باب ٻيو : حضرت محمد جي زندگيءَ جا حالات مبلغ اسلام جي حيثيت ۾
جڏهن تمام گهڻيءَ اندروني ڪشمڪش ۽ بي چينيءَ ۽ غار حرا ۾ سارين راتين ۽ ڏينهن جي غور و فڪر ۽ دعا و عبادت بعد حضرت محمد جن کي آخرڪار پنهنجي نبوت جو يقين ٿيو ۽ خدا جي وحيءَ کين نااميديءَ ۽ خوف جي حالت مان بيدار ڪري، حڪم ڏنو ته ماڻهن ۾ انهيءَ حقيقت جو اعلان ڪري، جيڪا روز بروز سندن اندر مبارڪ ۾ تمام گهڻيءَ قوت سان ظاهر ٿيندي رهي ٿي ته تڏهن سندن ڪوششن جو رخ سڀ کان اول پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي هن نئين دين جي دعوت ڏيڻ طرف ٿيو. خدا تعاليٰ جي وحدانيت جو يقين، بت پرستيءَ کان بيزاري ۽ انسان جو فرض ته پنهنجي پروردگار جي مرضيءَ اڳيان سر تسليم خم ڪري. هي سڀ سنئيون سڌيون حقيقتون هيون، جن کي اختيار ڪرڻ لاءِ پاڻ مطالبو ڪندا رهندا هئا. سڀ کان اول اسلام ۾ داخل ٿيندڙ سندن پياري ۽ وفادار زال حضرت خديجہ ضللہعنہا هئي. جنهن پندرهن ورهيه اڳ پاڻ کي شاديءَ لاءِ هڪ انهيءَ مسڪين مائٽ جي حوالي ڪيو، جنهن هڪ پگهاردار ملازم جي حيثيت ۾ سندس تجارت تمام گهڻيءَ ڪاميابيءَ سان هلائي هئي ۽ انهيءَ وقت هن (حضرت خديجہ ضللہعنہا) جا الفاظ هئا: ”اي منهنجا مائٽ! انهيءَ قرابتداريءَ ڪري، جيڪا تنهنجي مون سان آهي، انهيءَ عزت ڪري، جنهن سان ماڻهو توکي ڏسن ٿا ۽ انهيءَ ديانتداريءَ ۽ حسن سيرت ۽ ڪلام جي صداقت ڪري، جنهن سان تون مشهور آهين، آءٌ توسان محبت ڪريان ٿي.“
حضرت خديجہ ضللہعنہا، رسول الله جن کي غربت جي حالت کان ٻاهر ڪڍيو ۽ کين انهيءَ قابل بڻايو ته جيئن پاڻ اهڙي معاشي مرتبي سان زندگي گذارين، جنهن جا اڳ ۾ ئي اعليٰ نسل ڪري مستحق هئا، پر اها سڄي خدمت سندس وفاداريءَ، محبت ۽ جان نثاريءَ جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه آهي، ڇاڪاڻ ته هوءَ هر وقت پنهنجي خاوند جي ذهني پريشانين ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪندي هئي ۽ عين مايوسيءَ جي گهڙين ۾ نهايت پُر محبت، همدرديءَ ۽ همت افزائيءَ سان سندس مدد ڪندي هئي. جڏهن پهرين دفعي الهام ٿيڻ کان پوءِ نهايت بيچينيءَ ۽ پريشانيءَ جي حالت ۾ رسول الله جن حضرت خديجہ ضللہعنہا وٽ تسڪين حاصل ڪرڻ لاءِ آيا، تڏهن حضرت خديجہ ضللہعنہا سندس اداس دل کي هن طرح تقويت پهچائي: ”ڪو به الڪو نه ڪريو، منهنجا محبوب! ڇاڪاڻ ته توهين خوشيءَ جون خبرون کڻي اچو ٿا. آءٌ هن کان پوءِ توهان کي پنهنجي قوم جو نبي ڪري تسليم ڪنديس. خوش ٿيو! الله تعاليٰ توهان کي ڪڏهن به ذليل ٿيڻ نه ڏيندو. ڇا توهان پنهنجن عزيزن قريبن سان محبت نٿا ڪريو؟ پنهنجن پاڙيسرين تي مهربان، غريبن لاءِ سخي، پنهنجي عهد جا پائبند ۽ هميشه حق جا حامي نه آهيو؟“ اهڙيءَ طرح حضرت خديجه ضللہعنہا جي موت تائين، جو سنه 619ع ۾ شاديءَ کان 25 ورهيه بعد واقعو ٿيو، جڏهن به رسول الله جن دشمنن جي ظلم ۽ سختين کان تنگ ٿيندا هئا يا تفڪرات ۽ وسوسن ڪري سخت اذيت محسوس ڪندا هئا ته هوءَ هر وقت ساڻن همدردي ڪرڻ ۽ کين دلداري ڏيڻ ۽ تقويت پهچائڻ لاءِ تيار رهندي هئي. آنحضرت جن جو هڪ سوانح نگار (ابن اسحاق) بيان ٿو ڪري ته: ”حضرت خديجہ ضللہعنہا انهيءَ حقيقت تي ايمان آندو ۽ ان جي تصديق ڪئي، جا خدا جي طرفان حضرت محمد جن وٽ پهتي. اهڙيءَ طرح اها خدا تعاليٰ جي منشا هئي ته پنهنجي رسول مٿان بار هلڪو ڪري ڇاڪاڻ ته جنهن به وقت پاڻ ماڻهن جو انڪاري جواب ٻڌندا هئا ته کين تمام گهڻو رنج ٿيندو هو ۽ انهيءَ وقت پاڻ حضرت خديجہ ضللہعنہا وٽ تشريف فرما ٿيندا هئا ۽ هوءَ انهيءَ وقت کين تسڪين ۽ تسلي ڏيندي هئي ۽ سندن واهر ڪندي هئي.“ تحقيق هيءَ مثال ازدواجي زندگيءَ جي بهترين تصويرن مان هڪ آهي، جا تاريخ اسان جي آڏو پيش ڪري ٿي.
اوائلي مسلمانن ۾ رسول الله جي گود جا ٻار حضرت زيد بن حارث رضي الله ۽ حضرت علي ابن ابي طالب رضي الله ۽ سندن دلي دوست حضرت ابوبڪر صديق رضي الله هئا. حضرت ابوبڪر رضي الله متعلق پاڻ اڪثر فرمائيندا هئا ته” ابوبڪر رضي الله کانسواءِ ٻيو ڪو به اهڙو شخص نه هو، جنهن کي مون اسلام جي دعوت ڏني هجي ۽ هن ان جي قبول ڪرڻ ۾ تردد ۽ پريشاني نه ڏيکاري هجي. پر ابوبڪر رضي الله اڳيان جڏهن اسلام جي خبر رکيم ته هن ذرو به دير نه ڪئي ۽ نڪي ڪنهن حيرانيءَ يا پريشانيءَ ۾ پيو.“ حضرت ابوبڪر رضي الله هڪ دولتمند واپاري هو ۽ شهر جا ماڻهو سندس اعليٰ خصلتن، قابليت ۽ لياقت ڪري ڏاڍي عزت ڪندا هئا. اسلام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجي دولت جو هڪ وڏو حصو مسلمان غلامن جي خريد ڪرڻ ۾ صرف ڪيو. انهن غلامن کي سندن مالڪ، رسول الله جن جي تعليم سان وابستگيءَ هئڻ ڪري، طرح طرح جون تڪليفون ۽ اذيتون ڏيندا هئا. گهڻو ڪري حضرت ابوبڪر رضي الله جي اثر ڪري ئي اسلام جي ابتدائي زماني ۾ پهريون حضرت سعد بن ابي وقاص مسلمان ٿيو جيڪو آخر هلي ايران جو فاتح بڻيو، ٻيو حضرت زبير ابن العوام رضي الله جو رسول الله ۽ سندن گهر واريءَ بيبيءَ خديجته الڪبريٰ جو مائٽ هو. ٽيون حضرت طلحه رضي الله ، جو اڳتي هلي اسلام جو هڪ مشهور سپاهي بڻيو. چوٿون حضرت عبدالرحمان بن عوف رضي الله ، جو هڪ شاهوڪار واپاري هو. پنجون حضرت عثمان رضي الله جو اسلام جو ٽيون خليفو منتخب ٿيو. حضرت عثمان رضي الله کي شروع ۾ تمام گهڻيون سختيون سهڻيون پيون. سندس چاچي کيس گرفتار ڪري، ٻڌي قابو ڪيو ۽ چيائينس ته ”ڇا! تون پنهنجي ابن ڏاڏن جي دين تي هن نئين دين کي ترجيح ڏين ٿو؟ آءٌ قسم ٿو کڻان ته توکي انهيءَ وقت تائين نه ڇڏيندس، جيستائين تون هن نئين مذهب تان، جنهن جي هاڻي پيروي ڪرين ٿو، دستبردار نه ٿيو آهين.“ انهيءَ تي حضرت عثمان رضي الله جواب ڏنو: ”خدا جو قسم! آءٌ ڪنهن به صورت ۾ ان تان هٿ نه کڻندس.“ سندس چاچي کيس پنهنجي مذهب تي ايتريقدر محڪم ڏسي، آخرڪار ڇڏي ڏنو.
ڪيترن نون مسلمانن جي داخل ٿيڻ سان، جن ۾ خاص ڪري غلام ۽ غريب هئا، مسلمانن جو تعداد نبوت جي پهرين ٽن سالن اندر تقريبن چاليهن تائين وڃي پهتو. جڏهن هن نموني جي انفرادي ڪوشش ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ سان رسول الله جن جي همت افزائي ٿي، تڏهن پاڻ اڃا به وڌيڪ عملي قدمن کڻڻ جو ارادو فرمايائون. هن پنهنجي قبيلي جي سڀني ماڻهن کي هڪ هنڌ جمع ڪيو ۽ انهن کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني. پاڻ انهن جي اڳيان فرمايائون ته ”جيڪي بي بها نفعا آءٌ اوهان لاءِ کڻي آيو آهيان، تن کان وڌيڪ ڪنهن به عرب پنهنجي قوم کي نه ڏنا آهن. اوهان جي اڳيان هن دنيا ۽ هن کان پوءِ ايندڙ زندگيءَ جي آرام ۽ راحتن کي پيش ڪريان ٿو. اوهان ۾ ڪير آهي جو منهنجي هن ڪم ۾ پٺڀرائي ۽ مدد ڪري؟“ هي ٻڌي، سڀيئي خاموش ٿي ويا. صرف حضرت علي رضي الله ٻاراڻي جوش ۾ دانهن ڪئي: ”اي خدا جا نبي! آءٌ تنهنجي مدد ڪندس.“ انهيءَ تي سارو مجمع کل مسخري ڪندو، منتشر ٿي ويو.
هن تبليغي موقعي تي ناڪامياب ٿيڻ سبب نبي ڪريم جن نااميد نه ٿيا، پر پوءِ پاڻ اٽلندو انهن ماڻهن کي هر ڪنهن موقعي تي جمع ڪرڻ لڳا، پر سندن پيغام ۽ نصيحت عوض انهن وٽان کين هر ڪنهن موقعي تي بي عزتيءَ ۽ حقارت کانسواءِ ٻيو ڪجهه حاصل نه ٿيو. حقيقت ۾ ماڻهن جي مخالفت ۽ شدت ئي انهيءَ ڳالهه جو سبب بڻي، جو پاڻ نبوت جي چوٿين سال حضرت ارقم رضي الله جي گهر وڃي رهڻ لڳا. حضرت ارقم رضي الله شروع زماني ۾ ئي اسلام قبول ڪيو هو. ارقم رضي الله جو گهر ڪعبته الله جي سامهون اهڙيءَ ته مرڪزي جڳهه تي واقع هو، جو اتي آمدورفت تمام گهڻي هوندي هئي ۽ اتي جيڪي به ماڻهو رسول الله جن وٽ اسلام جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ ايندا هئا ته پاڻ انهن کي بلڪل امن جي حالت ۾ ۽ بغير ڪنهن رڪاوٽ جي وعظ ۽ نصيحت ڪندا هئا، ۽ انهن کي قرآن شريف پڙهي ٻڌائيندا هئا. اهڙيءَ طرح مسلمانن جي تعداد ۾ رفته رفته اضافو ٿيندو ويو ۽ ايندڙ ٻن سالن بعد مسلمانن جو تعداد پنجاهه تائين وڃي پهتو. اهلِ قريش نئين مذهب جي هن ترقيءَ کي تمام گهڻي ساڙ ۽ نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. انهن رسول الله جن کي هن ڪم تان هٽائڻ لاءِ هر ڪنهن قسم جا ذريعا اختيار ڪيا. کين دڙڪا ڏنا ۽ سندن سخت توهين ڪئي. ساڻن هر ڪنهن قسم جي دنيوي عزت ۽ ترقيءَ جا وعدا ڪيا ۽ طرح طرح جون آڇون ڪيون.
ڪيترائي دفعا قريشن حضور اڪرم جن جي چاچي ابو طالب کي، جو قبيلي بنو هاشم جو سرڪردو هو ۽ پاڻ ڪريم جن خود انهيءَ قبيلي مان هئا، انهيءَ ڳالهه جي لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن هو پنهنجي ڀائٽي کي انهن جي اباڻي دين تي حملي ڪرڻ کان منع ڪري، ٻي صورت ۾ انهن ڌمڪي ڏني ته هو سخت ذريعن استعمال ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏيندا. ابو طالب لاچار ٿي پنهنجي ڀائٽي کي درخواست ڪئي ته هو پاڻ تي ۽ پنهنجي خاندان تي بربادي نه آڻي. رسول الله جن جواب ڏنو ته ”جيڪڏهن سج هيٺ لهي، منهنجي ساڄي هٿ تي اچي ۽ چنڊ منهنجي کاٻي هٿ تي ۽ مونکي چيو وڃي ته هن ڪم کي ترڪ ڪر يا ان جي حاصل ڪرڻ ۾ پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏ، تڏهن به آءٌ هن ڪم تان هٿ نه کڻندس.“ سندن هي لفظ ٻڌندي ئي ابو طالب جي دل تري آئي ۽ کين چيائون ته ”جيڪي به تون چاهين ٿو ان مطابق ماڻهن کي وعظ نصيحت ڪر، آءٌ قسم ٿو کڻان ته ڪڏهن به توکي دشمنن جي حوالي نه ڪندس.“
جڏهن اهي امن وارا طريقا بيڪار ٿيا، تڏهن قريشن جو غصو ۽ جوش ٻيڻيءَ قوت سان ڀڙڪو کائي اٿيو. انهن سمجهيو ٿي ته هن نئين دين جي ترقي ضرور سندن قومي مذهب ۽ قومي پرستش جي تباهي آڻيندي ۽ ڪعبته الله شريف جي محافظن جي آمدنيءَ ۽ اقتدار کي ضرور ڌڪو ايندو. حضرت محمد جن پنهنجي چاچي ابو طالب جي سهاري هيٺ سلامتيءَ سان رهندا هئا. بني هاشم وارن جي جيتوڻيڪ انهيءَ دين سان ڪا به همدردي نه هئي، جنهن جي سندن قبيلي جو ماڻهو (رسول الله ) تعليم ڏيندو هو، تنهن هوندي به هڪڙي ئي قبيلي هجڻ جي مضبوط خيال ڪري، جيڪو عربن لاءِ مخصوص هو، انهن رسول الله جن کي اهڙن سڀني حملن کان محفوظ رکيو، جيڪي سندن حياتي وٺڻ لاءِ ڪيا ويا. باقي سندن توهين ۽ دل آزاري برابر ٿيندي رهي، پر انهن غريبن کي، جن جو ڪو به نگران نه هو ۽ غلامن کي سخت ۾ سخت مصيبتون سهڻيون پيون. انهن کي قيد ۾ وڌو ويندو هو ۽ مٿانئن شديد ظلم ڪيا ويندا هئا، انهيءَ لاءِ ته تنگ ٿي ازخود اسلام ڇڏي ڏين. اهڙين حالتن ۾ حضرت ابوبڪر رضي الله هڪ حبشي غلام حضرت بلال رضي الله کي خريد ڪري آزاد ڪيو. رسول الله جن حضرت بلال رضه کي ”حبش جو پهريون ميوو“ ڪري ڪوٺيندا هئا. حضرت بلال رضي الله کي سندس مالڪ اهڙيءَ طرح ته بيدرديءَ سان تڪليفون ۽ عذاب ڏيندا هئا، جو ڏينهن جا ڏينهن هنکي نٽهڻ اس ۾ پٺيءَ ڀر سمهاري سندس پيٽ تي هڪ ڳرو پٿر رکي ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ هن کي چيو ويندو هو ته يا هن حالت ۾ رهي جان ڏي يا محمد جو دين ڦٽو ڪري، بتن جي پوڄا ڪر. انهيءَ تي حضرت بلال رضي الله جواب ڏيندو هو: ”احد! احد! يعني خدا هڪ آهي“! ٻه ماڻهو اهڙين دردناڪ تڪليفن ۽ سختين کي سهندي مري ويا. جيئن ته حضرت محمد جن تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ مبتلا ٿيل مسلمانن کي آزاد ڪرائي نٿي سگهيا، پاڻ انهن کي حبش ڏانهن هجرت ڪري وڃڻ لاءِ صلاح ڏنائون. نبوت جي پنجين سال ۾ (سنه 615ع ۾) يارهن مرد ۽ چار عورتون سمنڊ پار ڪري حبش وڃي پهتا ۽ اتي جي عيسائي بادشاهه انهن جي ڏاڍي مرحبا ڪئي. انهن مسلمانن مان هڪ حضرت مصعب بن عمير رضي الله تعاليٰ نالي هو، جنهن جو احوال ڏاڍو دلچسپ آهي. هن کي انهيءَ خاص مصيبت خيز آزمائش مان لنگهڻو پيو، جيڪا هڪ نئين مذهب اختيار ڪرڻ واري کي اڪثر پيش ايندي آهي، يعني انهن ماڻهن جي دشمني برداشت ڪرڻ، جن کي هو پيار ڪري ٿو ۽ ڪڏهن اهي ان کي پيار ڪندا هئا. حضرت مصعب رضي الله تعاليٰ ارقم جي گهر ۾ رسول الله جن جون نصيحتون ٻڌي مسلمان ٿيو هو، پر پنهنجي اسلام جي خبر ظاهر ڪرڻ کان ڊڄندو هو، ڇاڪاڻ ته سندس قبيلي جا ماڻهو ۽ سندس ماءُ، جي هن کي خاص محبت ڪندا هئا، هن نئين مذهب جا سخت مخالف هئا، پوءِ جڏهن انهن کي هن ڳالهه جي خبر پيئي، تڏهن حضرت مصعب رضي الله کي گرفتار ڪري قيد ۾ وڌائون، پر هو حبش ڏانهن حجرت ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
اهل قريش جي دشمني مسلمان مهاجرن کي حبش ۾ به سڪون سان ساهه کڻڻ نه ڏنو. هڪ سفارت حبش جي بادشاهه کان اهو مطالبو ڪرڻ لاءِ رواني ڪيئي ويئي ته هو انهن مهاجرن کي پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍي ۽ انهن کي قريشن جي حوالي ڪري، پر جڏهن حبش جي بادشاهه مسلمانن کان سندن حال احوال ورتو تڏهن هن انهن تان پنهنجي حمايت جي هٿ هٽائڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته مسلمانن حبش جي بادشاهه کي هيءُ عرض ڪيو ته ”اسين جهالت جي اونداهيءَ ۾ غرق هئاسون ۽ بتن جي پوڄا ڪندا هئاسون. اسان پنهنجو پاڻ سڄو فاحش نفساني خواهشن جي سپرد ڪري ڇڏيو هو. جيڪو ڏاڍو سو گابو، انهيءَ قانون کانسواءِ ٻئي ڪنهن به قاعدي قانون جي اسان کي خبر نه هئي، عين انهيءَ وقت خدا تعاليٰ اسان جي ئي قوم مان هڪ شخص کي پيدا ڪيو، جو سڀ ۾ اعليٰ مرتبو رکندڙ هو ۽ سندس اعليٰ خصلتن ڪري اسين سڀ هن کي ڏاڍي عزت ڏيندا هئاسون. هن پيغمبر اسان کي نصيحت ڪئي ته خدا جي وحدانيت جو اقرار ڪريو، صرف هڪڙي ئي خدا جي بندگي ڪريو، پنهنجن ابن ڏاڏن جي باطل عقيدن کي ترڪ ڪريو ۽ ڪاٺ ۽ پٿر مان جوڙيل خدائن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسو. هن اسان کي حڪم ڏنو ته ظلم ۽ خرابيءَ کان بچو، زبان جا سچا ۽ پنهنجي انجام تي محڪم رهو، پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ پاڙيسرين تي مهربان ۽ شفيق بڻجو. هن اسان کي عورتن جي عزت وٺڻ ۽ يتيمن جي مال کائڻ کان روڪيو. نماز، زڪوات ۽ روزي جو حڪم عائد ڪيائون. اسان هن شخص جي رسالت تي ايمان آندو ۽ هن جي سڀني حڪمن کي، جيڪي هن اسان وٽ خدا جي طرفان آندا هئا، دل و جان سان تسليم ڪيو، پر اسان جي ملڪ جي ماڻهن اسان جي برخلاف مخالفت جو هڪ طوفانِ عظيم برپا ڪري ڏنو ۽ اسان جي مٿان انهيءَ ڪري سخت ظلم ڪرڻ لڳا، ته اسين اسلام تان دستبرار ٿي وري بتن جي پوڄا کي لڳي وڃون. اهڙيءَ طرح اسان پنهنجي ملڪ ۾ ڪا به سلامتي نه ڏسي اوهان جي ملڪ ۾ اچي پناهه ورتي آهي. اوهان جي عدل ۽ انصاف تي ڀروسو ڪندي، اسان هاڻي اها اميد ٿا ڪريون ته اوهان اسان کي ضرور دشمنن جي ظلم کان ڇوٽڪارو ڏيندا.“
