باب پنجون : اسپين جي عيسائين ۾ اسلام جو ڦهلجڻ
جڏهن مسلمانن پهريون دفعو پنهنجي مذهب جي اشاعت جو ڪم اسپين ۾ شروع ڪيو، تڏهن انهن ڏٺو ته ڪئٿلڪ مذهب وارن جو آرين عيسائين مٿان چڱو غلبو هو، ۽ ساري ملڪ ۾ اهو مذهب پختيءَ طرح ڦهليل هو. طليطله جي ڇهين مجلس ۾ اهو قاعدو پاس ڪيو ويو ته اسپين جي سڀني بادشاهن کي قسم کڻڻو پوندو ته ملڪ ۾ ڪئٿلڪ مذهب کانسواءِ ٻئي ڪنهن به مذهب جي پيرويءَ کي برداشت نه ڪندا ۽ هن مذهب جي مخالفت ڪندڙن خلاف سخت قانون جاري ڪندا. ٿوري وقت کان پوءِ هڪ ٻيو قانون بحال ٿيو، جنهن مطابق هيءَ پابندي لڳائي وئي ته ڪو به ماڻهو ڪئٿلڪ مذهب ۽ رسولي ڪليسا (Apostolic Church) انجيلي قانون، مذهبي دين جي وصفن ۽ تعريفن، ڪليسئا جي حڪمن ۽ مذهبي رسمن بابت اعتراض نه اٿاري، ورنه انهن جي جائداد ضبط ڪئي ويندي ۽ انهن کي هميشه لاءِ قيد جي سزا ڏني ويندي. پادرين جي طبقي ملڪي ڳالهين ۾ تمام گهڻي طاقت حاصل ڪئي. بِشَپَ ۽ ٻيا خاص خاص ڪليسائي عهديدار قومي مجلسن ۾ وهندا هئا، جن ۾ تمام اهم ڳالهين متعلق فيصلا ٿيندا هئا. انهن سڀني کي اهڙيون اختياريون مليل هيون ته بادشاهه جي انتخاب کي قبول ڪن يا جيڪڏهن بادشاهه انهن جي حڪم تي عمل نه ڪري ته پوءِ هن کي تخت تان لاهي ڦٽو ڪن. عيسائي پادرين اهڙين اختيارين جو ناجائز فائدو ورتو ۽ يهودين تي جي اسپين ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ آباد هئا، سخت ظلم ڪيا. جن يهودين عيسائي بڻجڻ کان انڪار ڪيو، انهن خلاف نهايت سخت وحشيانه حڪم جاري ڪيا ويا. آخرڪار انهن ظلمن ۽ سختين جو اهو نتيجو نڪتو، جو يهودين، حمله آور عربن کي عيسائيت جي اهڙي ظلم و ستم کان نجات ڏياريندڙ سمجهي انهن جو ڏاڍو استقبال ڪيو. انهن مسلمانن جي فتح ڪيل شهرن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ مسمانن طرفان پنهنجون فوجون بيهاريون ۽ جن شهرن جو مسلمان اڃا گهيرو ڪريو بيٺا هئا، انهن جا دروازا يهودين کولي ڇڏيا.
اسپين جي غلامن به مسلمانن جي تمام گهڻي مرحبا ڪئي، ڇاڪاڻ ته گاٿڪ حڪومت اندر انهن غلامن جي حالت تمام گهڻي دکائداڪ هئي. ان کانسواءِ انهن کي عيسائي مذهب جو علم ايتريقدر ته سطحي هو جو اسلام قبول ڪرڻ جي حالت ۾ جيڪا آزادي ۽ ٻيا بيشمار نفعا انهن کي حاصل ٿيڻ وارا هئا، تن جي مقابلي ۾ اهو علم ڪجهه به اهميت رکي نه ٿي سگهيو.
اهي مظلوم غلام هئا، جن اسپين ۾ پهريائين اسلام قبول ڪيو. غير عيسائين (Heathens) مان باقي بچيل ماڻهن پڻ، جن جو ذڪر دير ۾ دير سنه 693ع تائين اچي ٿو. غلامن جي مثال جي پيروي ڪئي. گهڻن ئي عيسائي اميرن دلي خلوص سان يا ٻئي ڪنهن غرض سان اسلام قبول ڪيو هيٺين ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن مان پڻ ڪيترن ٻاهرينءَ دل سان نه، پر سچيءَ دل سان اسلام قبول ڪيو. انهن پنهنجو دامن انهيءَ مذهب کان ڇڏايو، جنهن جي بانين کين ديني تعليم کان بلڪل بي خبر رکيو ۽ انهن جي طرف ڪو به توجهه نه ڪيو ۽ خود پنهنجي دنيوي خواهشن کي پوري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي، پنهنجي مذهب ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ڦرڻ، لٽن ۽ ستائڻ لڳا. اسپين جا اهي عيسائي جڏهن هڪ دفعو مسلمان ٿيا ته پوءِ اسلام جا سچا ۽ پڪا پوئلڳ بڻجي ويا ۽ انهن پاڻ کي ۽ پنهنجي اولاد کي اهڙن مسلمان عالمن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪي ديني معاملن ۾ معمولي ڳالهين جو به تمام گهڻو لحاظ رکندا هئا ۽ عرب اميرن جي لاپرواهيءَ ۽ عياشيءَ واري زندگيءَ جا سخت مخالف هئا. مسلمانن جي اسپين فتح ڪرڻ وقت عيسائين مان آڳاٽيون گاٿ قوم جي ماڻهن واريون اعليٰ خوبيون نڪري ويون هيون ۽ انهن جي جڳهه عياشيءَ ۽ بيڪاريءَ اچي والاري هئي، ايتريقدر جو عيسائي عالم مسلمانن جي حڪومت کي انهن عيسائين لاءِ هڪ سزا ڪري سمجهندا هئا، جن براين جي ذريعي پاڻ کي گمراهه ڪري ڇڏيو هو.
جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن عيسائي بشپ مسلمان حاڪمن جي عيش و عشرت وارين محفلن ۾ مست ٿي ويا ۽ انهن جا علائقا نيلام ڪيا ويا. عيسائين جا مذهبي نگران خدا جي منڪرن مان پڻ مقرر ڪيا ويا ۽ انهن نگرانن وري پنهنجي طرفان پادرين جي جڳهين تي بدڪار ۽ نااهل ماڻهو مقرر ڪيا. انهيءَ حالت ۾ اسان اهو چڱيءَ طرح سمجهي سگهنداسون ته نه رڳو الويرا (Elvera) جي علائقي ۾ پر اسپين جي ٻين صوبن ۾ پڻ عيسائي پنهنجي انهيءَ دين کان جنهن کي ان جي پيشوائن پنهنجي خراب حالت ڪري بدنام ڪري ڇڏيو هو ضرور منهن موڙي اسلام جي دائري اندر هڪ خوشگوار اخلاقي ۽ روحاني فضا کي تلاش ڪيو هوندو.
سنه 838ع ۾ فرينچ درٻار جي بودو نالي هڪ پادريءَ پائيس (نيڪ) لوئي (Loius the pious) جي دور حڪومت ۾ عيسائي مذهب ڦٽو ڪري، يهودي مذهب اختيار ڪيو ۽ ائين ڪرڻ جو هن خود اهو سبب پيش ڪيو ته جيئن هو پنهنجي گناهگار زندگيءَ کي ڦٽو ڪري، خدا جي حڪم جو پورو پورو فرمانبردار بڻجي وڃي. هاڻي جيڪڏهن عيسائي مصنف اهڙن واقعن کي قلمبند ڪرڻ جو پورو خيال ڪن ها ته يقينن اسپين اندر بودو جهڙا گهڻائي مثال ملن ها، جن عيسائي ڪليسيا جي اطاعت کي ترڪ ڪري ڇڏيو هو.
عربن جي فتح کان ڪجهه سال اڳ اسپين جي ڪليسا اڳوڻي ڳاٿ قوم جي باقي بچيل آرين عيسائين طرف توجهه ڪيو ۽ انهن ۾ سڌاري آڻڻ جي ٿوري گهڻي ڪوشش ڪئي. ممڪن آهي ته انهن آرين عيسائين عام ماڻهن جي دلين ۾ اسلام قبول ڪرڻ جو شوق پيدا ڪيو هجي، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهن اندر عيسائيت جو نظريو آرين عيسائين جي عقيدي سان ملندڙ جلندڙ هو- (آرين جو نظريو ورڻ اسلام جي نظريي سان مشابهت رکندڙ هو).
عربن جي اسپين ۾ فتح جي شروع زماني ۾ ئي اسان کي زبردستي عيسائين کان سندن دين تبديل ڪرائڻ يا اسلام قبول ڪرائڻ لاءِ انهن تي ظلمن ۽ سختين ڪرڻ جو احوال ڪجهه به نه ٿو ملي، پر پاڻ اهو گمان ڪڍي سگهجي ٿو، ته عربن جو اسپين تي ايتريقدر جلد قبضي ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب مسلمانن جو عيسائي مذهب سان بي تعصبيءَ ۽ مذهبي آزاديءَ وارو سلوڪ هو. جيڪڏهن عيسائين کي پنهنجن نون حاڪمن خلاف ڪا شڪايت هئي ته صرف اها هئي ته هو انهن سان غير عيسائي (يعني مسلمان) رعيت کان مختلف برتاءُ ڪندا هئا. انهن کي سالانه جزئي جي رقم هن نرخ سان ادا ڪرڻي پوندي هئي. شاهوڪارن کي 48 درهم، وچولي درجي وارن کي 14 درهم ۽ محنت مزدوري ڪرڻ وارن کي 12 درهم، جنهن صورت ۾ هي محصول فوجي نوڪري نه ڪرڻ عيوض وصول ڪيو ويندو هو، انهيءَ حالت ۾ صرف سالم جسم مردن کان ورتو ويندو هو. عورتون، ٻار، راهب، لنگڙا، لولا، انڌا، بيمار، فقير ۽ غلام، انهن سڀني تان جزيو معاف هو. جيئن ته عيسائين کان جزئي وصول ڪرڻ لاءِ عيسائي آفيسر مقرر ڪيا ويندا هئا، انهيءَ ڪري وصوليءَ ۾ ڪنهن به قسم جي سختي نظر نه ٿي اچي.
اسلامي قانون خلاف ڪيل ڏوهن کانسواءِ عيسائين جي باقي ٻين سڀني ڏوهن جو فيصلو انهن جي مصنفن اڳيان ۽ انهن جي ئي مذهبي قانون موجب ڪيو ويندو هو. انهن جي مذهبي پيرويءَ ۾ ڪنهن به قسم جي دست اندازي نه ڪئي ويندي هئي.. عيسائي پنهنجي قربانيءَ ۾ فريضو خوشبوءِ ڇٽڪارڻ، ناقوس وڄائڻ ۽ ٻين ڪئٿلڪ مذهب جي رسمن سان ادا ڪندا هئا. ديولن ۾ مسيحي گيت جماعتي رنگ ۾ ڳايا ويندا هئا. عام عيسائين کي خطبو ڏنو ويندو هو ۽ ديولن جا سڀئي وڏا ڏينهن بدستور ملهايا ويندا هئا. اسپين جي عيسائين متعلق اهو معلوم نٿو ٿئي ته ڪو انهن کي شام ۽ مصر ۾ رهندڙ هم مذهب عيسائين وانگر ڪنهن خاص پوشاڪ پهرڻ جو حڪم ڏئي، انهن جي توهين ڪئي وئي هجي، بلڪه ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته عيسوي نائين صديءَ ڌاري گهٽ ۾ گهٽ عام عيسائي (جيڪو ڪليسئا اندر ڪنهن به قسم جي خدمت بجا نه آڻيندو هو) عربن جهڙي پوشاڪ پهريندو هو هڪ دفعي ته انهن کي نون ديولن تعمير ڪرائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جيتوڻيڪ اها اجازت انهن شرطن جي بلڪل خلاف هئي، جيڪي عام طرح ڪنهن عيسائي ملڪ کي فتح ڪرڻ وقت بحال ڪيا ويندا هئا.
