ضميمو ٻيو : عبدالله بن اسماعيل هاشميءَ جو عبدالمسيح بن اسحاق الڪنديءَ ڏانهن اسلام جي دعوت بنسبت خط
بسم الله الرحمن الرحيم (شروع ٿو ڪريان خدا تعاليٰ جي نالي سان، جو نهايت ٻاجهارو ۽ مهربان آهي) آءٌ هن خط کي تنهنجي لاءِ سلامتي ۽ توتي خدا تعاليٰ جي رحمت نازل ٿيڻ جي دعا سان شروع ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو منهنجي آقا ۽ سڀني نبين جي سردار محمد جن جو طريقو آهي. جن معتبر، ديانتدار ۽ سچار شخصيتن اسان جي پيغمبر عليه السلام جون حديثون اسان تائين پهچايون آهن، تن سندن (پيغمبر جي) باري ۾ هيءَ حديث نقل ڪئي آهي ته سندن عادت مبارڪ هوندي هئي ته پاڻ جڏهن به ماڻهن سان گفتگو ڪندا هئا ته خطاب شروع ڪرڻ کان اڳ انهن لاءِ سلامتيءَ ۽ رحمت جي دعا گهرندا هئا ۽ انهيءَ وقت پنهنجن ماڻهن ۽ ذمين ۾، عالمن ۽ جاهلن ۾، مسلمانن ۽ مشرڪن ۾ ڪو به فرق نه ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته: ”آئون سڀني انسانن ڏانهن انهيءَ لاءِ موڪليو ويو آهيان ته انهن تي رحم ڪريان ۽ انهن جي هر ڪنهن قسم جي آرام ۽ آسائش جو خيال رکان ۽ نه انهيءَ لاءِ ته آئون انهن سان سختيءَ ۽ بي رحميءَ سان پيش اچان.“ پاڻ انهيءَ وقت خدا جي هنن لفظن کي پڻ ادا ڪندا هئا ته: ”تحقيق خدا ايمان وارن تي مهربان ۽ رحيم آهي.“ ساڳيءَ طرح مون ڏٺو آهي ته جن به اسلام جي خليفن سان منهنجي ملاقات ٿي آهي، سي تواضع، شرافت، خوش خلقيءَ ۽ احسان ۾ پنهنجي پيغمبر جن جي نقش قدم تي هلڻ وارا هئا. ۽ هن ڳالهه ۾ هو ڪنهن جو فرق نه ڪندا هئا ۽ ڪنهن کي به ٻئي تي ترجيح نه ڏيندا هئا. مون پڻ اهو ئي اعليٰ نمونو اختيار ڪيو آهي ۽ پنهنجو خط سلامتيءَ ۽ رحمت جي دعا سان شروع ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ ته جيڪو به هن خط کي ڏسي، سو مونتي ڪنهن به قسم جو الزام نه لڳائي.
جنهن شيءِ مون کي هن خط لکڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي، سا توسان منهنجي محبت آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي محبوب آقا ۽ پياري پيغمبر محمد جن فرمايو آهي ته، عزيز اقارب جي محبت سچي تقويٰ ۽ دين ايمان آهي. اهڙيءَ طرح آئون پيغمبر خدا جن جي حڪم جي تعميل ۾ ۽ جيڪي تو اسان جون خدمتون ڪيون آهن، تن جي شڪر گذاريءَ ۾، انکانسواءِ توکي اسان لاءِ جيڪا محبت، شفقت ۽ همدردي آهي، تنهن جي بدلي ۾ هي خط لکي رهيو آهيان. انهيءَ سان گڏ ٻيو هي به سبب آهي، جو منهنجو سردار ۽ منهنجو سئوٽ امير المئومنين (Commander of faithful) (خدا هن جي مدد ڪري) تنهنجو ڏاڍو لحاظ رکندو آهي. هن جو تو ۾ ڏاڍو ڀروسو آهي ۽ هو