باب اٺون : منگولن ۽ تاتارين ۾ اسلام جو ڦهلجڻ
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته هڪ مسلمان مورخ جا اهڙي خوفناڪ دلسوز واقعي بيان ڪرڻ سان ضرور لڱ ڪانڊاربا، ۽ هن کي ڏڪڻي وٺي ويندي. ابن اثير اسلامي ملڪن تي منگولن جي ڪاهن جو احوال بيان ڪرڻ کان اڳ ٻڌائي ٿو ته: ”ڪيترن سالن تائين ته آءٌ انهيءَ اهم واقعي کي پنهنجي ذاتي نفرت وچان بيان ڪرڻ کان گريز ڪندو رهيس، ۽ اڃا تائين آءٌ انهيءَ واقعي جي احوال لکڻ لاءِ راضي نه آهيان، ڇاڪاڻ ته اهڙو ڪير شخص هوندو، جنهن کي اسلام ۽ مسلمانن جي برباديءَ جو مرثيه ڳائڻ ۽ هيءَ دکدائڪ ڪهاڻي ٻڌائڻ هڪ معمولي، ۽ آسان ڳالهه معلوم ٿيندي هوندي؟ الا! جيڪر منهنجي ماءُ مون کي ڄڻيئي نه ها! او! ڪهڙو نه سٺو ٿئي ها، جو آءٌ هن واقعي کان اڳ مري وڃان ها، ۽ دنيا مون کي وساري ڇڏي ها، بلڪل وساري ڇڏي ها!! منهنجن ڪيترن دوستن مون تي زور ڀريو، ته مان هن واقعي جو احوال ضرور لکان. تنهن هوندي به مون ڪو پڪو ارادو نه ڪيو، پر ڏسان ٿو ته ههڙي اهم واقعي جي احوال کي نظر انداز ڪرڻ ۾ ڪو نفعو نه آهي، انهيءَ ڪري هن واقعي جي احوال کي شروع ڪريان ٿو. مون کي هاڻي اهڙن ته خوفناڪ ۽ زبردست دل ڏاريندڙ حادثن جو بيان ڪرڻو آهي، جن جهڙا هن کان اڳ ڪڏهن به نه رات ۽ نه ڏينهن هن دنيا ۾ آندا آهن. مصيبتون ته سڀني قومن تي نازل ٿيون، پر مسلمانن تي سڀني کان وڌيڪ آيون. جيڪڏهن ڪير هي چوي ته جڏهن کان خدا تعاليٰ حضرت آدم عليه السلام کي پيدا ڪيو، تڏهن کان وٺي دنيا اهڙيون مصيبتون نه ڏٺيون، ته انهيءَ چوڻ ۾ هو حق بجانب آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ ڪو به اهڙو واقعو بيان ٿيل نه آهي، جو هن واقعي جي لڳ ڀڳ هجي. تاريخ ۾ جيڪو سڀ کان وڏي ۾ وڏو هولناڪ واقعو بيان ٿيل آهي، سو آهي بخت نصر (Nebue Handnezzar) جو بني اسرائيلن کي قتل ڪرڻ ۽ بيت المقدس کي برباد ڪرڻ جو واقعو، پر انهن شهرن جي مقابلي ۾ جن کي انهن ڪم بخت منگولن برباد ڪيو، بيت المقدس ڪهڙي حقيقت رکي ٿو؟ انهن مان هر هڪ شهر بيت المقدس کان تمام گهڻو وڏو هو. وري جن ماڻهن کي منگولن قتل ڪيو، تن جي مقابلي ۾ بني اسرائيلن جي ڪهڙي حقيقت آهي؟ تباهه ٿيل شهرن مان رڳو هڪڙي شهر جا قتل ٿيل ماڻهو بني اسرائيلن جي سڀني ماڻهن کان تعداد ۾ زياده هئا. اچو ته هاڻي هيءَ اميد رکون، ته دنيا هن جهڙو واقعو وري ڪڏهن به نه ڏسي
اسلام وري به پنهنجي اڳئين اقتدار ۽ دٻدٻي جي رک مان چمڪي اٿيو، ۽ پنهنجن مبلغن جي ڪوششن ذريعي، ظالم وحشي منگولن کي پنهنجي گود ۾ آندو. مسلمان مبلغن لاءِ هي ڪم نهايت مشڪل هو، ڇاڪاڻ ته اسلام سان گڏ ميدان ۾ ٻه ٻيا به طاقتور مذهب هئا. ٻڌ ڌرم، عيسائيت ۽ اسلام ٽيئي هڪ ٻئي کان وڌيڪ هن مقصد لاءِ جدوجهد ڪندڙ هئا، ته انهن ظالم منگولن کي پنهنجي طرف آڻين،جن انهن ٽنهين وڏن تبليغي مذهبن جي مڃيندڙن کي هڪڙي ئي وقت پائمال ڪري ڇڏيو هو. در حقيقت دنيا جي تاريخ ۾ هي هڪ بي نظير منظر آهي. هن ڪشمڪش جي احوال بيان ڪرڻ کان اڳ هي بهتر ٿيندو، ته چنگيز خان جي موت کان پوءِ سندس چئن پٽن ۾ منگول سلطنت جي ورهائجي وڃڻ جي احوال تي ڪجهه سرسري نظر وڌي وڃي، ته جيئن ايندڙ واقعاآسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهن. چنگيز خان جو ٽيون نمبر پٽ اوگتائي خان (Ogotay Khan) پنهنجي پيءُ جي جڳهه تي خاقان (شهنشاهه) جي حيثيت ۾ ٿي ويٺو، ۽ هن جي حصي ۾ سلطنت جو مشرقي حصو آيو، جنهن ۾ پوءِ قبلائي خان (Kubhilay Khan) چين جو سڄو ملڪ شامل ڪيو. چنگيز خان جي ٻئي نمبر پٽ جغتائي خان (Jagtay Khan) سلطنت جي وچئين حصي تي قبضو ڪيو. چنگيز خان جي وڏي پٽ جوجي خان (Jugi Khan) جي پٽ باتو خان (Batu Khan) سلطنت جي مغربي حصي تي حڪومت هلائي، ۽ منگولن جي ”سونهري لشڪر“ (Golden Hordes) جو خان بڻيو. چنگيز خان جي چوٿين نمبر پٽ تولائي خان (Tuluy Khan) کي ايران جو ملڪ حصي ۾ آيو، ۽ هلاڪو خان (Halagque Khan) جنهن سلطنت ايلخانيه جو پايو وڌو، ايشا مائنر جو هڪ وڏو حصو ايران سان ملائي ڇڏيو.