مسلمانن جي اها درخواست بادشاهه نهايت غور ۽ توجہ سان ٻڌي ۽ قريشن جو وفد ناڪامياب واپس روانو ٿي ويو. انهيءَ وچ ۾ هڪ دفعو نئين سر ڪوشش ڪئي ويئي ته رسول الله جن کي دنيوي دولت ۽ اقتدار جي وعدن سان لالچائي کانئن اسلام جي دعوت جو ڪم ڇڏائين، پر انهن جي اها ڪوشش به رائگان ثابت ٿي. جنهن وقت مڪي مڪرم ۾ حبش واريءَ سفارت جي نتيجي معلوم ڪرڻ جو سخت انتظار ڪيو پئي ويو، عين انهيءَ وقت هڪ اهڙي ماڻهوءَ اسلام قبول ڪيو، جو حضرت محمد جن جي سخت ۾ سخت دشمنن مان هڪ هو ۽ سندن هميشه تمام گهڻي مخالفت ڪندو پئي آيو. هيءُ اهو ماڻهو هو، جنهن کي پنهنجو نهايت خوفناڪ ۽ جاني دشمن سمجهڻ لاءِ مسلمانن کي هرڪو سبب هو، پر پوءِ جڏهن هن اسلام آندو ته اسلام جي ممتاز ترين شخصيتن مان هيءُ هڪ بڻيو ۽ هن جو نالو اسلام جي اوائلي تاريخ ۾ ڏاڍو چمڪيو. هيءُ ماڻهو هو، عمر ابن الخطاب رضي الله . هڪڙي ڏينهن رسول الله جن تي تمام گهڻي غصي ۾ اچي، تلوار هٿ ۾ کڻي سندن جان مبارڪ وٺڻ لاءِ روانو ٿيو. رستي ۾ کيس هڪ مائٽ مليو، جنهن پڇيس ته ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ حضرت عمر رضي الله جواب ڏنو ته ”محمد جي تلاش ۾ آهيان ته هن کي وڃي قتل ڪريان، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي شهر جي ماڻهن جي وچ ۾ فساد ۽ پريشاني برپا ڪري ڏني آهي، اسان جي خدائن جي توهين ڪئي آهي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي نالي ناموس کي ڌڪو ڏنو آهي.“ سندس مائٽ جواب ڏنو: ”تون پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي ڇو نٿو سزائون ڏين، جن تنهنجي بي خبريءَ ۾ اسان جي اباڻي دين کي ڇڏي ڏنو آهي.“ حضرت عمر پڇيو ته ”منهنجي ڪٽنب جا اهي ڪير ماڻهو آهن؟“ هن جواب ڏنو: ”تنهنجو ڀيڻويو سعيد ۽ تنهنجي ڀيڻ فاطمہ“ حضرت عمر رضي الله يڪدم پنهنجي ڀيڻ جي مڪان ڏانهن ڪاهه ڪئي. انهيءَ وقت سندس ڀيڻ پنهنجي مڙس ۽ حضرت خباب رضي الله سان گڏ قرآن شريف جي تلاوت ڪري رهي هئي. حضرت خباب رضي الله ، رسول الله جن جي اصحابن مان هڪ هو ۽ انهن ٻنهي کي اسلام جي تعليم ڏيندو هو. حضرت عمر رضي الله مڪان ۾ ڌوڪي آيو ۽ پڇيو ته ”هيءُ ڪهڙو آواز هو، جو مون ٻڌو؟ انهن جواب ڏنو ته ”ڪجهه به نه هو.“ حضرت عمر رضي الله نهايت غصي ۾ چيو ته ”نه اوهين ڪجهه پڙهي رهيا هئا. مون ٻڌو آهي ته اوهين (حضرت) محمد جي دين ۾ شامل ٿي ويا آهيو.“ هي چئي هن سعيد تي حملو ڪيو ۽ هن کي سخت ڌڪ هنيا. فاطمه پنهنجي مڙس کي بچائڻ خاطر وچ ۾ ٽپي پئي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي زور سان چيائين: ”هائو! اسين مسلمان آهيون. اسان خدا ۽ خدا جي رسول تي ايمان آندو آهي. جيڪڏهن تنهنجي مرضي اسان کي قتل ڪرڻ جي آهي ته ڀلي قتل ڪري ڇڏ.“ هن ڇڪتاڻ ۾ حضرت عمر رضي الله جي ڀيڻ زخمي ٿي پيئي. پنهنجي ڀيڻ جو منهن خون سان رڱيل ڏسي، حضرت عمر رضي الله جي دل ڀڄي پيئي. انهن کي انهيءَ ڪاغذ ڏسڻ لاءِ چيائين، جيڪو هو پڙهي رهيا هئا، ٿوريءَ شش و پنج کان پوءِ سندس ڀيڻ هن کي اهو ڪاغذ ڏنو. هن ۾ قرآن شريف جي ويهين سوره (سوره طھٰ) لکيل هئي. جڏهن هن اهو پڙهيو ته بلند آواز سان چيائين ته ”ڪهڙو نه عمدو ۽ ڪهڙو نه لطيف ڪلام آهي!“ جيئن جيئن هي پڙهندو ويو، تيئن تيئن يقين جي مايا هن جي اندر ۾ تيزيءَ سان گهر ڪندي ويئي ۽ هن بي خطا دانهن ڪئي: ” مون کي حضرت محمد جن وٽ وٺي هلو ته آئون انهن اڳيان پنهنجي اسلام جو اقرار ڪريان.“
تقريبن انهيءَ ئي وقت ۾ هڪ ٻيو وڏو ماڻهو حضرت حمزه نالي اسلام ۾ داخل ٿيو. هيءُ رسول الله جن جو چاچو ۽ کير شريڪ ڀاءُ هو. هڪ دفعي رسول اڪرم جن جي مڪي جي ڪافرن تمام گهڻي مذمت ڪئي ۽ پاڻ اها سڀ صبر سان برداشت ڪيائون. هن واقعي جي خبر جڏهن حضرت حمزه رضي الله کي پيئي، تڏهن سندس دلير دل کي اهڙي ته چوٽ لڳي جو يڪدم هن جي اندر ۾ پنهنجي ڀائٽي لاءِ همدردي پيدا ٿي ۽ جاني دشمن مان بدلجي سندن دلي دوست ٿي پيو. رڳو حضرت حمزه رضي الله جو هڪ مثال نه هو، جنهن جي دل ۾ مسلمانن کي سخت ۾ سخت تڪليف ۾ مبتلا ٿيندو ڏسي، انهيءَ لاءِ همدردي پيدا ٿي هجي، پر ٻيا به ڪيترا اهڙا ماڻهو هئا، جي ڳجهه ڳوهه ۾ هن نئين مذهب جي پاسداري ڪندا رهندا هئا، پر انهن انهيءَ ڏينهن تائين پنهنجي اسلام جو اظهار نه ڪيو، جنهن ڏينهن اسلام کي شاندار ڪاميابي نصيب ٿي.
حضرت عمر رضي الله جو اسلام ۾ اچڻ، اسلامي تاريخ ۾ اسلام لاءِ هڪ انقلابي اهڃاڻ آهي. مسلمان هاڻي هڪ وڌيڪ همت وارو قدم کڻي سگهيا ٿي. حضرت محمد جن هاڻي ارقم جو گهر ڇڏيو ۽ مسلمان کلم کلا ڪعبي جي چئوگرد گڏجي نماز پڙهڻ لڳا.
هن قسم جي آزاديءَ ڪو گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو. قريش جي سفارت حبش مان ناڪامياب واپس آئي، ڇاڪاڻ ته اتي جي بادشاهه مسلمان مهاجرن مٿان پنهنجي حفاظت کڻڻ کان صفا نابري واري. موجوده حالات پٽاندڙ مڪي جي امراءُ طبقي جي دلين ۾ خوف پيدا ٿيڻ جو واجبي سبب هو، ڇاڪاڻ ته هاڻي انهن کي اهڙن ماڻهن سان منهن نه ڏيڻو هو، جي مظلوم ۽ حقير حيات مان نڪتل هئا يا بي بسيءَ ۽ بي ڪسيءَ واريءَ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ مبتلا هئا، پر مسلمان هاڻي هڪ مضبوط فرقو بڻجي ويا هئا، جن جي قوت ۾ روز بروز شهر جي بااثر ماڻهن جي شموليت سان اضافو ٿيندو ٿي ويو ۽ انهن جي هڪ ڌارئين زبردست بادشاهه سان دوستانه تعلقات پيدا ڪرڻ، مڪي جي موجوده حڪومت جي استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو.
اهلِ قريش انهيءَ ڪري پنهنجي ملڪ ۾ هن خوفناڪ عنصر کي ختم ڪرڻ لاءِ زبردست ڪوشش ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. انهن بنو هاشم ۽ بنو مطلب وارن کي، جي قرابتداريءَ سبب رسول الله جن جي حفاظت ڪندا هئا، هڪ بندش هيٺ رکيو ۽ انهن جي خلاف هڪ عهدنامو ڪيائون، جنهن مطابق اهلِ قريش انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪيو ته نه هو بنو هاشم ۽ بنو مطلب جي عورتن سان شادي ڪندا ۽ نه انهن کي وري پنهنجون عورتون شاديءَ لاءِ ڏيندا، نڪي انهن کي ڪا شيءِ وڪرو ڪري ڏيندا ۽ نه انهن وٽان ڪا شيءِ خريد ڪندا. مطلب ته انهن سان هر ڪنهن قسم جو قطع تعلقات ڪندا.
هن ظلم جي شدت ۽ ان سان گڏوگڏ ايندڙ خطرن مسلمانن کي مجبور ڪيو ته حبش ڏانهن ٻي هجرت ڪن. هن دفعي ٽياسي (83) مرد ۽ ارڙهن (18) عورتون هيون، جي حبش ڏانهن روانا ٿي ويا.
ٽي سال متواتر بنو هاشم وارا شهر جي هڪ حصي ۾ بند رهيا. هن سڄي عرصي اندر اهل مڪہ جي اها پابندي نهايت سختيءَ سان جاري رهي. انهن مان ڪنهن کي به اها همت نه ٿيندي هئي ته حج وارن مقدس مهينن کان علاوه ٻئي ڪنهن به وقت ٻاهر اچي سگهي. انهن مهينن ۾ سڄي عربستان ۾ هر جڳهه لڙائي ۽ جهيڙو جهڳڙو بند رهندو هو. هڪ عارضي صلح نامو ڪيل هو. انهيءَ لاءِ ته زائرين خانه ڪعبه هن قومي مذهبي مرڪز جي زيارت لاءِ اچي سگهن.
حضرت محمد جن انهيءَ حج جي موقعي جو فائدو وٺندا هئا ۽ عربن جي مختلف قبيلن کي اسلام جي دعوت ڏيندا هئا، جيڪي مڪي ۾ ڪعبته الله شريف جي زيارت لاءِ ڀر وارن جبلن ۾ جوق درجوق اچي گڏ ٿيندا هئا، پر ڪجهه به ڪاميابي نه ٿي، ڇاڪاڻ ته سندن چاچو ابو لهب سندن پٺيان پيو هلندو هو ۽ زور سان ماڻهن کي چوندو هو ته ”(نعوذ باالله) هيءُ هڪ دغا باز ٺڳ آهي ۽ چاهي ٿو ته توهان کي توهان جي اباڻي دين تان هٽائي پنهنجي غلط عقيدن طرف آڻي. انهيءَ ڪري هن کان پاڻ کي الڳ ڪريو ۽ هن جي ڪنهن به ڳالهه کي نه ٻڌو.“ اهي ماڻهو رسول الله جن کي هن طرح ٽوڪيندا هئا: ”توکي تنهنجي قبيلي ۽ خاندان جا ماڻهو وڌيڪ سڃاڻن ٿا. پوءِ ڇو اهي توتي ايمان نٿا آڻين ۽ تنهنجي پيروي نٿا ڪن؟“
آخرڪار حضرت محمد جن ۽ سندن مٽن مائٽن جيڪي تڪليفون برداشت ڪيون، انهن اهل مڪہ جي هڪ وڏي حصي جي دلين ۾ همدردي پيدا ڪئي ۽ انهن مٿان مڙهيل پابنديءَ کي هٽايو ويو.
ساڳئي سال ۾ سندن وفادار زال حضرت خديجہ ضللہعنہا جي وفات ٿي، جا پنجويهن سالن تائين ساندهه سندن صلاحڪار ۽ مددگار رهي، حضرت محمد جن کي غم ۽ مايوسيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. ٿوري وقت بعد وري سندن چاچي ابو طالب جي موت کانئن سندن وفادار ۽ نهايت قومي محافظ هميشه لاءِ کسي ورتو. انهيءَ ڪري پاڻ وري نئين سر ڪافرن جي نفرت ۽ ملامت جا نشان بڻيا.
پنهنجي شهر جي ماڻهن جي توهين ۽ نفرت برداشت ڪندي، جن کي هن معمولي ڪاميابيءَ سان ڏهن سالن تائين اسلام جي دعوت ڏني، رسول اڪرم جن هاڻي پڪو ارادو ڪيو ته ڪن ٻين اهڙن ماڻهن کي ڏسجي، جيڪي من سندس پيغام ٻڌڻ لاءِ وڌيڪ تيار هجن. هن اميد سان پاڻ مڪي کان اٽڪل 60 ميلن جي مفاصلي تي طائف شهر ڏانهن روانا ٿيا. شهر جي اميرن ۽ هلنديءَ وارن ماڻهن جي هڪ مجلس اڳيان حضرت محمد جن خدا جي توحيد ۽ پنهنجي رسالت متعلق مفصل ذڪر فرمايو ۽ ساڳئي وقت پاڻ انهن کان مطالبو ڪيائون ته مڪي ۾ دشمنن جي ظلم کان سندن حفاظت ڪن. رسول الله جن جي انهيءَ بلند ترين دعويٰ (جنهن کي طائف جا بت پرست ماڻهو سمجهي نٿي سگهيا) ۽ سندن بيڪسيءَ جي حالت جي وچ ۾ اهڙي ته نامناسبت هئي، جو پاڻ طائف وارا وڌيڪ متنفر ٿيا ۽ کين تمام گهڻي بيدرديءَ سان پٿر هڻي پنهنجي شهر مان هڪالي ٻاهر ڪڍيو.
طائف کان واپس اچڻ بعد رسول الله جن جي ڪاميابيءَ جون صورتون اڳئين کان به وڌيڪ مايوسيءَ جهڙيون بڻيون. ايتريقدر جو سندن روحاني ڪوفت کين انهن لفظن چوڻ تي مجبور ڪيو، جيڪي لفظ حضرت نوح عليه السلام جي زبان مان پنهنجي قوم جي باري ۾ نڪتا هئا، اهي هي آهن:
”اي خدا! رات ڏينهن مون پنهنجي قوم کي پڪاريو، پر منهنجي پڪارڻ انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به وڌيڪ نه ڪيو، جو هو مون کان پري ڀڄن ۽ جڏهن مون انهن کي تنهنجي معرفت طرف سڏيو، تڏهن انهن پنهنجون آڱريون کڻي ڪنن ۾ وڌيون ۽ پاڻ کي ڪپڙن ۾ ڍڪيائون (انهيءَ لاءِ ته منهنجي صورت به نه ڏسن) ۽ ضد ڪيائون ۽ تمام گهڻو تڪبر ڪيائون.“
عين انهيءَ مايوسيءَ جي حالت ۾ رسول الله جن کي انهيءَ طرف کان تسلي ملي، جنهن جو ڪو گمان به نه هو. سالياني حج جي موقعي تي سندن نظر مبارڪ ڇهن يا ستن ڄڻن جي هڪ ٽولي تي وڃي پيئي، جن کي پاڻ سڃاتائون ته مديني مان اچي رهيا آهن. انهيءَ وقت مديني کي يثرب پڻ چوندا هئا. انهن ماڻهن کان رسول الله جن دريافت فرمايو ته : ”اوهين ڪهڙي قبيلي مان آهيو؟“ انهن جواب ڏنو: ”قبيلي خزرج مان آهيون.“ پاڻ فرمايائون: ”ڇا يهودين جي ساٿين مان آهيو؟“ انهن جواب ڏنو ”هائو.“ پاڻ پڇيائون ته ”ڇا ٿورڙيءَ دير لاءِ نه وهندا ته آءٌ اوهان سان ڪجهه ڳالهيون ڪري وٺان؟“ انهن جواب ڏنو: ”ضرور.“ پوءِ اهي ماڻهو رسول الله جن سان گڏ ويٺا ۽ پاڻ انهن کي هڪ حقيقي خدا کان آگاهه ڪيو، اسلام جي دعوت ڏني ۽ قرآن شريف پڙهي ٻڌايو. هاڻي ڇا ٿيو، جو الله تعاليٰ اسلام جي لاءِ اڳيئي هي عجيب ڪم ڪري ڇڏيو هو. انهن جي ملڪ ۾ يعني مديني ۾ يهودي موجود هئا، جن وٽ خدا جو ڪتاب تورات به هو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ انهن کي عقل به هو، تنهن هوندي به هو خود مشرڪ ۽ بت پرست هئا. يهودي انهن ماڻهن جي هٿان (مديني وارن هٿان) اڪثر ظلم ۽ سختيون برداشت ڪندا هئا. جڏهن به انهن جي وچ ۾ ڪا لڙائي لڳندي هئي ته (يهودي) هميشه انهن کي چوندا هئا ته ”عنقريب هڪ پيغمبر پيدا ٿيندو، جنهن جي اسين پيروي ڪنداسون ۽ هن سان گڏجي اوهان کي اهڙيءَ طرح سان قتل ڪنداسون، جهڙيءَ طرح عاد ۽ ارم جو قتل ٿيو هو.“ هاڻي جنهن وقت پيغمبر خدا جن انهن ماڻهن سان گفتگو ڪئي ۽ حقيقي خدا جي طرف انهن کي سڏيو ته انهيءَ وقت انهن پاڻ ۾ هڪٻئي کي چيو: ”پڪ ڄاڻو ته هيءُ ئي پيغمبر آهي، جنهن جي متعلق يهودي اسان کي ڊيڄاريندا آهن. اچو ۽ جلدي ڪريو ته هن سان ساٿ ڏيون، جيئن هن سان گڏجڻ ۾ اسين اول ليکجڻ ۾ اچون.“ اهڙيءَ طرح هن خزرج جي قبيلي جي مختصر گروهه رسول الله جن جي دعوت تي ايمان آندو ۽ اسلام قبول ڪيو ۽ سندن خدمت ۾ عرض ڪيو ته ”اسان جي ملڪ جا ماڻهو مدت دراز کان وٺي نهايت سخت موتمار گهرو لڙاين ۾ مبتلا آهن، پر هاڻي اميد آهي ته حق تعاليٰ توهان ۽ توهان جي تعليم جي ذريعي، انهن کي متحد ڪري ڇڏيندو، تنهنڪري اسان انهن کي هن دين جي دعوت ڏينداسون ۽ جو ڪجهه اسان کي اوهان وٽان مليو آهي، تنهن کان انهن کي پڻ پوريءَ طرح آگاه ڪنداسون.“ اهڙيءَ طرح اهي ماڻهو ايمان ۽ يقين جي خزاني سان مالا مال ٿي، پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس روانا ٿيا.
