾ ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو، پر انهن ۾، ۽ قادريه سلسلي جي مبلغن ۾ صرف هي فرق هو، جو انهن پنهنجي اشاعتِ اسلام واريءَ تجويز کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ تلوار کڻڻ کان گريز نه ڪئي. انهيءَ جو نتيجو هي نڪتو، جو انهن جي ديني لڙاين جي مشهوري، اسلام جي صلح پسند مبلغن جي ڪوششن تي پردو وجهي ڇڏيو. حالانڪه مغربي آفريڪا ۾ اسلام پکيڙڻ ۾ صلح پسند مبلغن جون ڪوششون تيجانيه وارن کان وڌيڪ ڪارگر ثابت ٿيون هيون. تيجانيه خاندان جي مجاهدن ننڍيون ننڍيون عارضي رياستون قائم ڪيون، جيئن ته انهن جهادن جو اثر خاص ڪري يورپ وارن جي تجارتي تجويزن ۽ ملڪن فتح ڪرڻ جي منصوبن تي بريءَ طرح پيو ٿي. انهيءَ ڪري لازمي طرح يورپي مصنفن جو توجهه مسلمان مبلغن ۽ ماسترن جي خاموش ۽ پرامن تبليغي ڪوششن جي حالات لکڻ کان وڌيڪ مسلمانن جي لڙاين بيان ڪرڻ طرف ٿيو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي لڙايون هڪ معنيٰ ۾ اشاعت اسلام لاءِ مفيد ثابت ٿيون، جهڙيءَ طرح اڪثر مسيحي دين جي ترقيءَ لاءِ پڻ لڙايون مفيد ثابت ٿينديون هيون، ڇاڪاڻ ته انهن لڙاين اسلام جي تبليغ لاءِ نوان نوان ملڪ ظاهر ڪري ڏنا ۽ جوشيلن مسلمانن جو توجهه هن ڳالهه طرف ڇڪايو ته ڪيترا اهڙا ملڪ پيا آهن، جتي جا رهاڪو اڃا تائين اسلام جي دولت کان محروم آهن.
سوڊان ۾ تيجانيه خاندان جي پهرين تحريڪ، جنهن جو مقصد جهاد ذريعي مذهب جي اشاعت هو، هڪ شخص عمر لحاجيءَ شروع ڪئي، جو فتح تورو ((Futahtoro جو رهاڪو هو ۽ ڏاڍو دولتمند ۽ اثر رسوخ وارو ماڻهو هو. هو جڏهن حج جي ارادي سان مڪي معظمه ۾ ويو، تڏهن هن جي ملاقات تيجانيه خاندان جي هڪ مذهبي پيشوا سان ٿي، جنهن هن کي مريد بڻائي، پنهنجي خاندان ۾ شامل ڪيو. عمر الحاجيءَ عرب جي هڪ عالم وٽ ڪيترا سال رهي عربيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. هو ٽي دفعا حج ڪرڻ بعد سنه 1854ع يا 1855ع ۾ مڪه مڪرم کان واپس پنهنجي وطن آيو ۽ ايندي شرط پنهنجن غلامن کي مجتمع ڪري، ويهن هزارن مجاهدن جو لشڪر ساڻ وٺي انهن بت پرست قومن کي مسلمان بڻائڻ جي غرض سان روانو ٿيو، جي نائگر ۽ سينيگال ندين جي مٿئين حصي ۾ آباد هيون. آفريڪا جي هن حصي ۾ اسلام جي اشاعت جو ڪجهه احوال اسان اڳ ۾ ئي مٿي بيان ڪري آيا آهيون. هتي عبدالله بن ياسين ۽ ان جي ساٿين اسلام جو جيڪو ٻج ڇٽيو هو، سو مسلمان واپارين، معلمن ۽ الحوض ((Al-hodh خيابان ۽ ٻين جڳهين جي عربن جي مسلسل آمد رفت ڪري تمام گهڻو ڦليو ڦوليو. عيسوي 15 صديءَ جو هڪ سياح ٻڌائي ٿو ته نيگرو سردارن کي اسلامي اصول سمجهائڻ ۾ عربن کي ڏاڍي مٿاڪٽ ڪرڻي پئي. عرب انهن کي سمجهائيندا هئا ته اها هڪ نهايت شرم جهڙي ڳالهه آهي، جو اوهان قومن جا سردار ٿي ڪري بغير خدائي قانون جي نيچ ذات ماڻهن وانگر، جن کي قانون جي ڪا خبر نه هوندي آهي، زندگي بسر ڪريو ٿا. مذڪوره سياح جي هن بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسلام جي انهن اوائلي مبلغن اڻ سڌريل جهنگلي نيگرو قومن تي اسلام ۽ اسلامي قانون جو ڪيتريقدر اثر وڌو. باوجود صدين تائين مسلمانن سان لاڳاپي ۾ اچڻ جي عيسوي 19 صديءَ ۾ عمرالحاجيءَ ڏٺو ته سندس وطن جا بيشمار ماڻهو اهڙا آهن، جي بت پرستيءَ ۽ ڪفر جي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ سندن ابن ڏاڏن جون مشرڪانه رسمون اڃا تائين انهن ۾ موجود آهن. عمر پهريائين بمبڪ (Bambuk) جي ماندنگو (Mandingo) قوم تي حملو ڪيو ۽ پوءِ سينگيال نديءَ جي اتر طرف رخ رکيو ۽ سيگو (Segu) رياست مان بت پرستيءَ جي پاڙ پٽي، جتي بمبارا (Bambara) قوم اڃا تائين بتن جي پوچا ڪندي هئي. انهيءَ سان گڏ عمر گهڻن اسلامي رياستن جي حالت پڻ سڌاري، جن ۾ مشرڪانه خيال اڃا تائين موجود هئا. آخرڪار هو سيگو ۽ موسينا (Moasina) ۾ ٺهي ٺڪي ويٺو، جتي هن بمبارا قوم کي پهريائين پنهنجو مطيع ڪيو ۽ پوءِ انهن کان اسلام قبول ڪرايائين. ائين ڪرڻ ۾ هن گهڻن موقعن تي جبر کان پڻ ڪم ورتو. سنه 1865ع ۾ عمر کي قتل ڪيو ويو ۽ سندس پٽ پنهنجي پيءُ جي فتح ڪيل سڄي ملڪ جو حاڪم ٿيو. جو اتر سينيگال ۽ نائگرينين جي وچ ۾ پکڙيل هو.
عمرالحاجيءَ جا گهڻائي جائنشين هئا، جن مان ڪي سندس خاندان جا ماڻهو هئا ۽ ڪي سندس مريد، انهن سڀني گڏجي عمر وانگر اسلام کي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي. عمر انهن مان هڪ ماڻهو چونڊي انهن جو سردار مقرر ڪيو هو ته جيئن انهن کي جهاد جو شوق ڏياريندو رهي. پر انهن جيڪي ننڍيون ننڍيون لڙايون ڪيون، تن جو احوال تمام ٿورو ۽ لاڪافي آهي. ڇاڪاڻ ته عمر جي موت بعد سندس سلطنت ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهائجي وئي. البته موجوده وقت ۾، تينجانيه خاندان جهڙي هڪ ٻي تحريڪ ظاهر ٿي آهي، جنهن جهاد ذريعي اسلام جي اشاعت ڪئي. جنهن جو احوال تفصيل سان ملي ٿو. هيءَ تحريڪ سئنيگئمبيا جي ڏکڻ طرف ماندگو قوم جي هڪ سردار صمد نالي شروع ڪئي. جنهن جوشيلن مسلمانن جو هڪ وڏو لشڪر گڏ ڪري بت پرستن جي ڪيترن جنگجو ۽ طاقتور قبيلن تي حملو ڪيو ۽ انهن کي پنهنجو مطيع بڻايو. سنه 1884ع ۾ صمد ڪيترن مهينن جي سخت گهيري بعد فلابا (Falaba) جو شهر هٿ ڪيو، جو سيراليون کان 250 ميل پري اڀرندي طرف سونيما (Soolima) ملڪ جو تخت گاهه هو. فلابا جاماڻهو 50 سالن کان وٺي فلاح قوم جي حملن جو، جي هر سال انهن تي ٿيندا رهندا هئا. مقابلو ڪندا رهيا، پر هاڻي صمد انهن کي فتح ڪيو. هڪ مقامي مورخ صمد جي زندگيءَ جا حالات قلمبند ڪيا آهن، جن مان اسان کي هن جي ڪارنامن جو ڪجهه دلچسپ تفصيلي احوال معلوم ٿئي ٿو. اهو احوال هن طرح آهي:
”هي احوال امام احمد الصمد هڪ ماندگو جي جهاد جو آهي... جنهن وقت کان وٺي هن سمنڊ ۽ واسولو (Wasulu) ملڪ جي وچ ۾ رهندڙ بت پرست قومن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ لاءِ سفر شروع ڪيو آهي، تنهن وقت کان وٺي خدا تعاليٰ هميشه هن جي مدد ڪندو رهيو.“
اوهان سڀني کي معلوم هئڻ گهرجي ته امام احمد صمد پنهنجي پهرين ڪوشش فلنديه (Fulindiyah) شهر تي ڪئي. صمد قرآن شريف، شريعت ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ پهريائين فلنديه جي بادشاهه سنديدو (Sandidu) ڏانهن قاصد روانا ڪيا ۽ هن کي دعوت ڏني ته سندس اطاعت ڪري ۽ بتن جي پوڄا ترڪ ڪري، هڪ خدا عزوجل جي بندگي ڪري جو سڀ کان اعليٰ ۽ حقيقي مالڪ آهي ۽ جنهن جي عبادت انسان کي هن دنيا ۾ توڙي آخرت ۾ نفعو پهچائيندڙ آهي. پر فلنديه جي ماڻهن هن دعوت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان بعد صمد قرآن شريف جي حڪم مطابق انهن تي جزيو مقرر ڪيو. ليڪن پنهنجي انڌاهيءَ ۽ لاپرواهيءَ ڪري هو پنهنجي ضد تي قائم رهيا. پوءِ امام صمد هڪ ننڍو 500 بهادر مسلمانن جو لشڪر جهاد لاءِ گڏ ڪري فلنديه تي حملو ڪيو. خدا تعاليٰ هن جي مدد فرمائي ۽ هنکي ڪاميابي نصيب ٿي. هو پنهنجن گهوڙن سان انهن جو تعاقب ڪندو رهيو، جيستائين ڪه اهي پيش پيا. فلنديه جا ماڻهو هاڻي بت پرستيءَ طرف واپس وڃي نه سگهندا، ڇاڪاڻ ته انهن جي سڀني ٻارن کي مدرسن ۾ قرآن شريف جي تعليم ملي ٿي ۽ هو اسلام ۽ اسلامي تهذيب کان واقف ٿين ٿا. هن ڪم لاءِ خدا تعاليٰ جي ئي تعريف ڪرڻ گهرجي.“
”ساڳيءَ طرح امام صمد ٻين به ڪيترين قومن کي اسلامي مدرسن ۽ مسلمان معلمن جي اثر هيٺ آندو ۽ انهن جو سڄو نظام قرآني احڪام مطابق قائم ڪيو. هاڻي جيڪو به شهر فتح ذريعي يا پنهنجي رضا خوشيءَ سان هن جي اطاعت قبول ڪري ٿو ته ان ۾ هو هڪ مسجد ۽ مدرسا قائم ڪري، انهن جي انتظام لائق ماڻهو مقرر ڪري ٿو. جيتوڻيڪ هو هڪ وڏي لشڪر جو سردار آهي، تنهن هوندي به هو تلوار کڻڻ کان وڌيڪ قرآن شريف ۽ مدرسن جي تعليم تي ڀاڙي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته هو اهڙيءَ حڪمت جو صاحب آهي جو جنهن به قوم کي اسلام جي دعوت ڏئي ٿو سا قوم بغير ڪنهن خونريزيءَ جي سندس دعوت قبول ڪري ٿي.
