ضميمو چوٿون : انهن ماڻهن جو بيان،جن ڪنهن به مسلمان داعيءَجي اثر کانسواءِ اسلام قبول ڪيو
غالبن اهڙيءَ طرح مسلمان ٿيڻ وارن مان پهريون شخص هڪ يوناني ٿيوڊس ڪيولس (Theodi sculus) نالي هو، جو سنه 636ع ۾ سينٽ آئسيڊور (St:Isidor) جي موت بعد اشبيليه (Seville) جو آرچبشب مقرر ٿيو. ٿيوڊس ڪيولس تي بي دينيءَ جو هي الزام لڳايو ويو ته هن حضرت عيسيٰ عليه السلام کي پيءُ (Father) ۽ روح المقدس (Holy Ghost) سان گڏ هڪ خدا ڪري نه تسليم ڪيو، بلڪ هن جو هي عقيدو هو ته حضرت مسيح عليه السلام خدا جي گود جو پٽ آهي. انهيءَ سبب ڪري هڪ ڪليسائي مجلس (Ecclesiastical synod) هن کي مجرم ٺهرايو ۽ هن کان نه رڳو آرچبشپ جو عهدو کسيو ويو، بلڪ کيس پادريءَ جي عهدي تان به هيٺ لاٿو ويو. ان کان پوءِ ٿيوڊس ڪيولس عربن جي پاسي هليو ويو ۽ اوڏانهن وڃي اسلام قبول ڪيائين.
هي سوال اٿي ٿو ته ڇا جيڪو اسلام جو علم اسپين کان يا ان کان پوءِ صليبي لڙاين جي دوران ۾ اسلامي ملڪن سان مسلسل تعلق ۾ اچڻ ڪري يورپ ۾ ڦهليو، تنهن اتي جي ماڻهن ۾ اسلام لاءِ ڪشش پيدا ڪئي يا نه؟ يا ڇا قرون وسطيٰ (The Middle ages) جي گهڻن ئي گمراهه عيسائي فرقن (Heretical sects) جي ماڻهن اسلام جي حدن اندر پنهنجن خيالن کي ظاهر ڪرڻ جي گهڻي آزادي ڏني؟ هن سوال جو جواب آءٌ اڃا تائين پوريءَ طرح تحقيق ڪري نه سگهيو آهيان. روم جي بزنطيني سلطنت (Byzantine Empire) جي رعيت مان يا صليبين (Crusadres) مان جيڪي سنئون سڌو اسلامي خيال ۽ مسلمان سوسائٽيءَ جي اثر هيٺ آيا، تن جي بيان ڪرڻ جي هتي جڳهه نه آهي. هن قسم جي اسلام قبول ڪرڻ جي واقعن جو ڪجهه احوال اسان اڳيئي مٿي بيان ڪري آيا آهيون.
جن ماڻهن بغير وعظ ۽ تبليغ جي اسلام قبول ڪيو، تن مان هڪڙو واقعو سڀني کان زياده اهم ۽ دلچسپ آهي ۽ هي واقعو هڪ بحث مباحثي جي ڪتاب ۾ پوري تفصيل سان بيان ٿيل آهي. هي ڪتاب هڪ عيسائي پادريءَ پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ سنه 1430ع ۾ لکيو آهي ۽ ان ۾ عيسائيت جي ترديد ۽ اسلام جي تائيد ٿيل آهي. ڪتاب جي مصنف جو اسلامي نالو عبدالله بن عبدالله آهي. ڪتاب جي تمهيد ۾ هن پنهنجي سوانح عمري لکي آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو مجورقه (Majorca) ۾ ڄائو هو ۽ سندس مائٽ چڱا دولتمند هئا. ننڍي هوندي کان وٺي هن جي تقدير ۾ پادريءَ جو عهدو لکيل هو، ڇاڪاڻ ته اڃا ڇهن سالن جو ٻار هو ته هن کي انجيل (Gospeles) پڙهڻ لاءِ وهاريو ويو، جنهن جو هڪ وڏو حصو هن برزبان ياد ڪيو. گرامر ۽ علم منطق جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هن کي قتلونيه (Catolonia) جي لريده (Lerida) يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ تعليم واسطي موڪليو ويو، جتي هن ڪجهه وقت تائين علم طبعي (Physics) ۽ علم هيئت (Astarnomy) جي تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ چئن سالن تائين مسلسل علم دينيات (Theology) پڙهندو رهيو. ان کان پوءِ هو لريده يونيورسٽيءَ مان نڪري بلونا (Bologna) يونيورسٽيءَ ۾ ويو، جيڪا پنهنجي شهرت ۽ مقبوليت جي لحاظ کان ائوج و ڪمال تي پهتي هئي. عبدالله ڪتاب جو مصنف لکي ٿو ته: ”آءٌ هڪ پيرسن پادريءَ جي گهر ۾ وڃي رهيس، جنهن جي شهر جا ماڻهو بيحد عزت ڪندا هئا. سندس نالو نڪولس مارٽل (Nicholas Martil) هو. بلونا اندر هن پادريءَ جو مرتبو، سندس علم، پرهيزگاريءَ ۽ دنيا سان بي تعلقيءَ ڪري ڏاڍو بلند هو ۽ هن ڏس ۾ سندس جهڙو مقام انهيءَ وقت جي ٻئي ڪنهن به عيسائي عالم کي حاصل نه هو. دنيا جي سڀني حصن مان ۽ بادشاهن توڙي ٻين ماڻهن وٽان دينيات جا مشڪل مسئلا حل ٿيڻ لاءِ هن وٽ ايندا هئا ۽ انهن وٽان وڏيون انعامون کيس ملنديون هيون... هن پادريءَ وٽان مون عيسائي مذهب جا اصول ۽ احڪام سکيا ۽ سندس خدمت ڪندو رهيس ۽ مسلسل سندس حاضريءَ ۾ رهندو آيس، ايتريقدر جو هو مون کي پنهنجن خاص ۾ خاص دوستن مان سمجهڻ لڳو. جيئن ته مون هن جي لڳاتار ڏاڍي ايمانداريءَ سان خدمت ڪئي، انهيءَ ڪري هن پنهنجي گهر ۽ خاص ڪمرن جون ڪنجيون منهنجي حوالي ڪري ڇڏيون. اهڙيءَ طرح مون سڄا سارا ڏهه سال هن پادريءَ جي خدمت ۽ علم جي تحصيل ۾ گذاريا. هڪ ڏينهن اچانڪ بيمار ٿي پيو ۽ درسگاهه ۾ (Lecture Hall) وڃي نه سگهيو. شاگرد، جيڪي هن جي درس ۾ شرڪت ڪندا هئا سندس اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا ۽ انهيءَ وچ ۾ مختلف ديني مسئلن تي بحث مباحثو شروع ڪري ڏنائون. بحث جي دوران ۾ هيءَ ڳالهه اچي نڪتي ته خدا پنهنجي پيغمبر حضرت عيسيٰ عليه السلام جي واتان هي لفظ ارشاد فرمايا ته: ”مون کان پوءِ هڪ پيغمبر ايندو، جنهن جو نالو فارقليط (Paraclete) هوندو.“ هن مسئلي تي ڳچ وقت تائين گرماگرم بحث جاري رهيو، مگر پڇاڙيءَ تائين ڳالهه فيصل نه ٿي ۽ سڀيئي پنهنجي مشڪلات حل ٿيڻ کانسواءِ منتشر ٿي ويا.