هن مٿي ذڪر ڪيل واقعي جو بيان تاريخي روايتن ۾ اهڙي ئي نموني قلمبند ٿيل آهي ۽ اهو واقعو رسول الله جن جي نبوت جي دوران ۾ هڪ انقلابي واقعو آهي. پاڻ هاڻي انهيءَ قوم سان مليا، جن جي گذريل حالتن ڪنهن طرح انهن جي دلين کي اسلام جي تعليم قبول ڪرڻ لاءِ اڳيئي تيار ڪري ڇڏيو هو ۽ جن جون موجوده حالتون، جيئن اڳتي هلي ظاهر ٿيندو ته رسول الله جن جي ڪم ۾ ڏاڍيون نفع بخش ثابت ٿيون.
يثرب جي شهر تي گهڻي وقت کان وٺي يهودين جو قبضو هو ۽ انهن کي ڪنهن قومي تباهيءَ (شايد بادشاهه هيڊرين جي ظلم ۽ سختين) پنهنجي ملڪ مان تڙي ڪڍيو هو. سن 300ع ڌاري رولو ۽ پنهنجي وطن مان تڙيل ماڻهن جو گروهه، جنهن ۾ عرب جا ٻه قبيلا خزرج ۽ اوس هئا، يثرب ۾ اچي وارد ٿيا ۽ يهودين سان عهدنامو ڪري، ملڪ جي هڪ حصي ۾ رهڻ لڳا، جيئن انهن قبيلن جا ماڻهو وڌندا ويا، تيئن يهودي حڪمرانن جي اختيارات ۾ وڌيڪ ۽ دست اندازي ڪرڻ لڳا ۽ آخرڪار عيسوي پنجين صديءَ جي پڇاريءَ ڌاري يثرب ۾ يهودين جي ڳچ جيتري آدمشماري هئي، انهيءَ ڪري يثرب جا ماڻهو هڪ مسيح جي ظاهر ٿيڻ واري عقيدي کان اڳ ۾ ئي آشنا هئا ۽ لازمي طرح بت پرست مڪي جي ماڻهن جي مقابلي ۾ حضرت محمد جن جي هن دعويٰ کي ته پاڻ خدا جا نبي آهن، سمجهڻ جي وڌيڪ صلاحيت ۽ قابليت رکندا هئا. مڪي وارن لاءِ اهڙو خيال سراسر اجنبي هو ۽ خصوصاً اهلِ قريش لاءِ ته بلڪل ناگوار هو، ڇاڪاڻ ته انهن کي عرب جي ٻين قبيلن مٿان فوقيت ۽ دنيوي آسودگي محض انهيءَ ڪري حاصل هئي، جو هو ڪعبته الله جي پاڪ احاطه اندر رکيل قومي بتن جي ذخيري جا موروثي محافظ هئا.
يثرب جي شهر ۾ خزرج ۽ اوس قبيلن جي وچ ۾ عرصه دراز کان وٺي، هڪ لڙائي هلندڙ هئي، انهيءَ ڪري سڄو شهر مسلسل خانه جنگيءَ ڪري، خراب حالت کي پهچي چڪو هو. شهر جا ماڻهو بي اطمينانيءَ ۽ مونجهاري جي حالت ۾ پنهنجي زندگي گذاريندا هئا ۽ ڪا به شيءِ جا انهن ٻنهين مخالف قبيلن کي ڪنهن مشترڪ مفاد حاصل ڪرڻ جي بهاني سان پاڻ ۾ متحد ڪري ڇڏي، سا شهر لاءِ هڪ نعمت ثابت ٿئي ها.
اٽليءَ جي اترئين حصي ۾ قرونِ وسطيٰ جي جمهوري حڪومتن پنهنجي شهرن ۾ اعليٰ کان اعليٰ عهدي سنڀالڻ لاءِ هڪ اجنبي شخص جو انتخاب ڪيو، انهيءَ لاءِ ته مخالف ڌرين جي طاقت ۾ برابري قائم رهي ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته گهرو جهيڙا جهڳڙا به بند ٿي وڃن، جيڪي تجارت ۽ عام بهبوديءَ لاءِ سخت نقصانڪار هئا. ساڳيءَ طرح يثرب وارن پنهنجي شهر ۾ هڪ ڌارئين شخص جي اچڻ کي شڪ جي نظرن سان نه ڏٺو، جيتوڻيڪ انهن کي اهو گمان هو ته اهو ڌاريو شخص حڪومت جي خالي عهدي تي قبضو ڪندو، پوءِ کڻي هو زبردستيءَ سان ڪري يا انهن جي اجازت سان ڪري. پنهنجي گهر اندر موتمار حسد ڌارين جي اقتدار حاصل ڪرڻ جي حسد کي ختم ڪري ڇڏيو.
مٿي ڄاڻايل بيان مان هيءَ ڳالهه ڀليءَ ڀت سمجهه ۾ ايندي ته ڪيئن رسول الله جن هجرت کان اٺ ورهيه پوءِ ڏهن هزارن مسلمانن جا اڳواڻ بڻجي، انهيءَ شهر ۾ (مڪي) داخل ٿين ٿا، جنهن ۾ پاڻ ڏهن سالن تائين اسلام ڦهلائڻ لاءِ سخت ڪوششون ورتيون، پر نتيجو تمام گهٽ نڪتو.
مگر اها ڳالهه جيڪا گذشته فقري ۾ بيان ڪئي ويئي آهي، سا قبل از وقت بيان ٿيل آهي. حضرت محمد جن خود انهن خزرجي نئومسلمن سان گڏ يثرب وڃڻ جو ارادو فرمايو هو، پر انهن رسول الله جن کي انهيءَ ارادي تان في الحال لاهي ڇڏيو، جيستائين ڪه انهن ۽ قبيلي اوس جي وچ ۾ صلح قائم ٿي وڃي. انهن رسول الله جن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته ”اسين اوهان کي التجا ٿا ڪريون ته اسان کي پهريائين پنهنجي ماڻهن سان ملڻ ڏيو، پوءِ جيڪڏهن خوشقسمتيءَ سان خدا تعاليٰ اسان جي وچ ۾ صلح پيدا ڪيو ته اسين وري اوهان جي خدمت ۾ واپس اينداسون. ڀلي ته ايندڙ سال حج جو موقعو اسان جي وري ملڻ جو وقت مقرر ٿئي!“ پوءِ اهي ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وريا ۽ وڃي پنهنجي قوم وارن کي اسلام جي دعوت ڏني. گهڻن ئي ماڻهن ايمان آندو، ايتريقدر جو اهڙو ڪو خاندان ورلي رهيو هوندو، جنهن ۾ رسول الله جن جو ذڪر نه ڪيو ويو هجي.
جڏهن ٻئي سال حج جي موسم وري آئي ته يثرب جو هڪ وفد، جنهن ۾ ڏهه ماڻهو قبيلي خزرج جا ۽ ٻه ماڻهو قبيلي اوس جا هئا، رسول الله جن سان مقرر مقام تي مليو ۽ انهن حضور اڪرم جن سان سندن حڪمن مطابق عمل ڪرڻ جي بيعت ڪئي. انهيءَ بيعت کي ”عقبہ جي پهرين بيعت“ ڪري سڏجي ٿو. عقبہ نالو انهيءَ ڪري رکيو ويو، جو جنهن مخفي جڳهه تي هيءَ بيعت ٿي، ان جو نالو خود عقبہ هو. هن بيعت جو مضمون هيءُ هو:
”اسان هڪ خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪنداسون، نه چوري ڪنداسون ۽ نه زنا ڪنداسون ۽ نه پنهنجن ٻارن کي قتل ڪنداسون. اسان هڪٻئي تي بهتان لڳائڻ ۽ هڪٻئي کي رسوا ڪرڻ کان پاسو ڪنداسون. اسين پيغمبر جي هر ڪنهن ڳالهه کي، جا ضرور صحيح هوندي مڃينداسون ۽ خوشيءَ يا رنج ۾ هن سان وفادار ٿي رهنداسون.“ هي ٻارهن ماڻهو هاڻي اسلام جا داعي بڻجي، يثرب ڏانهن واپس وريا. يثرب اندر اسلام جي ڦهلجڻ لاءِ ميدان ايتريقدر ته هموار ٿي ويو هو، ۽ انهن نئومسلم مبلغن ويتر پنهنجو تبليغي ڪم اهڙيءَ ته سرجوشيءَ سان هلايو هو، جو اسلام تمام گهڻيءَ تيزيءَ سان هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين ۽ هڪ قبيلي کان ٻئي قبيلي تائين ڦهلجي ويو.
يثرب جي انهيءَ نئومسلم گروهه جي واپس وڃڻ وقت رسول الله جن حضرت مصعب بن عمير رضي الله کي انهن سان گڏ موڪليو. پر ٻيءَ هڪ روايت ۾ اچي ٿو ته مديني مان هڪ لکيل درخواست مطابق حضرت مصعب رضي الله کي اوڏانهن روانو ڪيو ويو. هيءُ نوجوان اوائلي مسلمانن مان هو ۽ تازو حبشه کان واپس آيو هو. انهيءَ ڪري هن کي مصيبتن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪافي مهارت حاصل هئي، جنهن نه رڳو هن جي مذهبي جوش ۾ اعتدال آندو، بلڪه هن کي اهو به سيکاريو ته ڪافرن جي ظلم۽ ستم جو ڪهڙي نموني جواب ڏجي ۽ انهن ماڻهن سان ڪهڙيءَ طرح پيش اچجي، جيڪي اسلام جي صحيح تعليم معلوم ڪرڻ کانسواءِ اسلام جي برخلاف گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا. انهيءَ ڪري حضور جن انهن نئومسلمن جي تعليم و تربيت جو مشڪل ڪم تمام گهڻي اعتماد سان حضرت مصعب رضي الله جي حوالي ڪيو، ڇو ته پاڻ جن کي خاطري هئي ته ديني جذبي ۽ خلوص جو ٻج، جو انهن جي دلين ۾ اڳي ئي موجود هو، تنهن کي مصعب رضي الله ئي وڌائي ميوي دار وڻ ڪندو. حضرت مصعب رضي الله يثرب ۾ پنهنجي رهڻ جي جڳهه اسعد بن زراره جي گهر ۾ بنائي ۽ مسلمانن کي نماز ۽ قرآن شريف جي تلاوت لاءِ ڪڏهن انهيءَ گهر ۾ ۽ ڪڏهن وري بني ظفر جي گهر ۾ گڏ ڪندو هو. اهو گهر شهر جي انهيءَ حصي ۾ واقع هو، جنهن ۾ ظفر جو خاندان ۽ عبدوالاشهل جو خاندان گڏ آباد هئا.
انهيءَ وقت عبدوالا شهل جي خاندان جا سردار سعد بن معاذ ۽ اسيد بن حضير هئا. هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو حضرت مصعب رضي الله اسعد سان گڏ بني ظفر جي گهر ۾ ڪن نون مسلمانن کي ويٺي تعليم ڏني. هوڏانهن وري سعد بن معاذ انهيءَ پروگرام جو پتو حاصل ڪري، اسيد بن حضر کي وڃي چيو ته ”هن اسلام جي مبلغ ۽ ان جي رفيق کي پنهنجي محلي مان تڙي ڪڍ. آءٌ جيڪر توکي هن ڪم جي تڪليف نه ڏيان، پر ڇا ڪريان جو منهنجي ۽ بني زراره جي وچ ۾ مائٽيءَ جو رستو آهي ۽ ممڪن آهي ته مون کي اهو رشتو اسعد کي نقصان پهچائڻ کان روڪي ڇڏي.“ (سعد بن معاذ، اسد بن زراره جو سئوٽ هو) هي ٻڌندي ئي اسيد پنهنجو نيزو کنيو ۽ اسعد ۽ مصعب مٿان وڃي ڪڙڪيو ۽ هڪل ڪري چيائين ته ”اوهين ڇا پيا ڪريو. ڀورڙن کي ڀلائي رهيا آهيو؟ جيڪڏهن اوهان کي پنهنجون جانيون پياريون آهن ته هڪدم هليا وڃو.“ حضرت مصعب رضي الله نهايت نرميءَ سان جواب ڏنو: ”ويهه ۽ اسان جي ڳالهه ٻڌ. پوءِ جيڪڏهن تون اسان کان ڪا به اهڙي ڳالهه تنهنجي ناراضگيءَ جهڙي ٻڌي ته اسين هليا وينداسون.“ اسيد زمين ۾ نيزو کوڙي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ويهي رهيو ۽ حضرت مصعب رضي الله ان کي اسلام جا بنيادي اصول کولي سمجهايا ۽ قرآن شريف جون ڪجهه آيتون پڻ پڙهي ٻڌايون. ٿوري وقت کان پوءِ اسيد بي اختيار دانهن ڪئي: ”ڇا ڪنهن به حالت ۾ آءٌ هن دين ۾ داخل ٿي سگهان ٿو؟“ مصعب رضي الله ورندي ڏني ته پاڻيءَ سان پهريائين پنهنجو پاڻ پاڪ ڪر ۽ ڪلمي لاالہ الا الله محمد رسول الله () (يعني خدا کان سواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق ڪونهي ۽ حضرت محمد ان جو رسول آهي) جو اقرار ڪر“. اسيد يڪدم ائين ڪيو ۽ اسلام جي اقرار نامي يعني ڪلمي کي پڻ دهرايو ۽ وڌيڪ چيائين ته: ”اوهان کي مون کان پوءِ ٻئي به هڪ ماڻهوءَ کي مڃائڻو پوندو. (هن جو اشارو سعد بن معاذ ڏانهن هو.) جيڪڏهن هن اسلام قبول ڪيو ته هن جو مثال عبدالاشهل جي سڄي قبيلي کي اسلام جي حلقي اندر آڻيندو. آءٌ هن کي اوهان ڏانهن موڪليان ٿو.“
حضرت اسيد رضي الله مٿيان لفظ چئي، انهن وٽان روانو ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ جلد ئي سعد بن معاذ حضرت اسعد بن زراره تي سخت غصو ڪندو اچي پهتو ۽ هن کي چوڻ لڳو ته: ”جيڪڏهن تون منهنجو سئوٽ نه هجين ها ته آءٌ توکي اها سيکت ڏيان ها جو توکي انهيءَ دليريءَ تي خود هٿ هڻڻو پوي ها. ڇا! توکي همت ٿي آهي، جو اسان اڳيان انهن ديني اصولن کي آندو آهي، جيڪي سراسر اسان جي مذهب جي خلاف آهن؟“ حضرت مصعب رضي الله تمام گهڻيءَ عاجزيءَ سان عرض ڪيو ته ”هن نئين مذهب کي بغير ان جي تعليم ٻڌڻ جي نندڻ نه گهرجي.“ سعد اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ حضرت مصعب رضي الله جي گفتگو هن تي جلدي اثر انداز ٿي ۽ اسلام جي حقانيت جو يقين هن جي دل ۾ پيدا ٿيڻ لڳو. سعد ايمان آڻي اسلام جي حلقي ۾ آيو. هي اسلام جي رنگ سان رڱجي پنهنجي قبيلي جي ماڻهن ۾ موٽيو ۽ انهن کي مخاطب ٿي چيائين: ”اي بني اشهل! ٻڌايو ته آءٌ اوهان جو ڇا ٿيان؟“ انهن جواب ڏنو ته: ”توهان اسان جا آقا آهيو. توهان اسان سڀني ۾ زياده ۾ زياده عقلمند ۽ اعليٰ ۾ اعليٰ مرتبي جا مالڪ آهيو.“ حضرت سعد رضي الله ورندي ڏني ته: ”آءٌ قسم ٿو کڻان ته اوهان مان ڪنهن سان به انهيءَ وقت تائين نه ڳالهائيندس، جيستائين اوهان خدا ۽ ان جي رسول حضرت محمد تي ايمان آڻيو.“ ان ڏينهن کان وٺي عبدالا شهل جي سڄي خاندان اسلام قبول ڪيو“
اسلام جي دعوت جو ڪم اهڙي ته جوش خروش سان هلايو ويو، جو هڪ سال اندر مديني جي عربن ۾ هڪ خاندان به اهڙو نه رهيو جنهن پنهنجا ڪجهه ماڻهو اسلام جي حوالي ڪري مسلمانن جي تعداد ۾ اضافو نه ڪرايو هجي صرف بني اوس وارن جي هڪ شاخ وڃي رهي جنهن جا ماڻهو شاعر ابو قيس جي اثر ڪري، اسلام کان الڳ رهيا.
