ضميمون پهريون : جهاد
قرآن شريف ۾ ڪي به آيتون اهڙيون نه آهن، جي ڪنهن به حالت ۾ زوريءَ اسلام قبول ڪرائڻ جو حڪم ڏينديون هجن، بلڪه ان جي برعڪس اهڙيون گهڻيون ئي آيتون آهن، جي اسلام جي تبليغي جدوجهد کي محض وعظ ۽ نصيحت تائين محدود رکن ٿيون. ان کانسواءِ هيءَ پڻ دعويٰ سان ظاهر ڪيو ويو آهي ته قرآن شريف ۾ ڪا به آيت غير مسلمان تي حملي ڪرڻ جي اجازت ان وقت تائين نٿي ڏئي، جيستائينڪه خود غير مسلمان، مسلمانن کي لڙائيءَ لاءِ نه ڀڙڪائين
قرآن شريف جي انهيءَ تعليم جي روشنيءَ ۾ هي چئي سگهجي ٿو ته حضور اڪرم جن جون سڀيئي لڙايون پنهنجي بچاءَ ۾ هيون.
هيءَ پڻ دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ته لفظ ”جهد“ جي معنيٰ عام طرح جيڪا ”ڪافرن خلاف لڙائي ڪرڻ“ جي ورتي وڃي ٿي، سا قرآن شريف نازل ٿيڻ کان پوءِ واري زماني جي ايجاد آهي. قرآن شريف جي جن به آيتن ۾ لفظ ”جهاد“ يا ساڳئي اشتقاق مان نڪتل لفظ ڪم آندل آهن، تن کي اصلي معنيٰ ۾ (جيڪا قرآن شريف جي نازل ٿيڻ کان اڳ مروج هئي) ترجمون ڪرڻ گهرجي. سادي لفظ ”جهد“ جي معنيٰ آهي: ”سخت ڪوشش ڪرڻ، محنت ڪرڻ، تڪليف وٺڻ، پاڻ پتوڙڻ، سرگرم يا محنتي رهڻ، جفاڪشي ڪرڻ.“ مطلب ته ”جهد“ جو لفظ هرڪنهن قسم جي ڪم لاءِ محنت يا ڪوشش ڪرڻ سان لڳايو وڃي ٿو، ايتريقدر جو ”مکڻ لاءِ کير ولوڙڻ“ يا ”کاڌي کائڻ لاءِ“ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هي لفظ ”اجتهد“ جي صورت ۾، قسم کائڻ سان، يا ڪنهن شيءِ جي زياده ٿيڻ يا ڦهلجڻ سان پڻ لڳايو ويندو آهي. ”اجتهد“ جي صورت ۾ معنيٰ نڪرندي ”صحيح راءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ.“ هن ساڳيءَ صورت جي مصدر ٿيندي ”اجتهاد“، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڪنهن قانون دان، جو قانون جي ڪنهن ڳالهه ۾ مشتبہ ۽ مشڪل مسئلي متعلق پنهنجون سڀيئي دماغي قوتون استعمال ڪري ڪا راءِ ڏيڻ.“ ٻيءَ مصدر ”جهاد“ جي معنيٰ آهي: نه وڻندڙ شيءِ جي مخالفت ڪرڻ لاءِ پنهنجون سڀيئي قوتون،ڪوششون، محنتون يا لياقتون استعمال ڪرڻ،“ هاڻي لفظ ”جهاد“ جي اشتقاق مان جيڪي لفظ نڪتا، تن جي مٿي ڄاڻايل مختلف معنائن مان ظاهر ٿيندو ته ابتدا ۾ ڪا به اهڙي ڳالهه نظر نٿي اچي، جنهن جي بنا تي ”جهاد“ لفظ جي معنيٰ ”جنگ يا جهيڙو“ ڪڍي سگهجي، يا ان کان به گهڻو گهٽ ڪافرن خلاف لڙائي يا ”انهن کي زبردستيءَ مسلمان ڪرڻ“ جي معنيٰ پڻ ڪڍي سگهجي. هن لفظ جي موزون معنيٰ جي خبر فقط عبارت مان پئجي سگهندي.