جڏهن آءٌ واپس پنهنجي استاد جي گهر پهتس، تڏهن هن مون کان پڇيو ته: ”اڄ منهنجي غير حاضريءَ ۾ اوهان ڪهڙي موضوع تي بحث ڪيو؟“ مون هن کي ٻڌايو ته ڪهڙيءَ طرح اسين سڀيئي فارقليط جي نالي جي سوال تي ڪو به اتفاق راءِ سان فيصلو ڪري نه سگهياسون، هڪڙي، هڪڙي راءِ ڏني ته ٻئي ٻي. مون پنهنجي استاد کي انهن سڀني راين کان آگاهه ڪيو، جيڪي بحث جي دوران ۾ مختلف شاگردن پيش ڪيون هيون. هن مون کان پڇيو ته: ”تون انهيءَ مسئلي جو ڪهڙو حل پيش ڪيو؟“ ”انجيل جي تفسير ۾ فلاڻي فلاڻي عالم، جيڪي ڪجهه لکيو آهي، تنهن کي ئي مون بيان ڪيو.“ هي ٻڌي، منهنجي استاد دانهن ڪئي ته: ”سچ جي ڪيتريقدر قريب آهيو، تنهن هوندي به سچ کان گهڻو پري آهيو.“ هن اڳتي چيو ته: ”فلاڻي فلاڻي شاگرد بلڪل غلط جواب ڏنو آهي ۽ فلاڻي فلاڻي جو ڌڪو سچ جي ڪجهه قدر قريب آهي، پر اوهان مان ڪو به صحيح معنيٰ تائين نه پهتو آهي. تنهن کانسواءِ هن مبارڪ نالي جي صحيح معنيٰ ڪو به ٻڌائي نه سگهندو، سواءِ انهنجي، جيڪي علم جي گهرائيءَ تائين پهتل آهن. اوهان مان ڪنهن به اڃا تائين علم ۾ ايتري ترقي نه ڪئي آهي.“
استاد جي واتان هي لفظ ٻڌي، آءٌ يڪدم هن جي پيرن تي ڪري پيس ۽ انهن کي چمي ڏيئي عرض ڪيم ته ”اي منهنجا سائين! توهان ڏسو ٿا ته آءٌ هڪ ڏوراهين ملڪ کان توهان وٽ آيو آهيان، ڏهه سال مون توهان جي خدمت ڪئي آهي ۽ توهان وٽان مون ايتريقدر ته علم حاصل ڪيو آهي، جو ان جو بيان به ڪري نٿو سگهان. هاڻي مهرباني ڪري هن مبارڪ نالي جي تشريح فرمائي پنهنجي احسان جي پيماني کي لبريز ڪندا.“ پيرسن پادري هي ٻڌي روئڻ لڳو ۽ چيائين ته : ”پٽڙا! بيشڪ تو منهنجي نهايت خلوص سان خدمت ڪئي آهي ۽ انهيءَ ڪري تون مون کي ڏاڍو پيارو آهين. پڪ سان هن مبارڪ نالي جي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ وڏو فائدو آهي، پر مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته جيڪڏهن هيءَ معنيٰ مون تو تي ظاهر ڪئي ته عيسائي يڪدم توکي ماري ڇڏيندا.“ انهيءَ تي مون روئي چيو ته: ”آءٌ قسم ٿو کڻان خدا جو، قسم ٿو کڻان انجيل جو ۽ قسم ٿو کڻان انجيل جي آڻڻ واري جو، ته توهان جي اجازت کانسواءِ هي ڀيد ڪنهن وٽ به نه کوليندس.“ پادري: ”پٽ! جڏهن تون پهريائين مون وٽ آيو هئين، تڏهن مون توکان دريافت ڪيو هو ته تنهنجو ملڪ ڪهڙو آهي، ڇاڪاڻ ته مون معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو ته اهو مسلمانن جي ملڪ جي نزديڪ آهي يا پري، ۽ تنهنجي ملڪ جا ماڻهو انهن سان لڙائي ڪندا هئا ۽ يا اهي اوهان سان، در حقيقت مون کي اهو معلوم ڪرڻو هو ته تنهنجي دل ۾ اسلام لاءِ ڪيتريقدر نفرت سمايل آهي. پيارا! هاڻي آءٌ توکي ٻڌايان ٿو ته فارقليط مسلمانن جي پيغمبر محمد ﷺ جي مبارڪ نالن مان هڪڙو نالو آهي ۽ هي اهو ئي پيغمبر آهي جنهن تي چوٿون ڪتاب نازل ٿيو آهي، جنهن بابت پيغمبر دانيال”Daniel” اڳيئي ٻڌائي ويو آهي ته اهو ڪتاب هن تي (پيغمبر اسلام تي) نازل ٿيندو. يقينن هن جو مذهب هڪ سچو مذهب آهي، ۽ هن جي تعليم نهايت شاندار آهي، جنهن جو انجيل ۾ پڻ ذڪر ٿيل آهي.“ ”جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ توهان جي عيسائي مذهب بابت ڪهڙي راءِ آهي؟“ مون سوال ڪيو. پادريءَ جواب ڏنو ته: ”جيڪڏهن عيسائي حضرت مسيح عليه السلام جي دين تي محڪم رهن ها ته انهن وٽ ضرور خدا جو دين هجي ها، ڇاڪاڻ ته حضرت مسيح جو مذهب ٻين پيغمبرن جي مذهبن وانگر خدا جو مذهب آهي.“ پوءِ مون ان جو علاج پڇيو، جنهن تي هن جواب ڏنو ته: ”ٻچا! وڃي اسلام قبول ڪر.“ مون سوال ڪيو ته ”ڇا جيڪو اسلام قبول ڪندو، سو نجات پائيندو؟