ٻئي سال جڏهن حج جو وقت وري آيو ته مسلمانن جي هڪ ٽيهتر ماڻهن جي جماعت پنهنجي ديس ڀائي مشرڪن سان گڏ مديني کان مڪي ڏانهن رواني ٿي. انهن کي حڪم ڏنو ويو هو ته حضرت محمد جن کي انهيءَ ڳالهه جي دعوت ڏين ته هو پنهنجي دشمنن جي غيظ و غضب کان پاڻ بچائڻ خاطر يثرب ۾ اچي پناهه وٺن. ازانسواءِ اهي ماڻهو انهيءَ لاءِ به اتي آيا ته رسول الله جن کي خدا جو پيغمبر ۽ پنهنجو پيشوا تسليم ڪري، سندن بيعت ڪن. اهي سڀيئي شروعات وارا نوان مسلمان، جيڪي گذريل ٻن حجن جي موقعي تي رسول الله جن سان ملاقاتي ٿيا هئا، هن اهم موقعي تي وري مڪي ۾ آيا ۽ سندن استاد حضرت مصعب رضي الله پڻ انهن سان گڏ هو. حضرت مصعب مڪي ۾ پهچڻ شرط رسول الله جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي، اسلام جي تبليغي ڪم ۾ حاصل ڪيل ڪاميابيءَ جو سربستو احوال عرض ڪيو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن حضرت مصعب رضي الله جي ماءُ کي هن جي مڪي ۾ اچڻ جي خبر پهتي ته کيس چوارائي موڪليائين ته ”اي نافرمان ڇوڪرا! ڇا تون انهيءَ شهر ۾ داخل ٿيين، جنهن ۾ تنهنجي ماءُ پڻ رهندي هجي ۽ تون پهريائين ان کي ڏسڻ نه اچين؟ حضرت مصعب رضي الله جواب موڪليو ته ”يقينن نه. آءٌ پيغمبر خدا جن جي زيارت کان اڳ ٻئي ڪنهن جي به گهر ملڻ خاطر هرگز نه ويندس.“ پوءِ جڏهن حضرت مصعب رضي الله، رسول الله جن جي خدمت ۾ حاضري ڏيڻ ۽ خطاب ڪرڻ بعد فارغ ٿيو، تڏهن پنهنجي ماءُ وٽ حاضر ٿيو، جنهن کيس طعني طور چيو: ”منهنجي خيال ۾ ته تون اڃا تائين پنهنجي دين تان هٽيل آهين.“ هن جواب ڏنو ته ”آءٌ الله جي رسول ۽ سچي دين اسلام جي پيروي ڪريان ٿو.“ ماءُ چيو: ”ڇا، تو جيڪي مصيبتون حبش جي ملڪ ۾ ڏٺيون ۽ جيڪي هاڻي يثرب ۾ برداشت ڪري رهيو آهين، انهن تي چڱيءَ طرح مطمئن آهين؟“ حضرت مصعب رضي الله ماءُ جي گفتگو مان سمجهي ويو ته هوءَ وري به هن کي قيد ۾ رکڻ جي خيال ۾ آهي. هن زور سان چيو ته ”ڇا، تون زبردستيءَ سان ڪنهن کي پنهنجي دين تان هٽائڻ گهرين ٿي؟ جيڪڏهن تون مون کي قيد ڪرڻ چاهين ٿي ته آءٌ پڪ سان انهيءَ ماڻهوءَ کي قتل ڪندس، جيڪو پهرين مون کي هٿ لڳائيندو.“ هن جي ماءُ جواب ڏنو ته ”هاڻي منهنجي منهن تان ٽري وڃ.“ اهي لفظ چئي، اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي، ماءُ جي هيءَ حالت ڏسي، مصعب رضي الله جي دل تري آئي ۽ چوڻ لڳو ته، ”اي منهنجي امڙ! آءٌ توکي محبت مان صلاح ٿو ڏيان ته تون سچيءَ دل سان انهيءَ ڳالهه جو اقرار ڪر ته الله کانسواءِ ٻيو ڪو به معبود نه آهي ۽حضرت محمد ان جو ٻانهو ۽ رسول آهي.“ پر هن جي ماءُ جواب ڏنو ته، ”چمڪندڙ تارن جو قسم ته آءٌ تنهنجي دين ۾ داخل ٿي، پاڻ کي بيوقوف نه بڻائيندس. آءٌ توکان ۽ تنهنجي سڀني معاملات کان هٿ ڌوئي ويهان ٿي ۽ پنهنجي دين کي مضبوطيءَ سان پڪڙيان ٿي.“
انهيءَ خيال سان ته قريش جي دلين ۾ به بدگماني پيدا نه ٿئي ۽ انهن جي دشمني خواه مخواه پنهنجي سر تي نه آڻجي، هڪ مخفي ملاقات عقبہ ۾ مقرر ڪئي ويئي. اها ساڳي جڳهه گذريل سال جي نئو مسلمن جي ملاقات لاءِ پڻ مقرر ڪئي ويئي هئي. حضرت محمد جن رڳو پنهنجي چاچي حضرت عباس کي ساڻ ڪري اتي تشريف فرما ٿيا. عباس جيتوڻيڪ اڃا مسلمان نه ٿيو هو، تنهن هوندي به هن کي انهيءَ راز ۾ شامل ڪيو ويو هو. حضرت عباس هن اهم مجمع ۾ پنهنجي ڀائٽي جي سفارش ڪندي، هن طرح گفتگو جي ابتدا ڪئي: ”منهنجو ڀائٽيو پنهنجي قبيلي جي شريف ۾ شريف خاندان مان هڪ خاندان جو اولاد آهي. هن قبيلي جي ماڻهن جيتوڻيڪ سندن تعليم کي ٺڪرايو تڏهن به هيتري وقت تائين انهن هميشہ سندن دشمنن جي خلاف حفاظت پئي ڪئي آهي. هاڻي جڏهن پاڻ يثرب جي ماڻهن ۾ پناهه وٺڻ چاهين ٿا، تڏهن انهن ماڻهن کي انهيءَ سخت ذميواريءَ واري ڪم کي هٿ ۾ کڻڻ کان اڳ ٿڌي دماغ سان سوچي پڪو ارادو ڪرڻ گهرجي ته جنهن صورت ۾ هڪ واري هن ڪم کي پنهنجي هٿ ۾ کنيائون ته پوءِ ڪنهن به حالت ۾ انهن کي پنهنجي وعدي تان هٽڻو نه پوندو.“ انهيءَ تي بني خزرج جي هڪ ماڻهوءَ براءِ بن معرور اٿي ظاهر ڪيو ته يثرب وارا پيغمبر خدا جي حفاظت ڪرڻ جي ارادي ۾ بلڪل پختا آهن. هن رسول الله جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته جيڪي پاڻ يثرب وارن کان چاهين ٿا، ان جو وضاحت سان اظهار ڪرڻ فرمائين.
حضرت محمد جن قرآن شريف جون ڪجهه آيتون تلاوت فرمائي انهن سان گفتگو شروع ڪئي ۽ انهن کي نصيحت فرمايائون ته پنهنجي انهيءَ ايمان ۾ سچا رهن جيڪو انهن هڪ خدا ۽ سندس رسول تي آندو آهي. بعد ۾ رسول الله جن فرمايو ته: ”اوهين منهنجي ۽ منهنجن صحابن جي سڀني دشمنن جي مقابلي ۾ اهڙي نموني حفاظت ڪريو جهڙيءَ طرح جيڪر اوهين پنهنجن زالن ۽ ٻارن ٻچن جي ڪريو.“ انهيءَ تي براءَ بن معرور سندن دست مبارڪ وٺي زور سان چيو ته: ”تحقيق! قسم آهي، انهيءَ پاڪ ذات جو جنهن توکي پنهنجو رسول بڻائي اسان ڏانهن موڪليو ۽ تنهنجي ذريعي اسان تي پنهنجي حقيقت کي ظاهر ڪيو ته اسان اوهان جي حفاظت اهڙي نموني ڪنداسون، جهڙيءَ طرح پنهنجن جانين جي ڪريون ٿا. اسين توکي پنهنجو رهبر تسليم ڪري، پنهنجي وفاداريءَ جو قسم کڻون ٿا. اسين ميدان جنگ جا ڄاول ۽ هٿيارن جا آدمي آهيون ۽ هيءُ ڪم اسان کي لائق، پيئرن جي لائق، پٽن جي حيثيت ۾ ورثي ۾ مليو آهي.“ پوءِ سڀني واري واري سان رسول الله جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي بيعت ڪئي.
جڏهن کان اهل قريش کي هنن مخفي ڪاررواين جي خبر پيئي تڏهن کان وٺي مسلمانن کي تڪليف پهچائڻ جي مهم نئين سر شروع ڪيائون ۽ حضرت محمد جن انهن کي صلاح ڏني ته مڪي مان هجرت ڪري وڃو. پاڻ فرمايائون ته: ”مديني ڏانهن هليا وڃو، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ يقينن اوهان کي انهيءَ شهر ۾ ڀائر ڏنا آهن ۽ هڪ اهو مقام عطا ڪيو آهي، جتي اوهان پناهه وٺي سگهو ٿا.“ پوءِ مسلمان خاموشيءَ سان ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن جا ٽولا بڻائي مديني ڏانهن نڪري ويا، جتي انهن جي دل و جان سان مرحبا ٿي. ايتري قدر جو يثرب جا مسلمان پنهنجي مهاجر ڀائرن جي خاطر و مدارات جي شرف حاصل ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي تي چڙهت ڪرڻ لڳا ۽ انهن کي اهي سڀيئي شيون ميسر ڪري ڏنيون، جن جي انهن کي گهرج هئي. ٻن سالن جي عرصي اندر انهن مسلمانن کان سواءِ جن کي پڪڙي قيد ۾ وڌو ويو ۽ انهن جي قيد مان هو نڪري نٿي سگهيا، تقريبن ٻيا سڀئي مسلمان مڪي مان هجرت ڪري ويا. انهن هجرت ڪيلن جو تعداد اٽڪل روءِ 150 ٿيندو. انهن مان هڪ مسلمان جو احوال ڏاڍو دلچسپ آهي. هن جو نالو صهيب رضي الله هو ۽ هن کي رسول الله جن ”يونان جو پهريون ميوو“ ڪري سڏيندا هئا. هي شخص هڪ يوناني غلام هو ۽ پنهنجي مالڪ وٽان آزاد ٿيڻ بعد واپار ڪري، ڪافي تعداد ۾ دولت جمع ڪئي هئائين. جڏهن هن هجرت ڪئي. تڏهن مڪي وارن هن کي چيو ته ”تون هتي تنگدستيءَ ۽ محتاجيءَ جي حالت ۾ آيو هئين، پر اسان جي ڪري ئي تنهنجي دولت ايتريقدر وڌي ويئي، جو موجوده خوشحاليءَ جي حالت کي وڃي پهتو آهين ۽ هاڻي تون اسان کان رڳو اڪيلو الڳ ٿي نٿو وڃين، بلڪه پنهنجي سڄي ملڪيت به پاڻ سان کڻي وڃين ٿو، جيڪا تو اسان وٽ ڪمائي آهي. قسم آهي الله جو ته اسان ائين هرگز ڪرڻ نه ڏينداسون.“ حضرت صهيب رضي الله جواب ڏنو ته ”جيڪڏهن مان پنهنجيءَ سڄيءَ ملڪيت کي هتي ڦٽو ڪري وڃان ته پوءِ اوهين مون کي وڃڻ ڏيندا؟“ مڪي وارن انهيءَ ڳالهه کي پسند ڪيو ۽ حضرت صهيب رضي الله پنهنجو سڄو مال ڦٽو ڪري، هجرت ڪئي. جڏهن هيءَ ڳالهه حضور جن جي خدمت ۾ عرض ڪئي ويئي ته پاڻ فرمايائون: ”يقينن“ صهيب رضي الله هڪ وڏي نفعي جو سودو ڪيو آهي.“
حضرت محمد جن پنهنجي هجرت کي انهيءَ وقت تائين ترسائي ڇڏيو، (انهيءَ مراد سان ته سندن وفادار صحابن تان دشمنن جو توجهه هٽي وڃي) جيستائين سندن زندگيءَ خلاف هڪ پڪي منصوبي کين خبردار ڪيو ته هن کان پوءِ وڌيڪ تاخير نقصانڪار ثابت ٿيندي ۽ پوءِ پاڻ اوچتو ئي اوچتو مڪي مان نڪري ويا.
يثرب يا مديني ۾ پهچڻ شرط، جنهن کي انهيءَ وقت کان وٺي ”مدينته النبي“ يعني نبيءَ جو شهر سڏڻ لڳا، رسول الله جن کي پهريون فڪر هڪ مسجد بڻائڻ جو ٿيو، جا مسلمانن جي نماز پڙهڻ ۽ عام اجتماع واسطي هڪ جڳهه جو ڪم ڏئي. هن کان اڳ مسلمان انهن ڪمن واسطي هڪ انصاريءَ جي گهر ۾ گڏ ٿيندا هئا. پهريائين مسلمان بيت المقدس جي طرف پنهنجو منهن ڪري، نماز پڙهندا هئا. اها ترتيب غالبن يهودين کي پنهنجي طرف آڻڻ لاءِ رکي ويئي هئي. ٻين به ڪيترن ئي ذريعن سان، جهڙوڪ سندن پاڪ ڪتاب توريت مان حوالا ڏيڻ ۽ انهن کي مڪمل مذهبي آزادي ۽ ملڪي حقن ۾ هڪجهڙائي ڏيڻ جي وعدن سان رسول الله جن يهودين کي پنهنجي پاسي آڻڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر انهن سندن سڀني رعايتن جو نفرت ۽ ڌڪار سان جواب ڏنو. جڏهن يهودين سان ٺاهه جون سڀيئي اميدون بيڪار ثابت ٿيون ۽ اها ڳالهه واضح ٿي ويئي ته يهودي ڪنهن به صورت ۾ رسول الله جن کي پنهنجو پيغمبر تسليم نه ڪندا، تڏهن مسلمانن کي (الله جي طرفان) حڪم ڏنائون ته هاڻي نماز ۾ پنهنجو منهن ڪعبته الله شريف طرف ڪريو.“
نماز ۾ پنهنجي منهن کي بيت المقدس کان ڪعبي جي طرف ڦيرائڻ ۾ هڪ ڳوڙهي معنيٰ رکيل آهي، جيڪا شايد اسان کي پهرئين دفعي غور ڪرڻ سان ايتريقدر نظر نه اچي. اهو حڪم سچ پچ اسلام جي قومي زندگيءَ جي شروعات آهي. انهيءَ ڪري مڪي مڪرم ۾ ڪعبته الله شريف سڄي مسلم قوم لاءِ هڪ مذهبي مرڪز بڻجي ويو، جهڙيءَ طرح اسلام کان اڳ هڪ مدت مديد کان اهو عرب جي سڀني قبيلن لاءِ هڪ مرڪزي زيارت جي جڳهه رهيو هو. ساڳيءَ طرح عربن جي قديم رسم کي اسلام جي فرضن ۾ شامل ڪرڻ به اها ئي معنيٰ رکي ٿو. هن حڪم مطابق هر شاهوڪار مسلمان تي پنهنجي زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو حج ڪرڻ فرض قرار ڏنو ويو.
قرآن شريف ۾ اهڙيون ڪيتريون آيتون آهن، جي هن قومي جذبي جي آغاز طرف اسان جو توجهه ڇڪائين ٿيون ۽ عربستان جي ماڻهن تي زور آڻين ٿيون ته هن خاص عطا ٿيل حق کي سمجهن ته وحي سندن قومي زبان ۾ نازل ٿي ۽ سندن ئي ملڪ جي هڪ ماڻهوءَ ذريعي ان کي ظاهر ڪيو ويو. جيئن:
”تحقيق اسان قرآن کي عربي زبان ۾ نازل ڪيو انهيءَ لاءِ ته منَ اوهين سمجهو.“ (سوره: الزخرف-3)
”اهڙيءَ طرح اسان توتي عربي زبان ۾ قرآن نازل ڪيو ته مڪي ۽ ان جي آسپاس وارن ماڻهن کي ڊيڄارين.“ (سوره: الشوريٰ-5).
”جيڪڏهن اسين قرآن کي ڌارين ٻوليءَ ۾ نازل ڪريون ها ته اهي ضرور چون ها ته ان جون آيتون کولي ڇو نه سمجهايون ويون آهن؟ هيءَ ته عجمي زبان آهي ۽ اسين عربي آهيون.“ (سوره: حٰم السجده-44).
”بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن لاءِ هر ڪنهن قسم جا مثال بيان ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ ته من نصيحت حاصل ڪن. هيءُ قرآن عربي زبان ۾ بغير ڪنهن پيچيدگيءَ جي آهي، انهيءَ لاءِ ته منَ اهي خدا کان ڊڄن.“ (سوره: الزمر-28-29)
”تحقيق هي قرآن تمام جهانن جي پاليندڙ طرفان موڪليو ويو آهي.......... صاف عربي زبان ۾ آهي.“ (سوره: الشعراء-192۽195).
”اسان قرآن کي محض انهيءَ ڪري تنهنجي زبان ۾ آسان ڪيو ته تون ان سان خدا کان ڊڄڻ واري کي خوشخبري ڏين ۽ جهڳڙي ڪرڻ وارن کي ڊيڄارين.“ (سوره:مريم-97)
اسلام جو پيغام صرف عربستان لاءِ نه هو، پر ساريءَ دنيا کي ان ۾ حصو وٺڻو هو، جهڙيءَ طرح خدا هڪ آهي، اهڙيءَ طرح مذهب به هڪ ئي رهڻو هو، جنهن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سڀني انسانن کي دعوت ڏيڻي هئي. اسلام جي اها دعويٰ ته عالمگير مذهب آهي ۽ سڀني انسانن ۽ سڀني قومن تي هن جو قبضو آهي، انهي جو عملي ثبوت انهن خطن مان ملندو، جيڪي رسول الله جن سنه 628ع ۾ (سنه 6 هجريءَ ۾) انهيءَ وقت جي وڏن وڏن حاڪمن ڏانهن موڪليا. هن ئي سال ۾ اسلام قبول ڪرڻ لاءِ شهنشاهه هرقل، فارس جي بادشاهه، يمن جي گورنر، مصر جي گورنر ۽ حبش جي بادشاهه ڏانهن دعوت ناما موڪليا ويا. شهنشاهه هرقل ڏانهن جو دعوتي خط موڪليو ويو، ان جو مضمون هن طرح ٻڌڻ ۾ اچي ٿو:
”خدا جي نالي سان شروع ٿو ڪجي، جو وڏو مهربان ۽ رحم وارو آهي. حضرت محمد کان جو خدا جو بندو ۽ رسول آهي، هرقل قيصر روم ڏانهن. سلامتي هجي ان ماڻهوءَ تي، جنهن سڌو رستو ورتو آهي. ان بعد آءٌ چوان ٿو سچ پچ آءٌ توکي اسلام جي دعوت ڏيان ٿو. اسلام قبول ڪندين ته الله تعاليٰ توکي ٻٽو ثواب ڏيندو. جيڪڏهن تون اسلام قبول ڪرڻ کان منهن موڙيندين ته تنهنجي قوم جا گناهه به توتي پوندا. اي اهلِ ڪتاب! انهيءَ مذهب ڏانهن اچو، جيڪو اسان ۽ اوهان ٻنهين لاءِ مناسب آهي. اهو هي آهي ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو ۽ ڪنهن به شيءِ کي الله سان شريڪ نه ٺهرايو ۽ ٻين کي خدا ڪري نه سڏيو. اي اهل ڪتاب! جيڪڏهن اوهين انڪار ڪندا ته پوءِ خبردار رهو! اسين مسلمان آهيون ۽ اسان جو مذهب اسلام آهي.“
هن قسم جا خط جن کي پهتا هوندا انهن کي اهي بلڪل فضول ۽ بيهودا نظر آيا هوندا، پر ڪجهه سالن گذرڻ بعد اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هي خط محض هڪ خيالي جوش وچان نه لکيا ويا هئا، بلڪه انهن خطن ته پاڻ اسلام جي عالمگير مذهب هجڻ جي دعويٰ کي، جنهن جو بار بار قرآن شريف ۾ ذڪر ٿيل آهي، وڌيڪ واضح ۽ عام صورت ڏني. هن باري ۾ قرآن شريف جون آيتون هي آهن:
”هي قرآن تمام دنيا جي ماڻهن لاءِ هڪ نصيحت آهي ۽ هڪ مدت کان پوءِ ضرور اوهان کي ان جي سچائيءَ جي خبر پئجي ويندي.“ (سوره:ص-87 ۽88)
”هي قرآن نصيحت ۽ هڪ روشن ڪتاب آهي، انهيءَ لاءِ ته جيڪو زندهه (سمجهدار) آهي، ان کي ڊيڄاري ۽ ڪافرن تي عذاب جي حجت ثابت ٿئي.“ (سوره:يٰس-69 ۽70)
”اسان توکي نه موڪليو آهي، پر انهيءَ لاءِ ته تون تمام انسانن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهين.“ (سوره: الاحزاب-27)
”اهو (خدا) ئي آهي جنهن پنهنجي پيغمبر کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته ان کي ٻين سڀني دينن تي غالب ڪري، جيتوڻيڪ مشرڪ انهيءَ ڳالهه کي پسند نه به ڪن.“ (سوره: الصف-9)
تمام سخت مايوسيءَ جي گهڙين ۾، جڏهن مڪي جي ماڻهن رسول الله جن جي ڳالهين کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو،
(سوره: النحل آيتون 23 ۽ 114 وغيره)
جڏهن ماڻهن کان پاڻ اسلام قبول ڪرايائون ته مڪي جي ڪافرن انهن کي ايتريون ته سخت تڪليفون ڏنيون، جو انهن مان ڪن ته لاچار ٿي اسلام ڇڏي ڏنو“
”سوره:النحل-108“ ۽ باقي ٻين کي انهيءَ ڳالهه تي مجبور ڪيو ويو ته پنهنجي ستائيندڙن جي ستم کان بچڻ خاطر ملڪ ڇڏي وڃن. (سوره: النحل-آيتون 43 ۽ 111)، تڏهن انهيءَ وقت ڌڻي تعاليٰ جي طرفان هيءُ وعدو ڪيو ويو:
”وَيَومَ نَبعَث مِن کُل اُمت، شَهِيداََ“.
