مذهب

اسلام جي اشاعت جي تاريخ

هي ڪتاب دنيا جي وڏي عالم ۽ فاضل پروفيسر ٿامس آرنولڊ جي جڳ مشهور ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام“ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ اسلام جي دعوت ۽ تبليغ جي مفصل ۽ جامع تاريخ پيش ڪئي آهي. هن تمام گهڻي کوجنا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ مواد گڏ ڪيو آهي ۽ نهايت ديانتداريءَ ۽ فراخ دليءَ سان ان کي پيش ڪيو آهي. هن تعصب کان پري رهي، سچائي ۽ سهڻي سليقي سان حقائق بيان ڪيا آهن. انهيءَ ڪري ڪتاب ۾ اسلام جي سچائي ۽ مسلمانن جي فراخ دلي، انسان دوستي ۽ رواداريءَ جا ڪيترائي مثال موثر انداز ۾ ملندا.
Title Cover of book اسلام جي اشاعت جي تاريخ

تعلقيات Annotations

ايندڙ صفحن ۾، انهن مکيه مکيه تاريخي ۽ مذهبي لفظن ۽ اصطلاحن وغيره جون سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن، جيڪي اصل ڪتاب ۾ استعمال ٿيل آهن. اهڙا لفظ، اصطلاح ۽ حوالا گهڻا ئي آهن. خصوصن عيسائي مذهب متعلق ۽ انهن مان ڪيترن جو ”انگريزيءَ“ ۾ مواد پڻ ڪٺو ڪيو ويو، مگر ڪتاب جي پيش ڪرڻ جو ميعاد ختم ٿيڻ ڪري، صرف چند لفظن ۽ اصطلاحن جي سمجهاڻين تي اڪتفا ڪجي ٿي. هن سلسلي ۾ مان سنڌ يونيورسٽيءَ جي فاضل پروفيسر جناب قاضي نبي بخش صاحب جن جو نهايت شڪر گذار آهيان جن منهنجي دل کولي مدد ڪئي آهي. (مترجم)
زردشتي مذهب (Zoroastarianism)
زردشت نالي هڪ شخص جي شروع ڪيل مذهب کي ”زردشتي مذهب“چون ٿا. اسلام کان اڳ هي مذهب ايرانين جو هڪ قومي مذهب هو. هن مذهب ۾ باهه جي پوڄا ڪئي وڃي ٿي. زردشت ظاهر ڪيو ته دنيا ۾ صرف ٻه قوتون آهن، جيڪي پنهنجي اندر هڪ خالق (يعني خدا) جهڙي طاقت رکن ٿيون ۽ اهي ئي قوتون هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ ڪم ڪنديون رهن ٿيون ۽ هڪ ٻئي تي غلبو حاصل ڪرڻ جي در پئي آهن. انهن قوتن مان هڪڙي آهي نيڪيءَ جو خدا جنهن کي زردشتي ”يزدان“ (Ormazd) ۽ ٻي بديءَ جو خدا جنهن کي ”اهرمن“ (Aheriman) سڏين ٿا. آخر ۾ نيڪيءَ جي فتح ٿيندي ۽ جن ماڻهن نيڪيءَ جو پاسو ورتو هوندو، تن کي نجات ملندي.