“- ”ها، هن کي هن دنيا ۾ توڙي آخرت ۾ نجات ملندي.“ هن جواب ڏنو. مون عرض ڪيو ته: ”پر سائين، هرڪو عقلمند پنهنجي لاءِ اها ئي شيءِ پسند ڪندو آهي، جنهن کي هو بهتر سمجهندو آهي. هاڻي جڏهن اوهان خود اسلام جي برتريءَ جا قائل آهيو، تڏهن ڪهڙي ڳالهه اوهان کي اسلام قبول ڪرڻ کان روڪي رهي آهي؟“ پادريءَ جواب ڏنو ته: ”پٽ! خدا تعاليٰ انهيءَ حقيقت جو علم، جيڪا مون توکي هاڻي اسلام جي اعليٰ شان ۽ پيغمبر اسلام جي بلند مرتبي بابت ٻڌائي آهي، مون تي ٻڍاپڻ ۾ ظاهر ٿي آهي. هاڻي آءٌ عمر کائي مٿي آيو آهيان ۽ منهنجو جسم به هن وقت ڪمزور آهي. هن جو اهو مطلب نه آهي ته منهنجو هي عذر قابل قبول آهي، پر اٽلندو خدا جي حجت مون تي وڌيڪ آهي. جيڪڏهن خدا هي علم مون کي تنهنجي عمر ۾ عطا ڪري ها ته جيڪر ٻيون سڀيئي ڳالهيون ڦٽيون ڪري، اسلام جهڙو سچو مذهب قبول ڪريان ها. مگر دنيا جي محبت سڀني گناهن جو بنياد آهي. توکي معلوم آهي ته عيسائين ۾ مون کي ڪيڏو نه بلند مرتبو حاصل آهي. هو مون کي تمام گهڻي عزت ڏين ٿا ۽ منهنجو گهڻو لحاظ رکن ٿا. هاڻي جيڪڏهن انهن کي صحيح حقيقت جي خبر پئجي وڃي ۽ منهنجي دل جو اسلام طرف لاڙو انهن کي معلوم ٿي وڃي ته پوءِ جيڪر اهي سڀيئي گڏجي مون کي يڪدم قتل ڪري ڇڏين، مگر فرض ڪريو ته آءٌ پنهنجن ماڻهن کان جان بچائي مسلمانن جي ملڪ ۾ سلامتيءَ سان پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيان ٿو. پوءِ ڇا ٿيندو جو آءٌ انهن کي ٻڌائيندس ته: ”اوهان وٽ انهيءَ خيال سان آيو آهيان ته مسلمان ٿي اوهان سان گڏ رهان.“ انهيءَ جو هو هي جواب ڏيندا ته، ”هڪ سچي دين ۾ شامل ٿي، تو پاڻ تي احسان ڪيو آهي ۽ نه اسان کي ڪو فائدو پهچايو آهي، ڇاڪاڻ ته اسلام قبول ڪرڻ سان تو پاڻ کي خدا جي عذاب کان بچايو آهي.“ پوءِ آءٌ انهن جي وچ ۾ هن طرح زندگي گذاريندس، جو هڪ ستر ورهين جو پوڙهو، مسڪين، انهن جي زبان کان ناواقف ۽ بک کان موت جي ڪنڌيءَ تي هوندس. انهن کي هن ڳالهه جي ته ڪا به خبر نه هوندي ته مون کي اسلام کان اڳ ڪيڏو بلند مرتبو حاصل هو. وري به خدا جو شڪر ٿو ڪريان ته آءٌ حضرت مسيح عليه السلام جي دين تي محڪم رهيو آهيان ۽ انهيءَ وحي تي ايمان آندو اٿم، جا پيغمبر اسلام تي نازل ٿي. خدا منهنجو گواهه آهي.“ انهيءَ کان پوءِ مون پنهنجي استاد کان پڇيو ته: ”ڇا سائين مون کي اوهان صلاح ڏيو ٿا ته مسلمانن جي ملڪ ۾ وڃي اسلام قبول ڪريان؟“ پادريءَ جواب ڏنو ته” هائو. جيڪڏهن عقلمند آهين ۽ پنهنجي نجات چاهين ٿو ته پوءِ هن ڪم ۾ ڍر نه ڪر. ائين ڪرڻ سان توکي هن دنيا توڙي آخرت جو نفعو حاصل ٿيندو. پر خبردار! اڄ ڏينهن تائين هن ڳالهه جي ڪنهن کي خبر نه آهي ۽ تون پڻ هن راز کي بلڪل احتياط سان پنهنجي سيني ۾ سانڍي رک. جيڪڏهن ڪو ذرو به هن ڳالهه جو ظاهرٿي پيو ته پوءِ تنهنجي سر جو خير نه آهي ۽ انهيءَ حالت ۾ آءٌ تنهنجي ڪجهه به مدد ڪري نه سگهندس. ان وقت جيڪڏهن تون مون تي الزام لڳائڻ چاهيندين، تڏهن به توکي ڪجهه حاصل نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جيڪي آءٌ تنهنجي خلاف چوندس، سو سڀڪو مڃيندو ۽ جيڪي تون منهنجي خلاف چوندين، تنهن تي ڪو به اعتبار نه ڪندو. هاڻي جيڪڏهن هن ڳالهه بابت هڪ ٻڙڪ به ٻاهر نڪتي ته آءُ تنهنجي خون جي جرم کان پاڪ آهيان.“ مون جواب ڏنو: ”خدا مون کي هن راز ظاهر ڪرڻ جي فقط خيال کان به پناهه ۾ رکي.“ بهرحال مون پنهنجي استاد سان واعدو ڪيو ته آءٌ سندس خواهش مطابق هن راز کي لڪل رکندس. ان کان پوءِ آءٌ سفر لاءِ تيار ٿيس ۽ پنهنجي استاد کان موڪلايم، جنهن مون کي دعا ڪئي ۽ رستي جي خرچ لاءِ پنهنجا دينار عنايت ڪيا.