منگولن جو مذهب شاماني (Shamanism) هو، جنهن ۾ هڪ خدا تعاليٰ جي وجود کي تسليم ڪيو ويندو هو، مگر هن جي عبادت نه ڪئي ويندي هئي، بلڪه ننڍن خدائن ۽ معبودن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، خصوصن انهن خدائن جي، جن کي شرير سمجهيو ويندو هو، ۽ انهن جي نقصان پهچائيندڙ قوتن کي ٻلين چاڙهڻ ۽ صدقي ڪرڻ سان ڪمزور ڪيو ويندو هو. انهن خدائن کان سواءِ منگول پنهنجن وڏن جي روحن جي پڻ پرستش ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن جو خيال هو، ته انهن روحن جو پنهنجي اولاد جي زندگيءَ تي ڪافي اثر رهي ٿو. انهن اعليٰ ۽ ادنيٰ خدائن کي راضي ڪرڻ لاءِ منگولن کي اهڙن مذهبي پيشوائن، ڏائڻن ۽ جادوگرن جي رکڻ جي ضرورت پئي، جن کي مئلن جي روحن ۽ مختلف عناصرن (جهڙوڪ: هوا، باهه، پاڻي ۽ مٽي) مٿان غيبي قدرت حاصل هجي. مطلب ته منگولن جو مذهب اهڙو نه هو، جو ٻئي ڪنهن اهڙي مذهب جي تبليغي سرگرمين جو گهڻي وقت تائين مقابلو ڪري سگهي، جنهن جا ديني اصول باقاعدي ۽ عقل جي بنياد تي رکيل هجن، ۽ جنهن ۾ مذهبي معلمن جو باقاعده انتظام ٿيل هجي. جڏهن منگولن کي دنيا جي مهذب قومن سان تعلاقات ۾ اچڻ جو موقعو مليو، تڏهن منگولن انهن قومن جي تهذيب ۽ تمدن کي پسند ڪيو، ۽ پنهنجي خانه بدوش وحشي ماحول کي آهستي آهستي ٿي خيرباد چوڻ لڳا. منگولن کي سندن سوڀن، جن مهذب قومن سان لاڳاپي ۾ آندو، تن ۾ ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ، عيسائي ۽ مسلمان ڪثير تعداد ۾ هئا. انهن ٽنهين وڏن تبليغي مذهبن جا پوئلڳ پنهنجن فاتحن (منگولن) کي پنهنجي پنهنجي مذهب ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ٻئي کان ڪوش ۾ گوءِ کڻڻ لڳا. منگولن جي لڙائيءَ جي هڪ وڏي خصوصيت اها هوندي هئي، جو انهن تي لڙاين جي دوران ۾ قتل ۽ غارت جو هڪ غضبناڪ ڀوت سوار هوندو هو. جڏهن انهن تان اها مستي لهي ويندي هئي، تڏهن اهي شاماني مذهب رکندڙ منگول ٻين مذهبن وارن سان نهايت سٺيءَ طرح پيش ايندا هئا. انهن کي مڪمل مذهبي آزادي ڏيندا هئا، ۽ انهن جي ديني اڳواڻن تان محصول معاف ڪري ڇڏيندا هئا. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو، ته خود چنگيز خان جي موجودگيءَ ۾ ٻڌ ڌرم وارن ڪيترا دفعا شاماني مذهب جي عالمن سان بحث مباحثا ڪيا. منگو خان ۽ قبلائي خان جي حڪومتن ۾ ٻڌ ڌرم، ۽ عيسائي ۽ مسلمان عالمن کي بادشاهن طرفان هڪ جيتري حمايت حاصل هئي. قبلائي خان جي دور حڪومت ۾ چين ۾ ٻڌ ڌرم جو تمام گهڻو زور هو، ۽ منگولن تي پڻ آهستي آهستي هن مذهب جو اثر پوڻ لڳو، ۽ ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته عيسوي چوڏهين صديءَ جي شروعات ڌاري ٻڌ ڌرم منگولن مٿان مڪمل طرح غالب بڻجي ويو. (دُ گوئگنس“ (De Guignes) حصو پهريون، ص:488) ٿٻيٽ جي لامائن (The Lamas of thibet) (يعني ٻڌ ڌرم جي پوڄارين) منگولن اندر ٻڌ ڌرم پکيڙڻ ۾ تمام گهڻو حصو ورتو. منگوليا جا رهاڪو اڄ ڏينهن تائين ٻڌ ڌرم جا پوڄاري آهن، ۽ قلماق قوم (Kalmuks) جا ماڻهو جي عيسوي سترهين صديءَ ۾ رشيا جي طرف هليا ويا، سي پڻ هن مذهب جا مڃيندڙ آهن.
جيتوڻيڪ آخر ۾ ٻڌ ڌرم منگول سلطنت جي اڀرندي حصي ۾ ڪافي زور ورتو، مگر شروع ۾ عيسائي مذهب جو اثر به ڪنهن حالت ۾ گهٽ نه هو، ۽ عيسائين کي اها قوي اميد هئي، ته منگول انهن جو مذهب اختيار ڪندا. عيسوي ستينءَ صديءَ ۾ لنسطوري فرقي جي مبلغن ايشيا ۾ الهندي کان وٺي اڀرندي تائين سڀني ملڪن ۾ ويندي، اتر چين تائين مسيحي دين جي تعليم کي عام ڪيو. انهن ملڪن ۾ عيسائين جا ڪجهه منتشر فرقا عيسوي تيرهينءَ صديءَ تائين موجود هئا. بيڪال ڍنڍ جي ڏکڻ طرف هڪ تاتاري قوم ڪاريت (Karaits) عيسائي مذهب رکندڙ هئي، ۽ ائين معلوم ٿئي ٿو، ته هن قوم جو پيشوا هڪ نامور پريستر يحييٰ نالي هو، جنهن جي متعلق قرونِ وسطيٰ جا ڪيترا قصا مشهور آهن. جڏهن چنگيز خان هن قوم کي فتح ڪيو، تڏهن هن قوم جي سردار (پريستر يحييٰ) جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، ۽ سندس پٽ اگتائي خان وري انهيءَ ئي خاندان جي هڪڙيءَ ڇوڪري سان شادي ڪئي. اگتائي خان جو پٽ گيوڪ خان (Kukuk Khan) جيتوڻيڪ پاڻ عيسائي نه هو، تڏهن به عيسائين تي ڏاڍو مهربان هو. هن جو وزيراعظم ۽ هڪڙو سيڪريٽري عيسائي هئا. گيوڪ خان جي درٻار لسنطوري پادرين جي ڏاڍي عزت ڪئي ويندي هئي، ۽ پوپ اننوسينٽ چوٿين (Pope Innocent) وٽان هڪ سفارت پڻ هتي پهتي. مشرق توڙي مغرب ۾ عيسائي حڪومتن کي اها اميد هئي، ته مسلمانن خلاف لڙاين ۾ منگول ضرور سندن ساٿ ڏيندا. آرمينيا جي عيسائي بادشاهه هيٿوم (Heythoum) منگو خان کي بغداد تي حملي ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو، جنهن هلاڪو خان جي قيادت ۾ هڪ لشڪر روانو ڪيو، انهيءَ لشڪر بغداد کي بلڪل تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو منگو خان جي زال عيسائيڻ هئي، جنهن جي اثر ڪري، منگو خان عيسائين تي، ۽ خصوصن لسنطوري عيسائين تي ڏاڍو مهربان هو. جيڪي منگول آرمينيا ۽ جرجان جي علائقي ۾ رهندا هئا، تن مان گهڻن کي انهن ملڪن جي عيسائين پنهنجي مسيحي دين ۾ آڻي ڇڏيو، ۽ انهن جي بپتسمه (Baptisma) جي رسم پڻ ادا ڪئي وئي پريستر يحييٰ جي عظمت ۽ شان و شوڪت جا جيڪي قصا وچ يورپ ۾ مشهور ٿي ويا هئا، تن يورپ جي ماڻهن جي دلين ۾ هي يقين پيدا ڪيو، ته سڀئي منگول عيسائي مذهب رکندڙ آهن. انهن جو اهو يقين اڃا به غلط رپورٽن ڪري وڌيڪ پختو ٿيو، جيڪي منگول بادشاهن جي مسيحي دين قبول ڪرڻ، ۽ عيسائين جي هر ڪنهن ڳالهه ۾ دلچسپي وٺڻ متعلق يورپ ۾ پهچنديون رهنديون هيون. انهن ئي غلط خبرن ڪري، فرانس جي بادشاهه سينٽ لوئيءَ روبروڪ جي وليم کي منگو خان جي درٻار ۾ سفير ڪري موڪليو، ته هو بادشاهه کي همٿائي ته جهڙيءَ طرح هن عيسائي مذهب جي اشاعت کي هٿ ۾ کنيو آهي، اهڙيءَ طرح ان کي نهايت اورچائيءَ سان ڪندو رهي، پر جلد ئي هي راز فاش ٿي پيو، ۽ معلوم ٿيو، ته انهن رپورٽن ۾ ڪا به حقانيت نه آهي. البته روبروڪ جي وليم ڏٺو، ته منگو خان جي درٻار ۾ عيسائي مذهب کي برداشت ڪيو ويندو هو، ۽ ڪن ٿورن منگولن جي هن دين کي قبول ڪرڻ سان عيسائي پادرين کي اها اميد ٿي، ته ٻيا منگول به جلد ئي هي مذهب قبول ڪندا، پر جيئن ته عيسائي مذهب جي مختلف فرقن جا عالم، جهڙوڪ: رومن ڪئٿلڪ، يوناني، لسنطوري ۽ آرميني عين منگولن جي فوجي ڇانوڻيءَ ۾ پنهنجا ديني اختلاف ظاهر ڪندا رهندا هئا، انهيءَ حالت ۾ عيسائي مذهب ڦهلجڻ جي اميد تمام گهٽ اچڻ لڳي. ممڪن آهي، ته عيسائي مبلغن کي پاڻ اهڙيءَ اتفاق نه هجڻ ڪري ئي سندن ڪوششن ۾ جي انهن منگولن کي عيسائي بڻائڻ ۾ صرف ڪيون گهٽ ڪاميابي حاصل ٿي. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ۾ وڙهندا رهيا، ۽ ٻڌ ڌرم ۽ اسلام انهيءَ حالت جو فائدو وٺي، منگولن ۾ پنهنجو بنياد مضبوط ڪندا رهيا. روم جي پوپ جي غلط ۽ حد کان وڌيڪ دعويٰ مغرور منگولن کي، جي اڌ دنيا جا فاتح هئا، ڪاوڙائي ڇڏيو، ۽ منگول بادشاهه رومي سفيرن سان اڳ ۾ جيڪو سٺو سلوڪ ڪندا هئا، سو انهن ترڪ ڪري ڇڏيو. انهيءَ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي سبب هئا، جنهن ڪري رومي سفارت ڪامياب نه ٿي
لسنطوري عيسائي، جيڪي اڳيئي ميدان ۾ موجود هئا، تن جي متعلق معلوم ٿئي ٿو، ته هو ايتريقدر ته اخلاق ۾ ڪريل، ڪاهل ۽ لاپرواهه هئا، جو هو پنهنجن مناسب موقعن مان به گهڻو فائدو وٺي نه سگهيا. چين جي لسنطوري عيسائين متعلق روبروڪ جو وليم لکي ٿو، ته هو ڏاڍا جاهل هئا، ۽ شامي زبان ۾ نماز جا ڪتاب به سمجهي نه سگهندا هئا. هو شراب خور، گهڻين شادين جا عادي ۽ لالچي هئا. وليم انهن جو روزمره واريءَ زندگيءَ جي ٻڌ ڌرم جي مذهبي ڪارڪنن جي زندگيءَ سان ڀيٽ ڪئي آهي، ۽ ان ۾ نسطوري عيسائين جي خرابين کي خوب کوليو آهي. انهن جو بشپ انهن وٽ ڪو ورلي ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته پنجاهه سالن ۾ صرف هڪ دفعو ڀيرو ڪندو هو، ۽ اهڙن موقعن تي انهن جي سڀني ڇوڪرن کي، حتيٰ ڪه انهن جي هنجن ۾ جيڪي ٻار هوندا هئا، تن کي به پادريءَ جي عهدن تي مقرر ڪري ويندو هو. ڪليسيا جي عهدن جي خريد و فروخت ۾ پادري بلڪل تباهه ۽ برباد ٿي ويا هئا. مذهب کي انهن هڪ تجارت ڪري سمجهيو هو ۽ انهن جو واسطو پنهنجي دين جي اشاعت کان وڌيڪ پئسي ڪمائڻ سان وڃي رهيو.