هن مذهب جا مکيه 3 اصول آهن: (1) کيتي ڪرڻ ۽ چوپايو مال ڌارڻ شريفانه ڌنڌا آهن، (2) سڄو جهان خير ۽ شر يعني نيڪيءَ ۽ بديءَ جي وچ ۾ آهي، (3) هوا، باهه، پاڻي ۽ مٽي، اهي سڀيئي عناصر پاڪ آهن ۽ انهن کي ناپاڪ ڪرڻ نه گهرجي. (Sykes, sir percyL A history of Persia, P.108)
پرشن قوم Prussians
پرشيا جرمنيءَ جو هڪڙو پرڳڻو آهي، جو بالٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي اٽڪل 220 ميلن تائين پکڙيل آهي. هن پرڳڻي جي ماڻهن کي پرشن قوم جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هي ماڻهو شروع ۾ بت پرست هئا، پر پوءِ انهن ۾ عيسائي مذهب کي ڦهلايو ويو.(Encyclopaedia Brit: Vol:18.P-658)
رسول يا حواري Apostle
عام طرح (Apostle) لفظ جي معنيٰ آهي خدا جو پيغمبر يا رسول، مگر عيسائي مذهب ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي انهن ٻارهن حوارين کي (Apostle) سڏيو وڃي ٿو، جن کي حضرت عيسيٰ عليه السلام انجيل جي تعليم کي پکيڙڻ لاءِ منتخب ڪيو هو. انجيل ۾ انهن حوارين جو ذڪر اچي ٿو، پر انهن جي نالن جو پورو پتو نه ٿو پوي. (Ency:Brit. Vol.1-p.118)
توريت Taurit
(1) مسلمانن جي اعتقاد موجب توريت انهيءَ خدائي ڪتاب کي سڏيو وڃي ٿو، جو حضرت موسيٰ عليه السلام تي نازل ٿيو.
(2) يهودين جي اعتقاد موجب ”توريت“ ڪجهه ڪتابن جو مجموعو آهي، جيڪي مختلف پيغمبرن ۽ يهودي عالمن جا لکيل آهن.
(3) عيسائين جي اعتقاد موجب پڻ ”توريت“ ڪجهه ڪتابن جو مجموعو آهي، جهن ۾ انهن ڪتابن کان علاوه، جن کي يهودي تسليم ڪن ٿا، ٻيا به ڪجهه شامل آهن.
عيسائي انجيل جي پراڻي عهدنامي (Old Testament) کي ”توريت“ سڏين ٿا.
(جامع اللغات (اردو) جلد ٻيو-ص:209)
عاد Ad
قديم زماني جي هڪ عرب قوم جو نالو آهي، جنهن جو ذڪر قرآن شريف ۾ پڻ آيل آهي (سورت 7-آيت: 69 ۽ سورت 41-آيت:15) هيءَ قوم حضر موت جي علائقي ۾ سمنڊ جي ڪناري تي واريءَ جي دڙن ۾ رهندي هئي. هيءَ هڪ زبردست طاقتور قوم هئي ۽ ماڻهو ڏاڍا سکيا ستابا هئا. حضرت نوح  کان پوءِ يڪدم هن قوم جو ذڪر اچي ٿو. حضرت هود  کي هن قوم ڏانهن پيغمبر ڪري موڪليو ويو، جنهن سان هي ماڻهو ڏاڍي سختيءَ سان پيش آيا. انهيءَ ڪري انهن مٿان سخت طوفان جي صورت ۾ الله تعاليٰ عذاب نازل ڪيو. (Shorter Ency: of Islam p.13)
اوس ۽ خزرج قبيلا Aus and Khazraj Tribes
هي ٻئي قبيلا اصل ۾ ڏکڻ عربستان ۾ آباد هئا ۽ بتن جي پوڄا ڪندا هئا. بند ڀڄي پوڻ کان پوءِ پنهنجو ملڪ ڇڏي آخرڪار مديني منور ۾ اچي آباد ٿيا. ٻنهي قبيلن جي سالن کان وٺي پاڻ ۾ خونريز لڙائي هلندڙ هئي. پر حضرت محمد  جن انهن ٻنهن قبيلن جي ماڻهن کي اسلام جي دولت سان نوازي انهن ۾ اتفاق پيدا ڪيو. (Shorter Ency: of Islam-p.44)
اثباتي فلسفي (Positivism)