جيتوڻيڪ عيسائي راهبن،مردن توڙي عورتن لاءِ عبادتگاهون موجود هيون، جن ۾ هو بغير مسلمان حاڪمن جي دست اندازيءَ جي، عبادت ڪندا هئا. تڏهن به تاريخ مان اسان کي گهڻن ئي نون خانقاهن بڻائڻ جو احوال ملي ٿو. عيسائي راهب پنهنجي مخصوص اوني پوشاڪ بلڪل کليءَ طرح پائي سگهيو ٿي، ۽عيسائي پادريءَ کي پنهنجي مذهبي منصب جي ظاهري علامت کي لڪائڻ جي ڪا به ضرورت ڪا نه هئي. ساڳئي وقت عيسائين کي سندن مذهبي پيشوا حڪومت جي وڏين وڏين نوڪرين کان محروم رکي نٿي سگهيو.
جيڪي عيسائي پنهنجي هٿان، ملڪي طاقت وڃائڻ جي صدمي کي برداشت ڪري، هاڻي راضي ٿي ويهي رهيا هئا، تن کي يقينن مسلمانن خلاف ڪا به شڪايت نه هئي ۽ اها هڪ قابل توجهه ڳالهه آهي ته سڄيءَ عيسوي اٺين صديءَ اندر اسان کي عيسائين طرفان بغاوت جو صرف هڪ واقعو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. اها بغاوت بيجا جي شهر ۾ ٿي هئي ۽ ان جي ڀڙڪائڻ وارو به هڪ عرب سردار هو.
ڪيترن عيسائين پنهنجو ملڪ ڇڏي، فرانس جي ملڪ ۾، انهيءَ خيال کان وڃي پناهه ورتي هئي ته اتي هو عيسائي حڪومت ماتحت پنهنجي زندگي بسر ڪن، پر انهن جي حالت پنهنجن انهن هم مذهب عيسائين کان، جن کي هو اسپين ۾ ڇڏي ويا هئا، ڪنهن به حالت ۾ بهتر نه رهي. سنه 812ع ۾ بادشاهه شارل مان (Charllemagne) انهن عيسائين کي، جي خود بادشاهه سان گڏ پنهنجو ملڪ اسپين ڇڏي، فرانس آيا هئا، فرانس جي حاڪمن جي ظلم کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ٽن سالن کان پوءِ، فرانس جي بادشاهه لوئي ري پايس کي انهن عيسائين جي حفاظت لاءِ هڪ ٻيو حڪم جاري ڪرڻو پيو.
انهيءَ هوندي به انهن کي فرانس جي اميرن خلاف جلد ئي شڪايت ڪرڻي پئي ته جيڪي زمينون انهن کي فرانس ۾ مليون هيون، سي اميرن انهن کان ڦري ورتيون. هيءَ خراب ۽ ظلم واري حالت ٿوري وقت لاءِ بند رهي، پر وري نئين سر پيدا ٿي. جيتوڻيڪ انهن بدقسمت جلاوطن عيسائين جي حفاظت لاءِ، حڪومت طرفان ڪيترائي حڪم جاري ڪيا ويا، پر انهن مان ڪنهن هڪڙي حڪم به انهن ويچارن جي حالت بهتر نه بڻائي. اسان کي ڪا گٽ (Cagots) جي قوم ۾، جنهن کي ڪجهه وقت بعد هڪ تڙيل ۽ مظلوم قوم تسليم ڪيو ويو، اسپين جا اهي نئو آباد عيسائي ملن ٿا، جن اسپين جي مسلم حڪومت مان ڀڄي وڃي، پاڻ کي فرانس ۾ پنهنجي هم مذهب عيسائين جي رحم ڪرم تي ڦٽو ڪيو.
اسپين جي اسلامي حڪومت ۾ عيسائي رعيت سان بي تعصبيءَ ۽ مذهبي آزاديءَ واري رويي ڪري ۽ ٻنهي مذهبن جي پوئلڳن جي پاڻ ۾ آزاديءَ سان ميل جول ڪري، ٻنهي قومن ۾ ٿورو گهڻو اتفاق پيدا ٿيو. مسلمانن ۽ عيسائين جي وچ ۾ شاديون ڪثرت سان ٿيڻ لڳيون. بيجا جي آئيسي ڊوريءَ (Isidori)، جو هميشه مسلمان فاتحن خلاف گهٽ وڌ لکندو رهندو آهي. عبدالعزيز بن موسيٰ جي بادشاهه راڊرڪ جي بيواه راڻيءَ سان شاديءَ جو احوال بغير ڪنهن نڪته چينيءَ جي ڏنو آهي. گهڻن ئي عيسائين عربي نالا اختيار ڪيا ۽ ظاهري رسمن ۾ پڻ انهن ڪجهه حد تائين پنهنجي پاڙيسري مسلمانن جو نقل ڪيو. مثلن ڪيترن عيسائين پنهنجو طهر ڪرايو. ۽ کاڌي پيتي جي ڳالهين ۾ پڻ مسلمانن جي پيروي ڪئي.