منگول سلطنت جي مغربي حصي ۾ پڻ عيسائين کي آسرو هو ته مسلمانن خلاف لڙاين ۾ ۽ جيروسلم جي هٿ ڪرڻ ۾ منگول سندن مدد ڪندا. انهيءَ ئي خيال سان انهن ايران جي ايلخانيه حڪومت سان دوستانه تعلقات قائم ڪيا، پر هي ناتو گهڻي وقت تائين جٽاءُ ڪري نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته مصر جي مملوڪي سلطان بيبرس (Baybars) ”سنه 1260-1277ع“ فتوحات حاصل ڪرڻ کان پوءِ برڪا خان (Barka Khan) سان صلح ڪيو، جنهن ايلخانين کي پنهنجي ترقيءَ متعلق سوچڻ جو موقعو ڏنو. دمشق ۽ ٻين ڪيترن شهرن جي عيسائين انهيءَ ٿوري وقت ۾، جنهن ۾ ايران جي منگول سلطنت انهن سان ڏاڍيون مهربانيون ڪيون، خود ماڻهن تي ڏاڍيون زيادتيون ڪيون. انهيءَ ڪري ته آقي باقي مغربي ايشيا ۾ عيسائين جو نالو بدنام ٿي ويو.
هاڻي انهن حالتن ۾ جيڪي مٿي بيان ڪيون ويون آهن، اسلام لاءِ ٻن طاقتور مذهبن يعني ٻڌ ڌرم ۽ عيسائيت جو مقابلو ڪري پنهنجن فاتحن، يعني منگولن کي پنهنجي طرف جهڪائڻ هڪ اهڙو ڪٺن ڪم هو جو ان ۾ بظاهر ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪا به اميد نظر نٿي آئي. ڇاڪاڻ ته منگولن جي طوفاني حملن ۾، جيترو نقصان مسلمانن کي پهتو، اوترو ٻيءَ ڪنهن به قوم کي نه پهتو. اهي شهر جيڪي هيستائين ايشيا ۾ اسلامي تعليم ۽ ديني نشو نما جا مرڪز هئا، تن مان گهڻن کي باهه ڏئي ساڙي رک ڪيو ويو. مسلمان عالم ۽ وڏا وڏا نيڪوڪار فقيهه يا ته قتل ڪيا ويا، يا انهن کي غلام بڻايو ويو منگول بادشاهن ۾ ڪجهه بادشاهه اهڙا به هئا، جيڪي ٻين مذهب وارن سان ته ڏاڍو سٺو سلوڪ ڪندا هئا، پر اسلام لاءِ انهن جي دلين ۾ مختلف درجي جي نفرت ويٺل هئي. چنگيز خان حڪم ڏنو، ته جيڪو به شخص اسلامي شريعت مطابق جانور کي ذبح ڪري، سو خود قتل ڪيو وڃي. هن حڪم کي قبلائي خان پنهنجي حڪومت ۾ از سرنو جاري ڪيو ۽ هن اهڙي خبر آڻيندڙ لاءِ انعام پڻ مقرر ڪيا. ستن سالن تائين مسلسل مسلمانن اهڙيءَ طرح مصيبتن کي منهن ڏيندا رهيا. غريب طبقي جي ماڻهن هن طرح آسان طريقي سان دولت جمع ڪرڻ جو فائدو ورتو ۽ غلامن پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن مالڪن تي جانورن ذبح ڪرڻ جو الزام لڳايو گيوڪ خان جي دور حڪومت ۾ (سنه 1246-1248ع) مسلمانن کي اڃا به وڌيڪ سختيون سهڻيون پيون، ڇاڪاڻ ته گيوڪ خان پنهنجي حڪومت جو سمورو ڪاروبار ٻن عيسائي وزيرن جي سپرد ڪري ڇڏيو، ۽ سندس درٻار هميشہ عيسائي راهبن سان ڀريل رهندي هئي. ايلخاني خاندان جي چوٿين حاڪم ارغون خان (سنه 1284-1291ع) پڻ مسلمانن مٿان سخت ظلم ڪيا ۽ حڪومت جي مالي ۽ عدالتي کاتن ۾ مسلمانن کي جيڪي عهدا مليل هئا، تن تان انهن کي لاٿو ويو ۽ انهن کي درٻار ۾ اچڻ جي منع ڪئي وئي باجود اهڙين مشڪلاتن جي منگولن ۽ انهن کان پوءِ آيل وحشي قومن آخرڪار انهن مسلمانن جو دين قبول ڪيو، جن کي هو هيلتائين پنهنجن پيرن ۾ لتاڙيندا ٿي آيا. بدقسمتيءَ سان تاريخ، اسلام جي تبليغي تحريڪ جي اهڙيءَ ترقيءَ تي گهڻي روشني نٿي وجهي. رڳو ڪن مکيه ماڻهن جي اسلام قبول ڪرڻ جي واقعن جو ڪجهه تفصيلي احوال اسان جي لاءِ محفوظ ٿيل آهي. سڄيءَ منگول سلطنت اندر هيڏانهن ضرور اهڙا پيغمبر اسلام () جا امتي موجود هوندا، جن اسلام جي ڦهلائڻ لاءِ مخفي طرح ڪوششون ڪيون هونديون ۽ هو گهڻن ئي ڪافرن کي مسلمان بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيا هوندا. اگتائي خان جي عهد حڪومت ۾ (سنه 1229-1201ع) ايران جو گورنر ڪرگز (Kurguz) ٻڌ ڌرم جو پوڄاري هو، ۽ معلوم ٿئي ٿو، ته هن پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ ٻڌ ڌرم ڦٽو ڪري، اسلام قبول ڪيو تيمور خان جي ڏينهن ۾ (سنه 1323-1328ع) قبلائي خان جو پوٽو انندا خان، جو چين جي هڪ صوبي ڪانسوه (Kamsuh) جو وائيسراءِ هو، هڪ ڪٽر مسلمان هو. هن تانگوت (Tangut) ۾ گهڻن ئي ماڻهن کي مسلمان ڪيو، ۽ هن جي هٿ هيٺ جيڪا فوج هئي، تنهن مان به هڪ حصي اسلام قبول ڪيو. تيمور خان هن کي پنهنجي درٻار ۾ گهرايو، ۽ هن کي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته هو اسلام ڦٽو ڪري ٻڌ ڌرم اختيار ڪري، پر جڏهن هن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن هن کي قيد ڪيو ويو. پر ٿوري وقت کان پوءِ هن کي آزاد ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته تانگوت جا ماڻهو هن کي ڏاڍو پيار ڪندا هئا. ۽ انهن جي بغاوت برپا ڪرڻ جو انديشو محسوس ڪيو ويو
پهريون منگول بادشاهه جنهن اسلام قبول ڪيو، سو هو برڪه خان. هو سنه 1256-1265ع تائين سونهري لشڪر (Golden Hordes) جو سردار هو هن بابت بيان ڪيو وڃي ٿو، ته هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو هن کي هڪ قافلو گڏيو، جو بخارا کان اچي رهيو هو، ۽ ان ۾ ٻه مسلمان واپاري هئا. برڪه خان مسلمان واپارين کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ انهن کان اسلامي اصولن بابت ڪجهه سوال پڇيائين. مسلمانن اسلامي اصولن کي اهڙيءَ ته خوبيءَ سان کولي بيان ڪيو، جو برڪه خان سچيءَ دل سان اسلام قبول ڪيو. برڪه خان پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ جو احوال پهريائين پنهنجي ننڍي ڀاءُ سان ڪيو، ۽ هن کي پڻ اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏني. انهيءَ کان پوءِ هن پنهنجي اسلام جو عام اظهار ڪيو برڪه خان مسلمان ٿيڻ بعد مصر جي اصلوڪي سلطان رڪن الدين بيبرس سان دوستانه تعلقات قائم ڪيا. در حقيقت اهو دوستيءَ جو هٿ پهريائين سلطان ڊگهيڙيو. سلطان اڳيئي سونهري لشڪر جي 200 منگولن جو سٺو استقبال ڪيو هو. هي ماڻهو هلاڪو خان جي فوج ۾ نوڪري ڪندا هئا. انهن جڏهن ڏٺو، ته هلاڪو خان ۽ سندن ملڪ جي حاڪم برڪه خان جي وچ ۾ اڻبڻت وڌندي ٿي وڃي، تڏهن ڊپ وچان شام ڏانهن ڀڄي ويا، جتان وري انهن کي ڏاڍي اعزاز ۽ اڪرام سان قاهره ڏانهن سلطان بيبرس جي درٻار ۾ موڪليو ويو. بيبرس انهن جو سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ انهن کي اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏني سلطان بيبرس جي خود هلاڪو خان سان لڙائي هلندڙ هئي، جنهن کي هن تازو شام مان هڪالي ڪڍيو هو. سلطان انهن 200 منگولن مان ٻن کي پنهنجن ٻين سفيرن سان گڏي هڪ خط سميت برڪه خان ڏانهن موڪليو. انهن سفيرن واپسيءَ ۾ سلطان کي ٻڌايو، ته برڪه خان جي هر هڪ شهزاديءَ ۽ امير وٽ هڪ هڪ امام ۽ مؤذن مقرر ٿيل هو، ۽ ٻارن کي مدرسن ۾ قرآن شريف جي تعليم ڏني ويندي هئي. اهي سفير اڃا برڪه خان ڏانهن وڃي ئي رهيا هئا، ته کين رستي ۾ برڪه خان جي هڪ سفارت ملي جا برڪه خان ۽ سندس رعيت جي اسلام قبول ڪرڻ جي خوشخبري کڻي مصر ڏانهن وڃي رهي هئي. اهڙيءَ طرح برڪه خان ۽ سلطان رڪن الدين بيبرس جي وچ ۾ دوستانه تعلقات قائم ٿيڻ بعد سونهري لشڪر (Golden Hordes) جاگهڻائي منگول مصر ڏانهن هليا ويا، جتي انهن ٿوريءَ ترغيب سان اسلام قبول ڪيو
ايران ۾ جتي هلاڪو خان ايلخانيه حڪومت جو بنياد وڌو هو، منگولن اندر اسلام جي ترقي جي رفتار تمام گهٽ هئي. هلاڪو خان پاڻ کي برڪه خان ۽ مصر جي سلطان جي حملن خلاف مضبوط ڪرڻ لاءِ اڀرندي جي عيسائي حڪومتن سان جهڙوڪ آرمينيا جي بادشاهه ۽ صليبين (Crusaders) سان صلح ڪيو. هن جي پياري ۾ پياري زال مسيحي دين جي پوئلڳ هئي، جنهن پنهنجي مڙس جي دل ۾ پنهنجي هم مذهب عيسائين لاءِ ڪافي محبت پيدا ڪرائي، هلاڪو خان جي پٽ اباقا خان وري قسطنطنيه جي عيسائي بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. جيتوڻيڪ اباقا خان خود عيسائي نه بڻيو، تنهن هوندي به سندس درٻار هميشہ عيسائي پادرين سان ڀريل رهندي هئي، ۽ هن يورپ جي مختلف عيسائي بادشاهن جهڙوڪ: فرانس جي بادشاهه سينٽ لوئي، سسليءَ جي بادشاهه چارلس ۽ اراغون (Aragon) جي بادشاهه جيمس ڏانهن پنهنجا سفير موڪليا، ته انهن سان مسلمانن جي مقابلي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ عهدناما ڪن. انهيءَ ئي غرض سان اباقا خان سنه 1274ع ۾ منگولن جي هڪ سورهن ماڻهن جي سفارت ليون جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ رواني ڪئي. جتي سفارت جي نمائندن عيسائي مذهب قبول ڪيو ۽ پوءِ انهن جي سندن ٻين ڪن رفيقن سان گڏ بپتسمه جي رسم ادا ٿي. عيسائين کي وڏيون اميدون هيون، ته اباقا خان عيسائي بڻجي ويندو، پر انهن سڀني اميدن تي پاڻي ڦري ويو. اباقا خان جو ڀاءُ تڪودار (Tokudar) جو پنهنجي ڀاءُ بعد تخت تي ويٺو، پهريون ايلخاني بادشاهه هو، جنهن اسلام قبول ڪيو. هن جي ننڍي هوندي کان پرورش عيسائين جهڙي ٿي هئي، ڇاڪاڻ ته (جيئن هڪ همعصر عيسائي مصنف لکيو آهي): ”جڏهن اڃا ننڍو هو، ته هن جي بپتسمه جي رسم ادا ڪئي وئي ۽ هن تي نڪولس نالو رکيو ويو، پر جڏهن هو وڏو ٿيو، تڏهن مسلمانن کي تمام گهڻو پيار ڪرڻ لڳو. انهن سان زياده ميل جول قائم ڪرڻ ڪري، هو خود عيسائي مذهب ڦٽو ڪري مسلمان بڻجي ويو، ۽ پاڻ کي محمد خان سڏائڻ لڳو. انهيءَ کان پوءِ هو ان ڳالهه جي پوري ڪوشش ڪرڻ لڳو، ته جيئن سڀئي تاتاري (Tartars) اسلام قبول ڪن. هن جڏهن ڏٺو، ته ماڻهو خوشيءَ سان اسلام نٿا قبول ڪن، تڏهن جبر ڪرڻ بدران انهن کي انعام اڪرام ڏئي، اسلام طرف راغب ڪيو. هن جي ڏينهن ۾ بي شمار تاتاري اسلام جي دائري اندر داخل ٿيا.“
تڪودار پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ جو احوال مصر جي سلطان کي هڪ خط ۾ لکي موڪليو، جو هن طرح آهي:
”خدا قادر مطلق جي توفيق سان، بادشاهه احمد جو خط مصر جي سلطان ڏانهن! سڀ تعريف انهيءَ خدا عزوجل کي جڳائي، جنهن محض پنهنجي لطف وڪرم ۽ هدايت جي نور سان اسان کي پنهنجي الوهيت جي صحيح رستي جو علم عطا فرمايو، ۽ اسان کي پنهنجي وحدانيت جي اقرار ۽ حضرت محمد جي رسالت جي تصديق، ۽ پنهنجي ولين ۽ نيڪ ٻانهن جي عزت ڪرڻ جي توفيق مرحمت فرمائي. جڏهن به خدا تعاليٰ ڪنهن کي هدايت ڏيڻ جو ارادو ڪري ٿو، ته هن جي سيني کي اسلام لاءِ کولي ڇڏي ٿو.