مذهب

اسلام جي اشاعت جي تاريخ

هي ڪتاب دنيا جي وڏي عالم ۽ فاضل پروفيسر ٿامس آرنولڊ جي جڳ مشهور ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام“ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ اسلام جي دعوت ۽ تبليغ جي مفصل ۽ جامع تاريخ پيش ڪئي آهي. هن تمام گهڻي کوجنا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ مواد گڏ ڪيو آهي ۽ نهايت ديانتداريءَ ۽ فراخ دليءَ سان ان کي پيش ڪيو آهي. هن تعصب کان پري رهي، سچائي ۽ سهڻي سليقي سان حقائق بيان ڪيا آهن. انهيءَ ڪري ڪتاب ۾ اسلام جي سچائي ۽ مسلمانن جي فراخ دلي، انسان دوستي ۽ رواداريءَ جا ڪيترائي مثال موثر انداز ۾ ملندا.
Title Cover of book اسلام جي اشاعت جي تاريخ

باب ڏهون : چين ۾ اسلام جو پکڙجڻ

هي هڪ حيرت جهڙي ڳالهه آهي، جو ٿورو وقت ٿيو آهي ته چين ۾ اسلام جي احوال معلوم ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو ويو آهي، ورنه ان کان اڳ انهيءَ ڳالهه طرف ڪو به توجهه نه هو. هن بي توجهيءَ تي اڃا به انهيءَ ڪري مزيد تعجب لڳي ٿو جو يورپ وارن کي گهڻي وقت کان وٺي چين جي مسلمانن جو علم هو ۽ انهن جو ذڪر پڻ يورپي سياحن پنهنجن سفر نامن ۾ ڪيو هو. مارڪوپولو (Marcopolo) عيسوي تيرهين صديءَ ۾ لکي ٿو ته چين ۾ سفر ڪندي هن جي ملاقات مسلمانن سان پڻ ٿي هئي. هو لکي ٿو ته، ”ڪارا جان (Carajan) يعني يانان (Yannan) جي صوبي ۾ مختلف قسمن جا ماڻهو رهن ٿا. انهن ۾ رڳو ساراسين (مسلمان) ۽ بت پرست نه آهن، پر ڪجهه نسطوري عيسائي پڻ موجود آهن. وري جڏهن مارڪوپولو، سنجو (Ujnis) شهر جو ذڪر ڪري ٿو (جنهن کي هاڻي سننگ فو (Siningfu) سڏين ٿا تڏهن لکي ٿو ته، ”هتي جي ماڻهن ۾ بت پرست، مسلمان ۽ ڪجهه عيسائي آهن عيسوي سترهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ يسوعي مشنرين (Jesuit Missionaries) ۽ ٻين يسوعي فرقي جي عيسائين چين جي مسلمانن جو اڪثر ذڪر ڪيو آهي. پر ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن به مسلمانن جي تاريخ يا ملڪ ۾ انهن جي تعداد ۽ حالت معلوم ڪرڻ طرف ڪو خاص ڌيان نه ڏنو. در حقيقت انهيءَ وقت چين جي مسلمانن ۾ يورپ وارن کي ڪا دلچسپي ڪا نه هئي.
خود ٻين ملڪن جي مسلمانن کي پنهنجي چيني مسلمان ڀائرن بابت ابن بطوطه جي احوال کان سواءِ ٻيو ڪجهه به علم نه آهي. ابن بطوطه عيسوي چوڏهين صديءَ جي وچ ڌاري چين جو سفر ڪيو هو. هن چين ۾ پنهنجي استقبال جو بيان ڪيو آهي ته اتي جي مسلمانن هن کي اسلامي ملڪ جو نئو- وارد مهمان سمجهي سندس ڪيتريقدر خاطرو مدارات ڪئي هو لکي ٿو ته: ”هر ڪنهن شهر ۾ هڪڙو خاص مسلمانن جو محلو آهي، جتي رڳو مسلمان آباد آهن، انهن کي پنهنجون مسجدون آهن ۽ چين جا ماڻهو انهن جي ڏاڍي عزت ڪندا آهن
جڏهن يانان جي علائقي ۾ مسلمانن هڪ وڏي بغاوت برپا ڪئي، جنهن کي اٽڪل 20 سال ٿيا، (يعني 1876ع ڌاري) ته تمام گهڻو زور ورتو، تڏهن دنيا جي ماڻهن کي آخرڪار قبول ڪرڻو پيو ته چين ۾ به مسلمان ڪثرت سان رهن ٿا. ان کان پوءِ چيني مسلمانن متعلق ٻه وڏا ڪتاب لکيا ويا، جن مان هڪڙو پروفيسر واسليو (Prof: Vasil’ev) روسي زبان ۾ لکيو، پروفيسر واسليو هڪ ڀيانڪ تصوير چٽي آهي ته چين ۾ مسلمانن جو ايتريقدر گهڻي تعداد ۾ هجڻ، جنهن جو اڳ ۾ ڪڏهن ڪنهن کي وهم و گمان به نه هو، يورپ جي تهذيب ۽ تمدن لاءِ هڪ خطري جو باعث آهي ۽ هو ائين سمجهي ٿو ته انهن جو مذهب (اسلام) هڪ ڏينهن ضرور چين جو قومي مذهب بڻبو. فاضل پروفيسر وري لکي ٿو ته: ”جيڪڏهن چين ۾، جتي سڄيءَ دنيا جي آدم شماريءَ جو ٽيون حصو انسان رهن ٿا، اسلامي حڪومت قائم ٿي وئي ته سڄي مشرق جي سياسي حالتن ۾ هڪ وڏو انقلاب اچي ويندو. جيڪڏهن اسلامي دنيا جبر الٽر کان وٺي پئسفڪ سمنڊ تائين ڦهلجي وئي ته مسلمان هڪ ڀيرو وري پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪندا. اسلام هڪ دفعو وري عيسائي دنيا کي خطري ۾ وجهندو ۽ چيني ماڻهن جي پرسڪون زندگي جا سڄيءَ دنيا لاءِ فائدي واري آهي، متعصب مسلمانن جي هٿن ۾ اچي، دنيا جي ٻين قومن لاءِ هڪ وبال بڻجي پوندي.“ ”ترڪستان ۽ زنگاريا (zangaria) جا مسلمان پڪ سان هميشه چيني حڪومت کي ڌمڪائيندا رهندا، جتي انهن جا هم مذهب (مسلمان) سڄي ملڪ اندر پکڙيل آهن. جيڪڏهن ترڪستان ۽ زنگاريا جا ملڪ چيني حڪومت جي قبضي ۾ به اچي ويا ته پوءِ ڇا اسلام جي قوت ڪمزور ٿي ويندي؟ يا ان جي اشاعت ۽ ترقي روڪجي ويندي؟ هي سوال اسان اهڙو ڇيڙيو آهي، جو ڪجهه سالن تائين ته مهمل ٿي سگهي ٿو. فرض ڪريو ته ڏهن سالن تائين يا وڌ ۾ وڌ هڪ سئو سالن تائين، ليڪن انهيءَ عرصي اندر به اسلام ضرور ترقي ڪندو رهندو ۽ پنهنجي اميدن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن مناسب موقعي جو منتظر رهي، آخر پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندو.“ ”جيڪڏهن چيني مسلمان فقط انهن ڌارين مسلمانن جو اولاد هجن ها، جي گهڻو وقت اڳ چين ۾ آيا، ته پوءِ اسان جو هن سوال سان ڪو واسطو نه هجي ها ته آيا هڪ ڏينهن چين جو سڄو ملڪ مسلمان ٿي ويندو يا نه؟ مگر هن سوال کان اڳ ۾ ئي اسان ڏسون ٿا ته اسلام هر وقت مقامي ماڻهن کي پنهنجي آغوش ۾ آڻيندو رهي ٿو. انهيءَ ڪري اسان هن سوال پڇڻ ۾ حق بجانب آهيون ته اسلام جي هيءَ ترقي ڪڏهن بند به ٿيندي يا نه؟ ”اسان وري به هي سوال ڪريون ٿا ته جيڪڏهن اسلام هڪ ڏينهن چين تي سياسي غلبو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ پنهنجي پيروي ڪرڻ لاءِ چيني رعيت کان تقاضا ڪئي ته پوءِ ڪير آهي، جو اسلام قبول ڪرڻ کان نابري واريندو؟ اسين سمجهون ٿا ته انهيءَ حالت ۾ ڪو به انڪار نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته چين جي ماڻهن کي مذهب جي تبديلي، لباس جي تبديليءَ کان زياده آسان معلوم ٿيندي، جهڙيءَ طرح انهن موجوده شاهي خاندان جي تخت نشينيءَ وقت پنهنجو لباس بدلايو.