فلسفي جي انهيءَ نظام کي ” Positivism “ سڏجي ٿو، جنهن جو بنياد صرف مشاهدات ۽ تجربي تي هجي، عام طرح ”آگسٽس ڪامٽ“ (Augustus Comte) جي فلسفي کي هن نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ فلسفي مطابق رڳو اهڙين شين جو وجود تسليم ڪيو وڃي ٿو، جيڪي طبعي سائنس (Physical Science) وانگر مشاهدي ۽ ثبوت جي قابل آهن. (Ency: Brit: Vol: 18-p.302)
قبطي Copts
مصر جي اصلي عيسائين ۽ انهن جي اولاد کي جيڪي ”مونوفزائت“ فرقي جا پوئلڳ هئا، قبطي ڪري سڏبا هئا. هاڻي انهن عيسائين کي ”قبطي“ سڏيو وڃي ٿو، جيڪي قديم مصرين جو خالص اولاد آهن. (Ency: Brit: Vol: vi) حقيقت ۾ قبطي، حضرت نوح عليہ السلام جي پوٽي قبط جو اولاد آهن ۽ مصر ۾ فرعون جا ساٿي قبط جو اولاد هئا، انهيءَ ڪري انهن کي قبطي سڏيو وڃي ٿو. (لغاتِ ڪشوري (اردو)، ص: 406)
فريميسنري Free-masonary
اهڙي خفيه انجمن يا اداري کي ”فريميسنري“ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي ميمبرن جو مقصد پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ ۽ پنهنجي اندر عام اخوت جو جذبو پيدا ڪرڻ هجي. (انجمن ترقي اردو ”انگريزي-اردو ڊڪشنري“)
اسلام جي فريمسنري Free Masonary of Islam
اسلام ۾ هن تحريڪ جو بنياد عبدالله بن ميمون عيسوي 11-12 صديءَ ڌاري وڌو ۽ تحريڪ جو متو الفت مقرر ڪيو ويو. هو هڪ ٻئي کي ايتريقدر ته مدد ڪندا هئا جو پنهنجون زالون به وچ جي ملڪيت سمجهڻ لڳا. هي تحريڪ اسماعيليه فرقي جي شاخ هئي.
حضرت دانيال عليه السلام Daniel
حضرت دانيال هڪ پيغمبر جو نالو آهي، جنهن جو ذڪر يهودين جي قصن ۾ گهڻو اچي ٿو. بني اسرائيلن جي ٻن مکيه نبين حضرت نوح عليه السلام ۽ حضرت ايوب عليه السلام سان گڏ حضرت دانيال عليه السلام به مکيه نبي ڪري ليکجي ٿو.
(Ency: of Brit: Vol: vii)
قرآن شريف ۾ ڪٿي به حضرت دانيال جو خاص نالو نه ٿو اچي مگر اهو ثابت ٿيو آهي ته قرآن شريف جي سورت 85-آيت 3 ۾ ”اصحاب الاخدود“ جي قصي ۾ آيل بادشاهه جو قصو حضرت دانيال عليه السلام ۽ سندس ساٿين سان لاڳاپو رکي ٿو. (John Walker: Bible Characters in quran)
رئشنلسٽڪ تحريڪ Rationalistic Movment
انهن اصولن جي تحريڪ کي ”رئشنلسٽڪ تحريڪ“ سڏيو وڃي ٿو، جن مطابق هر ڪنهن ڳالهه کي پرکڻ لاءِ عقل جي ڪسوٽيءَ تي لڳايو وڃي ٿو. هن تحريڪ مطابق مذهب جو بنياد پڻ عقل تي هئڻ گهرجي ۽ مذهبي عقيدن ۽ اصولن کي به اهڙيءَ طرح عقلي دليلن جي روشنيءَ ۾ سمجهيو وڃي، جهڙيءَ طرح سائنس ۽ تاريخ جي حقيقتن کي عقل جي ذريعي معلوم ڪيو وڃي ٿو.(Ency: Brit: Vol: 18-p -191)
معتزله فرقو Muxtazlite Sect
مسلمانن ۾ هڪ فرقو پيدا ٿيو جنهن کي ”معتزله“ سڏجي ٿو. هن فرقي جو باني واصل بن عطا هو. هن هڪ تحريڪ شروع ڪئي جنهن کي ”اعتزال جي تحريڪ“ سڏجي ٿو. واصل شروع ۾ امام جعفر صادق رحه جو شاگرد هو. بعد ۾ هن امام حسن بصري رحه جي صحبت اختيار ڪئي. ليڪن ڪنهن اختلافي مسئلي ڪري امام حسن بصري رحه جي حلقي کان الڳ ٿي ويو، انهي ڪري واصل ۽ سندس پوئلڳن کي ”معتزلين“ (يعني صحيح رستي تان هٽندڙ) سڏيو ويو.
