تمهيد
فاضل مصنف، ڪتاب جي موضوع شروع ڪرڻ کان اڳ مقدمه ۾ تبليغ ۽ مذهب جي وصف بيان ڪرڻ کان پوءِ تبليغ جي باري ۾ قرآن شريف جون سڀيئي آيتون شانِ نزول مطابق ترتيبوار نقل ڪري، هن ڳالهه کي ظاهر ڪيو آهي ته اسلام جي اشاعت لاءِ مسلمانن کي وعظ و نصيحت، حڪمت عمليءَ ۽ پرامن طريقن سان تبليغ ڪرڻ جو خدا تعاليٰ طرفان حڪم مليل آهي ۽ زور زبردستيءَ يا ترار وغيره استعمال ڪرڻ جي منع ڪئي وئي آهي. هن اهو پڻ ثابت ڪيو آهي ته اسلام هڪ عالمگير مذهب آهي.
ڪتاب جي ٻئي باب ۾ آنحضرت ۽ سندن صحابين جي تبليغي سرگرمين جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ انهن تڪليفن، آزمائشن ۽ مصيبتن جي حالتن جي هڪ دل ڏاريندڙ تصوير چٽي ويئي آهي، جن ۾ سالن جا سال رسول الله ۽ سندن صحابي (اوائلي ساٿي) مبتلا هئا.
ڪتاب جي ٽئين باب کان وٺي ٻارهين باب تائين دنيا جي مختلف ملڪن (جن جا نالا مٿي بيان ڪيا ويا آهن) ۽ قومن جي اسلام قبول ڪرڻ جا واقعا تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن. انهن ڏهن بابن ۾ نه فقط اسلام جي اشاعت، دعوت ۽ تبليغ جي تاريخ بيان ڪئي وئي آهي، بلڪه فاضل مصنف جنهن به ملڪ ۾ اسلام ڦهلجڻ جو ذڪر ڪري ٿو ته پهريائين اتي جي حالتن تي مڪمل طرح بحث ڪري ٿو ته انهيءَ وقت ان ملڪ جي سياسي، تمدني، معاشي، اقتصادي ۽ مذهبي حالت ڪهڙي هئي ۽ اهي ڪهڙا سبب هئا، جن جي ڪري ملڪ جا باشندا نهايت تيزيءَ سان پنهنجو اباڻو مذهب ترڪ ڪري، هن نئين مذهب يعني اسلام طرف ڇڪبا ويا. انهيءَ معنيٰ ۾ هي ڪتاب گويا دنيا جي مختلف قومن ۽ مذهبن جي عروج ۽ زوال جي هڪ تاريخ آهي ۽ پڙهندڙن جي لاءِ معلومات جو هڪ بيش بها خزانو آهي.
ڪتاب جي آخري باب (13) ۾ مصنف اسلام جي مکيه ۽ بنيادي اصولن تي روشني وڌي آهي ۽ هي ثابت ڪيو آهي ته اسلام جا اصول ٻين مذهبن خصوصن عيسائيت جي مقابلي ۾ سادا، جامع ۽ عقل جي بنياد تي مبني آهن ۽ هر سوچ سمجهه رکڻ واري انسان کي پنهنجي طرف ڪشش ڪن ٿا. ازانسواءِ مصنف هن باب ۾ ٻنهين (عيسائي مذهب ۽ اسلام) جي تبليغي طريقن ۾ فرق کولي ڏيکاريو آهي. ان کان پوءِ چار ضميما ڏنا ويا آهن. پهرئين ۾ لفظ ”جهاد“ ۽ ان جي اشتقاق مان جيڪي به لفظ نڪرن ٿا، تن جي معنيٰ ڏني اٿس ۽ بعد ۾ قرآن شريف جون اهي سڀيئي آيتون، جن ۾ لفظ ”جهاد“ مختلف صورتن ۾ آيل آهي، بيان ڪري، هن عام نظريي جي، ته ”جهاد معنيٰ ڪافرن خلاف مذهبي لڙائي“، ترديد ڪئي اٿس.
ٻئي ضميمي ۾ هڪ خط ڏنل آهي، جنهن ۾ عبدالله بن اسماعيل الهاشمي پنهنجي هڪ عيسائي دوست عبدالمسيح بن اسحاق الڪنديءَ ڏانهن اسلام جي دعوت پيش ڪري رهيو آهي.هن خط ۾ عيسائي مذهب جي هر هڪ اصول ۽ رسم جي مقابلي ۾ اسلام جي اصول ۽ رسمن کي بيان ڪري، انهن جي خوبين کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ هن خط ۾ خاص ڪري، قرآن شريف جون اهڙيون آيتون نقل ڪيون ويون آهن، جن ۾ عيسائين جي تثليث ۽ ڪفاري واري عقيدي خلاف خدا تعاليٰ جو عذاب بيان ٿيل آهي.
ضميمي ٽئين ۾ صرف اهو ٻڌايو ويو آهي ته اسلام ۾ اهڙا ڪتاب لکيا ويا آهن،جن ۾ ٻين مذهبن تي تنقيدي بحث ڪيو ويو آهي. اهڙن ڪتابن لکڻ وارا ڪجهه ته اصلي مسلمان آهن ۽ ڪجهه عيسائي ۽ يهودي آهن، جن اسلام قبول ڪري، اسلام جي فائدي ۽ تائيد ۾ ڪتاب لکيا ۽ انهن ۾ پنهنجي مذهب بدلائڻ جا سبب بيان ڪيا آهن.
چوٿين ضميمي ۾ اهڙن ماڻهن جو بيان ڪيو ويو آهي، جن ڪنهن به مسلمان داعيءَ جي اثر کانسواءِ، فقط اسلام تي لکيل ڪتاب پڙهي يا ٻئي ڪنهن طريقي سان اسلام بابت معلومات حاصل ڪري، اسلام قبول ڪيو ۽ آخر ۾ اهي ئي مسلمان اسلام جا داعي بڻجي پنهنجي هم مذهب وارن کي اسلام جي تبليغ ڪن ٿا. انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ اسلام اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ اهڙن نون مسلمانن جي تبليغي جدوجهد طفيل ڦهليو. هن ضميمي جو هر هڪ واقعو نهايت اهم، دلچسپ ۽ اسلام جي صداقت سان ڀريل آهي.