انهن اسلام ڦهلائيندڙ جنگي تحريڪن جي سلسلي ۾ هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مغربي آفريڪا ۾ اسلام جي گهڻي اشاعت مسلمانن جي فتوحات ۽ ملڪن حاصل ڪرڻ ڪري نه ٿي، ڇاڪاڻ ته عمر الحاجيءَ جي سلطنت جي انهن حصن کان ٻاهر جي سنئون سڌو سندس جائنشينن جي هٿ ۾ رهيا، باقي ٻين شهرن ۾ عمرالحاجيءَ ماڻهن کي زبردستي مسلمان ڪيو، تن ماڻهن جلد ئي اسلام کي وساري ڇڏيو. باوجود عمر جي شاندار فتوحات ۽ سندس سپاهين ۾ مذهبي جوش ۽ جذبي جي، ملڪن ۾ فوجي طاقت ذريعي ڦهلايل اسلام جا آثار تمام گهٽ نظر اچن ٿا مغربي آفريڪا جي اشاعت اسلام جي تاريخ ۾ انهن لڙاين کي انهيءَ ڪري اهميت حاصل آهي جو انهن مسلمان مبلغن جي دلين ۾ هڪ قسم جو مذهبي روح ڦوڪيو، جن وري بت پرست مفتوح قومن ۾ امن ۽ صلح ذريعي اسلام ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن لڙاين جو جيڪڏهن صحيح جائزو ورتو ويندو ته ائين معلوم ٿيندو ته هي لڙايون ترقي-اسلام جي تاريخ ۾ محض اتفاقي واقعا آهن ۽ انهن کي ڪنهن به حالت ۾ اهڙن سببن ۽ قوتن لاءِ شمار ڪري نٿو سگهجي جن جي ذريعي آفريڪا ۾ اسلام ڦهليو. جيڪڏهن تبليغي ذريعن سان اسلام نه ڦهلايو وڃي ها ته رڳو اهي لڙايون هن ملڪ ۾ هڪ صحيح مسلمان قوم قائم ڪرڻ ۾ ڪڏهن به مفيد ثابت نه ٿين ها.
هاڻي جنهن جماعت جي تبليغي سرگرمين جو بيان ڪرڻو آهي، تنهن جماعت ڪڏهن به پنهنجي تبليغي جدوجهد ۾ جنگ و جدل کان ڪم نه ورتو، بلڪه انهن هميشه امن ۽ صلح جا طريقا استعمال ڪيا. سنه 1873ع ۾ آلجيريا جي هڪ مفتيءَ، جنهن جو نالو سيدي محمد ابن علي السنوسي (Sadi Muhammad bin ali As-sanusi) هو، هڪ ديني جماعت جو بنياد وڌو. هن جو اصلي مقصد اسلام جي ترقي ۽ ان جي اشاعت جو هو.
پنهنجي وفات (سنه 1859ع) کان اڳ هن پنهنجي ذاتي هوشياريءَ ۽ قابليت سان بغير ڪنهن خونريزيءَ جي هڪ خالص خدائي حڪومت قائم ڪئي. جنهن جي سندس مريدن ڏاڍي خلوص سان اطاعت ڪئي، ۽ جنهن جون حدون سندس جائنشينن ڏينهون ڏينهن وڌائيندا رهيا. هن جماعت جي ڪارڪنن تي پڻ هيءَ پابندي لڳايل هئي ته هو قرآن شريف جي سڀني احڪامن جي سختيءَ سان پيروي ڪن ۽ توحيد جي اصولن کي اهڙيءَ طرح برقرار رکن جو انهن کي رڳو هڪ خدا جي بندگي ڪرڻي پوي. هو بزرگن ۽ اوليائن جي مزارن جي زيارت ڪرڻ ۽ انهن اڳيان دعا لاءِ هٿ ڦهلائڻ وغيره ترڪ ڪن ۽ يهودين ۽ عيسائين سان ڪنهن به قسم جو تعلق نه رکن.
جيڪڏهن ڪو مريد جماعت جي خدمت ۽ اسلام جي ترقيءَ لاءِ پنهنجو پاڻ وقف ڪري نه سگهي ۽ پنهنجون سموريون قوتون خرچ ڪري نه سگهي، ته گهٽ ۾ گهٽ هو پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو ضرور جماعت کي چندي طور ڏئي. انهن سڀني ڳالهين سان گڏ هن لاءِ هي به ضروري هو ته يورپي تهذيب و تمدن جي اثر کان پاڻ کي بچائيندو اچي. هن جماعت جا ماڻهو سڄي اتر آفريڪا ۾ پکڙيل آهن ۽ انهن جا مذهبي مڪان سڄي ملڪ ۾ مصر کان موراڪو تائين، بلڪه صحريٰ ۽ سوڊان جي سرسبز وادين ۾ پڻ موجود آهن. هن جماعت جو مرڪز مصر ۽ ٽرپولي (Tripolis) جي وچ ۾ لبيا جي بيابان ۾ جغبوب (Jaghbub) جو سرسبز شهر آهي، جتي هر سال سون مبلغن کي تعليم ڏئي اتر آفريڪا جي مختلف حصن ۾ اشاعت اسلام لاءِ موڪليو ويندو آهي. جغبوب ۾ هن جماعت جي هڪ خانقاهه آهي، جتان هن جماعت جون سڀئي شاخون (جن جو تعداد 121 ٻڌايو وڃي ٿو) جماعت جي برپا ڪيل خدائي حڪومت جي نظام ۽ ترقيءَ بابت سڀني ڳالهين لاءِ صلاح ۽ هدايتون حاصل ڪن ٿيون. هن حڪومت ۾ مختلف ذاتن ۽ قومن جا هزارين ماڻهو آباد آهن، جن ۾ هونئن ته جاگرافي حالات ۽ دنيوي اغراض جي لحاظ کان بيشمار اختلاف آهن ۽ انهن اختلافن ڪري هڪ ٻئي کان جدا آهن، ليڪن هن خدائي حڪومت انهن سڀني ۾ هڪ قسم جو عجيب جوڙ قائم ڪيو آهي. هن جماعت جا پرجوش ۽ سرگرم سفير جتي جتي ويا آهن، اتي شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي اٿن. جماعت جون خانقاهون نه رڳو اتر آفريڪا ۾ مصر کان موراڪو تائين، سوڊان، سينيگئمبيا ۽ سومالي لئنڊ ۾ موجود آهن. پر هن فرقي جا ماڻهو عرب، ميسوپوٽيما ۽ ملايا جي اپٻيٽن ۾ پڻ موجود آهن. جيتوڻيڪ شروع شروع ۾ سنوسيه جماعت جو مقصد محض مسلمانن جي مذهبي زندگي سڌارڻ جو هو، ليڪن بعد ۾ انهن اشاعت جو ڪم پڻ پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ آفريڪا جون گهڻيون ئي بت پرست قومون يا اهڙا ماڻهو جو رڳو نالي ماتر مسلمان هئا. سنوسي ماڻهن جي گڏ رهڻ سان، بدلجي اسلام جا سچا ۽ پڪا پيرو بڻجي پيا. مثلن سنوسي مبلغ هن وقت بيل(Baele) قوم جي انهن ماڻهن ۾ اسلام ڦهلائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن جو بورنيو جي اوڀر طرف ايندي (Ennedi) جي جابلو علائقي ۾ رهن ٿا ۽ اڃا تائين بت پرست آهن. ان کانسواءِ سنوسي مبلغ بيل قوم جي اهڙن ماڻهن ۾، جن کي اسلام جي صرف سطحي معلومات آهي. پاڻ جهڙو مذهبي روح ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. فيضان (Fezzan) جي ڏکڻ طرف صحريٰ ۾ تو(Tu) يا تبستي (Tibesti) جي ٽيڊا قوم (Teda) رهي ٿي، جي پڻ سنوسي ماڻهن جي اچڻ وقت نالي جا مسلمان هئا. پر هاڻي انهن جو اسلام جي اصولن جي صحيح پيروي ڪرڻ هن حقيقت جي شهادت آهي ته سنوسي ماڻهن پنهنجي ديني جدوجهد ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيا سنوسيه جماعت جا مبلغ گالا ملڪ ۾ پڻ اسلام جي اشاعت جو ڪم ڏاڍيءَ سرگرميءَ سان ڪري رهيا آهن. هتي هر سال هرار (Harar) کان نوان مبلغ موڪليا وڃن ٿا. هرار ۾ ته سنوسيه جماعت ڏاڍي طاقتور آهي ۽ ان ۾ گهڻو ڪري هرار جي شاهي درٻار جا سڀئي امير شامل هئا. اشاعت جي ڪم کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ڪرڻ لاءِ سنوسي مبلغ جڳهه جڳهه مدرسا کوليندا آهن، صحريٰ جي سرسبز جڳهين تي پنهنجون بيٺڪون بڻائيندا آهن ۽ غلامن کي خريد ڪري اسلامي تعليم ڏيندا آهن. خاص ڪري انهن ودائي جي علائقي ۾ بيشمار غلامن کي مسلمان ڪري پنهنجي تعداد ۾ هڪ سٺو اضافو ڪيو آهي. انهن غلامن کي پهريائين جغبوب ۾تعليم لاءِ موڪليندا آهن ۽ جڏهن هو جماعت جي سڀني اصولن کان چڱيءَ طرح واقف ٿيندا آهن، تڏهن انهن کي آزاد ڪري واپس سندن شهرن ۾ موڪليندا آهن ته وڃي پنهنجي ديس ڀائن کي اسلام جي دعوت ڏين.