اسپين جي عيسائي رعيت جو عرب حڪومت اندر پاڻ کي مزرب يعني مستعربين جي نالي سان سڏائڻ مان اهو مطلب نڪري ٿو ته عيسائين جي دل جو لاڙو ڪهڙي طرف هو؟عربي زبان سکڻ جو شوق ايتريقدر ته جلد وڌي ويو، جو سڄي اسپين اندر لئٽن ٻوليءَ جي جاءِ عربيءَ وڃي والاري ۽ جنهن زبان ۾ مسيحي دين جي تعليم ڏني ويندي هئي، تنهن زبان طرف ماڻهن توجهه ڪرڻ ڦٽو ڪري ڇڏيو. ۽ آهستي آهستي اها زبان ماڻهن کان وسرڻ لڳي، ڪيترن بلند درجي وارن پادرين کان به صحيح لئٽن زبان وسري وئي هئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو انهن پادرين کي ماڻهن جون ٺٺوليون ۽ مسخريون برداشت ڪرڻيون پيون. هاڻي اها اميد رکڻ مشڪل آهي ته عام عيسائين کي لئٽن زبان سکڻ ۽ صحيح طرح استعمال ڪرڻ ۾ پادرين کان زياده دلچسپي هوندي. سنه 854ع ۾ هڪ اسپين جي مصنف پنهنجي هم وطن عيسائين جي شڪايت هن طرح ڪئي آهي: ”جڏهن اسان مسلمانن جي مقدس ڪتابن جو معائنو ڪريون ٿا ته انهن جي فيلسوفن يا حڪيمن جي تعليم جو غور سان مطالعو ڪرڻ لاءِ، گڏجي ويهون ٿا، تڏهن اسان اهو عمل انهن جي غلطين تي نڪته چيني ڪرڻ جي مقصد سان نٿا ڪريون، بلڪه انهن جي ٻوليءَ جي بي انتها ڪشش، فصاحت ۽ خوبصورتيءَ تي موهت ٿي پيا آهيون ۽ انهيءَ ڪري اسان پنهنجي مقدس انجيل جو پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڪٿي آهي، هاڻي دنيادار ماڻهن ۾ اهو اهل علم! جنهن پاڻ کي پاڪ انجيل جي پڙهڻ ۾ مشغول رکيو هجي ۽ لئٽن جي عالمن جي تصنيفات طرف توجهه ڪيو هجي؟ ڪير آهي هاڻي، جنهن کي انجيلن، پيغمبرن يا رسولن جي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هجي؟ اسان جا عيسائي نوجوان پنهنجي نازڪ انداز ۽ فصيح زبان ڪري، پوشاڪ توڙي وضع قطع ۾ ڏاڍا ڏيک ويک وارا آهن، انهن غير عيسائي علوم (اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻو نالو ڪڍيو آهي. هو عربي زبان جي فصاحت جي نشي ۾ مخمور ٿي، لالچ وچان هر ڪنهن مضمون يا موضوع تي بحث ڪن ٿا ۽ ڪلدانين (Chaldeans) مسلمانن جي ڪتابن جو تمام گهڻي شوق سان مطالعو ڪن ٿا ۽ نهايت سرجوشيءَ سان انهن تي بحث مباحثو ڪن ٿا. هو عربن جي فصاحت ۽ بلاغت جي بي انتها تعريف ڪري، انهن کي مشهور ڪن ٿا. انهن نوجوان عيسائين کي پنهنجي ڪليسئا جي علم و ادب جي ڪجهه به خبر نه آهي، بلڪه ڪليسئا جي علمي چشمن کي، جيڪي سڌا بهشت مان نڪرن ٿا، نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. افسوس! عيسائي پنهنجي شريعت کان ايتريقدر ته ناواقف آهن ۽ لئٽن ٻولي ڳالهائيندر پنهنجي ٻوليءَ طرف ايتريقدر ته گهٽ توجهه ڏين ٿا، جو سڄي عيسائي آباديءَ مان هزار ۾ مس مس هڪ ماڻهو ملندو جو پنهنجي دوست کي سندس خير عافيت معلوم ڪرڻ لاءِ لئٽن ٻوليءَ ۾ صاف طرح خط لکي سگهندو هوندو. باقي اهڙا ته بي شمار ۽ هر ڪنهن طبقي جا عيسائي ملندا، جي ڪلدائي زبان ۾ (يعني عربيءَ ۾) تمام گهڻي رنگينيءَ ۽ خوبصورتيءَ سان عالماڻي انداز ۾ لکي ڄاڻن ٿا. اهي عيسائي شعر پڻ ٺاهي سگهن ٿا ۽ شعر به اهڙا، جو هر ڪنهن مصرع جي پڇاڙيءَ ۾ ساڳيو رديف اچي، انهن جو شعر ڏيکاري ٿو ته شعر جي وزن توڙي لفظي خوبصورتيءَ جي لحاظ کان انهن کي عربن کان به وڌيڪ مهارت حاصل هئي.
حقيقت ۾ لئٽن ٻوليءَ جي معلومات اسپين جي هڪ حصي مان ايتريقدر ته نڪري وئي هئي، جو اها ضرورت محسوس ڪئي وئي ته عيسائين جي استعمال لاءِ اسپين جي ڪليسئا جي قديم قانونن ۽ بائيبل جو عربي زبان ۾ ترجمو ڪيو وڃي
عربن جي شاندار علم و ادب عيسائين کي اهڙو ته موهت ڪري ڇڏيو ۽ هو ان کي ايتري ته ذوق شوق سان پڙهڻ لڳا، جو جيڪڏهن ڪن عيسائين پنهنجي دين جو علم و ادب سکڻ چاهيو ٿي، تڏهن به انهن وٽ انهيءَ کان وڌيڪ ڪجهه به تعليمي مواد موجود نه هو، جيڪو جهنگلي گاٿ قوم جي ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. ان کانسواءِ اهڙي ادنيٰ درجي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ به استاد ڏاڍي مشڪل سان ملندا هئا. جيئن جيئن وقت گزرندو ويو. تيئن تيئن مسيحي علم ملڪ مان نڪرندو ويو. سنه 1125ع ۾ مستعربين ايروگن جي بادشاهه الفانسو کي هن طرح لکيو: ”اسين ۽ اسان جا ابا ڏاڏا اڄ ڏينهن تائين غير عيسائين جي وچ پليا آهيون. عيسائي هجڻ جي حالت ۾ مسيحي دين جي آزاديءَ مان پيروي ڪريون ٿا، پر پنهنجي هن پاڪ مذهب جي مڪمل تعليم حاصل ڪرڻ اسان جي پهچ کان ٻاهر رهي آهي، ڇاڪاڻ ته غير عيسائين جي رعيت هجڻ ڪري، جن اسان تي مدت دراز کان وٺي سختيون ڪيون، اسان کي ڪڏهن به روم يا فرانس مان ديني معلمن گهرائڻ جي جرائت نه ٿي ۽ نه وري ڪڏهن انهن ملڪن مان معلم غير عيسائي حاڪمن جي ظلم جي خوف کان اسان ڏانهن آيا آهن.
