مذهب

اسلام جي اشاعت جي تاريخ

هي ڪتاب دنيا جي وڏي عالم ۽ فاضل پروفيسر ٿامس آرنولڊ جي جڳ مشهور ڪتاب ”دي پريچنگ آف اسلام“ جو سنڌي ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف وڏي جستجو ۽ جاکوڙ کان پوءِ اسلام جي دعوت ۽ تبليغ جي مفصل ۽ جامع تاريخ پيش ڪئي آهي. هن تمام گهڻي کوجنا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ مواد گڏ ڪيو آهي ۽ نهايت ديانتداريءَ ۽ فراخ دليءَ سان ان کي پيش ڪيو آهي. هن تعصب کان پري رهي، سچائي ۽ سهڻي سليقي سان حقائق بيان ڪيا آهن. انهيءَ ڪري ڪتاب ۾ اسلام جي سچائي ۽ مسلمانن جي فراخ دلي، انسان دوستي ۽ رواداريءَ جا ڪيترائي مثال موثر انداز ۾ ملندا.
Title Cover of book اسلام جي اشاعت جي تاريخ

باب تيرهون : خاتمو

موجوده عيسائي دنيا ۾ مشنري يعني تبليغي ڪم مان هيءَ مراد نڪري ٿي ته ان ڪم لاءِ ضرور تبليغي جماعتون (Missionary Societies) پگهاردار مبلغ، چندا، رپورٽون ۽ اخبارون هجن، ۽ ايڏو عظيم الشان دين جي دعوت جو ڪم، بغير ڪنهن مقرر ڪيل اصولن ۽ مسلسل نظام جي، عيسائين جي نزديڪ هڪ غلط ۽ فضول ڪم نظر اچي ٿو. جنهن وقت عيسائي ڪليسا ۾ پادرين عهديدارن مقرر ڪرڻ جو سلسلو جاري ڪيو ويو، تنهن وقت کان وٺي غير عيسائين ۾ مسيحي دين جي اشاعت لاءِ باقاعدي انتظام ڪيو ويو. هن ڪم لاءِ جيڪي مبلغ يا داعي (Missionaries) مقرر ٿيل آهن، تن ۾ گهڻو ڪري ڪليسا جا پادري ۽ راهب آهن. بينيڊڪٽائين فرقي (Bededicatine) کان وٺي هيلتائين خانقاهي حلقن ۽ موجوده وقت جي پرچارڪ جماعتن (Missionary Societies) عيسائي مذهب جي اشاعت کي شروع کان ئي ڪليسا جو هڪ اهم فرض سمجهيو آهي ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ پاڻ کي همہ تن وقف ڪيو آهي. پر اسلام ۾ ڪنهن به قسم جو پادرين يا ڪليسائي عهديدارن جو سلسلو نه آهي ۽ اسلام جي اشاعت لاءِ، جنهن به شڪل ۾ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، سا عيسائي مذهب کان بلڪل نرالي آهي. اسلام جي اشاعت لاءِ عيسائي مذهب جهڙيون مشنري انجمنون (Missionary Sogieties) قائم ڪيل نه آهن ۽ نه وري ڪي خاص تعليم يافته مبلغ آهن. اسلام جي اشاعت ۾ جيڪي ڪوششون صرف ڪيون وڃن ٿيون، تن ۾ تمام گهٽ تسلسل آهي. اسلام جي داعين ۾ صرف هڪ طبقو صوفيا ڪرام جو اهڙو آهي، جن جو نظام عيسائين جي خانقاهي حلقي سان ڪجهه قدر مشابهت رکي ٿو. پر هتي به هڪ وڏو فرق هي آهي جو مسلمان صوفي پاڻ مان ڪنهن کي به پادريءَ جهڙو درجو نٿا ڏين ۽ انهن جو ڪو به اهڙو اصول نه آهي جنهن مطابق ديني معلم کي عام مسلمانن کان الڳ سمجهيو وڃي، يا مذهبي ارڪانن جي ادا ڪرڻ لاءِ ڪنهن خاص ماڻهوءَ جو تقرر ڪيو وڃي ۽ ان کي انهيءَ ڪم لاءِ ڪي خاص ا ختيارات ڏنا وڃن در حقيقت اهو ئي مکيه ۽ بنيادي فرق آهي جو ٻنهين مذهبن جي تبليغي طريقن ۾ نمايان طرح موجود آهي.
جهڙيءَ طرح عيسائيت جي اشاعت لاءِ پادرين جو هڪ طبقو مخصوص آهي، اهڙيءَ طرح مسلمانن ۾ ڪا به اهڙي خاص جماعت مقرر ٿيل نه آهي جنهن جي ذمي رڳو اسلام جي اشاعت جو ڪم هجي. هن قسم جي خاص انتظام نه هئڻ جي حالت ۾ جيڪي ڪجهه نقصان نظر اچي ٿو تنهن جو پورائو هن ڳالهه سان ٿي وڃي ٿو ته مسلمانن جو هڪڙو هڪڙو فرد مذهب جي اشاعت لاءِ پاڻ کي جوابدار سمجهي ٿو. مسلمانن ۽ سندس خدا جي وچ ۾ ٻيو ڪو به ثالث نه آهي، بلڪه مسلمان جي شخصي نجات جي ذميداري خود سندس ذات تي ڇڏيل آهي. جنهن ڪري هو عام طرح مذهبي فرضن ادا ڪرڻ ۾ وڌيڪ پابند ۽ خبردار آهي. مسلمان پنهنجي مذهبي اصولن ۽ ارڪانن جي معلوم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي تڪليف وٺي ٿو جنهن ڪري هو پنهنجي دين جي اهميت کان ايتري قدر ته متاثر ٿئي ٿو جو هي غير مسلمانن کي پنهنجي دين جي دعوت ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن مسلمان داعيءَ جي ڪوشش سان ڪنهن غير مذهب واري اسلام قبول ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري ته ان داعيءَ کي سندس نئون معتقد ڪنهن مستند مذهبي عالم وٽ وٺي وڃڻو نٿو پوي، انهيءَ لاءِ ته هو عالم هن کي عيسائين وانگر ڪنهن خاص عبادتگاهه (Church) ۾ داخل ڪري ڪن اصولن مطابق مسلمان بڻائي، ۽ نه وري مسلمان داعيءَ کي ڪنهن کي مسلمان ڪرڻ ۾ هي ڊپ ٿيندو آهي ته متان مذهبي عالم کيس قرح (Korah) جي گناهه وانگر ملامت ڪري. اڪثر هي بيان ڪيو ويو آهي ته هر هڪ مسلمان پنهنجي مذهب جو مشنري (Missionary) مبلغ آهي. هن قول ۾ ڪيتري قدر به کڻي مبالغو هجي، پر هي سچ آهي ته هر هڪ مسلمان اسلام جو داعي ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙا ڪي ٿورا ديندار مسلمان هوندا جن جو روزمره غير مسلمانن سان واسطو هجي ۽ هو پنهنجي پيغمبر  کي قرآن ۾ جاري ٿيل هن فرمان کي وساري ڇڏين: ”حڪمت سان سڏ پنهنجي رب جي طرف ۽ سٺيءَ طرح نصيحت ڪر ۽ انهن سان سهڻي نموني بحث ڪر.“ مطلب ته انهن معلمن سان گڏوگڏ، جن پنهنجو سارو وقت پنهنجون سموريون قوتون اسلام جي اشاعت ۾ صرف ڪيون ۽ جن پنهنجي مذهب جي تبليغ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد قرار ڏنو، بادشاهه کان وٺي ڪڙميءَ تائين مسلمان سوسائٽيءَ جي سڀني طبقن جي مردن، عورتن ۽ سڀني قسمن جي واپارين ۽ ڪاسبين جو احوال اسلام جي تبليغي تاريخ ۾ موجود آهي، جن اسلام جي پکيڙڻ ۾ خوب پنهنجو پاڻ پتوڙيو آهي. هڪ مسلمان واپاري پنهنجي هم پيشه عيسائي واپاريءَ جي برعڪس، اسلام جي تبليغ ۾ تمام گهڻي سرگرمي ڏيکاري آهي. لاهور جي هڪ همدرد ديني جماعت (انجمن حمايت اسلام) طرفان هڪ ماهوار رسالو نڪرندو هو، جنهن جي ڪنهن پرچي ۾ هندستان جي مسلمان داعين جي هڪ فهرست ڇپيل آهي. انهيءَ فهرست ۾ اسان کي اسڪول جي ماسترن، انجنيري ۽ آبڪاري کاتن ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ڪلارڪن، واپارين، جن ۾ هڪ اٺ گاڏين جو واپاري پڻ هو، هڪ اخبار جي مدير (Editor) هڪ جلد ساز ۽ ڇاپخانه جي هڪ مزدور جا نالا نظر اچن ٿا. هي ماڻهو سڄو ڏينهن پنهنجي ڪاروبار ۾ گذارين ٿا ۽ شام جو جيڪو به وقت انهن کي فرصت جو ملي ٿو سو هندستاني شهرن جي گهٽين ۽ بازارين ۾ اسلام جي وعظ ۽ تبليغ ڪرڻ ۾ خرچ ڪن ٿا. هو عيسائين ۽ هندن جي مذهبي عقيدن تي بحث ۽ نڪته چيني ڪري انهن کي پنهنجي مذهب طرف آڻين ٿا.