سوڊان جي بت پرست قومن ۾ اسلام جي تبليغ جوهي ٿورو گهڻو احوال جيڪي مٿي بيان ڪيو ويو آهي، انهيءَ لحاظ کان تمام گهڻو اهم آهي جو آفريڪا جي هن حصي ۾ اسلام جي اشاعت جو احوال تمام گهٽ ملي ٿو. جيتوڻيڪ هن سلسلي ۾ تاريخي ثابتيون موجود نه آهن، تڏهن به وڻن ۽ بتن جي پوڄا ڪندڙ قومن جي وچ ۾ مسلمانن جو رهڻ ۽ هڪ اعليٰ مذهب ۽ اعليٰ تهذيب جي نمائندگي ڪرڻ، مسلمان مبلغن جي تبليغي سرگرمين جو زنده ثبوت آهي. سوڊان جي ڏکڻ اولهه طرف جن ملڪن ۾ اسلامي اثر موجود آهي، اتي مسلمانن ۽ بت پرست قومن جي زندگيءَ ۾ هڪ نمايان فرق نظر اچي ٿو. بت پرست قومن جي زندگي يورپي ماڻهن جي شراب جي واپار ڪري گهڻو خراب ٿي چڪي آهي. هن فرق کي موجوده وقت جي هڪ سياح جنهن ڏکڻ نائگر جي قومن جي ابتڙ حالت جو ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته: ”نائگر نديءَ ۾ اتر طرف سفر ڪندي پهرين ٻن سئو ميلن اندر مون کي ڪا به اهڙي ڳالهه نظر نه آئي جا منهنجي خيالات ۾ ڦيرو آڻي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ٽڪريءَ اندر بت پرستي، آدمخوري ۽ شراب فروشي ٽيئي تمام گهڻي ترقيءَ تي هيون. مگر جيئن مون درياءَ جي هيٺاهين ڪناري وارو علائقو پوئتي ڇڏيو ۽ اڳتي وچ سوڊان جي ڏاکڻي سرحد جي نزديڪ پهتس ته مون کي ماڻهن جي هلت چلت ۾ هڪ وڏي ۽ وڌندڙ ترقي نظر آئي. آدمخوري، بت پرستي ۽ شراب فروشي اُهي سڀئي خرابيون انهن مان نڪري ويون هيون. انهن جي بدن تي وڌيڪ ويڪرا ۽ صاف ڪپڙا پهريل هئا ۽ انهن ۾ صفائي سٺائي عام هئي. انهن جي ظاهري شڪل شبيه ايتري قدر ته شاندار ۽ پرڪشش هئي جو ائين پئي معلوم ٿيو ته انهن ۾ اخلاقي سڌارو اچي ويو آهي. انهن جي هر هڪ شئي مان ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته انهن ۾ ڪا هڪ اهڙي اعليٰ شئي گهر ڪري ويئي آهي، جنهن انهن وحشي حبشين جي اصلي فطرت کي بلڪل بدلائي انهن کي هڪ نئون انسان بڻائي ڇڏيو آهي. اوهان کي معلوم ڪري عجب لڳندو ته اها اعليٰ شئي اسلام آهي.“
”جڏهن آئون لوڪوجا (Lokoja) کان، جتي بينو (Benue) ۽ نائگر نديون پاڻ ۾ ملن ٿيون، اتي هليس ۽ مسلمانن مبلغن جي مورچن کي پوئتي ڇڏي وچ سوڊان ۾ داخل ٿيس، تڏهن مون ڏٺو ته آئون هڪ اعليٰ منظم سلطنت ۾ پهتو آهيان، جتي وڏا وڏا واپاري ۽ ڪپڙي، پتل ۽ چمڙي جا هوشيار ڪاريگر موجود آهن، ۽ اهي ماڻهو آباد آهن، جن حقيقت ۾ تهذيب ۽ تمدن طرف تمام گهڻي وک وڌائي آهي.“
نائگرتيا (Nigritia) ۾ اسلام ڪيئن ڦهليو، ان جي صحيح حالات معلوم ڪرڻ لاءِ هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪناري واري علائقي ۾ ۽ انهن جڳهن تي جي اسلامي ملڪن جي ڏاکڻي سرحد تي واقع آهن، مسلمان مبلغن برابر اسلام جو بنياد وڌو. ليڪن اندروني ملڪن ۾، جي اتر ۽ اڀرندي طرف ڦهليل آهن، اشاعت اسلام لاءِ اڃا تائين ميدان کليل آهي، جيتوڻيڪ انهن ملڪن ۾ پڻ تمام گهڻو وقت ٿيو ته اسلام جو ٻج ڇٽجي چڪو هو. سينار جي نيگرو قومن ۾ سڀني کان طاقتور فنج قوم آهي. هن قوم جي ڪن حصن جا ڪجهه ماڻهو مسلمان آهن ۽ ڪجهه بت پرست. نبيا جا مسلمان تاجر انهن کي مسلمان بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سوڊان ۽ سئنيگئميا جا گهڻائي اهڙا فرقا آهن، جن جو تعداد آسانيءَ سان ٻڌائي سگهجي ٿو، جن ۾ اڃا تائين بت پرستيءَ جا عقيدا ۽ عادتون موجود آهن يا هو پنهنجي انهن عقيدن کي هڪ معمولي ظاهري مذهب جي ملمعي سان ڍڪي ڇڏين ٿا، حالانڪه انهن ماڻهن جي آسپاس صدين کان وٺي مسلمان رهندا اچن ٿا. انهيءَ ڪري موجوده وقت ۾ آفريڪا جي هن حصي جي پرجوش مسلمان مبلغن کي اسلام جي اشاعت لاءِ پري نٿو وڃڻو پوي، بلڪه انهن کي پنهنجي نزديڪ هڪ وڏو وسيع ميدان آهي. مطلب ته مسلمانن ۾ مذهبي اصلاح پيدا ڪرڻ ۽ اسلام کي نئين سرشايع ڪرڻ جو احوال، جنهن جو هاڻي بيان ڪيوسون، آفريڪا جي اسلامي تاريخ اندر هڪ وڏي اهميت رکي ٿو.
آفريڪا ۾ مسلمانن جي تبليغي جدوجهد لاءِ ٻيو ميدان مغربي ڪنارو آهي. جيتوڻيڪ گنيءَ جي ڪنارن، سيراليون ۽ لئبيريا ۾ اسلام چڱي ترقي ڪئي هئي ۽ خاص ڪري لبئيريا ۾ ته مسلمانن جو تعداد بت پرستن کان وڌي ويو هو، تنهن هوندي به آفريڪا جي مغربي ڪناري تي گهڻائي اهڙيون قومون موجود هيون جي اڃا اسلام جي آغوش ۾ نه آيون هيون. اشاطئي (Ashati) ۾ سنه 1750ع کان وٺي ڪجهه مسلمان موجود هئا ۽ مبلغان اسلام انهيءَ وقت کان وٺي آهستي آهستي، پر ڪاميابيءَ سان اسلام ڦهلائيندا رهيا آهن. اشاطئي ۾ مسلمانن جي ڏاڍي مرحبا ڪئي وڃي ٿي ۽ اتي شاهي درٻار ۾ انهن جو ڏاڍو اثر آهي. مسلمان پنهنجي مدرسن ذريعي اشاطئي جي نوجوان طبقي جي دلين تي چڱو قبضو حاصل ڪيو آهي ۽ اهڙا آثار نظر اچي رهيا آهن. جو مسلمانن کي اها اميد آهي ته اشاطئي ۾ اسلام ڪنهن ڏينهن ضرور ٻين مذهبن مٿان غلبو حاصل ڪندو. ڇاڪاڻ ته اتي جا گهڻائي سردار اڳ ۾ ئي اسلام قبول ڪري چڪا آهن داهومي (Dahomey) ۽ گولڊ ڪوسٽ جي علائقن ۾ اسلام روز بروز ترقي ڪندو رهي ٿو ۽ انهن ملڪن جا بت پرست امير جيتوڻيڪ اسلام نٿا قبول ڪن، تڏهن به پاڻ کي داعيان اسلام جي اثر هيٺ ضرور رکن ٿا، جي وري پنهنجي دانشمنديءَ سان اهڙي موقعي جو فائدو وٺي عام ماڻهن ۾ اسلام جي تبليغ جي ڪوشش ڪن ٿا. مغربي آفريڪا ۾ داهومي ۽ اشاطئي ٻه مشهور ۾ مشهور رياستون آهن، جن جا ڪم اڃا تائين بت پرستي آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته اهي رياستون شايد ٿوري وقت ۾ اسلام قبول ڪري وڃن لاگو جي شهر ۾ تقريبن ڏهه هزار مسلمان موجود آهن ۽ آفريڪا جي الهندي ڪناري تي تقريبن جيڪي به واپار جا مرڪز آهن تن سڀني ۾ ٻين ماڻهن سان گڏ اعليٰ نيگرو قومن جهڙوڪ: فلاح، ماندنگو ۽ هاساجا مسلمان رهن ٿا. هي مسلمان جڏهن واپار يا يورپي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيڻ جي خيال سان شهر ۾ اچن ٿا (اڪثر گهڻي تعداد ۾ اچن ٿا)، تڏهن پنهنجي دلير ۽ غيور چهري ۽ هلت ڪري اتي جي بت پرست نيگرو قوم کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿا سگهن ڇاڪاڻ ته هي نيگرو ڏسن ٿا ته يورپي گورنر، ڪامورا ۽ واپاري، مسلمانن جي ڏاڍي عزت ڪن ٿا اهي مسلمان شڪل شبيهه، لباس ۽ هلت چلت ۾ هنن کان ايترو مختلف نه آهن جو کين مسلمانن جي برادريءَ ۾ شامل ٿيڻ ناممڪن ٿي پوي. ان کانسواءِ اهي مسلمان انهن نيگرن کي دعوت ڏيندا هئا ته هو اسلام قبول ڪري انهن سان گڏ نفعي ۾ ڀائيوار ٿي وڃن. هي بت پرست نيگرو، چاهي ڪيتريقدر به کڻي ڪريل ۽ ذليل خوار هجن مگر جنهن وقت پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪن ٿا ته مسلمان يڪدم انهن کي پنهنجي حلقي ۾ شامل ڪري کين پنهنجو حقيقي ڀاءُ ڪري سمجهن ٿا. انهن کي هي ڀائپي جو درجو بي دليءَ سان ڪيٻائي ڪيٻائي نٿو ڏنو وڃي. بلڪه اسلام جا پرجوش داعي انهن کي هي مرتبو وڏيءَ خوشي سان عطا ڪن ٿا. سينگيال نديءَ جي ڇوڙ کان وٺي لاگو بندر تائين ٻن هزارن ميلن جي مفاصلي ۾ سڄي سامونڊي ڪناري تي ڪو به اهڙو وڏو شهر مشڪل سان ملندو جتي گهٽ ۾ گهٽ مسلمانن جي هڪ مسجد به نه هوندي ۽ ان ۾ مسلمان مبلغ نه هوندا. گهڻن شهرن ۾ ته ٻئي مسلمان عيسائي مبلغ گڏوگڏ پنهنجي پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪندا نظر ايندا.
مصنفن اڃا تائين اتفاق راءِ سان هن معاملي کي طئي نه ڪيو آهي ته آفريڪا ۾ اسلامي علائقي جون حدون جاگرافي نقطه نگاهه کان ڪهڙيون هئڻ گهرجن. ليڪن اٽڪل روءِ سان چئي سگهجي ٿو ته اسلامي آفريڪا جي ڏاکڻي حد ڏهن درجن ويڪرائي ڦاڪ گهيري تائين آهي، جيتوڻيڪ هن گهيري جي اتر طرف اڃا تائين ڪجهه بت پرست قومون موجود آهن. اسان اڳ ۾ ئي مٿي هي بيان ڪري آيا آهيون ته ڏکڻ آفريڪا جي مغربي ڪناري تي نائگر نديءَ جي هيٺئين حصي ۾ گهڻو وقت اڳ اسلام پهتو هو. پر وچ آفريڪا ۾ سواءِ ڪن ٿورن علائقن جي، جن جو ذڪر اڳتي ايندو، اسلامي اثر تمام گهٽ ڦهليل آهي. ان جو سبب اهو به آهي ته وچ آفريڪا ۾ مسلمان نه پهتا هئا. بلڪه اتي گهڻائي مسلمان موجود آهن ۽ خاص ڪري انهن عرب واپارين جون بيٺڪون آهن جي رنجبار (Zanzabar) کان آيل هئا. پر ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن عربن ۾ اسلام جي تبليغ جو شوق گهٽ هو يا ته بلڪل هوئي ڪو نه. انهن سوڊان جي مسلمانن وانگر اهڙيون حڪومتون قائم نه ڪيون جن جو انتظام قرآني احڪام مطابق هلندڙ هجي. آفريڪا جي اڀرندي سامونڊي ڪناري تي اسلام جو اثر هجري ٻي صديءَ کان وٺي موجود هو، ليڪن خود مشرقي آفريڪا ۾ (گالا ۽ سومالي لئنڊ کانسواءِ) مسلمانن اشاعت اسلام ۾ تمام گهٽ حصو ورتو.