”يعني هڪ ڏينهن اسان هر ڪنهن امت مان هڪ شاهد کڙو ڪنداسون.“ (سوره:النحل-86)
اسلام جي اها دعويٰ ته اهو مذهب تمام انسانن جي قبوليت لاءِ آهي، جنهن جو ذڪر رسول الله جن مٿي ڄاڻايل قرآن شريف جي آيتن ۾ پڻ فرمايو آهي. ان جي وڌيڪ ثابتي حضور جن جي اقوال مان پڻ ملي ٿي. مثلن حضرت بلال لاءِ پاڻ فرمايائون: ”حبش جو پهريون ميوو“ ۽ حضرت صهيب لاءِ ”يونان جو پهريون ميوو،“ ”فارس جو ميوو“ مديني جو هڪ عيسائي غلام هو (حضرت سلمان فارسي رضي الله)، جنهن پهرينءَ هجريءَ ۾ اسلام قبول ڪيو. ازانسواءِ رسول الله جن جي هڪ حديث آهي، جنهن ۾ پاڻ چين جي ملڪ کي پڻ اسلام جي تبليغي دائري اندر داخل ڪرڻ جو اشارو فرمايائون. اهڙيءَ طرح انهيءَ وقت کان به گهڻو اڳ جڏهن ملڪن جي فتح جو خيال اڃا مسلمانن جي خواب خيال ۾ به نه هو، تڏهن ئي رسول الله جن واضح طرح ظاهر ڪري ڏيکاريو ته اسلام صرف عرب قوم تائين محدود نه رهندو. مسلمانن جي تبليغي جماعتن جو سڀني قومن ڏانهن اسلام جي دعوت پهچائڻ لاءِ موڪلڻ جو هيٺيون بيان پڻ اسلام جي عالمگير مذهب هجڻ جي مطالبي ڏانهن اشارو ڪري ٿو.
”هڪ رات پيغمبر خدا جن صحابن کي فرمايو ته اوهين سڀ صبح جو سوير مون وٽ اچجو. رسول الله جن فجر نماز بعد پنهنجي معمول مطابق ڪجهه وقت خدا جي تسبيح ۽ دعا گهرڻ ۾ صرف ڪيو. ان کان پوءِ صحابن طرف متوجهه ٿيا ۽ انهن مان ڪن کي هڪ پاسي ۽ ڪن کي ٻئي پاسي موڪلي ڏنائون ۽ انهن کي فرمايائون ته ”خدا جي ٻانهن يعني انسانن سان پنهنجي معاملات ۾ خدا سان وفادار ٿي رهو، ڇاڪاڻ ته جنهن کي به ڪو ڪم انسان سان واسطو رکندڙ، سپرد ڪيو وڃي ٿو ۽ هو انهيءَ ڪم جي سرانجام ڪرڻ ۾ ايماندار نٿو رهي ته پوءِ ڌڻي تعاليٰ ان ماڻهوءَ لاءِ بهشت جي دروازن کي بند ڪري ڇڏي ٿو. هاڻي ڦهلجي وڃو ۽ حضرت عيسيٰ ابن مريم جي داعين (Messengers of jesus) وانگر نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته اهي صرف انهن ماڻهن تائين پهتا، جيڪي نزديڪ رهندا هئا ۽ باقي جيڪي، پرانهن ملڪن ۾ رهندا هئا، انهن کي هنن ڦٽو ڪري ڇڏيو،“ پوءِ جڏهن اهي صحابي واپس آيا ته انهن ماڻهن جي ٻولي ڳالهائڻ لڳا، جن ڏانهن موڪليا ويا هئا، جڏهن هن حقيقت جي خبر رسول الله جن جي خدمت ۾ عرض ڪئي وئي ته پاڻ فرمايائون: ”خدا جا حق جيڪي انسانن تي انسانن متعلق آهن، انهن ۾ هيءُ حق سڀني کان وڏو آهي.“
اسلام جي عالمگير هئڻ جي ثابتي ۽ ان جي هيءَ دعويٰ ته اهو مذهب تمام انسانن جي مقبوليت لاءِ آهي، هن حقيقت مان ظاهر ٿين ٿيون ته اسلام تمام انسان ذات لاءِ خدا جي طرفان مقرر ڪيل مذهب آهي ۽ هاڻي نئين سر انسانن ڏانهن خاتم النبين (سوره: الاحزاب-40) حضرت محمد جن جي ذريعي اهڙيءَ طرح موڪليو ويو آهي، جهڙيءَ طرح هن کان اڳ اڳين قومن ڏانهن سندن نبين جي ذريعي موڪليو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ قرآن شريف جون آيتون هي آهن:
”سڀيئي انسان هڪ جماعت هئا، پوءِ انهن ۾ اختلاف پيدا ٿيو ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جي طرفان اڳي ئي حڪم نه ٿي چڪو هجي ها ته جنهن ڳالهه ۾ اهي اختلاف ڪري رهيا آهن، ان ۾ فيصلو ٿي وڃي ها (سوره: يونس-20)
”چئو ته آءٌ پيغمبرن ۾ ڪو نئون نه آهيان.“ (سوره الاحقاف-8)
”سڀيئي ماڻهو هڪ دين تي هئا، پوءِ ڌڻيءَ تعاليٰ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ پيغمبرن کي موڪليو ۽ انهن سان گڏ سچو ڪتاب موڪليائين، انهيءَ لاءِ ته ماڻهو جنهن ڳالهه بابت جهڳڙو ڪن ٿا، ان جو فيصلو ڪري. ڪنهن به انڪار ڪو نه ڪيو، سواءِ انهن جي، جن کي ڪتاب ڏنو ويو، انهن پاڻ ۾ ضد سببان. ان کان پوءِ به، جو کين صاف حڪم پهچي چڪا هئا، اختلاف ڪيو. پوءِ خدا پنهنجي حڪم سان ايمان وارن کي سچ جي طرف هدايت ڪئي، جنهن بابت هو اختلاف ڪري رهيا هئا. الله جنهن کي گهري ٿو، تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو.“(سوره: البقره-209).
”پوءِ اسان توڏانهن وحي موڪلي ته ابراهيم جي دين جي پيروي ڪر، جو هڪ ئي (خدا جي) طرف محڪم رهيو ۽ شرڪ ڪندڙن مان نه هو.“ (سوره:النحل-124)
”چئو ته منهنجي رب مون کي سڌي رستي ڏانهن هدايت ڪئي آهي، جيڪو سچو دين ابراهيم جو دين آهي، جو هڪ ئي خدا جي طرف مضبوط رهيو ۽ شرڪ ڪرڻ وارن مان نه هو.“ (سوره:الانعام-162).
”چئو ته اسين پيروي ڪريون ٿا ابراهيم جي دين جي، جو هڪ ئي (خدا جي) طرف هو ۽ شرڪ ڪرڻ وارن مان نه هو.“ (سوره:طٰهٰ-129)
”(اي پيغمبر! يهودين کي چئو ته) الله تعاليٰ سچ ٿو چوي. پوءِ ابراهيم جي دين جي پيروي ڪريو، جو هڪ ئي (خدا جي) طرف هو ۽ شرڪ ڪرڻ وارن مان نه هو.“ (سوره:آل عمران-89)
”دين جي لحاظ کان انهيءَ شخص کان وڌيڪ ڪير آهي، جنهن پنهنجو سر الله جي حڪمن اڳيان جهڪايو ۽ نيڪ ڪم ڪيا؟ ۽ ابراهيم جي دين جي پيروي ڪئي، جيڪو (حضرت ابراهيم) هڪ ئي خدا جو ٿي رهيو هو ۽ الله تعاليٰ ابراهيم کي پنهنجو دوست بڻايو هو.“ (سوره: النساء-124)
”خدا توهان کي پسند ڪيو آهي ۽ توهان تي دين ۾ ڪا به مشڪلات نه وڌائين (يعني دين آسان ڪري ڏنائين) پنهنجي پيءُ ابراهيم جي دين جي پيروي ڪريو. هن توهان جو نالو مسلمان (يعني فرمانبردار رکيو آهي.“ (سوره:الحج-77)
هاڻي مديني ۾ حضرت محمد جي حالات طرف اچجي ٿو. هجرت کان پوءِ رسول الله جن جي صحيح حيثيت جي اندازي لڳائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته پهريائين عرب اپٻيٽ جي گهٽ ۾ گهٽ هن حصي اندر انهيءَ وقت جي سوسائٽيءَ جي خاص حالت تي غور ڪيو وڃي. هن سڄي خطي ۾ موجوده زماني جي حڪومتن جهڙو باقاعدي ملڪي نظم و نسق ۽ عدالت جو سلسلو ڪٿي به ڪو نه هو. هر هڪ قوم ۽ قبيلو هڪ جدا ۽ بلڪل خودمختار هستي رکندڙ هو. هن قسم جي خودمختياري، قبيلي جي هر هڪ فرد اندر موجود هئي ۽ هو پنهنجي قبيلي جي سردار جي فقط انهيءَ اختياريءَ ۽ اڳواڻيءَ کي قبول ڪندو هو، جيڪا هو هڪ عام راءِ کي ظاهر ڪندڙ جي حيثيت ۾ استعمال ڪندو هو ۽ جنهن ۾ قبيلي جي فرد جو پڻ حصو هوندو هو. اڃا به هن کي بلڪل آزادي هئي ته پنهنجي قبيلي جي سڀني ماڻهن جي متفق راءِ سان به اتفاق ڪرڻ سان انڪار ڪري، انهيءَ کانسواءِ سردار جي عهدي جي منتقل ٿيڻ لاءِ ڪو به باقاعدي طريقو مقرر ڪو نه هو. انهيءَ عهدي لاءِ گهڻو ڪري انهيءَ ماڻهوءَ جو انتخاب ڪيو ويندو هو، جيڪو پنهنجي قبيلي ۾ سڀني کان زياده دولتمند ۽ قومي خاندان جو وڏي ۾ وڏيءَ عمر وارو فرد هجي ۽ ذاتي طرح سڀني ماڻهن جي عزت حاصل ڪرڻ جي هن ۾ پوري صلاحيت هجي. جيڪڏهن ڪو به قبيلو تعداد ۾ وڌي ويندو هو ته ڪيترن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويندو هو ۽ هر هڪ حصو جداگانه ۽ آزادانه زندگي بسر ڪرڻ لڳندو هو. سڀيئي حصا رڳو پنهنجي عام بچاءَ يا ڪن تمام اهم لڙائيءَ جهڙن خاص موقعن تي اچي پاڻ ۾ متحد ٿيندا هئا. انهن حالتن مان هاڻي اسين سمجهي سگهنداسون ته ڪيئن حضرت محمد جن مديني ۾ مسلمانن جي هڪ وڏيءَ ۽ وڌندڙ جماعت جا اڳواڻ بڻيا ۽ انهن مسلمانن صرف کين ئي پنهنجو سردار ۽ رهبر تسليم ڪيو ۽ ٻئي ڪنهن به حاڪم کي پسند نه ڪيو. هن ڳالهه ٻئي ڪنهن به طاقتور شخصيت اندر رسول الله جي طاقت کي ڪنهن به قسم جي نقصان پهچارائڻ جو خيال يا سندن اختيارات ۾ بيجا دست اندازيءَ جو خوف پيدا نه ڪيو، جهڙيءَ طرح اهڙي قسم جو واقعو قديم يونان جي ڪنهن شهر يا ساڳئي قسم جي ٻئي ڪنهن منظم قوم اندر يقينن سندن اختيارات کي ڌڪو ڏيڻ جو خطرو پيدا ڪري ها. حضرت محمد جن پنهنجي ماڻهن مٿان دنيوي اختيارات اهڙيءَ طرح استعمال ڪيا، جهڙيءَ طرح ٻيو ڪو خودمختيار حاڪم ڪري. ٻنهين حالتن ۾ فرق فقط هيءُ هو، جو مسلمانن جي حالت ۾ خانداني ۽ مٽي مائٽيءَ جي لاڳاپن جي جڳهه تي ديني لاڳاپن وڃي جڳهه والاري.
اهڙيءَ طرح سان اسلام گهٽ ۾ گهٽ نظريي ۾ هڪ سياسي ۽ ديني طريقو بڻيو ۽ هميشه انهيءَ طريقي تي قائم رهيو.
مورخ فان ڪريمر لکي ٿو ته ”حضرت محمد جن جي اها تمنا هئي ته هڪ نئين مذهب جو بنياد وڌو وڃي ۽ پاڻ انهيءَ ۾ ڪامياب ٿيا، پر انهيءَ سان گڏ هڪ نئين ۽ خاص قسم جو ملڪي نظام پڻ برپا ڪيائون. پهريائين سندن صرف اها خواهش هئي ته سندن هم وطن هڪ خدا يعنيٰ الله ۾ ايمان آڻين، پر انهيءَ سان گڏوگڏ پاڻ پنهنجي ملڪ جي پراڻي حڪومتي نظام جو پڻ خاتمو آندائون. رسول الله جن قبيلن جي اميراڻي راڄ جي جڳهه تي، جنهن ۾ سرڪاري ڪاروبار بااختيار خاندان پاڻ ۾ ورهائي کڻندا هئا، هڪ خالص خدائي حڪومت کي قائم ڪيو ۽ پاڻ زمين تي خدا جي طرفان هڪ نائب جي حيثيت ۾ انهيءَ حڪومت جي قيادت فرمايائون. سندن وصال مبارڪ کان اڳ تقريبن سڄي عربستان سندن تابعداري قبول ڪئي. عربستان جو ملڪ، جنهن هن کان اڳ ڪڏهن به ڪنهن هڪ بادشاهه جي اطاعت نه ڪئي هئي، هاڻي انهن هڪدم ملڪي اتحاد ظاهر ڪيو ۽ هڪ خودمختيار حاڪم کي هر طرح راضي رکڻ لاءِ انهن بيعت ڪئي. رسول الله جن جي ڪلام ڪيترن وڏن خواهه ننڍن سون قسمن جي مختلف قبيلن کي، جي مسلسل پاڻ ۾ لڙايون ڪندا رهندا هئا، هڪ قوم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هڪ عام مهندار جي ماتحت، هڪ عام مذهب جي خيال، مختلف قبيلن کي هڪ انهيءَ ملڪي نظام ۾ جڙي ڇڏيو، جنهن پنهنجون خاص خصوصيات حيرت انگيز تيزيءَ سان ظاهر ڪيون. هن قسم جي نتيجي پيدا ڪرڻ جو باعث محض هڪ مکيه اصول يعني بت پرست عربستان ۾ هڪ قومي زندگيءَ جو اصول ٿي سگهيو ٿي. اهڙيءَ طرح پهرين دفعي سان قبائلي سلسلو جيتوڻيڪ بلڪل ختم ٿي نه سگهيو (جو ناممڪن هو) تڏهن به ان پاڻ کي مذهبي اتحاد جي نظريي ماتحت ڪري ڇڏيو. هيءُ هڪ زبردست ڪم هو، جو سرانجام ٿيو. رسول الله جن جي وصال بعد عربستان جي هڪ وڏي حصي اندر اهو خدائي امن قائم ٿي ويو هو، جو ان کان اڳ عرب جي قبيلن پنهنجي ڦرلٽ ۽ انتقام وٺڻ جي بي انتها چاهه ڪري انهيءَ قسم جو امن ڪڏهن به نه ڏٺو هو. اهو مذهب اسلام هو، جنهن انهن ۾ هن قسم جو امن ۽ صلح پيدا ڪيو.
مديني ۾ پهچڻ کان پوءِ حضرت محمد جن کي جيڪي فڪر دامنگير ٿيا، انهن مان هڪ هيءُ هو ته ڪهڙيءَ طرح انهيءَ ملڪي خيال کي (جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي)، عملي جامو پهرايو وڃي. پاڻ مڪي جي مهاجرن ۽ مديني جي انصارن جي وچ ۾ برادريءَ جو ناتو قائم ڪرايائون. هن نئين ناتي ڪري، قبيلن جا ذاتي اختلاف ختم ٿي ويا ۽ هڪ عام مذهبي زندگي نسلي تعلقات جي جڳهه وڃي حاصل ڪئي. موت جي حالت ۾ پڻ مٽيءَ مائٽيءَ جي حقن کي بالائي طاق رکيو ويندو هو ۽ اسلامي ڀاءُ کي پنهنجي فوتي رفيق جي سڄيءَ ملڪيت جو وارث بڻايو ويندو هو. ليڪن بدر جي لڙائيءَ بعد جڏهن اهڙي مصنوعي برادرانه تعلقات جي ضرورت باقي نه رهي ته ان کي ترڪ ڪيو ويو. اهڙو انتظام صرف انهيءَ وقت تائين ضروري هو، جيستائين مسلمانن جو تعداد ٿورو هو ۽ مسلمانن جي اجتماعي زندگي هڪ عجيب ڳالهه سمجهي ويندي هئي. ازانسواءِ حضرت محمد جن کي مديني ۾ آئي اڃا ٿورو وقت ٿيو هو ته مسلمانن جي تعداد ۾ ترت ترقي ٿيڻ لڳي، جنهن اشتراڪي پنگتي نظام کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو.
اڳ ۾ ئي اهو سمجهيو ويو هو ته مڪي جي مهاجرن مان بڻيل مڪي وارن ۽ دشمنن جي ملڪ (مديني ۾) رهندڙ هڪ آزاد سياسي جماعت جي ترقي آخر ۾ ضرور لڙائين لڳڻ جو باعث بڻبي. انهيءَ حقيقت جي سڀني کي خبر آهي ته جيڪي به ڪتاب رسول الله جي سيرت مبارڪ تي لکيا ويا آهن، انهن مان هر هڪ ۾ ٻن قسمن جا واقعا درج ٿيل آهن. هڪڙا اهي واقعا آهن، جن جو تعلق انهن معمولي مقابلن ۽ خونريز لڙائين سان آهي، جيڪي مسلمانن ۽ مڪي جي قريش جي وچ ۾ لڳيون ۽ انهن جو سلسلو سن 630ع ۾ پيغمبر جن جي ڪاميابيءَ سان مڪي ۾ داخل ٿيڻ بعد بند ٿيو. ٻيا عرب جي ڪيترن قبيلن جا ساڻن دشمنيءَ جا واقعا آهن، جي سن 633ع ۾ سندن وصال مبارڪ تائين جاري رهيا.
انهن لڙائين جو احوال لکڻ هن ڪتاب جي موضوع کان ٻاهر آهي، ليڪن انهن لڙائين جو اسلام جي اوائلي تبليغي زندگيءَ سان ڪهڙو واسطو هو، ان جي پوريءَ طرح تحقيقات ڪرڻ ضروري آهي. مغربي مصنفن انهيءَ ڳالهه کي ڪثرت سان بيان ڪيو آهي ته مديني منور ۾ هجرت ڪرڻ بعد حضرت محمد جي زندگيءَ جي حالتن ۾ ڦيرو آيو ۽ پاڻ هڪ بلڪل نئين حيثيت ۾ ظاهر ٿيا. هاڻي پاڻ اسلام جي داعيءَ يا ماڻهن کي ڊيڄاريندڙ ۽ انهن کي مٿن وحي ڪيل سچي دين جي ترغيب ڏيڻ لاءِ خدا جي طرفان موڪليل رسول جي حيثيت ۾ نه رهيا، پر پاڻ کي هڪ بي اصول متعصب شخص جي حيثيت ۾ ظاهر ڪيائون ۽ طاقت ۽ سياسي چالبازين جا سڀيئي ذريعا جيڪي سندن اختيار ۾ هئا، پنهنجي ۽ پنهنجي راءِ کي قبول ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا. (نعوذ باالله).
پر اهو غلط خيال آهي ته حضرت محمد جن مديني ۾ تشريف فرما ٿيڻ بعداسلام جي تبليغ ۽ تلقين جي فرضن کي وساري ڇڏيو، يا جڏهن رسول الله جي هٿ هيٺ لشڪر جو ڪافي تعداد جمع ٿيو ته پاڻ غير مذهب وارن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ جو ڪم بند ڪري ڇڏيو. مورخ ابن سعد پنهنجي تصنيف ۾ ڪيترن خطن جو ذڪر ڪيو آهي، جو پاڻ مديني مان عرب جي مختلف قبيلن ڏانهن ۽ عرب کان ٻاهر رهندڙ بادشاهن ڏانهن روانا فرمايا، جن ۾ پاڻ انهن ماڻهن کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏنائون. هن ڪتاب ۾ اهي واقعا درج ٿيل آهن، جن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته رسول الله جن اسلام جي تبليغي جماعتن کي پنهنجي قبيلي جي انهن ماڻهن ڏانهن اسلام جي دعوت پيش ڪرڻ لاءِ روانو فرمايو، جن اڃا تائين اسلام قبول نه ڪيو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته انهن جماعتن جو ناڪامياب ٿيڻ ئي انهن جي صحيح تبليغي ڪوششن هجڻ ۽ ڪنهن به قسم جي زور زبردستي نه ڪرڻ جي ثابتي ڏئي ٿو.
مديني منور ۾ رسول الله جن جي حالت کي چڱيءَ طرح معلوم ڪرڻ لاءِ هيٺين سوالن جي خاطر خواهه جوابن حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
لڙائين لڳڻ لاءِ رسول الله جن بذات خود ڪيتريقدر جوابدار آهن؟ پاڻ پهريائين اڳرائي ڪرڻ وارا هئا يا مٿن پهريائين حملو ڪيو ويندو هو “. جڏهن لڙائين ۾ مسلمانن کي فتح حاصل ٿيندي هئي ته پوءِ ڇا مغلوب ماڻهن کان جبرن اسلام قبول ڪرائيندا هئا؟ يا ڇا مسلمانن جي هٿيارن کڻڻ جو مقصد محض اهو هو ته زبردستيءَ ماڻهن مٿان اسلام کي مڙهيو وڃي، جيئن ڪيترن ماڻهن انهيءَ کي صحيح سمجهيو آهي؟
هي سڄو جهڳڙو انهن حالتن مان پيدا ٿئي ٿو، جن ڪري بدر جي لڙائي لڳي (سنه 624ع) ۽ اها لڙائي اسلام جي تاريخ ۾ پهرين باقاعدي لڙائي آهي. هاڻي انهن حالتن کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
هڪ طرف هڪ جلاوطن شخص هو، جنهن پنهنجي ٿورن مخلص ساٿين جي هڪ ٽولي سان هڪ غير ملڪ ۾ اچي پناهه ورتي هئي. هن سالن جا سال پنهنجي وطن جي ماڻهن کي انهيءَ دين جي دعوت ڏيڻ ۾ سخت ڪوشش ڪئي، جنهن جي متعلق کيس پورو يقين هو ته اهو دين خدا جي طرفان نازل ڪيل هو. هڪ سچي دين جي اصولن سيکارڻ کان سواءِ هن جي ٻي ڪا به شخصي دعويٰ نه هئي. پاڻ () خدا جي حڪم مطابق چوندا هئا ته: ”آءٌ به اوهان جهڙو هڪ ماڻهو آهيان. مون کي وحي ڪيو ويو آهي ته توهان جو هڪ ئي خدا آهي. پوءِ جيڪو خدا سان ملڻ جي اميد رکي ٿو ته ان کي گهرجي ته وڌيڪ عمل ڪري.“ (سوره: ڪهف-110) مڪي وارا پهريائين خاموش نفرت سان پيش آيا، پر پوءِ کليو کلايو کيس نندڻ لڳا. هن هر ڪنهن قسم جي بي حرمتي ۽ گستاخي برداشت ڪئي. اهو سختيءَ وارو سلوڪ ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو ۽ آخرڪار اذيت پهچائيندڙن سندس جان وٺڻ جو پڪو ارادو ڪيو. مڪي جي ڪافرن پهريائين رسول الله جن جي صحابن کي تڪليف پهچائڻ ۾ پنهنجي سموري طاقت خرچ ڪئي، ايتري قدر جو هو مجبور ٿي ٻه دفعا پنهنجو ملڪ ڇڏي، سمنڊ جي ٻئي طرف هجرت ڪري ويا، پر دشمنن اتي به انهن جو تعاقب ڪيو. گهڻن ئي مسلمانن کي سخت ۾ سخت تڪليفون پهچايون ويون ۽ انهن مان ڪيترا ته انهيءَ ظلم جي حالت ۾ مري ويا ۽ پنهنجو نالو شهيدن جي فهرست ۾ لکائي ويا، پر اسلام کي ڪنهن به حالت ۾ ڦٽو نه ڪيائون. آخرڪار جڏهن ظالمن جو ظلم برداشت کان ٻاهر ٿي ويو ۽ مسلمانن کي هڪ اهڙو شهر هٿ آيو، جنهن انهن کي پناهه ڏيڻ جو ذمو کنيو ته پوءِ مسلمان انهيءَ شهر يعني مديني منوره ڏانهن هجرت ڪري ويا. انهن جي نڪري وڃڻ بعد رسول الله جن پڻ ڪنهن تدبير سان پنهنجي جان بچائي، مڪي مان نڪري آيا.
مديني ۾ پڻ، مسلمانن جي حالت ڪنهن به صورت ۾ خطري کان خالي نه هئي. هتي به مڪي وارن جي دشمنيءَ کان بچڻ لاءِ ڪو رستو نه هو. انهن مديني جي نئو مسلمن جي پٺيان پوڻ ۾ ڪجهه به تردد نه ڪيو ۽ انهن مان هڪ مسلمان کي گرفتار ڪري هن سان ڏاڍو برو سلوڪ ڪيو.“ خود مديني جي شهر ۾ مسلمان، ڪو دوستن جي وچ ۾ نه هئا. يهودي مديني ۾ ڪثير تعداد ۾ رهندا هئا ۽ رسول الله سان انهن جي مخفي طرح دشمني هوندي هئي. انهن کانسواءِ شهر وارن ۾ پڻ ڪجهه اهڙا ماڻهو هئا، جي انهيءَ وقت ته بلڪل بي فڪر هئا، پر جيڪڏهن مسلمانن جي اچڻ سان انهن کي پنهنجي شهر تي قريشن جي حملي ۽ پنهنجي برباديءَ جو خطرو محسوس ٿئي ها ته پوءِ لازمي طرح مسلمان مهاجرن جا مخالف ٿي پون ها. انهيءَ ڪري مسلمانن لاءِ اهو ضروري هو ته قريش جي حملي کان هر وقت هوشيار رهن. ازانسواءِ هو پنهنجن انهن مٽن مائٽن کي وساري نٿي سگهيا، جن کي مجبورن مڪي ۾ ڇڏي آيا هئا. ”انهن ۾ اهي مرد، عورتون ۽ ٻار هئا، جيڪي پنهنجي بي بسيءَ جي ڪري ڪا تدبير ڪري نٿي سگهيا، ۽ نه ڀڄڻ جو ڪو رستو لهي ٿي سگهيا.“ (قرآن شريف سورة النساء 100) اهي پنهنجي ظالم ستائيندڙن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيل هئا. انهن خدا جي اڳيان هن طرح پڪاريو ٿي: ”اي اسان جا رب! اسان کي هن شهر مان ٻاهر ڪڍ، جنهن جا رهاڪو ظالم آهن ۽ اسان ڏانهن پنهنجي طرفان ڪو حمايتي موڪل ۽ اسان ڏانهن پنهنجي طرفان ڪو مددگار موڪل.“ (سوره: النساء-77)
ڪيترن ڪتابن ۾ اهڙا واقعا بيان ٿيل آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته مسلمانن جا ٿورن ٿورن ڄڻن جا ڪيترا جاسوسي جٿا قريش جي نقل و حرڪت معلوم ڪرڻ لاءِ مديني کان ٻاهر ويندا هئا. انهن جٿن مان سواءِ هڪ جي، ڪنهن به خونريزي نه ڪئي ۽ ٻنهين ڌرين جا ماڻهو عرب جي قديم رسم مطابق هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا ۽ پنهنجي پنهنجي تعريف ڪندا، الڳ ٿيندا هئا. رسول الله جن هڪ موقعي تي سن 2 هجريءَ ۾ عبدالله بن جحش کي اٺن ماڻهن جي جماعت سان قريش جي نقل و حرڪت معلوم ڪرڻ لاءِ، چند هدايتن سان روانو ڪيو. سندن تحريري حڪم هي هو: ”جڏهن تون هن خط کي پڙهين ته اڳتي وڌ ۽ مڪي ۽ طائف جي وچ م هڪ بستيءَ نخلہ وٽ منزل انداز ٿي. اتي قريش جي اچڻ جو انتظار ڪر ۽ انهن جي خبر اسان کي آڻي ڏي.“ ابن جحش رسول الله جن جي هن حڪم جو پنهنجي سپاهيانه طبيعت جي جوش مطابق مطلب ڪڍيو ۽ ٻن قيدين ۽ هڪ قافلي جي مال غنيمت سان مديني واپس آيو. اهو ڪم هن نه صرف بغير ڪنهن اختياريءَ جي ڪيو، پر ان مقدس معاهدي جي شرطن جي پڻ خلاف ورزي ڪئي، جنهن کي عرب جي رسم مطابق حج جي سڀني مهينن ۾ برقرار رکيو ويندو هو. حضور جن ابن جحش سان تمام گهڻي غصي سان مليا ۽ کيس چيائون ته ”مون توکي حرام مهيني ۾ وڙهڻ جو حڪم ٿوروئي ڏنو هو؟“ پاڻ قيدين کي آزاد ڪيائون ۽ پنهنجي کيسي مان مڪي جي هڪ ماڻهوءَ جو خون بها، جيڪو جهڳڙي ۾ مري ويو هو، ڀري ڏنائون.
مٿي ذڪر ڪيل واقعي مان صاف طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته حضرت محمد جن کي عرب مسلمانن جي جنگي جوش کي روڪڻ ۾ ڪيتري قدر ڏکيائي ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته وڙهڻ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جو عشق انهن ۾ پيدائش کان هو. عرب جي قديم ۽ جديد زندگيءَ جي نموني ۾ جيڪو فرق هيٺ ڏيکاريو ويو آهي، ان مان هن ڪم جي مشڪلات جي ثابتي ملي ٿي ۽ قرآن شريف ۾ جيڪي فرمان (سورة النساءِ ۽ سورة النحل آيت 93 کان 96 تائين وغيره) انهي سلسلي ۾ آهن، اهي پڻ هن ڪم جي مشڪل هجڻ جا شاهد آهن. رسول الله جي هن مشڪلات کي ماڻهو سمجهي نه سگهندا هئا. اهو ئي سبب هو، جو ماڻهن مٿن ابو سفيان جي قافلي کي ڄاڻي واڻي لٽڻ ۽ مڪي وارن کي مجبورن بدن جي لڙائي لڙڻ جو الزام مڙهين ٿا. هن باري ۾ قرآن شريف، جنهن کي يورپ ۽ ايشيا جا عالم حضور جي سوانح حيات لاءِ هڪ سچو ڪتاب ڪري ليکين ٿا، اسان کي ڏيکاري ٿو ته رسول الله ۽ سندن اصحابن جو پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيو ته قريش جي حملي ڪرڻ جي حالت ۾ ڪهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي؟ جيتوڻيڪ مسلمان مؤرخن هن ڳالهه جي ٻئي نموني ۾ تصديق ڪئي آهي.
قرآن شريف جي سورة الانفال جون آيتون 5 کان 7 تائين هيٺ ڏجن ٿيون:
1. ”(اي محمد ! ياد ڪر ته) ڪيئن توکي تنهنجي رب تنهنجي گهر مان (مديني مان) حق لاءِ ٻاهر ڪڍيو ۽ تحقيق مسلمانن جي هڪ جماعت راضي نه هئي.“
2. حق جي ظاهر ٿيڻ بعد به هو تو سان انهيءَ بابت جهڳڙو ڪن ٿا ڄڻڪ هو موت کي پنهنجي اکين آڏو ڏسندي، ان ڏانهن ڪاهبا ٿا وڃن.“
3. ۽ جڏهن الله تعاليٰ اوهان سان وعدو ڪيو ته ٻن ٽولن مان هڪ ٽولو اوهان جي هٿ ايندو ۽ توهان چاهيو ٿي ته اوهانکي اهو ٽولو ملي، جنهن وٽ هٿيار نه هجن ۽ خدا گهريو ٿي ته پنهنجي ڪلام سان حق ڳالهه کي سچو ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ پٽي ڇڏي.“
انهن ٻن ٽولن مان جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، هڪ ته ساز و سامان سان ڀريل قافلو هو، جو ٽيهن يا چاليهن محافظن جي ٽوليءَ سان ابو سفيان جي قيادت ۾ ملڪ شام کان اچي رهيو هو ۽ ٻئي طرف هزار ماڻهن جو هڪ وڏو لشڪر، جو اهلِ قريش ظاهراً ابو سفيان جي قافلي جي حفاظت لاءِ گڏ ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته انهن کي اطلاع مليو هو ته حضرت محمد قافلي تي حملي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. گهڻن مورخن هن افواهي خبر کي سچ ڪري سمجهيو آهي، پر اهڙا افواهه، جي اڪثر اهڙن موقعن تي هڪ ڌر طرفان ٻيءَ ڌر جي منصوبن خلاف ڦهلايا ويندا آهن، ڪنهن به صورت ۾ دليل طور قبول ڪري نٿا سگهجن. ازانسواءِ مٿي ڄاڻايل قرآن شريف جي آيتن جو مفهوم پڻ انهيءَ افواهي خبر جي غلطيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. (1) آيت نمبر 5 جا الفاظ يقيناً ڏيکارين ٿا ته اختلاف پيدا ٿيڻ وقت رسول الله صه جن اڃا مديني ۾ هُئا ۽ ابوسفيان جي قافلي کي رستي ۾ روڪڻ لاءِ روانه نه ٿيا هُئا ۽ ڪن مسلمانن جي مرضي نه هُئي ته قريش جي حملي کي روڪڻ لاءِ حضور جن سان گڏ وڃجي.(2) انهن مسلمانن کي پيغمبر ﷺ جن جي حڪم جي مخالفت ڪرڻ لاءِ هيءُ سبب هو جو انهن سمجهيو ٿي ته ”گويا هو موت طرف ڌڪبا ٿا وڃن ۽ پنهنجي مارجي وڃڻ کي اکين سان ڏسي رهيا آهن.“ (8-6) ٻي صورت ۾ ابوسفيان جي قافلي سان گڏ مُٺ جيترا ماڻهو انهن مسلمانن اندر ايترو خوف هرگز پيدا نه ڪري سگهن ٿا! انهي ڪري ظاهر آهي ته رسول الله جن ضرور انهن کي قريش جي حملي آور لشڪر کي منهن ڏيڻ لاءِ گهرايو هوندو.(3) جيڪڏهن رسول الله جو ارادو قافلي تي حملي ڪرڻ جو هجي ها ته پوءِ پاڻ ضرور مديني جي اتر طرف رخ ڪن ها ته جيئن ان کي ملڪ شام کان ايندي رستي ۾ روڪي سگهن ۽ نه ڏکڻ طرف، بدر ڏانهن وڃن ها جو مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ شاهي سڙڪ تي بلڪل انهي ڏس ۾ هو جنهن طرف کين مديني تي قريش جي حملي روڪڻ لاءِ وڃڻو هو.(4) جيڪڏهن اهل قريش جو مقصد محض ابوسفيان جي قافلي جو بچاءُ هجي ها ته پوءِ هو انجي مڪي ۾ سلامتيءَ سان پهچڻ جي خبر ٻڌندي ئي واپس وڃن ها! مگر انهي جي بجاءِ انهن مديني ڏانهن وڌڻ سان پنهنجو اصلي مقصد ظاهر ڪيو مٿي جيڪي ڪجهه ڄاڻايو ويو آهي اهو انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته مڪي ۾ رسول ﷺ متعلق جيڪا رپورٽ پهتي هُئي ته پاڻ صه ابوسفيان جي قافلي تي حملو ڪرڻ وارا آهن سا بلڪل بي بنياد هئي. ممڪن آهي ته ڪن صحابن جي عمل اهڙي خوف پيدا ٿيڻ جو موقعو ڏنو هجي مگر رسول الله ﷺ کي انهي الزام کان بري رکڻ گهرجي ته پاڻ تڪڙ ڪري قريشن جي سخت حملي کي پنهنجي مٿان آندو. جيڪڏهن انهي ڳالهه کي قبول به ڪيو وڃي ته مڪي وارن جي حملي ڪرڻ جو سبب اها افواهي خبر هئي، تڏهن به لشڪر ۾ ڪثير تعداد جو هجڻ ڏيکاري ٿو ته قريش جو مقصد قافلي جي حفاظت نه هو، بلڪه انهن جو مديني تي حملي ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي منصوبو سٽيل هو، تنهن ڪري رسول الله جن کي انهيءَ شهر جي حفاظت لاءِ، جنهن کين ۽ سندن ساٿين کي پناهه ڏني هئي، قريش جي مقابلي لاءِ اڳتي وڌي اچڻ ۽ شهر کي گهيري جي خطري کان بچائڻ لاءِ جوابدار ٺهرائي نٿو سگهجي. ٻيءَ حالت ۾ مديني کي شهري بناوت جي ڪن خالص حالتن ڪري، تمام گهڻو نقصان پهچي ها.