آءٌ پهريائين پنهنجي وطن مجورقه ڏانهن روانو ٿيس، جتي ڇهه مهينا قيام ڪيم. پوءِ سسليءَ (Sicily)ڏانهن روانو ٿيس، جتي مسلمانن جي ملڪ ڏانهن ويندڙ جهاز جي انتظار ۾ پنج مهينا گذاريم. آخرڪار هڪ ڏينهن ٽيونس (Tunis) ڏانهن ويندڙ هڪ جهاز اچي لنگر هنيو. آءٌ به وڃي جهاز تي سوار ٿيس. اسان ٻئي ڏينهن ٻنپهرن جو ٽيونس جي بندرگاهه تي پهتاسون.
جڏهن آءٌ جهاز تان لهي ڪسٽم گهر (Customs House) ۾ پهتس، تڏهن ڪي عيسائي سپاهي منهنجو حال معلوم ڪري، مون کي پنهنجن گهرن ڏانهن وٺي ويا. انهن سان گڏ ٽيونس جا ڪجهه عيسائي واپاري پڻ هئا. مون انهن جي صحبت ۾ اٽڪل چار مهينا گذاريا، جنهن عرصي اندر انهن منهنجي ڏاڍي ڪشاده دليءَ سان مهمان نوازي ڪئي. چوٿين مهيني جي آخر ۾ مون انهن کان دريافت ڪيو ته ٽيونس جي سلطان جي درٻار ۾ ڪو اهڙو شخص آهي، جو اسان عيسائين جي زبان کان واقف هجي (انهيءَ وقت ٽيونس جو سلطان ابو العباس احمد هو). انهن مون کي ٻڌايو ته سلطان جي درٻار ۾ هڪ نهايت قابل عالم يوسف نالي آهي، جيڪو سلطان جو طبيب ۽ هن جي خاص خدمت گذارن مان آهي۽ سلطان جو مٿس ڏاڍو راز آهي. هيءَ خبر ٻڌي گهڻو گد گد ٿيس ۽ هن جي رهڻ جي جڳهه معلوم ڪري، وڃي هن جي گهر پهتس. جڏهن آءٌ يوسف طبيب جي روبرو حاضر ٿيس، تڏهن مون هن کي پنهنجو سڄو احوال سمجهايو ۽ ٻڌايومانس ته فقط اسلام قبول ڪرڻ جي خواهش مون کي هتي آندو آهي. يوسف هي ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، خصوصن انهيءَ حالت ۾ جو هي مبارڪ واقعو هن جي معرفت ظاهر ٿيڻو هو. هو يڪدم گهوڙي تي سوار ٿيو ۽ مون کي ساڻ ڪري شاهي محلات ۾ آيو. هن اندر وڃي سلطان کي سارو احوال ٻڌايو ۽ کيس عرض ڪيو ته مون کي حاضريءَ جو موقعو عطا ڪري، سلطان، يوسف جو عرض قبول ڪيو ۽ مون کي سلطان جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جي اجازت ملي.
سلطان مون کان پهريائين منهنجي عمر پڇي، جنهن جو مون جواب ڏنو ته، منهنجي عمر 35 سال آهي. ان کان پوءِ هن مون کان منهنجي تعليم بابت سوال ڪيو ۽ مون هن کي صحيح صحيح جواب ڏنو. سلطان منهنجو سڄو احوال معلوم ڪري، مون کي چيو ته: ”ڀلي ڪري آئين! جيءُ ڪري آئين!! مسلمان ٿيءَ ته توتي خدا عزوجل جون رحمتون نازل ٿين.“
مون پنهنجي ترجمان يوسف طبيب کي چيو ته: ”تون پنهنجي سلطان کي ٻڌاءِ ته جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو مذهب ترڪ ڪندو آهي، تڏهن گهڻا ئي ماڻهو هن جي خلاف شور ۽ غُل مچائيندا آهن ۽ هن تي گهڻيون ئي تهمتون لڳائيندا آهن. انهيءَ ڪري منهنجي گذارش آهي ته عيسائي سپاهين ۽ عيسائي واپارين کي درٻار ۾ گهرائي، انهن کان منهنجي باري ۾ حال احوال پڇيو وڃي، انهيءَ لاءِ ته اوهين ڀلي انهن جي واتان ٻڌو ته هو مون بابت ڇا ٿا چون. ان کان پوءِ آءٌ اسلام قبول ڪندس.“ انهيءَ تي سلطان ترجمان ذريعي جواب ڏنو ته: ”تنهنجو هي عرض به اهڙو آهي، جهڙو عبدالله ابن سلام پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ وقت رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي خدمت ۾ ڪيو هو.. ان کان پوءِ سلطان عيسائي سپاهين ۽ ڪجهه واپارين کي گهرايو ۽ مون کي انهن کان پري هڪ ڪمري ۾ ويهاري، انهن کان سوال ڪيو ته: ”ان پادريءَ متعلق، جو تازو فلاڻي جهاز ذريعي اسان جي ملڪ ۾ آيو آهي، اوهان جو ڪهڙو گمان آهي؟“ انهن جواب ڏنو ته: ”هو اسان جي مذهب جو وڏي ۾ وڏو عالم آهي ۽ اسان جي ملڪ جي عالمن، علمي قابليت ۽ دينداريءَ ۾ هن جهڙو مشهور عالم ٻيو نه ڏٺو آهي.“ سلطان پڇيو ته: ”جيڪڏهن هو اسلام قبول ڪري ته اوهان هن جي باري ۾ ڪهڙو خيال پيش ڪندا؟“ انهن دانهن ڪئي ته: ”خدا هن کي بچائي! هو ڪڏهن به ائين نه ڪندو.“ پوءِ سلطان مون کي گهرايو ۽ مون سڀني عيسائين جي سامهون پنهنجي اسلام جو اظهار ڪيو. انهيءَ تي سڀني عيسائين پنهنجي چهرن تي هٿن سان صليب جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته: ”محض شاديءَ جي خيال کان هن ائين ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي مذهب ۾ پادري شادي نه ڪندا آهن.“ هي چئي، هو سڀيئي نهايت غمگين حالت ۾ محلات کان ٻاهر هليا ويا.“
سلطان ابو العباس احمد (سنه 1370-1394ع) انهيءَ پادريءَ کي مسلمان ٿيڻ بعد روزانو چاليهن دينارن جو وظيفو عطا ڪيو ۽ ٿوري وقت بعد کيس ڪسٽم گهر جو نگران مقرر ڪيو. هن جي قبر اڃا تائين ٽيونس ۾ موجود آهي ۽ ان جي ڏاڍي عزت ڪئي ويندي آهي.
