ديباچو (مصنف جو)
هن ڪتاب ۾ جنهن تاريخ کي قلمبند ڪيو ويو آهي، تنهن جي ڪنهن به دور جو نه مان خاص ڄاڻو آهيان ۽ نه وري پنهنجي مستند مورخ هجڻ جي دعويٰ ڪريان ٿو. ازانسواءِ هن ڪتاب ۾ جيڪي واقعا بيان ڪيا ويا آهن، تن مان گهڻا اهڙا آهن، جن تي اڳيئي ڪافي بحث ٿي چڪو آهي. انهيءَ ڪري جن جن ڪتابن تان اهي واقعا ورتا ويا آهن، تن جو پوريءَ طرح حوالو ڏنو ويو آهي هن سلسلي ۾ مون خيال ڪيو ته انهن حوالن کي گهٽ تفصيل سان بيان ڪرڻ بدران بهتر آهي ته انهن کي زياده تفصيل سان بيان ڪرڻ جي غلطي ڪئي وڃي. مون پڻ اهڙن ڪتابن ڳولڻ ۾ ڪافي زحمت برداشت ڪئي آهي ۽ پنهنجو گهڻو ئي وقت برباد ڪيو اٿم، جن جا حوالا غير واضح ۽ غير معقول نموني ۾ ڏنل هئا. اهو ئي سبب آهي جو مان چاهيان ٿو ته زياده تفصيل سان حوالا بيان ڪري، ٻين کي سا ڳئي قسم جي تڪليف کان بچايان. ممڪن آهي ته عام طرح ڪتابن جي پڙهڻ وارو مون تي هي الزام لڳائي ته مون زياده حوالن ڏيڻ سان پنهنجي علم جو ڏيکاءُ ڪيو آهي، پر منهنجو هي مقصد آهي ته جڏهن اتفاق سان ڪو خاص اهل علم ڪتاب جي ڪنهن بيان جي تصديق ڪرڻ چاهي يا ڪتاب جي ڪنهن مضمون جو مزيد تفصيل سان مطالعو ڪرڻ گهري ته هن کي اصلي ڪتاب ڳولڻ ۾ تڪليف نه ٿئي.
هن ڪتاب ۾ عربي عبارتن جو ترجمو انهيءَ اصول تحت ڪيو ويو آهي، جيڪو ”مشرقي عالمن جي ڏهين ڪانفرنس ۾ ترجمن لاءِ مقرر ٿيل ڪاميٽي“بحال ڪيو. هيءَ ڪانفرنس سنه 1894ع ۾ جينيوا ۾ سڏائي ويئي هئي. صرف هن ڳالهه ۾ انهيءَ اصول سان اختلاف ڪيو ويو آهي ته جملي جي پڇاڙيءَ وارو حرف شمسي حروف (Solar Letters) سان ملايو ويو آهي. جاگرافيءَ جي نالن سان هي اصول ايتريقدر پابنديءَ سان نه لڳايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته مون کي گهڻن ئي نالن جا اصلوڪا عربي نالا دستياب ٿي نه سگهيا.
جهڙيءَ طرح ڪتاب جي مقدمه ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته هيءُ ڪم مسلمانن جي ظلم ۽ ستم جي تاريخ نه آهي، بلڪه انهن جي تبليغي سرگرمين جي سرگشت آهي مان هن ڪتاب لکڻ ۾ ڪوشش ڪري غير جانبدار رهيو آهيان ۽ انهن عيسائي مورخن جي اصول جي پيروي ڪئي اٿم، جن عثمانيه ترڪن جي فتوحات ۽ عيسائين جي هٿن مان قسطنطنيه جي نڪري وڃڻ جو احوال بيان ڪيو آهي.