جيڪڏهن هڪ ٻيو اعتراض ڪيو وڃي ته جنگي معاملات ۾ مداخلت ڪرڻ رسول الله جن جي شان مطابق نه هو ته پوءِ اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڻ ڪڏهن به هن طرح ڳالهه نه فرمائي هئائون ته: ”منهنجي حڪومت هن دنيا جي نه آهي.“
هن ڪتاب جي موضوع کان اها ڳالهه ٻاهر آهي ته رسول الله جن جي سڀني لڙائين کي تفصيل سان بيان ڪيو وڃي ۽ ڏيکاريو وڃي ته انهن مان ڪنهن هڪ جو به اهو مقصد نه هو ته ڪو جبرن ماڻهن کان مذهب تبديل ڪرايو وڃي. هن قسم جو مضمون اڳ ۾ ئي تفصيل سان انهيءَ ڪتاب ۾ بيان ڪيو ويو آهي، جنهن مان مٿي ڄاڻايل دليلن کي ورتو ويو آهي“. هتي اهو ڏيکارڻ ڪافي آهي ته حضور جن ۾ سندن هڪ هٿياربند فوج جي مهندار بڻجڻ کان پوءِ به ڪا تبديلي نه آئي. ڪيترن مؤرخن پوري وثوق سان ظاهر ڪيو آهي ته حضرت محمد اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هڪ صلح پسند مبلغ مان بدلجي هڪ اهڙا متعصب شخص نه بڻجي ويا، جو رڳو تلوار هٿ ۾ کڻيو، جنهن تنهن کان پنهنجو دين قبول ڪرائيندا وتندا هئا“. پر اٽلندو هجرت کان پوءِ به اسلام جي اشاعت ۽ بت پرست عربن کي اسلام ۾ آڻڻ لاءِ بلڪل ساڳيءَ طرح ڪوششون جاري رهيون، جهڙيءَ طرح رسول الله جن جي سياسي ڪمزورين واري زماني ۾ ٿينديون رهنديون هيون. هيٺين صفحن ۾ اسلام جي اهڙين تبليغي سرگرمين جي واقعن کي ڪثرت سان بيان ڪيو ويو آهي.
جنگين ۽ لڙائين جي دوران قريش جي سخت دشمنيءَ جڏهن رسول الله ﷺ ۽ سندس ساٿين کي وڙهڻ جي ڪم ۾ مشغول رکيو، تڏهن مسلمانن کي اسلام جي تبليغ ڪرڻ جو موقعو تمام گهٽ مليو. فقط مديني جي باشندن کي ۽ مڪي جي انهن ماڻهن کي، جي رسول الله جن جي خدمت ۾ خود بخود حاضر ٿيندا هئا، اسلام جي دعوت ڏني ويندي هئي. مڪي وارن مان عمير بن وهب جو واقعو مشهور آهي. عمير بدر جي لڙائيءَ بعد، رسول الله جنکي شهيد ڪرڻ جي غرض سان مديني ۾ آيو، پر اسلام کان متاثر ٿي مسلمان ٿيو. اهڙيءَ طرح اسلام جي صداقت مسلمانن جي هڪ ظالم دشمن کي به پيغمبر خدا جن جي مشهور صحابن مان بڻائي پئي ڇڏيو. هجرت جي چوٿين سال (سنه 625ع ۾) قبيلي بنو عامر بن صعه صعه جي ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. انهيءَ قبيلي جي سردار جي درخواست تي چاليهن مسلمانن کي نجد ڏانهن روانو ڪيو ويو، مگر ٻن کان علاوه جي ڪنهن طرح سان پنهنجي جان بچائي نڪري آيا، ٻين سڀني کي شهيد ڪيو ويو.
مسلمان فوجن جي ڪاميابين هر روز ڪيترن مختلف قبيلن جي ماڻهن کي، خاص ڪري انهن کي، جي مديني جي آسپاس رهندا هئا، حلقئه اسلام ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪشش ڪئي. سروليم ميور بيان ٿو ڪري ته: ”رسول الله جن جو عرب جي مختلف قبيلن جي وفدن سان حسنِ اخلاق سان پيش اچڻ، انهن جي تڪليفن طرف ترت توجہ ڪرڻ، انهن جي جهڳڙن کي تمام گهڻيءَ حڪمت سان نباهڻ ۽ جلد ئي اسلام قبول ڪرڻ عيوض ملڪ انهن جي سپرد ڪرڻ، انهن سڀني ڳالهين سندن نالي مبارڪ کي هر دلعزيز بڻايو ۽ سندس هاڪ سڄي عرب اپٻيٽ اندر پکڙجي وئي ته پاڻ هڪ وڏا سخي حاڪم هئا.“
اهڙا واقعا ڪثرت سان ٿيندا رهندا هئا، جو قبيلي جو ڪو به هڪ ماڻهو رسول الله جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو ته پوءِ پنهنجن ٻين ڀائرن کي اسلام ۾ آڻڻ لاءِ اسلام جو داعي بڻجي، پنهنجي وطن ڏانهن واپس ورندو هو. اهڙي نموني اسلام قبول ڪرڻ جو هڪ واقعو سنه 5 هجريءَ ۾ ٿيو، جنهن جو اکين ڏٺو بيان هڪ شخص هن طرح ڪيو آهي:
”هڪ ڏينهن جيئن اسين سڀ مسجد ۾ ويٺا هئاسين ته هڪ بدوي اٺ تي سوار اتي اچي پهتو. اٺ کي مسجد جي اڱڻ ۾ وهاري اتي ئي ٻڌي ڇڏيائين. پوءِ اسان جي نزديڪ آيو ۽ پڇيائين ته: ”ڇا، محمد اوهان ۾ آهي؟“ اسان جواب ڏنو ته ”هائو، اهو هو شخص آهي، جو پنهنجن ٺونٺين سان وهاڻي تي ٽيڪ ڏيو ويٺو آهي.“ انهيءَ بدويءَ رسول الله جن کان پڇيو ته: ”ڇا، توهان عبدالمطلب جا پٽ آهيو؟“ پاڻ جواب ڏنائون ته: ”هائو.“ بدويءَ چيو: ”مون کي قوي اميد آهي ته منهنجن ڪن سوالن پڇڻ تي اوهان هرگز ناراض نه ٿيندا.“
رسول الله جن فرمايو: ”پڇو، جيڪي پڇڻو هجيوَ.“
بدوي: آءٌ اوهان کي خدا جو ۽ انهن خدائن جو جيڪي اوهان کان اڳ ٿي گذريا آهن، قسم ٿو ڏيان ته سچ سچ ٻڌايو ته ڇا الله تعاليٰ اوهان کي سڀني ماڻهن لاءِ موڪليو آهي؟
رسول الله : هائو، خدا جو قسم.
بدوي: آءٌ توهانکي قسم ٿو ڏيان ته ٻڌايو ته ڇا الله تعاليٰ اوهان کي اهو حڪم ڏنو آهي ته اوهين هن مهيني ۾ روزا رکو؟
رسول الله : هائو، خدا جو قسم.
بدوي: ڇا، قسم سان اوهين چئو ٿا ته الله تعاليٰ اوهان کي اهو حڪم ڏنو آهي ته اوهين مالدارن کان سندن مال جو ڏهون حصو وصول ڪري، غريبن ۾ تقسيم ڪريو؟
رسول الله : هائو، خدا جو قسم.
بدوي: آءٌ انهيءَ خدائي پيغام تي ايمان آڻيان ٿو، جيڪو توهان آندو آهي. منهنجو نالو ضمام بن ثعلبہ آهي ۽ آءٌ پنهنجي قبيلي طرفان قاصد بڻجي آيو آهيان.
پوءِ اهو بدوي پنهنجي قبيلي ڏانهن موٽيو ۽ سڀني کي اچي مسلمان ڪيائين. ٻيو اهڙو اسلام جو داعي عمر بن مره، قبيلي بنو جهينہ مان هو. اهو قبيلو مديني ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي وچ ۾ آباد هو. عمر بن مره هجرت کان اڳ مسلمان ٿيو هو ۽ پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ جي واقعي کي هُن هِن طرح نقل ڪيو آهي:
”اسان وٽ هڪ بت هو، جنهن جي پوڄا ڪندا هئاسين ۽ آءٌ ان جو رکپال هوس. جڏهن مون پيغمبر خدا جن جي خبر ٻڌي، تڏهن بت کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيم ۽ يڪدم مڪي ۾ حضرت محمد جن جي خدمت ۾ اچي حاضر ٿيس، جتي ڪلمهءِ شهادت پڙهي، مسلمان ٿيس ۽ حضرت محمد جن جائز ۽ ناجائز ڪمن بابت جيڪو ارشاد فرمايو، ان تي پورو ايمان آندم. انهيءَ وقت مون هي شعر پڙهيو:” آءٌ شهادت ٿو ڏيان ته خدا سچو آهي ۽ آءٌ سڀني کان اول پٿرن مان جوڙيل خدائن کي ترڪ ڪرڻ وارو آهيان ۽ مون انهيءَ ڳالهه تي سندرو ٻڌو ته ڏکيا سکيا رستا طئي ڪري، توهان تائين اچي پهچان ۽ انهيءَ شخص سان اچي ملان، جو پنهنجي شخصيت ۽ خاندان جي لحاظ کان سڀني ماڻهن ۾ افضل آهي ۽ انهيءَ خدا جو رسول آهي، جنهن جي شهنشاهي ڪڪرن مٿان آهي.“
رسول الله جن هن کي پنهنجي قبيلي ۾ اسلام جي دعوت ڏيڻ لاءِ روانو فرمايو. هيءُ پنهنجن ڪوششن ۾ ايتريقدر ته ڪامياب ٿيو، جو صرف هڪ ماڻهو وڃي رهيو، جنهن هن جي نصيحت ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. “
جڏهن صلح حديبيه (سن 6 هجريءَ ۾) مڪي وارن سان دوستاڻي لاڳاپن کي ممڪن بڻايو، تڏهن انهيءَ شهر جا گهڻائي ماڻهو، جن کي اوائلي زماني ۾ حضور جن جي وعظ ۽ نصيحتن ٻڌڻ جو موقعو مليو هو ۽ انهن مان ڪيترا ڏاڍي رسوخ وارا هئا، اسلام قبول ڪرڻ لاءِ مديني منور ۾ آيا.
مڪي وارن سان مسلسل لڙاين انهيءَ شهر جي ڏکڻ طرف رهندڙ قبيلن جي ماڻهن کي اسلام جي اثر کان بلڪل پري ڪري ڇڏيو، پر صلح حديبيه کان پوءِ، عربستان جي ڏاکڻي حصي سان آمدرفت جو سلسلو آسانيءَ سان قائم ٿي ويو. قبيلي بنو دوس جا ڪجهه ماڻهو يمن جي اترئين سرحد وارن جبلن مان آيا ۽ رسول الله جن سان مديني ۾ اچي شامل ٿيا. حضور جن کان به اڳ هن قبيلي ۾ ڪجهه اهڙا شخص هئا، جن بت پرستيءَ واري مذهب کان، جو انهن ۾ عام طرح رائج هو، ٻئي هڪ بلند تر مذهب جي جهلڪ ڏٺي هئي. اهي پاڻ ۾ پڻ بحث مباحثو ڪندا هئا ته دنيا جو ضرور ڪو هڪ خالق هوندو، پر انهن کي معلوم نه هو ته اهو خالق ڪير آهي. جڏهن حضرت محمد جن انهي خالق جا رسول بڻجي آيا، تڏهن انهن ماڻهن مان هڪ ماڻهو طفيل نالي مڪي ۾ سندن خدمت اقدس ۾، انهيءَ حقيقت کي معلوم ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيو، ته اهو خالق ڪير آهي؟ طفيل رسول الله جن اڳيان پنهنجا ٺاهيل ڪجهه شعر پڙهيا، جنهن تي پاڻ () قرآن شريف جون آخرين ٽي سورتون تلاوت فرمايون ۽ آخرڪار طفيل اسلام قبول ڪيو. انهيءَ کان پوءِ رسول الله جن هن نئو مسلم مٿان هن ڪم جي جوابداري رکي ته هو پنهنجي قبيلي ۾ وڃي اسلام جي دعوت جو پرچار ڪري. پهريائين طفيل کي هن ڪم ۾ ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي. پنهنجي زال، پيءُ ۽ ڪن دوستن کانسواءِ، جيڪي اڳ ۾ ئي ڪنهن حقيقي مذهب جي تلاش ۾ هن سان ساٿ ڏيندا هئا، ٻين ڪن ٿورن ماڻهن هن جي پيروي ڪئي. پنهنجي تبليغي ڪوشش ۾ ناڪاميابيءَ جي ڪري، رسول الله جن وٽ وري موٽي آيو ۽ اچي عرض ڪيو ته ”يا رسول الله ! بنو دوس جا ماڻهو پٿر دل آهن، اوهان ڀلي انهن لاءِ بد دعا گهرو.“ پر پاڻ () هيءَ دعا فرمايائون: ”اي ڌڻي تعالى! بنو دوس وارن کي هدايت فرماءِ.“ ان کان پوءِ رسول الله جن طفيل کي انهن ماڻهن ۾ نئين سر تبليغي ڪوشش شروع ڪرڻ لاءِ موٽائي موڪليو. هن ڀيري طفيل کي هن ڪم ۾ سندس هڪ دوست مدد ڪئي. هو ٻئي گڏجي در در اسلام جي دعوت ڏيندا ويا ۽ ڇهين هجريءَ ڌاري هن قبيلي جي وڏي حصي کي مسلمان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ٻن سالن جي وڌيڪ عرصي گذرڻ بعد سڄو قبيلو بت پرستيءَ کي ترڪ ڪري، اسلام اندر اچي ويو ۽ طفيل انهيءَ ڪاٺ جي ٽڪري کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو، جنهن جي هن کان اڳ قبيلي جي بت هجڻ جي حيثيت ۾ پوڄا ڪندا هئا.
سنه 7 هجريءَ ۾ پندرهن قبيلن وڌيڪ رسول الله جن جي تابعداري قبول ڪئي. سنه اٺين (8) هجريءَ ۾ فتح مڪي کان پوءِ اسلام جي ترقيءَ جي پڪ ٿي ويئي ۽عرب جا اهي ماڻهو، جي هي لفظ چئي اسلام کان الڳ رهندا هئا: ”ڀلي ته محمد ۽ ان جي قبيلي جا ماڻهو وڙهي ڀورا ٿين. جيڪڏهن هن کي ڪاميابي نصيب ٿي ته پڪ هو سچو رسول آهي“ هاڻي جلد جلد اسلام اندر داخل ٿيڻ لڳا. فتح مڪي بعد جيڪي ماڻهو مسلمان ٿيا، انهن مان ڪجهه اهي شخص به هئا، جي نبوت جي اوائلي زماني ۾ رسول الله جن کي سخت ۾ سخت تڪليفون پهچائيندا هئا، پر هاڻي سندن اعليٰ تحمل، عفو ۽ بخشش انهن کي اخوتِ اسلام اندر داخل ڪيو. هن ئي سال طائف جي مکيه سردارن مان هڪ سردار عروه بن مسعود شهادت حاصل ڪئي. مسلمانن طائف کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪامياب ٿيا. انهيءَ وقت عروه يمن ڏانهن ويل هو، جنهن ڪري موجود ڪو نه هو. طائف جي گهيري بعد جلد ئي مديني منوره ۾ واپس آيو. ٻه سال اڳ هو حديبيه ۾ پيغمبر جن سان مليو هو ۽ سندن عظمت هن جي دل ۾ تمام گهڻي پيدا ٿي چڪي هئي ۽ هاڻي مديني ۾ اسلام قبول ڪرڻ لاءِ آيو هو. اسلام جي بي انتها جوش ۽ جذبي جي ڪري، هن پاڻ کي طائف ڏانهن وڃي پنهنجي وطن جي ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ لاءِ پيش ڪيو. حضور جن جي ڪيتري روڪڻ جي باوجود اهڙي خطرناڪ ڪم لاءِ تيار ٿيو ۽ پنهنجي شهر ڏانهن روانو ٿيو. اتي پهچڻ شرط کلم کلا ظاهر ڪيائين ته هن بت پرستيءَ تان هٿ کڻي، اسلام قبول ڪيو آهي ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ دعوت ڏنائين ته اهي به هن جي مثال جي پيروي ڪن. جيئن هو اسلام جي دعوت ماڻهن کي ڏيئي رهيو هو ته هنکي ڪنهن اهڙو ڪاري ڪانءُ هنيو، جو تمام سخت زخمي ٿي پيو ۽ آخرڪار خدا جا بيحد شڪرانا بجا آڻيندي، شهادت حاصل ڪيائين. غالبن هڪ سال بعد رسول الله جن جي هڪ ٻئي صحابيءَ يمن ۾ تبليغي جدوجهد جاري ڪئي، جنهن جو بيان هن طرح ڪيو ويو آهي:
”رسول الله جن الحارث ۽ مسرح ۽ نعيم بن عبدي ڪلال حميريءَ کي لکيو ته ”توهان تي انهيءَ وقت تائين سلامتي هجي، جيستائين اوهان جو خدا تي ۽ سندس رسول تي ايمان آهي. خدا هڪڙو ئي آهي ۽ ٻيو ڪو به ان جو شريڪ نه آهي. هن حضرت موسيٰ عليه السلام کي پنهنجي نشانين سان موڪليو ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام کي پنهنجي حڪم سان پيدا ڪيو. يهودي چون ٿا ته عزيز خدا جو پٽ آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته خدا ٽن مان هڪ آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام خدا جو پٽ آهي.“ حضور جن هيءُ خط عياش بن ربيعته المخزومي جي هٿان روانو ڪيو ۽ هن کي وڌيڪ ارشاد فرمايو ته جڏهن تون انهن جي شهر ۾ پهچين ته رات جو انهن وٽ متان وڃين بلڪل صبح تائين انتظار ڪج، پوءِ چڱيءَ طرح وضو ڪري ٻه رڪعتون نماز ادا ڪج ۽ ڌڻي تعاليٰ کان دعا گهرج ته هو توکي هن ڪم ۾ ڪاميابي عطا ڪري ۽ ماڻهن کان تنهنجي سٺي آڌر ڀاءُ ڪرائي ۽ توکي سڀني خطرن کان پناهه ۾ رکي. پوءِ منهنجو هيءُ خط ساڄي هٿ ۾ کڻي پنهنجي ساڄي هٿ سان انهن جي ساڄي هٿ ۾ ڏج. اهي خط وٺندا ۽ تون انهن جي اڳيان سڄي سوره البينت تلاوت ڪج. هن سوره جو ترجمو هي آهي: ”اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن مان جن انڪار ڪيو، سي الڳ ٿيڻ وارا نه هئا، جيستائين انهن وٽ روشن دليل اچي (يعني جيستائين قرآن شريف نازل نه ٿيو، تيستائين يهودي، نصاريٰ ۽ مشرڪ پنهنجي دين کي ڇڏڻ وارا نه هئا) خدا جي طرفان پيغمبر آهي، جو پاڪ صحيفا پڙهي ٿو ۽ انهن (صحيفن) ۾ سچا سچا حڪم لکيل آهن، جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو، سي ظاهر دليل اچڻ کان پوءِ جدا ٿيا. انهن کي ٻيو ڪو به حڪم نه ڪيو ويو، سواءِ انهيءَ جي ته الله جي عبادت ڪن ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام وانگر دين کي محض الله لاءِ خالص ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ادا ڪن ۽ اهو ئي سچو ۽ مضبوط دين آهي. تحقيق، اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن مان جن به ڪفر ڪيو، سي دوزخ جي باهه ۾ وڌا ويندا ۽ ان ۾ هميشه رهندا ۽ اهي ئي ماڻهو سڄيءَ مخلوق ۾ خراب آهن. تحقيق جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، اهي ماڻهو سڄيءَ مخلوق ۾ بهتر آهن ۽ انهن ماڻهن جو اجورو سندن رب وٽ هميشه رهڻ وارا باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون ۽ انهن ۾ هميشه رهندا. انهن ماڻهن کان خدا راضي ٿيو ۽ اهي خدا کان راضي ٿيا. هي سڀ نعمتون انهيءَ لاءِ آهن، جو متقي آهي.“
”پوءِ جڏهن انهيءَ سوره جي تلاوت ختم ڪرين ته انهن کي چئج ته محمد به انهيءَ تي ايمان آندو آهي ۽ آءٌ پڻ انهيءَ تي ايمان آڻڻ وارن مان پهريون آهيان. اهي جيڪي به اعتراض تنهنجي خلاف ڪندا ته تون انهن جو جواب ڏيئي سگهندين ۽ ڪهڙو به روشن ڪتاب تنهنجي اڳيان پڙهندا ته ان جي روشني ختم ٿي ويندي. جيڪڏهن اهي توسان ڌارين ٻولي ڳالهائين ته پوءِ انهن کي ترجمي لاءِ چئج ۽ انهن کي ٻڌائج ته: ”خدا منهنجي لاءِ ڪافي آهي. آءٌ انهيءَ ڪتاب تي ايمان رکان ٿو، جيڪو ڌڻي تعاليٰ موڪليو آهي ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ اوهان کي انصاف وارو پيغام پهچايان. خدا اسان جو رب ۽ اوهان جو به رب آهي. اسان جي واسطي اسان جا عمل ۽ اوهان جي واسطي اوهان جا عمل آهن. اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو جهڳڙو نه آهي. ڌڻي تعاليٰ اسان سڀني کي ملائي ڇڏيندو ۽ اسان سڀني کي ضرور هن وٽ واپس وڃڻو آهي.“ پوءِ جيڪڏهن اهي اسلام قبول ڪن ته انهن کان سندن انهن ٽن ڪاٺين بابت پڇا ڪج، جن جي اڳيان هو گڏ ٿي بندگي ڪن ٿا. انهن ڪاٺين مان هڪ ڪاٺي لئيءَ جي وڻ جي آهي، جنهن تي اڇا ۽ پيلا چٽا آهن. ٻي ڪاٺي نيٽ وانگر مڙيل آهي ۽ ٽين ڪاٺي ڪِٺِ وانگر ڪاري آهي. انهن ڪاٺين کي ٻاهر ڪڍي، وچ بازار ۾ ساڙي ڇڏج.