اسان مٿي اڳيئي ٻڌائي آيا آهيون ته رفارميشن (Reformation) واري زماني ۾ يعني پروٽيسٽنٽ مذهب جاري ٿيڻ بعد هنگاري (Hngary) ۽ ٻين جڳهين جي پروٽيسٽنٽ عيسائين، رومن ڪئٿلڪ عيسائين جي حڪومت کان ترڪن جي حڪومت کي وڌيڪ پسند ڪيو ۽ اهڙا گهڻا ئي واقعا پيش آيا، جن ۾ پروٽيسٽنٽ عيسائي انهيءَ ڪري پنهنجو ملڪ ڇڏي ترڪي حڪومت ۾ اچي رهڻ لڳا ته جيئن هو آزاديءَ سان پنهنجي مذهب جي پيروي ڪن ۽ پنهنجا خيالات ظاهر ڪن. اهي ٻئي ڳالهيون انهن کي عيسائي يورپ ۾ ميسر نه هيون. پروٽيسٽنٽ عيسائين جي ڪن فرقن جي ديني اصولن ۾ گهڻيون ڳالهيون اسلامي اصولن سان مشابهت رکندڙ هيون، جن ۾ اختلاف هو. انهي ڪري هي معلوم ڪري تعجب نٿو ٿئي ته عيسوي سورهين صديءَ ۾ سوسينئن (Socinians) فرقي جي ماڻهو سواءِ ڪن ٿورن جي اسلام طرف هليا ويا.
ترڪن جي تاريخ ۾ يورپ جي اهڙن عيسائي مسلمانن جا بيشمار نالا ملن ٿا، جن کي ترڪي حڪومت اندر وڏا وڏا ذميداريءَ وارا عهدا حاصل هئا. انهن مسلمانن جي ديني زندگيءَ متعلق انهيءَکان وڌيڪ ڪجهه به نٿو معلوم ٿئي ته هو ڪنهن زماني ۾ عيسائي هئا ۽ پوءِ مسلمان ٿيا آهن. آءٌ اڃا هن سوال جو جواب تحقيق ڪري نه سگهيو آهيان ته ڇا انهن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به هئا، جن پنهنجو وطن محض انهيءَ ڪري ڇڏيو هو ته مسلمانن جي ملڪ ۾ وڃي اسلام قبول ڪري، مسلم قوم ۾ شامل ٿيون.
عيسائين جو ٻيو هڪ طبقو، جنهن اسلام قبول ڪيو، اهڙن ماڻهن جو هو، جن جي مسلمان ٿيڻ سان آفريڪا جي بربري سامونڊي ڌاڙيلن (Barbary Corsairs) جي تعداد ۾ اضافو ٿيو. انهن ماڻهن ۾ غالبن هڪ شخص به اهڙو نظر نٿو اچي، جنهن پنهنجي دلي يقين ۽ ايمان سان عيسائي مذهب ترڪ ڪري اسلام قبول ڪيو هجي. ڇاڪاڻ ته هڪ خونريزيءَ ۽ ڦرمار واريءَ بي اصول زندگي فقط انهن رو پوش ڏوهارين، ڀاڄوڪڙن ۽ هر قسم جي بدمعاشن کي ڪشش ڪري ٿي سگهي، جيڪي عيسوي 16 صديءَ کان 18 صديءَ تائين آفريڪا جي اترئين ڪناري تي مسلسل ايندا رهيا. عيسوي 18 صديءَ جي ختم ٿيڻ ڌاري جڏهن آزاد خيال (Free thinking) مصنفن جي ڪتابن، خصوصن فرانس ۾ گهڻن ئي ماڻهن جي دلين ۾ عيسائي مذهب جي قديم عقيدن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ طبقي جي عالمن ڪجهه اهڙا ڪتاب ميدان ۾ آندا، جو انهن اندر عيسائين جي حقارت ۽ اسلام جي تعريف بيان ڪئي ويئي، تڏهن يورپ جا گهڻا ئي ماڻهو، جن ۾ فرانس جا ڪجهه راهب پڻ هئا، اسلام قبول ڪرڻ جي خيال سان پنهنجا ملڪ ڇڏي ترڪيءَ ڏانهن هجرت ڪري ويا.
انهن عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جو احوال مشڪل سان عيسائي يورپ ۾ پهتو هوندو ۽ انهن مان شايد ئي ڪنهن پنهنجي مسلمان ٿيڻ جو احوال شايع ڪيو هجي، جهڙيءَ طرح فرانس جي هڪ فوجي آفيسر ڪيو، جنهن موجوده صديءَ (يعني 19صدي) جي شروعات ۾ اسلام قبول ڪري، پاڻ تي اسماعيل نالو رکايو. ڪجهه وقت بعد هن اهو نالو بدلائي، پاڻ تي ابراهيم منصور نالو رکايو. هن پئرس ۾ پنهنجي طالب علميءَ جي زماني ۾ ترڪي زبان پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ سکي ڇڏي هئي. انهيءَ ڪري هن کي پنهنجي وطن ڇڏڻ کان اڳ ۾ ئي اسلام جي ڪجهه معلومات حاصل هئي.