تنهنجي ڏاڍي تعريف ڪندو آهي. انهيءَ ڪري، مان جيڪي پنهنجي لاءِ، پنهنجي خاندان لاءِ ۽ پنهنجي ماءُ، پيءُ لاءِ پسند ڪريان ٿو، سو پوريءَ ايمانداريءَ سان تنهنجي لاءِ پسند ڪريان ٿو. هاڻي آئون انهيءَ مذهب کي تنهنجي اڳيان کولي رکان ٿو، جنهن جي اسين پيروي ڪريون ٿا ۽ جيڪو خدا اسان جي لاءِ ۽ پنهنجي تمام مخلوق لاءِ منتخب ڪيو آهي ۽ جنهن جي بدلي ۾ هن آخرت ۾ سٺي اجوري جو ۽ انهيءَ ڏينهن جي سخت عذاب کان بچائڻ جو وعدو ڪيو آهي، جنهن ڏينهن اسان سڀيئي هن جي سامهون حاضر ٿينداسون... انهيءَ ڪري مان تنهنجي لاءِ اهو ئي نفعو چاهيو آهي، جيڪو نفعو مون کي ملندو. جڏهن تنهنجي اعليٰ اخلاق، وسيع علم، شرافت، حسن سلوڪ، بلند خوبين ۽ ساڳئي مذهب وارن ۾ تنهنجي اعليٰ مرتبي تي منهنجي نظر پوي ٿي، تڏهن مون کي توتي رحم اچيو وڃي ته خدا نه ڪري ته تون پنهنجي مسيحي دين تي محڪم رهين. انهيءَ ڪري مون پڪو ارادو ڪيو آهي ته آئون تنهنجي اڳيان ان شيءِ کي پيش ڪريان، جيڪا خدا تعاليٰ جي لطف ۽ ڪرم سان مونکي عنايت ٿي آهي. خدا تعاليٰ جو ارشاد آهي ته:
”توهين ڪتاب وارن سان بحث مباحثو نه ڪريو، مگر بهترين طريقي سان.“ (سوره:العنڪبوت-آيت:46).
(يعني بحث مباحثو ڪريو نرميءَ، متانت، خير خواهي، صبر ۽ تحمل سان) هاڻي هن حڪم جي اطاعت ڪندي، مان تنهنجي اڳيان نرم ۽ سهڻن لفظن ۾ پنهنجي مذهب جي تشريح ڪريان ٿو ۽ پنهنجا سڀيئي دليل نرم، موزون ۽ عمده لفظن ۾ پيش ڪندس. شايد تون بيدار ٿي پوين ۽ صحيح رستي تي موٽين ۽ خدا عز و جل جي انهيءَ ڪلام طرف مائل ٿئين، جنهن کي هن آخرين نبي ۽ سردار بني آدم، اسان جي پياري پيغمبر حضرت محمد مٿان نازل فرمايو. مون پنهنجي ڪاميابيءَ جي اميد نه لاٿي آهي، بلڪه تنهنجي هدايت جي خدا تعاليٰ ۾ اميد رکان ٿو، ڇاڪاڻ ته هو جنهن کي گهري ٿو، تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو. مون الله کان هيءَ دعا گهري آهي ته هو مون کي تنهنجي لاءِ هدايت جو ذريعو بڻائي. خدا تعاليٰ پنهنجي ڪامل ڪتاب يعني قرآن مجيد ۾ هن طرح فرمايو آهي:
”بيشڪ الله تعاليٰ وٽ جو دين آهي، سو اسلام آهي. (سوره:آل عمران-آيت:19) هن قول جي تصديق ۾ خدا تعاليٰ وري فرمائي ٿو:
”جيڪو شخص دين اسلام کان سواءِ ٻيو ڪو دين پسند ڪندو ته ان کان هرگز قبول نه ڪيو ويندو ۽ اهو شخص آخرت ۾ ڇيهي وارن مان آهي.“ (سوره:3-آيت:85). وري خدا تعاليٰ قطعي طور تي هي ارشاد فرمائي ٿو ته:
”اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو، جيئن ان کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اوهين نه مرو، مگر مسلمان ٿي.“ (سوره:آل عمران-آيت102).