هيءَ هڪ نهايت دلچسپ ڳالهه بيان ڪئي وڃي ٿي ته، اسلام جي اشاعت ۾ نه رڳو مردن حصو ورتو، پر هن مبارڪ ڪم ۾ مسلمان عورتن پڻ پنهنجو پاڻ ملهايو. گهڻن ئي منگول بادشاهن پنهنجي مسلمان بيبين جي اثر ڪري اسلام قبول ڪيو ۽ غالبن اها ساڳي ڪار ڪيترن ئي بت پرست ترڪن سان انهي وقت ٿي، جڏهن هو مسلمانن جي ملڪن تي حملا ڪري رهيا هئا. سنوسيه خاندان جي مبلغن آفريڪا ۾ چاڊ ڍنڍ (lake Chad) جي اتر طرف رهندڙ ٽوبو (Tubu) قوم جي ماڻهن کي مسلمان ڪرڻ لاءِ، عورتن واسطي الڳ مدرسا کوليا ۽ پوءِ انهن عورتن ئي پنهنجي طاقت ۽ تبليغي جدوجهد جو اثر ڏيکاري پنهنجن ٽوبو مردن کي به مسلمان ڪيو موجوده صديءَ يعني اوڻهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ حبش جي ملڪ ۾ اسلام جيڪا ترقي ڪئي آهي، تنهن جو هڪ مکيه سبب هي بيان ڪيو وڃي ٿو ته اتي مسلمان عورتن اسلام جي پکيڙڻ ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. خاص ڪري عيسائي بادشاهن جي عورتن، جن شاديءَ وقت پنهنجي عيسائي مذهب قبول ڪرڻ جو بهانو ڪيو، پر شاديءَ بعد انهن پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت اسلامي اصولن مطابق ڪئي ۽ انهن اسلام جي ترقيءَ لاءِ هر ممڪن طريقي سان ڪوشش ڪئي. موجوده چين ۾ ڪاشغر جي هڪ مسلمان عورت بابت هي بيان ڪيو وڃي ٿو ته جڏهن هن کي قيد ڪري شهنشاهه چين جي حرمسراءِ ۾ داخل ڪيو ويو، تڏهن هن ئي شهنشاهه کي اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏني. شهنشاهه خود اسلام طرف گهڻو مائل ٿي ويو. مگر سندس وزيرن حڪومت جون ڳريون ذميداريون سامهون رکي کيس عليٰ الاعلان اسلام قبول ڪرڻ کان باز رکيو.
ان کانپوءِ شهنشاهه پنهنجي مسلمان رعيت تي ڏاڍيون مهربانيون ڪيون ۽ گهڻن ئي مسلمانن کي صلاح مصلحت لاءِ پاڻ سان گڏ رکيو ۽ انهن لاءِ پنهنجي محلات ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرائي هڪ مسلمان زاهد ۽ عابد عورت کي محض انهيءَ ڪري ته هوءَ عورت آهي،مسلمان اوليائن ۽ بزرگن جي قطار ۾ شمار ڪرڻ کان محروم نٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي هن کي انهيءَ سبب ڪري اسلام جو داعي بڻجڻ کان روڪيو ٿو وڃي. جيڪڏهن دنيا پاڪ ۽ پرهيزگار عورتن جي اثر کان بي خبر هجي ها ته پوءِ هن قسم جو واقعو ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ نه اچي ها ته حضرت علي رضي الله جي خاندان جون ڪي پاڪ عورتون ڪربلا جي ميدان مان هوا ۾ اڏامي لاهور ۾ آيون جتي انهن پنهنجي رياضت ۽ مجاهدي واري زندگي گذاري، هندن کي مسلمان ڪيو قاهره ۾ حضرت امام حسين رضي الله (حضرت علي رضي الله جن جو شهيد پٽ) جي پڙ پوٽيءَ حضرت بيبي نفيسه (رحه) جي مشهور ۾ مشهور مزار آهي، جنهن جي سڀني مزارن کان زياده تعظيم ڪئي وڃي ٿي. حضرت بيبي نفيسه (رحه) ديني علمن ۾ ايتري قدر ته ماهر هئي جو خود ان وقت جي هڪ مشهور عالم امام شافعي (رحه) سندس علم جي تعريف ڪئي آهي. حضرت بيبي (رحه) جي زهد ۽ تقويٰ ايتري قدر ته مشهور هئي جو سندس درجو اولياءَ الله ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن جي متعلق هي مشهور آهي ته جنهن وقت هوءَ مصر ۾ اچي رهڻ لڳي ته سندس پاسي ۾ هڪ غير مسلم جو مڪان هو، جنهن جي نياڻي ڪنهن اهڙي ته موذيءَ مرض ۾ مبتلا هئي جو هوءَ پنهنجا عضوا چوري پوري نه سگهندي هئي ۽ سارو وقت بستري تي پيئي هوندي هئي. هڪ ڏينهن ان ڇوڪريءَ جا والدين ڪنهن ڪم سان بازار وڃي رهيا هئا ۽ انهن پنهنجي نيڪ مسلمان پاڙيسري عورت (يعني حضرت بيبي نفيسه رحه) کي عرض ڪيو ته هوءَ انهن جي غير حاضريءَ ۾ سندن ڌيءَ جي سنڀال ڪري. بي بي نفيسه، جنهن جي دل هميشه محبت ۽ خدا پرستيءَ سان ٽمٽار هئي، تنهن هن خدمت کي خوشيءَ سان قبول ڪيو، ۽ جڏهن ڇوڪريءَ جا مائٽ ٻاهر ويا، تڏهن هن ويچاريءَ بيمار ڇوڪريءَ جي شفا جي لاءِ بارگاهه الاهيءَ ۾ هٿ کڻي دعا گهري. اڃا حضرت بيبي نفيسه جي دعا مس ختم ٿي ته بيمار ڇوڪريءَ جي عضون ۾ طاقت پيدا ٿي ۽ هوءَ پنهنجا سڀئي عضوا پوريءَ طرح هلائڻ لڳي ۽ جڏهن سندس مائٽ ٻاهران واپس آيا ته خودبخود رستي ۾ انهن سان وڃي ملي. ڇوڪريءَ جا مائٽ هي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ سڄي خاندان شڪراني ۾ پنهنجي محسنه جو مذهب (يعني اسلام)قبول ڪيو.