“ اسان توحيد جي ڪلمي پڙهڻ بعد، پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جي تخت تي ويهڻ تائين، ڪڏهن به اسلام جي ترقيءَ ۽ مسلمانن جي بهبوديءَ طرف توجهه ڪرڻ ڇڏي نه ڏنو. خدا تعاليٰ اسان تي پنهنجي بي انتها لطف ۽ ڪرم جي پالوٽ ڪئي. سندس ئي بي انداز مهربانين سان اسان جون آسون، اميدون پوريون ٿيون ۽ اسان هڪ نهايت اعليٰ ۽ شاندار حڪومت جا مالڪ بڻياسون. هڪ قريلتائي يعني اميرن جي عام مجلس (Knriltai or General Assembly) سڏائي وئي، جتي اسان جا ڀائر، اسان جا پٽ، وڏي ۾ وڏا امير، لشڪر جا سپھ سالار ۽ فوج جا ڪپتان سڀئي هن ڳالهه تي متفق ٿيا، ته اسان جي وڏي ڀاءُ جي حڪم جي پيروي ڪئي وڃي. يعني سڄي لشڪر کي هتي جمع ڪيو وڃي، جنهن جو تعداد ايتري قدر ته زياده هو، جو جيڪر زمين باوجود پنهنجي وسعت جي انهن جي اڳيان تنگ ٿي پوي، جنهن جو غضبناڪ جوش ۽ خونخوار حملو، جيڪر انسانن جي دلين ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏي، جنهن جي جرئت ۽ دليريءَ اڳيان جيڪر بلند پهاڙ به پنهنجو ڪنڌ نمائين ۽ جنهن جي اٽل ارادي اڳيان، جيڪر سخت ۾ سخت پٿر به پاڻي ٿي وڃي. انهن سڀني جي هن مصمم ارادي تي اسان غور ڪيو ۽ هن نتيجي تي پهتاسون، ته انهن جو اهو ارادو اسان جي دلي تمنائن جي بلڪل برعڪس هو.ا سان جو مقصد هو، ته عام فلاح ۽ بهبوديءَ جي ڪمن کي زور وٺايو وڃي، ۽ انهيءَ مقصد کي پوري ڪرڻ لاءِ ضروري هو، ته اسلامي احڪامن کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو وڃي، جيتريقدر ٿي سگهي، اوتريقدر ڪو به اهڙو حڪم صادر نه ڪيو وڃي، جنهن سان خونريزي وڌي. ماڻهن جي مصيبتن کي دور ڪيو وڃي، سڄيءَ دنيا اندر امن امان ۽ صلح سانت جي هوا هلائي وڃي، ۽ ٻين ملڪن جي بادشاهن کي محبت ۽ شفقت جي بستري تي آرام سان سمهڻ ڏنو وڃي. ائين ڪرڻ سان ئي خدا جي حڪمن جي عزت ٿيڻ لڳندي، ۽ خدا جي مخلوق تي رحم کاڌو ويندو. خدا تعاليٰ اسان جي دلين ۾ هي خيال پيدا ڪيو، ته اسان هن جنگ وجدل جي ڄيري کي وسايون، ۽ انهن دردناڪ مصيبتن جي دروازي کي بند ڪريون ۽ جن ماڻهن فوج گڏ ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، تن کي ٻڌايون، ته الله تعاليٰ اسان جي دلين ۾ ڪهڙي نيڪ ڪم جو ارادو پيدا ڪيو آهي. اهو نيڪ عمل هي آهي، ته اسان اهڙا ذريعا اختيار ڪريون، جن سان دنيا جون سڀئي آپدائون ختم ٿي وڃن، ۽ اهڙي عمل کان پرهيز ڪريون، جو دنيا جي مصيبتن کي دور ڪرڻ لاءِ آخرين ذريعو تصور ڪيو وڃي. انهيءَ ڪري اسان فوج طرف رجوع ٿيڻ ۾ جلدي ڪرڻ نٿا چاهيون، جيستائين ڪه اسان پهريائين صحيح رستي کي ظاهر نه ڪيو آهي. اسان حق کي ظاهر ڪرڻ، ۽ ان کي دليلن سان ثابت ڪرڻ کان پوءِ فوج جي مدد وٺڻ جي اجازت ڏيون ٿا. اسان جي نيڪيءَ، ۽ ڀلائيءَ جي ڪمن ڪرڻ واري ارادي کي شيخ الاسلام جي نصيحتن ڏاڍي تقويت پهچائي آهي. اسان جو شيخ الاسلام تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ جو اعليٰ نمونو آهي. هن ديني ڳالهين ۾ اسان جي ڏاڍي مدد ڪئي آهي. اسان پنهنجي سلطنت جي ٻن ايماندار اعليٰ قاضين (Chief Justice) قطب الدين ۽ اتابڪ بهاءُ الدين جي سپرد هي ڪم ڪيو آهي، ته هو اوهان کي اسان جي عمل کان آگاهه ڪن، ۽ مسلمانن جي عام بهبوديءَ بابت اسان جي نيڪ ارادن جي تصديق ڪن. ان کانسواءِ اوهان کي اهو پڻ ٻڌائين، ته خدا تعاليٰ اسان جي دلين کي روشن ڪيو آهي ۽ اسلام انهن سڀني گناهن کي ميٽي ڇڏي ٿو، جيڪي ڪفر جي حالت ۾ ڪيل آهن. خدا تعاليٰ اسان جي دلين ۾ هي خيال وڌو، ته اسان حق ڳالهه جي ۽ جيڪي حق تي هلندڙ آهن، تن جي پيروي ڪريون. جيڪڏهن اوهان اسان جي هن دعوى کي مڃڻ لاءِ ڪي وڌيڪ ثابتيون چاهيو ٿا، ته پوءِ ڀلي اوهان پنهنجا ماڻهو موڪليو، ته اسان جي عمل جو اچي جائزو وٺن. خدا جي فضل سان اسان اسلام جي جهنڊي کي بلند ڪيو آهي ۽ اسان پنهنجي هر ڪنهن حڪم ۽ فعل ۾ اسلام جو لحاظ رکون ٿا، انهيءَ لاءِ ته محمدي قانون کي تقويت پهچي ۽ هي قانون حضور اڪرم جن جي تجويز ڪيل انصاف جي اصولن مطابق ملڪ اندر پوريءَ طرح رائج ٿي وڃي. اسان ماڻهن جي دلين کي خوشيءَ سان لبريز ڪيو آهي. سڀني مجرمن جي خطائن کي بغير ڪنهن معاوضي جي معاف ڪيو آهي ۽ انهن جي هنن لفظن سان دلجوئي ڪئي آهي ته ”شل خدا به اوهان جي گناهن کي معاف فرمائي.“ اسان مسجدن، مدرسن، خيراتي ادارن ۽ مهمان سرائن جي ازسرنو تعمير ڪرڻ لاءِ مسلمانن طرفان جيڪا ملڪيت وقف ٿيل هئي، تنهن جي هر ڪنهن ڳالهه ۾ سڌارو آندو آهي. اسان وقف ٿيل ملڪيت جي آمدني واپس انهن ماڻهن کي ڏياري آهي، جيڪي وقف ڪندڙ جي وصيت مطابق ان جا حقدار هئا.... اسان حڪم ڪيو آهي، ته حاجين جي عزت ڪئي وڃي ۽ انهن جي قافلن لاءِ کاڌي پيتي جو سامان مهيا ڪيو وڃي ۽ انهن جي رستي ۾ پوري حفاظت ڪئي وڃي. اسان واپارين کي پوري آزادي ڏني آهي، ته ڀلي پنهنجي پسند مطابق هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن سفر ڪن ۽ اسان پنهنجي سپاهين ۽ پوليس عملدارن کي سخت منع ڪئي آهي، ته هو انهن جي آمدو رفت ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه پيدا ڪن.“ هاڻي تڪودار مصر جي سلطان سان دوستانه تعلقات قائم ڪرڻ ٿو گهري، ”انهيءَ لاءِ ته هي سڀئي شهر ۽ ملڪ وري ماڻهن سان آباد ٿي وڃن، ماڻهن تان هي دردناڪ آفتون ۽ عذاب دور ٿي وڃن، تلوار مياڻ اندر واپس هلي وڃي، سڀئي ماڻهو صلح سانت ۽ اطمينان سان پنهنجي زندگي بسر ڪن، ۽ مسلمان ذلت ۽ خواريءَ کان ٻاهر نڪري اچن.“
منگولن جي تاريخ جي طالب العلم کي بي انتها دل ڏاريندڙ واقعن ۽ صدين تائين لڳاتار خونريزين جي داستان پڙهڻ بعد هڪ منگول بادشاهه جي هن قسم جي خط پڙهڻ سان ضرور خوشي محسوس ٿي هوندي، ڇاڪاڻ ته هيءَ هڪ نهايت حيرت جهڙي ڳالهه آهي، جو هڪ منگول بادشاهه جي زبان مان اهڙا همدرديءَ ۽ خير خواهيءَ جا الفاظ نڪرن.