ڪتاب جي بلڪل آخر ۾ فاضل مصنف هڪ نقشو ڏنو آهي،جنهن مان آسانيءَ سان خبر پوي ٿي ته ڪهڙي ملڪ ۾ ڪهڙي وقت اسلام شايع ٿيو ۽ پکڙيو.
پروفيسر آرنولڊ هڪ منصف مزاج مورخ جي حيثيت ۾ اعليٰ مثالن ۽ واضح دليلن سان انهن سڀني سببن تي روشني وڌي آهي، جن جي ڪري مختلف مذهبن ۽ قومن جي ماڻهن اسلام قبول ڪيو آهي. هو انهن مذهبن جي عالمن ۽ پيشوائن جا حوالا ڏيئي، پوءِ انهن سڀني جي تائيد يا ترديد ڪري ٿو. در حقيقت آرنولڊ جي هن ڪتاب لکڻ جو مقصد محض اهو هو ته عام ماڻهو ۽ خصوصن عيسائين جي دلين مان هي غلط خيال ڪڍيو وڃي ته اسلام ترار جي ذريعي ۽ مسلمان حاڪمن جي ظلم ۽ تشدد جي ذريعي يا ڪنهن دنيوي لالچ جي ڪري دنيا ۾ ڦهليو ۽ ماڻهن دل جي خلوص ۽ يقين سان اسلام قبول نه ڪيو هو.“ هاڻي هر هڪ سبب جي باري ۾ فاضل پروفيسر جيڪي پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن، تن جو محض اشارتاً ٿورو احوال هيٺ ڏجي ٿو:
[b]1. ترار ۽ جنگين جي ذريعي اسلام جي اشاعت:
[/b]هن باري ۾ آرنولڊ سڀ کان اول اسلام جي بانيءَ آنحضرت جن جي جنگين بابت ٻڌائي ٿو ته اهي سڀيئي لڙايون دفاع ۽ بچاءَ ۾ هيون ۽ نه اڳرائيءَ ۾. مسلمانن جون اڪثر لڙايون اهڙيون هيون، جن ۾ پهريائين دشمن کي اطلاع ڏنو ويندو هو، انهن کي صلح لاءِ آماده ڪيو ويندو هو، نهايت فائديمند شرط پيش ڪيا ويندا هئا ۽ ميدان جنگ ۾، سواءِ ڪن خاص حالتن جي، دشمن جي سپاهين سان بي رحميءَ ۽ بي درديءَ جو ورتاءُ نه ڪيو ويندو هو. هن سلسلي ۾ قرآن شريف جي حڪمن ۽ رسول الله جن جي هدايتن تي عمل ڪيو ويندو هو. فتح بعد قتل عام، ڦرلٽ، مذهبي عمارتن کي ڊاهڻ، فصلن وغيره کي تباهه ڪرڻ، شهرن کي باهيون ڏيڻ ۽ ٻين به اهڙن ظالمانه ڪارنامن کان پاسو ڪيو ويندو هو. مطلب ته مسلمان اهڙا سخت ذريعا استعمال نه ڪندا هئا، جنهن ڪري مفتوح ملڪن جا ماڻهو ڊڄي اسلام قبول ڪن. بلڪه مصنف ٻڌائي ٿو ته جنگين بعد مسلمانن جي مذهبي رواداريءَ وارو اصول يا مسلمان عالمن ۽ مبلغن (جي فاتحن سان گڏ محض اشاعت اسلام جي جذبي سان ايندا هئا) جون خاموش، پر امن تبليغي سرگرميون، اسلام جي جلد ۽ وسيع پيماني تي ڦهلجڻ جو باعث بڻيون هيون.
[b]2. مسلمان حاڪمن جو ظلم ۽ تشدد:
[/b]جتي جتي آرنولڊ خصوصن عيسائين جي مسلمانن خلاف لڳايل هن الزام تي بحث ڪري ٿو ته ”مسلمان حاڪمن ظلم ۽ تشدد ذريعي ماڻهن کان اسلام قبول ڪرايو.“ اتي هو نهايت دليريءَ ۽ بي باڪيءَ سان مسلمانن جي بي تعصبيءَ، مذهبي رواداريءَ ۽ پرامن طريقن جا عجيب و غريب تاريخي مثال کولي بيان ڪري ٿو. جڏهن مسلمانن دمشق شهر جو هڪ حصو صلح ذريعي هٿ ڪيو ۽ ٻيو حصو لڙائيءَ بعد، تڏهن سينٽ يوحنا جي ديول کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو. هڪ ۾ مسلمان عبادت ڪندا هئا ته ٻئي ۾ عيسائي. 80 سالن تائين هي سلسلو نهايت ميٺ محبت سان هلندو آيو. وچ ۾ خليفي عبدالملڪ ۽ ٻين ڪوشش ڪئي ته زبردستيءَ يا معاوضي ذريعي سڄي ديول مسلمانن کي ڏيارين، پر مسلمان عالم انهن حاڪمن کي عهدنامي جا شرط ياد ڏياريندا، انهيءَ عمل کان باز رکندا آيا. اسلامي حڪومتن اندر عيسائين کي جهونين ديولن جي مرمت ڪرائڻ ۽ نيون ديولون تعمير ڪرائڻ جي اجازت هئي ۽ ٻيا به گهڻا ئي حق انهن کي حاصل هئا ۽ هو پنهنجي قوم ۽ هم مذهب عيسائي حاڪمن جي حڪومت کان مسلمانن جي حڪومت کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا. آرنولڊ قرآن شريف جون اهي آيتون بيان ڪري ٿو، جن ۾ ماڻهن کان زبردستي اسلام قبول ڪرائڻ جي منع ڪيل آهي. هو ٻڌائي ٿو ته بيشمار عيسائي فرقن ۽ قومن جو اهڙن ملڪن ۾، جي صدين کان وٺي مسلمان حاڪمن جي هٿ هيٺ رهيا آهن، اڃا تائين نظر اچڻ هن ڳالهه جو زنده ثبوت آهي ته انهن کي مذهبي آزادي حاصل هئي. فاضل پروفيسر هن ڳالهه کي واضح ڪري ٿو ته جيڪڏهن وقت به وقت اسلامي حڪومتن اندر عيسائين مٿان سختيون ٿيون ته اهي مذهبي بنياد تي نه هيون، بلڪه انهن جو باعث خود اثر رسوخ وارا عيسائي هوندا هئا. مثلن: المنصور، المهدي، المامون، المتوڪل، المقتدر ۽ ٻين عباسي خليفن جي دور حڪومت ۾ اعليٰ عيسائي عملدارن جا مسلمانن مٿان ظلم، عيسائين جو عباسي خاندان طرفان جاسوسي ڪري، بنواميه خاندان سان واسطو رکندڙن کي گرفتار ڪرائڻ، صليبي لڙاين جي دوران انهن عيسائين جو يورپي صليبين سان مخفي طرح جاسوسي ۽ بغاوتي لکپڙهه ڪرڻ ۽ ٻيون اهڙيون ڳالهيون، پرجوش مسلمانن جي دلين ۾ عيسائين لاءِ نفرت ۽ دشمني پيدا ڪنديون هيون. آرنولڊ عيسائين مٿان مسلمان حاڪمن جي ظلم ۽ ستم جي واقعن کي گهڻي اهميت نٿو ڏئي، جهڙيءَ طرح ٻين ڪيترن مغربي مصنفن ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته اسلامي حڪومتن جي 13 صدين جي هڪ طويل دور ۾ اهڙا واقعا بلڪل ٿورا ملن ٿا ۽ گهڻين حالتن ۾ ته اهي واقعا اهڙن مسلمانن جي ڪوششن جو نتيجو آهن، جن جون دليون خدا ۽ سندس رسول جن جي خوف ۽ اسلام جي محبت کان خالي هيون، ۽ انهن جو اهو عمل اسلام جي مبارڪ هدايتن ۽ حڪمن جي سراسر خلاف هو. هو مسلمانن جي ظلم ۽ تشدد جي مقابلي ۾ عيسائين جي هڪڙي فرقي وارن جا ٻئي فرقي وارن تي جيڪي ناقابل برداشت ظلم ٿيندا رهيا، تن جا ڪافي واقعا بيان ڪري ٿو. آخر ۾ هو ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن سچ پچ مسلمان حاڪم عيسائين کي زبردستي مسلمان بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ها ته جيڪر اڄ اسلامي حڪومتن اندر عيسائيت جو نالو نشان به نه هجي ها ۽ مسلمان ڪيترين صدين جي حڪومت بعد اسپين مان تڙجي نه نڪرن ها. ساڳيءَ طرح هندستان ۾ هندو مذهب جو خاتمو ٿي وڃي ها.
[b]3. دنيوي اغراض:
[/b]جهڙوڪ جزيي کان بچڻ، اسلامي حڪومتن ۾ اعليٰ عهدن جو حاصل ڪرڻ، پنهنجون جائدادون محفوظ رکڻ، اسلام جي اعليٰ تهذيب ۽ تمدن مان فائدو وٺڻ ۽ ٻين اهڙين فائديمند ڳالهين ڪري اسلام قبول ڪرڻ.
عيسائين جي هن الزام کي به ”ٿامس آرنولڊ“ گهڻين حالتن ۾ غلط ثابت ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته جزيو مذهبي بنا تي نه ورتو ويندو هو، بلڪه غير مسلمانن جي مال ۽ جان جي حفاظت لاءِ فوجي نوڪريءَ جي بدلي ۾ وصول ڪيو ويندو هو. هن اهڙا مثال ڏنا آهن ته جن به عيسائين جنگين ۾ مسلمانن جي مدد ڪئي، تن تان جزيو معاف هوندو هو ۽ انهيءَ جي برعڪس وري جن مسلمانن جنگين ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪيو، تن کان عيسائين وانگر جزيو وصول ڪيو ويندو هو. ان کانسواءِ هو ٻڌائي ٿو ته جزيي جي قليل رقم، جا پڻ پادرين، راهبن، غريبن، انڌن، منڊن ۽ محتاجن وغيره تان معاف هئي، مذهب بدلائڻ جو باعث بڻجي نٿي سگهي.
عهدن وغيره جي باري ۾ فاضل مصنف ٻڌائي ٿو ته اسلامي حڪومتن اندر گهڻائي عيسائي وڏن وڏن عهدن تي فائز هئا ۽ اعليٰ مرتبي، عزت، دولت ۽ جائدادن جا مالڪ هئا، ليڪن هو توڙ تائين پنهنجي مذهب تي قائم رهيا. خود شهنشاهه اورنگزيب، جنهن تي اڪثر الزام لڳايو ويو آهي ته هن زبردستي هندن کي مسلمان ڪيو، پنهنجي حڪومت ۾ لائق غير مسلمانن کي وڏا وڏا عهدا ڏنا، حالانڪه هڪ دفعي ڪن جوشيلن مسلمانن هن کي قرآن شريف جي هڪڙي آيت(ڪافرن کي پنهنجو دوست ڪري نه سمجهو) ٻڌائي، ترغيب ڏني ته غير مسلمانن کي حڪومت جي عهدن کان خارج ڪري،مگر شهنشاهه اورنگزيب جواب ڏنو ته حڪومت جي عهدن سان مذهب جو ڪو واسطو نه آهي ۽ اهي فقط قابليت ۽ لياقت تي ملڻ گهرجن.
