باب ٻارهون : ملايا آرڪيپيليگو يعني ايشيا جي ڏکڻ اڀرندي وارن ٻيٽن جي ميڙ ۾ اسلام جي اشاعت
ملايا آرڪيپيليگو ۾ اسلام پهريائين ڪڏهن داخل ٿيو، ان جي صحيح تاريخ مقرر ڪرڻ محال آهي. پر انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هجري سنه جي اوائلي صدين ۾ يعني انهيءَ وقت کان گهڻو اڳ جنهن وقت کان اسان کي اسلام جي اثر جو ڪجهه تاريخي احوال ملي ٿو، عرب واپارين هنن ٻيٽن ۾ ضرور اسلام جي اشاعت جو ڪم ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ ته اسان کي معلوم آهي ته گهڻي وقت کان وٺي عربن جو مشرقي ملڪن سان زبردست واپار هلندڙ هو. عيسوي سن کان به ٻه سئو سال اڳ سلون جو سڄو واپار عربن جي هٿ ۾ هو. عيسوي ستين صديءَ جي شرعات ۾ چين جو سلون رستي عربن سان واپار ايتريقدر ته وڌي ويو جو عيسوي اٺين صديءَ جي وچ ڌاري عرب سوداگرن جو هڪ وڏو تعداد ڪئنٽن (Canton) ۾ نظر اچڻ لڳو. عيسوي ڏهين صديءَ کان وٺي عيسوي پندرهين صديءَ تائين يعني پورچو گيزن جي پيرن پائڻ کان اڳ، عرب سڄي اڀرندي جي واپار جا اڻ پڇيا مالڪ هئا. انهيءَ ڪري اسان وڌيڪ خاطريءَ سان هي انومان ڪڍي سگهون ٿا ته عربن ملايا آرڪيپيليگو جي ڪن ٻيٽن ۾ پڻ گهڻو آڳاٽو واپاري بيٺڪون قائم ڪيون هونديون، جهڙيءَ طرح هو ٻين هنڌن تي ڪندا هئا. جيتوڻيڪ عرب جاگرافي نويسن پنهنجن ڪتابن ۾ عيسوي نائين صديءَ کان اڳ ملايا جي ڪنهن به ٻيٽ جو ذڪر نه ڪيو آهي تنهن هوندي به چين جي تاريخن ۾ سنه 674ع جي واقعن اندر هڪ عرب امير جو بيان اچي ٿو، جنهن جي باري ۾ بعد جي حالات مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو سوماترا ٻيٽ جي مغربي ڪناري تي ڪنهن عرب آباديءَ جو امير هو
ملايا آرڪيپيليگو ۾ اسلامي دينيات جي اصولن ۾ ڪي خاص ڳالهيون نظر اچن ٿيون، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڏکڻ هندستان کان پڻ ڪجهه اسلام جا مبلغ هنن ٻيٽن ۾ پهتا هوندا ملايا آرڪيپيليگو جا گهڻا مسلمان شافعي مذهب رکندڙ آهن ۽ هي مذهب اڄ ڏينهن سوڌو هندستان جي ڪرومنڊل ۽ ملبار ڪناري تي اهڙيءَ طرح ئي ٻين مذهبن تي غالب آهي جهڙيءَ طرح ابن بطوطه عيسوي چوڏهين صديءَ جي وچ ڌاري هندستان جي هن ڀاڱي جو سير ڪندي ڏٺو جڏهن اسين خيال ڪريون ٿا ته ملايا آرڪيپيليگو جي آسپاس وارن ملڪن ۾ مسلمان حنفي مذهب جا آهن، تڏهن اسان کي لازمي طرح هي فرض ڪرڻو پوي ٿو ته ملبار ڪناري تي رهندڙ مسلمانن ئي انهن ٻيٽن ۾ شافعي مذهب جي تعليم ڦهلائي هوندي. ملبار ڪناري جي بندرن تي جاوا، چين ۽ ايران کان واپاري ڪثرت سان ايندا هئا. هندستان يا ايران کان شيعه مذهب پڻ انهن ٻيٽن ۾ پهتو هوندو. ڇاڪاڻ ته جاوا ۽ سوماترا ۾ اڃا تائين شيعه مذهب جا آثار موجود آهن. ابن بطوطه جي سفرنامن مان معلوم ٿئي ٿو ته سمودرا جي مسلمان سلطان دهليءَجي سلطنت سان دوستانه ناتا قائم ڪيا ۽ سلطان جن ٻن مشهور فقيهن تي زياده مهربان هو، سي ٻئي ايراني نسل جا هئا ۽ انهن مان هڪڙو شيراز کان ۽ ٻيو اصفهان کان آيل هو مگر انهيءَ وقت کان گهڻو اڳ دکن جا واپاري جن جي ذريعي هندستان جي اسلامي رياستن ۽ ملايا آرڪيپيليگو جي وچ ۾ واپار هلندڙ هو، انهن ٻيٽن جي مشهور بندرگاهن تي ڪثرت سان اچي آباد ٿيا، جتي انهن اسلام جو ٻج پوکيو مطلب ته اهو عرب ۽ هندستان جي مسلمان تاجرن جي تبليغي ڪوششن جو نتيجو آهي جو اڄ ملايا آرڪيپيليگو ۾ مقامي مسلمانن جون آباديون ڪثرت سان نظر اچن ٿيون، جن جو ٿورو ذڪر اسان کي آڳاٽي زماني جي اسلامي تاريخن ۾ پڻ ملندو. هي عرب ۽ هندستاني واپاري ملايا آرڪيپيليگو مکيه مرڪزي شهرن ۾ آباد ٿي، مقامي عورتن سان شاديون ڪرڻ لڳا ۽ بعد ۾ انهن غير مسلم عورتن ۽ سندن خانگي غلامن اسلام قبول ڪري هتي هڪ اهڙيءَ مسلمان قوم جو بنياد وڌو، جنهن جي فردن پنهنجي قوم جي تعداد وڌائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. فلپائن جي ٻيٽن ۾ مسلمان واپارين اسلام جي اشاعت لاءِ جيڪي ذريعا اختيار ڪيا، تن جو بيان هيٺ ڏجي ٿو ۽ انهن مان معلوم ٿيندو ته گذريل زماني جي مسلمان واپارين پڻ بيشڪ ساڳيا طريقا استعمال ڪيا هوندا:
”فلپائن ٻيٽن ۾ چڱيءَ طرح اسلام پکيڙڻ لاءِ، مسلمانن اتي جي زبان سکي ۽ مقامي ماڻهن جون گهڻيون ريتون رسمون اختيار ڪيون. انهن مقامي عورتن سان شاديون ڪيون ۽ غلام خريد ڪيا، انهيءَ لاءِ ته انهن جي اهميت ۽ قدر و قيمت زياده ٿئي ۽ انهن جو نالو ملڪ جي مشهور اميرن جي قطار ۾ شمار ڪيو وڃي. جيئن ته مقامي ماڻهن جي مقابلي ۾ مسلمانن جو پاڻ ۾ گهڻو اتفاق هو ۽ انهن ۾ لياقت ۽ قابليت گهڻي هئي. انهيءَ ڪري مسلمانن جي طاقت رفته رفته وڌندي وئي، جڏهن انهن وٽ غلامن جو ڪافي تعداد گڏ ٿيو، تڏهن انهن پاڻ ۾ ملي هڪ الڳ جماعت بڻائي ۽ هڪ قسم جي بادشاهت قائم ڪئي ۽ ان جو سلسلو هڪ ئي خاندان ۾ موروثي مقرر ڪيو، جيتوڻيڪ الڳ بادشاهت قائم ڪرڻ سان مسلمانن جي طاقت ۾ گهڻو اضافو ٿيو، تنهن هوندي به انهن ملڪ جي اصلي اميرن ۽ نوابن سان نه ڦٽايو. انهن سان دوستانه تعلقات قائم ڪيا ۽ پنهنجي حلقي ۾ به اهڙن طبقن جي ماڻهن کي آزادي ڏني، جن جي مدد ۽ تعاون جي انهن کي سخت ضرورت هئي.
اهڙيءَ طرح ملايا آرڪيپيليگو ۾ مختلف هنڌن تي مسلمانن جون بستيون قائم ٿيون ۽ انهن اسلام جي اشاعت لاءِ سياسي ۽ معاشرتي نظام قائم ڪيو. مسلمان هنن ٻيٽن ۾ فاتح بڻجي نه آيا هئا. جهڙيءَ طرح عيسوي سورهين صديءَ ۾ اسپين جا عيسائي آيا هئا. انهن اتي جي ماڻهن کي مسلمان ڪرڻ ۾ عيسائين وانگر تلوار استعمال نه ڪئي ۽ نه انهن هيءَ دعويٰ ڪئي ته هو ڪنهن زبردست قوم مان آهن، جنهن ڪري کين سڀئي اعليٰ حقوق حاصل آهن. انهن ملڪ جي اصلي باشندن کي پاڻ کان ڪمتر ۽ ذليل نه سمجهيو ۽ نه انهن تي ظلم ڪيا. مسلمان هتي رڳو واپاري حيثيت سان آيا هئا ۽ انهن پنهنجي تمام اعليٰ قابليت ۽ تهذيب کي مذهب جي ڦهلائڻ ۾ خرچ ڪيو ۽ نه پنهنجي شخصي اقتدار قائم ڪرڻ يا دولت جمع ڪرڻ ۾ اشاعت اسلام جي هن عام بيان بعد هاڻي اسين هر هڪ ٻيٽ جو نمبر وار تفصيلي احوال ڏيون ٿا ته ڪيئن اتي مسلمان مبلغن جي ڪوششن سان اسلام ڦهليو.
سوماترا
ملايا آرڪيپيليگو ۾ عربستان کي ويجهي ۾ ويجهي اها جڳهه جتي لازمي طرح اميد رکي سگهجي ٿي ته اسلام جا آثار پهريائين نظر آيا هوندا، سا سوماترا جو اتريون ڪنارو آهي. ملايا جي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته پهريائين عيسوي ٻارهين صديءَ جي وچ ڌاري هڪ عرب مبلغ شيخ عبدالله عارف، اتجيه (Atjih) شهر ۾ اشاعت اسلام جو آغاز ڪيو. اتجيه بلڪل سمنڊ اندر سوماترا جي اتر اولهه ڪناري تي آهي. شيخ عبدالله جي تبليغي تحريڪ ايتريقدر ته زور ورتو جو سنه 1177ع ڌاري شيخ جو هڪ مريد برهان الدين اسلام جو پيغام، هيٺ مغربي ڪناري تي پريامن (Priaman) تائين کڻي ويو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ٻين به گهڻن ئي مسلمان مبلغن هن ڀاڱي ۾ اسلام ڦهلائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون هونديون. ليڪن افسوس آهي ته جو، هڪ شخص جهان شاهه کان علاوه ٻئي ڪنهن جو به تاريخي احوال اسان تائين نه پهتو آهي. جهان شاهه متعلق معلوم ٿئي ٿو ته هو اتجيه جي اسلامي سلطنت جو باني هو ۽ چيو وڃي ٿو ته هو مغربي ملڪن مان سوماترا جي سامونڊي ڪناري تي تبليغ اسلام جي غرض سان آيو هو. هن ايندي شرط گهڻن ئي ماڻهن کي مسلمان ڪيو ۽ اتي جي هڪ عورت سان شادي ڪئي. سوماترا جي ماڻهن هن کي پنهنجو بادشاهه تسليم ڪيو ۽ هن کي اڌ عربي ۽ اڌ سنسڪرتي يعني (سري پادڪا سلطان“ (Sripaduka Sultan) جو خطاب ڏنو
ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جهان شاهه جي تبليغي جدوجهد جو اثر زياده دير تائين نه رهي سگهيو ۽ نه وري بعد ۾ اشاعت جي ڪم کي جاري رکيو ويو. ڇاڪاڻ ته مارڪو پولو، جنهن 1292ع ۾ سڄا سارا پنج مهينا سوماترا جي اترئين ڪناري تي گذاريا، بيان ٿو ڪري ته سواءِ هڪ ڇوٽيءَ رياست پرلاڪ (Parlak) جي، جا سوماترا جي اتر اوڀر ڪنڊ تي واقع هئي، باقي هتي جا سڀئي رهاڪو بت پرست هئا. پرلاڪ جي رياست ۾ رڳو شهر جا ماڻهو مسلمان هئا، ڇاڪاڻ ته هن رياست ۾ مسلمان واپارين جي ايتريقدر ته گهڻي آمدرفت هئي جو انهن هتي جي مقامي ماڻهن کي پڻ مسلمان بڻائي ڇڏيو. هن رياست ۾ جيڪي ماڻهو ٽڪريءَ تي رهندا هئا سي سڀئي بت پرست ۽ آدمخور هئا ملايا جي هڪ ٻيءَ تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته پهريون مسلمان بادشاه سلطان علي مغيت شاهه هو، جنهن سنه 1507ع کان وٺي سنه 1522ع تائين اتجيه تي حڪومت هلائي. هن پهريائين خود اسلام قبول ڪيو ۽ پوءِ هن جي رعيت سندس مثال جي پيروي ڪئي (بيشڪ هي چئي سگهجي ٿو ته) سلطان علي مغيت شاهه کي سوماترا ٻيٽ جي پهرئين مسلمان حاڪم جي هجڻ جو شرف فقط انهيءَ ڪري نه ٿو ڏنو وڃي جو هن انهيءَ ٻيٽ ۾ اسلام جو بنياد وڌو، بلڪه هن کي اها عزت انهيءَ ڪري عطا ڪئي وڃي ٿي جو هن اتجيه جي نالي کي ڏاڍو بلند ڪيو، پنهنجي رعيت اندر هڪ ديني نئين زندگي پيدا ڪئي ۽ انهن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو. ورنه هن کان گهڻو اڳ سوماترا جي ٻيٽن ۾ اسلام پنهنجا پير پختيءَ طرح کوڙي چڪو هو.
عيسوي چوڏهين صديءَ جي شروعات ۾ مڪه مڪرم جي بادشاهه شريف، سوماترا ۾ اسلام جي اشاعت لاءِ هڪ وفد روانو ڪيو، جنهن جو امير شيخ اسماعيل نالي هڪ بزرگ هو. هي وفد جڏهن ملبار کان اڳتي وڌيو، تڏهن سوماترا ٻيٽ جو پهريون پهريون شهر پاسوري (Passuri) انهن جي نظر چڙهيو. هي شهر مغربي ڪناري کان ڪجهه هيٺ ڀرو آهي. شهر جي ماڻهن اسلامي وفد جي تلقين تي اسلام قبول ڪيو. ان کان پوءِ هي وفد اتر طرف لامبري (Lambri) تائين پهتو، جتان وري سمنڊ جو ڪنارو ڏئي سوماترا ٻيٽ جي ٻئي طرف آيا ۽ اڀرندي ڪناري تي هيٺ سفر ڪندي ملاڪا (Malaka) جي آمهون سامهون (Aru) شهر ۾ اچي منزل انداز ٿيا. انهن ٻنهين شهرن (لمبري ۽ آرو) ۾ عرب مبلغن کي اڳئين وانگر شاندار ڪاميابي نصيب ٿي. آرو ۾ انهن سمودرا شهر بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. سمودرا جو شهر، سوماترا جي اترئين ڪناري تي واقع هو ۽ ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ شهر ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ پهچڻ عرب وفد جو خاص مقصد هو. جڏهن انهن کي معلوم ٿيو ته سمودرا پوئتي ڇڏي آيا آهن، تڏهن پويان پير ڪري واپس ٿيا ۽ پرلاڪ ۾ پهتا، جتي ٿورا سال اڳ مارڪو پولو کي مسلمانن جي هڪ جماعت ڏسڻ ۾ آئي. پرلاڪ ۾ ڪجهه ماڻهن کي مسلمان ڪرڻ بعد، عربن جو هي وفد سمودرا ۾ آيو. سمودرا جو شهر توڙي سمودرا جي حڪومت تازو هڪ شخص ماراسيلو (Marasilu) نالي قائم ڪئي هئي. وفد جي اڳواڻ شيخ اسماعيل ماراسيلو کي مسلمان ڪيو ۽ هن جو ملڪ الصالح نالو رکيو ويو. ملڪ الصالح پرلاڪ جي بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي ڪئي جنهن مان هن کي ٻه پٽ پيدا ٿيا. هن اهو خيال ڪيو ته پنهنجي جيئري ئي پنهنجن ٻنهين پٽن لاءِ هڪ هڪ رياست ڇڏي وڃان. انهيءَ خيال سان هن اترئين ڪناري تي پاسيءَ (Pasei) جو هڪ نئون اسلامي شهر ۽ نئين رياست قائم ڪئي سنه 1345ع ۾ جڏهن ابن بطوطه سوماترا ٻيٽ جو سير ڪيو، تڏهن هن ملڪ الصالح جي وڏي پٽ ملڪ الظاهر کي سمودرا تي حڪومت هلائيندو ڏٺو. هن جي حڪومت مان هڪ اسلامي رياست جو پورو شان و شوڪت پئي نظر آيو ۽ هيءَ حڪومت ڪناري تي ڪيترن ڏينهن جي پنڌ جيتري مفاصلي تائين پکڙيل هئي. ملڪ الظاهر هڪ وڏو جوشيلو ۽ پڪو ديندار مسلمان هو. فقيهن ۽ عالمن سان گفتگو ڪرڻ جو هن کي ڏاڍو شوق هو ۽ هن جي درٻار هميشه شاعرن ۽ عالمن فاضلن سان ڀرپور رهندي هئي. ابن بطوطه هن بادشاهه جي ٻن مکيه فقيهن جا نالا ٻڌائي ٿو، جي ايران کان آيل هئا. انهن فقيهن کان سواءِ ابن بطوطه هڪ ٻئي امير جو پڻ ذڪر ڪري ٿو، جو بادشاهه ملڪ الظاهر طرفان دهليءَ ۾ ايلچي بڻجي ويو هو. هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سوماترا جا اڳيئي اسلامي دنيا جي ڪيترن ملڪن سان تعلقات قائم هئا. ملڪ الظاهر نه رڳو هڪ بادشاهه هو، پر هڪ وڏو سپھ سالار پڻ هو. هن ڀروارن بت پرست ملڪن تي ايستائين حملو چالو رکيو جيستائين انهن آڻ مڃي ۽ جزيه جي رقم ادا ڪئي
ابن بطوطه جي وقت ۾ سوماترا ۾ اسلام تمام گهڻي ترقي ڪري چڪو هو ۽ ڪناري وارن علائقن ۾ به پنهنجا پير پختا ڪري هاڻي اندروني حصي ۾ پکڙجي رهيو هو. شيخ اسماعيل ۽ سندس ساٿين جون ڪوششون نهايت ڪارائتيون ثابت ٿيون، ڇاڪاڻ ته هڪ چيني سياح، جنهن سنه 1433ع ۾ سماترا جي اندرئين حصي جو سفر ڪيو، ٻڌائي ٿو ته انهيءَ وقت لمبريءَ جي شهر ۾ اٽڪل هڪ هزار خاندان آباد هئا، مگر اهي سڀئي مسلمان هئا ۽ ”نهايت شريف انسان هئا.“ آرو جو بادشاهه توڙي سندس رعيت ساڳيو مذهب (اسلام) رکندڙ هئي. عيسوي چوڏهين صديءَ جي آخر ۾ يا عيسوي 15 صديءَ ۾ مينانگ ڪبائو (Menag kabau) جي حڪومت ۾ گهڻن ئي ماڻهن اسلام قبول ڪيو. هن حڪومت جون حدون ڪنهن وقت سوماترا جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين ڦهليل هيون ۽ خط استوا جي اتر توري ڏکڻ طرف ملڪ جو ڳچ حصو هن حڪومت جي حدن اندر اچي ٿي ويو. جيتوڻيڪ هن حڪومت جي طاقت بعد ۾ گهٽجي وئي، تڏهن به جنهن صورت ۾ هيءَ حڪومت هندو مذهب جو هڪ قديمي گهر هئي، انهيءَ ڪري هن ملڪ ۾ اشاعتِ اسلام جي رستي ۾ وڏيون وڏيون رنڊڪون پيدا ٿيون. انهيءَ هوندي به هن حڪومت جي رعيت ۾ اسلام جيتريقدر پختيءَ طرح پنهنجو اثر قائم ڪيو، ايتريقدر سوماترا جي اندروني حصي ۾ ڪري نه سگهيو هيءَ هڪ نهايت قابل غور ڳالهه آهي ته سوماترا جي وچئين حصي جا رهاڪو ٻين ڪيترن اهڙن ضلعن جي ماڻهن کان، جن ۾ اڃا غير اسلامي اثر موجود هو، وڌيڪ مڪمل طرح مسلمان ٿين ها، ليڪن ائين نه ٿيو. باٽا (Batta) ملڪ جا باشندا سواءِ ڪن ٿورن ماڻهن جي اڄ ڏينهن تائين مشرڪ آهن. رڳو اتجيه جي سرحد تي رهندڙ ڪجهه ماڻهو ۽ راءُ (Rau) ملڪ جي جبلن جا ڪجهه رهاڪو (پنهنجي ڀر وارن مسلمانن جي اثر ڪري مسلمان ٿيا آهن. اڀرندي ڪناري تي پڻ باٽا قوم جي ڪجهه ماڻهن، جن سان ملايا جي مسلمانن جو گهرو تعلق هو، اسلام قبول ڪيو. جيتوڻيڪ وچ سوماترا جي ماڻهن جي ڪثرت اسلام اندر داخل ٿي چڪي آهي، تڏهن به اتي مشرڪن جو هڪ وڏو تعداد اڃا تائين ڏسڻ ۾ ايندو. ليڪن هي مسلمان ڪن حاجين ۽ مذهبي معاملن کان سواءِ باقين سڀني اسلامي ارڪانن کان بي خبر آهن. ڪرينتجي (Korintji) جا مسلمان گهڻو ڪري مذهب جا سخت پابند آهن. انهيءَ هوندي به انهن جي پرستش ڪن ٿا جن جي سندن بت پرست ابا ڏاڏا پوڄا ڪندا هئا هاڻي نئو مسلمن ۾ مذهبي بيداريءَ آڻڻ لاءِ ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ ان سان گڏ مسلمان مبلغ، خاص ڪري مغربي ڪناري تي بت پرست طبقي اندر اشاعتِ اسلام لاءِ جانفشاني ڪري رهيا آهن. سپراڪ (Sipirok) ضلعي جي سپراڪ شهر ۾ هڪ مسجد جي پيش امام تقريبن 25 سالن جي قليل عرصي اندر عيسائين کان سواءِ ضلعي جي ٻين سڀني ماڻهن کي مسلمان ڪيو. انهن عيسائين متعلق معلوم ٿئي ٿو ته اهي گهڻو ڪري غلامن جو اولاد آهن.