ڪيترن موقعن تي مسلمان قيدين پڻ پنهنجي قيد ڪرڻ وارن يا پنهنجي ڀر وارن قيدين کي اسلام جي تبليغ ڪئي. مشرقي يورپ ۾ اسلام جو آغاز هڪ مسلمان مفتيءَ جي ئي ڪوشش سان ٿيو، جنهن کي ان وقت غالبن بزنطيني سلطنت (Byzantine Empire) ۽ ڀر وارن مسلمانن جي وچ ۾ هلندڙ هڪ لڙائيءَ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. هن مفتيءَ کي عيسوي يارهين صديءَ جي شروعات ڌاري پشنگ (Pechenegs) جي قوم ۾ آندو ويو. مفتيءَ، پشنگ قوم جي گهڻن ئي ماڻهن اڳيان اسلام جي تعليم کي پيش ڪيو جن سچيءَ دل سان اسلام قبول ڪيو. پوءِ ته آهستي آهستي هن قوم ۾ اسلام پکڙبو ويو. پشنگ قوم جي جن به ماڻهن اڃا اسلام قبول نه ڪيو هو تن کي پنهنجي وطن جي انهن ماڻهن تي ڏاڍو غصو آيو، جي اسلام قبول ڪري چڪا هئا. آخرڪار ٻنهين ڌرين ۾ لڙائي لڳي. لڙائيءَ ۾ مسلمانن، جن جو تعداد اٽڪل ٻارهن هزار هو عيسائين جي ٻيڻي بلڪه ان کان به زياده لشڪر، جو نهايت ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو. شڪست بعد دشمنن جي لشڪر ۾ جيڪي ماڻهو بچيا، تن سڀني پنهنجي فاتحن يعني مسلمانن جو مذهب قبول ڪيو. عيسوي يارهين صديءَ جي ختم ٿيڻ کان اڳ پوري پشنگ قوم مسلمان ٿي وئي ۽ انهن ۾ گهڻا ئي دين جا وڏا وڏا عالم ۽ فقيہ موجود هئا.
شهنشاهه جهانگير جي دور حڪومت ۾ (سنه 1605-1628ع) اهلِ سنت والجماعت جو هڪ مشهور عالم شيخ احمد مجدد (رحه) رهندو هو، جنهن کي شيعا مذهب جي اصولن تي نڪته چيني ڪرڻ جي خاص مهارت هئي ۽ انهن سان بحث مباحثي ۾ هن پنهنجو چڱو نالو ڪڍيو. جيئن ته شيعن جو شاهي درٻار ۾ ڏاڍو اثر رسوخ هو، انهيءَ ڪري اهي شيخ احمد (رحه) تي ڪي ڪوڙا الزام لڳائي، کيس قيد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ٻن سالن تائين شيخ احمد (رحه) قيد ۾ رهيو، جنهن عرصي اندر هن ڪيترن سوَن ڪافرن کي، جي ساڻس گڏ ساڳئي قيد ۾ هئا، مسلمان ڪيو. تازو موجوده زماني ۾ هندستان جي هڪ مولويءَ کي برٽش حڪومت انهيءَ ڪري عمر ڀر قيد جي سزا ڏيئي، انڊين ٻيٽن ڏانهن موڪليو، جو هن سنه 1864ع جي وهابي منصوبي ۾ (Wahabi conspiracy) ڏاڍو سرگرم حصو ورتو هو. هن پنهنجي موت کان اڳ اتي گهڻن ئي قيدين کي مسلمان ڪيو.
هڪ مسلمان ۾ پنهنجي مذهب جي اشاعت جو ايتريقدر ته شوق ۽ جذبو آهي، جو هو وقت خواه بي وقت اسلام جي تبليغ لاءِ هر وقت تيار آهي. هاڻي اچو ته جن سببن ڪري مسلمانن کي پنهنجي تبليغي جدوجهد ۾ ڪاميابي حاصل ٿي، تن مان ڪن تي غور ڪريون:
اسلام جي ايتريقدر جلد ڦهلجڻ جا جيڪي سبب آهن، تن سڀني ۾ اول ۽ اهم سبب اسلام جي بنيادي عقيدي يعني ڪلمہ طيب لا الہ الاالله محمد رسول الله () جي سادگي آهي. رڳو هي ٻه سادا ۽ آسان عقيدا آهن. (يعني خدا) وحده لاشريڪ لہ جي عبادت ۽ حضرت محمد ڪريم  جن جي رسالت) جن جو اقرار هڪ نئو مسلم کان طلب ڪيو وڃي ٿو. سڄيءَ اسلامي تاريخ ۾ ڪٿي به اسان کي اهڙي ڳالهه نه ملندي ته مسلمان عالمن عام مسلمانن اڳيان هن ڪلمي جي مفهوم کي مشڪل ۽ منجهيل محاورن يا اصطلاحن (Terms) ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. انهيءَ سادي ۽ سولي ڪلمي کي قبول ڪرڻ لاءِ ايمان يا ايقان جي ڪنهن وڏي امتحان جي ضرورت نه آهي.
ان کي سمجهڻ ۾ ڪا به عقلي دشواري پيش نٿي اچي، ايتريقدر جو گهٽ ۾ گهٽ عقل وارو انسان به انهيءَ ڪلمي جو مطلب سمجهي سگهي ٿو. جيئن ته هن قلمي سان گڏ ٻيا ڪي دينيات جا نازڪ مسئلا شامل نه آهن، انهيءَ ڪري اهڙو ماڻهو به هن ڪلمي جو مطلب ٻئي ڪنهن کي سمجهائي سگهي ٿو، جنهن کي خود دينيات جو ڪجهه به علم نه هجي. هن قلمي جا ٻه جز آهن، جن مان پهرئين ۾ هڪ اهڙي عقيدي جو اظهار ٿيل آهي، جو گهڻو ڪري سڀيئي انسان بغير ڪنهن دليل جي تسليم ڪن ٿا. ڪلمي جي ٻئي حصي جو بنياد انهيءَ رشتي يا تعلق تي ٻڌل آهي، جيڪي انسان جو خدا سان قائم ٿيل آهي. ڪلمي جي ٻئي حصي جو اهو مفهوم به پهرين وانگر عام آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا جي تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته مختلف زمانن ۾ خدا تعاليٰ پنهنجن پيغمبرن تي وحي نازل ڪري انهن جي ذريعي پنهنجي ذات جو ڪجهه علم انسانن کي عطا ڪيو. اسلام جي انهيءَ عقلي خاصيت (Rationalistic Character) (يعني اها خاصيت، جنهن جو بنياد عقل تي آهي) کي ۽ انهيءَ خاصيت جي ڪري اسلام کي سندس تبليغي جدوجهد ۾ جيڪو نفعو پهتو، تنهن کي جنهن خوبيءَ سان پروفيسر مونت (Prof: Monet) هيٺين جملن ۾ بيان ڪيو آهي، اهڙيءَ خوبيءَ سان ٻئي ڪنهن به هنڌ اهي ڳالهيون بيان ٿيل نه آهن.