توکي معلوم آهي ته (شل خدا تعاليٰ توکي ڪفر جي جهالت کان سچائي ۽ ايمان جي نور سان تنهنجو سينو روشن ڪري) آئون پنهنجي زندگيءَ جو ڪافي عرصو گذاري چڪو آهيان ۽ مون سڀني مذهبن جي گهراين کي معلوم ڪيو آهي ۽ انهن کي توري تڪي ڏٺو اٿم ۽ انهن مذهبن جي گهڻن ئي ڪتابن، خاص ڪري توهان جي ڪتابن جو ته گهرو مطالعو ڪيو اٿم.“ (هتي الهاشمي انجيل جي پراڻي ۽ نئين عهدنامي جي مکيه ڪتابن جو نمبر وار ذڪر ڪري ٿو ۽ سمجهائي ٿو ته عيسائي مذهب جي مختلف فرقن بابت هن ڪهڙيءَ طرح تحقيقات ڪئي آهي) ”آئون گهڻن ئي راهبن سان مليو آهيان، جي پنهنجي سخت عبادت ۽ وسيع علم کان مشهور آهن. آئون گهڻن ئي ڪليسائين ۽ خانقاهن ۾ ويو آهيان ۽ اتي نمازن ۾ شرڪت ڪئي اٿم... مون انهن جي غير معمولي محنتن کي ڏٺو آهي... انهن جي رڪوع ۽ سجدن کي زمين سان پنهنجن ڳلن لڳائڻ ۽ زمين تي پنهنجي پيشاني رڳڙڻ کي ۽ انهن جي نماز ۾ سڄو وقت عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ سان بيهڻ کي خصوصن آچر ۽ جمعي جي راتين تي ۽ ٻين وڏن ڏينهن جي موقعن تي، جڏهن هو سڄي سڄي رات جاڳندي پنهنجي پيرن ڀر بيهي گذارين ٿا ۽ خدا تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا بيان ڪندا رهن ٿا ۽ سندس عظمت جو اعتراف ڪندا رهن ٿا. مون ڏٺو آهي ته هو سڄو سڄو ڏينهن نماز ۾ بيهي گذارين ٿا ۽ ان ۾ پيءُ (Father)، پٽ (Son) ۽ روح القدس (Holy Ghost) جو مسلسل وظيفو پڙهندا رهن ٿا. هو اعتڪاف يعني گوشه نشينيءَ جي ڏينهن ۾ (Days of Restreat) جنهن کي ”مقدس هفتو“ (Holy Week) ڪري سڏين ٿا، پيرين اگهاڙو ڳوڻ جي ڪپڙي ۽ باهه جي رک ۾ يعني توبه جي لباس ۾ (In Sack cloth and ashes) بيهي زار زار روئن ٿا ۽ اکين مان آب هارين ٿا ۽ عجيب قسم جي دانهن ڪوڪن سان ماتم ڪن ٿا. مون انهن جي قربانيءَ کي پڻ ڏٺو آهي ته ڪيئن صفائيءَ سان قربانيءَ لاءِ روٽيون (Bread) رکن ٿا ۽ جنهن وقت هو بيت المقدس جي مشهور ڪليسا ۾ انهن روٽين کي شراب جي ڀريل ڀالن سان قربانگاهه (Altar) مٿان چاڙهين ٿا، تنهن وقت هو ڪيئن نه ڏاڍيءَ عاجزيءَ سان ڊگهيون ڊگهيون دعائون گهرن ٿا. مون راهبن کي پڻ سندن ڇهن روزن (Six Fasts) جي ڏينهن تي، جن ۾ چار وڏا ۽ ٻه ننڍا روزا آهن، ڏٺو آهي ته ڪيئن پنهنجن حجرن ۾ غور، فڪر ۽ مراقبي ۾ گذارين ٿا. انهن سڀني موقعن تي آءُ حاضر رهيو آهيان ۽ ماڻهن کي اهو عمل ڪندو ڏٺو اٿم. مون انهن جي سڀني مطرانن (Metropolitan) ۽ بشپن کي ڏٺو آهي، جي پنهنجي علم، عيسائيت سان پنهنجي پوريءَ طرح لڳاءُ ۽ پنهنجي حد کان زياده سادگيءَ ۽ دنيا سان بي تعلقيءَ کان دنيا اندر مشهور آهن. مون نهايت بي ريائيءَ سان حق جي طلب ڪندي ۽ پنهنجي سڀني جهيڙن جهڳڙن، علمي خوبين اعليٰ متڪبرانه دليل بازيءَ، مذهبي تعصب ۽ خانداني غرور کي هڪ پاسي رکي، انهن سان بحث مباحثو ڪيو آهي، مون