هاڻي جنهن صورت ۾ اسپين جي عيسائين جو مسلمانن سان ملڻ جلڻ جو اهڙو گهاٽو رستو رهيو ۽ انهن جي علم و ادب جو عيسائي تمام گهڻيءَ محنت سان مطالعو ڪندا رهيا. انهيءَ حالت ۾ لازمي طرح اها اميد رکي سگهجي ٿي، ته عيسائين تي اسلام جو اثر ضرور ٿيو هوندو ۽ در حقيقت هو به ائين، خود اسلام جي هڪ ڪٽر دشمن الور انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪيو آهي، ته قرآن شريف اهڙي ته فصيح ۽ خوبصورت ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي، جو عيسائي پڻ ان کي پڙهڻ ۽ ان جي ساراهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيا آهن. طليطله جي هڪ بشپ الپاندوس (Alipandus) هڪ گمراهيءَ واري گود جي مسئلي کي شروع ڪيو، جنهن مطابق ظاهر ڪيو ويو ته حضرت يسوع مسيح خدا جو گود جو پٽ آهي ۽ نه قدرتي طرح پيدا ٿيل. الپاندوس متعلق واضح طور ظاهر ڪيو ويو آهي ته هن جي مسلمانن سان تمام گهڻي ۽ گهاٽي تعلق هجڻ ڪري ئي هن جي اندر اهو گمراهيءَ وارو نظريو پيدا ٿيو ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هي نئون عقيدو اسپين جي هڪ وڏي حصي اندر تمام جلد پکڙجي ويو ۽ خصوصن سپطيمانيه (septimanea) جي علائقي ۾ جو فرانس جي حڪومت جي حفاظت هيٺ هو، ارگل جي بشپ فيلڪس (Felix) هن عقيدي جي ڪاميابيءَ سان اشاعت ڪئي بادشاهه شارل مان جي صدارت هيٺ سڏايل هڪ مجلس ۾ فيلڪس کي پيش ڪيو ويو، جتي هن پنهنجي انهيءَ غلط قدم کي ترڪ ڪرڻ جو قسم کنيو. پر اسپين ۾ واپس پهچڻ شرط هن وري پنهنجي اصلوڪي گمراهيءَ واري عقيدي کي اختيار ڪيو. انهيءَ جو خاص سبب پوپ ليو ٽئين جي خيال مطابق اهو هو جو فيلڪس غير عيسائين (يعني مسلمانن) سان، جن جو خود حضرت عيسيٰ متعلق ساڳيو عقيدو هو، اڪثر ملندو جلندو هو. جنهن صورت ۾ ڪليسئا سان واسطو رکندڙن مکيه ماڻهن تي مسلمانن جي صحبت جو ايتريقدر گهرو اثر پيو ته انهيءَ حالت ۾ اسان اندازو لڳائي سگهنداسون ته اسپين جي عام عيسائين مٿان اسلام جو ڪيتريقدر اثر پيو هوندو. آخرڪار سنه 936ع ۾ طليطله ۾ هڪ مجلس انهيءَ مقصد لاءِ ڪوٺائي وئي ته مسلمانن سان تعلق ڪري مسيحي دين جي پاڪائيءَ ۾ خرابي پيدا ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ بهترين ذريعا سوچيا وڃن.
هاڻي هيءَ ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي ته اسلام جي خيالي ۽ عملي قوتن جي اثر ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ مسلمانن جي خاص تبليغي سرگرمين ڪري، عيسائين جو ڪيترو تعداد اسلام جي حلقي اندر داخل ٿي ويو هوندو. اسپين اندر نون مسلمانن جو تعداد ايتريقدر ته اندازي کان ٻاهر وڌي ويو، جو انهيءَ جو اولاد پاڻ کي ”مولد“ (Muwallads) جي نالي سان سڏائڻ لڳو ۽ انهيءَ نالي مان مراد اها هئي ته هو عربي نسل جا نه هئا. انهن مولدن جلد ئي حڪومت اندر پنهنجي هڪ وڏي جماعت قائم ڪئي ۽ اسپين جي سڄيءَ آدمشماريءَ ۾ هن جماعت اندر ماڻهن جو تعداد گهڻي ۾ گهڻو هو. اسان کي تاريخ مان پتو پوندو ته عيسوي نائين صديءَ جي اوائلي حصي ۾ هن جماعت اسپين ۾ عربن جي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آئينده ڪيترن موقعن تي هن جماعت پاڻ کي عملي طرح اسپيني مسلمانن جي هڪ قومي جماعت جي حيثيت ۾ ظاهر ڪيو.