فاضل پروفيسر لکي ٿو ته: ”اسلام لازمي طرح هڪ عقلي مذهب آهي، پوءِ کڻي هن کي ڪهڙيءَ به معنيٰ ۾ وٺجي- لغوي معنيٰ ۾ يا تاريخي معنيٰ ۾. رئشنلزم يعني عقليت جي هيءَ تعريف ته اهڙو اصول جنهن مطابق مذهبي عقيدن جو بنياد عقلي دليلن تي هجي، اسلام سان بلڪل پوريءَ طرح لڳي ٿو اچي. حضرت محمد () هڪ جوشيلو شخص هو ۽ منجهن ايمان جي حرارت ۽ ڪامل يقين جي شدت پڻ موجود هئي. پاڻ اها ئي بي بها خوبي پنهنجن بيشمار معتقدن ۾ منتقل ڪري ويا آهن. هيءَ حقيقت آهي ته حضرت محمد  جن پنهنجي مذهبي سڌاري ۽ واڌاري جو پرگرام هڪ وحيءَ جي صورت ۾ پيش ڪيو، پر وحيءَ جو هي قسم ته رڳو بيان ڪرڻ جو هڪ نمونو آهي ۽ سندن مذهب، اهڙن مذهبي عقيدن جو هڪ مجموعو معلوم ٿئي ٿو، جن جو بنياد سراسر عقل تي مبني آهي. مسلمانن جي نزديڪ مذهب اسلام جو خلاصو ٻن اصولن يعني خدا تعاليٰ جي وحدانيت ۽ پيغمبر خدا  جي رسالت ۾ سمايل آهي ۽ اسان عيسائين جي نزديڪ، جي مذهبي عقيدن جو نهايت ٿڌيءَ دل سان جائزو وٺون ٿا، اسلام جو خلاصو خدا تعاليٰ ۽ ايندڙ زندگيءَ جي يقين ۾ آهي. هي ٻئي اصول، جي مذهبي اعتقاد جو گهٽ ۾ گهٽ معيار آهن ۽ جن جو دارومدار هر هڪ مذهبي ماڻهوءَ جي نزديڪ عقل تي آهي، قرآن شريف جي سڄيءَ اعتقادي تعليم جو حاصل مطلب آهن. قرآن شريف جي هن تعليم جي سادگي ۽ وضاحت يقينن انهن زبردست قوتن مان آهي جن هميشه اسلام ۽ اسلام جي تبليغي جدوجهد جي فائدي ۾ ڪم ڪيو آهي. هن ڳالهه جو انڪار ڪري نٿو سگهجي ته ٻيا گهڻائي ديني مسئلا ۽ اصول ۽ گهڻائي وهمي عقيدا، پير پرستيءَ کان وٺي ويندي تسبيحن ۽ تعويذن جي استعمال تائين، اسلام جي بنيادي اصولن ۾ اهڙيءَ طرح ملي ويا آهن، جهڙيءَ طرح وڻن ۾ پيوندا لڳايا ويندا آهن، جيتوڻيڪ پيغمبر خدا  جي تعليم هر ڪنهن لحاظ کان شاندار ترقي ڪئي، تنهن هوندي به قرآن شريف جي اهائي ساڳي بنيادي حيثيت قائم آهي، جيڪا ان جي ابتدا ۾ هئي. خدا تعاليٰ جي توحيد جو عقيدو قرآن شريف ۾ هر جڳهه اهڙي ته شان و شوڪت، جاه و جلال، دائمي پاڪيزگيءَ ۽ ڪامل يقين سان بيان ٿيل آهي جو اسلام جي دائري کان ٻاهر ٻئي ڪنهن به مذهب ۾ اهو عقيدو اهڙيءَ خوبيءَ سان بيان ٿيل مشڪل سان ملندو. اسلام جي هن بنيادي عقيده توحيد تي مسلمانن جو ايمان، لفظن جي جنهن ترتيب ۾ هن عقيدي کي پيش ڪيو ويو، تنهن جي بنيادي سادگي، جن مبلغن ۽ داعين هن عقيدي جو پرچار ڪيو، تن جو بذات خود هن عقيدي تي والهانه يقين- هي سڀيئي ۽ ٻيا به ڪيترائي اهڙا سبب آهن جي مسلمانن جي تبليغي جدوجهد جو راز سمجهائين ٿا. مطلب ته جيڪو مذهب اهڙيءَ طرح بلڪل واضح ۽ صحيح هجي، جيڪو ديني مونجهارن ۽ پيچيدگين کان بلڪل پاڪ ۽ صاف هجي ۽ انهيءَ سبب ڪري اهڙو ته آسان هجي جو معمولي ۾ معمولي سمجهه رکڻ وارو انسان به ان تائين پهچي سگهي، ته اهڙي مذهب ۾ نه صرف اميد رکي سگهجي ٿي مگر ان ۾ يقينن اهڙي ته هڪ عجيب و غريب قوت رکيل آهي، جو آخرڪار انسانن جي ضمير يا ايمان تي وڃيو فتح حاصل ڪري
جڏهن به ڪو نئو مسلم هن آسان ۽ سادي ڪلمهءِ توحيد کي سمجهي ان کي قبول ڪري ٿو، تڏهن هن کي اسلام جي پنجن عملي ارڪانن جي تعليم ڏني وڃي ٿي. اهي پنج ارڪان هي آهن: ڪلمهءِ توحيد 1- لا الہ الاالله محمد رسول الله () جو اقرار، 2- روزانو پنج وقت نماز جي ادائيگي، 3- زڪوات جو ڏيڻ،-4- رمضان المبارڪ جا روزا رکڻ ۽ 5- ڪعبته الله شريف جو حج ڪرڻ.
آخري رڪن يعني حج جي ادا ڪرڻ تي اڪثر هي اعتراض ورتو ويو آهي ته پيغمبر خدا () جي توحيد جي تعليم ۾ هن قسم جي رسم جو هئڻ بت پرستيءَ جو هڪ عجيب يادگار آهي. مگر هن اعتراض وقت هيءَ ڳالهه ضرور ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته رسول الله  جن لاءِ فريضئه حج حضرت ابراهيم عليه الصلوات والسلام جي سنت هو، جنهن جي دين کي وري رائج ڪرڻ لاءِ کين پيغمبر بڻايو ويو هو سڀ کان وڌيڪ ڳالهه هيءَ آهي ۽ در حقيقت انهيءَ ڳالهه ڪري ئي اسلام جي تبليغي تاريخ ۾ حج کي زياده اهميت حاصل آهي ته حج جي ڪري هر سال دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان، سڀني قومن ۽ سڀني ٻولين جا مسلمان هڪ وقت ۽ هڪ اهڙي مقدس مقام تي اچي جمع ٿين ٿا، جنهن جي سامهون اڳيئي پنهنجي پنهنجي وطن ۾ نماز وقت پنهنجو منهن ڪن ٿا. ڪا به غير معمولي مذهبي ذڪاوت رکڻ واري شخصيت اسلام ۾ حج کان وڌيڪ بهتر ڪا ٻي تجويز نه سوچي سگهي آهي، جا مسلمانن جي دلين ۾ هي احساس پيدا ڪري ته هو سڀيئي پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ انهن سڀني جي زندگيءَ جو معيار ساڳيو آهي. هتي (يعني بيت الله شريف ۾) عام عبادت جي هڪ فرض ادا ڪندي، آفريڪا جي مغربي ڪناري جو نيگرو مسلمان مشرق بعيد جي چيني مسلمان سان گلوگير ٿئي ٿو، خوش خلق ۽ مهذب ترڪي مسلمان پنهنجي انهيءَ مسلمان ڀاءُ کي سڃاڻي ٿو جيڪو ”ملايا سمنڊ“ (Malayan Sea) جي به بلڪل ڇيڙي ۾ ڪنهن ٻيٽ جو جهنگلي رهاڪو آهي. ساڳئي وقت سڄي اسلامي دنيا اندر جڏهن مسلمان پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ عيدالضحيٰ جو مبارڪ موقعو (جنهن کي ترڪيءَ ۽ مصر ۾ بيرم جي عيد ڪري سڏين ٿا) ملهائين ٿا، تڏهن انهن جون دليون پنهنجن انهن زياده خوش قسمت ڀائرن لاءِ همدرديءَ جي جذبي سان لبريز ٿي وڃن ٿيون، جي ان موقعي تي مقدس شهر مڪه معظم ۾ وڃي گڏ ٿيا آهن. هن پاڪ شهر جي زيارت گهڻن مسلمانن جي دلين ۾ خدا تعاليٰ جي رستي ۾ جدوجهد ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو آهي ۽ اسان مٿين صفحن ۾ اهڙا حوالا مسلسل ڏيندا آيا آهيون ته ڪيئن حاجين اسلام جي تبليغي ڪم ۾ سرگرم حصو ورتو.