آفريڪا جي اڀرندي ڪنارن تي عربن جي اوائلي بيٺڪن بابت تاريخي احوال تمام گهٽ ملي ٿو. جڏهن سنه 1505ع ۾ پورچوگيزن جي بادشاهه ڊان فرئنسسڪو دالميڊيا (Don Francisco Dalmedia) ڪلوئا (Kiloa) جي شهر تي حملو ڪري انکي برباد ڪيو، تڏهن پورچوگيزن کي عربي زبان ۾ لکيل هڪ تاريخ هٿ آئي. جنهن مان معلوم ٿيو ٿي ته هن شهر ۾ پهرين پهرين جيڪي ماڻهو آباد ٿيا تن ۾ ڪجهه عرب به هئا. جن کي سندن ملڪ مان انهيءَ ڪري تڙي ڪڍيو ويو هو جو هو حضرت محمد  جن جي خاندان جي هڪ شخص زيد جي شروع ڪيل غلط اصولن جي پيروي ڪندڙ هئا ۽ انهن کي زيد جي نالي پٺيان امته الزيديت (يا زيد جا ماڻهو) سڏيو وڃي ٿو. جنهن زيد جو هتي ذڪر ڪيو ويو آهي سو غالبا زيد ابن علي ابن حسين رضي الله تعاليٰ ابن حضرت علي رضي الله تعاليٰ آهي. هن خليفي هشام جي دور حڪومت ۾ پنهنجي امام مهدي هجڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ شيعن کي حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو. مگر شڪست کاڌائين ۽ کيس سنه 122 هجري (سنه 740) ۾ قتل ڪيو ويو.
ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن زيدي عربن کي آفريڪا جي بت پرست قومن کان اڪثر خطرو رهندو هو، تنهن هوندي به هو آهستي آهستي ساموندي ڪناري تي پنهنجون بيٺڪون ڪاميابيءَ سان وڌائيندا ويا، جيستائينڪه عرب پناهگزينن جو هڪ ٻيو ٽولو نه پهتو. هي عرب بحرين جي نزديڪ ايراني نار جي عرب واري پاسي کان ٽن جهازن ۾ ستن ڀائرن جي سرڪردگيءَ ۾ آفريڪا جي مشرقي ڪناري تي منزل انداز ٿيا. انهن پنهنجو وطن انهيءَ ڪري ترڪ ڪيو هو جو لاسه (Lasah) جي بادشاهه انهن تي سخت ظلم ڪيا هئا. انهن آفريڪا جي اڀرندي ڪناري تي پهچڻ سان پهريون شهر مئگاڊاڪسو (Magadaxo) (مئگاڊاڪسو جو عربي نالو مقدشو (Maqdishu) آهي.) جو ٻڌو، جنهن بعد ۾ ايتريقدر ته زور ورتو جو مشرقي ڪناري جون سڀئي بستيون هن شهر جون محڪوم بڻجي ويون. زيدي عرب جي پهريائين هن ڪناري تي اچي آباد ٿيا، سي شيعه مذهب جا هئا ۽ هي ٻئي گروهه جا عرب سني هئا. انهيءَ ڪري زيدي عربن مئگاڊاسڪو جي حڪمن جي اطاعت پسند نه ڪئي ۽ هو ڪنارو ڇڏي ملڪ جي اندروني حصي ۾ وڃي آباد ٿيا، جتي مقامي عورتن سان شاديون ڪري ۽ انهن واريون ريتون رسمون اختيار ڪري انهن ۾ خلط ملط ٿي ويا
مئگاڊاڪسو جو شهر عيسوي ڏهين صديءَ جي وچ ڌاري قائم ٿيو ۽ آفريڪا جي مشرقي ڪناري تي ستر سالن تائين هن شهر جو تمام گهڻو زور هو. پر پوءِ ايراني نار کان هڪ ٻيو گروهه آيو جن مئگاڊاڪسو جي مقابلي ۾ ساڳئي ڪناري تي ڪجهه ڏکڻ طرف پنهنجو شهر قائم ڪيو. هن پارٽيءَ جو اڳواڻ علي نالي هڪ شخص هو جو سلطان حسن شيرازيءَ جي ستن پٽن مان هڪ هو. عليءَ جي ماءُ ڇاڪاڻ ته حبشياڻي هئي. ان ڪري سلطان حسن جي انتقال بعد آقي باقي هن تي سخت ظلم ڪرڻ لڳا. آخرڪار عليءَ ملڪ ڇڏي ٻئي ڪنهن هنڌ وڃي آباد ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هڪ ڏينهن هي اهل و عيال ۽ زيردستن جي هڪ ٽولي سان ارمز (Ormuz) ٻيٽ مان جهاز ۾ چڙهي روانو ٿي ويو. هو پهريائين آفريڪا جي مشرقي ڪناري تي آيو. پر جڏهن ڏٺائين ته مئگاڊاڪسو جا ماڻهو مختلف مذهبي فرقي جا آهن ۽ هي ٻڌائين ته زنجبار ڪناري تي سون گهڻو ملي ٿو تڏهن هيٺ ڏکڻ طرف وڌيو ۽ ڪلوئا (Kiloa) شهر جو بنياد وڌائين. هتي هو آزاديءَ سان رهڻ لڳو ۽ مٿي اتر طرف رهندڙ عربن جي دست اندازيءَ کان بچي پيو.
جهڙيءَ طرح مٿي بيان ڪيو ويو آهي، آفريڪا جي سڄي اڀرندي ڪناري تي عدن جي نار کان وٺي جدي گهيري (Tropic of capricon) تائين عربن جا ڪيترا شهر قائم ٿي ويا. وچ دور جي عرب جاگرافي نويسين هن سڄي علائقي کي زنگ (Zang) جو ملڪ ڪري ليکيو آهي. هن ملڪ جي قومن ۾ اشاعت اسلام لاءِ عرب مسلمانن جيڪا ڪجهه ڪوشش ڪئي تنهن جو تاريخي احوال نٿو ملي. قديم زماني جي سفر جي حالات جو هڪ مجموعو غالبن عيسوي ڏهين صديءَ جي شروع حصي ۾ لکيو ويو، جنهن ۾ هڪ زنگ قوم جي اسلام قبول ڪرڻ جو هڪ عجيب قصو درج ٿيل آهي. هن قصي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته زنگ قومن مان هڪ قوم جي بادشاهه پنهنجي ماڻهن ۾ اسلام شايع ڪيو. سنه 922ع ۾ عربن جو هڪڙو واپاري جهاز سمنڊ ۾ هڪ سخت طوفان جي چڪر ۾ اچي رستي کان ڀٽڪجي زنج جي آدمخور ملڪ ۾ پهتو، جهاز جا سڀئي ماڻهو موت پنهنجي اکين اڳيان ڏسي رهيا هئا، ليڪن انهن جي حيرت جي حد نه رهي جو اميد خلاف ان ملڪ جي بادشاهه انهن جي ڏاڍي خاطر داري ڪئي ۽ کين ڪيترن مهينن تائين پنهنجو مهمان ڪري رکيو. عرب سوداگرن پنهنجو مال وڏن اگهن تي وڪيو ۽ تمام گهڻو نفعو ڪمايو. جڏهن هو پنهنجي وطن واپس ورڻ لڳا، تڏهن بادشاهه ۽ سندس درٻاري انهن کي رخصت ڪرڻ لاءِ بندر تائين آيا. پر عرب واپارين بادشاهه جي انهن سڀني مهربانين جو جواب هڪ شرمناڪ دوکيبازيءَ ۾ ڏنو. انهن بادشاهه ۽ سندس ساٿين کي زبردستيءَ پڪڙي جهاز ۾ چاڙهيو ۽ انهن کي غلام بڻائي عمان ڏانهن وٺي ويا. ڪجهه سالن بعد انهن ساڳين سوداگرن جو جهاز وري طوفان ۾ اچي ويو ۽ اتفاق سان زنگين جي ساڳئي بندرگاهه تي اچي نڪتو. زنگي پنهنجي ٻيڙين ۾ چڙهي جهاز جي چوگرد اچي جمع ٿيا ۽ جهاز وارن کي سڃاڻڻ لڳا. هن ڀيري جهاز وارن کي پنهنجي موت جو يقين ٿي ويو ۽ هو هڪ ٻئي لاءِ موت جي وقت واريون دعائون گهرڻ لڳا. جڏهن هو گرفتار ٿي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، تڏهن انهن کي ڏاڍي حيراني ۽ پريشاني وٺي وئي جو انهن ان ساڳئي بادشاهه کي ڏٺو جنهن سان ڪجهه سال اڳ انهن شرم جهڙو سلوڪ ڪيو هو. بادشاهه باوجود انهن جي ٺڳيءَ ۽ دغابازيءَ جي، انهن کان ڪو به انتقام نه ورتو ۽ انهن کي جيئندان ڏيڻ سان گڏ مال وڪڻڻ جي پڻ اجازت ڏني. پر جڏهن انهن بادشاهه جي خدمت ۾ وڏا وڏا قيمتي تحفا پيش ڪيا، تڏهن هن نهايت نفرت سان اهي سڀ واپس ڪيا. واپس وڃڻ وقت هڪ سوداگر بادشاهه کان سندس سلامت اچڻ جو احوال دريافت ڪيو. بادشاهه بيان ڪيو ته هو عمان مان وڪرو ٿي پهريائين بصري پهتو ۽ پوءِ بغداد آيو، جتي هن اسلام قبول ڪيو ۽ اسلامي اصولن جي تعليم حاصل ڪئي. آخرڪار هو بغداد مان پنهنجي مالڪ وٽان ڀڄي نڪتو ۽ حاجين جي هڪ قافلي ذريعي مڪه معظم ۾ پهتو حج جي ارڪانن ادا ڪرڻ بعد هو قاهره آيو، جتان وري نيل نديءَ جو ڪنارو ڏئي پنهنجي ملڪ طرف روانو ٿيو. آخرڪار هو بيشمار تڪليفن بعد ۽ هڪ دفعو وري غلام ٿي آزاد ٿيڻ بعد پنهنجي وطن پهتو ۽ ساڳئي تخت جو مالڪ بڻايو ويو. هن پنهنجي رعيت کي پڻ مسلمان ڪري اسلام جي تعليم ڏني. بادشاهه زميد چيو ته: ”هاڻي آئون بي حد خوش آهيان جو خدا تعاليٰ مون کي ۽ منهنجي قوم کي اسلام جو علم عطا فرمايو ۽ صحيح دين جي حقيقت کان آشنا ڪيو. زنج جي ٻئي ڪنهن به قوم کي هيءَ دولت نه ملي، جيئن ته آئون اوهان جي طفيل اسلام جهڙيءَ بيش بها نعمت سان نوازيو ويو آهيان، انهيءَ ڪري اوهان کي اوهان جو قصور معاف ڪريان ٿو. اوهان مسلمانن کي وڃي ٻڌايو ته هو اسان جي ملڪ ۾ اچن ۽ اسين مسلمان انهن سان پنهنجي ڀائرن جهڙو ورتاءُ ڪنداسون.