هن فرقي جا هي مکيه عقيدا هئا: (1) انسان نيڪيءَ ۽ بديءَ جي اختيار ڪرڻ ۾ آزاد آهي (2) خدا جون صفتون سندس ذات کان جدا نه آهن (3) انسان جي اک خدا کي ڏسي نه ٿي سگهي (4) قرآن مجيد مخلوق (پيدا ڪيل) آهي، (5) انساني اعمال سان لڳايل قاعدا قانون ماحول جي تبديليءَ سان گڏوگڏ ڦرندا رهن ٿا. عباسي خاندان جي دور حڪومت ۾ هن تحريڪ ڏاڍو زور ورتو. خليفي مامون الرشيد هن تحريڪ کي گهڻو زور وٺايو. اهلِ سنت و الجماعت هن تحريڪ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ هن سلسلي ۾ امام احمد بن حنبل رحه کي سخت تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون (Shorter Ency of Islam).
صليبي جنگيون Crusades
صليبي جنگيون انهن لڙاين جي سلسلي کي سڏيو وڃي ٿو، جيڪي اولهه يورپ جي عيسائين پنهنجي مقدس ملڪ يروشلم کي وري حاصل ڪرڻ لاءِ سن 1096ع کان سن 1291ع تائين مسلمانن خلاف لڙيون. انهن لڙاين تي ”صليبي“ نالو انهيءَ ڪري رکيو ويو آهي، جو عيسائي سپاهين پنهنجي بدن تي ”صليبي ٻِلا“ لڳايا هئا. جن عيسائين انهن لڙاين ۾ حصو ورتو، تن کي ”صليبي“ سڏيو وڃي ٿو. (Ency: Brit: Vol: vi p.770)
رنائسنس (نئين جاڳرتا) Renaissance
”رنائسنس“ کي اردو لغت ۾ ”نشات ثانيہ“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”نئين جاڳرتا“ سڏيو وڃي ٿو. مورخن يورپ جي تاريخ کي ٽن دورن ۾ تقسيم ڪيو آهي: 1-قرون اوليٰ يعني قديم دور عيسوي پنجين صديءَ تائين، 2- قرون وسطيٰ عيسوي 5 صديءَ کان 15 صديءَ تائين، 3- عهد جديد يعني رنائسنس وارو زمانو، جو اٽڪل عيسوي 15 صديءَ کان شروع ٿئي ٿو. هن دور ۾ سڄي يورپ اندر ذهني بيداري آئي ۽ مختلف قسمن جي علوم، فلسفي، مذهب جي نون خيالن، سائنس ۽ هنرن ترقي ڪئي. (Ency: Brit: Vol: p-19)
بت پرست يا غير عيسائي Heathen
شروع ۾ غير عيسائين يا غير يهودين کي ” Heathen “ سڏيو ويندو هو. پر هاڻي اڪثر انهن ماڻهن يا قومن سان لڳايو وڃي ٿو، جيڪي هڪ کان وڌيڪ خدائن يا ديوتائن جي پوڄا ڪن ٿا. (Ency: Brit: Vol: xi)
چئمبرس جي ”ويهين صدي ڊڪشنري“ ۾ اهڙن ماڻهن سان پڻ Heathen لفظ لڳايو ويو آهي، جيڪي مذهب جا قائل نه آهن يا مذهب جي بلڪل پرواهه نٿا ڪن. (The 20th Cent: Dictionary)
مزرب يا مستعربين Muzarbes Musttaribin
عرب مورخن عربستان جي ماڻهن کي ٽن گروهن ۾ تقسيم ڪيو آهي:
(1) عرب عريبيا = اصلي نج عرب (2) متعربيه = اهي عرب جيڪي خالص عربي خود جي پيدائش نه آهن، بلڪ قحطان (Kahtan) جي نسل مان آهن ۽ ڏکڻ عربستان ۾ آباد آهن. (3) مستعربيه يا مستعربين = اهي عرب قبيلا، جيڪي اصلي عرب نه آهن، بلڪ اهي پهرئين گروهه يعني نج عربن سان گڏ آباد ٿي ويٺا ۽ انهن جي ٻولي، ريتون، رسمون وغيره اختيار ڪيائون.