حج جي حڪم سان گڏ، زڪوات جي ادائيگي، اسلام جو هڪ ٻيو فرض آهي جو هميشه مسلمان کي يادگيري ڏياريندو ٿو رهي ته: ”سڀ مئومن پاڻ ۾ ڀائر آهن.“ زڪوات جو ڏيڻ هڪ اهڙو مذهبي اصول آهي جو مسلمان سوسائٽيءَ ۾ ان جي تمام گهڻي پابندي ڪئي وڃي ٿي ۽ انهيءَ اصول ڪري اهڙو موقعو ڪو ورلي پيش آيو هوندو جنهن ۾ نئو مسلم تي مهرباني يا احسان نه ڪيو ويو هجي نئو مسلم جي قوم، سندس رنگ يا اڳيون حالتون ڪهڙيون به کڻي هجن، مگر اسلام قبول ڪرڻ بعد هن کي مسلمانن جي برادريءَ ۾ شريڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ سندس درجو اهو ساڳيو ئي رهي ٿو جيڪو سندس حيثيت وارن ٻين مسلمانن کي مليل آهي.
ساڳيءَ طرح مسلمان بڻائڻ ۽ اسلام تي محڪم رهڻ لاءِ روزانو پنج وقت نماز پڙهڻ جو حڪم نهايت مفيد ثابت ٿيو آهي. مسلمان جي زندگيءَ جي هر فعل ۾ اسلام موجود آهي. پر روزانو پنجن وقتن جي نماز ۾ اسلام پاڻ کي اهڙي پر رعب ۽ موثر نموني ۾ ظاهر ڪري ٿو، جو خود نمازيءَ تي يا نماز ڏسڻ واري تي اثر ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي. حيرت ۽ عجب کان پوءِ لازمي طرح انسان ان ڳالهه جي معلوم ڪرڻ لاءِ آماده ٿئي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح جيڪو به انسان تحقيق کان پوءِ اسلام جو علم حاصل ڪري ٿو، سو گهڻو ڪري اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿي ٿو وڃي. ممڪن آهي ته هي شخص اسلام کان منهن موڙي ڇڏي ها، جيڪڏهن ڪو مسلمان پنهنجي طرفان کيس سندس خواهش کان سواءِ اسلام جي دعوت ڏئي ها. رمضان المبارڪ جي روزي متعلق مون کي صرف هي چوڻو آهي ته روزو هن اصول خلاف هڪ زبردست ثبوت آهي ته اسلام هڪ اهڙو مذهب آهي، جو ماڻهن کي پهريائين تن پروريءَ ۽ عيش پرستيءَطرف ڀڙڪائي، پوءِ کين پنهنجي طرف ڪشش ڪري ٿو. ڪارلائل چوي ٿو ته: ”هن جو (يعني حضرت محمد  جن جو) مذهب هڪ آسان مذهب نه آهي، ڇاڪاڻ ته هن مذهب ۾ سخت روزا، هر هر هٿ منهن ڌوئڻ، سخت منجهيل مسئلا، ڏينهن ۾ پنج وقت نماز ۽ شراب کان پرهيز، اهڙيون ڳالهيون موجود آهن. اسلام هڪ آسان مذهب نه هجڻ ڪري ڪامياب نه ٿيو.“
هڪ مسلمان بغير ڪنهن بار يا مصيبت محسوس ڪرڻ جي، يا ڪنهن به سوچ سمجهه کانسواءِ پاڻ کي مذڪور اسلامي احڪامن ۽ ٻين به ڪيترين ئي ديني ڳالهين جو پابند رکي ٿو. اسلامي اصول سندس زندگيءَ ۾ هميشه ظاهر ظهور نظر اچن ٿا ۽ اهي سندس روزمره واريءَ زندگيءَ ۾ پختيءَ طرح پيوسته ٿي وڃن ٿا. اهي سڀيئي ڳالهيون هڪ مسلمان کي ٻين مذهبن جي معتقدن جي مقابلي ۾، پنهنجي مذهب جو وڌيڪ ترجمان ۽ معلم بڻائين ٿيون. اسلام جا اصول ايتري قدر ته مختصر لفظن ۽ آسان زبان ۾ سمجهايل آهن، جو انهن جي سمجهڻ ۾ دماغ کي گهڻي تڪليف ڏيڻي نٿي پوي. ان کانسواءِ ديني فرض ايتري قدر ته واضح، مستقل ۽ مفصل مقرر ٿيل آهن، جو هڪ مسلمان جي دل ۾ ذرو به شڪ نٿو جاڳي ته کيس ڇا ڪرڻو آهي ۽ جڏهن هو انهن فرضن جي ادائيگيءَ کان فارغ ٿئي ٿو، تڏهن سندس دل کي سڪون حاصل ٿئي ٿو هو محسوس ڪري ٿو ته هاڻي هن شريعت جي سڀني حڪمن کي سرانجام ڪيو آهي. اسلامي اصولن جي واضح هجڻ ۽ ان سان گڏ انهن جي عقل جي بنياد تي هجڻ مان اسان کي انهيءَ قوت جو ڀيد معلوم ٿئي ٿو، جيڪا اسلام انسانن جي دلين تي استعمال ڪئي. هڪ مورخ لکي ٿو ته: ”جيڪڏهن توهان عام ماڻهن کي ڪثرت سان پنهنجي مذهب ۾ آڻڻ چاهيو ٿا ته پوءِ انهن جي اڳيان حق ڳالهه مڪمل طرح، صاف سڌي سنئين نموني ۾ ۽ ظاهري ۽ حقيقي حالت ۾ پيش ڪريو.“
اسلام جي ترقيءَ جا مٿي جيڪي سبب بيان ڪيا ويا آهن، تن سان گڏ ٻيون به گهڻيون ئي حالتون خاص خاص وقتن ۽ ملڪن ۾ رونما ٿيون هيون، جن جي ڪري پڻ اسلام کي سندس تبليغي جدوجهد ۾ ڪاميابي حاصل ٿي. انهن حالتن مان، مسلمانن جي تبليغي ڪم لاءِ هڪ ڪارآمد حالت هيءَ بيان ڪئي وڃي ٿي ته تبليغ ۽ دعوت جو گهڻو ڪم واپارين جي هٿن ۾ رهيو. خاص ڪري آفريڪا ۽ ٻين غير مهذب ملڪن ۾، جتي جا رهاڪو فطرتن ٻاهرين ملڪ جي ماڻهوءَ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هئا، مگر واپاريءَ جي حالت ۾ سندس مشهور معروف ۽ بي ضرر ڌنڌو کين اهڙيءَ بد گمانيءَ کان بچائي ٿو. ان کانسواءِ مسلمان واپاريءَ کي ملڪ جي ماڻهن ۽ سندس عادتن جو علم رهي ٿو ۽ هو پنهنجي پيشي ۾ تمام هوشيار ۽ تيزفهم آهي، جنهن ڪري جنهن به ملڪ ۾ هو قدم رکي ٿو، اتي سندس ڏاڍو سٺو استقبال ٿئي ٿو ۽ ان ملڪ جي ماڻهن جي دلين مان مخالفت جو جذبو نڪري وڃي ٿو، جو ڌارئين ماڻهوءَ جي اچڻ سان قدرتي طرح انهن جي دلين ۾ پيدا ٿيڻ گهرجي. مسلمان تاجر کي ڌارين ملڪن ۾ اهڙين دشوارين ۽ ناموافق حالتن جو مقابلو ڪرڻو نٿو پوي، جهڙيون هڪ پيشه ور مبلغ کي پيش اچن ٿيون، جو لازمي طرح ماڻهن جي هن شڪ جو شڪار ٿئي ٿو ته هو ضرور ڪنهن خراب نيت سان آيو هوندو. هن قسم جي بدگماني نه رڳو اهڙن ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ٿئي ٿي، جن جي عقل ۽ تجربي جو دائرو محدود آهي ۽ جن جي لاءِ هي سمجهڻ مشڪل آهي ته هڪڙو ماڻهو محض ٻين ماڻهن کي پنهنجي مذهب ۾ آڻڻ جي خيال سان ڪيئن پنهنجا دنيوي ڌنڌا ڌاڙيون ڦٽا ڪري، دور دراز سفر جا ڏاکڙا برداشت ڪندو، پر دنيا جا مهذب ماڻهو پڻ هڪ تنخواهه دار مبلغ جي ايمانداريءَ ۾ شڪ آڻين ٿا.
اهڙي وقت جون حالتون بلڪل مختلف آهن، جڏهن اسلام ڪنهن ڌارئين ملڪ ۾ هڪ سائل جي حيثيت ۾ نٿو پهچي، بلڪه هڪ حڪمران قوم جي مذهب جي صورت اختيار ڪري ٿو. هن ڪتاب جي گذريل صفحن ۾ اسان اڳيئي اهو ڏيکاري آيا آهيون ته اسلام مذهبي رواداريءَ سان پيش اچڻ جو حڪم ڏئي ٿو ۽ ٻين مذهبن جي انهن سڀني پوئلڳن کي آزاديءَ سان پنهنجي پنهنجي مذهب جي پيرويءَ جي پڻ اجازت ڏئي ٿو، جيڪي پنهنجي حفاظت جي عيوض جزيو ادا ڪن ٿا. جيتوڻيڪ مسلمانن جي تاريخ جا صفحا گهڻن ئي ظالمن جي ڪارنامن سان ڀريا پيا آهن، تنهن هوندي به مجموعي طرح ڏٺو ويندو ته مسلمان بادشاهن جي هٿ هيٺ غير مسلمانن کي ڪافي تعداد ۾ مذهبي آزادي حاصل هئي ۽ اهڙيءَ آزاديءَ جو مثال يورپ ۾ موجوده زماني کان علاوه ٻئي ڪنهن به وقت نظر نٿو اچي.
ڪنهن شخص کي زبردستي مسلمان ڪرڻ جي ممانعت قرآن شريف ۾ موجود آهي. مثلن:
”دين ۾ زبردستي نه آهي.“ (سوره 2-آيت-256).
”جيڪڏهن تنهنجو رب گهري ها ته جيترا ماڻهو زمين ۾ آهن سڀيئي گڏجي ايمان آڻين ها. پوءِ ڇا (اي محمد ) تون ماڻهن تي زبردستي ڪندين ته ايمان آڻين؟، خدا جي حڪم کانسواءِ ڪو به نفس ايمان آڻي نٿو سگهي...“ (سوره-10-آيت-99 ۽100)
بيشمار عيسائي فرقن ۽ قومن جو اهڙن ملڪن ۾، جي صدين کان وٺي مسلمان ملڪن جي هٿ هيٺ رهيا آهن، اڃا تائين نظر اچڻ، هن ڳالهه جو زنده ثبوت آهي ته انهن کي مذهبي آزادي مليل هئي، ۽ هي پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جيڪڏهن انهن عيسائين کي ڪڏهن ڪڏهن متعصب ۽ پرجوش مسلمانن هٿان تڪليفون ۽ سختيون برداشت ڪرڻيون پيون ته اهي ڪن خاص خاص مقامي حالتن جو نتيجو هيون ۽ نه تعصب يا غير رواداريءَ جي ڪنهن مقرر اصول ماتحت انهن تي اهي سختيون ڪيون ويون
ظلم ۽ سختين جي ڪن موقعن تي، وقت جي ڪن ڪن خاص حالتن گهڻن ئي غير مسلمانن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻاهرينءَ دل سان مسلمان ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ اهڙن گهڻن ئي ماڻهن جا مثال ڏيئي سگهجن ٿا جن کي خاص خاص موقعن تي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ ستايو ويو. زبردستيءَ مسلمان ڪرڻ جي اجازت مسلمانن جو ڪو به مذهبي يا سرڪاري قانون نٿو ڏئي. قرآن شريف جون اهڙيون آيتون اڳيئي مٿي مقدمه ۾ بيان ڪيون ويون آهن جي زبردستيءَ مسلمان ڪرڻ کان منع ڪن ٿيون ۽ صرف وعظ ۽تبليغ ذريعي اسلام جي اشاعت جو حڪم ڏين ٿيون. ان کانسواءِ مسلمانن جا وڏا وڏا عالم ۽ مفتي پڻ انهيءَ ساڳئي اصول جي پٺ ڀرائي ڪندا آيا آهن. جڏهن ”موسيٰ ميمونائيڊ (Moses Maimonides)،”محدثين (Almohdaes)“ جي معتصبانه دورِ حڪومت ۾ ٻاهرئين دل سان اسلام قبول ڪيو ۽ پوءِمصر ڏانهن ڀڄي وڃي پنهنجي يهودي هجڻ جو اعلان ڪيو، تڏهن اسپين جي هڪ فقيهه مٿس ارتداد جو الزام مڙهيو ۽ هي مطالبو ڪيو ته کيس هن جرم جي اسلامي قانون مطابق سخت ۾ سخت سزا ڏني وڃي. پر القاضي الفاضل جو انهيءَ وقت مشهور ۾ مشهور مفتين مان هڪڙو هو ۽ سلطان صلاح الدين اعظم جو وزيراعلى هو، هن مقدمي کي خارج ڪري ڇڏيو ۽ هي فتويٰ ڏني ته جيڪو به ماڻهو زبردستيءَ مسلمان بڻايو وڃي ٿو، تنهن کي صحيح معنيٰ ۾ مسلمان تصور ڪري نٿو سگهجي ساڳئي جذبي جو ٻيو مثال هيءُ آهي ته جڏهن ايران جي بادشاهه غازان (سنه 1295-1304ع) کي هي معلوم ٿيو ته جن به ٻڌ ڌرم جي ”مهنتن“ (Monks) سندس حڪومت جي اوائلي زماني ۾ اسلام قبول ڪيو هو (جنهن وقت انهن جي مندرن کي برباد ڪيو ويو هو)، تن صرف پنهنجي مسلمان هجڻ جو بهانو ڪيو هو، تڏهن غازان اهڙن سڀني ٻائن کي ٿٻيٽ واپس وڃڻ جي اجازت ڏني، جن چاهيو ٿي ته اتي وڃي پنهنجي هم وطن ٻڌ ڌرم وارن سان گڏ آزادانه طرح پنهنجي اصلي مذهب جي پيروي ڪريون هڪ سياح تاورنيئر اسان کي ساڳئي قسم جو هڪ واقعو ٻڌائي ٿو ته اصفهان جي ڪن يهودين تي اتيجي هڪ گورنر سخت ظلم ڪيا ۽ انهن کي زبردستيءَ يا چالاڪيءَ سان مسلمان ڪيو. پر جڏهن بادشاهه شاهه عباس ٻئي (سنه 1642-1667) کي هيءَ خبر پهتي ته انهن يهودين محض قوت ۽ خوف جي ڪري اسلام قبول ڪيو آهي، تڏهن هن انهن کي اجازت ڏني ته وري پنهنجو اصلوڪو مذهب اختيار ڪن ۽ امن امان سان زندگي گذارين تاورنيئر کان گهڻو وقت