ايندڙ صفحن ۾ اسان اهي سڀيئي قرآن شريف جون آيتون نقل ڪريون ٿا، جن ۾ لفظ ”جهاد“ يا ساڳئي اشتقاق مان نڪتل، ٻيا لفظ موجود آهن. هي آيتون شانِ نزول مطابق ترتيب وار بيان ڪيون وڃن ٿيون:
”۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته هر ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ اٿاريون ها،
پوءِ (اي پيغمبر ) تون ڪافرن جو چيو نه مڃ ۽ انهن جو هن(قرآن) ذريعي وڏي زور سان مقابلو ڪر.
(جاهدهم جهادا ڪبيرا) (الفرقان51 ۽ 52).
مٿين آيتن ۾ صاف صاف وعظ ۽ نصيحت ذريعي ڪوشش ڪرڻ جو ذڪر آهي. جيئن ته هي ٻئي آيتون مڪه مڪرم ۾ نازل ٿيون هيون، انهيءَ ڪري لفظ ”جهاد“ مان ”لڙائي يا جنگ“ جي معنيٰ ڪڍڻ جيتريقدر لغو ۽ فضول آهي، اوتريقدر غلط ۽ بي قاعدي آهي).
”۽ انهن الله جو قسم کنيو، پنهنجو نهايت سخت (جَهدَ) قسم.“)
(النحل-آيت:38)
”جنهن ايمان آڻڻ کان پوءِ خدا جو انڪار ڪيو، مگر جيڪڏهن هن تي زبردستي ڪئي ويئي هجي ۽ هن جي دل ايمان تي برقرار هجي (ته پوءِ هن جو قصور نه آهي)“ (النحل-آيت:106)
”وري تنهنجو رب انهن کي بخشي ٿو، جن مصيبتن سهڻ بعد هجرت ڪئي (هاجرُ وا)، وري جهاد ڪيائون (جَاهَدُو) ۽ صبر ڪيائون. بيشڪ تنهنجو رب انهن ڳالهين کان پوءِ بخشيندڙ ۽ مهربان آهي.“ (النحل-110).
(آيت نمبر 106 متعلق بيان ڪيو وڃي ٿو ته ان ۾ انهن تڪليفن ۽ مصيبتن طرف اشارو آهي، جيڪي شروع زماني ۾ ڪن، مسلمانن کي پهچايون ويون آيت نمبر 111 حبش جي هجرت طرف اشارو ڪري ٿي. حبش طرف هجرت ڪرڻ وارن جو جهاد اهي محنتون ۽ مشقتون هيون، جيڪي انهن ڪافرن جي ظلم ۽ هجرت ڪري برداشت ڪيون).
”۽ جيڪو محنت ٿو ڪري (جَاهَدَ)، سو پنهنجي لاءِ ئي محنت ٿو ڪري (يُجَاهِدُ)، تحقيق الله تعاليٰ سڄيءَ مخلوق کان پاڪ آهي.“
(العنڪبوت، آيت-6).
” ۽ اسان انسان کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن هو توکي زور ڪن (جَاهَدَاکَ) ته تون مون سان ڪنهن کي شريڪ ڪر، جنهن جي توکي خبر نه آهي، پوءِ انهن جو چيو نه مڃ“
(العنڪبوت-آيت-8).
”۽ جن ماڻهن اسان جي رستي ۾ ڪوشش ڪئي (پاڻ کي تڪليف ۾ وڌو، جَاهَدُوا) اسين انهن کي ضرور پنهنجو رستو ڏيکارينداسون ۽ تحقيق خدا نيڪي ڪرڻ وارن سان آهي. (النعڪبوت-آيت:69).
” ۽ جيڪڏهن هو (تنهنجو ماءُ پيءُ) توکي مجبور ڪن (جَاهَدَاکَ) ته تون مون سان ان شيءِ کي شريڪ ڪر، جنهن جو توکي علم نه آهي ته پوءِ انهن جو چيو نه مڃ.“ (لقمان-15).