حضرت عياش بيان ٿو ڪري ته پوءِ آءٌ رسول الله جن جي حڪم جي تعميل ۾ روانو ٿيس. جڏهن آءٌ اتي پهتس ته ڏٺم ته سڀني ماڻهن ڪنهن خاص جشن لاءِ سينگار ڪيا آهن. آءٌ انهن کي ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌيس ۽ آخرڪار ٽن وڏن پردن جي ويجهو پهتس، جي ٽن دروازن اڳيان لٽڪيل هئا. مون پردو مٿي کنيو ۽ وچين دروازي کان اندر داخل ٿيس ۽ ڏٺم ته جاءِ جي اڱڻ ۾ ماڻهو گڏ ٿيل آهن. مون انهن سان پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ انهن کي ٻڌايم ته آءٌ پيغمبر خدا جن جو قاصد آهيان. مون سڄو ڪم اهڙيءَ نموني سرانجام ڪيو، جهڙيءَ طرح رسول الله جن حڪم ڏنو هو. انهن ماڻهن منهنجي گفتگو پوريءَ توجهه سان ٻڌي ۽ اهڙيءَ طرح ئي ٿيو، جهڙيءَ طرح پاڻ جن فرمايو هئائون.“
سنه (9) نائين هجريءَ ۾ هڪ نئو مسلم واثلہ بن اسقع رسول الله جن سان ملاقات بعد ايمان آندو ۽ پوءِ هن پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏني، پر انهيءَ ڪوشش ۾ گهٽ ڪامياب ٿيو. سندس پيءُ ڌڪاريندي کيس پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته: ”خدا جو قسم! آءٌ هڪ لفظ به توسان نه ڳالهائيندس.“ سندس ڀيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به ماڻهو اهڙو نه هو، جو هن جي نصيحت کي قبول ڪري. سندس ڀيڻ هن کي مديني ۾ رسول الله جن جي خدمت ۾ وري حاضر ٿيڻ لاءِ سواريءَ وغيره جو بندوبست ڪري ڏنو هيءُ هجري نائون سال ”وفود جو سال“ سڏيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته عرب جي گهڻن ئي قبيلن ۽ شهرن پنهنجا عيوضي رسول الله جن جي خدمت ۾ موڪليا ته وڃي سندن اطاعت قبول ڪن. عرب سوسائٽيءَ ۾ هڪ نئين معاشرتي ميلاپ يعني ”اسلامي اخوت“ جي جاري ٿيڻ، قبيلن جي قديم نظريي جي قوت کي جنهن ماتحت سوسائٽيءَ جي عمارت خانداني تعلقات جي بنياد تي استوار ٿيل هئي، ضعيف ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڪنهن به ماڻهوءَ جو مسلمان ٿي هڪ نئين يعني اسلامي سوسائٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ عرب زندگيءَ جي هڪ بنيادي اصول کي ٽوڙڻ هو ۽ اهڙن واقعن جي ڪثرت سان متواتر ٿيڻ قبيلن جي انتظام کي تمام سخت نقصان پهچايو ۽ اسلام جي قومي زندگيءَ جي مقابلي ۾ اهو قبائلي نظام بلڪل ڪمزور ٿي ويو. انهيءَ ڪري عرب جا قبيلا رسول الله جن جي اطاعت ڪرڻ لاءِ مجبورن تيار ٿي ويا. انهن اها اطاعت انهيءَ خيال کان نه ڪئي. جو پاڻ () عرب ۾ هڪ زبردست فوج جا اڳواڻ هئا، بلڪه انهيءَ لحاظ کان ڪئي، جو پاڻ () معاشرتي زندگيءَ جي اهڙيءَ نظريي کي پيش ڪرڻ وارا هئا، جنهن ٻين سڀني معاشرتي نظامن کي ڪمزور ۽ بي اثر بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح اسلام انهن سڀني قبيلن کي متحد ڪندو ويو، جي هن کان اڳ پاڻ ۾ مسلسل لڙايون ۽ جهڳڙا ڪندا رهيا ۽ جيئن جيئن مسلمانن جي متحد جماعت تعداد ۾ وڌندي ويئي، تيئن تيئن عرب جا ڪمزور قبيلا ان ۾ شامل ٿيندا ويا. رسول الله جن عرب جي قبيلن سان وعدا فرمائيندا هئا ته اسلام قبول ڪرڻ ڪري، انهن جي دشمنن کان، پوري حفاظت ڪئي ويندي. اهڙن وعدن جو ذڪر ڪتابن ۾ عرب قبيلن جي اسلام قبول ڪرڻ وارن واقعن بيان ڪرڻ وقت بار بار ڪيل آهي، جڏهن رسول الله جن جي وفات جي خبر هڪ عرب قبيلي کي پهتي ته ان قبيلي جي هڪ ماڻهوءَ زور سان دانهن ڪئي ته: ”مصيبت آهي، مون لاءِ! جو محمد فوت ٿي ويو آهي. جيستائين هو زنده هو، آءٌ امن سان رهندو هوس ۽ پنهنجن دشمنن کان حفاظت ۾ هوس.“ هن قسم جي پڪار ضرور ساري عرب اندر ڦهلجي ويئي هوندي.
جن عرب قبيلن اسلام قبول ڪيو، انهن جو اسلام سان ڪيتري قدر سطحي لاڳاپو هو؟ ان جي خبر هن حقيقت مان ظاهر ٿئي ٿي، جو رسول الله جن جي انتقال بعد يڪدم انهن ۾ وسيع پيماني تي ارتداد شروع ٿي ويو. انهيءَ ڪري اهو نظر اچي ٿو ته انهن قبيلن جو اسلام قبول ڪرڻ گهڻو ڪري، سياسي مصلحت جي بنا تي هو، يا انهن جو اهو سودو محض ظلم ۽ سختين کان بچڻ خاطر هو ۽ ڪنهن به روحاني بيداريءَ يا مذهبي جوش ڪري، اسلام ۾ داخل نه ٿيا هئا. گويا انهن پاڻ کي هڪ زبردست قومي تحريڪ جي درياهه ۾ موجزن ڪري ڇڏيو. اسان کي فتح مڪي کان پوءِ وارن مسلمانن ۾ دين جو اهڙو درد ۽ جذبو نظر نٿو اچي، جهڙو اوائلي مسمانن ۾ هو. تنهن هوندي به انهن ۾ اهڙا گهڻائي ماڻهو هئا، جن کي سچن مسلمانن جي قطار ۾ شمار ڪري وڃبو، جهڙيءَ طرح اسان کي مٿي ڄاڻايل واقعن مان معلوم ٿيو ته انهن مسلمانن ۾ اسلام جو اهڙو ته جوش ۽ جذبو هو جو پنهنجن ٻين ڀائرن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ ۾ پنهنجين جانين قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهندا هئا. جيڪڏهن انهن سچن مسلمانن ۾ به اسلام جو اهڙو جوش نه هجي ها ته جيڪر اها اسلام جي وسيع تحريڪ ڪڏهن به پنهنجو پاڻ بچائي نه سگهي ها ۽ خصوصن تحريڪ جي بانيءَ يعني حضرت محمد جن جي وفات جي صدمي کان سلامت نڪري نه سگهي ها، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي ته عربستان جهڙي بت پرست ملڪ ۾ اسلام ڪهڙيءَ طرح ظاهر ظهور هڪ نئين تحريڪ هئي ۽ ٻنهين قديم ۽ جديد (اسلامي) سوسائٽين جا نظريا ڪيتريقدر هڪ ٻئي جي ابتڙ هئا. عرب سوسائٽيءَ ۾ اسلام جي ظاهر ٿيڻ جي اها معنى نه هئي ته محض ڪن جاهلانه ۽ وحشيانه رسمن رواجن جو خاتمو آندو وڃي، بلڪه اسلام جو اهو خاص مقصد هو ته عرب جي قديم زندگيءَ جي سڄي نظريي کي بلڪل بدلايو وڃي.
مٿي جيڪي ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي، انهيءَ مان حضور اڪرم جن جي تعليم اندر تبليغي صفت جي موجود هئڻ جي پڪي ثابتي ملي ٿي. فلاسفر آگسٽي ڪومت ٻن ڳالهين جي فرق کي بيان ڪيو آهي. پهريون اهو اعليٰ دماغ شخص جو ڪنهن تحريڪ کي ايجاد ڪري، پوءِ پنهنجي ئي اندروني قوتن ذريعي انهيءَ کي زندهه رکي ۽ ٻيو اهو شخص جو صرف پنهنجي وقت جي ماڻهن جي خواهشات ۽ خيالات جو ترجمان آهي. هي فلاسفر لکي ٿو ته: ”ڪڏهن ڪڏهن اعليٰ دماغ انسان پهريائين پيدا ٿئي ٿو، پنهنجو پورو خيال ۽ توجهه ڪنهن خاص مقصد طرف لڳائي ٿو ۽ پوءِ سڀني جزوي قوتن کي، جي انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهن، پاڻ وٽ مهيا ڪري ٿو. وڏين سوشل تحريڪن جي حالت ۾ وري اڪثر ائين ٿيندو آهي، جو ڪن خاص رجحانات جو باهمي ميلاپ خود بخود شروع ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ هڪ اهڙو انسان ظهور پذير ٿيندو آهي، جو انهن مختلف قسمن جي رجحانات لاءِ هڪ عام مرڪز قائم ڪندو آهي ۽ انهن کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيندو آهي.“ هاڻي انهيءَ ڳالهه تي ڪافي بحث ڪيو ويو آهي ته حضرت محمد جن پوئين قسم جي ماڻهن مان هئا. جهڙيءَ طرح اثباتي فلسفي (Positivism) وارن حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي جڳهه تي هن جي مشهور حواري سينٽ پال (St: Paul) کي عيسائي مذهب جو باني قرار ڏنو آهي. ساڳيءَ طرح ڪي ماڻهو وري حضرت عمر رضي الله کي انهيءَ نقطه نگاهه سان ڏسن ٿا ته هو اسلام جي اوائلي زماني ۾ اسلام کي توقيت پهچائيندڙ شخص هو. اهي ساڳيا ماڻهو رسول الله جن کي محض هڪ عام تحريڪ جو ترجمان تصور ڪن ٿا، ليڪن انهن ماڻهن جي اها دعويٰ انهيءَ حالت ۾ سچي ٿي سگهي ها، جيڪڏهن رسول الله جن عرب سوسائٽيءَ کي پنهنجي تعليم لاءِ اڳ ۾ ئي تيار ڏسن ها ۽ صرف انهيءَ ڳالهه جو انتظار هجي ها ته ڪهڙي وقت انهن جي دلين جون مخفي تمنائون لفظي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿيون، پر عرب جي ماڻهن ۾ اهڙي قسم جي توقع نظر نٿي آئي. خصوصن وچ عربستان جي ماڻهن ۾ جتي سڀ کان اول رسول الله جن جون ڪوششون صرف ٿيون. عرب ڪنهن به صورت ۾ هڪ نئين معلم جي تعليم کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ خصوصن انهيءَ ماڻهو جي تعليم کي جو هڪ پيغمبر خدا جي لقب سان انهن وٽ آيو، (ڇاڪاڻ ته پيغمبري جي مسئلي کان هو بلڪل ناواقف هئا) ازانسواءِ اسلام اندر سڀني مسلمانن جو هڪ جهڙو درجو هجڻ ۽ سڀني مسلمانن اندر هڪ عام اخوت جو هجڻ، جنهن انهن مان عرب ۽ غير عرب، آزاد ۽ غلام جي فرق کي ڪڍي ڇڏيو. اهو هڪ اهڙو خيال هو جو عربن جي مغرور خانداني خيال جي بلڪل خلاف هو. عرب قبيلن جا ماڻهو پنهنجي ذاتي برتريءَ جي حقن کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي شهرت تي قائم سمجهندا هئا ۽ انهيءَ شهرت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ خونريز لڙايون لڙندا هئا. جي ڪڏهن به ختم نه ٿينديون هيون ۽ انهن جي روح کي خوشي پهچائينديون هيون. در حقيقت حضور اڪرم جن جي تعليم اندر هي بنيادي اصول رکيل هو ته جيڪي ڳالهيون عربن اڳيان زياده قيمت رکنديون هيون، انهن جي خلاف هو خود بخود ناراضگيءَ جو اظهار ڪن. هڪ نئين مسلمان کي اهو سيکاريو ويندو هو ته اسلام کان اڳ جن ڳالهين لاءِ هن جي دل ۾ نفرت ۽ حقارت ويٺل هئي. انهن ڳالهين کي هو نيڪ ڪم سمجهي اختيار ڪري.
بت پرست عرب لاءِ دوستي ۽ دشمني قرض وانگر هئي جنهن کي هو وياج سميت ادا ڪرڻ پسند ڪندا هئا ۽ برائي جي بدلي برائي ڪرڻ تي هو فخر ڪندا هئا ۽ جيڪو ائين ڪري نه سگهندو هو، ان کي ڪمزور ۽ ذليل سمجهيو ويندو هو. عربن جي نگاهه ۾ مڪمل انسان اهو هو جو هميشه پنهنجي دوست سان مهرباني ڪرڻ ۽ دشمن سان برائي ڪرڻ جي سوچ ويچار ۾ رهي. اهڙن ماڻهن کي رسول الله جن قرآن شريف جون هي آيتون ٻڌائيندا هئا:
”بري ڳالهه کي انهيءَ ڳالهه سان دور ڪر جا نيڪ هجي.“ (سوره: 23-98).
”انهن کي گهرجي ته معاف ڪن ۽ درگذر ڪن. ڇا اوهان نٿا چاهيو ته الله تعاليٰ اوهان جا گناهه معاف ڪري؟ الله بخشيندڙ ۽ مهربان آهي.“ (سوره: 24-22)
”۽ ڊوڙو الله جي مغفرت طرف ۽ انهيءَ جنت طرف، جنهن جي ويڪرائي آسمانن ۽ زمينن جيتري آهي ۽ اها انهن پرهيزگار انسانن لاءِ بڻائي ويئي آهي، جي خوشيءَ توڙي تڪليف جي حالت ۾ خدا جي رستي ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ غصي کي دٻائڻ وارا آهن ۽ ماڻهن کي معاف ڪندڙ آهن ۽ الله نيڪي ڪرڻ وارن سان محبت ڪري ٿو.“ (سوره: 3-127 ۽ 128).
عرب جا ماڻهو جن کي رسول الله جن سڀ کان اول اسلام جو پيغام پهچايو، انهن جي حالت اها هئي، جو نماز جهڙي اهم حڪم تي پڻ ٺٺوليون ڪندا هئا. سڀ کان مشڪل ڪم جو حضور جن کي ڪرڻو پيو، اهو هي هو ته خدا تعاليٰ جي عظمت انهن جي دلين ۾ پيدا ڪري ۽ دين اسلام جي اها عظمت دلين ۾ اهڙي نموني پيدا ڪندو هو، جهڙي نموني يهودي ۽ عيسائي مذهب ۾ پيدا ٿيندي هئي، پر بت پرست عرب انهيءَ ڳالهه کان بلڪل بي خبر هئا. انهن ۾ خانداني وڏائيءَ سان گڏوگڏ خود غرضي ۽ ديني جذبي جي ڪمي پڻ هئي، انهن سڀني اوڻاين انهن کي تمام گهٽ هڪ اهڙي پيغمبر جي تعليم قبول ڪرڻ جي لائق بڻايو، جنهن جي اها دعويٰ هوندي هئي ته: ”خدا جي نزديڪ سڀ کان ڀلو انسان اهو آهي، جو سڀ کان زياده هن کان ڊڄندڙ آهي.“ (سوره: 49-13) اهي عرب جا ماڻهو انهن پابندين کي برداشت ڪري نٿي سگهيا، جيڪي اسلام انهن جي روزمره واريءَ زندگيءَ مٿان عائد ڪرڻ چاهيون ٿي. جهالت جي زماني ۾ شراب، عورتون ۽ راڳ انهن شين مان هيون، جيڪي هڪ عرب لاءِ سڀ کان زياده محبوب هيون ۽ رسول الله جن انهن شين مان هر هڪ خلاف حڪم لڳائڻ ۾ تمام سخت هئا.
مطلب ته اسلام پنهنجي اندر شروعات کان وٺي هڪ تبليغي مذهب هجڻ جي خصوصيات رکي ٿو ۽ ان ۾ اها خاصيت آهي ته انسانن جي دلين کي پاڻ ڏانهن ڪشش ڪري، انهن کي مسلمان بڻائي ۽ انهن کي ايماندار جي برادري ۾ شامل ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. اسلام جو اهو امتيازي شان جهڙو شروعات ۾ هو، تهڙو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ انهيءَ ئي مسئلي تي روشني وجهڻ هن ڪتاب جو موضوع آهي.