مٿئين مضمون پڙهڻ کان پوءِ هر شخص لازمي طرح هي سوال پڇندو ته آخرڪار اهي ڪهڙا مستند ڪتاب يا ليک آهن، جن مان اهڙا حيرت انگيز ۽ ڀيانڪ نتيجا ڪڍيا ويا آهن؟ جن حقيقتن جي بنياد تي هي نتيجا ڪڍيا ويا آهن، تن جو تفصيلي احوال چين جي سفير ۽ سابق ڪائونسل جنرل ايم پي ڊبري دُ ٿيرسنٽ (M.P. Dabry de thiersant) جي ڪتاب ۾ بيان ٿيل آهي. هن چين جي مسلمانن جو بيان تفصيل سان لکيو آهي ۽ ان جي لاءِ سارو مواد مستند ذريعن مان تلاش ڪيوآهي، جهڙوڪ: خود مسلمانن جا تاريخي ۽ مذهبي ڪتاب، چين جي بادشاهه جا مسلمانن متعلق جاري ٿيل فرمان، مسلمان عالمن سان ذاتي گفتگو وغيره.
مذڪوره ڪتاب کان علاوه ٻيو ڪو به اهڙو ڪتاب هيستائين شايع نه ٿيو آهي،جنهن ۾ ”چين ۾ اسلام“ جي موضوع تي اهڙيءَ طرح تفصيل سان بحث ڪيو ويو هجي، ۽ ان سان گڏ معلومات جو ايتريقدر قيمتي ذخيرو موجود هجي. مون پڻ هن باب جو سمورو احوال، سواءِ ڪن ٿورين جڳهين جي، جتي ٻين ڪتابن جو خاص احوال ڏنو ويو آهي، هن ڪتاب مان ورتو ويو آهي. ٿيرسنٽ جي ڪتاب (چين جا مسلمان) ۾ جيڪي خاص ڳالهيون آهن، تن جي تصديق خود هڪ چيني مسلمان سيد سليمان ڪئي آهي، جو يانان جو رهاڪو هو ۽ هڪ چيني گورنر جو پٽ هو. هن پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ترڪيءَ ۽ ٻين اسلامي ملڪن جو سفر ڪيو. سنه 1894ع ۾ قاهره ۾ هڪ عربي رسالي جي نمائندي هن سان ملاقات ڪئي ۽ انهيءَ موقعي تي ٻنهين جي وچ ۾ جيڪا گفتگو رهي، سا انهيءَ رسالي ۾ شايع ڪئي وئي آهي.
هيترو وقت انهن مستند ڪتابن جو مختصر ذڪر ڪيو ويو، جن ۾ چين جي اسلامي تاريخ جا ذريعا بيان ٿيل آهن. هاڻي اچو ته انهيءَ ڪتاب جي مذاڪري کي ڇڏي، خود تاريخي حالات جو جائزو وٺون. چين ۾ اسلام ٻن رستن کان آيو. سمنڊ جي رستي ڏکڻ کان ۽ خشڪيءَ رستي اتر اولهه کان، چين جي اتر اولهه طرف ٻن صوبن ڪانسووه (Kan-suh) ۽ شينسي (Shen-si) ۾ مسلمانن جو تعداد، انداز توڙي نسبت جي لحاظ کان ٻين سڀني صوبن جي مسلمان آدم شماريءَ کان گهڻو آهي. چين جي سڄي ملڪ اندر ٻه ڪروڙ مسلمان رهن ٿا جن جو 4/3 حصو هنن ٻن صوبن اندر سمايل آهي.
مسلمان مبلغ پهريائين چين جي اتر اولهه وارن صوبن ۾ وچ ايشيا کان داخل ٿيا، ڇاڪاڻ ته خلافت اسلام جي اوائلي دور ۾ چين جي شهنشاهه ۽ مغرب ۾ مسلمانن جي نئين حڪومت درميان، جا عربستان کان شروع ٿي، تمام تيزيءَ سان ڀر وارا ملڪ فتح ڪندي، اڳتي پکڙندي ٿي وئي، دوستانه تعلقات قائم ٿيا. چيني ماڻهن کي عربستان جو علم عيسوي ٻيءَ صديءَ کان هو، پر ٻنهين ملڪن جا پاڻ ۾ سياسي تعلقات ايران جي آخري بادشاهه يزد، جرد جي موت کان پوءِ پيدا ٿيا. يزد، جرد جي پٽ فيروز پنهنجي پيءُ جي وفات بعد دشمنن خلاف مدد وٺڻ لاءِ شهنشاه چين کي اپيل ڪئي. شهنشاهه هن کي جواب موڪليو ته ايران چين کان ايترو ڏورانهون آهي، جو هو لشڪر موڪلي نٿو سگهي. تنهن هوندي به هو انهيءَ ڪم لاءِ خليفي حضرت عثمان () کي فيروز جي طرفان عرض ڪندو. جڏهن چين جي شهنشاهه جو سفير خليفي جي خدمت ۾ پهتو، تڏهن خليفي هن جو ڏاڍو سٺو استقبال ڪيو ۽ واپسيءَ ۾ هن کي پنهنجو هڪ عرب سپھ سالار گڏي ڏنو. عرب سپهه سالار جڏهن سنه 651ع ۾ چين پهتو، تڏهن بادشاهه به ساڳيءَ طرح هن جي سٺي آجيان ڪئي. خليفي وليد ابن عبدالملڪ (سنه 705-715ع) جي حڪمرانيءَ ۾ هڪ مشهور عرب سپھ سالار قطيبه ابن مسلم خراسان جو گورنر مقرر ٿيو. هن آڪسز (Oxus) نديءَ جي ٻئي طرف لڳاتار حملا ڪرڻ شروع ڪيا، جن ۾ هن بخارا، ثمرقند ۽ ٻيا ڪيترا شهر فتح ڪيا ۽ انهيءَ پوري خطي کي اسلامي ملڪ بڻائي ڇڏيو. پوءِ هو پنهنجي فتح مند فوجن کي ساڻ ڪري اڳتي اوڀر طرف چين جي سرحد تائين وڌيو. هن شهنشاه چين ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا. (عرب مورخن جي قول مطابق) شهنشاهه ايلچين کي هڪ وڏي رقم ڏئي واپس ڪيو ۽ خليفه اسلام جي اطاعت قبول ڪئي. ڪجهه سالن بعد چين جي تاريخ ۾ هڪ کان وڌيڪ سفيرن جو ذڪر اچي ٿو، جي خليفه هشام (سنه 724-743ع) وٽان شهنشاهه لاءِ سوغاتون کڻي آيا هئا. سنه 757ع ۾ خليفه المنصور شهنشاهه ستسنگ (Sntsnng) ڏانهن هڪ سفارت موڪلي. انهيءَ وقت مسلمانن جو واپار اڀرندي طرف ڏاڍو وڌي ويو هو ۽ ان وقت کان وٺي اڳتي چين ۾ مسلمان سفيرن جو ذڪر