اسپين فتح ڪرڻ بعد ”مستعربيه“ جو لفظ انهن عيسائين سان لڳايو ويو، جن اسلام قبول ڪيو. هي لفظ آهستي آهستي ٿي ”مزرب“ جي لفظ ۾ بدلجي ويو. (Shorter Ency: of Islam p.418)
مولدين Muwallads
اسپين جي اسلامي حڪومت اندر ٽن قسمن جا مسلمان آباد هئا:
(1) نج عرب، (2) آفريڪا جا بربر ۽ (3) اسپين جا باشندا، جن اسلام قبول ڪيو هو. عربن پوين ٻن گروهن جي مسلمانن مان ۽ اسپين جي عيسائين مان پنهنجيون شاديون ڪيون. اهڙين شادين مان جيڪو اولاد پيدا ٿيو، تنهن کي مولدين (Muwallads) جي نالي سان سڏيو ويو.
(A Short: Histroy of Saracens by Amir Ali p:482)
ڊڪٽ Ducat
ترڪيءَ جو قديم سونو سڪو، جنهن جي قيمت اٽڪل 9 شلنگ ۽ 4 پينس هئي.
پياستر (قرش) Piastre
ترڪيءَ جو هڪ چانديءَ جو سڪو، جنهن جو ملهه ٻن پينسن کان وٺي ڇهن پينسن تائين بدلبو رهي ٿو. هن سڪي کي قرش يا غرش پڻ سڏبو آهي.
جان نثار فوج Janissery
ترڪي زبان ۾ هن فوج کي ”يني چري“ سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي ”نئون لشڪر.“ شروع شروع ۾ ترڪن وٽ ڪا به مستقل فوج نه هئي. سلطان ارخان جي ڏينهن ۾ هڪ باقاعدي تنخواهه سان فوج قائم ڪئي ويئي. مگر اها ڪارائتي ثابت نه ٿي، ڇاڪاڻ ته اها فوج ترڪن مان ڀرتي ڪئي وئي هئي. جيڪي پيدل وڙهي نه سگهندا هئا ۽ نه وري فوجي ضابطو قائم رکي سگهندا هئا. انهيءَ ڪري سنه 1330ع ۾ هڪ نئون فوجي سلسلو شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ هر سال ڪجهه عيسائي نئو عمر ڇوڪرن کي سندن مائٽن وٽان حاصل ڪيو ويندو هو ۽ پوءِ ٿورو وقت انهن کي فوجي سکيا ڏيئي، هڪ الڳ فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويندو هو. جنهن کي ”يني چري“ (يعني نئين فوج) ڪري سڏيندا هئا. (Ency: Brit: Vol: xii-890)
ڪرائون Crown
هڪ انگريزي سڪي جو نالو آهي، جنهن جي قيمت اٽڪل 5 شلنگ آهي، شروع شروع ۾ هي سڪو سون مان ٺاهيو ويندو هو ۽ پهريائين پهريائين سنه 1526ع ۾ ٺاهيو ويو. هن سڪي تي ”ڪرائون“، جو نانءُ انهيءَ ڪري پيو جو ان تي ”تاج“ جو نشان اڪريل هو. (Ency: Birt: Vol: vi)
مسئله تقدير Doctrine of predestination
هيءُ هڪ دينيات جو اصطلاح آهي، جنهن کي ٽن معنائن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو:
(1) جيڪي عالم اندر ٿيڻ وارو آهي، تنهن جي متعلق خدا تعاليٰ جو ازل کان وٺي اڻ ٽر فيصلو.