”۽ انهن قسم کنيو هو خدا جو، پنهنجو نهايت سخت (جهد) قسم.“ (سوره:الانعام-آيت110).
”بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جن هجرت ڪئي ۽ جن خدا جي رستي ۾ جهاد ڪيو (جَاهَدُوا) (يعني محنت ڪئي*)، اهي خدا جي رحمت جا اميدوار آهن ۽ ڌڻي تعاليٰ بخشيندڙ مهربان آهي.“ (سوره البقره-آيت:218).
”تحقيق جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ خدا جي رستي ۾ پنهنجي مال ۽ پنهنجي جان سان جهاد ڪيو (جَاهَدُوا) ۽ جن (مهاجرن کي) جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي، اهي هڪ ٻئي جا دوست آهن.“ (سوره:الانفال-آيت72).
” ۽ جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ خدا جي رستي ۾ جهاد ڪيو (جَاهَدُوا) ۽ جن انهن کي جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي، اهي ئي سچا مومن آهن، انهن لاءِ بخشش ۽ عزت جي روزي آهي.“ (سوره-الانفال، آيت:74).
”۽ جن هن کان پوءِ ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ توهان سان گڏجي جهاد ڪيو (جاهدو) پوءِ اهي اوهان مان آهن. (سوره:الانفال-آيت:75).
”تحقيق جيڪي (ماڻهو) ان کان پوءِ جو کين واضح طرح هدايت ملي، پنهنجين پٺين ڀر ڦريا، تن کي شيطان (انهن جو عمل) سينگاري ڏنو (سوره:محمد-آيت:25).
”ڇا اهي ماڻهو، جن جي دلين ۾ بيماري آهي گمان ڪن ٿا ته خدا انهن جي بدنيتيءَ کي ظاهر نه ڪندو.“ (سوره محمد-آيت:29).
” ۽ اسان ضرور اوهان کي پرکينداسون، جيستائينڪه اسان کي خبر پوي ته اوهان مان ڪير مجاهد آهن (اَلمُجَاهِدِينَ) ۽ ڪير صابر آهن ۽ اسين توهان جي حالات کي جاچينداسون.“ (سوره:محمد-آيت:31).
”بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ٻين کي خدا جي رستي کان روڪيو ۽ صريح هدايت ملڻ کان پوءِ پيغمبر جي مخالفت ڪئي، سي خدا جو ڪجهه به نقصان نه ڪندا، بلڪه (خدا) سندن عمل برباد ڪندو.“
(سوره-محمد-آيت:32).
”ڇا توهان سمجهو ٿا ته بهشت ۾ داخل ٿي ويندا ۽ اڃا الله اوهان مان جهاد ڪرڻ واري کي (جَاهَدُوا) معلوم نه ڪيو آهي ۽ نه صبر واري کي معلوم ڪيو آهي؟“ (سوره آل عمران-آيت:142).
”الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ پنهنجن مالن ۽ پنهنجين جانين سان الله جي رستي ۾ جهاد ڪريو (يعني محنت ۽ مشقت برداشت ڪريو، تُجَاهِدُونَ).... (سوره:الصف-آيت:11).
”برابر نه آهن اهي مسلمان، جي بغير ڪنهن عذر جي گهر ۾ ويهي رهن ٿا، ۽ اهي مسلمان، جي خدا جي رستي ۾ پنهنجي مال ۽ جان سان جهاد ڪن ٿا (المُجَاهِدُونَ) الله، مال ۽ جان سان جهاد ڪرڻ وارن (مجاهدين کي گهر ۾ ويهي رهڻ وارن کان مرتبي ۾ افضل ڪيو آهي ۽ الله سڀني سان سٺو وعدو ڪيو آهي ۽ الله جهاد ڪرڻ وارن کي (مُجَاهِدِينَ) گهر ۾ ويهي رهڻ وارن کان وڌيڪ اجر عظيم عطا ڪري ٿو.“ (سوره:النساءَ-آيت:95)
”۽ انهن الله جو قسم کنيو، پنهنجو نهايت سخت (جَهدَ) قسم...“
(سوره:النور-آيت:53).