انهن نون مسلمانن جي اسلام قبول ڪرڻ جو تفصيلي احوال يا ته تمام ٿورو آهي يا بلڪل نظر نه ٿو اچي. ڪجهه عيسائين قانوني عدالتن جي سزائن کان بچڻ خاطر اسلام قبول ڪيو. پر عيسائين جو گهڻو تعداد يقينن اسلام جي رعبدار اثر ڪري اسلام طرف آيو. ڇاڪاڻ ته اسلامي تهذيب ۽ تمدن جون سڀيئي اعليٰ ۾ اعليٰ خوبيون انهن جي اڳيان ظاهر ڪيون ويون هيون. اسلام انهيءَ وقت شاعري، حڪمت ۽ ٻين اهڙن علمن سان ڀرپور هو، جو عقل کي پاڻ ڏانهن ڪشش ٿي ڪيائين ۽ دماغ چرخ ڪري ٿي ڇڏيائين. عربن جي اعليٰ دليريءَ وارن ڪارنامن ۾ ايتريقدر ته گنجائش هئي جو ڪو به ماڻهو انهن سان شامل ٿي پنهنجي شجاعت ۽ سپاهيانه خوبين کي نروار ڪري سگهيو ٿي. پر اسپين جي محڪوم رعيت لاءِ جي عيسائي مذهب جا پابند هئا، اهڙي ترقيءَ جو دروازو بند هو. ان کانسواءِ مسلمانن جي تعليم ۽ علم و ادب جي مقابلي ۾ عيسائين جي تعليم ۽ انهن جو علم و ادب ڪجهه به نه هو. انهيءَ ڪري اهڙن اعليٰ علوم حاصل ڪرڻ جي تمنا خود عيسائين کي اسلام قبول ڪرڻ جو شوق ڏياريو هوندو. انهن سڀني ڳالهين سان گڏ اسپين جي ديندار ۽ ايماندار طبقي جي ماڻهن کي اسلام اهڙي ئي ڪشش ڪئي هوندي، جهڙي ڪنهن سخت مذهبي جماعت جي ماڻهن ۾ ڪن مسلمان عالمن جي اڳواڻيءَ هيٺ پيدا ٿئي. ڪن ڪن موقعن تي انهيءَ ديندار طبقي جي اسپين جي حڪومت اندر تمام گهڻو اثر رسوخ هو ۽ هو قوم جي مذهب ۽ اخلاق سڌارڻ لاءِ سچيءَ دل سان ڪوشش ڪندا رهندا هئا.
هڪڙي طرف سخت مذهبي جوش، اسپين جي عام مسلمانن اندر سخت روح ڦوڪيو ته ٻئي طرف وري سرحد تي رهندڙ عيسائي قومن اسپين جي عيسائي رعيت سان ملي، اسلامي حڪومت خلاف بغاوت ڪرڻ جي سازش، مسلمانن جي جذبات کي تمام گهڻو ڀڙڪايو. هاڻي جيڪڏهن انهن ٻنهي ڳالهين کي خيال ۾ رکي، معلوم ڪبو ته اسپين جي تاريخ مسلمانن جي عهدِ حڪومت ۾ ظلم و ستم کان بلڪل پاڪ آهي. ٽن يا چئن عيسائين واقعي پنهنجي مذهب خاطر جان قربان ڪري، شهادت جو درجو حاصل ڪيو هو. باقي ٻيا جيڪي به سخت قدم مسلمانن کنيا، تن جو ڪارڻ محض هي هو، جو عيسوي نائين صديءَ ۾ قرطبه جي عيسائين اندر هڪ شهادت جي تحريڪ ظاهر ٿي، جنهن جو مقصد هو ته خواه مخواه پنهنجي جان قربان ڪري، شهادت جو درجو حاصل ڪجي. مسلمانن کي لازمي طرح عيسائين جي انهيءَ عمل کي سختيءَ سان بند ڪرڻو پيو. مسلمانن جي انهن سخت قدمن کانسواءِ، اسلامي حڪومت جي سڄي عرصي اندر ظلم يا زبردستيءَ جو ڪجهه به نالو نشان نظر نٿو اچي. ساڳئي وقت ۾ اسپين جي هن ساڳئي علائقي ۾ عيسائين جو هڪ متعصب فرقو ظاهر ٿيو. (اسپين جي هن باقي ٻين حصن ۾ رهندڙ عيسائين جي هن فرقي سان ظاهرن ڪا به همدردي نه هئي) هن فرقي پنهنجو هي مقصد قائم ڪيو ته اسلام جي کلم کلا بي عزتي ڪري ۽ رسول الله جن جي شان ۾ بي ادبيءَ ۽ گستاخيءَ جهڙا لفظ ڳالهائي، پاڻ کي موت جي سزا جو مستحق بڻايو وڃي. هن قسم جو عجيب جان قربان ڪرڻ جو شوق خاص ڪري پادرين ۽ عيسائي راهبن مردن توڙي عورتن ۾ سنه 750ع کان 760ع تائين رهيو. اهي پادري ۽ راهب پنهنجن خانقاهن ۽ ديولن ۾ مسيحي دين جي زوال ۽ مذهبي جذبي جي گهٽتائيءَ کي ڏسي، دل ئي دل ۾ ڪڙهندا رهندا هئا. انهيءَ ڪري اسلام ۽ اسلام جي بانيءَ خلاف اعتراضي حملا ڪري، شهادت جي ڇَٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن خانقاهن کان ٻاهر آيا. مسلمان حاڪمن جي بي تعصبيءَ ۽ غير رواداريءَ هن کان اڳ انهن کي شهادت جي درجي حاصل ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو هو. هڪ عيسائي راهب اسحاق نالي قاضيءَ وٽ آيو ۽ پاڻ کي ظاهر ڪيائين ته هو اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. جڏهن قاضيءَ هن کي رسول الله جن جي تعليم تفصيل سان بيان ڪري ٻڌائي تڏهن اسحاق جو هڪدم چوڻ ته ”(نعوذ باالله) هن توهان سان ڪوڙ ڳالهايو آهي. خدا جي لعنت شل هن تي هجي، خود گناهه ۽ بدڪاريءَ سان ڀريو پيو هو، ۽ ٻين بي شمار ماڻهن کي تباهيءَ ۽ برباديءَ ڏي گهلي ويو ۽ پاڻ سان گڏ انهن کي به وڃي دوزخ جي تري ۾ وڌائين. شيطاني قوت سان ڀرپور ٿي، شيطاني فريب ذريعي هن اوهان کي مريض بڻائڻ لاءِ هڪ موتمار شراب جو پيالو پياريو آهي ۽ سندس انهيءَ گناهه جي سزا هميشه لاءِ جهنم جو عذاب آهي. جڏهن اوهان کي سمجهه ۽ عقل عطا ڪيو ويو آهي، تڏهن ڇو نه ٿا پاڻ کي اهڙي خطري کان آزاد ڪرايو؟ ڇو نه ٿا هن جي وبائي تعليم جي ناسور کي ڦٽو ڪري حضرت عيسيٰ (عليه السلام) جي انجيل مان دائمي نجات حاصل ڪريو؟ هڪڙي موقعي تي ٻه عيسائي زبردستيءَ هڪ مسجد ۾ هليا ويا ۽ اتي وڃي اسلام خلاف گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا ۽ ظاهر ڪيائون ته جلدئي اسلام پنهنجن مڃيندڙن مٿان دوزخ جي باهه جو سخت عذاب آڻيندو جيتوڻيڪ اهڙن متعصب عيسائين جو تعداد گهڻو نه هو تڏهن به اسلامي حڪومت هراسجي وئي ۽ ان کي ڊپ ٿيڻ لڳو ته جنهن صورت ۾ انهن جي حڪمن کي حقارت جي نظر سان ڏٺو ٿو وڃي ۽ اسلام کي نندڻ خلاف جيڪي انهن سخت قانون جاري ڪيا هئا، تن کي ليکيو نه ٿو وڃي. انهيءَ حالت ۾ متان ملڪ اندر عام ناراضگي ۽ بغاوت ڦهلجي وئي هجي. اسپين جي حاڪم محمد اول سنه 853ع ۾ طليطله ڏانهن عيسائين جي خلاف هڪ لشڪر روانو ڪيو، ڇاڪاڻ ته مسيحي شهيدن جي اڳواڻ الوگنوس طليطله جي عيسائين کي ڀڙڪايو هو ۽ انهن پنهنجن هم مذهب عيسائين جي مصيبتن جو ٻڌي اسلامي حڪومت خلاف بغاوت شروع ڪري ڏني هئي ائين چوڻ ۾ اچي ٿو ته محمد پهرئين عيسائين جي عام قتل جو حڪم صادر ڪيو، پر جڏهن انهي کي ٻڌايو ويو ته عيسائين مان ڪنهن سمجهدار يا عزت واري ماڻهو انهن ڪمن ۾ حصو نه ورتو آهي، (ڇاڪاڻ ته الور خود شڪايت ڪئي آهي ته عيسائي پادرين جو هڪ وڏو حصو عيسائي شهيدن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسندو هو) تڏهن بادشاهه پنهنجي انهيءَ حڪم کي واپس ورتو ۽صرف هن ڳالهه تي اڪتفا ڪئي ته مذهب جي توهين خلاف اڳيئي بحال ٿيل قانون سختيءَ سان عمل ۾ آندو وڃي. ڪليسئا جي صلح پسند جماعت حڪومت جي ڪوشش جي پٺڀرائي ڪئي ۽ بشپن اهڙن ڪٽر عيسائين تي ڦٽ لعنت ڪئي. انهيءَ شهادت واريءَ تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ سنه 852ع ۾ عيسائين جي ڪليسيائي عهديدارن جي هڪ مجلس منعقد ٿي، جنهن ۾ تحريڪ جي دٻائڻ لاءِ جيڪي ذريعا سوچيا ويا، تن جي استعمال سان آخرڪار هيءَ تحريڪ بلڪل بند ٿي وئي. ان کان پوءِ صرف هڪ يا ٻن شهادت جي واقعن جو احوال تاريخ ۾ ملي ٿو ۽ آخرين واقعو سنه 983ع ۾ پيش آيو، جنهن کان پوءِ جيستائين اسلامي حڪومت اندلس ۾ قائم رهي، تيستائين ڪو به شهادت جو واقعو وري نمودار نه ٿيو
عيسوي يارهين صديءَ جي ابتدا ۾ المرابطين (Almoravids) جي بربر گهراڻي جي دور حڪومت ۾ مسلمان عالمن ۽ فقيهن اندر مذهبي تعصب پيدا ٿيو، جنهن ڪري عيسائين کي پڻ يهودين ۽ آزاد خيال مسلمانن (جنهن ۾ فيلسوف، شاعر ۽ اديب اچي ٿي ويا) سان گڏ هڪ جهڙيون سختيون برداشت ڪرڻيون پيون، مگر اسپين جي مسلمان حاڪمن جي پنهنجي عيسائي رعيت سان عام طرح صلح ۽ بي تعصبيءَ واري هلت جي مقابلي ۾ ڪجهه اهڙن سختيءَ وارن واقعن کي ڳاڻاٽي ۾ آڻي نه ٿو سگهجي.