(2) خدا تعاليٰ جو انسان جي ابدي سک يا ڏک کي اڳيئي مقرر ڪري ڇڏڻ.
(3) خدا تعاليٰ جو حياتيءَ ۽ موت لاءِ وقت اڳ ۾ ئي متعين ڪرڻ. (Ency: Birt: Vol:18-432)
آسپر Asper
ترڪيءَ جي هڪ ننڍي چانديءَ جي سڪي جو نالو آهي.
فئرسي Pharisee
قديم يهودين جو هڪ فرقو هو، جيڪو رسم پرستيءَ ۽ ظاهرداريءَ ۾ مشهور هو. هنن جون سرگرميون اٽڪل ٽن صدين تائين (عيسوي سنه کان 135 سال اڳ کان وٺي 135ع تائين جاري رهيون. انجيل جي نئين عهدنامي مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ فئرسي، يهودين جي قومي زندگيءَ ۾ هڪ اهم پارٽ ادا ڪيو هو. (Ency: Birt: Vol: 17, p.689)
غناسطي فرقو Gnostics
عيسائين جو هڪ قديم فرقو آهي، جن جو اعتقاد هو ته علم سان نجات ملندي ۽ نه ايمان سان. (Feroze sons: Eng: Urdu Dicy)
صابي Sabaeans
هڪ مشرڪ قوم جو نالو آهي، جيڪي تارن جي پوڄا ڪندا هئا. هي ماڻهو اتر ميسوپوٽيما جي سڄي علائقي ۾ ڦهليل هئا. سندن مرڪزي شهر هران (Harran) هو ۽سندن زبان شامي هئي. اسلامي دور ۾ پڻ ڪافي وقت تائين موجود هئا. (A Shorter Ency: of Islam P.477)
فارقليط Comforter or, Paraclete
Comforter لفظ جي معنيٰ آهي ”غمخوار يا تسلي ڏيڻ وارو.“ انجيل جي اصطلاح ۾ هي لفظ ”روح القدس (Holy Ghost) سان لڳائيندا آهن.
(انجمن ترقي اردو جي، انگريزي-اردو ڊڪشنري ۽ چئمبرس جي ويهين صدي ڊڪشنري)
”فارقليط“ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”احمد“ يهودي ٻوليءَ ۾ هي لفظ ”پاراقليط“ سڏجي ٿو. حضرت عيسيٰ عليه السلام پنهنجي حوارين کي فرمايو ته ”خدا تعاليٰ اوهان کي ٻيو رسول پاراقليط (فار قليط) بخشيندو.“
(انجيل يوحنا-باب 14-سبق 16)
اها ڄڻ ته هڪ پيشنگوئي هئي ته آن حضرت  جن هن دنيا ۾ رسول جي حيثيت ۾ تشريف فرمائيندا، ڇاڪاڻ ته سندن اسم مبارڪ احمد () آهي. (فيروز اللغات فارسي –حصو2ص 178)
خاقان Khaqan
خاقان لفظ جي معنيٰ آهي، هڪ وڏو بادشاهه. چين ۽ ترڪستان جي بادشاهن کي ”خاقان“ ڪري سڏيندا آهن.