انهن کي هيءُ موقعو ڏنو ته هو پنهنجن دليلن کي پوريءَ طرح بيان ڪن ۽ جيڪي وڻين، سو بي ڌڙڪ يا بغير ڪنهن ملامت ۽ خوف جي چئي ڏين، حالانڪه اسان جي مذهب وارن ۾ خود اهڙا ڪيترا رواجي، بي علم ۽ بي عقل آهن، جن کي نه ڪرڻ جو ڪو ڍنگ آهي ۽ نه وري انهن کي ڪو عقل ۽ فهم آهي، جنهن تي هو ڀروسو ڪري سگهن. انهن ۾ نه ديني احساس آهي ۽ نه سٺو اخلاق جو انهن کي بي ادبيءَ ۽ شوخ ڳالهائڻ کان روڪي سگهي، انهن جو ڳالهائڻ ملامت ۽ مغرور حجت بازيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ۽ انهن کي پنهنجو ذاتي علم يا پنهنجا صحيح دليل نه آهن، بلڪه رڳو حڪومت جي طاقت جو فائدو وٺن ٿا. جڏهن به مون انهن سان (يعني عيسائي عالمن ۽ بشپن وغيره سان) بحث مباحثو ڪيو آهي ۽ کين سندن عقل، سندن عقيدي ۽ سندن تجربي جي بنا تي آزاديءَ سان ڪنهن مسئلي تي روشني وجهڻ لاءِ چيو آهي، تڏهن انهن واقعي بغير ڪنهن دوکي جي سچ ڳالهايو آهي ۽ مون کي ائين ڏسڻ ۾ آيو ته جهڙيءَ طرح هو ظاهر ۾ عبادت گذار ۽ ديندار آهن، اهڙيءَ طرح اندر به انهن جو سچو آهي. هاڻي آئون تمام گهڻي غور ۽ فڪر بعد ۽ تفصيلي پڇا ڳاڇا ۽ تحقيقات بعد هي ڳالهيون توڏانهن (شل خدا تعاليٰ توکي بهتر رستو ڏيکاري) ايتريقدر وضاحت سان انهيءَ ڪري لکي رهيو آهيان ته جيئن ڪو به ماڻهو هي گمان نه آڻي ته جن ڳالهين کي آئون خط ۾ لکي رهيو آهيان، تن جو مون کي علم نه آهي ۽ ڀلي ته انهن ماڻهن کي، جن جي هٿن مان هي خط لنگهي، خبر پوي ته آئون عيسائيت کان ذري پرذي واقف آهيان.
هاڻي پنهنجي انهيءَ معلومات ڪري، جا مون کي تنهنجي مذهب بابت حاصل آهي ۽ انهيءَ محبت ڪري، جا مون کي هڪ عرصه دراز کان وٺي توسان آهي، آئون توکي (شل ڌڻي تعاليٰ توتي پنهنجي رحمت جو مينهن وسائي) ان مذهب جي دعوت ڏيان ٿو، جيڪو خدا تعاليٰ ئي منهنجي لاءِ پسند ڪيو آهي ۽ آئون بذات خود توکي تنهنجي جنت ۾ داخل ٿيڻ ۽ دوزخ جي عذاب کان بچڻ جو يقين ڏياريان ٿو.
اهو مذهب هي آهي ته تون فقط هڪڙي خدا جي عبادت ڪر، جو پنهنجي ذات ۾ يڪتا هردم قائم آهي، جو نه ڪنهن کي ڄڻي ٿو ۽ نه وري ڪنهن هن کي ڄڻيو آهي، جنهن کي نه ڪا زال آهي ۽ نه ڪوئي پٽ ۽ نه ڪوئي هن جو مٽ آهي. هيءَ صفت خود خدا تعاليٰ پنهنجي ذات لاءِ بيان ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته سندس مخلوق مان ڪو به کانئس وڌيڪ سڃاڻي نٿو سگهي. آئون توکي انهيءَ هڪ خدا جي عبادت طرف سڏيان ٿو، جنهن جي صفت اهڙي آهي، جو آئون هن خط ۾ سندس تعريف ان کان وڌيڪ ڪجهه به نٿو لکي سگهان، جيڪا پاڻ پنهنجي متعلق بيان ڪئي اٿس (سندس نالو ان کان گهڻو اعليٰ ۽ بلند آهي، جيڪو مشرڪ هن جي ذات سان لڳائين ٿا.) هيءُ مذهب تنهنجي پيءُ ۽ اسان جي پيءُ حضرت ابراهيم عليه السلام (شل خدا جي رحمت ان تي هجي) جو آهي، ڇاڪاڻ ته هو حنيف (Hanif) ۽ مسلمان (Muslim) هو.
