مذهب

اسلام جي اشاعت جي تاريخ

هي ڪتاب دنيا جي وڏي عالم ۽ فاضل پروفيسر ٿامس آرنولڊ جي جڳ مشهور ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام“ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ اسلام جي دعوت ۽ تبليغ جي مفصل ۽ جامع تاريخ پيش ڪئي آهي. هن تمام گهڻي کوجنا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ مواد گڏ ڪيو آهي ۽ نهايت ديانتداريءَ ۽ فراخ دليءَ سان ان کي پيش ڪيو آهي. هن تعصب کان پري رهي، سچائي ۽ سهڻي سليقي سان حقائق بيان ڪيا آهن. انهيءَ ڪري ڪتاب ۾ اسلام جي سچائي ۽ مسلمانن جي فراخ دلي، انسان دوستي ۽ رواداريءَ جا ڪيترائي مثال موثر انداز ۾ ملندا.
Title Cover of book اسلام جي اشاعت جي تاريخ

ضميمو ٽيون : مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي وچ ۾ مباحثي لکيتون

(Controversial Literature)

جيتوڻيڪ مسلمانن ۾ اسلام جي تبليغ ڪرڻ جو ڪو باقاعدي منظم سلسلو نه آهي ۽ نه ڪي اهڙيون سوسائٽيون يا تبليغي انجمنون آهن جيڪي اسلام تي ننڍا ننڍا ڪتاب ۽ رسالا ڇپارائي، انهن ذريعي پنهنجي مذهب جي اشاعت ڪن، تنهن هوندي به ڪتابي صورت ۾ غير مسلمانن خصوصن عيسائين ۽ يهودين اڳيان اسلام کي دليلن سان پيش ڪرڻ جي ڪمي نه آهي. هتي اهڙن ڪتابن جي تفصيلي احوال بيان ڪرڻ جو مقصد نه آهي، بلڪ رڳو هن طرف توجهه ڇڪائڻ ضروري آهي ته اسلام ۾ اهڙا ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. اهو انهيءَ ڪري ضروري آهي ته جيئن ماڻهن جي دلين مان هيءَ عام غلط فهمي دور ٿي وڃي ته اسلام جي اشاعت اڪثر اهڙي ته انداز ۾ ڪئي وئي جو هڪڙيئي وقت ماڻهن جا هجومن جا هجوم اسلام ۾ داخل ٿيندا ويا ۽ مسلمان داعين جي تبليغي منصوبن ۾ ڪڏهن به هن قسم جو پروگرام رٿيل نه هو ته ڪو فردن فردن ماڻهن جي دلين ۾ پهريائين يقين پيدا ڪري، پوءِ انهن کي مسلمان بڻايو وڃي. در حقيقت ڪافرن خلاف اسلام جي بحث مباحثي جي شروعات خود قرآن مجيد ۾ موجود آهي. پرعيسوي نائين صديءَ کان وٺي مسلمان مباحثين جي اسلام جي تائيد ۾ لکيل ڪتابن يا رسالن جو هڪ ڊگهو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جو اڄ ڏينهن تائين ڏاڍيءَ سرگرميءَ سان هلي رهيو آهي. عيسائي مذهب جي رد ۾ مسلمانن طرفان جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن، تن جو تعداد عيسائين طرفان اسلام جي رد ۾ لکيل ڪتابن کان گهڻو زياده آهي. ڪيترن قابل ۾ قابل مسلمان مفڪرن هن قسم جي ڪتابن لکڻ ۾ پنهنجا قلم کنيا، جهڙوڪ: ابو يوسف ابن اسحاق الڪندي (سنه 813-872)، مسعودي (وفات سنه 958ع)، ”ابن حزم “ (Ibn Hazm) (سنه 994-1064)، الغزالي (وفات سنه 1111ع) وغيره وغيره. مزي جي ڳالهه هيءَ آهي جو خود ڪيترن عيسائين اسلام قبول ڪري، اسلام جي فائدي ۾ ڪتاب لکيا آهن ۽ انهن ۾ پنهنجي مذهب بدلائڻ جا سبب بيان ڪيا آهن، جهڙوڪ: ابن جزله عيسوي يارهين صديءَ ۾، يوسف لبنائي ۽ شيخ رياده بن يحييٰ عيسوي تيرهين صديءَ ۾، عبدالله بن عبدالله (جنهن جي اسلام قبول ڪرڻ جو احوال ضميمي چوٿين ۾ ڄاڻايل آهي) عيسوي پندرهين صديءَ ۾، درويش علي عيسوي سورهين صديءَ ۾، احمد بن عبدالله جو هڪ انگريز هو ۽ ڪئمبرج ۾ عيسوي سترهين صديءَ ۾ ڄائو هو، وغيره وغيره، هي سڀيئي مصنف اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ عيسائي هئا. ليڪن ڪجهه يهودين مسلمان ٿي اسلام جي حمايت ۾ ڪتاب لکيا، جن جو تعداد عيسائي مسلمانن کان گهٽ آهي. هندستان ۾ مسلمان مصنفن عيسائي مذهب جي رد ۾ گهڻا ئي ڪتاب لکيا، مگر انهن سان گڏوگڏ انهن هندو مذهب خلاف پڻ ڪافي تعداد مباحثي ڪتابن جو لکيو آهي. وڌيڪ احوال مون کي اڃا تائين نه مليو آهي ته ڇا ٻين بت پرست ملڪن ۾ پڻ مسلمانن ساڳيءَ طرح ڪتاب لکيا يا نه.