اسلام جي اعليٰ تهذيب ۽ تمدن گهڻن ئي اهڙن قومن، غلامن ۽ نيچ طبقي جي ماڻهن کي، جن کي سندن مذهب سوسائٽيءَ جي سڀني حقن ۽ درجن کان محروم رکيو هو، پنهنجي طرف ڪشش ڪئي. جهڙوڪ: مصر جا قبطي عيسائي، آفريڪا جون بربر ۽ نيگرو قومون، هندستان جا شودر ۽ اڇوت وغيره. انهن ماڻهن اسلام کي پنهنجي لاءِ نجات جو باعث سمجهيو، ڇاڪاڻ ته اسلام انهن کي ذلت ۽ خواريءَ جي حالت مان ڪڍي، کين سوسائٽيءَ ۾ برابريءَ جو درجو عطا ڪيو ٿي ۽ اعليٰ نفعن جو حقدار بڻايو ٿي.
مٿئين سلسلي ۾ ”پروفيسر آرنولڊ“ البته ڪي اهڙا واقعا بيان ڪيا آهن، جن مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته نيچ طبقي جي ماڻهن اڪثر دنيوي نفعي خاطر اسلام قبول ڪيو ۽ نه دل جي خلوص ۽ يقين سان. سڄي ڪتاب ۾ مون کي هيءَ ئي ڳالهه اهڙي نظر اچي ٿي، جا ممڪن آهي ته ڪن جوشيلن مسلمانن جي دلين ۾ رنجش پيدا ڪري، پر اسان کي هي وسارڻ نه گهرجي ته ”ڊاڪٽر آرنولڊ“ هڪ مورخ آهي ۽ هڪ حق گو مورخ آهي، کيس جيڪي به مستند واقعا مليا آهن، سي هن تفصيل سان بيان ڪيا آهن. ان کانسواءِ هن اسلام جي صداقت ۽ ماڻهن جي سچيءَ دل سان اسلام قبول ڪرڻ جي باري ۾ ايتريقدر ته گهڻو احوال لکيو آهي، جو بظاهر هڪ مسلمان مصنف جي به وس کان ٻاهر آهي. انهيءَ ڪري اسان کي ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙيون ناگوار ڳالهيون پڙهي، مصنف تي خفا ٿيڻ نه گهرجي ۽ نه وري منجهس ڪا بدگماني آڻجي، بلڪه اسان کي قابل مصنف جي محنتن جو قدر ڪرڻ گهرجي.
[b]4. تبليغي سرگرميون:
[/b] سڀ کان اهم سبب، جنهن تي ڪتاب جي مصنف تمام گهڻو زور ڏنو آهي، بلڪه جنهن جي وضاحت لاءِ هي سڄو ڪتاب لکيو ويو آهي، سو آهي اسلام جي اشاعت ۾ مسلمان مبلغن ۽ عالمن جون تبليغي سرگرميون. ”ٿامس آرنولڊ“ اسان کي بيشمار مثالن سان ٻڌائي ٿو ته هر ملڪ ۾ مسلمان مبلغن ۽ داعين جا اهڙا گهڻائي گروهه موجود هئا، جن پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ پرامن تبليغي جدوجهد ذريعي اسلام کي جيڪا ترقي ڏني، سا نه جنگين ذريعي حاصل ٿي ۽ نه وري اسلامي حڪومتن جي رعب ۽ دٻدٻي کان يا ظلم ۽ تشدد کان يا ٻئي ڪنهن سبب کان ٿي. هو اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته شروع ۾ جن به ماڻهن دل جي خلوص ۽ يقين سان اسلام قبول نه ڪيو هو، سي به آخر ۾ مسلمان مبلغن ۽ عالمن جي صحبت ۾ اچي، اسلامي تعليم حاصل ڪري، آهستي آهستي پڪا ۽ سچا مسلمان بڻجي ويندا هئا.
در حقيقت ”ڊاڪٽر آرنولڊ“ جي هن ڪتاب لکڻ جو مقصد ئي اهو هو ته هو مسلمانن جي تبليغي سرگرمين کان اسلام جي جيڪا عالم اندر اشاعت ٿي، تنهن کي اهڙي ته واضح نموني ۾ دنيا اڳيان پيش ڪري، جو ماڻهن جي دلين مان اها غلط فهمي دور ٿي وڃي ته ”اسلام حڪومتن جي اثر، ظلم ۽ ستم يا دنيوي نفعي ڪري ڦهليو.“ افسوس آهي جو اها غلط فهمي، غير ته غير، پر ڪن مسلمانن جي دلين ۾ به ڪيتري قدر گهر ڪري ويئي آهي!
هتي مان ڪتاب جو تبصرو ختم ڪري، فاضل مصنف جي زندگي ۽ سندس قيمتي تصنيفن کان ناظرين کي ڪجهه قدر آگاهه ڪريان ٿو.