انهيءَ کان پوءِ آئون توکي (شل خدا تعاليٰ توکي پنهنجي حفاظت ۾ رکي) منهنجي آقا ۽ بني آدم جي سردار، خدا جي محبوب ترين شخصيت ۽ خاتم الانبيا، حضرت محمد جن جي رسالت جي تصديق ۽ اقرار طرف سڏيان ٿو... جنهن کي خدا تعاليٰ سڄيءَ انسان ذات ڏانهن خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بڻائي موڪليو آهي، خود خدا عزوجل سندس باري ۾ هن طرح ارشاد فرمايو آهي:
”هي اهو آهي، جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو، انهيءَ لاءِ ته ان کي هر دين تي غالب ڪري، اگرچه مشرڪ ان کي پسند به نه ڪن. (سوره التوبه-آيت:33)
اهڙيءَ طرح اسان جي محبوب پيغمبر ، رحم، همدرديءَ، مٺيءَ زبان، خوش خلقيءَ ۽ نرميءَ سان، مشرق ۽ مغرب، خشڪيءَ ۽ سمنڊ، جبلن ۽ ميدانن جي سڀني ماڻهن کي دعوت ڏني. پوءِ انهن سڀني ماڻهن سندن دعوت قبول ڪئي ۽ هن ڳالهه جي شاهدي ڏني ته پاڻ خدا خلقڻهار جا رسول آهن ۽ سندن نصيحت کي هو وڏيءَ خوشيءَ سان قبول ڪندا. جڏهن انهن سڀني ماڻهن سندن ڪلام جي سچائيءَ ۽ سندن مقصد جي ايمانداريءَ کي ۽ انهيءَ صاف حجت ۽ واضح دليل کي ڏٺو، جيڪو پاڻ سان آندو هئائون يعني قرآن شريف، جو خدا جي طرفان مٿن نازل ڪيو ويو هو ۽ جنهن جهڙو ڪو به انسان يا جن بڻائي نٿو سگهي، تڏهن انهن سڀني خوشيءَ سان سندن اطاعت قبول ڪئي. قرآن شريف جي باري ۾ خدا تعاليٰ فرمائي ٿو:
(اي نبي!) تون چئو ته جيڪڏهن انسان ۽ جن هن قرآن جهڙو ٻيو ڪو آڻڻ لاءِ گڏ ٿين ته ان جهڙو نه آڻي سگهندا، جيتوڻيڪ هڪ ٻئي جي مدد ڪن. (سوره :بني اسرائيل-آيت:88).
هيءُ دليل سندن رسالت جي ثابتيءَ لاءِ ڪافي آهي. اسان جي پياري پيغمبر ماڻهن کي هيءَ دعوت ڏني ته هڪڙي ۽ محض هڪڙي خدا جي عبادت ڪريو جو ڪنهن جو به محتاج نه آهي. ماڻهو هن جي دين ۾ داخل ٿيا ۽ بغير ڪنهن زور زبردستيءَ ۽ ناراضگيءَ جي انهن سندن اطاعت قبول ڪئي. ماڻهن نهايت ادب سان کين خدا جو رسول تسليم ڪيو ۽ سندن رهنمائيءَ جي طلب ڪئي. ان کان پوءِ انهن ماڻهن سندن مبارڪ نالي جي برڪت سان اهڙن ماڻهن تي فتح حاصل ڪئي. جن سندن رسالت جو انڪار ڪيو ۽ سندن پيغام کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ ساڻس ڏاڍيءَ بي ادبيءَ سان پيش آيا. پوءِ خدا تعاليٰ رسول الله جي اطاعت ڪرڻ وارن کي شهرن ۽ ملڪن جو حاڪم بڻايو ۽ قومن جا ڪنڌ انهن جي اڳيان نمائي ڇڏيا. رڳو اهي قومون انهيءَ ذلت کان وڃي بچيون جن انهن طرف توجهه ڪيو ۽ انهن جو دين قبول ڪيو، جنهن کان پوءِ انهن جي جان، انهن جو مال ۽ انهن جي آبرو محفوظ ڪئي وئي ۽ هو جزيي جي ذلت کان بچي ويا.“