”اي ايمان وارئو! رڪوع ڪريو ۽ سجدو ڪريو ۽ پنهنجي رب جي عبادت ڪريو ۽ ڀلائيءَ جا ڪم ڪريو ته اوهان جو به ڀلو ٿئي.“
۽ الله لاءِ اهڙيءَ طرح جهاد ڪريو (محنت ڪريو، جَاهِدُوا)، جهڙيءَ طرح جهاد (محنت) ان لاءِ جڳائي (حَقَّ جِهَادِه) هن توهان کي چونڊيو آهي ۽ توهان تي دين ۾ ڪا به مشڪلات نه وڌائين، توهان جي پيءُ ابراهيم جو دين.“ (سوره:الشعراءَ-آيت:77-78).
”اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر (جَاهِد) ۽ مٿن سختي ڪر...“
(سوره:التحريم-آيت 9 ۽سوره:التوبه-آيت:73).
جيئن ته حضرت محمد جن منافقن سان ڪڏهن به لڙائي نه ڪئي، انهيءَ ڪري اسان هن آيت ۾ ”جَاهِد“ لفظ مان جنگ يا لڙائيءَ جي معنيٰ ڪڍي نه ٿا سگهون. رسول الله جن انهن منافقن سان جيڪو عمل اختيار ڪيو، تنهن جو بيان سوره 32 جي آيت 48 ۾ ڏنل آهي، جنهن جو هي ترجمو آهي:
” (اي پيغمبر!) ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ ۽ کين تڪليفون پهچائڻ ڇڏي ڏي ۽ خدا تي ڀروسو رک ۽ خدا ڪارساز آهي.“
هاڻي هن آيت جي روشنيءَ ۾ مٿي ذڪر ڪيل آيت جي معنيٰ ٿيندي:
”ڪافرن ۽ منافقن کي وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ ۽ انهن کي سمجهائڻ ۾ سخت ڪوشش ڪريو ۽ انهن سان سختي ڪريو يعني انهن جي ڳالهين تي نرم ٿي نه وڃو يا انهن جي فريب ۾ نه اچي وڃو
”اي ايمان وارئو! منهنجي دشمن ۽ پنهنجي دشمن کي دوست ڪري نه وٺو، انهن ڏانهن پيغام ٿا موڪليو، حالانڪه حق جي طرفان جيڪا شيءِ (سچو دين) اوهان وٽ آئي آهي تنهن جا هو منڪر آهن.
”رسول کي ۽ توهان کي تڙي ڪڍن ٿا، انهيءَ ڪري جو اوهان پنهنجي رب تي ايمان آندو آهي. جيڪڏهن اوهان منهنجي رستي ۾ جهاد لاءِ (جِهَادًا) ۽ منهنجي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيو، (ته پوءِ ڇا اوهان مخفي طرح انهن ڏانهن دوستيءَ کان پيغام موڪليو ٿا؟ ۽ اوهان جيڪي لڪائي ڪريو ٿا يا ظاهر ڪريو ٿا سو آءٌ بخوبي ڄاڻان ٿو ۽ اوهان مان جيڪو به اهو ڪم ڪندو سو بيشڪ سڌي رستي کان گمراه ٿيو. (18:60)
”مؤمن رڳو اهي آهن جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ان کان پوءِ شڪ نه ڪيو ۽ الله جي رستي ۾ پنهنجن مالن ۽ پنهنجين جانين سان جهاد ڪيو. (جَاهَدُوا) اهي ئي سچا آهن (15:49) ”ڇا توهان هي گمان ڪريو ٿا ته توهان کي (ايئن ئي) ڇڏيو ويندو؟ حالانڪه الله اڃا اوهان مان انهن کي معلوم نه ڪيو آهي، جيڪي جهاد ڪن ٿا (جَاهَدُوا) ۽ خدا ۽ ان جي رسول ۽ مؤمنن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي پنهنجو دلي دوست نٿا وٺن؟“ (سوره:التوبه-آيت16).