ساڳئي ڪتاب ”عجائب الهند“ مان معلوم ٿئي ٿو ته عيسوي ڏهين صديءَ کان وٺي عرب تاجر هڪ وڏي تعداد ۾ آفريڪا جي اڀرندي ڪناري تي ايندا رهندا هئا ۽ هن ڪناري جا مقامي ماڻهو صدين کان وٺي مسلمانن سان لهه وچڙ ۾ رهيا. انهيءَ هوندي به انهن تي (سواءِ سومالي ماڻهن جي) اسلام جو ڪو خاص اثر نظر نٿو اچي. عيسوي سورهين صديءَ جي پورچوگيزي فتوحات کان اڳ جيڪي ٿورا گهڻا اسلام قبول ڪرڻ جا واقعا ظاهر ٿيا، سي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سڀئي سمنڊ جي ڪناري تي ٿيا. پورچو گيزن جي طاقت ختم ٿيڻ بعد جڏهن عمان جي سيدن جي هٿ هيٺ عرب حڪومت جو سلسلو وري چالو ٿيو، تڏهن به افريڪا جي اندروني حصي ۾ گالا ۽ سومالي قومن کانسواءِ ٻين قومن ۾ اسلام ڦهلائڻ لاءِ ڪا ڪوشش نه ڪئي وئي موجوده وقت جو هڪ سياح لکي ٿو ته: ”مون کي اڀرندي وچ آفريڪا ۾ ٽي دفعا سفر ڪرڻ جو موقعو مليو، مگر مون کي ڪا به اهڙي ڳالهه نظر نه آئي، جا مون کي سمجهائي ته اسلام هڪ انسانيت پيدا ڪندڙ قوت آهي. اسلام ۾ انسان کي انسان بڻائڻ واري جيڪا زندهه قوت آهي سا شايد آفريڪا جي هن حصي ۾ مخفي هئي. آفريڪا جي هن حصي ۾ جيڪي به عرب يا انهن جو اولاد آيا ۽ آباد ٿيا، سي مبلغ نه هئا. هتي اشاعت اسلام لاءِ ڪا جماعت موجود نه هئي ۽ مسقط جا عرب هن ڳالهه کي غنيمت سمجهندا هئا ته سندن غلام رڳو ظاهري طرح ڪجهه اسلامي ارڪان ادا ڪندا رهن. انهن مشرقي آفريڪا جي قومن کي گمراهي جي حالت ۾ ڇڏي ڏنو ۽ اهي قومون وري حقيقت ۾ پنهنجي گمراهيءَ ۽ جهالت ۾ راضي هيون. انهن جي تهذيب ۽ اخلاق کان نفرت هن حقيقت مان ظاهر ٿئي ٿي ته پنج سئو سالن کان وٺي مسلمانن جون نيم مهذب قومون انهن جي ئي وچ ۾ رهنديون ٿيون اچن، ليڪن انهن جي دلين ۾ ڪڏهن هي خيال به پيدا نه ٿيو ته پنهنجي پاڙيسري مسلمان قومن وانگر هو به پاڻ کي ڪجهه بيدار ڪن. ايترن سالن جي مدت مزيد ۾ شرافت ۽ نيڪيءَ جي ٻچ جو هڪ ڪڻو به انهن اندر داخل نه ٿيو، جو اڳتي هلي وڌي ويجهي.“
مشرقي آفريڪا ۾ جيڪي عرب قومون اچي آباد ٿيون، تن ۾ تجارت يا غلامن جي واپار جو ايتريقدر ته گهڻو شوق هو جو انهن اسلام جي ترقيءَ طرف ڪجهه به توجهه نه ڏنو، جهڙيءَ طرح انهن جي برعڪس سندن هم مسلمان آفريڪا جي ٻين حصن ۾ اشاعت اسلام لاءِ هڪ عجيب شوق ۽ ولولو ڏيکاريو. خط استوائي آفريڪا (Equatorial Africa) جي مشرقي حصي ۾ جيڪي قومون رهن ٿيون تن مان گهڻين قومن ۾ اسلام کي شايع ڪرڻ لاءِ هڪ سخت رڪاوٽ هيءَ هئي جو انهن ۾ مذهب لاءِ ڪنهن به قسم جي دلچسپي نه هئي. باقي اتر طرف يوگنڊا (Uganda) جا ماڻهو انهن قومن وانگر مذهب کان بلڪل بي پرواهه نه هئا. انهيءَ ڪري زنجبار کان آيل عربن يوگنڊا جي ماڻهن کي مسلمان بڻائڻ ۾ ڪجهه قدر ڪاميابي حاصل ڪئي.
گالا ۽ سومالي قومن ۾ اسلام سڀ کان وڌيڪ ڪاميابي سان ڦهليو. اسان اڳيئي مٿي چوٿين باب ۾ بيان ڪري آيا آهيون ته ائبيسينيا ۾ گالا قوم پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون. گالا قوم جا ماڻهو جيڪي ائبيسينيا ۾ اچي آباد ٿيا سي ستن قبيلن ۾ ورهايل هئا ۽ انهن سڀني کي گڏي وولو گالا (Wollo Galla) سڏيندا هئا. غالبن هي سڀئي قبيلا ائبيسينيا تي چڙهائي وقت بت پرست هئا ۽ اڄ ڏينهن تائين انهن جي اڪثريت بت پرستي تي محڪم آهي. ائبيسينيا ۾ آباد ٿيڻ بعد هي ماڻهو جلد ئي مقامي ماڻهن سان رلي ملي ويا ۽ گهڻن ته انهن جي زبان، عادتون ۽ ريتون رسمون پڻ اختيار ڪيون
گالا قوم جي مسلمان ٿيڻ جو احوال اڃا اونداهيءَ ۾ آهي. هي بيان ڪيو وڃي ٿو ته انهن جا ڪجهه ماڻهو زبردستي عيسائي مذهب ۾ داخل ڪيا ويا. جيئن ته ائبيسينيا جي ملڪي طاقت مسلمانن جي هٿن ۾ نه هئي، انهيءَ ڪري هي گمان نٿو ڪڍي سگهجي ته مسلمانن به عيسائين وانگر زبردستيءَ گالا قوم جي ماڻهن کان اسلام قبول ڪرايو هوندو. گذشته صديءَ ۾ (يعني 18 صديءَ ۾ (گالا قوم جا جيڪي ماڻهو ڏاکڻي حصي ۾ هئا سي گهڻو ڪري مسلمان هئا ۽ جيڪي اوڀر ۽ اولهه طرف آباد هئا سي اڪثر بت پرست هئا تازين خبرن مان معلوم ٿئي ٿو ته مسلمانن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي. جيئن ته انهن نئو مسلمن متعلق بيان ڪيو وڃي ٿو ته هو ڏاڍا ڪٽر مسلمان آهن، انهيءَ ڪري اسين تسليم ڪريون ٿا ته هو اسلام جي پابندي بي دليءَ سان يا سستيءَ سان نٿا ڪن. گالا قوم جا قبيلا جيڪي خاص گالا ملڪ ۾ رهن ٿا، تن مان سواءِ انهن قبيلن جي جيڪي ائبيسينيا جي سرحد تي آباد آهن ۽ جن کي ائبيسينيا جي سابق بادشاهه زبردستيءَ عيسائي بڻايو، باقي سڀ ماڻهو ڪجهه مسلمان آهن ۽ ڪجهه بت پرست (ريڪلس (Reclus) جبلن تي مسلمانن جو تعداد گهٽ آهي، باقي ميدانن ۾ مسلمان مبلغن کي شاندار ڪاميابي حاصل ٿي ۽ موجوده صديءَ ۾ (يعني 19 صديءَ ۾) انهن جي وعظ ۽ تلقين ذريعي ماڻهو جلد جلد ۽ زياده تعداد ۾ اسلام قبول ڪندا رهن ٿا، هڪ عيسائي سياح انتونيو سيسڪي (Antonio Cecchi) جنهن سنه 1878ع ۾ ليمو (Limmu) جي ننڍين ننڍين رياستن جو سير ڪيو، لکي ٿو ته ليمو جي بادشاهه جي پيءَ ابابغيبو (جڏهن رومن ڪئٿلڪ مذهب وارن سنه 1846ع ۾ گالا قوم ۾ پنهنجو تبليغي اڏو قائم ڪيو، تڏهن ابابغيبو انهن کي چيو ته! ”جيڪڏهن اوهان 30 سال اڳ هتي اچو ها ته نه رڳو آئون پر منهنجي ملڪ جا سڀائي ماڻهو اوهان جو مذهب قبول ڪن ها. مگر هاڻي ائين ڪرڻ ناممڪن آهي.“ (Abba Baghibo) کي انهن مسلمانن مسلمان ڪيو جي ان ملڪ ۾ واپارين جي ويس ۾ اسلام جي تبليغ ڪرڻ آيا هئا. ابا بغيبو کي ڏسي ليمو جي نزديڪ گالا رياستن جي ٻين بادشاهن ۽ انهن جي درٻارين پڻ اسلام قبول ڪيو. عام ماڻهن جو پڻ ڪجهه حصو مسلمان ٿيو ۽ انهن ۾ اڃا تائين اسلام ترقي ڪري رهيو آهي. انهيءَ هوندي به گالا قوم جو هڪڙو وڏو حصو اڃا تائين پنهنجي اصلوڪي مذهب تي محڪم آهي گالا قوم جي حاڪمن جي درٻار ۾ مسلمان واپارين جي ڏاڍي مرحبا ٿيندي هئي. انهن اتي تجارتي مارڪيٽون قائم ڪيون ۽ ٻاهران مال گهرائي ملڪ ۾ وڪرو ڪندا هئا ۽ ان جي عيوض وري ملڪ جون شيون خريد ڪري ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليندا هئا. اهڙيءَ طرح هو ملڪي واپار ۾ ايتريقدر ته مشغول ٿي ويا جو انهن کي ڪناري ڏانهن سفر ڪرڻ جو موقعو سال ۾ يا ٻن سالن ۾ هڪ دفعو مس ملندو هو ۽ هو سارو وقت گالا ملڪ ۾ گذاريندا هئا. انهيءَ ڪري انهن کي اسلام جي تبليغ ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ۽ موقعو ملندو هو. جنهن به وقت هو اسلام جي دعوت لاءِ قسم کڻندا هئا ته ٿوريئي وقت ۾ هو بي شمار ماڻهن کي مسلمان ڪري وٺندا هئا گالا ملڪ ۾ مسلمانن کي مسيحي مذهب جي مبلغن سان مقابلو ڪرڻو پيو. عيسائي مبلغ پڻ يورپ کان هتي آيا هئا پر انهن کي پنهنجي تبليغي جدوجهد ۾ تمام گهٽ ڪاميابي ٿي، ڇاڪاڻ ته انهن گالا قوم جي ڪن ٿورن ماڻهن کي عيسائي بڻايو. ڪارڊينل ماسا جا هن قوم جي ڪن ماڻهن کي مسيحي دين ۾ آندو، ليڪن جڏهن هن کي ملڪ مان تڙي ڪڍيو ويو، تڏهن انهن نون عيسائين مان ڪن اسلام قبول ڪيو ۽ ڪن نه خدا کي مڃيو ۽ نه مسيح کي. مگر عيسائين جي مقابلي ۾ مسلمان پنهنجي مذهب ڦهلائڻ ۾ مسلسل ڪامياب ٿيندا رهيا. انهن پنهنجي تبليغي ڪم کي اڳتي ڏکڻ طرف گهڻو وڌايو آهي ۽ هاڻي تازو وابي (Wabi) درياءُ به ٽپي ويا آهن گالا ملڪ جي اولهه حصي ۾ جيڪي گالا قوم جا ماڻهو رهن ٿا تن جي اڪثريت اڃا تائين بت پرست آهي. ليڪن جيڪي قومون بلڪل مغربي ڇيڙي تي آباد آهن، جهڙوڪ ليگا(Lega) جي قوم، تن مان آهستي آهستي ٿي ماده پرستيءَ جا خيال نڪرندا ٿا وڃن ۽ هاڻي انهن تي مسلمانن جو اثر زياده ٿيندو ٿو وڃي. انهيءَ ڪري مسلمان مبلغن کي اها اميد ٿيندي وڃي ٿي ته ٿورن سالن اندر ليگا قوم اسلام قبول ڪندي موجوده وقت ۾ اتر اوڀر آفريڪا ۾ مسلمان تمام گهٽ همت ۽ سرجوشيءَ سان اشاعت اسلام لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. هر سال عربستان کان سوين مبلغ هتي اچن ٿا، پر هو گالا کان وڌيڪ سومالي قوم ۾ ڪامياب ٿيا آهن. سومالي ملڪ عربستان جي بلڪل نزديڪ آهي. انهيءَ ڪري هن ملڪ ۾ مسلمان مبلغن پنهنجي تبليغي جدوجهد ضرور آڳاٽي شروع ڪئي هوندي. پر بدقسمتيءَ سان ان جو گهڻو تاريخي احوال نٿو ملي. سومالي ملڪ جي اترئين حصي ۾ جيڪي قومون آباد آهن، تن ۾ هيءَ روايت مشهور آهي ته هڪ خانداني عرب پنهنجي وطن کي مجبورن خيرآباد چئي سمنڊ پار ڪري ادل (Adel) شهر ۾ اچي رهيو، جتي هن موجوده سومالي قوم جي وڏن ۾ اسلام شايع ڪيو. عيسوي 15 صديءَ ۾ 44 عربن جي هڪ جماعت اسلام ڦهلائڻ جي غرض سان حضر موت مان رواني ٿي ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري تي بره بندر تي اچي لنگر هنيو، ان بعد هي عرب سڄي سومالي ملڪ ۾ ٽڙي پکڙجي ويا. انهن عربن مان هڪڙو بزرگ شيخ ابراهيم ابوزربي (Shaykh ibrahim Abu zerbay) سنه 1430ع ڌاري هرار جي شهر ۾ آيو، جتي هن جي ڪوشش سان گهڻائي ماڻهو مسلمان ٿيا ۽ هن جي قبر جي اڃا تائين گهڻي تعظيم ڪئي ويندي آهي. بربره شهر جي نزديڪ هڪ ٽڪري آهي جا انهن عرب مبلغن جو يادگار آهي ۽ اڃا تائين بزرگن جي ٽڪري (Mounts of Saint) جي نالي سان مشهور آهي. ڇاڪاڻ ته چيو وڃي ٿو ته اهي عرب سومالي ملڪ ۾ ڦهلجڻ کان اڳ هن ٽڪريءَ تي اچي تنهائيءَ ۾ زندگي بسر ڪرڻ لڳا