[b]ڪتاب جي مصنف (ٽي ڊبليو آرنولڊ) جي سوانح عمري ۽ سندس تصنيفون
[/b]هن ڪتاب جو مصنف ”ٿامس واڪر آرنولڊ“(Thomas Walker Arnold) ، 19-اپريل سنه 1864ع ۾ انگلينڊ جي شهر ”ڊيون پورٽ“(Devon Port) ۾ ڄائو. سندس پيءُ ”فريڊرڪ آرنولڊ“ (Frederick Arnold) ، اتي تجارت ڪندو هو. ”ٿامس آرنولڊ“ جي تعليم جي شروعات ”پلاءِ مائوٿ هاءِ اسڪول“ (Ply Mouth High School) ۾ ٿي. سنه 1880ع ۾ هو لنڊن جي سٽي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان سنه 1883ع ۾ ”مئگڊالين ڪاليج ڪئمبرج“(Magdalene College Cambridge) ڏانهن اعليٰ تعليم واسطي روانو ٿيو. کيس هڪ وظيفو پڻ عطا ڪيو ويو. جيتوڻيڪ هن ڪاليج ۾ هو ”ادبيات عاليه“ (Classics) يعني قديم يوناني ۽ لاطيني ادب جي مطالعي لاءِ داخل ٿيو ۽ ان ۾ امتيازي ڊگري حاصل ڪيائين، پر اتي کيس مختلف مضمونن ڪشش ڪئي، جن مان ”مشرقي علمن“ (Oriental Studies) کيس سڀ کان زياده متاثر ڪيو. مذڪور ڊگري حاصل ڪرڻ بعد آرنولڊ هڪ سال وڌيڪ ”ڪئمبرج“ ۾ رهي پيو ۽ ان عرصي ۾ پنهنجو سڄو توجهه اسلامي تاريخ جي مطالعي طرف ڪيائين. مشرقي علمن ۽ سندس خاص دلچسپيءَ سببان هن هندستان جي ”محمدن ائنگلو اورينٽل ڪاليج، علي ڳڙهه“•کي پسند ڪيو ۽ اتي سنه 1888ع ۾ فلسفي جو استاد مقرر ٿي آيو.
علي ڳڙهه ۾ آرنولڊ سڄا سارا ڏهه سال گذاريا. انهيءَ عرصي اندر هن کي اتي جي دوستن جي جيڪا علمي محبت ملي، تنهن سندس سڀاءَ ۽ خيالات تي گهرو اثر ڪيو. جن شخصيتن آرنولڊ کي متاثر ڪيو، تن ۾ سڀني کان زياده قابل ذڪر خود ڪاليج جو باني سر سيد احمد خان هو، جنهن اهو ڪاليج خاص انهيءَ مقصد سان قائم ڪيو هو ته مسلمان نوجوان مغربي علوم جو مطالعو ڪن ۽ انهيءَ مطالعي ذريعي اسلامي تهذيب ۽ تمدن کي مغرب جي آڏو پيش ڪن. آرنولڊ کي هن نظريي سان پوري همدردي هئي ۽ هن خود اسلامي تمدن ۽ تهذيب جي مطالعي خاطر پنهنجو لباس ۽ طور طريقو مسلمانن جهڙو اختيار ڪيو. آرنولڊ ڪاليج اندر ”ڊيوٽي سوسائٽي ) (Duty Society جي نالي سان هڪ انجمن برپا ڪئي، جنهن جي ميمبرن جي آڏو پنهنجي قوم جي فلاح ۽ بهبوديءَ جو مقصد متعين ڪيائين. آرنولڊ جي هندستاني مسلمانن سان بي انتها محبت ۽ همدردي هئي. انهيءَ ڪري ڪاليج جي شاگردن توڙي هندستان جي مسلمانن جو هڪ وڏو گروهه مٿس اڪن ڇڪن هوندو هو. آرنولڊ جي خوش قسمتي هئي جو ڪاليج ۾ کيس اسلام جو مشهور عالم شمس العلماءُ شبلي نعماني رحه ملي ويو. ٻئي شخصيتون هڪٻئي کان تمام گهڻو متاثر ٿيون. هي ٻئي علم جا ديوانا پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح مليا، جهڙيءَ طرح مختلف رنگن جا شعاع پاڻ ۾ ملي، سڄيءَ دنيا جي روشنيءَ جو باعث بڻجن ٿا. هي ٻئي پاڻ ۾ ايتريقدر ته ملي جلي ويا، جو اجنبيت ۽ بيگانگي بلڪل دور ٿي ويئي. آرنولڊ روزانو مولانا شبليءَ کي فرينچ پڙهائڻ لاءِ سندس گهر ايندو هو ۽ پاڻ وري کانئس عربي سکندو هو. اهڙيءَ طرح روزانو ملاقات ڪري، علم سان گڏوگڏ ٻئي هڪٻئي جي خيالن ۽ معلومات مان به واقف ٿيندا ويا. انهي صحبت ۽ واقفيت جو نتيجو هو، جو آرنولڊ سنه 1896ع ۾ اسلام تي هڪ بي نظير ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام “ لکيو.• جيتوڻيڪ آرنولڊ جي اسلام تي هيءَ پهرين تصنيف هئي، تنهن هوندي به ڪتاب اهڙيءَ ته قابليت ۽ ڪاميابيءَ سان لکيو ويو جو سندس نالو يڪدم اسلام جي عالمن ۽ مشهور مورخن ۾ شامل ٿيڻ لڳو. سنه 1898ع ۾ آرنولڊ هند سرڪار جي تعليم کاتي جي ملازمت اختيار ڪئي ۽ هو گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ فلسفه جو پروفيسر مقرر ٿي آيو. هتي به سندس تعليم سندس شاگردن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، جن مان علامه سر محمد اقبال جو نالو وڏي فخر سان پيش ڪري سگهجي ٿو.
آرنولڊ کي ٻيا به وڏا وڏا عهدا آڇيا ويا، پر سنه 1904ع ۾ هو پنهنجي نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي، انگلينڊ ڏانهن روانو ٿيو، جتي هن کي انڊيا آفيس ۾ اسسٽنٽ لئبريرئن ڪري مقرر ڪيو ويو، هو انهيءَ عهدي سان گڏوگڏ لنڊن يونيورسٽي ڪاليج ۾ عربيءَ جو پارٽ ٽائيم پروفيسر پڻ هو. سنه 1909ع ۾ ”انگلينڊ ۾ هندستاني شاگردن لاءِ تعليمي صلاحڪار“ جي نئين جڳهه منظور ڪئي وئي. جنهن لاءِ پهريون انتخاب پروفيسر آرنولڊ جو ڪيو ويو ۽ سڄا سارا يارهن سال انهيءَ عهدي تي نهايت ايمانداريءَ ۽ ڪاميابيءَ سان ڪم ڪندو رهيو. هندستاني شاگردن جي تعليم واسطي هن جون خدمتون ايتريقدر ته ڪارآمد ثابت ٿيون، جو کيس سنه 1912ع ۾ سي آءِ اي.• جو خطاب مليو ۽ پينشن تي لهڻ بعد سنه 1921ع ۾ کيس ”نائيٽ“ جو خطاب عطا ڪيو ويو.