پالم بنگ (Palembang) ۾ اشاعت اسلام جو احوال، جاوا ٻيٽ جي تاريخ سان ايتريقدر ته گهرو تعلق رکي ٿو جو ان جو بيان ڪرڻ انهيءَ وقت موزون ٿيندو، جڏهن اسان جاوا ٻيٽ جي احوال کي هٿ ۾ کڻنداسون. جاوا مان ئي اسلام پهريائين لمپانگ (Lampang) جي ضلعن ۾ پهتو، جي سوماترا ٻيٽ جي ڏاکڻي سرحد هئا. انهن ضلعن ۾ اسلام جي اشاعت جو آغاز اتي جي هڪ سردار مناڪ ڪمالا بوميءَ (Miank Kamala Bumi) ڪيو. هي سردار عيسوي 15 صديءَ ڌاري سونڊا (Sunda) جو ڳچي سمنڊ پار ڪري جاوا جي مغربي ڪناري تي (Banten) جي رياست ۾ آيو. هن جي پهچڻ کان ٿورا سال اڳ هن رياست جا ماڻهو مسلمان مبلغن جي تعليم و تلقين کي قبول ڪري چڪا هئا. انهن کي ڏسي هن پڻ اسلام قبول ڪيو ۽ حج جي ارادي سان مڪه مڪرمه ڏانهن روانو ٿيو، جتان واپس اچڻ بعد هن پنهنجي نئين مذهب جي اشاعت پنهنجي ملڪ جي ماڻهن ۾ شروع ڪئي. لمپانگ جي ماڻهن ۾ اسلام ڏاڍي سٺي ترقي ڪئي آهي ۽ انهن جي گهڻن ئي ڳوٺن ۾ مسجدون آهن. انهيءَ هوندي به انهن ضلعن جي اندروني حصن ۾ اڃا تائين ڀرمي عقيدا هلندا ٿا اچن
موجوده صديءَ (يعني اوڻهين عيسوي صدي جي شروع ۾ سوماترا جي مسلمانن ۾ مذهبي بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ تحريڪ شروع ٿي، جنهن اسلام کي اڳتي ڦهلائڻ ۾ پڻ گهڻي مدد ڪئي. سنه 1803ع ۾ سوماترا جا ٽي حاجي مڪي شريف کان واپس پنهنجي وطن آيا. هو جڏهن مڪه مڪرمه ۾ هئا. تڏهن وهابي فرقي جي مذهبي سڌارن کان ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ انهن جي دلين ۾ پڻ هي شوق جاڳيو ته اهي ساڳيا سڌارا پنهنجي ملڪ جي مسلمانن ۾ آڻين ۽ انهن جي مذهبي زندگيءَ کي وڌيڪ پاڪ ۽ پرجوش بڻائين. انهن پنهنجي ملڪ ۾ وهابي فرقي جي توحيد وارن سخت عقيدن جي تبليغ شروع ڪئي ۽ ماڻهن کي پير پرستيءَ، شراب خوريءَ، جوا بازيءَ ۽ ٻين اهڙن ڪمن کان، جي قرآني احڪامن جي خلاف هئا، منع ڪئي. مسلمان توڙي مشرڪن سان بيشمار ماڻهو انهن جا معتقد بڻيا، ڪجهه وقت کان پوءِ هن تحريڪ باٽا قوم خلاف جهاد شروع ڪيو. جيئن ته هيءَ تحريڪ غير معتبر ۽ دنيادار ماڻهن جي هٿن ۾ اچي وئي، انهيءَ ڪري ان جو اصلي مقصد فوت ٿي ويو ۽ اها اصلاحي تحريڪ ملڪ گيريءَ لاءِ خونخوار لڙاين جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي. سنه 1821ع ۾ هن تحريڪ جي لڙاڪو سپاهين، جن کي ”پادري“ (Padirs) سڏيو ويندو هو، ڊچ حڪومت سان لڙائي شروع ڪئي. آخرڪار سنه 1838ع ۾ جڏهن انهن پنهنجو آخري قلعو ڊچن هٿان هارايو، تڏهن انهن جي طاقت بلڪل ختم ٿي وئي.
ملايا اپٻيٽ:
ملايا اپٻيٽ ۾ جيڪي به مهذب قومون آباد آهن، سي دراصل سوماترا ٻيٽ مان خاص ڪري منانگ ڪابو جي مشهور سلطنت مان، جنهن جو اڳيئي مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، نڪري هتي اچي آباد ٿيون هيون. منانگ ڪابوءِ جي سلطنت متعلق چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ سوماترا ٻيٽ جي زبردست حڪومت هئي. ملايا اپٻيٽ جي ڏاکڻي حصي ۾ اڃا تائين ڪجهه اهڙيون رياستون آهن جن جا حاڪم پنهنجي اختيارات جا پروانا منانگ ڪابوءَ جي سلطنت کان حاصل ڪن ٿا. اهو ٺيڪ طرح ٻڌائي نٿو سگهجي ته ڪهڙي زماني ۾ سوماترا جي ماڻهن ملايا ۾ پنهنجون بستيون قائم ڪيون. ليڪن ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سينگاپور ۽ ملايا جي ڏاکڻي ڇيڙي ۾ انهن ماڻهن جي هڪ بستي عيسوي ٻارهين صديءَ ۾ قائم ٿي ۽ تقريبن هڪ سئو سالن بعد انهن جي اولاد ملاڪا جو شهر قائم ڪيو جيئن ته ملاڪا جو شهر مشرقي ملڪن جي تجارتي رستي تي واقع هو، انهيءَ ڪري هن شهر جلد ئي تمام گهڻي ترقي ڪئي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جيڪي مسلمان واپاري هن شهر ۾ اچي رهيا، تن هتي اسلام پکيڙيو. ملاڪا جي تاريخ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته هن سلطنت جا ماڻهو سلطان محمد شاهه جي ڏينهن ۾ اسلام ۾ داخل ٿيا، جو سنه 1276ع ۾ ملاڪا جي تخت تي ويٺو. مگر هڪ پورچو گيز مورخ ملاڪا جي ماڻهن جي اسلام قبول ڪرڻ جي هڪ ٻي تاريخ يعني 1388ع لکي آهي. هو لکي ٿو ته سنه 1388ع ۾ عربستان کان هڪ قاضي هتي پهتو، جنهن ملاڪا جي بادشاهه کي مسلمان ڪري مٿس محمد شاه نالو رکيو
ملايا جي اپٻيٽ جي اتر طرف هڪ رياست ڪيڊا (Queda) آهي، جنهن جي تاريخ مان اسان کي سنه 1501ع ڌاري اشاعت اسلام جو هڪ عجيب و غريب احوال ملي ٿو. اهو احوال (ڪجهه ڪراماتي قصن جي ڪڍي ڇڏڻ بعد) هن طرح آهي:
عرب جو هڪ عالم شيخ عبدالله ڪيڊا ۾ آيو ۽ اتي جي راجا کان سندس ملڪ جي ماڻهن جو مذهب دريافت ڪيو. راجا وراڻي ڏني ته، ”منهنجو ۽ منهنجي رعيت جو اهو ساڳيو دين آهي، جيڪو اسان جا وڏا اسان وٽ ڇڏي ويا آهن. اسين سڀئي بتن جي پوڄا ڪريون ٿا.“ انهيءَ تي شيخ چيو ته، ”ڇا راجا سلامت ڪڏهن به اسلام ۽ قرآن بابت ڪجهه نه ٻڌو آهي، جو خدا تعاليٰ جي طرفان سندس پياري پيغمبر حضرت محمد جن تي نازل ٿيو ۽ جنهن ٻين سڀني مذهبن کي منسوخ ڪري شيطان جي سپرد ڪيو آهي؟“ راجا يڪدم جواب ڏنو ته، جيڪڏهن هي سچ آهي ته پوءِ آئون اوهان کي درخواست ٿو ڪريان ته هن نئين مذهب (اسلام) کان اسان کي چڱيءَ طرح واقف ڪيو.“ شيخ خوشيءَ وچان راجا کي ڀاڪر پاتو ۽ کيس اسلامي اصولن کان پوري طرح آگاهه ڪيو. راجا شيخ جي سمجهائڻ سان اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجي شراب جا مٽ گهرائي (جنهن جو سخت عادي هو) خود پنهنجن هٿن سان انهن کي زمين تي اونڌو ڪري سڄو شراب هاري ڦٽو ڪيو. ان کان پوءِ راجا پنهنجي محلات جا سڀئي بت، جي سون، چانديءَ، مٽيءَ ۽ ڪاٺ جا ٺهيل هئا. کڻي آيو ۽ اچي شيخ عبدالله اڳيان ڍير ڪري رکيا، جنهن پنهنجي تلوار ۽ ڪهاڙيءَ سان انهن کي ڀڃي ڀور ڀور ڪري سڀني کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو. شيخ عبدالله راجا کي سندس محلات ۾ قلعي جي راڻين ۽ ٻين سڀني عورتن کي جمع ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو. جڏهن اهي سڀئي عورتون راجا ۽ شيخ عبدالله جي سامهون حاضر ٿيون، تڏهن شيخ انهن اڳيان اسلامي اصولن کي وضاحت سان پيش ڪيو. شيخ جي طبيعت ايتريقدر ته حليم ۽ خليق هئي ۽ سندس ڳالهائڻ ايتريقدر ته نرم ۽ دلاويز هو، جو سندس نصيحت عورتن جي دلين ۾ گهر ڪري وئي ۽ انهن سڀني خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو.
راجا پوءِ جلد ئي پنهنجن چئن وزيرن کي سڏايو جي درٻار ۾ ايندي شرط، راجا جي ڀرسان شيخ کي ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا. راجا وزيرن کي شيخ جي اچڻ جو مقصد ٻڌايو، جنهن تي چئني وزيرن پنهنجي آمادگي ڏيکاري ته هو راجا جي مثال جي پيروي ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار آهن، ليڪن انهن هيءَ اميد ظاهر ڪئي ته شيخ انهن کي پڻ اسلام جي تعليم ڏيندو. شيخ هي ٻڌي چئني وزيرن کي سيني سان لاتو ۽ انهن کان توحيد جو ڪلمو پڙهائي کين مسلمان ڪيو. شيخ انهن کي وڌيڪ چيو ته جنهن خلوص سان انهن ايمان آندو آهي تنهن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي رعيت جي سڀني ماڻهن کي انهن بتن ۽ مورتن سميت درٻار هال ۾ موڪلين، جن جي اهي پرستش ڪن ٿا ۽ جيڪي سندن ابا ڏاڏا انهن وٽ ڇڏي ويا آهن. شيخ جي حڪم جي فورن تعميل ڪئي وئي ۽ ماڻهن وٽ جيڪي بت رکيل هئا سي سڀئي آندا ويا ۽ انهن کي ڀڃي ڀوري، باهه ۾ ساڙي رک ڪيو ويو. انهن مان ڪو به اهڙو نه هو جو پنهنجن باطل خدائن جي هن طرح برباد ٿيڻ تي غم يا ارمان جو اظهار ڪري. دراصل سڀئي اسلام جي دائري اندر داخل ٿيڻ جا خواهشمند هئا.
شيخ عبدالله مٿئين ڪم کان فارغ ٿيڻ بعد وزيرن کان پڇيو ته، ”اوهان جي بادشاهه جو نالو ڇاهي؟“ ”هن جو نالو پراونگ مها ونگسا (Praong Maha Wangsa) آهي،“ وزيرن وراڻي ڏني. شيخ چيو ته، ”هاڻي اچو ته هن نالي کي اسلامي نالي ۾ تبديل ڪريون.“ ڪجهه صلاح مصلحت بعد راجا جي مرضيءَ مطابق سندس نالو سلطان مزلف شاهه رکيو ويو. شيخ هن نالي جي تائيد ۾ چيو ته هي مشهور نالو آهي ۽ قرآن شريف ۾ پڻ هن نالي جهڙو لفظ آيل آهي.
راجا مسلمان ٿيڻ بعد، جتي جتي ماڻهن جي ڪافي آبادي هئي اتي مسجدون تعمير ڪرايون ۽هر ڪنهن مسجد لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 44 نمازين جو تعداد مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ ته ان کان گهٽ تعداد مذهبي فرائض ادا ڪرڻ لاءِ ناڪافي هو. اهڙيءَ طرح مختلف مقامات تي مسجدون ٺهي تيار ٿيون ۽ هر ڪنهن مسجد ۾ هڪ هڪ نغارو رکيو ويو، جو جمع نماز وقت ماڻهن کي سڏڻ لاءِ وڄايو ويندو هو. شيخ عبدالله ڪيڊا جي ماڻهن کي اسلام جي تعليم ڏيڻ واسطي ڪجهه وقت اتي ترسي پيو. ڪيڊا جي سڀني ضلعن ۽ ڪناري جي سڀني شهرن، ڳوٺن ۽ آس پاس جي علائقن کان هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شيخ جي چوگرد جمع ٿيڻ لڳا ۽ هو انهن کي اسلام جا احڪام ۽ ارڪان سيکاريندو رهندو هو.
شيخ عبدالله جي تبليغي جدوجهد ۽ ڪيڊا جي ماڻهن جي اسلام قبول ڪرڻ جي خبر جڏهن اتجيه جي رياست ۾ پهتي، تڏهن اتي جي سلطان ۽ هڪ عرب مبلغ شيخ نور الدين، جو مڪه معظم کان اتي آيل هو، هڪ رقعو ۽ ڪجهه ڪتاب ڪيڊا جي سلطان ڏانهن روانا ڪيا. خط جو مضمون هن طرح هو:
”هي خط اتجيه جي سلطان ۽ نور الدين طرفان اسان جي ڀاءُ ڪيڊا جي سلطان ڏانهن ۽ يمن جي شيخ عبدالله ڏانهن آهي، جو هن وقت ڪيڊا ۾ رهي ٿو. اسان ٻه مذهبي ڪتاب انهيءَ لاءِ موڪليا آهن ته جيئن ماڻهن کي پوريءَ طرح مذهبي احڪامن کان واقف ڪيو وڃي ۽ انهن ۾ دين پختيءَ طرح رائج ڪيو وڃي.“ جواب ۾ راجا ۽ شيخ عبدالله هڪ شڪريه جو خط روانو ڪيو. ان کان پوءِ شيخ عبدالله پنهنجي تبليغي سرگرمين ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو ۽ سڀني ڳوٺن ۾ ماڻهن جي سهوليت لاءِ ننڍيون ننڍيون مسجدون ٺهرايون ۽ ماڻهن کي مذهبي مسئلن ۽ احڪامن کان پوريءَ طرح واقف ڪيو.
ڪيڊا جو راجا ۽ سندس راڻي هميشه شيخ عبدالله سان گڏ گذاريندا هئا ۽ هن کان قرآن شريف جي تلاوت سکندا رهندا هئا. ٻنهين راجا ۽ راڻيءَ گهڻي ڪوشش ڪئي ته جيئن ڪنهن راجائي خاندان سان ڪا اهڙي عورت ملي، جنهن سان شيخ جي شادي ڪرائي وڃي، ليڪن ڪو به ماڻهو پنهنجي نياڻي شيخ کي ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته جلد ئي شيخ بغداد وڃڻ وارو هو. هو رڳو ڪنهن اهڙي شخص لاءِ ترسيل هو، جو ديني تعليم مڪمل طرح حاصل ڪري سندس جڳهه اچي والاري.
ڪيڊا جي سلطان کي ٽي پٽ هئا. معظم شاهه، محمد شاهه ۽ سليمان شاهه، هي ٽيئي نالا شيخ عبدالله قرآن پاڪ مان تلاش ڪري ٽنهين شهزادن تي رکيا. هن شهزادن کي هي پڻ هدايت ڪئي ته هو پنهنجن غلامن ۽ هيٺئين طبقي جي ماڻهن سان وهنوار وقت نهايت نرميءَ سان هلن ۽ ڪڏهن به انهن تي غصو نه ڪن. ان کانسواءِ خدا تعاليٰ جي سڀني ٻانهن کي، خاص ڪري مسڪينن محتاجن کي محبت ۽ شفقت جي نظر سان ڏسن
هي خيال ڪرڻ نه گهرجي ته شيخ عبدالله پنهنجي تبليغي جدوجهد ۾ مڪمل ڪاميابي حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ ته اتجيه جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن اتجيه جي سلطان سنه 1649ع ۾ ڪيڊا جو ملڪ فتح ڪيو، تڏهن هن ڪيڊا ۾ اسلام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ باطل عبادتگاهن يعني بت پرستن جي مڪانن ۽ مندرن کي برباد ڪرڻ لاءِ سرتوڙ ڪوشش ڪئي. اهڙيءَ طرح اٽڪل ڏيڍ سئو سالن جي عرصي گذرڻ بعد ڪيڊاجي ملڪ مان بت پرستيءَ جي صفا پاڙ پٽجي وئي.
ملايا اپٻيٽ ۾ اسلام جي اشاعت جا جيڪي ڪجهه واقعا بيان ڪيا ويا آهن، تن کان علاوه ٻيو ڪو به تفصيلي احوال نٿو ملي، ليڪن گهڻن ئي جڳهين تي اهڙن عرب مبلغن جون مزارون موجود آهن، جن پهريائين پهريائين هن اپٻيٽ ۾ اسلام جي تبليغ جي ابتدا ڪئي ۽ انهن مزارن جي اڄ سوڌو تمام گهڻي عزت ڪئي وڃي ٿي جيئن ته ملايا اپٻيٽ جي مسلمانن جو گهڻي وقت کان وٺي عربن ۽ هندستان جي مشرقي ڪناري تي رهندڙ مسلمانن سان گهاٽو تعلق رهيو آهي، انهيءَ ڪري هو اسلام جا نهايت سخت پابند آهن ۽ ايشيا جي ڏکڻ اڀرندي وارن سڀني ٻيٽن يعني ملايا آرڪيپيگلو ۾ ملايا جي مسلمانن جي ديني نقطه نگاهه کان ايتريقدر ته شهرت آهي، جو انهن مسلمانن کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. ساڳئي وقت انهن جو تعلق پنهنجي ملڪ جي هندن، ٻڌ ڌرم وارن، عيسائين ۽ ٻين بت پرست قومن سان هو. انهيءَ ڪري هو زياده ڪشاده دل بي تعصب بڻجي پيا. هو رمضان المبارڪ جي روزي ۽ بيت الله شريف جي حج جا پابند آهن، ملايا اپٻيٽ جي مسلمانن کي عام ماڻهن جي مذهبي ترقيءَ سان گڏوگڏ انهن جي دنيوي فلاح ۽ بهبوديءَ جو پڻ گهڻو خيال آهي. جيڪڏهن ڪنهن به هنڌ چاليهن گهرن کان مٿي گهر ٿي وڃن ٿا ته اتي هڪ الڳ ڳوٺ قائم ڪيو وڃي ٿو ۽ ڳوٺ جي ايتريقدر ايراضي مقرر ڪئي وڃي ٿي، جيتري ڳوٺاڻي انتظام وغيره جي لحاظ کان ضرورت سمجهي ويندي آهي. ڳوٺ ۾ باقاعدي سرڪاري آفيسر مقرر ڪيا ويندا آهن. انهن آفيسرن ۾ عوام الناس کي وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ لاءِ هڪ مبلغ پڻ شامل هوندو آهي. ڳوٺ ۾ هڪ مسجد پڻ قائم ڪئي ويندي آهي ۽ ان جو باقاعدي حڪومت طرفان بندوبست ڪيو ويندو آهي
ملايا اپٻيٽ جي اتر طرف سيام جي سرحد تي جيڪي رياستون آهن، تن ۾ رهندڙ سيامي ٻڌ ڌرم وارن تي اسلام ڪافي اثر ڪيو ۽ انهن مان جن ماڻهن اسلام قبول ڪيو، تن کي ”سمسام“ (Samsams) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هي مسلمان ٻنهي ملڪن يعني ملايا ۽ سيام جي گڏيل سڏيل ٻولي ڳالهائين ٿا ماليا اپٻيٽ جي جهنگلي ۽ اڻ سڌريل قومن جا ماڻهو پڻ اسلام ۾ داخل ٿي رهيا آهن.
جاوا:
جاوا ٻيٽ ۾ اشاعتِ اسلام جي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي گهڻي ئي صديون پوئتي وڃڻو پوندو. هن ٻيٽ ۾ اسلامي اصولن جي نشر و اشاعت بيشڪ مسلمان واپارين يا ننڍين ننڍين اسلامي بيٺڪن جي سردارن جي شخصي سرگرمين جو نتيجو آهي. ڇاڪاڻ ته جاوا ۾ مسلمانن کي ڪا اهڙي مرڪزي طاقت حاصل نه هئي، جنهن جي اثر ڪري اسلام وڌيڪ هليو هجي يا جنگي ذريعا استعمال ڪري ماڻهن مٿان اسلام زوري مڙهيو ويو هجي. انهيءَ جي برعڪس مسلمان مبلغن کي جاوا ۾ هندو تهذيب وتمدن جو مقابلو ڪرڻو پيو، جا جاوا جي ماڻهن جي زندگيءَ جو جز بڻجي وئي هئي ۽ جنهن انهن کي ادب، ثقافت ۽ ترقيءَ جي اعليٰ درجي تي پهچايو هو. انهن جي سوسائٽيءَ جو سارو نظام ۽ قاعدا قانون عربن جي نظام ۽ قانون کان بلڪل مختلف هئا. موجوده وقت ۾ پڻ انهن جڳهين تي، جتي اسلام کي ٻين مذهبن مٿان غلبو حاصل آهي، اسلامي شريعت جو قانون مڪمل طرح رائج ٿي نه سگهيو آهي. جاوا جي مسلمانن ۾ اڃا تائين قديم بت پرستيءَ جون رسمون موجود آهن، جنهن ڪري انهن مسلمانن ۽ حاجين جي وچ ۾ هميشه ڪشمڪش هلندي ٿي اچي، ڇاڪاڻ ته اهي حاجي حج تان واپس اچڻ بعد پنهنجي اندر مذهبي پابنديءَ جو هڪ خاص جذبو کڻي اچن ٿا ۽ چاهين ٿا ته سڀئي مسلمان شريعت جي پوري پوري پيروي ڪن. اهو ئي سبب آهي، جو اسان سمجهون ٿا ته جاوا ٻيٽ ۾ اسلام جي اشاعت تمام آهستگيءَ سان ٿي هوندي. اسان خاطريءَ سان چئون ٿا ته جاوا ٻيٽ ۾ اسلام جي تبليغي جدوجهد جو گهڻو احوال اڃا تائين اسان کي معلوم ٿي نه سگهيو آهي ۽ باقي جيڪو ٿورو گهڻو احوال ملي ٿو سو به قصن ڪهاڻين ۽ روايتن سان ڀريو پيو آهي. ملايا جي تاريخ ۾ اسلام جي اهڙن مبلغن ۽ داعين جو احوال ڏنل آهي، جن جاوا ٻيٽ ۾ اسلام جي اشاعت جي ابتدا ڪئي، پر هن حقيقت ۾ ڪنهن به شڪ شبهه جي گنجائش نه آهي ته هن ٻيٽ ۾ اسلام جي تبليغ جو ڪم ڪيترن سالن ۽ صدين تائين هليو هوندو، ليڪن ايڏو وسيع احوال ملايا جي تاريخ ۾ صرف ٿورن سالن جي واقعن تائين محدود آهي. ڇاڪاڻ ته عام مقبول تاريخن ۾ گهڻو ڪري رڳو ڪن اهڙن مشهور و معروف شخصيتن جو بيان ڏنل هوندو آهي، جن جي شهرت در حقيقت سندن گمنام وڏن جي خاموش محنت ۽ جانفشانيءَ جو نتيجو هوندو آهي انهيءَ کانسواءِ گهاڻي ئي اهڙا مبلغ ۽ داعي هوندا، جن جي خاموش ۽ بي دخل تبليغي سرگرمين طرف مورخن ڪو توجهه نه ڪيو هوندو، ڇاڪاڻ ته مورخن جي اڪثر اها عادت هوندي آهي، جو هو پنهنجو گهڻو ڌيان بادشاهن ۽ اميرن جي ڪارنامن طرف يا اهڙن ماڻهن جي ڪار گذارين طرف ڏيندا آهن، جن جو بادشاهن سان گهرو تعلق رهندو آهي. هاڻي جنهن صورت ۾ جاواٻيٽ ۾ اشاعتِ اسلام جو گهڻو احوال نٿو ملي، انهيءَ حالت ۾ جيڪي ٿوريون گهڻيون حقيقتون هٿ آيون آهن، تن تي اڪتفا ڪجي ٿي.
هاڻي اسين هيٺين صفحن ۾ جاوا ٻيٽ اندر اسلام جي اشاعت جو مختصر احوال بيان ڪريون ٿا، جو جاوا جي ئي تاريخ مان ورتو ويو آهي. جاوا جي تاريخ جيتوڻيڪ اختلافات ۽ قصن ڪهاڻين سان ڀري پئي آهي، تڏهن به مکيه مکيه ماڻهن جي قبرن تي لڳل ڪتبن ۽ پراڻن برباد ٿيل شهرن جي ڊٺل نشانن مان معلوم ٿئي ٿو ته جاوا جي تاريخ کي واقعي تاريخي حيثيت حاصل آهي. هاڻي جنهن صورت ۾ ٻيو ڪو به مستند مواد نٿو ملي، انهيءَ حالت ۾ هيٺ ڏنل بيان صحيح سمجهڻ گهرجي. جاوا جي ٻيٽ ۾ اسلام پکيڙڻ جي پهرين ڪوشش اتي جي هڪ مقامي باشندي عيسوي ٻارهين صديءَ جي آخر ڌاري ڪئي، پجاجرن (Pajajaran) جي رياست جاوا جي مغربي حصي ۾ واقع هئي. هن رياست جي بادشاهه پنهنجي پويان ٻه پٽ ڇڏيا، جن مان وڏي پٽ تجارت جو پيشو پسند ڪيو ۽ هندستان ڏانهن هڪ تجارتي سفر شروع ڪيو. هن حڪومت جون واڳون پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي هٿن ۾ ڏنيون، جو سنه 1190ع ۾ پرڀو مندينگ سري (Prabu Munding sari) جي خطاب سان تخت تي ويٺو. سفر جي دوران ۾ وڏو ڀاءُ ڪجهه عرب سوداگرن جي صحبت ۾ اچي ويو، جن هن کي سندس مرضيءَ مطابق مسلمان ڪيو ۽ مٿس حاجي پروا (Haji Purwa) نالو رکيو.
جڏهن حاجي پروا پنهنجي وطن واپس وريو، تڏهن هن هڪ عرب مبلغ جي مدد سان پنهنجي ڀاءُ ۽ شاهي خاندان جي ٻين ڀاتين کي اسلام طرف راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جون ڪوششون رائگان ويون، حاجي پروا، بادشاهه ۽ سندس رعيت جي ڊپ کان ڀڄي وڃي جهنگل ۾ پناهه ورتي ۽ ان کان پوءِ هن بابت ڪجهه به وڌيڪ احوال ٻڌڻ ۾ نٿو اچي
عيسوي چوڏهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ جاوا ٻيٽ ۾ هڪ ٻي اسلام جي تبليغي تحريڪ شروع ٿي، جنهن جو باني مولانا ملڪ ابراهيم هو. مولانا ابراهيم ڪجهه مسلمانن کي ساڻ ڪري جاوا جي مشرقي ڪناري تي اچي منزل انداز ٿيو ۽ مدورا ٻيٽ جي بلڪل آمهون سامهون گريسڪ (resic) شهر جي ڀرسان هڪ جڳهه تي اچي آباد ٿيو. چيو وڃي ٿو ته مولانا ابراهيم پنهنجو نسل حضرت زين العابدين تائين ٻڌايو، جو رسول الله جن جو پڙ ڏهٽو هو. ان کانسواءِ هن ظاهر ڪيو ته هو چرمن (Charmen) جي راجا جو سئوٽ هو مولانا ابراهيم گريسڪ ۾ آباد ٿيڻ بعد تبليغ جي ڪم کي جنبي ويو ۽ ٿوريئي وقت ۾ هن پنهنجي چوگرد مسلمانن جو هڪ گروهه قائم ڪيو. ڪجهه وقت بعد سندس سئوٽ چرمن جوراجا پڻ هن سان اچي شامل ٿيو. هن جي اچڻ جو مقصد هي هوته مجاپهت (Majapahit) جي هندو راجا کي مسلمان ڪريان ۽ هن سان دوستي رکڻ خاطر کيس پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيان. چرمن جي راجا اچڻ سان پنهنجي پٽ کي مجاپهت جي راجا ڏانهن ملاقات جو وقت مقرر ڪرڻ لاءِ موڪليو. ايتري ۾ پاڻ هڪ مسجد بڻائڻ ۽ شهر جي ماڻهن کي مسلمان ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. آخرڪار ٻنهين راجائن جي ملاقات ٿي، مگر هن ملاقات جو جيڪو سٺو نتيجو نڪتو، سو انهيءَ ڪري عمل ۾ نه آيو، جو اتفاق سان چرمن جي راجا جي ماڻهن ۾ هڪ بيماري ڦهلجي وئي، جنهن ۾ راجا جي ڌيءَ ۽ راجا جا ٽي ڀائٽيا ۽ ٻيا به هن جي عملي جا گهڻائي ماڻهو موت جو شڪار ٿيا. انهيءَ صدمي ڪري راجا خود پنهنجي وطن واپس هليو ويو. هن اوچتيءَ آفت مجاپهت جي راجا کي اسلام کان بدظن ڪيو ۽ هن چيو ته جيڪڏهن اسلام بهتر مذهب هجي ها ته ضرور پنهنجي پوئلڳن کي هن مصيبت کان نجات ڏياري ها. انهيءَ سبب ڪري هيءَ تبليغي تحريڪ وڌيڪ ڪامياب ٿي نه سگهي. مولانا ابراهيم پنهنجن مٽن مائٽن ۽ ٻين مسلمانن جي قبرن جي حفاظت لاءِ هتي ترسي پيو ۽ 21 سالن کان پوءِ سنه 1419ع ۾ وفات ڪيائين. هن کي گريسڪ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس مزار جي اڃا تائين گهڻي عزت ڪئي وڃي ٿي. مولانا ابراهيم کي جاوا ۾ اسلام جو پهريون ڪامياب مبلغ تصور ڪيو وڃي ٿو.
هڪ چيني مسلمان، جو مولانا ابراهيم جي وفات کان ڇهه سال اڳ يعني 1413ع ۾ چين جي هڪ سفير سان گڏ هڪ ترجمان جي حيثيت ۾ جاوا ۾ آيو، هندي وڏي سمنڊ جي ڪنارن جو عام احوال لکندي مسلمانن جو پڻ ذڪر ڪري ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته:
”جاوا ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا، پهريان مسلمان، جي مغرب کان آيل آهن، ۽ هتي اچي آباد ٿيا آهن. انهن جو کاڌو خوراڪ لباس ڏاڍو سٺو ۽ صاف آهي، ٻئي قسم ۾ چينائي آهن، جي پنهنجي ملڪ مان ڀڄي اچي هتي آباد ٿيا آهن. هي ماڻهو جيڪي کائين، پيئن ۽ هنڊائين ٿا، سو صاف ۽ سٿرو آهي. انهن مان گهڻا مسلمان ٿي چڪا آهن ۽ اسلامي شريعت جي پوري پابندي ڪن ٿا. ٽئي درجي ۾ خود مقامي ماڻهو آهن، جي بلڪل بدشڪل ۽ ڳنوار نظر اچن ٿا. هو ڪيڏانهن به وڃن ٿا ته نڪي وارن کي ڦڻي ڏئي نڪرن ٿا ۽ نه وري پنهنجا پير ڍڪين ٿا، انهن جو جنن ڀوتن ۾ سخت اعتقاد آهي، ٻڌ ڌرم جي ڪتابن ۾ انهن جي ملڪ کي ”جنن جي ملڪن“ ۾ شمار ڪيو ويو آهي.“
هاڻي اسان انهيءَ دور جو ذڪر ڪريون ٿا، جنهن ۾ مسلمانن جي طاقت جاوا جي ٻين سڀني قومن تي غالب هئي. اڃا جاوا ۾ اسلام جي شايع ٿيڻ کي هڪ صدي مس گذري ته مسلمان هڪ زبردست حڪومت جا مالڪ بڻجي ويا. اسان کي جاوا جي تاريخ مان ڪجهه زياده تفصيل سان حوالا ڏئي ڏيکارڻو آهي ته جاوا ۾ مسلمانن جي حڪومت جو قيام عربن جي ڪنهن پرجوش مذهبي تحريڪ جو نتيجو نه هو، بلڪه خود جاوا جي مسلمانن ۾ هي جذبو پيدا ٿيو ته پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪري، (جو اسلام انهن اندر اڳيئي قائم ڪري ڇڏيو هو) بت پرستن جي هٿن مان حڪومت جون واڳون کسي، پنهنجي اختيار ۾ آڻيون. انهن هن ڪم واسطي هي مناسب سمجهيو ته عام مسلمانن اندر جهادجي تبليغ ڪري انهن کي ڪافر حڪومت خلاف برانگيخته ڪيو وڃي. آخرڪار هڪ تخت جي خواهان، جنهن کي پنهنجي ظلم جو انتقام وٺڻو هو، جاوا جي سڀني مسلمانن کي لڙائيءَ لاءِ آماده ڪيو.
انهيءَ وقت جاوا ٻيٽ جي ملڪي حالت هيءَ هئي: جاوا جا مشرقي ۽ وچ وارا علائقا، جي دولت، قوت، تهذيب تمدن ۽ آباديءَ جي لحاظ کان ٻين سڀني صوبن کان افضل هئا، مجاپهت جي هندو حڪومت جي هٿ هيٺ هئا. جاوا جي مغربي حصي ۾ چيريبان (Cheribon) جي حڪومت ۽ ٻيون ننڍيون ننڍيون رياستون هيون. جاوا جي باقي حصي کي، جنهن ۾ مغربي ڇيڙي وارا سڀيئي ضلعا اچي ٿي ويا، پجاجرن (Pajajaran) جي راجا جو راڄ هو.
مجاپهت جي بادشاهه چمپا جي راجا جي ڌيءَ سان شادي ڪئي چمپا سيام جي نار جي اڀرندي طرف ڪمبوڊيا ۾ هڪ ننڍڙي رياست هئي. بادشاهه جي اڳيئي هڪ وهاريل زال هئي، جنهن سان هن نئين زال جو حسد ۽ دشمني شروع ٿي. آخرڪار بادشاهه پنهنجي وهاريل زال کي پنهنجي پٽ آريادامر (Ariadamer) ڏانهن موڪليو، جو سوماترا ٻيٽ ۾ پالم بنگ (Palem Bang) شوبي جو گورنر هو. هتي بادشاهه جي زال کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو رادن پاته (Raden Patah) رکيو ويو. پالم بنگ جي گونر ٻار جي تربيت پنهنجن ٻچن وانگر ڪئي، اڳتي هلي ڏسنداسون ته ڪيئن هن ٻار مجابهت جي بادشاهه (يعني پنهنجي پيءُ) کان پنهنجي ماءُ تي ٿيل ظلم جو سخت بدلو ورتو. چمپا جي راجا پنهنجي ٻيءَ ڌيءَ جي شادي هڪ عرب سان ڪرائي، جو چمپا ۾ اسلام جي اشاعت لاءِ آيل هو هن جوڙي مان هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو رادن رحمت (Raden Rahamat) رکيو ويو. رادن رحمت جي پيءُ پنهنجي پٽ جي تربيت نهايت خبرداريءَ سان اسلام مطابق ڪئي ۽ جاوا جا ماڻهو رادن رحمت کي اڃا تائين جاوا جو مبلغ اعظم تصور ڪن ٿا.