” ڇا توهان حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ مسجد حرام کي آباد رکڻ، ان شخص جي (عمل) برابر ڪيو آهي، جنهن خدا ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ خدا جي رستي ۾ جهاد ڪيو (جَاهَدَ)؟ خدا جي نزديڪ اهي ٻئي برابر نه آهن ۽ خدا ظالم قوم کي سڌو رستو نٿو ڏيکاري.“
(سوره:التوبه-آيت19).
”جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ پنهنجي مال ۽ جان سان الله جي واٽ ۾ جهاد ڪيو (جَاهَدُوا، سي الله وٽ مرتبي ۾ بلند آهن ۽ اهي ئي مراد حاصل ڪرڻ وارا آهن.“ (سوره:التوبه-آيت-20).
” (اي محمد !) چئو ته جيڪڏهن توهان جا پيئر ۽ توهان جا پٽ ۽ توهان جا ڀائر، توهان جون زالون، توهان جا مٽ مائٽ ۽ اهو مال جيڪو توهان ڪمايو آهي ۽ تجارت جنهن جي گهٽجي وڃڻ جو توهان کي ڊپ آهي ۽ مڪان جيڪي توهان کي پسند آهن، الله ۽ سندس رسول ۽ ان جي رستي ۾ جهاد ڪرڻ (جِهَادًا) کان زياده پيارا آهن، ته پوءِ انتظار ڪريو، جيستائين الله پنهنجو حڪم آڻي ۽ الله نافرمانن کي رستو نٿو ڏيکاري.“ (سوره التوبه-آيت-24).
”هلڪا ۽ ڳرا نڪرو ۽ پنهنجن مالن ۽ پنهنجين جانين سان الله جي رستي ۾ جهاد ڪريو (جَاهِدُوا)
” جن الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو، سي توکان پنهنجي مال ۽ جان سان جهاد ڪرڻ (يُجَاهِدُوا) جي رخصت نٿا گهرن
(سوره-التوبه-آيت:44).
”جيڪي الله جي رسول الله () کي ڇڏي پوئتي (گهرن ۾) رهي پيا، سي پنهنجي ويهي رهڻ تي خوش ٿيا ۽ پنهنجن مالن ۽ پنهنجين جانين سان خدا جي رستي ۾ جهاد ڪرڻ (يُجَاهِدُوا) کي پسند نه ڪيائون ۽ چيائون ته گرميءَ ۾ نه نڪرو.“ (سوره التوبه-آيت:81).
” ۽ جڏهن ڪا سوره نازل ٿي ٿئي ته خدا تي ايمان آڻيو ۽ ان جي رسول سان گڏجي جهاد ڪريو (جَاهِدُوا) ته ان ۾ جيڪي وسعت وارا آهن (يعني دولتمند آهن) سي توکان رخصت ٿا گهرن ۽ چون ٿا ته.اسان کي (پوئتي) رهڻ وارن سان گڏ ڇڏي ڏي.“ (سوره التوبه-آيت16).
”پر رسول ۽ ان سان گڏ انهن ماڻهن جن ايمان آندو، پنهنجي مالن ۽ جانين سان جهاد ڪيو (جَاهِدُوا، اهي ئي آهن جن لاءِ ڀلايون آهن ۽ اهي ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ وارا آهن.“ مٿيون 9آيتون سوره التوبہ “ مان ورتيون ويون آهن. هيءَ سوره 9 هجري جي آخر ڌاري نازل ٿي. جڏهن مڪي وارن صلح حديبيه جي شرطن جي خلاف ورزي ڪئي هئي ۽ انهن بنو خزاعه (Banu khuzaah) تي حملو ڪيو، جن جو رسول الله جن سان اڳيئي عهد نامو ٿيل هو، انهيءَ موقعي تي هي آيت نازل ٿي:
”ڇا توهان اهڙن ماڻهن سان نه لڙندا، جن پنهنجا قسم ٽوڙيا ۽ توهان جي پيغمبر کي ڪڍڻ جو قصد ڪيائون ۽ انهن پهريائين اوهان سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي؟“ (سوره التوبه-آيت-13)
جيئن ته مڪي وارن جلد ئي هڪ عارضي صلح ڪيو، انهيءَ ڪري هن حڪم مطابق انتقام وٺڻ جي ضرورت پيش نه آئي ۽ حرمت وارن چئن مهينن گذرڻ بعد ئي لڙائي ڪرڻي هئي (سوره-التوبه-آيت5) هن حالت ۾ رسول الله جن جو پنهنجي مظلوم دوست بنو خزاعه جي طرفان بچاءَ ۾ مڪي وارن سان وڙهڻ جهاد ٿي سگهي ٿو، جيتوڻيڪ جهاد جي اصلي معنيٰ سان هن جو ڪو به واسطو نه آهي. هاڻي اسان سمجهي سگهنداسون ته اڳتي هلي ڪيئن ”جهاد“ مان ڪافرن خلاف لڙائيءَ جو مطلب نڪرڻ لڳو.
”اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو ۽ ان تائين (پهچڻ جو) وسيلو ڳوليو ۽ ان جي رستي ۾ جهاد ڪريو (جَاهِدُوا)، من اوهان جو ڇوٽڪارو ٿئي.“ (سوره: المائده آيت:25).
” ۽ ايمان وارا چوندا ته ڇا هي اهي ماڻهو آهن جن خدا جا قسم کاڌا، پنهنجا نهايت سخت قسم ته هو پڪ سان اوهان جي طرف آهن؟ انهن جا عمل برباد ٿيا، پوءِ ڦري نقصان وارا ٿيا.“ (سوره:المائده-آيت:53).
”ايمان وارو! اوهان مان جيڪو پنهنجي دين کان ڦرندو ته (ان جي جڳهه تي) خدا اهڙن ماڻهن کي آڻيندو جن کي اهو پيار ڪري ٿو ۽ اهي وري هن کي پيار ڪن ٿا. اهي مسلمانن تي نرم ۽ ڪافرن تي سخت آهن ۽ خدا جي رستي ۾ جهاد ڪن ٿا (يُجَاهِدُونَ) ۽ ڪنهن جي ملامت کان نٿا ڊڄن. (سوره:المائده-آيت:54).
مسلمان عالمن ۽ مفسرن جهاد مان معنيٰ مذهبي لڙائيءَ جي ورتي آهي، يعني اها لڙائي جا ڪافرن خلاف لڙي وڃي. انهن جو هي پڻ رايو آهي ته ڪافرن تي انهن جي اڳرائي ڪرڻ کانسواءِ به حملو ڪري سگهجي ٿو. پر قرآن مجيد هن نظريي جي بلڪل تائيد نٿو ڪري. البته هي مطلب تڏهن نڪري سگهي ٿو، جڏهن قرآن شريف جي مختلف آيتن مان ٽڪرا ٽڪرا الڳ ورتا وڃن ۽ انهن تي بغير ڪنهن مضمون جي نالي رکڻ ۽ اهڙين خاص حالتن معلوم ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي، جن جي موجودگيءَ ۾ هي آيتون نازل ٿيون ۽ جن سان ئي انهن جو لاڳاپو آهي. مگر اهڙي طريقي سان قرآن شريف مان اخذ ڪيل لڙائيءَ جو اصول ڪنهن به حالت ۾ ايندڙ زماني جي ماڻهن جي تعميل لاءِ هڪ قطعي حڪم جي حيثيت نٿو رکي يا اهو اصول ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مذهبي حڪم نه سمجهڻ گهرجي. جيتوڻيڪ ڪجهه مسلمان عالمن ڪافرن تي بغير انهن جي ڀڙڪائڻ جي حملو ڪرڻ جائز ٺهرايو آهي، تنهن هوندي به (جيتريقدر مون کي علم آهي) انهن مان هر ڪنهن عالم زبردستيءَ مسلمان ڪرڻ کي ناجائز ٺهرايو آهي ۽ انهن هميشه هيءَ ڪوشش پئي ڪئي آهي ته جيئن مفتوح غير مسلم قوم جو مذهبي آزاديءَ وارو حق جزيي ادا ڪرڻ بعد برقرار رهي.