سنه 1917ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ ”درسگاهه“ مشرقي علوم (School of Oriental Studies) کوليو ويو ۽ اتي آرنولڊ کي سندس فرصت جي اوقات ۾ پڙهائڻ لاءِ عرض ڪيو ويو، جو هن قبول ڪيو. ان بعد جڏهن هو سنه 1920ع ۾ انڊيا آفيس جي نوڪريءَ تان پينشن تي لٿو، تڏهن کيس مذڪوره اسڪول ۾ عربيءَ ۽ اسلامي علوم جو هيڊ مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح ڪافي عرصي کان پوءِ هن وري علمي لائين اختيار ڪئي ۽ عمر جو باقي حصو هن تعليم ۽ تنصيف ۾ صرف ڪيو. سنه 1930ع ۾ آرنولڊ مصر يونيورسٽيءَ ۾ مسلمانن جي ”فن لطيفه“ تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ مصر ڏانهن روانو ٿيو، جتان واپس اچڻ بعد 9 جون سنه 1930ع ۾ دل ٽٽڻ جي حادثي ڪري، وفات ڪيائين. پنهنجي عمر جي آخرين حصي ۾ هن کي گهڻيئي اعزازي ڊگريون مليون، جيئن ته :مئگڊالين ڪاليج هن کي سنه 1917ع ۾ فيلوشپ عطا ڪئي، پراگ (Prague) يونيورسٽيءَ کيس ڊاڪٽريٽ (Doctorate) جي ڊگري ڏني ۽ سنه 1926ع ۾ برٽش اڪيڊميءَ جو فيلو مقرر ٿيو.
ڊاڪٽر آرنولڊ گهڻن ئي خوبين جو مالڪ هو ۽ اهي ئي خوبيون سندس شاگردن ۾ پيدا ٿيون. هو انسانيت، همدرديءَ، حيا، وفاداريءَ، خود اعتماديءَ، بي تعصبيءَ، ديانتداريءَ، عدل، شفقت، عهد جي پابنديءَ، تواضع، خوش خلقيءَ، اعليٰ ذهانت ۽ ٻين ڪيترين خوبين سان مالا مال هو. جڏهن علي ڳڙهه ڪاليج مان رخصت ٿي لاهور وڃي رهيو هو، تڏهن الوداعي جلسي ۾ علامه شبلي رحه پنهنجي تقرير ۾ آرنولڊ جي اعليٰ اخلاق متعلق هن طرح فرمايو ته ”اها يورپ جي تلوار نه آهي، جنهن دنيا جي سڀني قومن تي غلبو حاصل ڪيو آهي، بلڪه يورپي قومن جي خوش اخلاقي آهي، جنهن انسانن جي دلين تي قبضو ڪيو آهي ۽ آرنولڊ انهيءَ خوش اخلاقيءَ ۽ اعليٰ خصلتن جي هڪ زندهه تصوير آهي.• مولانا شبليءَ آرنولڊ جي عجز ۽ ندامت جو هڪ واقعو نقل ڪيو آهي ته: آرنولڊ هر روز صبح جو ڇهين لڳي کيس فرينچ پڙهائڻ لاءِ جڳهه تي ايندو هو. هڪ ڏينهن هن کي صرف پنج منٽ دير ٿي وئي ۽ مون ڏٺو ته هو ڊوڙندو اچي رهيو آهي ۽ گهر ۾ داخل ٿيڻ سان منهنجي اڳيان هڪ مجرم وانگر عاجزانه انداز ۾ بيهي رهيو ۽ فرمائڻ لڳو ته” مولوي صاحب! مان اوهان جو مجرم آهيان. اڄ مون کان دير ٿي ويئي آهي ۽ جيڪا سزا اوهان کي وڻي، سا مون کي ڏيو.“ مذڪور جلسي ۾ مولانا شبليءَ پنهنجي تقرير جي آخر ۾ ٻه مصرعون پڙهيون، جي هي آهن:
آرنلڈ آنکہ دریں شہر و ديار آمدورفت،
دلبرے بود کہ مارا بکنار آمدورفت.
آمد آن گونہ بکالجہ کہ بہ گلزار نسيم،
رفت ز انسان کہ تو گوئی کہ بہار آمدو رفت.
حاضرين کي هي مصرعون ايتريقدر ته پسند آيون جو مولانا صاحب کان ٽي دفعا چوارايائون.