رادن رحمت جڏهن 20 سالن جو جوان ٿيو، تڏهن سندس مائٽن کيس خط ۽ ڪجهه تحفا ڏئي، سندس ماسيءَ جي خاوند يعني مجاپهت جي بادشاهه ڏانهن موڪليو. رستي ۾ هو بالم بنگ ۾ ٻه مهينا ترسي پيو ۽ اهو سارو عرصو تليجي گورنر آريا دامر جو مهمان رهيو، جنهن کي قريب قريب اسلام طرف راغب ڪري ويو. پر آريا دامر رعيت جي خوف کان علي الاعلان اسلام جي اظهار جي جرئت ڪري نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته سندس رعيت جا ماڻهو پنهنجن قديم، غلط ۽ وهمي عقيدن کي تمام گهڻو چهٽيل هئا. پالم بنگ کان پوءِ رادن رحمت گريسڪ جي شهر ۾ آيو، جتي هن جي ملاقات هڪ عرب مبلغ شيخ مولانا جمادي الڪبريٰ سان ٿي، جنهن هن جو ڏاڍو سٺو استقبال ڪيو ۽ هن کي مشرقي جاوا لاءِ دين جو مجدد ڪري سمجهيو. جنهن جي اچڻ جي اڳيئي پيشنگوئي ٿيل هئي. شيخ جمادي الڪبريٰ رادن رحمت کي يقين ڏياريو ته سندس ئي ڪوشش سان جلد ئي بت پرستيءَ جو خاتمو ٿيندو ۽ بيشمار ماڻهو هن جي هٿ هيٺ اسلام جو شرف حاصل ڪندا. رادن رحمت جڏهن مجاپهت پهتو، تڏهن بادشاهه ۽ سندس راڻيءَ (يعني رادن رحمت جي ماسيءَ) هن جي ڏاڍي مرحبا ڪئي. جيتوڻيڪ بادشاهه بذاتِ خود اسلام قبول ڪرڻ پسند نه ڪيو، تڏهن به سندس دل ۾ رادن رحمت جي محبت ۽ عزت ايتريقدر ته گهر ڪري وئي، جو بادشاهه يڪدم هن کي ٽن هزارن خاندانن مٿان امپل (Ampel) جو گورنر مقرر ڪيو، جتي هن کي پنهنجي مذهب جي اشاعت ۽ پيروي ڪرڻ جي کليءَ طرح آزادي ملي. امپل جو شهر جاواجي اڀرندي ڪناري تي گريسڪ کان ڪجهه ڏکڻ طرف واقع آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ رادن رحمت امپل ۾ گهڻيءَ ڪاميابيءَ سان اسلام پکيڙيو.
هاڻي جاوا ۾ امپل جو شهر اسلام جو مکيه مرڪز بڻجي پيو ۽ اتي جي حاڪم (رادن رحمت) جو نالو اسلام جي اشاعت کان جتي ڪٿي مشهور ٿي ويو. رادن رحمت کي اشاعت جي ڪم ۾ مدد ڏيڻ لاءِ هڪ بزرگ مولانا اسحاق امپل ۾ آيو. رادن رحمت هن کي جاوا جي ئي بلڪل مشرقي ڇيڙي ڏانهن بالم بنگن جي رياست ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ روانو ڪيو. هتي پهچڻ سان مولانا اسحاق بادشاهه جي ڌيءَ کي تندرست ڪيو، جا ڪنهن سخت مرض ۾ مبتلا هئي. بادشاهه خوش ٿي شڪراني ۾ پنهنجي ڌيءَ جي شادي مولانا سان ڪرائي ۽ شهزاديءَ شاديءَ بعد تمام گهڻي شوق سان اسلام قبول ڪيو. بادشاهه پڻ اسلام بابت ڪجهه معلومات حاصل ڪئي. ليڪن جڏهن مولانا اسحاق هن تي زور ڏنو ته پنهنجي اسلام جو علي الاعلان اظهار ڪري، جهڙيءَ طرح هن وعدو ڪيو هو ته سندس ڌيءَ جي تندرست ٿيڻ تي هو اسلام قبول ڪندو، تڏهن بادشاهه مولانا کي پنهنجي حڪومت مان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو ته سندس ڌيءَ جو ٻار، جو جلد پيدا ٿيڻ وارو هو، ڄمڻ سان قتل ڪيو وڃي. جڏهن بادشاهه جي ڌيءَ کي ٻار ڄائو، تڏهن هن ٻار کي لڪ چوريءَ گريسڪ شهر ۾ هڪ دولتمند بيوه مسلمان عورت ڏانهن ڏياري موڪليو جنهن ٻار جي، ماءُ وانگر پرورش ڪئي ۽ هن کي ٻارهن سالن جي عمر تائين تعليم ڏياري. ان بعد انهيءَ عورت ٻار جي ٻانهن رادن رحمت جي سپرد ڪئي، جنهن ٻار جو سڄو قصو معلوم ڪري، هن تي رادن پڪو (Raden Paku) جو نالو رکيو ۽ ڪجهه وقت بعد پنهنجي ڌيءَ سان هن جو نڪاح ڪرايو. رادن پڪوءَ، گريسڪ جي ڏکڻ اولهه طرف گيري (Giri) شهر ۾ هڪ مسجد ٺهرائي ۽ سندس اثر ڪري هن شهر جي ماڻهن هزارن جي تعداد ۾ اسلام قبول ڪيو. رادن پڪوءَ جو نالو ايتريقدر ته مشهور ٿي ويو، جو رادن رحمت جي وفات بعد مجاپهت جي بادشاهه هن کي گريسڪ امپل جو گورنر مقرر ڪيو
انهيءَ وچ ۾ گريسڪ مان ٻيا به گهڻائي اسلام جا داعي اسلام جي تبليغ لاءِ روانا ٿيا. رادن رحمت جا ٻه پٽ گريسڪ مان نڪري، جاوا جي اتر اوڀر ڪناري تي مختلف حصن ۾ اچي رهڻ لڳا ۽ انهن پنهنجي بي انتها مذهبي شوق ۽ بيشمار ماڻهن کي مسلمان ڪرڻ ڪري ڏاڍي شهرت حاصل ڪئي. رادن رحمت پڻ هڪ مبلغ شيخ خليفه حسين کي گريسڪ جي سامهون مدورا ٻيٽ ڏانهن روانو ڪيو، جتي هن هڪ مسجد تعمير ڪرائي ۽ گهڻن ئي ماڻهن کي اسلام طرف آندو. جاوا ٻيٽ جي مغربي صوبن ۾ اسلام جي دعوت جو ڪم شيخ نور الدين ابراهيم نالي هڪ بزرگ هلايو. هي بزرگ ايشيا جي ڏکڻ اڀرندي وارن ٻيٽن جي ميڙ ۾ ڪيتريءَ مدت تائين ڀٽڪندو رهيو ۽ آخرڪار سنه 1412ع ۾ چيريبان (Cheribon) ۾ اچي آباد ٿيو. هتي نور الدين هڪ ڪوڙه جي مريض عورت کي تندرست ڪيو، جنهن ڪري هن جو نالو تمام گهڻو مشهور ٿي ويو ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو اسلام جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ خود بخود هن وٽ اچڻ لڳا. شروع شروع ۾ چيريبان جي نزديڪ رهندڙ ڪيترن سردارن ڪوشش ڪئي ته گڏجي نور الدين جي تحريڪ جو مقابلو ڪن. پر جلد ئي انهن محسوس ڪيو ته سندن مخالفت مان ڪجهه به کڙتيل نه نڪرندو. آخرڪار اهي سردار خود انهيءَ تحريڪ جي لهر ۾ لڙهي ويا ۽ انهن مان گهڻن اسلام قبول ڪيو.
هاڻي اسان پالم بنگ جي گورنر آريادامر جو احوال بيان ڪريون ٿا. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته آريادامر پنهنجن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت مسلمانن جي مذهب مطابق ڪئي، ليڪن خود رعيت جي خوف کان علانيتن اسلام جو اظهار نه ڪيو. جڏهن رادن پاته (مجاپهت جي بادشاهه جو سندس وهاريل زال مان پٽ)ويهن سالن جي عمر کي پهتو، تڏهن آريادامر هن کي پنهنجي پٽ رادن حسين سان گڏ، جو کانئس 2 سال ننڍو هو، جاوا ڏانهن روانو ڪيو. انهن ٻنهين نوجوانن گريسڪ ۾ پنهنجي منزل ڪئي. رادن پاته کي پنهنجي نسل جي خبر هئي ۽ سندس ماءُ سان مجاپهت جي راجا، جيڪو برو برتاءُ ڪيو هو، تنهن رادن پاته کي بادشاهه کان سخت ڪاوڙائي ڇڏيو هو. انهيءَ ڪري هن رادن حسين سان گڏ مجاپهت وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ امپل ۾ رادن رحمت وٽ ترسي پيو. رادن حسين مجاپهت پهتو، جتي بادشاهه سندس ڏاڍو آڌرڀاءُ ڪيو. بادشاهه هن کي پهريائين هڪ ضلعي جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ پوءِ کيس لشڪر جو سپهه سالار ڪري رکيو.
انهيءَ وچ ۾ رادن رحمت، رادن پاته کي پنهنجي پوٽيءَ جو سڱ ڏنو. رادن پاته گريسڪ جي اولهه طرف، هڪ قدرتي حفاظت واري هنڌ تي بنتارا (Bintara) ۾، جنهن جي چوگرد ڌٻڻ واري زمين گهڻي مفاصلي تائين ڦهليل هئي، پنهنجي هڪ ڇاوڻي قائم ڪئي. جڏهن مجاپهت جي بادشاهه جي ڪن تي هن نئينءَ ڇاوڻيءَ جي خبر پهتي، تڏهن بادشاهه رادن حسين کي رادن پاته ڏانهن هي حڪم ڏئي موڪليو ته بنتارا جو حاڪم مجاپهت جي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿي بادشاهه جي اطاعت قبول ڪري، ورنه بنتارا کي برباد ڪيو وڃي. رادن حسين، رادن پاته کي چڱيءَ طرح سمجهائي، ٻجهائي مجاپهت هلڻ لاءِ راضي ڪيو. جڏهن هو بادشاه جي درٻار ۾ پهتو، تڏهن حاضرينن کي هڪدم منجهس بادشاهه جا اهڃاڻ نظر آيا. درٻار ۾ رادن پاته جو سٺو استقبال ٿيو. هن کي بنتارا جو باقاعده گورنر مقرر ڪيو ويو. پر هن جي دل ۾ اڃا تائين انتقام جي آگ ڀڙڪي رهي هئي ۽ پنهنجي پيءُ جي حڪومت کي ختم ڪرڻ جو هنکي بلڪل پڪو ارادو هو. رادن پاته مجاپهت کان واپس امپل ۾ آيو ۽ هن پنهنجي سچي ارادي جو ذڪر رادن رحمت سان ڪيو، جنهن سندس غصي کي دور ڪرڻ جي هر طرح ڪوشش ڪئي. رادن رحمت، رادن پاته کي هن طرح نصيحت ڪئي: ”تنهنجي پيءُ مجاپهت جي بادشاهه جون هميشه توتي مهربانيون رهيون آهن، ان کانسواءِ بادشاهه خود منصف ۽ رعيت جو محبوب آهي. تنهنجو دين (اسلام) توکي ڪنهن به حالت ۾ اجازت نه ٿو ڏئي ته تون پنهنجي پيءُ جي خلاف جنگ ڪرين يا ڪنهن به قسم جو هن کي نقصان پهچائين.“ رادن رحمت هن کي گهڻو ئي سمجهايو، ليڪن هن تي (جيئن اڳتي هلي معلوم ٿيندو) ذري برابر به اثر نه ٿيو. رادن پاته آخرڪار بنتارا ڏانهن واپس هليو ويو. بنتارا ترقيءَ ۽ آباديءَ جي لحاظ کان روز بروز نالو ڪڍندو ويو ۽ آسپاس جي شهرن ۽ ڳوٺن کان بيشمار ماڻهو اتي اچي اسلام جو شرف حاصل ڪندا هئا. هن بنتارا ۾ هڪ جامع مسجد تعمير ڪرائڻ جي هڪ تجويز رٿي هئي ۽ اڃا تعمير جو ڪم مس شروع ٿيو ته هن کي رادن رحمت جي بيماريءَ جو اطلاع پهتو. رادن پاته يڪدم امپل ڏانهن روانو ٿي ويو، جتي هن ڏٺو ته اسلام جا مکيه مبلغ رادن رحمت جي بستري جي چوگرد گڏ آهن، جن کي هو هميشه پنهنجو پيشوا ڪري سمجهندا هئا. انهن مبلغن ۾ رادن رحمت جا ٻه پٽ، جن جو بيان اڳيئي مٿي اچي چڪو آهي، گيريءَ جو حاڪم رادن پڪو ۽ پنج ٻيا بزرگ هئا. ٿورن ڏينهن بعد رادن رحمت جا پساهه پورا ٿيا ۽ رادن پاته جي انتقامي منصوبن کي عملي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ لاءِ جيڪا هڪڙي رڪاوٽ هئي، سا به دور ٿي وئي. اسلام جا هي مکيه اٺئي داعي رادن پاته سان گڏجي، بنتارا ۾ آيا ۽ مسجد جي مڪمل ڪرائڻ ۾ انهن جي مدد ڪئي. انهن سڀني گڏجي قسم نامي تي عهد ڪيو ته هو مجاپهت جي بادشاهه خلاف رادن پاته جي مدد ڪندا. جاوا ٻيٽ جي سڀني مسلمان سردارن، رادن حسين کان پوءِ هن سازش ۾ حصو ورتو. رادن حسين پنهنجن سڀني ماڻهن سميت بادشاهه سان سچو رهيو ۽ پنهنجن هم مذهب (يعني مسلمان) باغين سان شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو.
بهرحال هڪ زبردست خونريز لڙائي شروع ٿي، جنهن جي تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت نه آهي. هتي صرف هي ٻڌائڻ ڪافي ٿيندو ته سنه 1478ع ۾، ستن ڏينهن جي خطرناڪ لڙائيءَ بعد مجاپهت جي بادشاهه شڪست کاڌي، جاوا جي مشرقي حصي ۾ هندو حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ ان جي جڳهه تي اسلامي حڪومت قائم ٿي. ٿوري وقت بعد رادن حسين پاڻ کي پنهنجن ماڻهن سميت هڪ مضبوط قلعي ۾بند ڪيو، جنهن جو رادن پاته جي لشڪر ٻاهران گهيرو ڪيو. آخرڪار رادن حسين تنگ ٿي پيش پيو ۽ هن کي امپل ڏانهن وٺي ويا، جتي سندس ڀاءُ رادن پاته هن جو ڏاڍو سٺو آدر ڀاءُ ڪيو، هن واقعي بعد هڪ ڪافي تعداد اهڙن ماڻهن جو وڃي بچيو، جي قديم هندو مذهب جا پابند هئا. انهن ماڻهن سنه 1481ع ۾ ڀڄي وڃي، باتي (Bati) ٻيٽ ۾ پناهه ورتي، جتي اڃا تائين شيو جي پوڄا ماڻهو جو مکيه مذهب آهي
هندن کان سواءِ ٻيا جيڪي به ماڻهو بچيا، تن بابت معلوم ٿئي ٿو ته انهن مجاپهت خاندان جي اميرن جي قيادت ۾ ننڍيون ننڍيون الڳ رياستون قائم ڪيون.
هي ماڻهو، هندو حڪومت جي تختگاهه مجاپهت جي هارائڻ بعد، ٿوري وقت تائين بت پرستيءَ تي محڪم رهيا. نه رڳو جاوا جي مشرقي حصي ۾ مذڪوره واقعا رونما ٿيندا رهيا، مگر ساڳئي وقت مغربي حصي ۾ پڻ مسلمان مبلغ خاموش نه هئا. چير ببان جي شيخ نور الدين ابراهيم پنهنجي پٽ مولانا حسن الدين کي جاوا جي مغربي صوبن بانتن (Banten) ۾ اسلام جي تبليغ واسطي روانو ڪيو. بانتن پجاجرم جي بت پرست حڪومت جي تابع هو. هتي حسن الدين جون ڪوششون گهڻي قدر ڪامياب ويون. بانتن جي جن ماڻهن اسلام قبول ڪيو، تن ۾ اٽڪل اٺ سئو (800) کن جوڳي ۽ سنياسي قسم جا ماڻهو هئا. بانتن جي تاريخ مان خصوصن معلوم ٿئي ٿو ته مولانا حسن الدين جن به ماڻهن کي پنهنجي مذهب ۾ شامل ڪيو، تن کي هن نهايت نرميءَ سان وعظ ۽ نصيحت ذريعي اسلام طرف راغب ڪيو. هن ڪڏهن به هن ڪم ۾ تلوار کان ڪم نه ورتو. ڪجهه وقت بعد مولانا حسن الدين پنهنجي پيءُ سان گڏ حج جي فرض ادا ڪرڻ لاءِ مڪه مڪرمه ڏانهن روانو ٿيو ۽ جڏهن اتان واپس وريو، تڏهن مجاپهت تي حملي ڪرڻ ۾ رادن پاته جي مدد ڪيائين.
جاوا جي مغربي حصي ۾ اسلام ايترو جلد نه هليو، جيترو مشرقي حصي ۾. هتي عرصه دراز کان وٺي شيوَ جي پوڄارين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڪشمڪش هلندي آئي آهي. جاوا جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن دور ۾ پجاجرن جي هندو حڪومت جي هٿ هيٺ جاوا جون مغربي رياستون پڻ هيون. مسلمانن هن حڪومت کي عيسوي سورهين صديءَ جي وچ کان اڳ ختم ڪري نه سگهيا پجاجرن جي حڪومت کان علاوه، جاوا جي مغربي حصي ۾، ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون بت پرست قومون پڻ آباد هيون، جي پجاجرن حڪومت جي خاتمي بعد به گهڻي عرصي تائين قائم رهيون. ۽ انهن مان ڪجهه قومون ته اڃا تائين هن حصي ۾ نظر اينديون. انهن بت پرست قومن مان هڪ قوم بادو وي (Baduwi) نالي آهي، جنهن جي تاريخ خصوصن دلچسپ ۽ نهايت مزيدار آهي. هن قوم جا ماڻهو جاوا جي قديم مذهب جي پوئلڳن جو اولاد آهن ۽ پجاجرن حڪومت جي شڪست کائڻ بعد هو انهيءَ خيال سان جهنگلن ۽ جبلن ڏانهن ڀڄي ويا ته جيئن اتي آزاديءَ سان پنهنجي اباڻي دين جي پيروي ڪري سگهن. ڪجهه عرصي بعد، جڏهن هن قوم جي ماڻهن بانتن جي مسلمان بادشاهه جي اطاعت قبول ڪئي تڏهن انهن کي هن شرط تي پنهنجي اصلوڪي مذهب جي پيروي ڪرڻ جي اجازت ملي. ته هو پنهنجي تعداد ۾ اضافو ٿيڻ نه ڏيندا. هيءَ هڪ اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته هي ماڻهو اڃا تائين پنهنجي عهد جا پابند آهن، حالانڪه ڊچ حڪومت گهڻي وقت کان وٺي جاوا ۾ قائم آهي ۽ انهن هن قوم جي ماڻهن کي مسلمانن سان ڪيل شرط جي پابنديءَ کان پڻ آزاد ڪيو. هو اڃا تائين پنهنجي گروهه ۾ چاليهن گهرن کان وڌيڪ گهر شامل نٿا ڪن. جڏهن انهن جو تعداد چاليهن ڪٽنبن کان وڌي ويندو آهي، تڏهن انهن مان هڪ ٻه ڪٽنب يا وڌيڪ نڪري ڀر وارن مسلمان ڳوٺن ۾ وڃي رهندا آهن.