اسپين جي هڪڙي مسلمان جو مورسڪر جي قوم مان هو ۽ سنه 1610ع ۾ پنهنجي قوم سان گڏ اصلي وطن اسپين مان تڙ جي ٻاهر نڪتو هو. عيسائي عدالتن جي ظلم ۽ ستم جي مذمت ڪندي، پنهنجن هم مذهب يعني مسلمانن جي بي تعصبي ۽ مذهبي آزاديءَ جي دعويٰ کي هن طرح ثابت ڪيو : ”ڇا، اسان جي وڏن، جن ملڪ فتح ڪيو ۽ جن کي پوري قدرت حاصل هئي، ڪڏهن به اسپين مان عيسائي مذهب جي پاڙ پٽي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ڇا، اسان جي وڏن اوهان جي ابن ڏاڏن کي، جنهن وقت زنجيرون انهن جي پيرن ۾ پيل هيون، اجازت نه ڏني هئي ته هو آزاديءَ سان پنهنجي مذهب جي پيروي ڪن؟ ڇا،ا سان جي پياري پيغمبر جن جو هي مبارڪ ارشاد نه آهي ته ”مسلمانن جي ترار جنهن به قوم کي فتح ڪري، انهيءَ قوم کي مناسب ساليانه محصول وصول ڪرڻ بعد اجازت ڏني وڃي ته پنهنجي اصلوڪي مذهبي عقيدي کي قائم رکي، پوءِ کڻي اهو ڪهڙو به بيهودو عقيدو هجي يا ٻيو ڪو به مذهب اختيار ڪري، جيڪو انهن کي پسند اچي؟“ جيتوڻيڪ ڪجهه مثال زبردستيءَ مسلمان بڻائڻ جا موجود آهن، تنهن هوندي به اهي ايتريقدر ته ٿورڙا آهن، جو انهن جي بيان ڪرڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي، ان کانسواءِ اهي اهڙن ماڻهن جي ڪوشش جو نتيجو آهن، جن جي اندر خود خدا ۽ سندس رسول الله جن جو خوف ذرو به نه هو ۽ انهن اهو ڪم اسلام جي مبارڪ هدايتن ۽ حڪمن جي بلڪل برعڪس ڪيو. اسلام جي حڪمن ۽ هدايتن جي خلاف ورزي، بغير اسلام جي بي ادبيءَ ڪرڻ جي ڪو به اهڙو ماڻهو ڪري نه ٿو سگهي، جيڪو پاڻ کي صحيح مسلمان سڏائڻ جو حقدار آهي... توهان کي ڪڏهن به اسان مسلمانن اندر اهڙي خون جي پياسي ۽ مختلف مذهبي فرقن جي اعتقاد کي پرکيندڙ عدالت نه ملندي، جا توهان جي ملعون مذهبي عدالت جهڙي هجي. سچ آهي ته اسان مسلمانن جون ٻانهون هميشه هر انهيءَ شخص لاءِ کليل آهن، جيڪو اسان جو مذهب قبول ڪري ٿو، پر اسان جو قرآن شريف اسان کي اجازت نٿو ڏئي ته ڪنهن جي به ضمير تي ظلم ڪريون. اسان پنهنجن نوَن مسلمانن جي هر طرح سان همت افزائي ڪريون ٿا. اڃا انهن خدا جي وحدانيت۽ سندس پاڪ رسول الله جن جي رسالت جو اقرار ڪيو ئي نه آهي ته هو اسان سان مليو، هڪ ٿيو وڃن. اسان جي نياڻين سان شاديون ڪن ٿا، انهن کي حڪومت جي اعتماد، عزت ۽ زياده آمدنيءَ وارن اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيو وڃي ٿو. اسان صرف انهيءَ ڳالهه تي اڪتفا ڪريون ٿا ته هو اسان جهڙي پوشاڪ پهرين ۽ ظاهري طرح سچا مسلمان ڏسڻ ۾ اچن. اسان انهن جي دلين کي نٿا آزمايون، بشرطيڪه هو اسان جي مذهب جي علي الاعلانيه بي حرمتي ۽ بي ادبي نه ڪن. جيڪڏهن ائين ڪن ته پوءِ يقينن اسان انهن کي انهن جي لائق سزا ڏيون ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو آهي ۽ نه زبردستيءَ ۽ ظلم ڪري.
اسپين جي مسلمانن اندر اسلام جو بنياد ڪيتريقدر مضبوط هو، ان جي خبر هن حقيقت مان پوي ٿي ته جڏهن سنه 1610ع ۾ مورسڪي (Moriscoes) قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي اسپين مان تڙي ڪڍيو ويو، تڏهن هي بدقسمت ماڻهو اڃا تائين پنهنجي اباڻي دين (يعني اسلام تي) محڪم هئا. جيتوڻيڪ هڪ سئو سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين انهن تي سختيون ڪيون ويون هيون، انهيءَ لاءِ ته هو ظاهرن عيسائي مذهب جي پيروي ڪندا رهن. در حقيقت مورسڪو قوم جي ماڻهن غرناطه جي قلعي هارائڻ سان ئي اسپين مان نڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو، پر تنهن هوندي به جن باقي بچيل ماڻهن کي سنه 1611ع ۾ اسپين مان ڪڍيو ويو، انهن جو تعداد ذري گهٽ ڏهه لک هوندو. ”جن مورخن اهو تعداد گهٽ ۾ گهٽ ٻڌايو آهي، انهن به ڇهن لکن جو اندازو لڳايو آهي.“ در حقيقت ايترن ماڻهن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ، خصوصن ان ملڪ لاءِ زبردست نقصان جو باعث هو، جنهن ۾ اڳ ۾ ئي ملڪي ماڻهن جو تعداد گهڻو گهٽ هو شهرن جا شهر ۽ڳوٺن جا ڳوٺ ماڻهن کان خالي ٿي ويا. جايون ڪرِي تباهه ٿي ويون ۽ ڪو به انهن کي وري نئين سر بڻائڻ وارو نه هو هي مورسڪي مسلمان غالبن سڀئي اسپين جي اصلي باشندن جو اولاد هئا ۽ انهن ۾ عربي نسل گهٽ هو يا ته بلڪل هوئي ڪو نه. انهيءَ دعويٰ جي ثابتيءَ لاءِ گهڻائي دليل آهن، پر هتي صرف هڪ خط جو ذڪر ڪجي ٿو، جو سنه 1311ع ۾ لکيو ويو. ان خط ۾ بيان ٿيل آهي ته انهيءَ وقت غرناطه جي شهر ۾ ٻه لک مسلمان رهندا هئا، جن ۾ عربي نسل وارن مسلمانن جو تعداد پنجن سوَن کان زياده نه ٿيندو ۽ باقي ٻيا سڀئي مسلمان اسپين جي نئومسلمن جو اولاد هئا. اها هڪ دلچسپ ڳالهه آهي ته اسپين ۾ مسلمانن جي طاقت جي آخري ڏينهن تائين اتي جا عيسائي اسلام قبول ڪندا رهيا، ڇاڪاڻ ته هڪ مورخ غرناطه جي شڪست کان ستن سالن بعد عيسوي سال 1499 جي واقعن بيان ڪرڻ وقت اسان جو توجهه هن حقيقت طرف ڇڪايو آهي ته موئر قوم جي ڪجهه عيسائين اڃا تازو اسلام قبول ڪيو هو.