منگولن کي پنهنجي بادشاهه تڪودار جي مسلمان ٿيڻ ۽ هن جي عيسائين تي سختيون ڪرڻ جو رنج پهتو. منگول جيتوڻيڪ عيسائي نه هئا، تنهن هوندي به عيسائين سان انهن جا لاڳاپا گهڻي وقت کان وٺي قائم هئا. انهيءَ ڪري انهن قبلائي خان جي اڳيان پنهنجي بادشاهه جي شڪايت ڪئي، ته هن پنهنجن ابن ڏاڏن جي طريقي کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. تڪودار جي برخلاف هڪ بغاوت برپا ٿي، جنهن جو سرڪردو سندس ڀائٽيو ارغون خان هو. ارغون خان، تڪودار کي قتل ڪري، سندس تخت تاج جو مالڪ بڻجي ويٺو. هن جي حڪومت جي ٿوري عرصي اندر (سنه 1284-1291ع) عيسائين تي وري مهربانين جا مينهن وسڻ لڳا، ۽ مسلمانن لاءِ دستور مطابق سورن جي بازار سرگرم ٿي وئي. انهن کي سرڪاري نوڪرين مان خارج ڪيو ويو، ۽ شاهي درٻار مان هڪاليو ويو تڪودارکان پوءِ سنه 1295ع تائين جيڪي به بادشاهه تخت تي ويٺا، سي سڀ بت پرست هئا. سنه 1295ع ۾ ايلخانيه خاندان جو ستون ۽ سڀني کان زياده طاقتور بادشاهه غازان (Ghazan) تخت تي ويٺو. هن اسلام قبول ڪيو، ۽ اسلام کي ايران جو شاهي مذهب قرار ڏنائين. غازان کان اڳ ٽن بادشاهن جي عهد حڪومت ۾ عيسائين کي وڏيون اميدون هيون، ته ايران جو شاهي خاندان مسيحي دين اختيار ڪندو، ڇاڪاڻ ته انهن بادشاهن عيسائين تي ڏاڍيون مهربانيون ڪيون هيون ۽ انهن کي پنهنجي پنهنجي حڪومت ۾ وڏا وڏا عهدا عطا ڪيا هئا. غازان کان اڳ تخت جو والي بادو خان هو. هي هڪ باغي هو ۽ سنه 1295ع ۾ صرف ڪن ٿورن مهينن لاءِ حڪومت هلايائين، پر انهيءَ ٿوري عرصي ۾ ئي هن پنهنجو سڄو توجهه عيسائيت طرف ڪيو، ايتري قدر جو هن منگولن اندر اسلام جي اشاعت کي بلڪل بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ حڪم ڏنو، ته ڪو به منگولن ۾ اسلام جي تبليغ نه ڪري.
اسلام قبول ڪرڻ کان پيشتر غازان جي تعليم و تربيت ٻڌ ڌرم مطابق ٿي هئي، ۽ هن خراسان ۾ ٻڌ ڌرم لاءِ ڪيترا مندر ٺهرايا. هو انهيءَ مذهب جي عالمن جي صحبت ۾ ڪجهه وقت گذارڻ پنهنجي لاءِ بي حد خوشيءَ جو باعث سمجهندو هو. منگـــــول سلطنت قائم ٿيڻ بعد ٻڌ ڌرم جا گهڻائي عالم ايران ۾ اچي رهڻ لڳا. غازان هڪ مذهبي ماڻهو هو،ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي وقت جي مختلف مذهبن جا ڪتاب پڙهيا هئا ۽ هو هر ڪنهن مذهب جي عالمن سان بحث مباحثو ڪندو رهندو هو غازان جي هڪ قابل وزير ۽ انهيءَ زماني جي مورخ رشيد الدين جو هي رايو غالبن صحيح معلوم ٿئي ٿو، ته ”غازان سچيءَ دل سان مسلمان ٿيو ۽ هو پنهنجي حڪومت جي سڄي عرصي اندر اسلامي اصولن تي سختيءَ سان ڪاربند رهيو، حالانڪه رشيد الدين جي ٻين همعصر مورخن (۽ ان کان پوءِ ايندڙ مورخن پڻ انهن جي تائيد ڪئي آهي) هي ظاهر ڪيو آهي، ته سلطان غازان پنهنجي ڪن مسلمان اميرن ۽ بزرگن جي زور ڀرڻ تي مسلمان ٿيو هو“غازان جو هڪ همدرد مورخ لکي ٿو ته: ”هڪ وڏي بادشاهه کي، خصوصن اهڙي بادشاهه کي جنهن جي بت پرست وڏن دنيا کي فتح ڪيو. (سچيءَ دل سان اسلام قبول ڪرڻ کان سواءِ) ٻي ڪهڙي غرض ٿي سگهي ٿي؟“ غازان اسلام قبول ڪرڻ سان ايرانين جي دلين تي فتح حاصل ڪئي، جڏهن هن جي بايدو خان سان ايران جي تخت حاصل ڪرڻ لاءِ لڙائي شروع هئي، تڏهن دشمن جي لشڪر ۾ جيڪي مسلمان سپاهي هئا، سي پنهنجي هم مذهب غازان جي مدد ڪرڻ لاءِ بايدو خان جي فوج مان نڪري هليا ويا. غازان جي هڪ مسلمان امير نوروز بيگ، جو بايدو خان خلاف هلندڙ لڙائيءَ ۾ سندس مددگار هو، هيءَ پيشنگوئي ڪئي هئي، ته عنقريب هڪ بادشاهه ظاهر ٿيندو، جو اسلام جي حفاظت ڪندو ۽ ان کي وري ساڳيءَ اصلوڪيءَ شان شوڪت جي حد تي پهچائيندو، ۽ جيڪڏهن انهيءَ بادشاهه اسلام قبول ڪيو، ته پوءِ هو ايران جو حاڪم ٿيندو، مسلمان بت پرست منگولن جي دردناڪ غلاميءَ مان نڪري، هن جي مدد ڪندا، ۽ خدا تعاليٰ انهيءَ بادشاهه کي پنهنجي سچي دين جو مددگار ۽ ان کي تباهيءَ کان بچائيندڙ سمجهي هن جي لشڪر کي لڙائيءَ ۾ ڪامياب ڪندو. انهيءَ خيال سان امير نوروز بيگ غازان کي اسلام قبول ڪرڻ جي ترغيب ڏني ڪجهه سوچ ويچار بعد غازان پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ جو عام اعلان ڪيو ۽ پوءِ سندس آفيسرن ۽ فوجي سپاهين به هن جي مثال جي پيروي ڪئي. غازان اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ زاهدن ۽ عالمن کي خير خيرات ڏنا، مسجدن ۽ اوليائن جي مقبرن جي زيارت ڪئي ۽ پاڻ کي هر ڪنهن معنيٰ ۾ هڪ سچو ۽ پڪو مسلمان حاڪم ثابت ڪري ڏيکاريو.
غازان کان پوءِ سندس ڀاءُ، محمد بنده خدا جي نالي سان سنه 1304ع ۾ تخت تي ويٺو. هن جي ماءُ عيسائڻ هئي، انهيءَ ڪري هن جي به ننڍيءَ وهيءَ کان وٺي، تعليم و تربيت عيسائي مذهب مطابق ٿي هئي. هن جي بپتسمه (Baptisma) جي رسم ادا ٿيل هئي، ۽ سندس نالو نڪولس رکيو ويو هو. مگر ماءُ جي موت بعد اڃا نوجوان ئي هوته پنهنجي زال جي ترغيب تي مسلمان ٿيو. ابن بطوطه بيان ٿو ڪري، ته سلطان محمد بنده خدا جي اسلام قبول ڪرڻ جو منگولن تي ڏاڍو اثر ٿيو انهيءَ وقت کان وٺي آئينده لاءِ ايلخانيه سلطنت اندر اسلام سڀني مذهبن ۾ مکيه مذهب ليکجڻ ۾ آيو.