تازو ٿورن سالن ۾، انهيءَ ئي نموني عيسائين جي اسلام قبول ڪرڻ جا گهڻائي واقعا رونما ٿيا آهن، جن جو ڪجهه احوال تاريخ مان ملي سگهي ٿو. مثلن انهن ۾ هڪڙو واقعو مسٽر شومان هئنوور جي رهاڪوءَ (Mr. Schumann of hanover) جو آهي، جنهن قسطنطنيه جي شيخ الاسلام سان خط و ڪتابت ڪرڻ بعد سنه 1888ع ۾ اسلام قبول ڪيو. هيٺ نقل ڪيل خط، جو شيخ الاسلام طرفان مسٽر شومان ڏانهن لکيو ويو، پهريائين قسطنطنيه جي اخبارن ۾ شايع ٿيو، جنهن کان پوءِ فرينچ ۽ انگريزي زبانن ۾ ان جو ترجمو ڪيو ويو. جيئن ته موجوده وقت ۾ ڪوششون ٿي رهيون آهن ته عيسائي دنيا اڳيان اسلام، جيتري قدر ٿي سگهي، اوتريقدر دلڪش نموني ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ مسلمان دعائون گهري رهيا آهن ته انگلينڊ ۽ آمريڪا جا ماڻهو اسلام قبول ڪن، انهيءَ ڪري شيخ الاسلام جو هي خط ڪافي دلچسپ آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ اسلام جا اصول هڪ مشهور معتبر عالم جي طرفان بيان ٿيل آهن ۽ بظاهر انهيءَ خط لکڻ جو مقصد به اهو ئي هو ته عيسائين جي دلين اندر اسلام لاءِ سٺو اثر پيدا ٿئي، انهيءَ ڪري هي خط اسلام جي تبليغي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو ۽ اسين ان کي تفصيل سان هيٺ بيان ڪريون ٿا:
”جناب اعليٰ! اوهان جو خط، جنهن ۾ اوهان پنهنجي اسلام ۾ داخل ٿيڻ لاءِ عرض ڪيو آهي، اسان کي پهتو ۽ پڙهي بيحد خوشي ٿي. اوهان هن موقعي تي جيڪي خيال ظاهر ڪيا آهن، سي واقعي قابل تعريف آهن.
ساڳئي وقت، اسان اوهان جو توجهه هن حقيقت طرف ڇڪايون ٿا ته اوهان جو اسلام قبول ڪرڻ اسان جي مرضيءَ تي مدار نٿو رکي، ڇاڪاڻ ته خدا ۽ سندس ٻانهن جي وچ ۾ تعلق پيدا ڪرڻ لاءِ اسلام ڪنهن ٽياڪڙ جي اجازت نٿو ڏئي، جهڙيءَ طرح اوهان جي مذهب ۾ پادري آهي. اسان جو محض هي فرض آهي ته ماڻهن کي مذهبي حقيقتن کان واقف ڪريون. باقي انهن جو اسلام قبول ڪرڻ ڪنهن جي مرضيءَ تي موقوف نه آهي ۽ نه انهن جي مسلمان ٿيڻ لاءِ ڪنهن ديني رسمي ڪارروائيءَ جي ضرورت آهي. ان لاءِ هي ڳالهه ڪافي آهي ته انسان پنهنجي اندر ۾ ايمان آڻي ۽ انهيءَ ايمان جو اعلان ڪري.
حقيقت ۾ اسلام جو بنياد خدا تعاليٰ جي وحدانيت ۽ سندس محبوب ترين ٻانهي محمد جي رسالت تي ايمان آڻڻ آهي. يعني دل ۾ انهيءَ حقيقت تي پوريءَ طرح ايمان آڻي، زبان سان ان جو هنن لفظن ۾ اقرار ڪري ته! ”لا الہ الا الله محمد رسول الله (ﷺ)“ (يعني خدا تعاليٰ کانسواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي ۽ محمد (ﷺ) خدا جو سچو رسول آهي) جيڪو شخص هن ڪلمي جو اقرار ڪري ٿو، سو بغير ٻئي ڪنهن جي اجازت يا پسنديءَ جي مسلمان ٿي وڃي ٿو. هاڻي جيڪڏهن اوهان پنهنجي لکڻ موجب انهيءَ ڪلمي جو اقرار ڪريو ٿا يعني هي ظاهر ڪريو ٿا ته خدا کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود نه آهي ۽ محمد (ﷺ) ان جو رسول آهي ته پوءِ اوهان مسلمان آهيو ۽ اسان جي منظوريءَ جي ان ۾ ڪا ضرورت نه آهي. اسان پنهنجي طرفان وڏي فخر ۽ خوشيءَ سان اوهان کي مبارڪباد ڏيون ٿا، ته خدا تعاليٰ اوهان تي بيحد لطف ۽ ڪرم ڪيو آهي، جو اوهان کي اسلام جهڙي بي بها دولت نصيب ٿي آهي، ۽ اسان هن دنيا ۾ توڙي آخرت ۾ هيءَ شاهدي ڏينداسون ته تون اسان جو ڀاءُ آهين، ڇوته مسلمان سڀيئي پاڻ ۾ ڀائر آهن.
هيءَ ايمان جي مختصر ۽ جامع وصف (Defination) هئي، جيڪا بيان ڪئي ويئي آهي. هاڻي اسان ان جي ڪجهه وضاحت ڪريون ٿا. حضرت انسان، جيڪو پنهنجي عقل ۽ فهم ڪري ٻين سڀني جانورن کان بلند درجو رکي ٿو، سو نيستيءَ مان انهيءَ ڪري وجود ۾ آندو ويو آهي ته پنهنجي خالق جي عبادت ڪري. هن عبادت جو خلاصو ٻن لفظن ۾ هي آهي ته خدا جي حڪمن جي عزت ۽ سندس مخلوق سان همدردي ڪئي وڃي. هيءَ ٻٽي عبادت سڀني مذهبن ۾ موجود آهي، پر سڀيئي مذهب پنهنجي قاعده، قانونن، اصولن، وقت، جڳهه ۽ ٿورين يا گهڻين ديني رسمن جي لحاظ کان عمل ۾ مختلف آهن ۽ انساني عقل ايتريقدر مڪمل نه آهي، جو اسان کي عبادت جي هڪ اهڙي طريقي جو يقين ڏياري سگهي، جو خدا جي شايان شان هجي. پوءِ خدا تعاليٰ انسان تي رحم کائي، سندس هدايت لاءِ ڪجهه خاص انسانن کي نبوت جو منصب عطا ڪيو ۽ انهن ڏانهن ملائڪن ذريعي وحي ۽ ڪتاب موڪلي، مٿن سچو دين ظاهر ڪيو.“
(انهيءَ کان پوءِ خط ۾ قرآن شريف، انبياءِ ڪرام، قيامت ۽ ٻين عقيدن جو بيان ٿيل آهي ۽ ان کان پوءِ عملي فرضن، جهڙوڪ: نماز، زڪوات وغيره جو ذڪر اچي ٿو.)