مولانا شبلي رحه آرنولڊ جي قابليت ۽ ذهانت جو هي مثال بيان ڪيو آهي ته هن انگريزيءَ ۾ لکيل عربي صرف نحو جو گرامر کڻي، خودبخود عربي صرف نحو پڙهڻ شروع ڪيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مون کي چوڻ لڳو ته ”ڏس مان عربي عبارت پڙهان ٿو، ان ۾ ڪا غلطي ته نه آهي؟“ هن عربي عبارت پڙهي ۽ اهڙي ته صاف ۽ صحيح پڙهي، جو آءٌ اچرج ۾ پئجي ويس. مولانا سيد سليمان ندوي مرحوم لکي ٿو ته مولانا شبلي رحه وٽ آرنولڊ جو عربيءَ ۾ لکيل هڪ خط موجود هو، جنهن جو هڪ جملو پڙهي، ان جي وضاحت تي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. اهو جملو هي آهي:
”وحليلتي تقرأک السلام“ (منهنجي زال توهان کي سلام ڏئي ٿي) مولانا سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته جيڪڏهن ڪو مولوي انهيءَ مضمون کي ادا ڪرڻ گهري ته جيڪر هن طرح لکي:
”و زوجتي تسلم عليڪ“
آرنولڊ سراپا علم جو هڪ پتلو هو ۽ علم جي خدمت کانسواءِ هن جو ٻيو ڪو به نصب العين نه هو. سندس علمي شوق ۽ وقت جي قدر جو هڪ مثال علامه شبلي رحه هن طرح بيان ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته: جڏهن آرنولڊ انگلينڊ ڏانهن واپس وڃي رهيو هو ته مان به قسطنطنيه تائين ساڻس گڏ سفر ۾ هوس. هڪ ڏينهن مان جڏهن علي الصبح ننڊ مان اٿيس ته هڪ ساٿيءَ جهاز جي انجڻ ڀڄي پوڻ جي هيبت ناڪ خبر ٻڌائي. مون پڻ ڏٺو ته جهاز جو ڪپتان ۽ٻيا ملازم ڏاڍي گهٻراهٽ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيا آهن. آءٌ به ڏاڍو گهٻرائجي ويس ۽ عجيب قسم جا ناگوار خيالات دل ۾ اچڻ لڳا. انهيءَ پريشانيءَ ۾ مون کان ٻيو ڪجهه به نه اڄهيو، ڊوڙندو آرنولڊ وٽ ويس، پر منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جو مون ڏٺو ته هو نهايت اطمينان سان ڪتاب جي مطالعي ۾ مگن آهي. مون کانئس پڇيو ته ڇا توکي ڪنهن به قسم جو فڪر نه آهي؟ ڀلا هي به ڪو ڪتاب پڙهڻ جو موقعو آهي؟ جواب ڏنائين ته: ”جيڪڏهن جهاز کي برباد ئي ٿيڻو آهي ته هي ٿورڙو وقت اڃا به قدر جي قابل آهي ۽ اهڙي قيمتي وقت کي ضايع ڪرڻ سراسر ناداني آهي.“ آرنولڊ جي انهيءَ استقلال ۽ جرئت کي ڏسي، منهنجي دل کي به آٿت آيو.
ڊاڪٽر آرنولڊ جي سوانح متعلق هي ٿورو گهڻو احوال جيڪو ڊڪشنري آف نئشنل بايو گرافي (سنه 1922-1930ع) ۽ اردو ڪتاب ”حيات شبليءَ“ مان دستياب ٿي سگهيو آهي، تنهن کي هتي پيش ڪيو ويو آهي. علامه اقبال پڻ آرنولڊ جي ياد ۾ ”نالهءِ فراق“ جي عنوان سان بانگ درا ۾ هڪ نظم لکيو آهي، جنهن کي پڻ هيٺ قلمبند ڪجي ٿو ته ڀلي قارئين حضرات ڪتاب جي مصنف جي شخصيت جو اندازو لڳائي سگهن.
جا بسا مغرب میں آخر اب مکان تيرا مکين،
آه! مشرق کی پسند آئی نہ اس کو سر زمین۔
آگيا آج اس صداقت کا مرے دل کو یقین،
ظلمتِ شب سے ضیائی روزِ فرقت کم نہیں۔
“تاز آغوشِ وداعش داغِ حيرت چيده است،
ہمچو شمع کشتہ در چشم نگہ خوابیدہ است۔“
کشتہ عزلت ہوں، آبادی میں گهبراتا ہوں میں،
شہر سے سودا کی شدت میں نکل جاتا ہوں میں،
يادِ ايامِ سلف سے دل کو تڑپاتا ہوں میں۔
بهر تسکین تیری دوڑتا آتا ہوں۔
آنکھ گو مانوس ہے تیرے در دیوار سے،
اجنبیت ہے مگر پيدا، مرے رفتار سے۔
ذره میری دل کا خورشید آشنا ہونے کو تها،
آئینہ ٹوٹا ہوا عالم نما ہونے کو تها۔
نخل میری آرزؤں کا ہرا ہونے کو تها،
آہ! کیا جانے کوئی؟ میں کیا سے کیا ہونے کو تھا۔
ابرِ رحمت دامن از گلزار، من برچید ورفت،
اندگی برغنچہ ہائے آرزو باريد و رفت۔
تو کہاں ہے اے کلیم ذره سینائے علم!
تھے تری موجِ نفس بادِ نشاط افزائی علم،
اب کہاں وه شوقِ ره پیمائی صحرائے علم،
تیرے دم سے تھا ہمارے سر میں بھی سودائی علم،
”شودِ لیلیٰ کو؟ کہ باز آرائش سودا کند،
خاکِ مجنوں راغبارِ خاطر صحرا کند“
کهول ديگا دستِ وحشت عقده تقرير کو،
توڑ کر پہنچوں گا میں پنجاب کی زنجیر کو،
دیکھا ہے ديده حیران ترے تصوير کو،
کیا تسلی ہو مگر گرويده تقرير کو؟
“تابِ گویائی نہیں رکهتا دہن تصوير کا،
خامشی کہتے ہیں جس کو ہے سخن تصوير کا۔”
(”بانگ درا“- ص 77-75)
علامه اقبال رحه پروفيسر آرنولڊ جي هونهار شاگردن مان هو. شيخ عبدالقادر بئريسٽر ايٽ لا، ”بانگ درا، جي ديباچي ۾، آرنولڊ جي شخصيت جو علامه اقبال جي زندگيءَ تي جيڪو عڪس پيو، تنهن جو بيان هن طرح ڪري ٿو: ”شيخ محمد اقبال ايف اي تائين تعليم سيالڪوٽ ۾ حاصل ڪئي ۽ ان بعد بي اي لاءِ لاهور آيو. کيس علم فلسفه جي تحصيل جو بي حد شوق هو ۽ هن کي لاهور جي استادن ۾ هڪ نهايت شفيق استاد مليو، جنهن فلسفه سان اقبال جو لڳاءُ ڏسي کيس خاص توجهه سان پڙهائڻ شروع ڪيو. پروفيسر آرنولڊ غير معمولي قابليت ۽ صلاحيت جو مالڪ هو. سندس قوت تحرير ڏاڍي سٺي هئي ۽ هو علمي تحقيق ۽ جستجو جي جديد طريقن مان خوب واقف هو. هن چاهيو ته پنهنجي لائق شاگردن کي پڻ پنهنجي مذاق ۽ طرز عمل مان ڪجهه حصو ڏيان. آرنولڊ انهيءَ مقصد ۾ ڪامياب ٿيو. هو پهريائين علي ڳڙهه ڪاليج جي پروفيسريءَ واري زماني ۾ پنهنجي دوست مولانا شبلي مرحوم جي علمي مذاق کي پختي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. هاڻي هن کي هڪ ٻيو جوهر قابل نظر آيو، جنهن کي چمڪائڻ جي سندس دل م تمنا پيدا ٿي. ٻنهين استاد ۽ شاگردن جي وچ ۾ جيڪا دوستي ۽ محبت پهرئين ڏينهن پيدا ٿي، سا آخرڪار شاگرد کي استاد جي پٺيان انگلينڊ ڏانهن وٺي ويئي ۽ اتي اهو رشتو اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيو ۽ اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. آرنولڊ خوش آهي ته منهنجي محنت صاب پيئي ۽ منهنجو شاگرد علمي دنيا ۾ منهنجي لاءِ فخر ۽ شهرت جو باعث بڻيو آهي. ٻئي طرف وري اقبال هن ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿو ته منهنجي طبيعت ۾ جنهن ذوق جو بنياد سيد مير حسن وڌو ۽ جنهن کي وچ ۾ ”داغ“ جي غائبانه تعارف ترقي ڏني، تنهن جي آخرين منزل آرنولڊ جي پرشفقت رهبريءَ سان طئي ٿي.