شاماني مذهب Shamanism
اتر ايشيا ۽ سائيبيريا جي ماڻهن جو مذهب آهي، جنهن جو بنياد سحر ۽ جادوءَ تي آهي. هن مذهب جي پوئلڳن جو اهو عقيدو آهي ته خراب روح انسان جي نفعي نقصان تي قادر آهن ۽ سندن مذهبي پيشوا اهڙن روحن جي اثر کي زائل ڪرڻ جي قوت رکن ٿا. منگولن ۽ تاتارين جو اسلام کان اڳ شاماني مذهب آهي.

مذهبي مجلس Oecumenical Council
رومن ڪئٿلڪ ڪليسا ۾، انهيءَ ڪليسائي مجلس کي Oecumenical سڏيو وڃي ٿو، جيڪا سڄي ڪليسا جي طرفان سڏائي وڃي ۽ جنهن جي صدارت پوپ يا سندس منتخب ٿيل ڪو نمائندو ڪري. (Ency: Brit: Vol:16, P.709)
سونهري لشڪر Golden Hordes
تاتارين جي انهن ماڻهن کي (Golden Hordes) جي نالي سان سڏجي ٿو، جن عيسوي 13 صديءَ جي وچڌاري مشرقي يورپ جو هڪ وڏو حصو فتح ڪري رشيا ۾ تاتاري حڪومت جو بنياد وڌو،جيڪا”سونهري لشڪر“ (Golden Hordes) جي سلطنت سان مشهور ٿي وئي. ”سونهري“ انهيءَ ڪري ٿو سڏجي، جو لشڪر جي سپاهين کي مٿن تي اهڙا ته لوهه جا ٽوپلا پيل هئا جو پري کان چمڪندا نظر ايندا هئا. هن لشڪر جو سپهه سالار چنگيز خان جو پوٽو باتو خان هو. (Ency: Brit: Vol:10, P.490)
ڪنفيوشسConfucious
ڪنفيوشس چين جو هڪ مشهور فيلسوف ٿي گذريو آهي، جيڪوعيسوي سن کان 550 يا 551 سال اڳ ڄائو هو ۽ 479 سال اڳ وفات ڪئي هئائين. جيتوڻيڪ غريب هو، تڏهن به نهايت قابل ۽ علم ۾ ماهر هو، هن هڪ اسڪول جاري ڪيو جنهن ۾ هو نوجوانن کي اعليٰ اخلاق ۽ سچيءَ سياست جي تعليم ڏيندو هو. (Ency: Brit: Vol:6, P.236)
بقراط Hippocrates
هيءَ يونان جو مشهور حڪيم (Physician) هو ۽ عيسوي سن کان اٽڪل 460 سال اڳ ڄائو هو.
فلورين Florin
چانديءَ جو هڪ انگريزي سڪو آهي، جنهن جي قيمت 2 شلنگ کن آهي. پهريائين پهريائين هي سڪو سن 1849ع ۾ ٺاهيو ويو.