ان کان پوءِ الهاشميءَ پنهنجي خط ۾ اسلام جي مختلف احڪامن جهڙوڪ: روزانو پنج وقت نماز، رمضان جي روزي ۽ جهاد جو بيان ڪيو. هن قيامت جي ڏينهن مردن جي زنده ٿي اٿڻ ۽ آخرين فيصلي جي تشريح ڪئي آهي ۽ جنت جي راحتن ۽ دوزخ جي مصيبتن جو تفصيل لکيو. هو اڳتي لکي ٿو ته: ”هاڻي مون توکي سڀ ڪجهه سمجهايو آهي. جيڪڏهن تون اسان جي مذهب تي ايمان آڻيندين ۽ جيڪي ڪجهه توکي الله جي ڪتاب مان ٻڌايو ويو آهي، تنهن کي قبول ڪندين ته پوءِ گويا تو منهنجي هن لکڻ مان فائدو ورتو. مگر جيڪڏهن تو انڪار ڪيو ۽ پنهنجي ڪفر ۽ گمراهيءَ تي محڪم رهين ۽ حق جي مخالفت ڪيئي، ته پاڻهين حق تعاليٰ تنهنجو فيصلو ڪندو. مون پنهنجي فرض ادائي ڪئي ۽ مون کي ضرور هن عمل جو اجورو ملندو.“ ان کان پوءِ الهاشمي مختلف مذهبي رسمن ۽ مسلمانن جي خاص حقن جو ذڪر ڪري هي نتيجو ٿو ڪڍي ته: ”مون توکي هن خط ذريعي خدا تعاليٰ جو ڪلام ٻڌايو آهي جو سراسر سچ آهي. خدا تعاليٰ جا واعدا ڪڏهن به ڪوڙا نٿا ٿي سگهن ۽ سندس ڪلام ۾ دوکو نه آهي. هاڻي تون پنهنجي ڪفر ۽ گمراهيءَ کي ڦٽو ڪر، ڇاڪاڻ ته اهي خدا تعاليٰ کي پسند نه آهن ۽ اهي مصيبت ۽ عذاب جو باعث بڻبا. پيءُ، پٽ ۽ روح القدس جو ذڪر هاڻي ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ ته تون خود تسليم ٿو ڪرين ته اهي خود منجهيل لفظ آهن. صليب (Crooss) جي پوڄا ڇڏي ڏي، جنهن ۾ سراسر نقصان آهي ۽ ڪو به فائدو نه آهي. آئون چاهيان ٿو ته تون انهن سڀني فضول ڳالهين کان منهن موڙ، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ تنهنجي اعليٰ قابليت ۽شرافت جي توهين ٿي رهي آهي. خدا عز وجل پنهنجي ڪلام مجيد ۾ فرمايو آهي ته:
”بيشڪ خدا هن (گناهه) کي نٿو معاف ڪري ته هن سان ٻئي ڪنهن کي شريڪ ٺهرايو وڃي، ليڪن ان کانسواءِ ٻيو ڪو (گناهه) جنهن کي وڻي، تنهن کي معاف ڪري ڇڏي ٿو ۽ جنهن به ٻين کي خدا سان شريڪ ڪيو، تنهن پڪ سان هڪ وڏو ڪوڙ ٺاهيو.“
(سوره-النساءَ-آيت:48).
” بيشڪ اهي ڪافر ٿيا، جن چيو ته ”پڪ الله اهو ئي مسيح مريم جو پٽ آهي، ۽ مسيح چيو ته اي بني اسرائيل! خدا جي بندگي ڪريو، جو منهنجو ۽ توهان جو رب آهي، تحقيق! جنهن خدا سان ٻئي کي شريڪ ٺهرايو ته پڪ سان الله هن تي بهشت حرام ڪندو ۽ انهن جي جڳهه جهنم آهي ۽ اهڙن ظالمن جو ڪو به مددگار نه آهي. بيشڪ اهي ڪافر ٿيا، جن چيو ته پڪ الله ٽن مان ٽيون آهي حالانڪه هڪ خدا کانسواءِ ٻيو ڪو خدا نه آهي. جيڪڏهن اهي ماڻهو جيڪي چون ٿا، تنهن کان باز نه آيا ته انهن مان ڪفر وارن کي ضرور دردناڪ عذاب منلدو. پوءِ ڇا اهي پاڻ کي الله طرف رجوع نه ڪندا هن کان معافي نه وٺندا؟ الله بخشيندڙ مهربان آهي. مسيح پٽ مريم جو پيغمبر کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي، هن کان اڳ به ڪيترا پيغمبر ٿي گذريا آهن ۽ هن جي ماءُ (خدا جي) سچي (ٻانهي) هئي. ٻئي کاڌو کائيندا هئا....
(سوره:المائده-آيت:72-75).