آفريڪا ۾ اسلام جي تبليغي تاريخ جي مڪمل ٿيڻ ۾ اڃا هي احوال لکڻو آهي ته اسلام آفريڪا جي بلڪل ڏاکڻي حصي ۾ يعني ڪيپ ڪوسٽ ڪالونيءَ ۾ ڪيئن پکڙيو. ڪيپ ڪالونيءَ جا مسلمان ملايا جي انهن مسلمانن جو اولاد آهن، جن کي عيسوي 17 يا 18 صديءَ ۾ ڊچ پاڻ سان گڏ وٺي آيا هي مسلمان بوئر قوم جي بگڙيل ٻولي ڳالهائين ٿا، جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ عربي ۽ ڪجهه انگريزي ۽ ملايا ٻوليءَ جا لفظ گڏيل آهن. هن ٻوليءَ ۾ عربي صورتخطيءَ سان اسلامي اصولن جو هڪ ننڍڙو عجيب ڪتاب لکيو ويو، جو سنه 1788ع ۾ ترڪي تعليم کاتي جي وزير، قسطنطنيه مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪيپ ڪالونيءَ جي مسلمانن مان ڪن مسلمانن جا نالا بلڪل ڊچن جهڙا آهن ۽ گهڻن جو مهانڊو پڻ ڊچن سان مشابهت رکي ٿو. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته شايد ڪنهن وقت انهن مسلمانن جي قوم ۾ ڊچ ماڻهو شامل هئا يا گهٽ ۾ گهٽ انهن مسلمانن جي رڳن ۾ ڊچ خون پيل آهي. انهن مسلمانن هوٽنٽوٽو (Hottentoto) قوم مان پڻ گهڻن کي مسلمان بنايو. يورپي سياحن. توڙي ٻين مسلمانن ڪيپ ڪالونيءَ جي مسلمانن طرف تمام گهٽ توجهه ڪيو آهي. تازو 30 سال کن ٿيا آهن (يعني 1865ع کان پوءِ) جو ٻين ملڪن جي ڪن پرجوش مسلمانن ڪيپ ڪالونيءَ ۾ پنهنجي هم مذهب مسلمانن جي حالات معلوم ڪرڻ جي خيال سان اچڻ شروع ڪيو آهي ۽ انهن جي ڪري هاڻي ڪيپ ڪالونيءَ جي مسلمانن ۾ تعليم جو زياده چرچو شروع ٿيو آهي. هر سال انهن مان ڪيترا حج جي ارادي سان مڪه معظم وڃن ٿا، جتي انهن جي نگرانيءَ لاءِ هڪ الڳ شيخ مقرر ڪيو ويندو آهي.. هندستان جا مسلمان مزدور، جيڪي ڏکڻ آفريڪا جي هيرن جي کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اچن ٿا، تن جي متعلق چيو وڃي ٿو ته ڏاڍا سرگرم مبلغ آهن.
آفريڪا ۾ اسلام شايع ٿيڻ جو تاريخي احوال، جيڪو مٿي بيان ڪيو ويو آهي، تنهن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته هن ملڪ ۾ اسلام جي اشاعت خاص ڪري، امن امان ۽ صلح سانت جي طريقن سان ٿي آهي. جيتوڻيڪ ڪن ڪن حالتن ۾ مسلمانن پنهنجي مذهب جي ترقيءَ لاءِ تلوار هٿ ۾ کنئي، پر ائين ڏسڻ ۾ ايندو ته گهڻين حالتن ۾ جنگ و جدل ۽ خونريزي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ مسلمان مبلغ، ماڻهن کي صلح جي طريقن سان اسلام طرف راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ جنگ کٽڻ بعد به مسلمان مقرر ۽ واعظ مفتوح ملڪ ۾ ويندا هئا. انهيءَ لاءِ ته اتي غلط طريقي سان جيڪو اسلام جي اشاعت جو ڪم ٿيو آهي، تنهن کي وڃي سڌارين ۽ مڪمل ڪن. هيءَ ڳالهه به سچي پئي معلوم ٿئي ته آفريڪا جي گهڻن حصن ۾ جانباز مسلمانن کي دنيوي ڪاميابي حاصل ٿيڻ سان ۽ بت پرست قومن جي ويران جڳهين تي اسلامي رياستن قائم ٿيڻ سان اسلامي اشاعت ۾ گهڻي آساني ٿي. ان کانسواءِ ڪيترن موقعن تي بت پرستن جي پاڙ پٽڻ لاءِ باهه ۽ تلوار کي جهاد جي نالي ۾ استعمال ڪيو ويو. ڪئپٽن برٽن بورنيو جي هڪ نوجوان، عرب جي چند لفظن کي قلمبند ڪيو آهي، جنهن سان هن جي ملاقات ابوڪٽا (Abeo Kuta) جي شاهي محلات ۾ ٿي هئي ۽ هو ٻڌائي ٿو ته اهڙي تمنا نه رڳو انهيءَ هڪ عرب جي هئي، پر آفريڪا جي گهڻن ئي مسلمانن جي اها آرزو هئي. اهي چند الفاظ هي آهن: ”اهي بندوقون ۽ باروت اسان جي حوالي ڪريو ۽ اسين جلدي ئي انهن ڪتن کي مسلمان ڪنداسون.“ انهن ساڳين لفظن جو مقصد فتح تورو جي مسلمان بادشاهه عبدالقادر جي هڪ پيغام ۾ نظر اچي ٿو، جو هن پنهنجي پاڙيسري بت پرست بادشاهه ڊامل (Damel) کي موڪليو هو. منگو پارڪ اهو پيغام هن طرح نقل ڪيو آهي: ”جيڪڏهن ڊامل اسلام قبول ڪيو ته هن ڇريءَ سان عبدالقادر سندس مٿو ڪوڙيندو ۽ جيڪڏهن ڊامل اسلام قبول ڪرڻ کان نابري واري ته هن ٻيءَ ڇريءَ سان عبدالقادر ڊامل جو گلو ڪپيندو. هاڻي ڊامل کي جيڪي وڻي سوپسند ڪري.“
مطلب ته مٿي جيڪي متعصب مسلمانن جي دليريءَ جا ڪارناما بيان ڪيا ويا آهن، تن کان اسلام کي ڪيتريقدر به کڻي ترقي پهتي هجي، ليڪن سياحن ۽ ٻين ماڻهن هن حقيقت جي زبردست تصديق ڪئي آهي ته موجوده آفريڪا ۾ پرامن وعظ ۽ تبليغ ذريعي ۽ مسلمان مبلغن جي خاموش ۽ مسلسل ڪوشش ذريعي جيتريقدر جلد ۽ وسيع پيماني ۾ اسلام جي اشاعت ٿي، اوتريقدر جنگين ذريعي يا زور زبردستي اختيار ڪرڻ ڪري نه ٿي. متعصب مسلمانن ۽ جبر اختيار ڪرڻ وارن وڌ ۾ وڌ پنهنجي مخالفن جي پاڙ پٽي، ليڪن صلح پسند مبلغن صحيح معنيٰ ۾ اسلام جي اشاعت ڪئي. در حقيقت بت پرستن کي مسلمان انهن مبلغن بڻايو ۽ اڃا تائين آفريڪا جي سامونڊي ڪناري تي ۽ اندروني حصي جي گهڻن علائقن ۾ پرامن تبليغ ذريعي اشاعت جو ڪم ترقي ڪري رهيو آهي جتي جتي اسلام پهتو آهي، اتي اسلامي اصولن جي تصديق ڪرڻ لاءِ مسلمان مبلغ به ضرور ملندو. مسلمان واپاري چاهي هو عرب هجي يا آفريڪا جي فلاح ۽ ماندنگو قوم جو، جتي به واپاري ايندو، اتي پنهنجي مال جي وڪري سان گڏ اسلام جي تبليغ جو ڪم به ضرور ڪندو. هن جو پيشو اهڙيءَ ته نوعيت جو آهي جو جنهن به ماڻهوءَ کي هو مسلمان ڪرڻ چاهيندو تنهن سان هن جا گهرا ۽ وسيع تعلقات قائم ٿي وڃن ٿا ۽ ان ماڻهوءَ جي دل مان مسلمان واپاريءَ خلاف ساري بدگماني دور ٿي وڃي ٿي. تڏهن پنهنجي بار بار وضو ڪرڻ ۽ پورن وقتن تي نماز پڙهڻ سان، جنهن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته هو ڪنهن غائب هستيءَ سان ڳالهائي رهيو آهي، ڳوٺ جي ماڻهن جو توجهه پنهنجي طرف ڇڪائي ٿو. ان کانسواءِ هن کي عقل ۽ اخلاق جي لحاظ کان سڀني ۾ بلندتر سمجهيو وڃي ٿو، انهيءَ ڪري ڳوٺ جا بت پرست هن جي ڏاڍي عزت ڪن ٿا ۽ هن ۾ پورو ڀروسو رکن ٿا. خود اهو مسلمان واپاري اهي ساڳيون اعليٰ خوبيون ۽ نفعا ۽ اسلام جو علم ڳوٺ جي ماڻهن کي پهچائڻ لاءِ هر وقت تيار رهي ٿو، جڏهن مسلمان حاجي حج ادا ڪرڻ بعد مڪي شريف مان واپس اچي ٿو تڏهن اشاعتِ اسلام جو بي پناهه شوق پنهنجي سيني ۾ کڻي اچي ٿو، ۽ پوءِ انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ در در ۽ جڳهه جڳهه ٺوڪرون کائي ٿو ۽ پنهنجون سموريون قوتون صرف ڪري ٿو. بت پرستن جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ٻيا مسلمان هن جي معاشي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا. مسلمان طالب العلم جڏهن قاهره جي جامع ازهر مان اسلامي شريعت ۽ قانون جو پورو علم سکي، بت پرستن جي ڳوٺ ۾ اچي ٿو، تڏهن هن جي هڪ عالم جي حيثيت ۾ بيحد عزت ڪئي وڃي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن هي علم طبيب جي حيثيت ۾ ماڻهن جي خدمت ڪري ٿو. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن کي تعويذ ۽ قرآن شريف جون آيتون لکي ڏئي ٿو، جن کي هو چمڙي يا ڪپڙي ٽڪريءَ ۾ ويڙهي ٻانهن ۾ ٻڌندا آهن يا ڳچيءَ ۾ لٽڪائيندا آهن. انهيءَ ذريعي سان اهو عالم بت پرستن جي گهڻن ئي ماڻهن کي پنهنجو معتقد بڻائي مسلمان ڪندو آهي. مثلن بي اولاد عورتون يا اهي عورتون جن جا ٻار ننڍيءَ عمر ۾ مريو وڃن، جڏهن تعويذ ڦيڻي لاءِ مسلمان عالم کي درخواست ڪن ٿيون، تڏهن انهن کي تعويذ انهيءَ شرط تي ڏنو وڃي ٿو ته ان کان پوءِ جيڪي به ٻار پيدا ٿين تن جي تربيت مسلمانن جهڙي ٿئي. انهن مسلمان عالمن کي، جن کي مرابت (Marabuts) يا الرف (Alufas) پڻ سڏجي ٿو، تمام گهڻو معزز ۽ مبارڪ سمجهيو وڃي ٿو. مغربي آفريڪا جي ڪن قومن جي هر ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ خاص الڳ مڪان ٺهيل آهي ۽ جڏهن به ڪو عالم ڳوٺ ۾ اچي ٿو ته ان کي انهيءَ مڪان ۾ ڏاڍي عزت ۽ وقار سان رهائين ٿا. دارنو ۾ حڪومت جي عملي کان پوءِ جيڪي به اعليٰ درجي جا عهدا آهن سي علماءِ اسلام کي ڏنا وڃن ٿا. ماندنگو قوم ۾ اڃا به انهنجو اعزاز زياده ڪيو وڃي ٿو ۽ بادشاهه کان پوءِ انهن جو درجو سمجهيو وڃي ٿو. حڪومت جي ٻين سڀني اميرن ۽ سردارن کي عزت ۾ عالمن کان گهٽ سمجهيو وڃي ٿو. جن رياستن ۾ حڪومت جو سرشتو قرآني قانون مطابق هلندڙ آهي، تن رياستن ۾ علماءِ دين جي نهايت سخت ضرورت محسوس ٿيندي آهي، انهيءَ لاءِ ته هو قرآني احڪامن جو مطلب کولي سمجهائي. انهن عالمن جون جانيون ايتريقدر ته مقدس ۽ معزز سمجهيون وڃن ٿيون، جو هو اهڙن حاڪمن جي ملڪ مان بغير ڪنهن خطري جي سلامتيءَ سان لنگهيو وڃن، جي نه رڳو هڪ ٻئي ۾ دشمن آهن، پر خاص هڪ ٻئي خلاف لڙائي ۾ رڌل آهن. مسلمان عالمن جي ايتري عزت نه رڳو اسلامي ملڪن ۾ ٿئي ٿي، بلڪه بت پرستن جي ڳوٺن ۾ پڻ انهن کي ڏاڍي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته مسلمان عالم انهن ڳوٺن ۾ مدرسا کولين ٿا، جتي بت پرستن جا ٻار پڻ تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ اهي بت پرست انهن عالمن کي پنهنجن ٻارن جو استاد سمجهي انهن جي ڏاڍي تعظيم ۽ تڪريم ڪن ٿا. ان کانسواءِ هي بت پرست پنهنجي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي مٿان آفتن ۽ مصيبتن کي دور ڪرڻ لاءِ مسلمان عالمن کي پنهنجي ۽ خدا جي وچ ۾ هڪ وسيلو تصور ڪن ٿا انهن عالمن مان گهڻن پنهنجي تعليم قيروان، فاس ۽ ٽرپولي ۽ ٻين اسلام جي مرڪزي شهرن ۾ حاصل ڪئي آهي. مگر جيڪڏهن سوال ڪيو وڃي ته ڇا اسلام کي پنهنجي مشينري يا تبليغي ڪاليج به هو يا نه، ته اسان ان جو جواب هي ڏينداسون ته اها جامعه ازهر آهي، جنهن تي مشينري ڪاليج جو نالو رکڻ بلڪل مناسب ٿيندو. جامع ازهر ۾ اسلامي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان طالب العلم جمع ٿين ٿا، جنهن ۾ هميشه هڪ حصو آفريڪا جي نيگرو طالبن جو هوندو آهي. دارفر، وادائي ۽ بورنيو مان شاگرد هتي اچن ٿا ۽ ڪيترا ته اهڙا به آهن، جي علم جي شوق ۾ آفريڪا جي مغربي ڪناري جي ڇيڙي وارن ملڪن مان پاپياده اچن ٿا. هي طالب العلم جڏهن دينيات ۽ اسلامي قانون جي تعليم تڪميل ڪن ٿا، تڏهن انهن مان گهڻا اهڙا آهن، جي پنهنجي ملڪ ۾ وڃي پنهنجي وطن جي بت پرست قومن ۾ اسلام جي تبليغ ڪن ٿا. ازهر جي هن تبليغي ڪاليج ۾ طلبائن جو تعداد روز بروز وڌندڙ آهي. جڏهن ڊاڪٽر ڊولنگر Dr. Dollinger سنه 1838ع ۾ قاهره جو سير ڪيو، جڏهن جامع ازهر ۾ شاگردن جو تعداد فقط 500 کن هو. پر ان وقت کان وٺي آهستي آهستي تعداد ۾ ترقي ٿيندي وئي ۽ سنه 1884ع جامع ازهر جي رجسٽر ۾ ٻارنهن هزار پنجويهه (12025) شاگرد ڄاڻايل هئا هي مبلغ جامع ازهر مان فارغ ٿيڻ بعد جن جن شهرن ۾ وڃن ٿا، اتي مدرسا جاري ڪن ٿا، جن ۾ نه رڳو مسلمانن جا ٻار تعليم حاصل ڪن ٿا، پر بت پرستن جا ٻار به ڪثرت سان داخل ٿين ٿا. انهن سڀني کي قرآن شريف پڙهڻ سيکاريو وڃي ٿو ۽ اسلامي اصولن ۽ ارڪانن جي تعليم ڏني وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح هي مسلمان مبلغ جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ پنهنجا پير کوڙي وڃي ٿو، تڏهن پنهنجي اعليٰ تعليم ۽ قابليت جي ڪري، ڳوٺن جي ماڻهن ۾ پنهنجو ڏاڍو اثر قائم ڪري ٿو. هن کي اڃا به وڌيڪ آسانيءَ انهيءَ ڪري ٿئي ٿي جو هن جون عادتون ۽ رهڻ سهڻ جو طور طريقو گهڻي ڀاڱي ڳوٺ جي ماڻهن سان مشابهت رکندڙ آهي. ڳوٺن جا بت پرست هن کي ڪنهن به شڪ جي نگاهه سان نٿا ڏسن، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ مسلمان تاجر انهن ڳوٺن ۾ ڪثرت سان اچي ميدان هموار ڪري ويا آهن. ان کانسواءِ مسلمانن جون ڳوٺن جي عورتن سان شاديون ٿيل آهن، انهيءَ ڪري ئي اهڙيءَ سوسائٽيءَ ۾ هڪ مسلمان مبلغ جو پهچڻ بت پرستن تي زياده زبردست ۽ دائمي اثر پيدا ڪري ٿو. ان بعد هو طبعي طريقي سان آهستي آهستي انهن ۾ به اسلام جو علم ڦهلائي ٿو. بت پرستن جي ڪنهن به ڳوٺ ۾ مسلمانن جي واپار جي وڏن وڏن مرڪزي شهرن جهڙوڪ سيگو ۽ ڪانو سان تعلقات قائم ٿي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح مسلمانن جي اچڻ ڪري، انهن کي نه رڳو اسلامي تهذيب ۽ تمدن جي خوبين ۽ اعليٰ فائدن مان هڪ حصو ملي ٿو، مگر ان سان گڏ انهن کي اسلام جي دولت به نصيب ٿئي ٿي. سر بارٽل فريئر لکي ٿو ته، ”آفريڪا جي غير مهذب نيگرو قوم ۾ جڏهن مسلمان پهچي ٿو، تڏهن هن کي هميشه خاطري هوندي آهي ته هن جي ڳالهه ٻڌي ويندي. ڇاڪاڻ ته هو انهن کي رڳو خدا ۽ انسان جي حقيقت کان، جي انهن جي دلين ۾ گهر ڪري وڃن ٿيون ۽ انهن جي عقل کي بلند ڪن ٿيون، آگاهه نٿو ڪري، بلڪه انهن کي هڪ اهڙي معاشرتي ۽ سياسي جماعت ۾ شرڪت ڪرڻ جو رستو ڏيکاري ٿو، جا حفاظت، حمايت ۽ معاونت لاءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ کان وٺي چين جي ڀت تائين هڪ قسم جو راهداري پروانو آهي. جتي به مسلمانن جو گهر هوندو، اتي ليگرو نئو مسلم کي رهڻ لاءِ جڳهه، کاڌو پيتو ۽ صلاح مشورو يقينن ملي سگهندو. هو ڏسي ٿو ته اسلام قبول ڪرڻ سان خود پنهنجي ئي ملڪ ۾ يڪدم اهڙي قوم جو ميمبر ٿي وڃي ٿو جا جيڪڏهن حڪمران قوم نه آهي تڏهن به نهايت اثر واري آهي. بهرحال هن ئي ڳالهه ۾ مغربي آفريڪا ۾ مسلمان مبلغ جي ڪاميابيءَ جو راز پوشيده آهي. تعداد جي لحاظ کان هن ملڪ ۾ اسلام تمام گهڻي ۽ جلد ترقي ڪئي آهي. انهيءَ جو هڪ آسان سبب هي آهي جو جڏهن به ڪو بت پرست اسلام قبول ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪري ٿو، تڏهن مسلمان مبلغ عملي طرح اهڙن اصولن جي پابندي ڪري ٿو، جي خدا تعاليٰ سڀني مومن جي مساوات ۽ اخوت لاءِ مقرر فرمايا آهن.
هي اصول جهڙا اسلام ۾ آهن، تهڙا عيسائي مذهب ۾، ليڪن مسلمان مبلغ عيسائي مبلع جي مقابلي ۾ انهن اصولن تي وڌيڪ تڪڙو ۽ پختيءَ طرح عمل ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته عيسائي مبلغ لاءِ ضروري آهي ته مسيحي دين قبول ڪرڻ واري کي هو پنهنجي جماعت جو فرد تسليم ڪرڻ کان اڳ هن جي دل جي چڱيءَ طرح جاچ وٺي ته هن سچيءَ نيت سان مذهب قبول ڪيو آهي يا نه. انهيءَ کانسواءِ عيسائي مبلغ هميشه قومي فرق جو لحاظ رکي ٿو، ۽ اهو فرق هڪ اهڙي نسل مان دور ٿي نه ٿو سگهي جنهن ۾ جڳن کان وٺي ائين هلندو ٿو اچي ته سفيد رنگ جو عيسائي آقا هوندو ۽ ڪاري رنگ جو بت پرست غلام
هيءَ ڳالهه لکڻ نهايت ضروري آهي ته آفريڪا جي نيگرو مسلمان جو رنگ يا هن جي قوميت، هن کي ٻين مسلمانن جي نظر ۾ ڪيرائي نٿي سگهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته نيگرو قومن ۾ اسلام جي ايتريقدر جلد ۽ زياده ترقيءَ جو سبب هي آهي ته مسلمان انهن کي ڪڏهن به پاڻ کان ڪم تر ۽ ذليل نٿا سمجهن ۽ انهن ڪڏهن به نيگرن کي نفرت جي نگاهه سان نه ڏٺو آهي، جهڙيءَ طرح بدقسمتيءَ سان اڪثر عيسائي ڪندا آهن. مسلمانن جي روايت مطابق حضرت موسيٰ عليہ السلام خود ڪاري رنگ جا هئا، جهڙيءَ طرح قرآن شريف جي هيٺين آيتن مان معلوم ٿيندو:
”(اي موسيٰ) تون پنهنجو هٿ پنهنجي بغل سان ملاءِ ته بي عيب اڇو ٿي نڪري- هيءَ ٻي نشاني آهي. (سوه 20-آيت 22) ”۽ پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيائين ته اوچتو ئي اوچتو ڏسندڙن کي سفيد نظر آيو. فرعون جي قوم جي سردارن چيو ته: ”پڪ سان هي ڪو وڏو تجربيڪار جادوگر آهي.“) (سوره 7-آيت: 108 ۽ 109).