جيتوڻيڪ جاوا ٻيٽ جي مغربي حصي ۾ اسلام جي اشاعت ٻين حصن جي مقابلي م تمام گهڻي آهستگيءَ سان ٿيندي رهي، تنهن هوندي به هن ڀاڱي ۾ اسلام بت پرستيءَ کي تڙي، ان جي جڳهه خود والارڻ ۾ ايتريقدر مڪمل ڪاميابي حاصل ڪئي، جو اهڙي ڪاميابي ان کي مجاپهت جي راجائن جي حڪمرانيءَ ۾ به نصيب نه ٿي. دراصل انهيءَ جو هڪ مکيه ڪارڻ هي هو، جو جاوا جي مغربي حصي ۾ هندو مذهب ماڻهن جي دلين ۾ ايتريقدر گهرُ ڪري نه ويو هو، جيتريقدر جاوا جي وچ واري علائقي ۾، مغربي جاوا ۾ اسلامي قانون هڪ زنده طاقت آهي ۽ عربستان کان جيڪا تهذيب ۽ تمدن هن ملڪ ۾ آندي وئي، سا هن ڀاڱي جي ماڻهن جي زندگيءَ ۽ انهن جي حڪومت ۾ بلڪل جذب ٿي وئي. بيان ڪيو وڃي ٿو ته موجوده وقت ۾ مغربي جاوا جا اهي مسلمان، جي دين جو علم حاصل ڪن ٿا يا حج جي ارادي سان مڪه معظم ڏي وڃن ٿا، سي سڄي ٻيٽ جي ماڻهن ۾ سڀني کان زياده هوشيار، لائق ۽ سکيا ستابا آهن.
اسان مٿي معلوم ڪري چڪاسون ته جاوا ٻيٽ ۾ اسلامي حڪومتن جي قائم ٿيڻ بعد به ڪيترين صدين تائين جاوا جا گهڻائي ماڻهو پنهنجي بت پرستيءَ واري مذهب تي محڪم رهيا. مگر موجوده وقت ۾ جاوا ٻيٽ ۾ نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته جزيري جي سڄي آبادي سواءِ ڪن ٿورن ماڻهن جي، مسلمانن جي آهي. جيتوڻيڪ جاوا جي مسلمانن ۾ سندن وڏن جون گهڻيون ئي قديم وهمي رسمون موجود آهن، تنهن هوندي به اڃا تائين مسلمانن جو ميلان مسلسل هن ڳالهه طرف آهي ته انهن جو خيال، فعل ۽ قول، سڀئي اسلامي تعليم مطابق هجي، بهرحال اسلام جي اشاعت جو هيءُ ڪم، جو هڪ مدت مديد کان وٺي جاوا ۾ جاري هو، نهايت صلح پسند طريقن سان رفته رفته وڌندو ويو. هن ٻيٽ ۾ اسلامي حڪومتن جي برپا ٿيڻ جو تعلق جاوا جي سياسي تاريخ سان آهي ۽ نه مذهبي تاريخ سان، ڇاڪاڻ ته هتي اسلام کي ترقي مسلمان بادشاهن کان حاصل نه ٿي، بلڪه اها مسلمان مبلغن ۽ داعين جي سر ٽوڙ محنتن ۽ جانفشانين جو نتيجو آهي.
جنهن وقت جاوا جا مسلمان هندو حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ ۽ حڪومت جون واڳون بازن جي زور سان پنهنجن هٿن ۾ آڻڻ جي جدوجهد ۾ مشغول هئا، عين انهيءَ وقت ملايا آرڪيپيليگو جي ٻين ٻيٽن ۾ مسلمان مبلغ بلڪل خاموش ۽ پرامن تبليغي سرگرمين ذريعي هڪ قسم جو مذهبي انقلاب آڻي رهيا هئا. مسلمان داعي پنهنجين سرگرمين ۾ آهستي آهستي، ليڪن پختيءَ طرح ڪامياب ٿيندا ويا. هاڻي اچو ته انهن ٻيٽن مان پهريائين مولوڪا (Molucca) ٻيٽن جي تبليغي تاريخ طرف توجهه ڪريون.
مولوڪا ٻيٽ:
معلوم ٿئي ٿو ته لونگن جي واپار ڪري مولوڪا ٻيٽن جي باشندن جو ملايا آرڪيپيليگو جي مغربي حصي ۾ رهندڙ ماڻهن سان تعلق پيدا ٿيو ۽ اهو تعلق گهڻو پراڻو هو. جاوا ۽ ملايا جي نئو مسلم واپارين، جي مولوڪا ٻيٽن ۾ واپار جي سانگي سان آيل هئا، ڪناري تي رهندڙ ماڻهن ۾ اسلام جي اشاعت ڪئي جڏهن هڪ مشهور پورچوگيز جهازدان مگيلان Magellan جا ساٿي واپس پنهنجي وطن پهتا، تڏهن انهن هڪ عجيب قصي جو انڪشاف ڪيو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪهڙيءَ طرح مسلمانن مولوڪا ٻيٽن ۾ اسلام شايع ڪيو. اهو قصو هن طرح آهي: مولوڪا ٻيٽ جي بادشاهن اسپين جي ماڻهن جي اچڻ کان ٿورا سال اڳ هن عقيدي کي تسليم ڪيو هو ته سڀيئي روح زنده آهن. هن عقيدي لاءِ انهن کي ٻيو ڪو به دليل نه هو، سواءِ انهيءَ جي جو انهن هڪ نهايت خوبصورت ننڍڙو پکي ڏٺو هو جو هميشه اڏامندو رهندو هو، ۽ ڪڏهن به زمين تي يا زمين جي ڪنهن به شيءِ تي نه وهندو هو. مسلمان واپاري، جي مولوڪا ٻيٽن ۾ واپار جي خيال سان ايندا رهندا هئا، انهن کي ٻڌايو ته اهو ننڍڙو پکي جنت جي پئدائش آهي ۽ جنت اها جڳهه آهي جتي مرڻ کانپوءِ انسان جا روح آرام ڪن ٿا. هي ٻڌي مولوڪا جي بادشاهن اسلام قبول ڪيو، ڇاڪاڻ ته اسلام روحن کي جنت جي عجيب عجيب نعمتن عطا ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائي ٿو
ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مولوڪا ٻيٽن ۾ اسلام جو آغاز عيسوي پندرهين صديءَ ۾ ٿيو ۽ ان کان پوءِ رفته رفته ترقي ڪندو ويو. ٽڊور (Tidor) رياست جي بت پرست بادشاهه، عرب جي هڪ بزرگ شيخ منصور جي ترغيب ۽ هدايت سان پنهنجي رعيت جي گهڻن ئي ماڻهن سان مسلمان ٿيو. بادشاهه جو اصلوڪو نالو تجريلي لجاتو (Tjireli lijatu) بدلائي مٿس اسلامي نالو جمال الدين رکيو ويو. بادشاهه جي وڏي پٽ تي سندن استاد شيخ منصور جي نالي پٺيان منصور نالو رکيو ويو. جڏهن اسپين جو هڪ وفد سنه 1521ع ۾، يعني مگيلان جي موت کان ٿورو پوئڀرو ٽڊور ۾ پهتو، تڏهن سلطان منصور اسپين جي ماڻهن جي ڏاڍي خاطر و مدارت ڪئي. مورخ پگافت (Pigafetta)، جو هن وفد سان گڏ آيل هو، لکي ٿو ته، ٽڊور جو حاڪم راجا سلطان منصور هو، جنهن جي عمر 55 ورهيه کن هئي. پگافت هي پڻ ٻڌائي ٿو ته، مسلمانن جي مولوڪا ۾ اچڻ کي 50 سالن جو عرصو مشڪل سان گذريو هو
ائين معلوم ٿئي ٿو ته ٽڊور جي ڀر واري ٻيٽ ٽرينٽ (Ternate) ۾ اسلام ٽڊور کان ڪجهه عرصو اڳ پنهنجا پير کوڙيا هئا. هن ٻيٽ ۾ پورچوگيز آيا ۽ انهن جي اچڻ جو وقت به تقريبن اهو ساڳيو هو جنهن وقت اسپين جا ماڻهو ٽڊور ۾آيا هئا. پورچو گيزن کي ٽرينٽ جي ماڻهن ٻڌايو ته هن ٻيٽ ۾ اسلام جي اشاعت کي اسي (80) سالن کان به ڪجهه زياده عرصو گذريو آهي
پورچوگيز مورخن جي بيان مطابق مولوڪا ٻيٽن جي سڀني حاڪمن مان پهريائين ٽرينٽ جي سلطان اسلام قبول ڪيو. هن بادشاهه جو مرتبو، مولوڪا ٻيٽن جي سڀني خودمختيار حاڪمن ۾ افضل آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته هي بادشاهه اسلام قبول ڪرڻ جي نيت سان سنه 1495ع ۾ جاوا جي گريسڪ شهر ۾ آيو ائين نظر اچي ٿو ته ٽرينٽ ٻيٽ ۾ اسلام ايتري قدر جلد ترقي نه ڪئي، ڇاڪاڻ ته هتي ٻيٽ جي ماڻهن جي قديم بت پرستيءَ ۽ ديوتائن جي پوڄا جا سخت معتقد هئا، اسلام جي سخت مخالفت ڪئي. خود ٻيٽ جي ماڻهن اسلام قبول ڪيو هو، تن ۾ قرآني تعليم سان گڏ بت پرستيءَ جون قديم رسمون ڪجهه وقت تائين موجود هيون ۽ انهن ماڻهن جون دليون هميشه تذبذب جي حالت ۾ رهنديون هيون.
اسلام ٽرينٽ ٻيٽ ۾ جلد ئي ترقي ڪري ها، مگر پورچوگيزن جي فتوحات، اسلام جي ترقيءَ کي ڌڪو ڏنو. انهن مسلمانن جي هڪ قاضيءَ کي، جو ماڻهن کي اسلامي اصولن کان آگاهه ڪندو رهندو هو، ٻيٽ مان تڙي ڪڍيو ۽ ٻيٽ جي بت پرست ماڻهن ۾ مسيحي دين جي اشاعت شروع ڪئي، جنهن ۾ هو ڪجهه قدر ڪامياب ٿيا. ليڪن انهن جي اها ڪاميابي گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهي ڇاڪاڻ ته جڏهن مولوڪا جي ماڻهن عيسوي سورهين صديءَ جي آخري حصي ۾ پورچوگيزن کي پنهنجي گهرو مصيبتن ۾ مبتلا ڏٺو، تڏهن پاڻ کي پورچوگيزن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. انهن پورچوگيزن خلاف بغاوتون برپا ڪيون ۽ عيسائين کي سخت تڪليفون پهچايون. بيشمار عيسائي قتل ڪيا ويا ۽ گهڻا پنهنجي مذهب تان دست بردار ٿيا. مطلب ته ٽرينٽ ٻيٽ ۾ عيسائيت جيڪو ڪجهه پنهنجو اثر ڄمايو هو، سو سڀ ڪافور ٿي ويو ان وقت کان وٺي ٽرينٽ جا ماڻهو مسلمان مبلغن جي زياده مرحبا ڪرڻ لڳا، جي مغرب کان هتي ڪثرت سان ايندا رهيا
عيسوي سترهين صديءَ ۾ ڊچ قوم جي ماڻهن مولوڪا ٻيٽن ۾ عيسائين جو مڪمل طرح خاتمو آندو ۽ جيڪي به اسپين ۽ پورچوگال جا ماڻهو انهن ٻيٽن ۾ اڃا موجود هئا، تن سڀني کي ٻيٽن مان تڙي ڪڍيو. يسوعي فرقي جا پادري ٽرينٽ جي باقي بچيل ڪن ٿورن عيسائين کي پاڻ سان وٺي فلپائين ٻيٽن ڏانهن هليا ويا (ٽرينٽ جي انهن عيسائين جو اولاد اڃا تائين لوزان (Luzan) ٻيٽ جي ڪاوتي (Cavite) صوبي ۾ موجود آهي.
ٽڊور ۽ ٽرينٽ ٻيٽن مان اسلام مولوڪا جي ٻين ٻيٽن ۾ پهتو، جيتوڻيڪ ڪجهه وقت تائين اسلام جي اشاعت رڳو ڪناري وارن ماڻهن ۾ ٿيندي رهي ملايا اپٻيٽ جا گهڻا نئو مسلم هجرت ڪري مولوڪا ٻيٽن ۾ اچي رهيا ۽ ننڍا ننڍا ٻيٽ سڄا انهن نون مسلمانن سان ڀريا پيا آهن. وڏن ٻيٽن جي ڪنارن تي مسلمان آباد آهن. باقي اندروني حصي ۾ آلفر (Alfur) قوم جا ماڻهو رهن ٿا. ڪجهه وقت بعد آلفر قوم جا ماڻهو پڻ اسلام جي حلقي ۾ شامل ٿي ويا سنه 1521ع ۾ گيلولو (Gilolo) رياست جو بادشاهه مسلمان هو. هيءَ رياست هلماهيرا (Halemahirah) ٻيٽ جي اترئين ڪناري جي مغربي حصي ۾ واقع هئي موجوده وقت ۾ سرڪاري مذهب (يعني اسلام) جي فائدي لاءِ ڪجهه اهڙا قانون جاري ڪيا ويا آهن، جو انهن جي ڪري آلفر قوم جي ماڻهن ۾ پڻ اسلام ڪجهه قدر زور ورتو آهي، مثلن جيڪڏهن آلفر قوم جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪنهن مسلمان ڇوڪريءَ سان ناجائز تعلق رکندي ڏٺو ويو ته پوءِ هن کي لازمي طرح سان مسلمان ٿي انهيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن آلفر قوم جي ڪنهن به عورت مسلمان مرد سان شادي ڪئي ته هن کي پنهنجي خاوند جو مذهب اختيار ڪرڻو پوندو. ان کانسواءِ ڪنهن به سرڪاري قانون جي خلاف ورزي اسلام قبول ڪرڻ سان معاف ٿي ويندي هئي. جيڪڏهن امير جي جڳهه خالي ٿي ته ان جي پر ڪرڻ لاءِ اميدوار جي جائز حق کي گهٽ ڏٺو ويندو هو، مگر هي ضرور ڏٺو ويندو هو ته اميدوار اسلام قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي يا نه
بورنيو:
بورنيو ٻيٽ ۾ اسلام جي شروعات جيتوڻيڪ عيسوي سورهين صديءَ ۾ ٿي، تنهن هوندي به اسلام گهڻو ڪري رڳو ڪناري وارن علائقن تائين محدود رهيو. عيسوي سورهين صديءَ ڌاري بنجر ماسين (Banjarmasin) جي ماڻهن اسلام قبول ڪيو. بنجرماسين جي رياست بورنيو جي ڏاکڻي ڪناري تي واقع هئي ۽ ان وقت تائين مجاپهت جي هندو سلطنت جي ماتحت رهي، جيستائينڪه سنه 1478ع ۾ انهيءَ سلطنت جو خاتمو آيو بنجرماسين جي ماڻهن جي اسلام قبول ڪرڻ جو باعث انهن مسلم رياستن مان هڪ رياست هئي. جي مجاپهت سلطنت جي ختم ٿيڻ بعد ان جي جڳهه تي قائم ٿيون.
بنجر ماسين جي ماڻهن جي مسلمان ٿيڻ جو قصو هن طرح آهي ته هتي ماڻهن هڪ بغاوت بند ڪرڻ لاءِ دامڪ جي رياست کان مدد طلب ڪئي.ليڪن اها مدد انهيءَ شرط تي ڏيڻ قبول ڪئي ويئي ته بنجرماسين جا ماڻهو اسلام قبول ڪندا. آخرڪار جاوا کان مسلمانن جو هڪ لشڪر بنجرماسين پهتو، جن بغاوت بند ڪري ماڻهن کي مسلمان ڪرڻ شروع ڪيو جڏهن اسپين جا ماڻهو سنه 1521ع ۾ بورنيو جي اتر اولهه ڪناري تي بروني (Brunai) شهر ۾ پهتا، تڏهن انهن ڏٺو ته اتي جو بادشاهه مسلمان هو ڪجهه وقت بعد يعني سنه 1550ع ڌاري بورنيو جي مغربي حصي سڪادنا (Sakkadana) جي رياست ۾ عربن اسلام جي اشاعت شروع ڪئي. اهي عرب سوماتر ٻيٽ جي پالم بنگ پرڳڻي مان آيل هئا سڪادنا جي بادشاهه پنهنجي اباڻي مذهب کي ترڪ ڪرڻ کان انڪار ڪيو. پر ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هن جي موت (سنه 1590ع) کان 40 سالن جي عرصي اندر سڪادنا ۾ اسلام سٺي ترقي ڪئي. انهيءَ بادشاهه جي موت بعد سندس جاءِ نشين اسلام قبول ڪيو ۽ ڀر واري ٻيٽ جي بادشاهه جي ڌيءُ سان شادي ڪئي. انهيءَ ٻيٽ ۾ اسلام ضرور گهڻو آڳاٽو پهتو هوندو ڇاڪاڻ ته ٻيٽ جي انهيءَ بادشاهه جي زندگيءَ ۾ ئي هڪ سياح سنه 1600ع ۾ ٻيٽ جو سير ڪرڻ آيو، جنهن ٻڌايو ته ڪناري تي رهندڙ ماڻهن جو عام مذهب اسلام هو. اهو مورخ ٻيٽ جي اندورني حصي ۾ رهندڙ ماڻهن متعلق لکي ٿو ته اهي سڀئي بت پرست هئا. موجوده وقت ۾ پڻ، انهن ماڻهن جو گهڻو حصو بت پرست آهي.
ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سڪارنا رياست ۾ اسلام جي ترقيءَ، هاڻي اسلامي دنيا جي مرڪز يعني مڪه معظم جو توجهه هن دور دراز ٻيٽ ڏانهن ڇڪايو آهي. ڇاڪاڻ ته سڪارنا جي مذڪور مسلمان بادشاهه جي جائنشين جي دور حڪومت ۾ مڪه مڪرم کان هڪ بزرگ شيخ شمس الدين بادشاهه لاءِ تحفه طور قرآن شريف جو هڪ نسخو ۽ هڪ قيمتي منڊي، خط سان گڏ کڻي آيو. خط ۾ بادشاهه کي، اسلام جي محافظ هجڻ جي حيثيت ۾ سلطان محمد صفي الدين جو خطاب عطا ڪيو ويو.