”هاڻي آءٌ توکي نصيحت ٿو ڪريان ته هن گمراهيءَ جي رستي کي، پنهنجي قديم غلط مذهبي عقيدن کي ۽ انهن تڪليف ڏيندڙ ۽ ٿڪائيندڙ روزن کي ڦٽو ڪر، جي تنهنجي لاءِ مستقل مصيبت جو باعث آهن ۽ اهي توکي جسماني ٿڪاوٽ ۽ روحاني اذيت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به فائدو نٿا پهچائين. اسان جو مذهب قبول ڪر ۽ اهو سڌو، آسان ۽ صحيح رستو اختيار ڪر، جيڪو خود خدا تعاليٰ پنهنجن پيارن ٻانهن لاءِ پسند ڪيو آهي ۽ جنهن طرف هن سڀني مذهبن جي ماڻهن کي سڏيو آهي. خدا تعاليٰ ماڻهن کي هن سنئين رستي تي هلائي انهن تي پنهنجو بيحد احسان ڪيو آهي.
”اهڙيءَ طرح آئون توکي نصيحت ڪري پنهنجي دوستي ۽ سچي پيار جو حق ادا ڪري رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته آئون چاهيان ٿو ته توکي پنهنجي طرف آڻيان ته جيئن ٻئي هڪ راءِ عقيدي جا هجون. منهنجي محبوب خدا پنهنجي ڪامل ۽ نرمل ڪلام ۾ هن طرح فرمايو آهي:
”بيشڪ ڪتاب وارن مان ۽ مشرڪن مان جن به ڪفر ڪيو، سي دوزخ جي باهه ۾ پوندا ۽ ان ۾ هيمشه رهندا، ساريءَ مخلوق ۾ اهي ئي بدتر آهن. تحقيق! جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، سي سڄيءَ مخلوق ۾ بهتر آهن. انهن جو اجورو سندن رب وٽ جنت جا هميشه رهڻ وارا باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون ۽ انهن ۾ هو هميشه رهندا. خدا انهن کان راضي ٿيو ۽ هو خدا کان راضي ٿيا. هي سڀ انهيءَ شخص لاءِ آهي، جيڪو پنهنجي پروردگار کان ڊڄي ٿو.“ (سوره98-آيت:6-8).
”توهان سڀني کان بهتر امت آهيو، جو توهان انسانن واسطي موڪلياويا آهيو. توهان انسانن کي چڱن ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڪريو ٿا ۽ بڇڙن ڪمن کان منع ڪريو ٿا ۽ خدا تي ايمان آڻيو ٿا، ۽ جيڪڏهن اهلِ ڪتاب (يعني يهودي ۽ نصاريٰ) ايمان آڻين ها ته انهن لاءِ بهتر هو. انهن مان ڪن ايمان آندو آهي، ليڪن انهن مان گهڻا (اڃا تائين) نافرمان آهن.“ (سوره آل عمران:آيت: 110)
”هاڻي مون کي توتي ترس ٿو اچي ته تون خدانخواسته جهنم وارن مان هجين، جي سڄيءَ مخلوق ۾ بدترين انسان آهن. مون کي اميد آهي ته تون خدا تعاليٰ جي فضل سان سچن مئومنن جي گروهه ۾ شامل ٿيندين، جن مان خدا خوش هوندو ۽ اهي وري خدا مان خوش هوندا ۽ اهي سڄيءَ مخلوق ۾ بهترين شخص هوندا. مون کي قوي اميد آهي ته تون اهڙي مذهب ۾ ضرور شامل ٿيندين جو انهن سڀني مذهبن کان زياده افضل آهي، جيڪي ڌڻي تعاليٰ انسانن لاءِ تجويز فرمايا، مگر جيڪڏهن تون پنهنجي ضد، عناد، جهالت، ڪفر ۽ گمراهيءَ تي محڪم آهين، منهنجي هن درخواست کي رد ڪري ٿو ڇڏين ۽ هن نيڪ صلاح کي نٿو قبول ڪرين، جا مون توکي بغير ڪنهن اجوري يا شڪريه طلب ڪرڻ جي ڏني آهي، ته پوءِ جيڪي تون پنهنجي مذهب بابت ٻڌائڻ ٿو گهرين، سو لکي موڪل. تون پنهنجي مذهب جي سچائيءَ جي سڀني مضبوط دليلن کي، بغير ڪنهن خوف خطري جي ۽ انهن کي گهٽائڻ يا پنهنجي عقيدن کي لڪائڻ کان سواءِ، کولي لک، ڇاڪاڻ ته آئون بلڪل صبر سان تنهنجن دليلن کي ٻڌندس ۽ انهن ۾ جيڪي تسليم جي قابل هوندا، تن کي قبول ڪندس. آئون تنهنجي ڪنهن به صحيح ڳالهه جو انڪار نه ڪندس، بلڪه بغير ڪنهن خوف ۽ ترديد جي وڏيءَ خوشيءَ سان ان کي قبول ڪندس، انهيءَ لاءِ ته جيڪي ڪجهه مون کي اڳيئي معلوم آهي، تنهن سان تنهنجي بيان کي ڀيٽيان. توکي پوري اجازت آهي ته تون پنهنجي طرف جو احوال دل کولي بيان ڪر. ڪنهن به قسم جو عذر پيش نه ڪج ته ڪنهن خوف توکي پنهنجن دليلن مڪمل ڪرڻ کان باز رکيو ۽ انڪري توکي پنهنجي زبان تي لغام لڳائڻو پيو ۽ تون پنهنجي دليل آزاديءَ سان بيان ڪري نه سگهئين، هاڻي توکي پوري آزادي آهي ته تون پنهنجا سڀيئي دليل پيش ڪر ته جيئن تون بعد ۾ اسان تي غرور، بي انصافيءَ ۽ رياڪاريءَ جو الزام نه لڳائين، ڇاڪاڻ ته آئون انهن سڀني ڳالهين کان پري آهيان.
”هاڻي موڪل جيڪي دليل موڪلڻ چاهين ٿو. توکي جيڪي ڪجهه ڳالهائڻو هجي سو دل کولي ڳالهاءِ، تون بلڪل امن امان ۾ آهين ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق بيان ڪرڻ ۾ بلڪل آزاد آهين. ان کان پوءِ ڪو به اهڙو امين مقرر ڪر جو اسان ٻنهين جي وچ ۾ بي ريائيءَ سان فيصلو ڪري، سڄو معاملو حق جي سپرد ڪري ۽ پاڻ کي پنهنجي نفس جي راءِ کان آزاد رکي، اهو امين عقل ٿيندو، جنهن جي ڪري ئي خدا تعاليٰ اسان کي پنهنجن عملن جي جزا ۽ سزا جو ذميوار بڻائي ٿو. آئون توسان هن خط لکڻ ۾ بلڪل انصاف سان پيش آيو آهيان ۽ توکي مڪمل آزادي ڏني اٿم. هاڻي عقل جيڪو به فيصلو ڪندو، تنهن جي قبول ڪرڻ لاءِ مان بلڪل تيار آهيان، پوءِ کڻي اهو منهنجي فائدي ۾ هجي يا نقصان ۾، ڇاڪاڻ ته خود خدا تعاليٰ پنهنجي ڪلام مجيد ۾ فرمايو آهي ته: ”لا اڪراه في الدين (يعني دين ۾ ڪا به زبردستي نه آهي.) (سوره البقره: آيت:257) مون به توکي اها ئي دعوت ڏني آهي ته تون پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسان جو مذهب قبول ڪر۽ اسان فقط تنهنجو توجهه تنهنجي موجوده مذهب جي نقصان طرف ڇڪايو آهي. شل! تون سلامت رهين ۽خدا تعاليٰ جي رحمت ۽ ان جو فضل توتي هجي“.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هي خط اسان کي غير مڪمل حالت ۾ پهتو آهي ۽ عيسائي نقل نويسن ان ۾ گهڻي ڀڃ گهڙ ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته عيسائي مذهب جا ٻيا به ڪيترا اهڙا اهم مسئلا آهن، جن جو ذڪر الهاشميءَ جي خط ۾ هئڻ گهرجي. خصوصن مقدس تثليث (Blessedtrinity) جو مسئلو عيسائين نزديڪ نهايت اهم ۽ مشهور آهي، ليڪن هاشميءَ جي خط ۾ ان جي ترديد جو ڪجهه به بيان نه آهي، حالانڪه الڪنديءَ جي جواب ۾ هاشميءَ جي تثليث تي ڪيل حملن جو جواب موجود آهي. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته هاشمي جي خط مان عيسائي ناظرين کي ناراض ڪرڻ وارا ٽڪرا پڪ سان حذف ڪيا ويا آهن.