چنگيز خان جي سلطنت جي وچ واري حصي ۾، جو چغتائي خان ۽ سندس اولاد جي پتيءَ ۾ آيو، اسلام جي ترقيءَ جو احوال اڃا تائين گهٽ ملي ٿو. چغتائي خان جي اولاد مان پهريون بادشاهه، جنهن کي نورِ اسلام جي نعمت نصيب ٿي، سو براق خان (چغتائي خان جو پڙ پوٽو) هو. براق خان (سنه 1266-1270ع) تخت تي ويهڻ کان ٻه سال پوءِ اسلام قبول ڪيو، پاڻ تي غياث الدين نالو رکايو پهرئين دفعي اسلام جي ترقيءَ ايترو وقت جٽاءُ نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته جيڪي به منگول مسلمان ٿيا هئا، سي براق خان جي وفات بعد اسلام کان منهن موڙي پنهنجي اصلوڪي شاماني مذهب طرف رجوع ٿي ويا. ايندڙ هڪ سئو سالن تائين اسلام جي اهڙي ئي حالت رهي، ۽ ان ۾ ڪو به واڌارو نه ٿيو. آخرڪار طرمشرين خان (Tormashirain Khan) (سنه 1322-1330ع) جي اسلام قبول ڪرڻ سان، گهڻو ڪري سڀئي چغتائي منگول مسلمان ٿي ويا. هي منگول هن ڀيري پنهنجي بادشاهه پٺيان مسلمان ٿيڻ بعد هميشه لاءِ پنهنجي نئين مذهب (اسلام) تي محڪم رهيا. انهيءَ هوندي به اسلام جو ٻين مذهبن تي غالب اچڻ يقيني طور نظر نٿي آيو، ڇاڪاڻ ته طرمشرين خان جي جائنشينن مسلمانن تي سخت ظلم ڪيا پر ٿورن ئي سالن کان پوءِ ڪاشغر جي بادشاهه تغلق تيمور خان (سنه 1347-1363ع) جي مسلمان ٿيڻ سان اسلام زور وٺڻ لڳو. ڪاشغر جو ملڪ پهريائين چغتائي گهراڻي جي حڪومت ۾ شامل هو، پر جڏهن هيءَ حڪومت ٽڪرا ٽڪرا ٿي وئي، تڏهن تغلق تيمور خان جي اسلام قبول ڪرڻ به نسبت بيان ڪيو وڃي ٿو، ته هو بخارا جي هڪ بزرگ شيخ جمال الدين جي اثر ڪري مسلمان ٿيو. هڪ دفعي شيخ جمال الدين پنهنجي ڪن ساٿين سان گڏ بي خبريءَ ۾ انهيءَ هنڌان اچي لنگهيو، جتي بادشاهه تغلق تيمور خان شڪار ڪري رهيو هو. انهيءَ تي بادشاهه کي سخت مٺيان لڳي ۽ حڪم ڏنائين ته هڪدم انهن جا هٿ پير ٻڌي کين سندس خدمت ۾ حاضر ڪيو وڃي. بادشاهه سخت غصي جي حالت ۾ انهن کان پڇيو ته اوهان کي اسان جي شڪار گاهه ۾ داخل ٿيڻ جي ڪيئن جرئت ٿي؟ شيخ جمال الدين عرض ڪيو ته” اسين سڀ مسافر آهيون ۽ اسان کي ڪا خبر نه هئي ته ڪو اسين اهڙيءَ زمين تان گذري رهيا آهيون، جتان لنگهڻ جي منع ٿيل آهي.“ بادشاهه کي جڏهن معلوم ٿيو ته هي سڀ شخص ايراني آهن، تڏهن چوڻ لڳو ته: ”هڪ ايرانيءَ کان ته هڪ ڪتو بهتر آهي.“ انهيءَ تي شيخ جواب ڏنو: تحقيق! جيڪڏهن اسان وٽ سچو دين (اسلام) نه هجي ها ته اسين واقعي ڪتي کان به بدتر هجون ها.“ بادشاهه هي جواب ٻڌي ڏاڍو حيران ٿيو ۽ حڪم ڏنو ته شڪار تان واپس اچڻ بعد هن بهادر ايرانيءَ کي سندس خدمت ۾ حاضر ڪيو وڃي. بادشاهه شڪار تان واپس اچڻ بعد شيخ جمال الدين کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ هن کي چوڻ لڳو ته هو پنهنجي جواب جو مطلب سمجهائي ۽ اهو پڻ ٻڌائي ته اهو سچو دين ڪهڙو آهي.
پوءِ شيخ جمال الدين بادشاهه اڳيان اسلام جي اعليٰ اصولن کي اهڙيءَ ته وضاحت سان ظاهر ڪيو جو بادشاهه جي پٿر جهڙي سخت دل بدلجي موم وانگر نرم ٿي وئي، شيخ ڪفر جي حالت کي اهڙي ته ڀيانڪ نموني ۾ پيش ڪيو جو بادشاهه خود پنهنجي گمراهيءَ جو اعتراف ڪيو ۽ شيخ کي چيو ته: ”جيڪڏهن آئون هن وقت اسلام قبول ڪرڻ جو اظهار ڪندس ته پوءِ پنهنجي رعيت کي اسلام طرف آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندس. انهيءَ ڪري اوهان به مون سان گڏ ڪجهه وقت لاءِ صبر ڪريو ۽ جڏهن مان پنهنجي اباڻي سلطنت جو حاڪم بڻجان تڏهن مون وٽ وري اچجو.“ انهيءَ وقت ڌاري چغتائي سلطنت ڪيترين ننڍين ننڍين حڪومتن ۾ تقسيم ٿي وئي هئي ۽ تغلق تيمور خان کي انهن سڀني رياستن کي ملائي وري هڪ سلطنت قائم ڪرڻ ۾ گهڻا ئي سال لڳي ويا. انهيءَ وچ ۾ شيخ جمال الدين پنهنجي وطن ڏانهن هليو ويو ۽ اتي وڃي سخت بيمار ٿيو. جڏهن سندس وصال جو وقت ويجهو آيو، تڏهن پنهنجي پٽ رشيد الدين کي چيائين ته” هڪڙي ڏينهن تغلق تيمور خان وڏو بادشاهه بڻبو. تون ضرور هن وٽ حاضر ٿج ۽ منهنجا سلام ڏئي بي ڌڙڪ هن کي سندس ڪيل وعدي جي يادگيري ڏيارج.“ ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن تغلق تيمور خان پنهنجو اباڻو تخت حاصل ڪيو، تڏهن رشيد الدين پنهنجي پيءُ جي وصيت مطابق بادشاهه جي ڪيمپ ۾ حاضر ٿيو. هن گهڻي ڪوشش ڪئي ته بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿيان پر ڪامياب نه ٿيو. آخرڪار هن هيءَ ترڪيب ڪئي جو هڪ ڏينهن صبح جو سوير بادشاهه جي تنبوءَ جي ڀرسان زور سان اذان ڏيڻ شروع ڪئي، جنهن تي بادشاهه ڪاوڙجي ننڊ مان اٿيو ۽ رشيد الدين کي پنهنجي اڳيان حاضر ڪرايو. رشيد الدين ايندي شرط پنهنجي پيءُ جو پيغام بادشاهه کي پهچايو. تغلق خان وعدي کي وساري نه ڇڏيو هو، انهيءَ ڪري هو پيغام ٻڌندي ئي ڪلمون پڙهي مسلمان ٿيو ۽ پوءِ پنهنجي رعيت اندر اسلام ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. انهيءَ وقت کان وٺي جيڪي به ملڪ چغتائي خان جي اولاد جي هٿ هيٺ رهيا، تن سڀني ۾ اسلام پختيءَ طرح رائج ٿي ويو.
هاڻي وري منگولن جي سونهري لشڪر (Golden Hordes) ۾ اسلام جي شايع ٿيڻ جي احوال کي هٿ ۾ کڻون ٿا. هن لشڪر جي ڇانوڻي هڪ سرسبز ميدان ۾ هئي، جتي ولگا نديءَ کان پاڻي ايندو هو. انهن ولگا جي ڪناري تي پنهنجو هڪ شهر سرائي نالي ٻڌو، جنهن کي پنهنجي حڪومت جو تختگاهه مقرر ڪيائين. هتي رشيا جو بادشاهه، سونهري لشڪر جي خان کي هر سال ڏن ڏيندو هو. برڪه خان جي اسلام قبول ڪرڻ سان، جنهن جو اڳ ۾ ئي مٿي بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان کان پوءِ مصر جي سلطان سان گهاٽن تعلقات قائم ٿيڻ سان اسلام جي ڏاڍي سٺي ترقي ٿيڻ لڳي، برڪه خان جي پٺيان سونهري لشڪر (Golden Hordes) جي ٻين به ڪيترن اميرن ۽ اڳواڻن، جي منگول نسل جا هئا، اسلام قبول ڪيو. انهيءَ هوندي به گهڻائي اهڙا قبيلا هئا، جن پنهنجي اندر اسلام جي شايع ٿيڻ تي سخت غصي جو اظهار ڪيو ۽ ان جي مخالفت ڪئي. جڏهن برڪه خان پنهنجي اسلام قبولڻ جو عام اعلان ڪيو، تڏهن انهن قبيلن جي ماڻهن برڪه خان کي پنهنجي مٿان حڪومت ڪرڻ جو لائق نه سمجهيو ۽ سندس مخالف هلاڪو خان کي دعوت ڏني ته اچي سونهري لشڪر جو تخت حاصل ڪري. در حقيقت برڪه خان جي ايتري قدر ته سخت مخالفت ٿي جو ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مخالفن جو هڪ جدا وڏو گروهه قائم ٿي ويو، جنهن تي نو گائي (Nogais) نالو رکيو ويو. برڪه خان جي لشڪر ۾ منگولن جي فوج جو سپھ سالار نوگائي خان (Nogay Khan) هو، جنهن ڪري مخالف فرقي تي به نوگائي نالو رکيو ويو. جڏهن سونهري لشڪر جا ٻيا سردار مسلمان ٿي ويا هئا، تڏهن به نوگائي خان پنهنجي اصلوڪي شاماني مذهب تي محڪم هو ۽ ٻين به جن منگولن پنهنجي اباڻي دين کي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو هو، سي نوگائي فرقي ۾ شامل ٿي ويا هئا. باوجود انهيءَ مخالفت جي نوگائي خان جي ڌيءَ، جنهن جي شادي هڪ شاماني مذهب واري سان ٿيل هئي، شاديءَ کان ڪجهه وقت پوءِ مسلمان ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هن کي پنهنجي مڙس جا سخت ظلم ۽ ستم سهڻا پيا..