اڳ جو هڪ سياح جنهن سنه 1478ع ۾ ايران جو سير ڪيو اسان کي انهي فتني فساد واري وقت جي هڪ مسلمان گورنر جو واقعو ٻڌائي ٿو، جنهن ساڳئي قسم جي هڪ مذهبي هنگامي جي نهايت سختيءَ سان پاڙ پٽي هئي. اهو واقعو هن طرح آهي ته هڪ ڏينهن تبريز جي شهر ۾ هڪ آرميني تاجر پنهنجي دڪان تي ويٺو هو ته هڪ حاجي، جو پنهنجي بزرگيءَ ۽ دينداريءَ کان مشهور هو، هن وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيو ته هو پنهنجو عيسائي مذهب ڦٽو ڪري مسلمان ٿئي. پر عيسائي واپاريءَ پنهنجي مذهب تي محڪم رهڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ۽ پنهنجي جند ڇڏائڻ خاطر حاجيءَ کي ڪجهه خيرات ڏيڻ لڳو، جنهن تي حاجيءَ جواب ڏنو ته هن کي سندس خيرات نه گهرجي بلڪه هو کيس مسلمان ڪرڻ چاهي ٿو. آخرڪار واپاريءَ جي بار بار انڪار ڪرڻ تي حاجيءَ کي غصو اچي ويو ۽ هن هڪ ڀر واري ماڻهوءَ کان تلوار کسي زور سان واپاريءَ جي مٿي تي لڳائي ۽ پوءِ پاڻ غائب ٿي ويو. جڏهن شهر جي گورنر کي هيءَ خبر پهتي تڏهن هن کي ڏاڍو غصو آيو ۽ حڪم ڏنائين ته خونيءَ کي هڪدم تلاش ڪري گرفتار ڪيو وڃي. جڏهن مجرم کي گرفتار ڪري گورنر جي خدمت ۾ حاضر ڪيو ويو، تڏهن گورنر پنهنجي هٿن سان کيس خنجر هڻي ماري وڌو ۽ هي لفظ چيا ته: ”ڇا! دين محمدي  جي اشاعت جو هي طريقو آهي؟ ان کان پوءِ هن حڪم ڏنو ته مجرم جي لاش کي ٻاهر ڦٽو ڪيو وڃي ته جيئن ان کي ڪتا کائي وڃن. رات ٿيڻ تي شهر جي عام ماڻهن لاش کي دفن ڪري ڇڏيو، جنهن تي گورنر کي سخت جوش اچي ويو، جو هن پنهنجي حڪم جي توهين محسوس ڪئي. هن تبريز جو شهر ٽن يا چئن ڪلاڪن لاءِ پنهنجي سپاهين جي حوالي ڪيو ته ڀلي شهر ۾ ڦرلٽ ڪن. انکان پوءِ هن شهر وارن تي وڌيڪ ڏنڊ جي سزا عائد ڪئي. گورنر واپاريءَ جي پٽ کي پاڻ وٽ گهرائي کيس ڏاڍو پيار ڪيو ۽ نهايت سٺن ۽ نرم لفظن ۾ سندس دلجوئي ڪئي. خود الحاڪم (سنه 996-1020ع) جهڙي جنوني بادشاهه، جنهن جي ظلم ۽ سختين ڪري گهڻن ئي يهودين ۽ عيسائين مجبور ٿي پنهنجو مذهب ڦٽو ڪري اسلام قبول ڪيو، تنهن پڇاريءَ ۾ انهن سڀني ماڻهن کي اجازت ڏني ته ڀلي پنهنجي دين ۾ واپس وڃن، جن پنهنجي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول نه ڪيو هو. بادشاهه انهن کي سندن برباد ٿيل عبادت گاهن کي ازسر نئو تعمير ڪرائڻ جي اجازت ڏني جنهن صورت ۾ مشرقي ملڪن جي عيسائين طرف سندن مغربي ملڪن جي عيسائي ڀائرن ڪو به توجهه نه ڏنو، ۽ انهن وٽ نه هٿيار پنوهار هئا ۽ نه وري ٻيو ڪو بچاءَ جو سامان هو، انهيءَ حالت ۾ ڪنهن به طاقتور مسلمان حاڪم لاءِ اهو بلڪل آسان هو ته جيڪڏهن هو چاهي ها ته پنهنجي عيسائي رعيت کي بلڪل ناس ڪري ڇڏي ها يا انهن کي پنهنجي سلطنت مان تڙي ڪڍي ڇڏي ها، جهڙيءَ طرح اسپين جي عيسائين مسلمانن سان ڪيو يا جهڙيءَ طرح انگريزن چئن سئو سالن تائين يهودين سان ڪيو. هي بلڪل ممڪن هو ته سلطان سليم پهريون (سنه 1514) ۽ سلطان ابراهيم (1646)، پنهنجن وحشي ارادن کي عملي جامون پهرائين ها، جي انهن پنهنجي عيسائي رعيت کي ختم ڪرڻ بابت سوچيا هئا، حالانڪه سلطان سليم چاليهن هزار شيعن کي انهيءَ ڪري قتل ڪرائي ڇڏيو ته جيئن سندس مسلمان رعيت ۾ هڪڙيئي مذهبي عقيدي جا ماڻهو رهن، پر مفتين ٻنهين بادشاهن کي اهڙي ظالمانه عمل کان انهيءَ ڪري باز رکيو، جو هو اسلامي قانون ۽ مذهبي رواداريءَ جا معلم ۽ ترجمان هئا.
انهيءَ وقت جرمنيءَ ۾ جيتوڻيڪ هن اصول جي گهڻائي پٺڀرائي ڪرڻ وارا هئا ته: ”جنهنجو ملڪ تنهن جو دين“، تڏهن به عملي طرح ڪنهن به مسلمان بادشاهه انهيءَ اصول کي اختيار نه ڪيو. البته هيءُ ظاهر آهي ته جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ حڪومت جو مذهب اسلام هوندو هو ته اها ڳالهه ان ملڪ ۾ مسلمانن جي تعداد وڌائڻ ۾ ضرور موثر ثابت ٿيندي هئي. جن ماڻهن تي سندن مذهب جو اثر بلڪل معمولي درجي جو هو، تن کي دنيوي نفعي جي خيال ضرور متاثر ڪيو هوندو ۽ انهن ڪنهن اعليٰ نيت سان نه بلڪه حرص، حوس ۽ خود عرضيءَ جي بنا تي پنهنجو مذهب بدلايو هوندو، ”سينٽ آگسٽائين عيسوي پنجينءَ صديءَ ۾ هيءَ شڪايت ڪئي ته گهڻن ئي ماڻهن مسيحي دين انهيءَ غرض سان قبول ڪيو ته جيئن کين دنيوي فائدو حاصل ٿئي.