آءٌ هز ايڪسيلينس پرنسيس باربيريني (Princes Barberini) هز ايڪسيلينسي پرنس ڪيجي (Prince Chigi) الہ آباد جي بشپ موسٽ ريورنڊ فرئنسز پيسي (Francis Pesci)، ڪئمبرج مشن دهليءَجي ريورنڊ ايس ايس آلنت (S.S Allnutt) ۽ ڊاڪٽر وليم جي لئبرريءَ گارڊن اسڪيئر لنڊن جي متولين جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو، جن نهايت فراخدليءَ سان پنهنجن لئبررين جي ڪتابن استعمال ڪرڻ جي اختياري ڏني.
آءٌ خاص ڪري بنگال سرڪار جي سابق ديواني آفيسر جيمس ڪينيڊي (James Kennedy) جو مرهون منت آهيان، جنهن هن ڪتاب کان ڪڏهن به پنهنجو توجهه نه هٽايو. مون کي هن وٽان گهڻي ئي معلومات حاصل ٿي آهي، جنهن جي جيڪر مون کي ڪجهه به خبر نه پوي ها. ازانسواءِ هن جي والهانه علمي شوق ۽ سندس ڪارآمد همدرديءَ کي ڪنهن به حالت ۾ وساري نٿو سگهجي. مان ڪونتي اگو بلزاني (Conte Ugo Balzani) جي مهربانين جو ممنون آهيان، جنهن جي مدد کان سواءِ هن ڪتاب جا ڪي حصا مڪمل ٿي نه سگهن ها. سابق پروفيسر رابرٽ سن سمٿ (Robertson Smith) جو به نهايت شڪر گذار آهيان جو پاڻ هن ڏس ۾ پنهنجو هي قيمتي مشورو ڏنائون ته اتر آفريڪا جي ڪليسائي تاريخ ۽ اسلامي حڪومت اندر عيسائين جي حالت جو ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح مطالعو ڪيو وڃي. فاضل پروفيسر جي موت جو سامي عالمن ۽ اديبن (Semetic Scholars) کي سخت صدمو پهتوآهي ۽ مون کي پڻ سندس خيال هر وقت ستائي رهيو آهي. صاحبِ موصوف مون کي جيڪا کليءَ دل سان مدد ڪئي آهي ۽ جنهن طرح منهنجي همت افزائي ڪئي آهي، تنهن جو مان وڏي فخر سان اعتراف ڪريان ٿو.
مان مرحوم سر سيد احمد خان بهادر، ڪي سي ايس آءِ، ايل ايل، ڊي، جي محنت ۽ مهربانين جو پڻ شڪريو ادا ڪريان ٿو، منهنجي محترم فاضل دوست ۽ رفيق شمس العلماء مولوي محمد شبلي نعمانيءَ پنهنجي قديم اسلامي تاريخ جي اکٽ علمي ذخيري مان منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي ۽ مان سندس انهي احسان کي وساري نٿو سگهان. مان پنهنجي سابق سعادتمند شاگرد مولوي بهادر علي ايم اي، جي مدد جو پڻ دل جان سان اعتراف ڪريان ٿو ۽ سندس شڪريو ادا ڪريان ٿو.
آخر ۾ سڀني کان زياده مون کي پنهنجي پياريءَ زال جو ضرور شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن جي همت افزائيءَ ۽ دلجوئيءَ سان ئي هڪ منتشر ۽ بي ترتيب مواد ڪتاب جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي. سندس همدردي ۽ هن ڪتاب کي پسند ڪرڻ آءٌ پنهنجي محنت جو بهترين اجورو سمجهان ٿو.
________________
سلسليءَ ۾ اسلام جي اشاعت ۽ ٻين به بيشمار مسلمان بزرگن جون تبليغي سرگرميون
Transliteration Committee of Tenth International Congress of Orienta lists
اهو ئي سبب آهي، جو هن ڪتاب ۾ آرمينيا ۽ ڪريٽ جي تازيءَ تاريخ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي ۽ نه وري موجوده صديءَ ۾ ترڪي سلطنت جي ڪنهن حصي جو حوالو ڏنو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو عرصو انهن ملڪن جي تبليغي جدوجهد کان بلڪل خالي رهيو آهي.
فرنزس (Phrantzes)، ص،5