ڪثرت سان اچي ٿو. اهڙيءَ طرح ٻنهين چين ۽ اسلامي حڪومت وچ ۾ دوستانه تعلقات قائم ٿيڻ ۽ واپار جي ترقي ڪري اهڙن مسلمان واپارين کي، جي پنهنجي مذهب ڦهلائڻ جا ڏاڍا شائق هئا، پنهنجي تبليغي جدوجهد جاري رکڻ ۾ ضرور آساني ٿي هوندي. انهن مسلمان واپارين مان گهڻا بخارا، ماوراي النهر (Traexo sania) يعني ماوراي النهر ۽ عرب کان آيل هئا. انهيءَ دور (سنه 713-742ع) جو هڪ چيني مورخ لکي ٿو ته: ”مغرب جي وحشي ماڻهن جا انبوهن جا انبوهه ٽن هزارن ميلن کان وڌيڪ مفاصلي تان ۽ هڪ سئو کان به وڌيڪ بادشاهتن مان سيلاب وانگر چين ۾ ايندا رهيا. انهن هديه طور پاڻ سان پنهنجا مقدس ڪتاب آندا جن جي خوب عزت ڪئي وئي ۽ انهن کي شاهي محل جي هڪ هال ۾ رکيو ويو، جو مذهبي ڪتابن جي ترجمي ڪرڻ لاءِ مخصوص ٿيل هو. انهيءَ وقت کان وٺي مختلف ملڪن جا مذهبي اصول چين ۾ پکڙجڻ لڳا ۽ انهن جي کلم کلايو پيروي ٿيڻ لڳي.“
سڀ کان پهرين مسجد سنه 742ع ۾ اتر چين ۾ شينسي صوبي جي گاديءَ جي شهر ۾ تعمير ٿي ۽ مسلمانن جي حقن جي حفاظت لاءِ هڪ چيني گلدان مقرر ڪيو ويو. آرڪمند رائيٽ پئلاويوس هڪ ڪتبي جو ذڪر ڪيو آهي ته اهو سنگانفوءِ (Sinsanfu) مان (جتان نسطوري عيسائين جو پڻ هڪ مشهور ڪتبو کوٽي ڪڍيو ويو هو) لڌو ويو، جنهن تي پڻ ساڳيو سال (يعني 742) اڪريل هو. انهيءَ ڪتبي ۾ چين ۾ اسلام جي آغاز جو ذڪر ڪيل هو. پر ان ۾ جيڪا تاريخ ڄاڻايل هئي سا ان واقعي سان لڳي نه ٿي سگهي. يعني ان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسلام جو آغاز سوئي (Sui) خاندان جي شهنشاهه ڪاءِ هانگ (Kai Haung) جي عهد حڪومت ۾ ٿيو (سنه 581-600) بهرحال انهيءَ ڪتبي مان اها ثابتي ملي ته اسلام هن ملڪ ۾ آڳاٽو پهتل هو.
اسلام جي اشاعت جو تفصيلي احوال تمام گهٽ ملي ٿو. ائين معلوم ٿئي ٿو ته اسلام جي ابتدا عيسوي اٺين صديءَ جي وچ ڌاري ڪانسووه جي صوبي ۾ ٿي، جو انهيءَ وقت هوئي هو (Huey-Hu) قوم جي سلطنت جو هڪ حصو هو. (هن قوم جو اصل وطن ارتش ۽ ارخان ندين جي وچ ۾ هو) اهو ته چئي نه ٿو سگهجي ته جنهن وقت عيسوي ڏهين صديءَ جي وچ ڌاري هن قوم جو بادشاهه ساتوڪ (Satoc) مسلمان ٿيو، انهيءَ وقت هن قوم جي اندر اسلام ڪيتري قدر ڦهليل هو. بادشاهه ساتوڪ مسلمان ٿيڻ بعد سڀني غير مسلمن سان جهاد شروع ڪيو ۽ پنهنجي سڄيءَ رعيت کي زبردستيءَ مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ساتوڪ جي وفات بعد سندس جائنشينن به ساتوڪ جي پيروي ڪئي ۽ نسطوري عيسائين کان سواءِ ٻين سڀني ئي مذهبن جي پيرويءَ تي بندش وڌي. جڏهن عيسوي تيرهين صديءَ جي شروعات ۾ چنگيز خان ”هوئي هو“ خاندان جي سلطنت کي تباهه ۽ برباد ڪيو، تڏهن هن سڀني ماڻهن کي مذهبي آزادي ڏني. بادشاهه ”هوئي هو“ جي رعيت ۾ هڪ اوگر قوم (Uigurs) پڻ شامل هئي. هيءَ هڪ ترڪي نسل قوم هئي ۽ عثماني ترڪن جو سلسلو هن قوم کان شروع ٿيو هو. هو پنهنجي اصلي وطن ”خامل“ (جو چيني ترڪستان ۾ واقع هو) مان نڪري هوئي هو جي حڪومت ۾ اچي رهيا ٻئي هڪ بيان ۾ اچي ٿو ته تنگاني فرقو (Tungani) اوگر قوم جي نسل مان هڪ آهي انهي بيان جي مطابق اوگر قوم، ٿانگ (Thang) خاندان جي دور ۾ (سنه 618ع-907ع) چين جي وڏي ديوار (The Great Wall) جي قريب اچي رهي هئي. هن قوم جي مردن ۽ چيني عورتن ۾ شاديءَ جو سلسلو شروع ٿيو. ڪجهه وقت بعد جڏهن اوگر قوم اسلام قبول ڪيو، تڏهن هن قوم جي سڀني چين ۾ رهندڙ برادريءَ وارن اسلام آندو. انهن ۾ اڃا تائين چيني عورتن سان شادي ڪرڻ جو رواج موجود آهي ۽ انهن شادين مان جيڪي ٻار پيدا ٿين ٿا، تن کي مسلمانن جهڙي تعليم و تربيت ڏني وڃي ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ تنگانين يعني چيني مسلمانن ۾ سندن ٻين برادريءَ وارين قومن جي شينسي ۽ ڪانسوو صوبن ۾ اچي رهڻ سان اضافو ٿيو. ڇاڪاڻ ته عيسوي تيرهين صديءَ جي شروعات ۾ چنگيز خان جي سوڀن ايشيا جي مشرقي ۽ مغربي ملڪن جي وچ ۾ آمدرفت جو سلسلو شروع ڪيو. هي تنگاني (چيني مسلمان) واپار جا ڏاڍا شوقين آهن ۽ سڄي ئي ايشيا ۾ پنهنجي تجارتي ايمانداريءَ کان مشهور آهن. انهن ۽ خاص چينائن ۾ رڳو هي نمايان فرق آهي، جو هو چينائن کان زياده سگهارا آهن ۽ پوليس جي نوڪرين ۾ گهڻو ڪري انهن مان ماڻهو چونڊيا ويندا آهن.