هڪ گنهگار، جڏهن پنهنجو پڇتاءُ ظاهر ڪري ٿو ۽ بذات خود خدا کان گناهن جي معافي طلب ڪري ٿو، ته سندس گناهه معاف ٿي وڃن ٿا، ليڪن پنهنجي پاڙيسريءَ جا حق ڪڏهن به معاف ٿي نٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته جنهن به خدا جي بندي کي هن دنيا ۾ انصاف نٿو پلئه پوي، سو قيامت جي ڏينهن پنهنجا حق طلبيندو ۽ خدا تعاليٰ، جيڪو منصف آهي، ظالم کي مجبور ڪندو ته مظلوم کي معاوضو ڏئي. خدا جو هي قانون ايتريقدر ته اٽل آهي، جو خود شهيد به ان کان پاڻ بچائي نه سگهندا. هن جوابداريءَ کان بچڻ جو فقط هڪ طريقو آهي ته پنهنجي پاڙيسريءَ کان، جنهن تي اوهان ظلم ڪيو آهي، هتي ئي معافي حاصل ڪري ڇڏيو، بهرحال ڪنهن به حالت ۾ ڪنهن مذهبي پيشوا جي وچ ۾ پوڻ يا سفارش ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هي سڀيئي ڳالهيون انهن ماڻهن کي عجيب نظر اينديون، جن پاڻ کي (پادرين جهڙن) ديني رهنمائن جي راڄ جو عادي بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ڪنهن عيسائي گهر ۾ ٻار ڄمي ٿو، تڏهن هن کي عيسائي سوسائٽيءَ ۾ داخل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪو پادري سندس بپتسمه جي رسم ادا ڪري. جڏهن اهو ٻار وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏهن وري ضرورت ٿئي ٿي ته هڪڙو پادري سندس شادي ڪرائي. جيڪڏهن اهو شخص خدا جي عبادت ڪرڻ چاهي ٿو ته هن لاءِ ضروري آهي ته پهريائين ڪليسا ۾ وڃي پادريءَ کي تلاش ڪري، جيڪڏهن هو پنهنجن گناهن کان توبهه ڪرڻ گهري ٿو، تڏهن به هن کي ڪنهن پادريءَ اڳيان گناهن جو اعتراف ڪري معافي وٺڻي آهي. آخر ۾ جڏهن هو مري ٿو، تڏهن سندس لاش کي دفن ڪرڻ لاءِ به پادري گهرجي.
انهي جي ڀيٽ ۾ مسلمانن جي مذهب ۾ عيسائين وانگر نه پادري آهن ۽ نه اهڙين پابندين کي ان ۾ ڪا جڳهه حاصل آهي. جڏهن ڪنهن مسلمان جي گهر ۾ ٻار پيدا ٿئي ٿو، ته هو ڄمڻ سان ئي مسلمان آهي ۽ سندس پيءُ يا ڪٽنب جو ڪو وڏو ڪن ۾ اذان ڏئي ٿو ۽ پوءِ مٿس نالو رکي ٿو. جڏهن ڪو مسلمان شادي ڪرڻ چاهي ٿو ته فقط مرد ۽ عورت يا انهن جي وڪيلن کي ڪن به ٻن شاهدن جي روبرو اقرار ڪرڻو پوندو آهي. ان اقرار جو تعلق صرف شادي ڪندڙ ڌرين سان هوندو ۽ ٻيو ڪو ان ۾ نه دخل ڏيئي سگهي ٿو ۽ نه حصو وٺي سگهي ٿو.
هڪ مسلمان جتي وڻيس، اتي اڪيلو عبادت ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي گناهن جي معافي وٺڻ لاءِ هوسنئون سڌو خدا جي اڳيان توبهه ڪري ٿو. هو پنهنجن گناهن جو اعتراف ٻين جي اڳيان نٿو ڪري ۽ نه هن کي ڪرڻ گهرجي. جڏهن هڪ مسلمان جو موت واقع ٿئي ٿو، تڏهن شهر جي مسلمانن تي هي فرض عائد ٿئي ٿو ته اهي هن کي ڪفن ۾ بند ڪري وڃي دفن ڪن. هر هڪ مسلمان هي ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ ان لاءِ ڪنهن به مذهبي اڳواڻ جي ضرورت نه آهي.
مطلب ته سڀني ديني ڪمن ۾ خدا ۽ سندس ٻانهن جي وچ ۾ ٽئين ماڻهوءَ جي ضرورت نٿي پوي. هي ضروري آهي ته خدا تعاليٰ جي منشا کي، جيڪا پيغمبر ﷺ جن جي ذريعي ظاهر ڪئي ويئي آهي، معلوم ڪري ان مطابق عمل ڪيو وڃي.
فقط ڪن موقعن تي جهڙوڪ: جمعي نماز ۽ عيدن جي ڏينهن تي مذهبي رسمن جي ادائگي خليفي جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي، ڇاڪاڻ ته اسلام ۾ ديني رسمن جي ادائگيءَ جو انتظام ڪرڻ خليفي جي مقدس فرضن ۾ شامل آهي. خليفي جي حڪم جي اطاعت هڪ اهم مذهبي فرض آهي. اسان جو فرض آهي ته جيڪي به مذهبي امور خليفو اسان جي حوالي ڪري، تن جو سندس پاران انتظام ڪريون.
سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه، جنهن جو هر ڪنهن مسلمان کي تمام گهڻو خيال ڪرڻو آهي، سا آهي اعليٰ اخلاق جو پيدا ڪرڻ، خرابيون جهڙوڪ: تڪبر، بدگماني، خود پسندي يا خود غرضي ۽ ضد هڪ مسلمان کي نٿيون جڳائين. وڏن جو ادب ڪرڻ ۽ ننڍن تي شفقت ڪرڻ اسلامي احڪامن مان آهن.”