ان کانسواءِ جنهن وقت جهنگلي ۽ غير مهذب قومن عربن جي سلطنت جو جاهه جلال، شان شوڪت ۽ اوج ڪمال ڏٺو هوندو تنهن وقت اسلام انهن کي ضرور مرعوب ڪيو هوندو ۽ انهن تي اهڙو ئي جادوءَ جهڙو اثر ڪيو هوندو، جهڙو اثر يورپ جي وحشي قومن تي عيسائي مذهب انهيءَ وقت ڪيو، ”جنهن وقت انهن جهنگلي قومن کي مسيحي دين سلطنت اندر هڪ سڌريل، پيچيده، متڪبر ۽ عظيم الشان مذهب جي صورت ۾ نظر آيو ۽ انهن عيسائيت کي بادشاهن سان گڏ تخت تي سوار، بلڪه ڪن حالتن ۾ ان جو درجو خود بادشاهن کان به بلند ڏٺو.“
مذهب بدلائڻ جي اهڙن سڀني موقعن لاءِ، پوءِ کڻي اهي اسلام ۾ ٿيا هجن يا ٻئي ڪنهن مذهب ۾، هي سبب ڏيڻ ته مذهب بدلائڻ وارن سچي نيت سان نه بلڪه دنيوي مقصدن وغيره جي خيال سان، نئون مذهب قبول ڪيو هو، ڪجهه اهميت نٿو رکي، ۽ نه وري انهن سببن ڪري اسان کي ٻين مکيه ڳالهين کي نظر انداز ڪرڻ گهرجي جيڪي مسلمان داعين جي زندگيءَ جو جُزُ هيون ۽ انهن ڳالهين مان سڀني کان زياده اهم ڳالهه جنهن جو اثر غالب رهيو سا هئي مسلمانن جي زهد ۽ تقويٰ واري زندگي. ممڪن آهي ته هيءَ ڳالهه موجوده وقت جي انهن عيسائين لاءِ عجيب معلوم ٿئي، جيڪي اسلام ۾ هر ڪنهن قسم جون برايون ڏسڻ جا عادي ٿي ويا آهن، ليڪن هيءَ هڪ حقيقت آهي ته گذريل زماني ۾ جن به عيسائين کي هڪ زنده مسلمان سوسائٽيءَ سان تعلق ۾ اچڻ جو موقعو مليو، تن مان گهڻن جي دلين تي مسلمانن جي خوبين جو نهايت گهرو اثر پيو. هاڻي جڏهن مسلمانن جي خوبين عيسائي سياحن ۽ ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي متاثر ڪيو، تڏهن انهن جو اثر اهڙن غير مسلم قومن تي يقينن پيو هوندو، جيڪي رات ڏينهن مسلمانن جي وچ ۾ زندگي بسر ڪنديون هيون. صليبي لڙاين متعلق جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن، سي پڻ مسلمانن جي خوبين جي تعريف سان ڀريا پيا آهن. عثمانيه سلطنت جي اوائلي زماني ۾ ترڪن پنهنجي بيحد تعريف عيسائين جي واتان ٻڌي، جنهن جو اسان اڳ ۾ ئي ڇهين باب ۾ بيان ڪري آيا آهيون.
موجوده وقت ۾ (جيڪي سبب مٿي بيان ڪيا ويا آهن تن مان ڪن اهڙن کان علاوه، جن جو اثر اڃا تائين باقي آهي) ٻيا به ٻه سبب آهن جن جي ڪري اسلامي دنيا ۾ تبليغي جدوجهد اڃا تائين زنده آهي. انهن ٻن مان هڪڙو سبب هيءُ آهي ته مسلمانن جي ديني زندگيءَ کي زور وٺائڻ ۽ انهن ۾ ديني بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ تحريڪ برپا ٿي، جنهن جي شروعات گذريل صدي (يعني ارڙهين صديءَ) جي پڇاڙيءَ ڌاري وهابي تحريڪ سان ٿي. جيتوڻيڪ هن تحريڪ جو سياسي اثر گهڻي وقت کان وٺي نجد کانسواءِ ٻين سڀني هنڌان ختم ٿي ويو آهي، تنهن هوندي به ان جو اثر هڪ احياءَ دين جي تحريڪ هجڻ جي حيثيت ۾ اڃا تائين سڄي آفريڪا، هندستان ۽ ملايا آرڪيپيليگو ۾ موجود آهي. ان کانسواءِ هن تحريڪ ڪري ٻيون به ڪيتريون تحريڪون وجود ۾ آيون آهن جن جو سڄيءَ اسلامي دنيا تي زبردست اثر پيو آهي. اسان مٿي اڳيئي ڏيکاري آيا آهيون ته موجوده زماني جي مبلغن مان گهڻن جو هن مشهور وهابي تحريڪ سان ڪيتريقدر گهرو تعلق آهي. هن تحريڪ مسلمانن جي دلين ۾ جيڪو بي انتها ديني شوق پيدا ڪيو آهي، موجوده ديني ادارن ۾ جيڪو نئون روح ڦوڪيو آهي، ديني تعليم جي حاصل ڪرڻ ۽ ديني فرضن جي ادائيگيءَ ۾ جيڪا حيرت انگيز ترقي آندي آهي، تن سڀني ڳالهين مسلمانن اندر اشاعتِ اسلام جي بي انتها شوق کي، جو انهن ۾ اڳيئي موجود هو، زنده ۽ برقرار رکڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي آهي.
اصلاحِ مذهب جي مذڪوره تحريڪ سان گڏوگڏ هڪ ٻي تحريڪ پڻ ظاهر ٿي آهي، جنهن جي نوعيت پهرئين قسم جي تحريڪ کان بلڪل نرالي آهي. انهن ٻنهين تحريڪن ۾ صرف هيءُ فرق آهي ته پهرين تحريڪ يورپي تهذيب ۽ تمدن جي بلڪل مخالف آهي، پر پوئين تحريڪ جديد مغربي خيالات جي ڪجهه قدر تائيد ڪري ٿي ۽ اسلام کي انهن ئي خيالات جي رنگ ۾ پيش ڪري ٿي. هن موخر الذڪر تحريڪ کي ”پان اسلامڪ“ (Pan-Islamic Movement) يعني سڀني مسلمانن جي اتحاد جي تحريڪ سڏجي ٿو، هن تحريڪ جو مقصد هي آهي ته سڄي دنيا جون مسلمان قومون پاڻ ۾ ملي متفق ۽ متحد ٿي، هڪ واحد قوم ٿي وڃن ۽ ترڪيءَ جي سلطان کي پنهنجو خليفو ۽ امير المئومنين تسليم ڪن. هيءَ تحريڪ ڪنهن به صورت ۾ ايتري قدر اهم نه آهي، جيتريقدر پهرين تحريڪ آهي. انهيءَ هوندي به جنهن طرف ان جي خيالات جو رخ آهي، سو اسلام جي تبليغي سرگرمين ۾ زبردست مدد ڪري ٿو. جيئن ته هن تحريڪ جا باني سڀني مسلمانن جي برادريءَ جي اسلامي نظريه کي عملي زندگيءَ ۾ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، انهيءَ ڪري انهن ڪوششن جو اثر انهن جي ديني خيالات تي پوي ٿو. ان کانسواءِ سڀني مسلمانن جي زندگيءَ ۾ هڪ وسيع پيماني تي اتحاد قائم ٿيڻ جي احساس مسلمانن جي دلين ۾ هڪ قسم جو روح ڦوڪيو آهي ۽ انهن کي غير مسلمانن جي وچ ۾ پنهنجي مذهب جي تعريف بيان ڪرڻ جي جرئت عطا ڪئي آهي.
انهن ٻنهين تحريڪن جو اسلام جي تبليغي جدوجهد تي وڌيڪ ڪهڙو اثر پوندو؟ سو ايندڙ زماني جا حالات ٻڌائي سگهندا. مگر موجوده وقت ۾ انهن تحريڪن جون سرگرميون هن ڳالهه جو ثبوت آهن ته اسلام هڪ زنده مذهب آهي. اسلام جي روحاني طاقت جو مدار، جهڙيءَ طرح اڪثر بيان ڪيو ويو آهي، ملڪي يا سياسي طاقت تي نه آهي. پر اٽلندو ملڪي طاقت۽ دنيوي ترقيءَ جي ختم ٿي وڃڻ سان اسلام جون وڌيڪ اعليٰ خوبيون ظاهر ٿيون آهن، جي حقيقت ۾ اسلام جي تبليغي جدوجهد جو نتيجو آهن. اسلام مصيبت ۽ بدبختيءَ وارين حالتن کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هئڻ ائين گهرجي ها ته دنيوي ڪاميابيءَ جي گهٽجي وڃڻ سان اسلام ۾ انحطاط پيدا ٿئي ها، مگر ان جي برعڪس هيءَ ڳالهه نهايت اهم آهي ته مسلمانن جا جيڪي ملڪ عرصي دراز کان وٺي عيسائي حڪومت جي تابع رهيا آهن تن ۾ اسلام جي تبليغ جو ڪم زياده سرگرميءَ سان جاري ۽ ساري آهي. اسلام جي اشاعت جو شوق ۽ جذبو جيڪو هندستان ۽ ملايا جي مسلمانن ۾ نظر اچي ٿو، سو ترڪيءَ ۽ موراڪو جي مسلمانن ۾ نه ملندو.