منگولن جي سوڀن ڪري شام، عرب، ايران ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا مسلمان ڪثرت سان چين ۾ اچي آباد ٿيا انهن مان ڪي ته واپارين، ڪاريگرن ۽ سپاهين جي حيثيت ۾ آيا. ڪيترن کي جنگي قيدي بڻائي آندو ويو. اهڙيءَ طرح ئي مسلمانن جو هڪ وڏو تعداد ملڪ ۾ آباد ٿيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ انهن ڏاڍي ترقي ڪئي ۽ هو سڀئي گڏجي هڪ آباد ۽ خوش حال قوم ۾ تبديل ٿي ويا. پر انهن چيني عورتن سان شاديون ڪري آهستي آهستي پنهنجو نسلي امتياز وڃائي ڇڏيو. منگولن جي حڪومت ۾ ڪيترن مسلمانن کي وڏيون وڏيون سرڪاري نوڪريون مليون. مثلن عبدالرحمان کي سنه 1244ع ۾ شاهي خزاني جو اعليٰ آفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ هن کي اختيار ڏنو ويو هو ته چيني ماڻهن لاءِ محصول جي رقم تجويز ڪري قبلائي خان وري تخت تي وهڻ بعد (سنه 1259ع) ۾ سيد اجل (Sayyid Ajal) کي، جو بخارا جو باشندو هو، سرڪاري خزاني جو منتظم مقرر ڪيو. جڏهن سيد اجل 1270ع ۾ وفات ڪئي، تڏهن سندس جڳهه تي هڪ ٻيو مسلمان احمد نالي مقرر ٿيو. سيد اجل پنهنجي ايمانداريءَ ۽ ديانتداريءَ ڪري جيتريقدر شهرت حاصل ڪئي هئي. اوتري قدر وري احمد جي بدنامي ٿي. جن چيني مورخن قبلائي خان جي حڪومت جي تعريف ڪئي آهي تن هن جي هڪ شڪايت پڻ ڪئي آهي ته هن اعليٰ سرڪاري نوڪرين تي چينائين بدران ترڪ ۽ ايراني مقرر ڪيا قبلائي خان هوئي هو (Hoey Hu) قوم جي انهن ماڻهن لاءِ جن اسلام قبول ڪيو هو، پيڪنگ (Peking) ۾ هڪ شاهي دارالعلوم قائم ڪيو. انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته چين ۾ مسلمانن کي ڪيتري قدر زياده اهميت ڏني ويندي هئي. انهيءَ وقت جي هڪ مورخ جو بيان آهي ته عيسوي چوڏهين صديءَ جي شروعات ڌاري صوبي يانان جا سڀئي رهاڪو مسلمان ٿي چڪا هئا
جيستائين منگولن جي حڪومت چين ۾ قائم هئي، تيستائين مسلمان اتي هڪ اجنبي قوم سمجهيا ويندا هئا، پر جڏهن عيسوي تيرهين صديءَ جي آخر ۾ منگولن کي چين مان تڙي ڪڍيو ويو، تڏهن چيني مسلمانن جا تعلقات ٻين ملڪن جي مسلمانن سان منقطع ٿي ويا ۽ انهن انهيءَ خيال سان ته متان چين جا نوان حاڪم کانئن بدظن ٿين، پنهنجي هر ڪنهن اهڙي عمل کي ترڪ ڪيو جنهن مان حڪومت جي ناراض ٿيڻ جي بوءِ ايندي هئي انهن جيتريقدر ٿي سگهيو اوتريقدر پاڻ کي چيني ماڻهن ۾ جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ساڳئي وقت اسلام اتر چين ۾ پنهنجا پير پختي طرح کوڙيا ۽ آهستي آهستي، مگر مضبوطيءَ سان نهايت خبردار ۽ خاموش تبليغي ڪوششن ذريعي پنهنجو اثر ڦهلائڻ لڳو. هن قسم جي تبليغي تحريڪ جي تاريخ اڃا تائين تاريڪيءَ ۾ آهي. ليڪن موجوده وقت ۾ مسلمان قومن جو وجود هن تحريڪ جي ڪاميابيءَ جو زنده ثبوت آهي. ڏکڻ منگوليا جي سڀني شهرن ۾ 20 هزار مسلمان خاندان ۽ 13 مسجدون موجود آهن. انهن مسجدن جا پيش امام مغرب کان نه ٿا اچن بلڪه ”لن سن چو (Lin Tsin chow) شهر مان اچن ٿا، جو پيڪنگ جي ڏکڻ اوڀر طرف شاهي واهه جي ڪپ تي آهي ۽ ڏکڻ اوڀر چين جي مشهور اسلامي مرڪزن مان هڪڙو مرڪز آهي هيءَ هڪ دلچسپ ڳالهه بيان ڪئي وڃي ٿي ته چين جي يهودين، جي قديم زماني کان وٺي هتي جا باشندا هئا، اسلام قبول ڪري مسلمانن جي تعداد ۾ اضافو آندو. هو چيني حڪومت جي نوڪرين ۾ هئا ۽ وڏيون وڏيون جاگيرون انهن جي قبضي ۾ هيون. عيسوي تيرهين صديءَ جي ختم ٿيڻ تي انهن جو هڪ وڏو حصو اسلام قبول ڪري چڪو هو
عيسوي ارڙهين صدي مسلمانن جي نئين سر تبليغي جدوجهد ۽ مسلمانن جي تعداد ۾ اضافي ٿيڻ کان مشهور آهي. هن ترقيءَ جو هڪ وڏو ۽ اهم ڪارڻ هي هو جو وچ ايشيا ۾ چيني حڪومت کي لڙاين ۾ ڪاميابي حاصل ٿي ۽ چيني سلطنت جو دائرو اڳتي اولهه طرف وڌيو. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو چين جا، تيان شان (Tian Shan) جي مسلمان شهرن ۽ مغربي ترڪستان جي رياستن سان تجارتي تعلقات قائم ٿيا. انهيءَ ڪري اتر اولهه چين هڪ وار وري ٻاهرين اسلامي دنيا جي اثر هيٺ اچي ويو
چين ۾ اتر اولهه طرف کان ڪيئن اسلام پير پاتو ۽ ان جو اثر ڪيئن آهستي آهستي وڌندو ويو، تنهن جو احوال اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون. پر اسان ڏسون ٿا ته ڏکڻ طرف کان سمنڊ رستي پڻ اسلام پنهنجو اثر ڄمائيندو ويو. جيتوڻيڪ ڏکڻ طرف اسلام ايتري قدر گهڻي ترقي حاصل نه ڪئي. تنهن هوندي به تاريخي نقطئه نگاهه کان ان کي ڪافي اهميت حاصل آهي.