عيسوي 18 صديءَ جي آخري حصي ۾ اتر بورنيو جي اندروني ڀاڱي ۾ هڪ قوم ايدان (Iddans) نالي آباد هئي ۽ چيو وڃي ٿو ته اها قوم بورنيو جي ڪناري تي رهندڙ مسلمانن کي تمام گهڻيءَ عزت جي نگاهه سان ڏسندي هئي، ڇاڪاڻ ته مسلمانن وٽ هڪ اهڙو مبارڪ دين هو، جنهن کان هو اڃا تائين محروم هئا. ڊل رمپل (Dal Rymple) سنه 1761ع کان 1764ع تائين ”زولو“ (Sulu) ٻيٽ جي دوري تي رهيو ۽ انهيءَ عرصي اندر هن ايدان قوم متعلق ڪافي معلومات هٿ ڪئي. هو هن قوم بابت ٻڌائي ٿو ته: ”انهن کي پنهنجي جهالت تي ڏاڍو افسوس آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي پاڻ کي حقير سمجهندا آهن. هو جڏهن به مسلمانن جي گهرن ۾ يا انهن جي جهازن تي ايندا آهن، تڏهن انهن جو ڏاڍو ادب ۽ تعظيم ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو مسلمانن کي اعليٰ عقل جا صاحب تصور ڪندا آهن جو انهن پنهنجي پروردگار کي سڃاتو آهي. هو انهيءَ جڳهه تي نٿا وهن، جتي مسلمان سمهندا آهن ۽ نه وري پان جي ساڳيءَ سونگيءَ ۾ پنهنجون آڱريون وجهي پان يا ڪا ٻي شيءِ ڪڍندا آهن. بلڪه پان جو ٽڪر يا جيڪي ڪجهه مسلمان انهن کي ڏيندا آهن سو نهايت ادب ۽ عاجزيءَ سان وٺندا آهن. هو مسلمانن جي اڳيان ڏاڍي نماڻائي ۽ انڪساري ڏيکارين ٿا. ڇاڪاڻ ته هو سمجهن ٿا ته مسلمان پنهنجي خالق کي بخوبي سڃاڻن ٿا، ليڪن هو خود پنهنجي پروردگار کي نٿا پروڙين ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سنه 1764ع کان پوءِ ايدان قوم جي ماڻهن اسلام قبول ڪرڻ شروع ڪيو
در حقيقت ايدان قوم جو مسلمان ٿيڻ، انهن بيشمار مسلمانن مان هڪڙو مثال آهي، جن ۾ اسلام اهڙين قومن مٿان پنهنجو اثر خوب ڄمايو جيڪي تهذيب ۽ تمدن ۾ ڪريل هيون. بورنيو ٻيٽ ۾ وقت به وقت ٻين قومن جا ڪيترا ماڻهو اچي آباد ٿيا، جهڙوڪ: عرب، بوگي (Bugis)، مئلي ۽ چيني قومون، انهن قومن عيسوي ستين صديءَ کان وٺي هتي پنهنجون بيٺڪون قائم ڪرڻ شروع ڪيون ان کانسواءِ مختلف ملڪن مان غلام پڻ بورنيو ۾ آندا ويندا هئا. اهڙيءَ طرح انهن سڀني قومن جي ماڻهن اسلام قبول ڪري مسلمانن جي تعداد ۾ اضافو آندو، ايتريقدر جو هن وقت بورنيو جا مسلمان هڪ مخلوط قوم آهن هي ٻاهريان ماڻهو جنهن وقت بورنيو ۾ داخل ٿيا هئا، تنهن وقت انهن مان گهڻا اڃا بت پرست هئا ۽ هو بورنيو جي اصلي رهاڪن کان، جن کي دياڪ (Dyaks) سڏيو ويندو هو، زياده ئي مهذب هئا. انهن دياڪ قوم جي ماڻهن تي فتح حاصل ڪئي ۽ انهن کي ٻيٽ جي اندروني حصي ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو، جتي اڃا تائين اهي ماڻهو گهڻو ڪري بت پرست آهن. البته بورنيو جي مغربي حصي ۾ دياڪ قوم جا ننڍا ننڍا قبيلا وقت به وقت اسلام ۾ داخل ٿيندا رهن ٿا.
سيليبس:
سيليبس ٻيٽ ۾ پڻ اسلام بورنيو ٻيٽ وانگر آهستي آهستي ترقي ڪئي. پهريائين ڪناري تي رهندڙ ماڻهن ۾ اسلام جي اشاعت شروع ٿي ۽ پوءِ درجي بدرجي اندروني حصي ڏانهن اسلام پکڙبو ويو. سيليبس ٻيٽ جي انهن قومن اسلام قبول ڪيو آهي، جي زياده مهذب آهن. يعني مڪاسر (macassars) ۽ بوگي (Bugis) قومون، هي ٻئي قومون سيليبس ٻيٽ جي ڏکڻ اولهه اپٻيٽ ۾ آباد آهن. بوگي قبيلي جا گهڻا ئي ماڻهو سيليبس جي ٻين اپٻيٽن جي ڪنارن تي پڻ رهن ٿا. هن ٻيٽ جي اندروني ڀاڱن ۾، سواءِ ڏکڻ اولهه اپٻيٽ جي جتي تقريبن سڄي آبادي مسلمانن جي آهي، آلفر قوم جا ماڻهو رهن ٿا، جي تهذيب ۽ تمدن ۾ پوئتي پيل آهن ۽ انهن ۾ اڃا تائين گهڻو تعداد بت پرستن جو آهي. سيلبس جي اتر اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر اپٻيٽن ۾ پڻ آلفر قوم جا ماڻهو ڪثير تعداد ۾ آباد آهن. اتر اوڀر اپٻيٽ جي ڇيڙي تي مناهاسا (Minahasa) صوبي ۾ آلفر قوم جي هڪ وڏي عيسائي مذهب اختيار ڪيو. مناهاسا ۾ مسلمان انهيءَ وقت پهتا آهن، جنهن وقت پورچوگيزن پنهنجا پير هن علائقي ۾ پختيءَ طرح کوڙيا ۽ آلفر قوم جي ماڻهن ۾ پروٽيسٽنٽ مذهب جي اشاعت زور شور سان شروع ڪئي ۽ جن به ماڻهن رومن ڪئٿلڪ مذهب قبول ڪيو هو، تن کي ڦيرائي پروٽيسٽنٽ مذهب ۾ آندو. مگر هاڻي سيليبس ٻيٽ جي مختلف حصن ۾ آلفر قوم جا جيڪي به بت پرست قبيلا موجود آهن، خواه اهي ڊچ حڪومت جي رعيت آهن يا ملڪي سردارن جي حڪومت ۾ رهن ٿا، تن سڀني ۾ اسلام آهستي آهستي ڦهلجي رهيو آهي.
جڏهن سنه 1540ع ۾ پورچوگيزن پهريون ئي دفعو، سيليبس ٻيٽ ۾ پير پاتو، تڏهن انهن صرف گوا (Goa) ۾، جو مڪاسر رياست جو تختگاهه هو، ڪجهه ٻاهرين ملڪن جا مسلمان ڏٺا. خود مڪاسر جا رهاڪو اڃا مسلمان نه ٿيا هئا. عيسوي سورهين صديءَ جي شروع ٿيڻ کان پوءِ هتي جي ماڻهن ۾ اسلام چڱيءَ طرح ڦهليو آهي. جيئن ته مڪاسر ۾ عيسائيت ۽ اسلام، ٻئي مذهب اتي جي بت پرست ماڻهن کي پنهنجي مذهب طرف آڻڻ لاءِ چٽاڀيٽي ڪندا رهندا هُئا. ان ڪري هن رياست ۾ اسلام جي اشاعت جو احوال ڏاڍو مزيدار آهي. آڳاٽي زماني جي هڪ مؤرخ اهڙيءَ چٽاڀيٽي جو هڪ واقعو ڏاڍي سهڻي نموني بيان ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته، ”پورچوگيزن مڪاسرجي ملڪ ڳولي لهڻ کي هڪ وڏي ڳالهه سمجهيو. ۽ انهن هن ملڪ جي اهڙن ماڻهن جي دلين هٿ ڪرڻ لاءِ تدبيرون سوچيون جنکي پنهنجي قبضي ۾ پنهنجي آڻڻ ڪا آسان ڳالهه نه هئي. البته انهن ۾ هيءَ ڳالهه ضرور هئي ته هو ڪنهن جو به احسان فراموش ڪرڻ وارا نه هئا ۽ مهربانيءَ ۽ حسن، سلوڪ سان دوست بڻجي ويندا هئا. هتي جا ماڻهو چڱا پهلوان ۽ همت وارا هئا ۽ ان سان گڏ انهن ۾ هندستاني ٻيٽن جي رهاڪن کان زياده عقل هو. جڏهن انهن جو يورپ وارن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو رستو وڌيو، تڏهن انهن کي چڱيءَ طرح معلوم ٿيو ته انهن جو پنهنجو مذهب فضول ۽ بي معنيٰ آهي. ملاڪا جي گورنر ڊون ائنٽونيو گالوانو (Don Antonio Galvano) جي ڪوشش سان مڪاسر جا ڪجهه ماڻهو عيسائي بڻيا هئا، مگر انهن کي عيسائي مذهب جي اهڙي مڪمل تعليم نه ملي هئي جو هو ٻين کي هن نئين مذهب بابت ڪجهه سمجهائي سگهن. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو مڪاسر جا سڀئي ماڻهو پنهنجي دلين مان اصلوڪا ڀرمي ۽ وهمي خيال ڪڍي يڪدم فطرت پسند بڻجي ويا. ليڪن انهن کي هن حالت ۾ به اطمينان نه ٿيو. انهيءَ ڪري انهن ملاڪا ۽ اچين (يعني اتجيه) ڏانهن پنهنجا ماڻهو موڪليا، انهيءَ لاءِ ته پهرئين ملڪ مان عيسائي پادري ۽ ٻئي مان مسلمان عالم مڪاسر ۾ وٺي اچن. انهن هي فيصلو ڪيو ته جنهن به مذهب جا معلم پهريائين انهن وٽ پهچندا، اهو ئي دين هو قبول ڪندا. هن کان اڳ ائين سمجهيو ويندو هو ته پورچوگيزن کي پنهنجي مذهب ڦهلائڻ جو ڏاڍو شوق آهي، مگر ڏسڻ ۾ ايندو ته ملاڪا جو گورنر ڊون روس پريرا (Donruis perera) ڪجهه قدر پنهنجي ئي مذهب کان بي پرواهه هو، ڇاڪاڻ ته هن مڪاسر ڏانهن عيسائي پادري موڪلڻ ۾ خواهه مخواهه گهڻي دير ڪئي.
”ٻئي طرف اچين جي راڻي هڪ جوشيلي مسلمان هئي. هن سيليبس ٻيٽ جي وفد جو احوال اڃا مس ٻڌو ته يڪدم هڪڙو سڄو جهاز مسلمان عالمن ۽ فقيهن سان ڀري سيليبس ڏانهن روانو ڪيو، جن يڪدم اتي جي ماڻهن ۾ اسلام جي اشاعت شروع ڪئي، ڪجهه وقت بعد عيسائي پادري پڻ آيا، جن ايندي شرط اسلام جي خلاف گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو، پر ان مان ڪجهه به کڙتيل نه نڪتو. سيليبس جي ماڻهن پنهنجو انتخاب ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ ڪري انهن کي اسلام تان هٽائڻ ڪا آسان ڳالهه نه هئي. البته سيليبس جي بادشاهن مان هڪ بادشاهه عيسائي مذهب قبول ڪيو هو. جو پنهنجي مذهب تي محڪم رهيو. ۽ سندس رعيت جي گهڻن ئي ماڻهن کي عيسائي بڻايو ويو. ليڪن سيليبس جي ماڻهن جو هڪ وڏو حصو اڃا تائين به مسلمان آهي ۽ هندستان ٻيٽن جي مسلمانن کان انهن ۾ وڌيڪ مذهبي جوش ۽ جذبو آهي
مذڪور واقعي بابت هي بيان ڪيو وڃي ٿو ته اهو سنه 1603ع ۾ ظهور پذير ٿيو جيئن ته هن واقعي جو ذڪر انهيءَ وقت جي لکيل ڪتابن ۾ ڪثرت سان اچي ٿو، انهيءَ ڪري هن واقعي جي سچي هجڻ ۾ شڪ جي ڪا گنجائش ئي نه آهي. گوا جي اتر طرف هڪ ننڍڙي رياست ٽالو (Tallo) آهي، جنهن جا هميشه کان وٺي گوا سان تمام سٺا تعلقات رهيا آهن. هن رياست جو بادشاهه جڏهن مسلمان ٿيو، تڏهن هن اسلام جي ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ هن جي ڪوشش ۽ اثر ذريعي ئي انهن سڀني قبيلن ۾ اسلام عام طرح ڦهلجي ويو جو مڪاسر ٻولي ڳالهائيندا هئا. هيءَ تبليغي تحريڪ پڇاڙيءَ تائين امن پسند نه رهي. مڪاسر جي مسلمانن ۾ پنهنجي نئين مذهب (اسلام) لاءِ ايتريقدر ته جوش جاڳيو جو انهن پنهنجي پاڙيسري بوگي قوم مٿان زوريءَ اسلام مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي.
(مڪاسر جي تختگاهه) گوا جي بادشاهه (بوگي قوم جي تختگاهه) بوني جي بادشاهه کي لکي موڪليو ته جيڪڏهن هو هڪڙي حقيقي خدا جي بندگي ڪندو، ته پوءِ هو کيس پاڻ جهڙو بادشاهه ڪري سمجهندو. بوني جي بادشاهه هن معاملي ۾ پنهنجي رعيت سان مشورو ڪيو، جن کيس جواب ڏنو ته: ”نه اسان هيستائين ڪنهن سان وڙهيا آهيون ۽ نه ڪنهن اسان کي فتح ڪيو آهي.“ ۽ آخرڪار انهن لڙائي پسند ڪئي. جنهن ۾ انهن شڪست کاڌي. بوني جي بادشاهه اسلام قبول ڪيو. بادشاهه مسلمان ٿيڻ سان خودبخود پنهنجي رعيت ۽ ڀروارين ننڍين ننڍين رياستن جي ماڻهن کي زبردستيءَ مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هيءَ هڪ عجب جهڙي ڳالهه چئبي جو ماڻهن بونيءَ جي مسلمان بادشاهه جي خلاف مڪاسر جي مسلمان بادشاهه کان مدد طلب ڪئي. مڪاسر جي بادشاهه بوني جي بادشاهه ڏانهن پنهنجا ايلچي روانا ڪيا ۽ هن کان هيٺين سوالن جا جواب طلب ڪيائين:
ڇا بادشاهه کي پنهنجي رعيت مٿان سختين ڪرڻ لاءِ رسول الله جن جي طرفان ڪو خاص الهام ٿيو آهي؟ يا هو ڪنهن قديم رواج جي پيروي ڪري رهيو آهي؟ يا هو محض پنهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ ائين ڪري رهيو آهي؟ جيڪڏهن پهريون سبب آهي ته گوا جو بادشاهه انهيءَ الهام کان آگاهه ٿيڻ گهري ٿو، جيڪڏهن ٻي ڳالهه آهي ته پوءِ ان سان منهنجو پورو اتفاق آهي، مگر جيڪڏهن ٽين ڳالهه آهي ته پوءِ اهو سراسر ظلم چئبو ۽ بادشاهه کي ضرور بند ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته جن ماڻهن تي هو ظلم ڪرڻ گهري ٿو سي گوا جي ماڻهن جا دوست آهن. بونيءَ جي بادشاهه انهن سوالن جو ڪو به جواب نه ڏنو، جنهن تي مڪاسر جي ماڻهن جو هڪ وڏو لشڪر بونيءَ تي چڙهائي ڪري آيو. ٽي لڙايون لڳاتار هليون، جن ۾ بونيءَ جي بادشاهه کي سخت شڪست پهتي ۽ بادشاهه مجبور ٿي ملڪ ڇڏي ڀڄي هليو ويو. ان کان پوءِ بونيءَ کي مڪاسر جي حڪومت جو هڪ صوبو بڻايو ويو. (30) ٽيهن سالن تائين بوگي قوم مڪاسر حڪومت جي تابع رهي. ان کان پوءِ انهن ڊچن جي مدد حاصل ڪري مڪاسر جي حڪومت خلاف بغاوت ڪئي. جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيا ۽ پاڻ کي مڪاسر جي حڪومت کان آزاد ڪرائي سيليبس قومن جا سردار بڻيا انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بوگي قوم ۾ اسلام آهستي آهستي ۽ دير سان شايع ٿيو. پر ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اسلام قبول ڪرڻ سان ئي انهن ۾ عربن وانگر هڪ قسم جي حرڪت۽ جوش و خروش پيدا ٿيو، (جيتوڻيڪ انهن پنهنجي انهيءَ تازي پيدا ٿيل قوت کي اسلام جي اشاعت ۾ نه، بلڪه ٻئي طرف صرف ڪيو) بوگي قوم جا ماڻهو مسلمان ٿيڻ بعد يڪدم ملايا آرڪيپيليگو ۾ سڀني قومن کان وڌيڪ دلير، مشهور تاجر ۽ جانباز جهازران بڻجي ويا بوگي قوم جا مسلمان پنهنجن جهازن ۾ سوار ٿي، ملايا آرڪيپيليگو جي سڀني حصن ۾ نيو گنيءَ جي ڪناري کان وٺي سينگاپور تائين، واپار جي سانگي سان سفر ڪن ٿا. انهن مختلف ٻيٽن ۾ پنهنجون ڪيتريون ئي بيٺڪون قائم ڪيون، جن جي ذريعي انهن گهڻن ئي ٻيٽن ۾ اسلام شايع ڪيو. مثال طور هڪ اهڙو واقعو پيش ڪجي ٿو:.
بوگي قوم جي مسلمانن پنهنجي هڪ بيٺڪ هڪ رياست ۾ قائم ڪئي جا فلورس (Flores) ٻيٽ جي ڏکڻ طرف ڳچ جيتري مفاصلي ۾ ڦهليل آهي. هن رياست جا ماڻهو پهريائين رومن ڪئٿلڪ مذهب جا پيروڪار هئا پر بوگي قوم جي مسلمانن انهن سان پنهنجا گهرا تعلقات قائم ڪري آهستي آهستي سڀني کي مسلمان بڻائي ڇڏيو بوگي قوم مسلمان ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ملڪ يعني سيليبس ٻيٽ ۾ تجارت سان گڏ اسلام جي اشاعت لاءِ پڻ ڪوشش ڪئي. انهن سيليبس جي اترئين اپٻيٽ ۾ بولانگ مانگنڊون (Bolang Mongondon) جي ننڍڙي رياست ۾ پنهنجون تبليغي سرگرميون جاري رکيون ۽ موجوده صدي ۾ انهيءَ رياست جي عيسائين کي، جن خود عيسوي سترهين صدي جي پڇاڙيءَ ۾ مسيحي دين اختيار ڪيو هو، نهايت ڪاميابيءَ سان اسلام ۾ داخل ڪيو. بولانگ مانگنڊون جي رياست جو پهريون عيسائي بادشاهه جيڪب مانوپو (Jacobus Manopo) (سنه 1689-1709ع) هو، جنهن جي حڪومت ۾ ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۽ ڊچ پادرين جي اثر ۽ ڪوششن سان عيسائي مذهب تمام جلد ڦهليو. سنه 1844ع تائين جيڪب مانوپو جا سڀئي جائنشين عيسائي مذهب جا پابند رهيا. پر جڏهن سنه 1844ع ۾ راجا جيڪب مئينوئل مانوپو (Jacobus Manual Manopo) تخت تي ويٺو، تڏهن هن پنهنجي مسيحي دين ڦٽو ڪري اسلام قبول ڪيو. مسلمانن هن رياست ۾ موجوده صديءَ جي شروعات کان وٺي پنهنجون تبليغي سرگرميون جاري رکيون، پر مذڪوره راجا جي مسلمان ٿيڻ بعد ئي مسلمانن کي پنهنجي ڪوششن ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ٿي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت ڌاري بوگي قوم جي توڙي ٻين جڳهين جي مسلمان تاجرن انهيءَ رياست جي ڏاکڻي ڪناري تي مانگنڊون شهر ۾، نهايت جوش و خروش سان اسلام جي تبليغ ڪئي ۽ اتي جي ڪجهه ماڻهن کي مسلمان بڻايو. انهيءَ ساڳئي شهر مان ٻه مسلمان تاجر-مبلغ حڪيم باگس (Hauim Bagus) ۽ امام تويڪو (Imam Tuweko) بولانگ مانگنڊون جي سڄي رياست اندر اسلام پکيڙڻ جي غرض سان روانا ٿيا. انهن ٻنهي مبلغن پهريائين ڪن غلامن ۽ مقامي عورتن کي مسلمان بڻايو ۽ انهن نئو مسلم عورتن سان شاديون ڪيون، جن وري پنهنجي عزيزن قريبن کي اسلام جي ترغيب ڏني. مانگنڊون شهر مان اسلام بولانگ رياست جي اترئين حصي ۾ پهتو، جتي سنه 1830ع ۾ ڪن ٻن يا ٽن بيٺڪي مسلمانن کان علاوه ٻيا سڀئي ماڻهو يا ته عيسائي هئا يا وري بت پرست. هتي بوگي قوم جي مسلمان داعين ۽ عربن کي، جي تبليغي ڪم ۾ بوگين جي مدد لاءِ آيل هئا، جلد ئي وسيع پيماني تي ڪاميابي حاصل ٿي. بولانگ رياست جي عيسائين کي پنهنجي مسيحي دين جو علم تمام گهٽ هو ۽ انهن جو ايمان ڪمزور هو. انهيءَ ڪري هو انهيءَ قابل نه هئا جو مذهبي بحث مباحثه ۾ مسلمانن جو مقابلو ڪري سگهن. ان کانسواءِ انهن عيسائين کي ڊچ حڪومت عزت جي نگاهه سان نه ڏسندي هئي ۽ ڪليسائي عملدارن انهن طرف ڪو به توجهه نه ڪيو، بلڪه ائين کڻي چئجي ته انهن سان ڊچن سڀئي تعلقات منقطع ڪري ڇڏيا. انهيءَ ڪري انهن عيسائين، ڌارين ماڻهن (مسلمانن) کي پنهنجو همدرد بڻايو، جن مان ڪيترا عيسائين مان شاديون ڪري دوستن وانگر انهن جي وچ ۾ رهڻ لڳا. بولانگ جي رياست ۾ جيئن اسلام جي تبليغ زور وٺندي وئي، تيئن بوگي قوم جا مسلمان ۽ عرب، جي پهريائين هتي ڪڏهن ڪڏهن ايندا هئا، هاڻي ڪثرت سان اچڻ لڳا ۽ انهن جو اثر ملڪ ۾ تمام گهڻو وڌي ويو، ايتري قدر جو سنه 1832ع ۾ هڪڙي عرب بولانگ رياست جي هڪ عيسائي بادشاهه ڪورنلس مانوپو (Cornelis Manopo) جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. بادشاهه جي گهڻن ئي طاقتور ۽ ذي اثر اميرن عيسائين کي خيرباد چئي اسلام قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح بولانگ مانگنڊون جي رياست ۾، راجا جيڪب مئنيوئل مانوپو جي سنه 1844ع ۾ مسلمان ٿيڻ کان اڳ اسلام پنهنجا پير پختي طرح کوڙي چڪو هو. راجا مئنيوئل مانوپو ڊچ حڪومت کي مناڊو (Manado) ۾ گهڻا ئي دفعا درخواست ڪئي ته عيسائي معلم جيڪب باستئان (Jacobus Bastian) جي جڳهه تي، جنهن جي موت کان پوءِ عيسائيت کي ڪافي نقصان پهتو هو، ٻيو ڪو لائق استاد مقرر ڪيو وڃي، پر ڊچ حڪومت راجا جي انهيءَ عرض کي ٻڌو اڻ ٻڌوڪري ڇڏيو. جڏهن راجا کي، مناڊو جي ڪنهن ماڻهوءَ کان معلوم ٿيو ته ڊچ حڪومت کي انهيءَ ڳالهه جي پرواهه نه آهي ته رعيت جا ماڻهو عيسائي آهن يا مسلمان، بشرطيڪه هو حڪومت سان وفادار هجن، تڏهن راجا کليو کلايو پنهنجي اسلام جو اعلان ڪيو ۽ هر طرح جي ڪوشش ڪئي ته جيئن سندس رعيت جا ماڻهو پڻ مسلمان ٿي وڃن. راجا جي مسلمان ٿيڻ کان هڪ سال بعد مانگنڊون رياست ۾ هڪ سخت زلزلو آيو. هڪ عرب مبلغ هن موقعي جو فائدو ورتو ۽ پيشن گوئي ڪئي ته جيڪڏهن بولانگ مانگنڊون جي ماڻهن اسلام قبول ڪرڻ ۾ جلدي نه ڪئي ته پوءِ هن رياست جو خير نه آهي. گهڻن ئي ماڻهن پنهنجي تباهيءَ جي خوف کان عرب مبلغ جي نصيحت تي عمل ڪيو ۽ ايمان آندو. بولانگ جي راجا ۽ سندس اميرن، مسلمان داعين ۽ عرب سوداگرن جي مدد ڪئي. هن رياست جي اڌ آبادي مسلمان ٿي وئي ۽ اڌ اڃا تائين بت پرست آهي. انهن ۾ اسلام جي ترقيءَ جي رفتار جيتوڻيڪ سست آهي، مگر ترقي يقينن مسلسل ٿيندي ئي رهي ٿي.
سمباوا ٻيٽ:
سمباوا (Sambawa) ٻيٽ سيليبس ٻيٽ جي ڀرسان آهي. هن ٻيٽ جي ماڻهن کي اسلام جو علم غالبن سيليبس کان مڪاسر قوم جي مبلغن ۽ داعين ذريعي پهتو، جن سنه 1540ع کان 1550ع تائين، هن ٻيٽ ۾ پنهنجي تبليغي جدوجهد جاري رکي. هن ٻيٽ ۾ هن وقت جيڪي تهذيب يافته ماڻهو رهن ٿا، سي گهڻو ڪري اسلام جا سچا پوئلڳ آهن. هي پڻ بيان ڪيو وڃي ٿو ته اهي مسلمان پنهنجي ڀر وارن ٻيٽن ۾ رهندڙ سڀني مسلمانن کان شريعت جي پابنديءَ ۾ زياده سخت آهن. انهيءَ جو هڪ خاص سبب هي آهي جو هتي سنه 1815ع ۾ تمبورا (Timbora) ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ جو واقعو پيش آيو هو، جنهن کان ملڪ ۾ سخت تباهي ۽ بربادي آئي هئي. انهيءَ وقت هڪ بزرگ حاجي عليءَ هڪ مذهبي اصلاح جي تحريڪ شروع ڪئي. جنهن جي ذريعي هن جزيري جي مسلمانن جي اندر هڪ قسم جو ديني احساس پيدا ڪرايو ۽ انهن کي آماده ڪيو ته هو شريعت جي احڪامن جي پوري پابندي ڪن، ۽ تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ واري زندگي گذارين ته جيئن سندن ملڪ تان مصيبتون ۽ آفتون دور ٿي وڃن سمباوا ٻيٽ جا ماڻهو اڄ ڏينهن تائين اسلام قبول ڪندا رهن ٿا.
لمبوڪ:
لمبوڪ ٻيٽ جي ماڻهن کي پڻ بوگي قوم جي مبلغن وعظ ۽ نصيحت ذريعي اسلام طرف آندو. بوگي مسلمانن جي هتي هڪ وڏي بستي آهي. هي ماڻهو يا ته سمباوا جو ڳچي سمنڊ پار ڪري هتي آيا هئا يا سنئون سڌو سيليبس ٻيٽ مان، بهرحال هن ٻيٽ ۾ اسلام جي اشاعت امن پسند طريقي سان ٿي.
مندانو:
مندانو (Mindanao) ٻيٽ فلپائين ٻيٽن ۾ شامل آهي، جهڙيءَ طرح سيليبس ٻيٽ ۾ عيسائيت ۽ اسلام جي وچ ۾، ملڪي ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي طرف آڻڻ جي لاءِ هڪ ڪشمڪش هلندڙ هئي، اهڙيءَ طرح فلپائين جي ٻيٽن ۾ پڻ ساڳي حالت موجود هئي. بلڪه هتي جي حالت سيليبس ٻيٽ کان به وڌيڪ سخت ۽ زياده ديرپا هئي، ايتريقدر جو اڃا تائين اسپين جي عيسائين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هڪ سخت خونريز لڙائي هلندي ٿي اچي. هي خاطريءَ سان چئي نٿو سگهجي ته فلپائين ٻيٽن ۾ اسلام جو آغاز ڪڏهن کان ٿيو. مگر جڏهن اسپين جا ماڻهو سنه 1521ع ۾ هن ٻيٽ ۾ آيا، تڏهن انهن، مسلمانن کي اتي موجود ڏٺو. انهيءَ وقت فلپائين جي اترين ٻيٽن ۾ جهنگلي ۽ جاهل بت پرست رهندا هئا. باقي مندانو ۽ زولو (Sulu) ٻيٽن ۾ مهذب ۽ متمدن مسلمان قومون آباد هيون سولو ٻيٽ جي ماڻهن اڄ ڏينهن تائين عيسائين جي هر ڪنهن اهڙيءَ ڪوشش جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو آهي جا انهن کي فتح ڪرڻ ۽ کين مسيحي دين ۾ آڻڻ لاءِ صرف ڪئي وئي، ايتريقدر جو اسپين جي پادرين کي ڪا به اميد نظر نٿي اچي ته ڪو سولو ٻيٽ جا ماڻهو ڪڏهن عيسائي مذهب قبول ڪندا. انهن ٻيٽن ۾ عيسائيت جي مقابلي ۾ اسلام جي ڪامياب ٿيڻ جو هڪ مکيه سبب هيءُ آهي جو ٻنهين مذهبن جي داعين، ٻيٽن جي ماڻهن اڳيان پنهنجي مذهب کي هڪ ٻئي کان مختلف صورت ۽ شڪل ۾ پيش ڪيو. عيسائيت کي ته اهڙي رنگ ۾ ظاهر ڪيو ويو، جو انهن ٻيٽن جي ماڻهن کي پڪ ٿي وئي ته مسيحي دين قبول ڪرڻ سان سندن سياسي ۽ قومي آزادي بنهه ختم ٿي ويندي. انهيءَ ڪري انهن عيسائيت ۾ پنهنجي غلاميءَ جا آثار ڏٺا. اسپين جي ماڻهن وري عيسائيت کي عام ڪرڻ لاءِ شروعات کان وٺي اهڙا طريقا اختيار ڪيا جو الٽو اهو مذهب بدنام ٿيڻ لڳو. انهن جو ظلم، تشدد ۽ مذهبي تعصب مسلمان مبلغن جي صلح پسند هلت جي بلڪل برعڪس هو. مسلمانن اول جزيري وارن جي زبان سکي، انهن جون ريتون رسمون اختيار ڪيون،انهن جي عورتن سان شاديون ڪيون، ۽ پاڻ کي ته انهن جي عوام سان بلڪل ملائي ڇڏيو. ان کانسواءِ مسلمانن ڪڏهن به هيءَ دعويٰ نه ڪئي ته ڪو هو اعليٰ قوم آهن ۽ خاص خاص حق صرف انهن لاءِ محدود آهن، ۽ نه وري انهن ملڪي ماڻهن کي پاڻ کان ڪم تر ۽ ذليل سمجهيو. مسلمانن جي برعڪس، اسپين جا عيسائي جزيري وارن جي زبان، عادتن ۽ رسمن رواجن کان بلڪل بي خبر هئا. انهن جي شرابخوريءَ، لالچ ۽ ڦرمار سندن مذهب (عيسائيت) کي قابلِ نفرت بڻائي ڇڏيو هو. انهن پنهنجي مذهب جي اشاعت محض ملڪي طاقت وڌائڻ جي غرض سان ڪئي. هاڻي هيءَ ڳالهه سمجهڻ مشڪل نه آهي ته انهن ٻيٽن جي ماڻهن عيسائي مذهب جي اشاعت جي مخالفت ڪهڙي سبب کان ڪئي هئي. هي مذهب ٻيٽن جي صاف انهن حصن ۾ پوريءَ طرح ڦهلجي سگهيو، جتي جا ماڻهو ڪافي ڪمزور هئا يا اهڙن ننڍن ٻيٽن ۾ ڦهليو، جتي اسپين جي ماڻهن پنهنجو پورو قبضو ڄمايو هو. ٻيٽن جي جن به ماڻهن مسيحي دين قبول ڪيو، تن کان ته زبردستيءَ سزا جي ڊپ ڏيارڻ سان مذهبي رسمون ادا ڪرايون وينديون هيون ۽ انهن سان اسڪولي ٻارن جهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو هو. مندانو جي آزاد اسلامي حڪومت اڄ به اهڙن عيسائين لاءِ هڪ پناهه جي جڳهه آهي، جيڪي عيسائي حڪومت مان صرف نفرت وچان ڀڄي اچڻ چاهيندا آهن. سولو ٻيٽ، جو سنه 1878ع کان وٺي نالي ماتر اسپين جي قبضي ۾ رهيو، سو ته عيسائيت جي مقابلي ۾ مسلمانن جو ٻيو مرڪز آهي. هن ٻيٽ ۾ اهڙا به نئو مسلم اڃا تائين ڏسڻ ۾ ايندا، جي پهريائين عيسائي هئا، ۽ هو اسپيني زبان کان بخوبي واقف آهن.
سولو ٻيٽ:
اسان وٽ ڪا به اهڙي تاريخي ثابتي موجود ڪا نه آهي جنهن مان جيڪر معلوم ٿئي ته سولو (Sulu) ٻيٽن جا ماڻهو اسپين وارن جي اچڻ کان ڪيترو اڳ مسلمان ٿيا هئا. انهن وٽ هڪڙي روايت موجود آهي ته مڪه معظم کان هڪ بزرگ سيد عليءَ نالي هتي آيو هو جنهن ٻيٽن جي اڌوڪارن ماڻهن کي مسلمان ڪيو هو. ۽ باقي جيڪي اڌ جيترا ماڻهو وڃي بچيا سي اڃا تائين بت پرست آهن. سولو ٻيٽن جي ماڻهن ته سيد عليءَ کي پنهنجو سلطان منتخب ڪيو هو، ۽ هن اٽڪل ست سال کن انهن ٻيٽن مٿان حڪومت هلائي. هن جو نالو ايتريقدر ته مشهور ٿي ويو هو جو موت بعد سندس مزار هڪ زيارت گاهه بڻجي ويئي. سندس پڙ پوٽي جي دورِ حڪومت ۾ هڪ ٻيو اسلام جو مبلغ مڪه مڪرم کان پهتو، جنهن ڪاميابيءَ سان انهن سڀني ماڻهن کي اسلام جي دائري اندر داخل ڪيو، جيڪي اڃا تائين بت پرست هئا. جيتوڻيڪ سولو ٻيٽ جي ماڻهن کي مسلمان ٿئي هڪ ڪافي عرصو گذري چڪو آهي، تنهن هوندي به هي مسلمان شريعت جا پوريءَ طرح سان پابند نه آهن. سولو ٻيٽن جا ماڻهو، جڏهن فلپائني ٻيٽن ڏانهن ڦرلٽ لاءِ ويندا هئا، تڏهن اتان واپسيءَ ۾ عيسائي غلامن کي به پاڻ سان گڏ وٺيو ايندا هئا. انهن عيسائي غلامن جو سولو جي مسلمانن تي ايتري قدر ته گهرو اثر پيو جو هڪ مورخ انهن بابت دعويٰ سان هي بيان ڪيو آهي ته: ”هو هن کان اڳ عيسائي ٿي وڃن ها، مگر محض سندن دور انديشيءَ انهن کي عيسائيت کان پري رکيو. انهن کي پڪ هئي ته عيسائي مذهب قبول ڪرڻ سان پادري طبقي کي انهن مٿان ڪافي غلبو حاصل ٿي ويندو، انهن جا ذاتي اختيارات ختم ٿي ويندا ۽ سندن حڪومت اسپين وارن جي هٿن ۾ هلي ويندي. خاص ڪري هي موءخر الذڪر ڳالهه ته اهڙي هئي جنهن سڀني ماڻهن کي اڳيئي خبردار ڪري ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته جن به ڀر وارن قومن پنهنجي نادانيءَ سان عيسائي مذهب قبول ڪيو هو، تن کي اسپين وارن جو تلخ تجربو حاصل ٿي چڪو هو.“ ان کانسواءِ اسپين جي پادرين سولو ٻيٽن ۾ پنهنجي هڪ مشن (Mission) يعني تبليغي ادارو قائم ڪرڻ لاءِ اره زورائيءَ کان ڪم ورتو هو، جنهن ڪري آقي باقي ماڻهن جي دلين ۾ عيسائيت خلاف سخت نفرت جاڳي
اسان اڳيئي مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته ملايا آرڪيپيليگو (يعني ايشيا جي ڏکڻ اڀرندي وارن ٻيٽن جو ميڙ) جون جيڪي زياده مهذب قومون هيون تن گهڻي قدر اسلام قبول ڪيو، ليڪن ادنيٰ درجي جي قومن ۾ اسلام پنهنجا پير پوريءَ طرح کوڙي نه سگهيو. ادنيٰ درجي جي قومن ۾ نيو گنيءَ جي پاپون قوم (Papuans) ۽ نيو گنيءَ جي اتر اولهه وارن ٻيٽن جهڙوڪ: ويگون (Waigyan)، مسول (Misool)، ويگاما (Waigama) ۽ سلاوٽيءَ (Salawatti) ۾ رهندڙ قومون اچي وڃن ٿيون. هي سڀئي ٻيٽ ۽ نيوگنيءَ جي اتر اولهه طرف اونن (Onin) جو اپٻيٽ عيسوي سورهين صديءَ ۾ سولوڪا ٻيٽن جي هڪ اسلامي رياست باتجان (Batjan) جي تابع هئا باتجان جي مسلمان حاڪمن جي اثر پاپون قوم جي سردارن اسلام قبول ڪيو ويگون، مسول ۽ ٻين مذڪور ٻيٽن جي اندروني حصن جا ماڻهو جيتوڻيڪ اڄ ڏينهن تائين بت پرست آهن، تنهن هوندي به انهن ٻيٽن جي ڪناري تي رهندڙ ماڻهو مسلمان آهن، جن يقينن مولوڪا ٻيٽن جي انهن مسلمانن جي اثر ڪري اسلام قبول ڪيو هوندو، جيڪي اتي اچي آباد ٿيا هئا خود نيو گنيءَ ۾ پاپون قوم جي تمام ڪن ٿورن ماڻهن اسلام قبول ڪيو آهي. نيو گنيءَ جي الهندي ڪناري تي (غالبن اونن جي اپٻيٽ ۾) مسلمان سوداگرن سنه 1606ع ڌاري اسلام شايع ڪيو. مگر ائين نظر اچي ٿو ته انهيءَ وقت کان وٺي ڪيتريون ئي صديون گذري چڪيون آهن، تڏهن به نيو گنيءَ ۾ اسلام ڪجهه زياده ئي ترقي نه ڪئي آهي پاپون قوم اسلام قبول ڪرڻ ۾ به ايتري ئي ناراضگي ڏيکاري جيتري انهن عيسائيت جي تعليم طرف ظاهر ڪئي هئي. مسيحي مشينرين پڻ انهن کي عيسائي بڻائڻ لاءِ سنه 1855ع کان وٺي سخت ڪوشش ڪئي آهي، ليڪن ناڪام رهيا آهن. نيوگنيءَ جي ڀروارن ٻيٽن ۾ رهندڙ مسلمانن مٿان هي الزام مڙهيو ويو آهي ته هو پاپون قوم کي ايتريقدر ته نفرت جي نگاهه سان ڏسندا هئا جو انهن ان قوم ۾ اسلام جي اشاعت لاءِ ڪوشش نه ڪئي. انهيءَ هوندي به اسان کي هڪ مسلمان مبلغ امام ذاڪر جو نالو ملي ٿو، جنهن پاپون قوم ۾ اسلام جي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي. امام ذاڪر سيرام (Ceram) ٻيٽ جي اتر اوڀر واري ڪنهن ٻيٽ مان سنه 1856ع ڌاري آيو هو ۽ اونن اپٻيٽ جي ڏکڻ طرف هڪ ننڍڙي ٻيٽ آدي (Adi) ۾ اچي اسلام جي اشاعت شروع ڪيائين. امام ذاڪر جڏهن تبليغي ڪم کان فارغ ٿيو، تڏهن واپس پنهنجي وطن هليو ويو. آديءَ جي ماڻهن کيس گهڻيون ئي منٿون ڪيون ته اتي ئي رهي پوي، ليڪن هن نه مڃيو.