قرح Korah
فرعون بادشاهه (جنهن خدائيءَ جي دعويٰ ڪئي هئي) جي وزير قارون جو انجيلي نالو ”قرح“ آهي. قارون ۽ سندس دولت جو ذڪر قرآن مجيد جي 28 سورت ۾ آيل آهي. هن کي پنهنجي دولت تي ڏاڍو گهمنڊ هو. بني اسرائيلن تي ڏاڍا ظلم ڪندو هو. حضرت موسيٰ عليه السلام کي جادوگر ڪري سڏيائين. هو سمجهندو هو ته اها دولت مون کي پنهنجي قابليت سان ملي آهي. هڪ دفعي جيئن هو پنهنجي دولت جو مظاهرو ڪري رهيو هو ته کيس سندس محلات سميت زمين ڳيهي ويئي. (Shorter Ency of Islam p.224)
هندستان ۾ وهابي بغاوت Wahabi Conspiracy in India
Wahabi: اصل ۾ وهابي تحريڪ يا وهابي جماعت جو بنياد عرب ۾ هڪ بزرگ محمد بن عبدالوهاب (سن 1703ع-1787ع) وڌو. ”وهابي“ نالو انهن تي سندن مخالف ڌر رکيو. مگر هن جماعت جا ماڻهو پاڻ کي ”موحدين“ سڏائيندا هئا. محمد بن عبدالوهاب جو مقصد هو ته اسلام ۾ بدعت جي انهن سڀني ڳالهين کي بند ڪيو وڃي، جيڪي هجري 3 صديءَ کان پوءِ اسلام ۾ رائج ٿيون آهن. هن جماعت جا مکيه اصول هئا ته:
(1) الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي به پرستش ڪفر آهي ۽ ان جي سزا موت آهي.
(2) الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن کان شفاعت طلب ڪرڻ شرڪ آهي.
(3) الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي نالي قسم کڻڻ شرڪ آهي، وغيره وغيره
هندستان ۾ وهابي تحريڪ حضرت سيد احمد شهيد بريلوي رحه (جنم 1786ع) ڪئي. هن ڪافرن خلاف جهاد جو پرچار شروع ڪيو. پاٽنا سندس تحريڪ جو مرڪز هو. هزارن جي تعداد ۾ سندس مريد بڻيا. هڪ وڏو لشڪر تيار ڪرائي پنجاب ۾ سکن جي شهرن تي حملي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. 31 ڊسمبر 1826ع جنگ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي. سيد احمد رحه پشاور فتح ڪري پاڻ کي خليفي جو خطاب ڏنائين، مگر سندس حڪومت ڪن ٿورن ڏينهن لاءِ رهي، جلد ئي سکن جي لشڪر کيس شهيد ڪري ڇڏيو.
سيد احمد شهيد رحه جي مريدن پاٽنا ۾ هن عقيدي کي ڦهلايو ته سيد احمد رحه زنده آهن ۽ ڪنهن مناسب موقعي تي ظاهر ٿيندا. انهن مريدن هندن ۽ انگريزن خلاف جهاد شروع ڪري ڏنو ۽ ڏکڻ بنگال ۾ انهن بغاوت شروع ڪئي، انهن جو سردار سيد احمد رحه جو مريد تيتو ميان هو، جنهن کي انگريزن جي لشڪر شڪست ڏني ۽ 17 نومبر سن 1831ع تي شهيد ڪري ڇڏيو. هن تحريڪ جي جهاد جو زور 71-1870ع تائين هليو ۽ اهو عرصو هي تحريڪ انگريز حڪومت لاءِ ڪافي تڪليف جو باعث بڻي. هندستان ۾ وهابي تحريڪ جو اثر اڃا تائين موجود آهي، ليڪن تحريڪ جي جهاد جو اصول هاڻي ماڻهن ۾ مقبول نه آهي. (Shorter, Ency: of Islam, p.621)
بيرم Bayram
ترڪيءَ۾ ”بيرم ڪبير“ عيدالاضحيٰ کي ۽ ”بيرم صغير“ عيدالفطر کي سڏيندا آهن.
پان اسلامڪ تحريڪ Pan Islamic Movment
سن 1880ع جي شروعات ڌاري اسلامي دنيا ۾ هي هلچل شروع ٿي ته يورپ جي عيسائي حڪومتن جي مقابلي ۾ مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ڪيو وڃي. ترڪيءَ جي حاڪم، سلطان عبدالحميد ٻئي کي سڄيءَ دنيا جي مسلمانن جو ديني پيشوا يعني امير المومنين مقرر ڪيو ويو. (Ency: Brit: Vol: 17, p.185)