چين ۽ عربستان درميان سمنڊ رستي تجارتي تعلقات حضرت محمد * جن جي دنيا تي رونق افروز ٿيڻ کان به گهڻو وقت اڳ جا قائم ٿيل هئا. ملڪ شام ۾ ۽ اڀرندي ڀونوچ سمنڊ جي بندرگاهن تي مشرقي ملڪن جو گهڻو تجارتي سامان عربستان ذريعي ايندو هو ۽ عيسوي ڇهين صديءَ ۾ عربستان ۽ چين جو پاڻ ۾ سلون جي رستي ڪافي واپار هلندڙ هو. عيسوي ستين صديءَ ۾ چين ۽ عربستان جي باهمي واپار اڃا به گهڻي ترقي ڪئي. ايراني نار ۾ سراف جو شهر چيني واپارين لاءِ هڪ تجارتي مرڪز هو. چين جي تاريخن ۾ عربن جو پهريون ذڪر انهيءَ وقت جو اچي ٿو، جنهن وقت ”ٿانگ خاندان“ (Thang Dynasty) جي حڪومت (سنه 618-907) چين ۾ شروع ٿي هئي چيني مورخ لکن ٿا ته انام (Annam)، ڪمبوج (Cambodge)، مدينه ۽ ٻين ڪيترن ملڪن کان ڌارين ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد ڪئنٽن (canton) ۾ پهتو. انهن ماڻهن جي عادتن ۽ مذهبي ريتن رسمن مان معلوم ٿيو ٿي ته هو پڪ سان عرب ۽ مسلمان هئا. چيني مورخ لکن ٿا ته ”انهن ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن هڪ خدا جي پرستش ڪئي ٿي ۽ انهن جي عبادتگاهن (مسجدن) ۾ نه بت هئا ۽ نه وري ڪي مورتون يا تصويرون هيون. مدينه، جتي انهن جي حڪومت هئي، هندستان جي قريب آهي ۽ انهيءَ جڳهه تان انهن جو مذهب شروع ٿيو، جو ٻڌ ڌرم کان نرالو آهي، هو ڪڏهن به سوئر جو گوشت نه ٿا کائين ۽ نه وري شراب پيئن ٿا. جنهن جانور کي هو پنهنجي هٿن سان ذبح نه ٿا ڪن، تنهن جو گوشت مردار سمجهن ٿا. انهن کي هاڻي هوئي هوئي (Hoey Hoey) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ رضا بالله (يعني الله تعاليٰ جي مرضيءَ موجب هلڻ). انهن جو هڪڙو عبادتگاهه آهي جنهن کي پنهنجي ڪنهن بزرگ جو يادگار ڪري سمجهن ٿا. (يعني اها مسجد جا وهاب ابن ابي ڪبشه رضي الله تعمير ڪرائي هئي. جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو.) هيءَ مسجد انهيءَ وقت اڏائي وئي هئي جنهن وقت ٿانگ خاندان جي حڪومت شروع ٿي هئي. انهيءَ مسجد جي پاسي تي هڪ وڏو 160 فوٽ گول منارو آهي، جنهن کي هي ماڻهو ”ڪانگٽا“ (سارو منارو) ڪري سڏيندا هئا. هي ماڻهو روزانو انهيءَ مسجد ۾ پنهنجي ديني رسمن ادا ڪرڻ (يعني نماز پڙهڻ) لاءِ ويندا هئا. چين جي شهنشاهه کان اجازت وٺي هو ڪئنٽين ۾ اچي رهيا اتي نهايت عمدا ۽ شاندار مڪان تعمير ڪرايائون ۽ اهي مڪان اسان جي ملڪي مڪانن جي ڊئول کان مختلف هئا. هو وڏا دولتمند هئا ۽ پاڻ مان هڪ امير چونڊي، هن جي اطاعت ڪندا هئا.“
خاطريءَ سان هيءَ ٻڌائڻ مشڪل آهي ته ڪئنٽن ۾ عرب ڪالونيءَ جو پهريون سردار ڪير هو. (چيني مسلمان خود هن باري ۾ قياس کان ڪم وٺن ٿا) چيني مسلمانن جي ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪئنٽن جي عرب ڪالونيءَ جي پهرئين امير جو نالو سارتا (sarta) يا سڪاپا (sapaka) يا وانگ ڪا ذي (wang ka ze) هو. سڪاپا نالو زياده اهم آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ مان ايترو پتو پوي ٿو ته هو رسول الله  جن جو اصحابي هو. انهيءَ کانسواءِ هر ڪنهن روايت ۾ ڄاڻايل آهي ته اهو امير حضرت محمد  جن جو مامو هو ايم ڊبري د ٿيرسنٽ ٻڌائي ٿو ته اهو صحابي وهاب ابن ابي ڪبشه () هو، ڇاڪاڻ ته هن بابت چيو وڃي ٿو ته هو رسول الله  جن جو مامو هو.هيٺ وهاب ابن ابي ڪبشه جي زندگيءَ جو ڪجهه احوال ڏجي ٿو، جو چيني مسلمانن جي ڪتابن مان اخذ ڪيو ويو آهي. هيءُ هڪ سچو تاريخي احوال سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن سان گڏ جيڪي مبالغه آميز ڳالهيون هيون، تن کي ترڪ ڪيو ويو آهي. هي احوال هن طرح آهي:
سنه 628ع (مطابق سنه 6هه، جنهن کي عرب جي تاريخ ۾ وفدن جو سال سڏين ٿا) ۾ حضور ڪريم  جن حضرت وهاب ابن ابي ڪبشه () کي ڪجهه سوغاتون ڏئي شهنشاهه چين ڏانهن موڪليو ته هن کي وڃي اسلام کان آگاهه ڪري. حضرت وهاب () جي ڪئنٽن ۾ ڏاڍي مرحبا ٿي. شهنشاهه جي طرفان هنکي ۽ سندس ساٿين کي ڪئنٽن ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرائڻ ۽ پنهنجي سلطنت اندر اسلام جي تبليغ جي اجازت ڏني وئي. حضرت وهاب () هن ڪم کان فارغ ٿي سنه 632ع ۾ عربستان ڏانهن موٽيو، پر هن جي ارمان جي حد نه رهي جو انهيءَ ئي سال حضور اڪرم  جن رحلت فرمائي هئي. هو ٿورو وقت عربستان ۾ ترسي وري چين ڏانهن روانو ٿيو. هن دفعي هن پاڻ سان گڏ قرآن شريف جو هڪ نسخو پڻ آندو، جو سنه 11-12 هجريءَ (سنه 34-633ع) ۾ حضرت ابوبڪر)() جي حڪم سان جمع ڪيو ويو هو. حضرت وهاب () جڏهن ڪئنٽن ۾ پهتو تڏهن سفر جي سخت ٿڪاوٽ سندس جسم چڪناچور ڪري وڌو، ٿوري ئي وقت بعد هن هن فاني دنيا مان ڪوچ ڪيو. هن کي ڪئنٽن جي ڀرسان دفن ڪيو ويو، جتي هن جي مزار جي چيني مسلمان اڃا تائين ڏاڍي عزت ڪندا آهن. انهيءَ مسجد جي چوگرد، جا حضرت وهاب رضه پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪئنٽن ۾ تعمير ڪرائي، عرب واپارين جي هڪ بستي قائم ٿي ۽ اها بستي رفته رفته ترقي ڪندي وئي. عرب واپاري پنهنجي پاڙيسري چينين سان دوستن وانگر هلندا هئا، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڌرين کي واپار ۾ هڪٻئي کان ڏاڍو نفعو پهچندو هو.
ائين معلوم ٿئي ٿو ته هي عرب ڪجهه وقت تائين چين ۾ هڪ ڌاري قوم وانگر رهندا هئا. ڇاڪاڻ ته هڪ واپاري عيسوي نائين صديءَ جي وچ ڌاري لکي ٿو ته انهيءَ وقت ڪئنٽن جي شهر ۾ مسلمانن کي پنهنجو قاضي هوندو هو ۽ هو پنهنجي خطبي ۾ شهنشاه چين جي بجاءِ پنهنجي خليفي جي لاءِ دعا گهرندا هئا. ٿوري ئي وقت بعد ٽن طريقن سان جهڙوڪ ٻين ملڪن کان مسلمانن جي اچڻ، چيني عورتن سان شادي ڪرڻ ۽ خود چينين جي مسلمان ٿيڻ سان ڪئنٽن جي مسلم آدمشماريءَ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيڻ لڳو. سنه 758ع ۾ چين جي شهنشاهه سهتسنگ (Sah-tsung) خلاف هڪ بغاوت برپا ٿي ۽ ان بغاوت کي بند ڪرڻ لاءِ خليفي المنصور چار هزار عرب سپاهين جو هڪ لشڪر بادشاهه جي مدد لاءِ روانو ڪيو. هن لشڪر پهچڻ سان مسلمانن جي تعداد ۾ هڪ سٺو اضافو ٿيو. بغاوت بند ٿيڻ کان پوءِ عرب لشڪر واپس وڃڻ جي نه ڪئي. جڏهن شهر جي گورنر انهن کي واپس وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو، تڏهن انهن پنهنجن مسلمان عرب ۽ ايراني واپارين سان شامل ٿي، جي اڳي ئي اتي موجود هئا. شهر جي تجارتي مرڪزن کي لٽڻ جو فيصلو ڪيو. گورنر ڀڄي وڃي قلعي اندر پناهه ورتي ۽ تيستائين ٻاهر نه نڪتو جيستائين ڪه هن شهنشاهه کان عرب لشڪر لاءِ چين ۾ رهڻ جي منظوري حاصل نه ڪئي. انهن عرب سپاهين کي مختلف شهرن ۾ گهر ۽ زمينون ڏنيون ويون، جتي هو چيني عورتن سان شاديون ڪري هميشه لاءِ آباد ٿي ويٺا. اهڙيءَ طرح هو اٽلندو انهن مسلمانن لاءِ هڪ پشت و پناهه بڻجي پيا، جي چيني سلطنت اندر پکڙيل هئا. چيني مسلمانن جي تعداد ۾ هڪ ٻيو نمايان اضافو انهيءَ وقت ٿيو، جڏهن چنگيز خان ۽ هن جي جاءِ نشينن جي هٿ هيٺ منگولن جون ڪاهون شروع ٿيون، جن جو احوال اڳي ئي مٿي بيان ڪري آيا آهيون ۽ غالبن انهيءَ وقت ڌاري مسلمانن جا وڏا وڏا فرقا ۽ گروهه بڻيا، جي سڄي ملڪ اندر پکڙجي ويا. ڪيترن صوبن ۾ مسلمانن جو تعداد ايتريقدر ته وڌي ويو، جو ڳوٺن جا ڳوٺ رڳو مسلمانن سان ئي آباد ٿي ويا. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته چين مان منگولن جي طاقت ختم ٿيڻ بعد چيني مسلمانن کي، جن هيل تائين ڪافي ترقي ڪئي هئي. ٻاهرين اسلامي ملڪن کان مدد ملڻ بند ٿي وئي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت کان وٺي چيني حڪومت پنهنجو هي متو بنايو ته ڌارين قوم کي پنهنجي نزديڪ اچڻ نه ڏنو وڃي. ٿورا سال ٿيا آهن جو هاڻي چيني حڪومت انهيءَ اصول کي ترڪ ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن چيني مسلمانن جا ٻين ملڪن جي مسلمانن سان تعلقات منقطع ٿي ويا، تڏهن انهن چيني عورتن سان شاديون ڪري ۽ چينين جو رنگ ڍنگ اختيار ڪري، آهستي آهستي پاڻ کي چيني ماڻهن ۾ جذب ڪري ڇڏيو. جيستائين چين جو عربستان سان واپار هلندڙ هو ۽ انهن جا تجارتي تعلقات هڪ ڌارينءَ اسلامي حڪومت سان قائم هئا ۽ جيستائين چيني حڪومت ۽ اسلامي حڪومت جي وچ ۾ ساڳئي دشمن يعني ٿٻيٽين خلاف هڪ ٻئي کي مدد ڪرڻ جو معاهدو برقرار هو، تيستائين چيني مسلمانن تي چيني حڪومت طرفان سختي ڪرڻ جو سوال پيدا ٿي نٿو سگهي، پر بعد ۾ جيتوڻيڪ اهو حفاظت جو ذريعو ختم ٿي ويو. تڏهن به اسين ڏسون ٿا ته چيني حڪومت اندر چيني مسلمانن کي زياده ۾ زياده ملڪي آزادي مليل آهي. انهيءَ آزاديءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب هي آهي، جو چيني مسلمان اهڙيءَ ته هوشياريءَ، خبرداريءَ ۽ رعايت سان هلن ٿا، جو چيني ماڻهن جي مذهبي تعصب کي ڀڙڪائڻ جي ڪڏهن به نوبت نٿي اچي. روزمره جي زندگيءَ ۾ مسلمانن جون عادتون ۽ ريتون رسمون پڻ اهڙيون آهن، جهڙيون چينين جون. هو مٿي تي چوٽيون رکائيندا آهن ۽ چينين جهڙي پوشاڪ پهريندا آهن. رڳو مسجدن ۾ پٽڪو ٻڌندا آهن. مسلمان چينين جي ديني جذبات کي برانگيخته ڪرڻ جي ڊپ کان پنهنجي مسجدن جا منارا اوچا نٿا بڻائين جيتوڻيڪ چيني تاتار ۾ مسلمان سپاهين کي اجازت مليل آهي ته هو ڀلي پاڻ کي مقامي ماڻهن کان الڳ رکن ۽ جدا گانه هڪ قوم جي حيثيت ۾ زندگي گذارين، تڏهن به مسلمان فوج جا اعليٰ آفيسر اها ئي پوشاڪ پهرين ٿا، جا حڪومت جي طرفان انهن لاءِ مقرر ٿيل آهي. هو ڊگهيون مڇون ۽ مٿن تي چوٽيون رکائين ٿا. ان کانسواءِ موڪل جي ڏينهن تي ٻين چيني آفيسرن وانگر هو به بادشاهه جي تصوير اڳيان ٽي دفعا پنهنجو ڪنڌ جهڪائين ٿا ساڳيءَ طرح سڀئي مسلمان امير ۽ مختلف صوبن جا سرڪاري آفيسر وڏن وڏن ڏينهن تي ڪنفيوشس (Confucius) جي مندر ۾ وڃي اهي رسمون ادا ڪندا آهن، جي ساڳئي درجي جي چيني آفيسرن کي ڪرڻيون هونديون آهن، مطلب ته چيني مسلمانن کي هر طرح خبرداري ڪرڻي پوندي آهي ته جيئن انهن جو مذهب (اسلام) چين جي سرڪاري مذهب سان ٽڪر نه کائي. اهوئي سبب آهي جو چيني مسلمان پاڻ کي چيني حڪومت جي ناراضگيءَ کان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. حالانڪه ٻيا مذهب جهڙوڪ: يهوديت ۽ عيسائيت ائين ڪري نه سگهيا. مسلمان پنهنجي هم وطن چينين اڳيان اسلام کي اهڙي ڍنگ ۾ پيش ڪندا هئا، جو ڄڻ ان جو ڪنفيوشس جي تعليم سان اتفاق آهي ۽ انهن ٻنهي ۾ فقط هي فرق آهي، جو مسلمان شادين ۽ غمين ۾ پنهنجون اباڻيون رسمون ادا ڪندا آهن. سوئر جي گوشت، شراب، تماڪ ۽ ڇڪي راند کان پرهيز ڪندا آهن ۽ کاڌي کائڻ کان اڳ هٿ ڌوئيندا آهن. وغيره ساڳيءَ طرح چيني مسلمانن جي ڪتابن ۾ ڪنفيوشس ۽ ٻين چيني بزرگن جي ڪتابن جو ڏاڍي ادب سان بيان ٿيل آهي ۽ جيتريقدر مسلمانن کان ٿي سگهيو آهي، اوتريقدر انهن ڪنفيوشس جي تعليم ۽ اسلامي اصولن ۾ مشابهت رکندڙ ڳالهيون بيان ڪيون آهن.
چيني حڪومت هميشه (سواءِ ڪنهن بغاوت جي وقت) پنهنجي مسلمان رعيت کي، سندن سٺيءَ هلت ڪري اهي ساڳيا حق ۽ رعايتون ڏنيون آهن، جي باقي رعيت کي حاصل آهن، ڪنهن به سرڪاري نوڪريءَ جو دروازو انهن لاءِ بند نه آهي. هو صوبن جا گورنر، لشڪر جا سپهه سالار، عدالت جا جج ۽ بادشاهه جا وزير ٿي سگهن ٿا ۽ انهن عهدن تي فائز رهڻ جي حالت ۾ انهن کي بادشاهه توڙي رعيت جو اعزاز ۽ اعتماد حاصل آهي. چين جي تاريخي ڪتابن ۾ مسلمانن جا نالا نه رڳو حڪومت جي مشهور فوجي ۽ ملڪي آفيسرن جي فهرست ۾ داخل آهن، پر انهن صنعت، ڪاريگريءَ ۽ سائنس جهڙوڪ: علم رياضيءَ ۽ علم هئيت وغيره ۾ پڻ پنهنجو نالو ڪڍيو آهي.