[b]تصنيفات[/b]
ڊاڪٽر آرنولڊ جي قلم سان جيڪي مکيه تصنيفون ظاهر ٿيون ۽ پاڻ جيڪا علمي خدمت سرانجام ڏنائون، تنهن جو مختصر خاڪو هيٺ ڏجي ٿو:
1. = The Preaching of Islam اسلام جي تبليغ (سن 1896ع)
2. Muatazillah = معتزله (سن 1902ع)
3. The Caliphate = خلافت (سنه 1924ع)
هن ڪتاب ۾ آرنولڊ ”خلافت“ جي منصب جي شروعات کان وٺي ان جي بلڪل خاتمي تائين پوري تاريخ لکي آهي.
1. = The Islamic faith مذهب اسلام (سنه 1928ع)
2. = Court painters of the Grand Moguls
مغلن جي درٻار جا نقاش (سن 1921ع)
هي ڪتاب ڊاڪٽر آرنولڊ ۽ هڪ ٻئي صاحب مسٽر لارينس بنيان (Mr. Laurence Binyan) جي گڏيل محنت سان تيار ٿيو.
1. =Painting in Islam اسلام ۾ نقاشي (سنه 1928ع)
2. = The Islamic Book اسلامي ڪتاب (سن 1929ع)
هي ڪتاب آرنولڊ ۽ مسٽر ائڊ ولف گروهمن (Adolph Groh man) گڏجي تيار ڪيو ۽ ان ۾ آرنولڊ جي شخصي راين جو لب لباب ڏنل آهي.
1. = Bihzad and his paintings in Zafarnamah
ظفر نامه ۾ بهزاد ۽ سندس نقاشي.
هي ڪتاب آرنولڊ سنه 1930ع ۾ پنهنجي زندگيءَ جي آخرين ڏينهن ۾، جوڙي راس ڪيو، ليڪن سندس موت ڪري ڇپجڻ کان رهجي ويو، آخرڪار سنه 1932ع ۾ ڇپجي تيار ٿيو.
2. Lectures on the old and new Testaments in the Muslim Religious Art.
هي آرنولڊ جون تقريرون آهن جي هن سنه 1928ع ۾ ”مسلمانن جي مذهبي فنن ۾ انجيل جو نئون ۽ پراڻو عهدنامو“ جي موضوع تي ڪيون. هي ڪتاب پڻ آرنولڊ جي وفات بعد سنه 1932ع ۾ تيار ٿيو.
مٿين تصنيفن کان علاوه آرنولڊ جو ٻيو علمي ڪارنامو ”انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام“ جي ترتيب ۾ شرڪت آهي. هو سنه 1910ع کان وٺي آخر تائين انٽرنيشنل انسائيڪلو پيڊيا آف اسلام جو انگريزي ايڊيٽر رهيو. انهيءَ انسائيڪلو پيڊيا ۾ سندس پڻ ڪيترا مضمون درج ٿيل آهن، جن جو گهڻو واسطو هندستان سان آهي. ازانسواءِ هئسٽنگس جي مذهب ۽ اخلاقيات جي انسائڪلو پيڊيا Hastings Encyclopedia of Religion and Ethics ۾ پڻ آرنولڊ جا ٻه مکيه مضمون ”جبر“ Persecute on ۽ مذهبي رواداري Tolerate on جي موضوعن تي موجود آهن. انهن مضمونن جي تيار ڪرڻ بعد آرنولڊ جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته اسلام ۾ مذهبي رواداري“ جي موضوع تي ڪتاب لکجي. هن انهيءَ ڪم کي هٿ ۾ به کنيو، پر افسوس جو اجل کيس هن ڪم کي مڪمل ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو.
هاڻي آرنولڊ جي تصنيفات ۽ علمي خدمتن جي باري ۾ جيڪي ڪجهه عرض ڪيو ويو آهي تنهن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ڊاڪٽر آرنولڊ کي باوجود سندس عيسائي هجڻ جي، اسلام سان ڪيتري قدر دلچسپي هئي. هن پنهنجيون سموريون خدمتون اسلام جي حق ۾ سرانجام ڏنيون آهن ۽ هو دل سان اسلام ۽ مسلمانن کي چاهيندو هو.