هن خط جي تاريخ (يعني سنه 1888ع کان ٿورا سال اڳ هڪ انگريز قانوني مشير (Solicitor) مسٽر وليم هينري ڪئليم (Villium henry quilliam) پنهنجي سر قرآن شريف ۽ ڪجهه اسلامي ڪتابن جو مطالعو ڪري مسلمان ٿيو هو. مسٽر وليم جي دل ۾ اسلام قبول ڪرڻ جو شوق سنه 1884ع ۾ پيدا ٿيو، جڏهن هو مراقش (Maracash) جو سفر ڪري رهيو هو، جتي هو خصوصن مسلمانن جي ظاهر ظهور ايمانداري ڏسي ۽ انهن کي شرابخوريءَ ۽ ٻين براين کان پرهيزون، جيڪي انگلينڊ جي وڏن وڏن شهرن ۾ عام هيون، معلوم ڪري ڏاڍو متاثر ٿيو. هن لورپول (Liverpool) جي شهر ۾ اسلام جي تبليغ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ پنجن سالن جي سخت جفاڪشيءَ بعد اٽڪل ٽيهن انگريزن کي مسلمان ڪيائين. ان کان پوءِ تبليغ لاءِ وڌيڪ مئوثر ۽ عملي ذريعا اختيار ڪيا ويا. جيئن ته عام تقريرن جو سلسلو شروع ڪيو ويو، ننڍا ننڍا ڪتاب ڇپرائي تقسيم ڪيا ويا ۽ هڪ رسالو جاري ڪيو ويو. خاص مبلغ مقرر ڪيا ويا، جيڪي مرڪزي جڳهين تي کليو کلايو اسلامي اصولن کي بيان ڪندا هئا. انهن ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو، جو مسٽر ڪئليم جي مسلمان ٿيڻ کان ڏهن سالن بعد انگريز نئو مسلمن جو تعداد 137 تائين پهچي ويو. انگلينڊ جي هن تبليغي مشن اسلامي دنيا جو توجهه پنهنجي طرف ڇڪايو آهي، خاص ڪري هندستان ۾، جتي انگريز نئو مسلمن جي ديني زندگيءَ سان واسطو رکندڙ هر هڪ واقعو مسلمان اخبارن ۾ ڇاپيو وڃي ٿو. سنه 1891ع ۾ ترڪيءَ جي سلطان مسٽر ڪئليم کي ملاقات لاءِ قسطنطنيه ۾ گهرايو ۽ ٽن سالن بعد هو سلطان جي طرفان مسجد جي سينگار جو سامان هڪ مسلمان واپاريءَ کي پهچائڻ لاءِ کڻي آفريڪا جي مغربي ڪناري ڏانهن روانو ٿيو، جتي لاگوس (Logos) شهر ۾ انهيءَ واپاريءَ هڪ شاندار مسجد تعمير ڪرائي هئي.
آمريڪا ۾ وري هڪ نئو مسلم محمد اليگزئنڊر رسيل ويب (Muhammad Alexander Russel Webb) سنه 1893ع ۾ اسلام جي اشاعت جو سلسلو شروع ڪيو هو خود پنهنجي سر اسلامي ڪتاب پڙهي مسلمان ٿيو هو. ننڍپڻ کان رسيل ويب جي تعليم و تربيت عيسائين جي پريسبٽيرين (Presbyterian) فرقي جي اصولن مطابق ٿي هئي. مگر بعد ۾ هو عيسائي مذهب کي ڦٽو ڪري هڪ مادي پرست يا دهريو (Materialist) بڻجي ويو. ان کان پوءِ هن کي مشرقي ملڪن جي مذهبن معلوم ڪرڻ جو شوق جاڳيو، جن مان اسلام کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو. ان کان پوءِ هن بمبئي جي هڪ مسلمان بدر الدين عبدالله قور سان خط و ڪتابت شروع ڪئي. انهيءَ وقت مسٽر ويب منيلا ٻيٽ ۾ آمريڪا جو سفير هو. هتي بدر الدين سان اٽڪل ٻن سالن جي خط و ڪتابت بعد سندس ملاقات جدي جي هڪ دولتمند واپاريءَ حاجي عبدالله عرب سان ٿي، جنهن مسٽر ويب سان آمريڪا ۾ هڪ اسلامي مشن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ وڏيءَ رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو. آخرڪار هو جڏهن آمريڪا ڏانهن روانو ٿيو، تڏهن پهريائين هندستان آيو ۽ اتي جي وڏن وڏن شهرن ۾ جتي مسلمان ڪثرت سان رهندا هئا، تقريرون ڪيون. آمريڪا ۾ پهچڻ سان مسٽر ويب اسلام جي دعوت جو سلسلو شروع ڪيو. هن اسلام جي دعوت کي وسيع ڪرڻ جي خيال سان هڪ رسالو ”دي مسلم ورلڊ“ (يعني اسلامي دنيا) جاري ڪيو انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ اسلام شايع ڪرڻ لاءِ جيڪي هي ٻه تحريڪون برپا ٿيون، سي اسلام اندر تبليغي سرگرمين جي موجود هجڻ جو تازو مثال آهن. تنهن کانسواءِ هي تحريڪون خاص ڪري وڌيڪ توجهه جوڳيون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي اسلام جي ڪن اهڙين ته قابل قبول خصوصيتن کي ظاهر ڪن ٿيون، جو هي مذهب مهذب دنيا اڳيان پيش ڪري سگهجي ٿو. موجوده وقت ۾، انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ جيڪي تبليغي مشينريون (Missions) اسلام جي اشاعت جو ڪم ڪري رهيون آهن، تن جا بانيڪار مسلمان عالمن ۽ فقيهن جي بيشمار ڪتابن کان ناواقف آهن. اهي اسلام بابت معلومات گهڻو ڪري قرآن شريف جي انگريزي ترجمن ۽ موجوده وقت جي اهڙن مصنفن جي تصنيفن مان حاصل ڪن ٿا، جي اسلام جي عقل مطابق تشريح ۽ توضيع ڪن ٿا. انهن مسلمانن پنهنجي عبادت ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون پڻ داخل ڪيون آهن، جيڪي پروٽيسٽنٽ مذهب جي عبادت ۾ موجود آهن. مثلن: مناجات جو ڳائڻ، انگريزي زبان ۾ نماز پڙهڻ وغيره. اهڙيءَ طرح هي تحريڪون اسلام جي اصولن ۽ انهن جي عملي طريقن کي، اهڙي انداز ۾ پيش ڪن ٿيون، جو ٻين سڀني تحريڪن جي طريقي کان مختلف آهي. انهيءَ مان هي پڻ ثابت ٿئي ٿو ته اسلام اندر ايتري ته قوت ۽ تاثير آهي، جو جن به ماڻهن کي هي مذهب پنهنجي طرف آڻڻ چاهي ٿو تن جي دنيوي ترقيءَ ۽ خاص حالتن ۾ رڪاوٽ نٿو پيدا ڪري.