آديءَ ٻيٽ جي ڀرسان ڪيئي (Kei) جا ٻيٽ آهن، جتي پڻ پاپون قوم ۾ آديءَ ٻيٽ وانگر اسلام جي بهتر نموني اشاعت ڪئي ويئي. اٽڪل 30 سال اڳ انهن ٻيٽن ۾ سواءِ اهڙن مسلمانن جي جن جا وڏا بانڊا (Banda) ٻيٽن مان هجرت ڪري آيا هئا، ٻيو ڪو به مسلمان موجود نه هو. انهيءَ وقت کان ٿورو اڳ سيرام ٻيٽ جا مبلغ ڪيئي ٻيٽن جي ڪجهه ماڻهن کي مسلمان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر انهن نون مسلمانن قرآني احڪامن جي گهڻي پابندي نه ڪئي. هو مردار جانورن جو گوشت ۽ نشيدار شيون باقاعدي واپرائيندا رهيا انهن جي عورتن متعلق چيو وڃي ٿو ته هو مردن کان زياده دين جون پابند هيون ايتريقدر جو سندن مرد جڏهن سوئر جو گوشت کائڻ چاهيندا هئا ته انهن کي اهو لڪي کائڻو پوندو هو ۽ سندن عورتون اهو مردار گوشت پنهنجن گهرن ۾ اچڻ نه ڏينديون هيون. مگر هاڻي ٿوري وقت کان وٺي ڪيئي ٻيٽن ۾ ماڻهن جي ديني زندگيءَ۾ ڪجهه ڦيرو اچڻ شروع ٿيو آهي. مسلمانن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي ٿو. مدورا، جاوا ۽ بالي ٻيٽن جي عرب واپارين پاڻ کي اسلام جو پرجوش داعي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ۽ انهن ڪيئي ٻيٽن جي ماڻهن کي مسلمان ڪرڻ ۾ هر طرح ڪوشش ڪئي آهي. هو ماڻهن کي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ظلم ۽ سختيءَ جو دڙڪو ڏيندا آهن، ۽ ڪڏهن وري انعام واڪرام ڏيندا آهن. جيئن ته هي ڳالهه مشهور آهي ته جيڪو به ماڻهو اسلام قبول ڪري ٿو، تنهن کي 200 فلورين (Florin) جي قيمت جو تحفو ڏنو وڃي ٿو. پر جيڪڏهن ڪڏهن ڪو سردار مسلمان ٿئي ٿو ته هن کي هڪ هزار فلورين جو هديو ملي ٿو.
ملايا آرڪيپيليگو ۾ اولهه کان وٺي اوڀر تائين اسلام جي اشاعت جو احوال جيڪو مٿي بيان ڪيو ويو آهي، سو انهن ٻيٽن ۾ اسلام جي تبليغي تاريخ جو هڪ ننڍڙو حصو آهي. هن تاريخ جا گهڻا ئي اهڙا واقعا هوندا، جي اڃا بلڪل قلمبند نه ٿيا آهن ۽ جيڪو ٿورو گهڻو احوال مقامي تاريخن مان يا يورپي سياحن، عملدارن ۽ مسيحي مبلغن جي رپورٽن مان چونڊي هتي جمع ڪيو ويو آهي، سو ننڍن ننڍن ٽڪرن جي حالت ۾ آهي ۽ بلڪل اڌورو آهي. ڪجهه به هجي مگر هن ڳالهه لاءِ ڪافي تعداد ۾ ثابتي موجود آهي ته گذشته ڇهه سئو سالن اندر ملايا آرڪيپيليگو ۾ اسلام جي اشاعت پرامن طريقي سان ٿي. ڪڏهن ڪڏهن مذهب خاطر تلوار هٿ ۾ کنئي وئي پر اسلام جي تبليغي تحريڪ جي مکيه خصوصيت (Characteristic) مسلمان مبلغن جو وعظ ۽ نصيحت هئي ۽ نه مسلمان حاڪمن جو ظلم يا زبردستي. انهن ٻيٽن ۾ سالام جيڪا حيرت انگيز ڪاميابي حاصل ڪئي، سا گهڻو ڪري مسلمان تاجرن جي محنتن ۽ سرگرمين جو ئي نتيجو آهي. مسلمان واپارين، ملڪي ماڻهن جي زبان سکي، انهن جون ريتون رسمون اختيار ڪري، انهن جي دلين مٿان قبضو ڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي نهايت خاموشيءَ سان انهن ۾ پنهنجي مذهب جي تعليم ڦهلائي. انهن پهريائين مقامي عورتن سان شاديون ڪري انهن کي ۽ ٻين به اهڙن ماڻهن کي، جي انهن سان تجارت ۾ شامل هئا، مسلمان ڪيو. مسلمان تاجرن تڪبر ۽ غرور ۾ ڀرجي پاڻ کي ملڪي ماڻهن کان الڳ نه رکيو، بلڪه آهستي آهستي ٿي انهن پاڻ کي به عام ماڻهن ۾ جذب ڪري ڇڏيو. انهن پنهنجي سڄي اعليٰ ذهانت، قابليت ۽ تهذيب اسلام جي اشاعت ۾ استعمال ڪئي ۽ مذهبي عقيدن ۽ اعمال ۾ ڪجهه اهڙيون ته عقلمنديءَ جون ڳالهيون پيدا ڪيون، جو جن به ماڻهن کي اسلام ۾ داخل ڪرڻو هوندو هو تن جي اڳيان اهي ڳالهيون پيش ڪيون وينديون هيون ۽ هو انهن کان متاثر ٿي اسلام طرف ڇڪجي ايندا هئا در حقيقت مسلمان مبلغن ۽ داعين متعلق بڪل (Bukle) سچ چيو آهي ته: ”مسلمان مبلغ ڏاڍا مدبر آهن.
ملايا آرڪيپيليگو ۾ اسلام جي اشاعت نه رڳو مسلمان واپارين ڪئي پر گهڻائي اهڙا واعظ، قاضي ۽ حاجي هئا، جن جو ڌنڌو ئي اسلام جي تبليغ هو. موجوده وقت ۾ پڻ تبليغي ڪم ۾ خاص ڪري حاجين جون ڪوششون قابلِ قدر آهن. انهن پنهنجي ملڪ جي مسلمانن کي مذهب جو وڌيڪ پابند بڻايو آهي ۽ انهن ۾ جيڪي ڪجهه بت پرستيءَ جون عادتون ۽ غلط عقيدا اڃا تائين هلندا ٿي آيا، تن کي دور ڪيو آهي. ملايا جي انهن مسلمانن جو تعداد، جيڪي ملايا آرڪيپيليگو جي هر ڪنهن ڀاڱي کان حج جي ارادي سان مڪه معظم وڃن ٿا، سال به سال وڌندو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري اسلامي اثر ۽ اسلامي خيال نسبته ترقي ڪندو رهي ٿو. موجوده صديءَ (اوڻهين صديءَ) جي وچ تائين ڊچ حڪومت حاجين جي رستي ۾ گهڻيون ئي رڪاوٽون وڌيون ته جيئن هو حج تي نه وڃي سگهن. انهن هڪ قانون به بحال ڪيو ته ڪو به حاجي بغير پاسپورٽ جي حجاز، مقدس ڏانهن نه وڃي ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ هر هڪ حاجيءَ کي 110 فلورين في ادا ڪرڻي هئي. جيڪڏهن ڪو به حاجي پاسپورٽ کانسواءِ حج تي هليو ويو ته واپسيءَ ۾ هن کان فيءَجي ٻيڻي رقم ڏند طور وصول ڪئي ويندي هئي انهيءَ سختيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو حاجين جو تعداد سال به سال گهٽبو ويو ۽ سنه 1852ع ۾ انهن جو تعداد صرف ستر (70) وڃي بچيو. مگر ساڳئي سال يعني سنه 1852ع ۾ پاسپورٽ وارو قانون رد ڪيو ويو. انهيءَ وقت کان وٺي حاجين جي تعداد ۾ مسلسل اضافو ٿيڻ لڳو آهي ۽ ان اضافي جي رفتار ايتريقدر ته زياده آهي جو پهريائين ڪنهن کي وهم ۽ گمان به نه هو. مثلن سنه 1874ع ۾ رڳو جاوا مان جيڪي مسلمان حج لاءِ روانا ٿيا، تن جو تعداد انهن حاجين کان گهڻو ئي زياده هو، جي ماليا آرڪيپيليگو جي سڄيءَ ڊچ حڪومت مان سنه 1854ع کان وٺي 1859ع تائين ڇهن سالن جي عرصي اندر روانا ٿيا. حالانڪه مذڪور قانون کي منسوخ ٿئي ٿوروئي عرصو گذريو هو. حاجين جي تعداد جا انگ اکر جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو، ڏيکارين ٿا ته انهن جي تعداد ۾ ڪمي اچڻ جو ڪو گمان نه هو. جاوا جي حاجين جو تعداد سنه 1874ع ۾ 33،802 هو ۽ 1886ع ۾ اهو تعداد وڌي 48،237 تائين وڃي پهتو. يعني 12 سالن جي عرصي اندر حاجين جي تعداد ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو. ٻين ٻيٽن ۾ اڃا به انهيءَ اضافي جو سيڪڙو وڌيڪ آهي. مثلن ساڳين ٻارهن سالن جي مدت ۾ بورنيو ۽ سيليبيس ٻيٽن ۾ 66 سيڪڙو ۽ سوماترا ۾ 83 سيڪڙو حاجين جو تعداد وڌيو آهي. انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته حاجين جي تعداد وڌڻ جو هڪ وڏو سبب به هي هو جو ملايا آرڪيپيليگو کان مڪه مڪرم تائين، آمدرفت ۾ تمام گهڻي سهوليت پيدا ٿي. ليڪن هڪ عيسائي مشينري لکيو آهي ته: ”انهن سهوليتن ڪري حاجين جي دلين مان حج جي وقعت گهٽجي نه وئي آهي. حاجين جي تعداد وڌڻ سان انهن جي خوبين ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي آهي، پر اٽلندو انهن ۾ هاڻي گهڻائي اهڙا حاجي آهن جن کي پراڻن حاجين کان وڌيڪ اسلامي اصولن جو علم حاصل آهي ۽ انهن جي دلين ۾ ڪافرن لاءِ گهڻو ئي تعصب ۽ نفرت ويٺل آهي.“
ڊچ حڪومت ۽ عيسائي مشينرين جون رپورٽون اتفاق راءِ سان حاجين جي اسلامي اثر ۽ تبليغي جوش جي تصديق ڪن ٿيون ۽ انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي حاجي حج تان واپسيءَ ۾ هڪدم مصلحِ دين ۽ مبلغِ دين جي حيثيت ۾ پنهنجي وطن ڏانهن ورن ٿا. ملايا آرڪيپيليگو مان جيڪي به مسلمان حج تي وڃن ٿا تن مان ڪجهه ته اهڙا به آهن جو مقدس مقامات جي زيارت ۽ حج جي رسمن جي ادا ڪرڻ بعد واپس پنهنجي وطن اچن ٿا ۽ ڪجهه اهڙا آهن جي علم دين حاصل ڪرڻ لاءِ اتي ئي گهڻي وقت تائين ترسي پون ٿا. انهن ٻنهين قسمن جي حاجين کانسواءِ ملايا جا گهڻائي اهڙا حاجي به آهن، جن پنهنجي رهائش مستقل طرح مڪه مڪرمه ۾ اختيار ڪئي آهي ۽ ملايا جي مسلمانن جي هڪ وڏي آبادي مڪه مڪرمه ۾ موجودآهي. هي مسلمان مڪه معظم مان به پنهنجي وطن وارن سان باقاعدي خط و ڪتابت جاري رکندا اچن ٿا ۽ انهن جي ڪوششن سان ئي ملايا آرڪيپيليگو ۾ اسلام قديم بت پرستيءَ جي رسمن ۽ خيالات جي خرابين کان هاڻي گهڻي قدر پاڪ ٿي ويو آهي. مڪه معظم ۾ ملايا جي مختلف زبانن ۾ هڪ ڪافي تعداد ديني ڪتابن جو ڇاپيو وڃي ٿو ۽ اهي ڪتاب ملايا آرڪيپيليگو جي سڀني ڀاڱن ۾ پهچايا وڃن ٿا. در حقيقت هڪ مصنف سچ چيو آهي ته مڪه مڪرم جو اثر ترڪيءَ يا هندستان يا بخارا تي ايترو نه پيو آهي جيتروڪه ملايا جي ٻيٽن تي
ملايا آرڪيپيليگو جي مسلمانن ۾ تازو ئي وڌيڪ ديني جوش ۽ جذبو پيدا ٿيڻ ڪري، اسلامي مدرسن جي تعداد ۾ پڻ تڪڙو اضافو ٿيو آهي. اهي مدرسا وري مسلمان مبلغن کي سندن تبليغي سرگرمين ۾ گهڻي مدد پهچائين ٿا. جاوا ۾ سنه 1882ع ۾ 10،913 مدرسا هئا، جن ۾ 1،64،667 شاگرد دينيات جي تعليم حاصل ڪندا هئا. پر ٽن سالن جي عرصي گذرڻ بعد مدرسن جي تعداد ۾ گهٽ ۾ گهٽ 23 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، يعني سنه 1885ع ۾ مدرسن جو تعداد 16،760 تائين وڃي پهتو هو، جن ۾ 2،55،148 طالب علم تعليم حاصل ڪندا هئا. ڪن حالتن ۾ خاص مدرس (Lecturer) جي مشهوري ايتريقدر ته وڌي ويندي آهي جو شاگردن جو هڪ وڏو تعداد انهيءَ مدرسي ڏانهن ڇڪجي ويندو آهي. هڪ اهڙي مدرسي جو بيان ڪيو ويو آهي، جتي هڪ هوشيار لائق عرب استاد جي درس ۾ هڪڙي ئي وقت طالب علمن جو تعداد ڏيڍ سئو کان زياده ٿي ويندو هو
جيڪي ڪجهه حالات مٿي بيان ڪيا ويا آهن، تن جي روشنيءَ ۾ هي چئي سگهجي ٿو ته تازو ڪجهه وقت کان وٺي ماليا آرڪيپيليگو ۾ اسلام جي تبليغ زور شور سان ٿي رهي آهي. جيڪي مسلمان حج تان واپس اچن ٿا، خواه اهي مدرس آهن يا تاجر، سي جتي به غير مسلمانن سان تعلق ۾ اچن ٿا، اتي انهن جي اڳيان اسلام جي دعوت پيش ڪن ٿا. ان کانسواءِ صوفياءِ ڪرام جي شروع ڪيل ڪيترن مختلف ديني سلسلن (Thereligiou Orders) جو نظام پڻ ملايا آرڪيپيليگو ۾ موجود آهي، ايتريقدر جو سنوسيه سلسلو، جو سڀني کان دير سان شروع ٿيو، تنهن جا معتقد پري پري جي ٻيٽن ۾ پڻ نظر اچن ٿا ملايا جي مسلمانن تي سنوسيه سلسلي جو ايتريقدر ته گهرو اثر هو، جو ملايا جي گهڻن مسلمانن مڪه مڪرمه ۾ پنهنجا اصلوڪا نالا بدلائي پاڻ تي عربي نالا رکايا يا انهن جي اڳيان سنوسيه لفظ پڻ لڳايو.
ڪيترن عيسائي مشينرين ڊچ حڪومت تي هي الزام لڳايو آهي ته ان حڪومت اسلام جي اشاعت ۾ مسلمانن جي مدد ڪئي آهي. هي الزام ڪيتريقدر صحيح يا غلط آهي، مگر هن ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڊچ حڪومت پنهنجي سرڪاري زبان، جاوا کانسواءِ باقي ملايا آرڪيپيليگو ۾، ملايا جي زبان مقرر ڪئي آهي، جا مسلمانن کانسواءِ ٻيو ڪو ورلي ڄاڻندو آهي. انهيءَ ڪري مسلمان داعين کي تبليغ جي ڪم ۾ تمام گهڻي آساني ٿي آهي. ان کانسواءِ ڊچ اعليٰ سول آفيسرن جي هٿ هيٺ مسلمان آفيسرن، پوليٽيڪل ايجنٽن، منشين، ترجمانن ۽ تاجرن جو ڪافي تعداد ڪم ڪندو آهي. اهي مسلمان جتي به پهچن ٿا، اتي اسلام پاڻ سان گڏ کڻي وڃن ٿا. ملڪ جي جن به ماڻهن جو حڪومت سان واسطو رهندو آهي، تن کي ملايا جي زبان ضرور سکڻي پوندي آهي. جيئن ته اهي ماڻهو اها زبان مسلمانن کانسواءِ ٻئي ڪنهن هنڌان پوريءَ طرح سکي نٿا سگهن، انهيءَ ڪري جيڪي به ماڻهو ملايا جي ٻولي سکن ٿا تن مان ڪن ٿورن کانسواءِ باقي سڀئي زبان سکڻ سان گڏ خود مسلمان ٿي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح پهريائين ذي اثر ماڻهو اسلام قبول ڪن ٿا ۽ پوءِ انهيءَ کي ڏسي عوام به انهن جي پيروي ڪري ٿو.مطلب ته هن وقت اسلام ايشيا جي ڏکڻ اڀرندي وارن سڀني ٻيٽن يعني ملايا آرڪيپيليگون مان بت پرستيءَ کي تمام جلد ٻاهر ڪڍي رهيو آهي.