عباسيه خاندان جي سونهري دور جو هڪ دلچسپ قصو اسان جي هٿ، آيو آهي، جو هن حقيقت تي پڻ روشني وجهي ٿو ته، مسلمانن جو آفريڪا جي حبشين سان ڪيتريقدر سٺو سلوڪ هوندو هو. خليفي هارون الرشيد جي ڀاءُ ابراهيم، جنهن جي ماءُ حبشياڻي هئي، خليفي مامون الرشيد جي ڏينهن ۾ (سنه 819ع) بغداد ۾ پنهنجي خليفي هجڻ جي دعويٰ ڪئي. مامون الرشيد هن کي شڪست ڏني ۽ کيس سندس قصور معاف ڪيو. ابراهيم مامون الرشيد سان پنهنجي ملاقات جو احوال هن طرح بيان ڪيو آهي: ”جڏهن آئون معافي ملڻ بعد خليفي مامون الرشيد جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، تڏهن هن مون کي ڏسي چيو ته، ”ڇا حبشي خليفو تون آهين؟“ انهيءَ تي مون جواب ڏنو: ”امير المومنين! آئون اهو آهيان جنهن کي اوهان سندس قصور معاف ڪيو آهي.“ قبيلي بنو الحسحاص جي غلام سچ چيو آهي ته :”جڏهن ماڻهو پاڻهين پاڻ کي پڏائڻ شروع ڪري ٿو، تڏهن حسحاس جي غلامن جا شعر هن جي نسلي توڙي تقديري خامين کي ظاهر ڪن ٿا. آئون جيتوڻيڪ غلام آهيان، ليڪن منهنجو روح شرافت ڪري آزاد آهي، منهنجو جسم جيتوڻيڪ ڪارو آهي، ليڪن منهنجو اندر روشن آهي.“ المامون هي جواب ڏنو: ”چاچا صاحب! ڇا منهنجي خوش مزاجيءَ اوهان کي چيڙائي وڌو؟“ ان کان پوءِ مامون ڪجهه شعر پڙهيا. جن جو مطلب هي آهي:” ڪاري چمڙي صاف دل ماڻهوءَ جي درجي کي نه ٿي گهٽائي ۽ نه عقلمند آدميءَ جي عقل کي.پوءِ ڀلي ته تنهنجو جسم ڪارو هجي ۽ تو جهڙو روشن ۽ سچو ضمير منهنجو هجي.“
بهرحال، آفريڪا جو هڪ حبشي اسلام قبول ڪرڻ سان مسلمانن جي برادريءَ ۾ اهو ساڳيو مقام حاصل ڪري ٿو جو سڀني مسلمانن کي ميسر آهي. هن جو رنگ يا هن جو حسب نسب يا هن جا اسلام کان اڳ جا تعلقات سندس ترقيءَ جي رستي ۾ حائل ٿي نٿا سگهن. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته آفريڪا جا بت پرست، جنهن به وقت پنهنجي اسلام جو اظهار ڪن ٿا، تنهن وقت فورن انهن کي مسلمانن جي جماعت ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو ۽ هو خود بخود اهڙيءَ مذهبي سوسائٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ پسند ڪن ٿا، جنهن جي اعليٰ تهذيب انهن کان سندن قديم جهنگلي عادتون ۽ رسمون ڇڏائڻ گهري ٿي. ساڳئي وقت هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته، اسلام قبول ڪرڻ سان نيگرو قوم تهذيب و تمدن ۾، ۽ ذهني، اخلاقي ۽ دنيوي ترقيءَ ۾، هڪ قدم اڳتي وڌي ٿي ۽ اها ترقي اسلام جي ڪاميابيءَ جي سمجهائڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڏئي ٿي. اسلام ۾ ايتريقدر ته قوت ۽ طاقت آهي جو جنهن به وقت هو وحشانيت، جهالت ۽ باطل عقيدن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪمرڪشي ٿو، انهيءَ وقت اهي خرابيون اسلام جو ڪجهه دير تائين مقابلو ڪري نٿيون سگهن. آفريڪا جي مسلمانن جي تهذيب، نيگرو نئو مسلمن کي ڪيتريقدر متاثر ڪيو تنهن جو احوال نهايت سهڻن لفظن ۾ هن طرح کولي بيان ڪيو ويو آهي:
”ڪنهن وقت سڄي آفريڪا مٿان بدترين خرابين جهڙوڪ: آدمخوري، انسانن جي قرباني ۽ ٻارن کي زندهه زمين ۾ دفن ڪرڻ وغيره جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. آفريڪا جي گهڻن حصن ۾، جي گولڊ ڪوسٽ ۽ اسان جي پنهنجي (يعني انگريزن جي) بيٺڪن کان پري نه آهن، اڃا تائين اهي خرابيون موجود آهن. ليڪن اسلام انهن خرابين کي هڪدم ۽ هميشه لاءِ مٽائي ڇڏي ٿو. اهي قومون، جي هن کان اڳ بلڪل اگهاڙيون يا ڪجهه قدر اگهاڙيون رهنديون آيون آهن، تن قومن هاڻي صاف ۽ پاڪ ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا آهن. اهي قومون جن ڪڏهن به پنهنجو هٿ منهن نه ڌوتو، سي هاڻي بار بار پنهنجو بدن ۽ هٿ منهن ڌوئڻ لڳيون آهن، ڇاڪاڻ ته اسلامي شريعت مطابق وضو ڪرڻ انهن تي واجب ڪيو ويو آهي. هن کان اڳ هر هڪ قبيلي جو پنهنجو ملڪي نظام هو. پر هاڻي مختلف قبيلا متحد ٿي قومن ۾ تبديل ٿيا آهن ۽ قومون وري پنهنجي طاقت ۽ قابليت جي وڌڻ سان سلطنت ۾ تبديل ٿيون آهن. اهڙا گهڻائي مثال گذريل ڪجهه سئو سالن اندر سوڊان ۽ ان جي ڀروارن ملڪن جي تاريخ ۾ ملي سگهندا. جنگي نظام اڳئين کان گهڻو سڌريل آهي. لڙاين جي روڪڻ لاءِ قانون مقرر ٿيل آهن. هاڻي معمولي معمولي ڳالهه تي دنگو فساد نٿو ٿئي. ڦرمار جا واقعا گهٽ آهن. مال ۽ جان جي سلامتي اڳئين کان وڌيڪ آهي. ملڪ ۾ ابتدائي تعليم واسطي اهڙا مدرسا گهڻا آهن جن جو هڪ سئو سال اڳ منگو پارڪ پنهنجي سفرنامي ۾ ذڪر ڪيو آهي. جيتوڻيڪ انهن مدرسن ۾ فقط قرآن شريف پڙهڻ جي تعليم ڏني وڃي ٿي، تنهن هوندي به انهن جو گهڻو ڪجهه قدر آهي ۽ اڳتي هلي زياده ترقيءَ جو باعث بڻبا. هر هڪ ڳوٺ ۾ هڪ شاندار ۽ صاف مسجد ٺهيل آهي. جنهن ۾ روزانو مئوذن پنج دفعا ٻانگ ڏيئي، مسلمانن کي نماز لاءِ سڏي ٿو. مسجدن جو رخ مڪه معظم طرف آهي ۽ انهن ۾ باقاعده امام ۽ جمع جي ڏينهن خطبي جو انتظام ٿيل آهي. هاڻي ڳوٺ جي ماڻهن جي ملڻ جو مرڪز، انهيءَ ڀيانڪ گهر بجاءِ، جنهن ۾ جنن ۽ ڀوتن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي ۽ جنهن کي جُو جوءَ جو گهر (Ju-Ju-House) سڏيندا هئا. اها صاف ۽ عمدي مسجد آهي. انهن ماڻهن لاءِ هڪ الله تعاليٰ وحده لاشريڪ لہ جي عبادت جو قادر مطلق، دانا بينا ۽ نهايت رحم وارو آهي، هڪ اهڙي مفيد ڳالهه آهي جا انهن هن کان اڳ ڪڏهن به نه سکي هئي. عربي زبان، جنهن ۾ مسلمانن جا مقدس مذهبي ڪتاب لکيل آهن، حد کان وڌيڪ وسيع ۽ عمدي آهي، هڪ دفعو رائج ٿيڻ کان پوءِ سڄي اڌ آفريڪا جي ”بين الاقوامي زبان (Linuga Franch) بڻجي پوي ٿي. عربي زبان علم ادب جي تمهيد يا خود علم ادب آهي. اسلام کان اڳ عربن جي خودمختيار سردارن کي جيئن وڻندو هو تيئن حڪومت هلائيندا هئا، مگر اسلام کان پوءِ عربي زبان انهن کي هڪ باقاعدي منظم دستور مهيا ڪري ڏنو آهي ۽ هيءَ هڪ اهڙي تبديلي آهي جا خود انهن جي تهذيب ۽ تمدن ۾ بي انتها ترقيءَ جو باعث بڻي آهي. هاڻي آفريڪا ۾ صنعت ۽ تجارت گهڻو زور ورتو آهي ۽قديم زماني وانگر گونگو واپار نٿو هلي، يا اصلوڪي شين جي مٽا سٽا وارو طريقو، جو هيرو ڊوٽس (Hero dotus) جي زماني کان وٺي رائج هو، موجوده وقت جي واپار ۾ نظر نٿو اچي. ڪوڏين، باروت، تماڪ ۽ شراب، اهي شيون جي اڃا تائين سامونڊي ڪناري جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ واپاري مٽا سٽا جو مکيه ذريعو آهن، هاڻي تجارت جي ميدان مان نڪري ويون آهن ۽ انهن جي جڳهه صنعت، جنهن ۾ ڪافي مهارت جي ضرورت آهي، ۽ منظم واپار اچي والاري آهي، مسلمانن جي وسيع تجارت، اعليٰ صنعت ۽ منظم حڪومت جي اثر ڪري آفريڪا ۾ ايڏا وڏا وڏا شهر قائم ٿي ويا آهن. جو جڏهن يورپي سياحن انهن جو پهريائين ذڪر ڪيو ته خود يورپ جي ماڻهن کي ان بيان تي پورو يقين نه آيو.“
آئون ڪڏهن به هيئن نه ٿو چوان ته هن سڄيءَ ترقيءَ ۽ بهبوديءَ جو ڪارڻ صرف مذهب ئي آهي، بلڪه منهنجو چوڻ آهي ته مذهب سان گڏ ترقي لازمي آهي ۽ مذهب ئي ترقيءَ کي زور وٺائي ٿو. آب و هوا، موسمي حالتن ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين ڪري ترقي ٿئي ٿي. پر ڇا بت پرست آفريڪا به، جتي پڻ ساڳيون ئي حالتون ۽ اسباب موجود هئا، اهڙي ترقي ڪئي، جهڙي آفريڪا جي ٻين حصن ۾ اسلام جي ڪري ئي ظاهر ٿي؟
”سڀني هن ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي ته شخصي طرح اسلام نيگرو نئو مسلمن کي همت ۽ حشمت، خود اعتمادي ۽ خودداريءَ جي اهڙي ته دولت عطا ڪئي آهي، جا انهن جي هم وطن ۽ بت پرست قومن يا عيسائين ۾ مشڪل سان ملندي.“