چيني حڪومت جو مسلمان رعيت تي ايتريقدر مهربان هجڻ جو نتيجو هي نڪتو جو ڪن چيني سردارن ۽ آفيسرن جي دلين ۾ حسد ۽ بدگمانيءَ جي باهه ڀڙڪي. سنه 1731ع ۾ شهنشاهه چين شينسي صوبي جي مسلمانن خلاف لڳايل شڪايتن جي جواب ۾ هڪ فرمان جاري ڪيو، جو صاف طرح ڏيکاري ٿو ته چيني شهنشاهه پنهنجي مسلمان رعيت جو ڪيتريقدر نه لحاظ رکندا هئا. اهو فرمان هن طرح آهي:
”هن سلطنت جي هر هڪ صوبي اندر مسلمانن جو ڪافي تعداد ڪيترين صدين کان وٺي رهندو ٿو اچي. هو منهنجي رعيت جو هڪ حصو آهن ۽ آءٌ انهن کي به پنهنجي ٻي رعيت وانگر پنهنجو اولاد ڪري سمجهندو آهيان. آءٌ مسلمانن ۽ غير مسلمن ۾ ڪو به فرق نٿو رکان. مون کي پنهنجن ڪن آفيسرن وٽان مخفيءَ طرح مسلمانن خلاف شڪايتون پهتيون آهن ته انهن جو مذهب چينين جي مذهب کان مختلف آهي، هو چينين جهڙي ساڳي ٻولي نٿا ڳالهائين ۽ چينين جهڙي پوشاڪ نٿا پهرين. ان کانسواءِ هو نافرمان، مغرور ۽ سرڪش آهن ۽ مون کي مشورو ڏنو ويو آهي ته آءٌ انهن خلاف سخت قدم کڻان، ليڪن انهن شڪايتن ۽ تهمتن جي چڱيءَ طرح جاچ ڪرڻ بعد آءٌ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته سڀ الزام بي بنياد آهن. در حقيقت مسلمان جنهن مذهب جي پيروي ڪن ٿا سو سندن اباڻو مذهب آهي. اهو سچ آهي ته هو چينين جهڙي ٻولي نٿا ڳالهائين، مگر خود چين ۾ ڪيتريون مختلف زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. انهن جا عبادتگاهه، انهن جي پوشاڪ ۽ انهن جي لکڻي. هي سڀ مختلف آهن، پر اهي اهڙيون اهم ڳالهيون نه آهن، جن تي ڪو توجهه ڪيو وڃي. هي سڀ رواجي ڳالهيون آهن. حقيقت ۾ مسلمان اخلاق جا اهڙا ئي سٺا آهن، جهڙا منهنجي رعيت جا ٻيا ماڻهو. اهڙي ڪا به ڳالهه ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي، جنهن مان معلوم ٿئي ته هو بغاوت ڪرڻ چاهين ٿا. انهيءَ ڪري آءٌ چاهيان ٿو ته ڀلي مسلمانن کي مڪمل مذهبي آزادي هجي، ڇاڪاڻ ته انهن جو مذهب انسان کي اخلاق سان پيش اچڻ ۽ معاشرتي ۽ ملڪي حقن جي ادا ڪرڻ جي زوردار تعليم ڏئي ٿو. اسلام اسان جي حڪومت جي بنيادي اصولن جو لحاظ رکي ٿو، انهيءَ کان وڌيڪ اسان کي ٻيو ڇا گهرجي؟ پوءِ جيڪڏهن مسلمان اهڙيءَ طرح شريف ۽ وفادار رعيت وانگر هلت اختيار ڪندا ايندا ته منهنجون مهربانيون انهن تي اهڙيءَ طرح ئي رهنديون، جهڙيءَ طرح منهنجي ٻئي اولاد تي آهن. گهڻائي مسلمان ترقي ڪري اعليٰ فوجي ۽ ديواني آفيسر بنيا آهن ۽ اها هڪ پڪي ثابتي آهي ته انهن اسان واريون عادتون ۽ رسمون اختيار ڪيون آهن ۽ اسان جي پاڪ ڪتابن جي تعليم مطابق عمل ڪن ٿا. هو ٻين چينين وانگر اسان جي علم و ادب جا امتحان پاس ڪن ٿا ۽ اسان جي قانون مطابق قربانيءَ جون رسمون ادا ڪن ٿا. مطلب ته هي مسلمان، چيني خاندان جا سچا ۽ ايماندار فرد آهن ۽ هميشه پنهنجي مذهبي، ملڪي ۽ سياسي فرضن ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن مئجسٽريٽ وٽ ڪو مقدمو پيش ٿيندو آهي، ته هن جو ڌرين جي مذهب سان ڪو به واسطو نه هوندو آهي. ساڳيءَ طرح مون پنهنجي سڄيءَ رعيت لاءِ هڪڙو ئي اصول مقرر ڪيو آهي، ته جيڪو نيڪي ڪندو، تنهن کي انعام ملندو ۽ جيڪو برائي ڪندو، تنهن کي سزا ملندي.“
جيڪي ڪجهه مٿي بيان ڪيو ويو آهي، تنهن مان هي انومان ڪڍڻ نه گهرجي ته ڪو چيني مسلمان پاڻ کي هڪ جدا ۽ خاص مسلم قوم جي حيثيت رکڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جيتوڻيڪ انهن تي هميشه اهو فڪر سوار هوندو هو ته جيئن هو چيني حڪومت جي اک ۾ نه ٿين. هن حقيقت جي خبر انهن هنگامن ۽ فسادن مان پوندي، جي چيني مسلمانن ۽ بت پرست چينين جي وچ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندا رهندا هئا ۽ جنهن ۾ هزارن جانين جو نقصان ٿيندو هو. اهي جهڳڙا ۽ فساد ثابت ڪن ٿا ته چيني مسلمانن ۾، گهٽ ۾ گهٽ هر ڪنهن صوبي اندر ڏاڍو اتفاق ۽ اتحاد هو. يانان جي صوبي ۾ پنٿي جي بغاوت (Panthay Insurrection) انهيءَ اتحاد جو هڪ بي نظير مثال آهي. ڪيترن سالن جي (سنه 1855-1874ع) لڳاتار ۽ سخت خونخوار مقابلي بعد مس مس چيني حڪومت انهيءَ بغاوت کي ٻنجو ڏنو ۽ چيو وڃي ٿو ته هن بغاوت ۾ 20 لکن کان به وڌيڪ مسلمان قتل ڪيا ويا. (سيد سليمان جي بيان مطابق) هن صوبي ۾ 2 ڪروڙ 6 لکن جي سڄي آدم شماريءَ مان اڃا تائين ان جو اڌ حصو يا اڃا به ان کان وڌيڪ مسلمان رهن ٿا. چين جا سڀئي مسلمان ڪڏهن به پاڻ ۾ ڪنهن ڪم لاءِ متفق ۽ متحد نه ٿيا آهن ۽ جيڪي به فساد ۽ بغاوتون ٿيون آهن، سي سڀن ڪن خاص هنڌن يا صوبن ۾ ٿيون آهن. ڪجهه به هجي ليڪن هن قسم جا بلوا ۽ هنگاما ثابت ڪن ٿا ته چيني مسلمان سياسي طرح ڪمزور نه آهن يا اهڙا بي همت نه آهن جو پنهنجي ڪنهن تحريڪ ۾ حصو نه وٺي سگهن، جهڙيءَ طرح ڪن ماڻهن جو خيال آهي ساڳئي وقت اسان کي هيءَ ثابتي پڻ ملي ٿي ته چيني مسلمان پنهنجون تبليغي سرگرميون جاري رکندا آيا ۽ آهستي آهستي مخفي طرح چين جي مختلف فرقن کي مسلمان ڪندا، انهن کي منظم ڪندا ويا. چين ۾ اسلام جي تبليغ ظاهر ظهور نه ڪئي ويندي هئي ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان مسلمانن لاءِ هڪ وڏو خطرو هو ۽ انهن تي بغاوت جو الزام مڙهيو وڃي ها، جهڙيءَ طرح هڪ رپورٽ مان ظاهر آهي، جا صوبي خوانگ سي (Khwangse) جي گورنر سنه 1783ع ۾ شهنشاهه چين ڏانهن موڪلي هئي. انهيءَ رپورٽ جو مضمون هي آهي: ”آءٌ صوبي خوانگ سي جو گورنر“ نهايت ادب سان بادشاهه سلامت جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪريان ته صوبي خوانگ سي جو هڪ مسلمان هان فويون (Han-fo-yan) آواره گرديءَ جي جرم ۾ گرفتار ٿيو آهي. هن کان جڏهن سندس پيشي بابت پڇيو ويو، تڏهن هن جواب ڏنو ته هو گذشته ڏهن سالن کان وٺي ملڪ جي مختلف صوبن جو، انهيءَ خيال سان سفر ڪندو رهيو آهي، ته هو پنهنجي مذهب بابت معلومات حاصل ڪري. هن جي صندوق مان ٽيهه ڪتاب مليا آهن، جن مان ڪي سندس لکيل آهن، جن کي اسان مان ڪو به سمجهي نٿو سگهي. انهن ڪتابن ۾ مغربي ملڪن جي هڪ بادشاهه(حضرت محمد ) جي تمام گهڻي تعريف بيان ڪئي وئي آهي. جڏهن هان فو يون کي سخت ايذاءَ پهچايا ويا. تڏهن هن قبول ڪيو ته سندس سفر جو اصلي مقصد سندس مذهب جي اشاعت هو، جنهن جو انهن ڪتابن ۾ بيان ڏنل آهي. هن هي پڻ ٻڌايو ته هو ٻين سڀني صوبن کان شينسيءَ جي صوبي ۾ وڌيڪ وقت رهيو آهي. مون پڻ انهن ڪتابن جو مطالعو ڪيو آهي ۽ واقعي انهن مان ڪيترا ڌارين زبان ۾ آهن، جو آءٌ به سمجهي نٿو سگهان. جيڪي ڪتاب چيني زبان ۾ لکيل آهن، سي ڏاڍا خراب آهن، بلڪه آءٌ ائين چوندس ته اهي ڏاڍا بيهودا ۽ کل جهڙا آهن، جو انهن ڪتابن ۾ اهڙن ماڻهن جي اجائي تعريف ڪيل آهي، جي انهيءَ تعريف جا مستحق نه آهن، ڇاڪاڻ ته مون ڪڏهن به انهن ماڻهن جو ذڪر نه ٻڌو آهي.
”هي هان فو يون شايد صوبي ڪانسووه جو هڪ باغي آهي. هن جي هلت چلت شڪي آهي، ڇاڪاڻ ته خبر نٿي پوي ته مختلف صوبن ۾ ڏهن سالن تائين سانده سفر ڪرڻ ۾ هن جو ڪهڙو مقصد هو. آءٌ هن معاملي جي چڱيءَ طرح جاچ ڪريان ٿو ۽ انهيءَ وچ ۾ سائين جن جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪريان ته سائين جن هي حڪم صادر فرمائين ته هان فويون جي مائٽن وٽان ڇاپي جون سڀئي تختيون هٿ ڪري ساڙيون وڃن، انهن تختين جا ڇاپيندڙ ۽ ڪتابن جا مصنف گرفتار ڪيا وڃن. هي سڀئي ڪتاب سائين جن جي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان ۽ هن باري ۾ وڌيڪ سائين جن جي حڪم جو منتظر آهيان.
هي سچ آهي ته هان فو يون کي آزاد ڪيو ويو ۽ شهنشاهه گورنر کي ڪافي جُٺ ڦٺ ڪئي، ليڪن هي واقعو چڱيءَ طرح ڏيکاري ٿو ته چين ۾ کلم کلا اسلام جي تبليغ ڪرڻ ڪيتريقدر جو کائتو ڪم آهي. انهيءَ هوندي به هر سال چيني ماڻهو ڪافي تعداد ۾ مسلمان ٿيندا رهن ٿا، مگر هن طرح اسلام جو پکڙجڻ ڪن فردن جي مخفي ۽ خاموش ڪوششن جو نتيجو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو چين ۾ موجوده وقت ۾ هڪڙي ئي دفعي زياده تعداد ۾ اسلام قبول ڪرڻ جا واقعا ورلي ٿين ٿا، البته گذشته صديءَ ۾ (يعني 18 صديءَ ۾) هڪ اهڙو واقعو رونما ٿيو، جو بيان جي قابل آهي. جڏهن سنه 1770ع ۾ زنگاريا جي بغاوت کي بند ڪيو ويو، تڏهن ڏهن هزارن فوجي سپاهين کي سندن خاندان سميت، جن سان گڏ ٻيا به ڪيترا ماڻهو هئا، چين جي مختلف صوبن مان ڪڍي، زنگايا ۾ آباد ٿيڻ لاءِ موڪليو ويو. ڪجهه وقت بعد انهن سڀني ماڻهن اسلام قبول ڪيو، ڇاڪاڻ ته زنگايا جي آس پاس مسلمانن جي ڪافي آبادي هئي.
هاڻي شهرن ۾ مسلمان آهستي آهستي پنهنجا الڳ محلا بڻائيندا وڃن ٿا ۽ هو اهڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي وچ ۾ نٿا سهن جو مسجد جي حاضري نٿو ڏئي. چين ۾ اسلام جي ترقيءَ جو هي به سبب هو، جو مسلمانن اهڙن صوبن کي آباد ڪيو، جي قدرتي عذاب جهڙوڪ: وبا يا قحط يا لڙاين ڪري برباد ٿي ويا هئا ۽ اهڙا واقعا چين ۾ اڪثر ٿيندا هئا. ان کانسواءِ ڏڪر جي وقت ۾ چيني مسلمان غريب مائٽن کان انهن جا معصوم ٻار خريد ڪري وٺندا هئا ۽ پوءِ انهن جي تربيت اسلام مطابق ڪندا هئا. هي ٻار جڏهن جوان ٿيندا هئا. تڏهن انهن جون شاديون ڪرائي، انهن کي الڳ گهر رهڻ لاءِ ڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح ڳوٺن جا ڳوٺ مسلمانن سان آباد ٿي ويا. هن طرح بيان ڪيو ويو آهي ته جڏهن ڪوانگ ٽنگ (kwang-tung) صوبي ۾ سنه 1790ع ۾ ڏڪار پيو، تڏهن مسلمانن تقريبن ٽيهه هزار ٻارن کي سندن مائٽن کان خريد ڪيو، جن ويچارن بک کان مجبور ٿي پنهنجن پيارن بکايل ٻچن کي پاڻ کان الڳ ڪيو سيد سليمان ٻڌائي ٿو ته انهيءَ طريقي سان هر سال بي شمار چيني مسلمان ٿيندا رهن ٿا. چيني مسلمان هر ڪنهن طرح سان ڪوشش ڪن ٿا ته جيئن نون مسلمانن ۾ اسلامي جذبو زنده رهندو اچي. انهيءَ خيال سان جيڪي مسڪين ۾ مسڪين مسلمان هوندا هئا، تن کي به ٻاراڻن ڪتابن ذريعي اسلام جا بنيادي اصول سيکاريندا هئا. سيد سليمان ٻڌائي ٿو ته موجوده وقت ۾ چينين جو گهڻو تعداد اسلامي ڪتابن جي اثر ڪري مسلمان ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ چيني مسلمانن وٽ پنهنجي مذهب جي اشاعت لاءِ ڪو باقاعدي انتظام نه آهي، تنهن هوندي به انهن ۾ پنهنجي مذهب جي ترقيءَ جو جذبو ۽ شوق ايتريقدر ته بلند آهي جو چيني ماڻهو مسلسل مسلمان ٿيندا رهن ٿا. هو بيشڪ انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪري رهيا آهن، جنهن ڏينهن سڄي چيني سلطنت اندر اسلام کي غلبو حاصل ٿيندو. 