منگولن جي سونهري لشڪر جو بادشاهه سنه 1313 کان 1340ع تائين ازبڪ خان (Uzbeg Khan) هو، جنهن منگولن کي مسلمان بڻائڻ ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيو. منگول ازبڪ خان کي چوندا هئا ته ”تون اسان جي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ تي قناعت ڪر، اسان جو مذهب توکي ڇا ٿو ڪري؟ اسين عربن جي مذهب کي چنگيز خان جي دين تي ڇو ترجيح ڏيون؟“ باوجود سخت مخالفت جي، ازبڪ خان پنهنجي تبليغي ڪوششن ۾ ڪامياب ٿيو ۽ گهڻن ئي منگولن کي انهيءَ دين ۾ آندائين، جنهن جو هو خود سرگرم پوئلڳ هو. اهو ازبڪ خان جي ڪوششن جو نتيجو هو جو سندس سڄيءَ حڪومت ۾ اسلام پختيءَ طرح رائج ٿي ويو. هن جو اثر وچ ايشيا جي ازبڪي قبيلن ۾ ڪافي هو ۽ هن جي نالي پٺيان ئي اهي ماڻهو پاڻ کي انهيءَ نالي سان سڏائڻ لڳا. انهن قبيلن جي ماڻهن غالبن ازبڪ خان جي دورِ حڪومت ۾ اسلام قبول ڪيو. ازبڪ خان متعلق بيان ڪيو وڃي ٿو ته هن سڄي رشيا اندر اسلام پکيڙڻ لاءِ تدبير سوچي هئي. مگر رشيا ۾ هن کي ڪاميابي حاصل نه ٿي. جيتوڻيڪ منگولن کي رشيا ۾ ٻن صدين تائين اعليٰ اقتدار حاصل هو، تنهن هوندي به ائين معلوم ٿئي ٿو ته انهن رشيا جي ماڻهن مٿان خاص ڪري مذهبي معاملات ۾ ڪو به اثر نه هلايو. هيءَ ڳالهه قابل توجهه آهي ته جيتوڻيڪ ازبڪ خان کي پنهنجي مذهب (اسلام) ڦهلائڻ جو تمام گهڻو شوق هو تنهن هوندي به هن پنهنجي عيسائي رعيت سان نهايت بي تعصبيءَ ۽ مذهبي رواداريءَ وارو سلوڪ ڪيو. هن انهن کي مذهبي پيرويءَ ۾ مڪمل آزادي ڏئي ڇڏي، ايتريقدر جو انهن کي ملڪ اندر پنهنجي عيسائي مذهب جي تبليغ ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني وئي. مسلمانن غير مسلمانن سان مذهبي آزاديءَ وارو سلوڪ اختيار ڪيو. هن سلسلي ۾ جيڪي به تحريري ثابتيون موجود آهن، تن مان ازبڪ خان جو فرمان (Charter) نهايت اهم آهي. هي فرمان سنه 1313ع ۾ ازبڪ خان طرفان ميٽروپوليٽن پيٽر (Metropolitan Peter) کي عطا ڪيو ويو، جنهن جو مضمون هن طرح آهي:
”خدا تعاليٰ جي مرضيءَ ۽ توفيق سان سندس بزرگيءَ ۽ ٻاجهه سان، ازبڪ خان جو فرمان سڀني وڏن خواهه ننڍن اميرن ۽ سردارن ڏانهن: ڪو به ماڻهو ميٽروپوليٽن ڪليسا (Metropolitan Church) جي، جنهن جو پيٽر اڳواڻ آهي، بي حرمتي نه ڪري ۽ نه هن جي نوڪرن يا هن جي ڪليسائي عهديدارن جي بي عزتي ڪري. ڪو به ماڻهو انهن جي مال ملڪيت يا ماڻهن تي قبضو نه ڪري. ڪو به ماڻهو ميٽروپوليٽن ڪليسا جي ڪمن ۾ دست اندازي نه ڪري، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ ديني ڪم آهن. جيڪو به شخص ائين ڪندو ۽ هن جي فرمان جي ڀڃڪڙي ڪندو سو خدا جي اڳيان مجرم ۽ سندس عذاب جو مستحق ٿيندو. اسان جي طرفان پڻ هن کي الڳ موت جي سزا ملندي. ڀلي ته ميٽروپوليٽن چين ۽ آرام سان زندگي گذاري. ڀلي ته هو (يا هن جو نائب) انصاف ۽ ايمانداريءَ سان مذهبي امور ادا ڪري. اسين هي اقرار ٿا ڪريون ته نه اسين ۽ نه اسان جو اولاد ۽ اسان جي سلطنت جا بادشاهه ۽ نه اسان جي صوبن جا گورنر ڪنهن به نموني ۾ ڪليسا ۽ ميٽروپوليٽن جي ڳالهين ۾ دست اندازي ڪندا. ان کانسواءِ انهن جي شهرن، ضلعن، ڳوٺن، شڪار گاهن ۽ مڇين ڦاسائڻ جي جڳهن ۾ ڪو به دخل نه ڏينداسون. انهن جي ماکيءَ جي مانارن، زمينن، چراگاهن، ٻيلن، ذاتي جائدادن ڪليسا جي سامان ۽ ٻين انهن شهرن ۽ جڳهن کي جيڪي انهن جي عملدارن جي هٿ هيٺ آهن، انهن کي ڪو به نقصان نه پهچايئنداسون، ڀلي ميٽروپوليٽن جي دل هميشه خوش ۽ ڏکن غمن کان آزاد هجي ته جيئن هو خود ايماندار رهي، اسان جي لاءِ خدا تعاليٰ کان دعا گهري. جيڪو به شخص ڪليسا جي ڪنهن پاڪ شئي کي نقصان پهچائيندو سو مجرم قرار ڏنو ويندو، خدا تعاليٰ جو عذاب پڻ هن جي مٿان ٿيندو ۽ اسان پڻ هن کي موت جي سزا ڏينداسون ته جيئن ٻيا پڻ هن مان سبق سکن. جيڪڏهن عيسائين کان خراج يا ٻيو ڪو محصول جهڙوڪ ڪسٽمس ڊيوٽي زمين جي ڍل، رستي جو محصول، ٽپال لاءِ گهوڙن جو محصول وصول ڪرڻو هجي يا انهن مان فوجي ڀرتي ڪرڻي هجي ته ميٽروپوليٽن پيٽر جي هٿ هيٺ جيڪي به وڏيون ديولون هجن تن مان يا هن جي ڪنهن به پادري کان ڪجهه به وصول نه ڪيو وڃي..... جيڪڏهن ڪنهن پادريءَ کان ڪجهه وصول ڪيو وڃي ته پوءِ هن کي ٽيڻو ڪري واپس ڏنو وڃي..... انهن جي قانونن، ڪليسائن، خانقاهن ۽ ديولن جي عزت ڪئي وڃي. جيڪو به هن مذهب کي بدنام ڪندو يا ان جي خلاف گهٽ وڌ ڳالهائيندو تنهن جو قصور ڪنهن به حيلي بهاني سان معاف نه ڪيو ويندو. بلڪه هن کي موت جي سزا ملندي. پادرين جي ڀائرن ۽ پٽن کي، جي هڪڙي ئي دستر خوان تي کاڌو کائين ٿا ۽ هڪڙي ئي گهر ۾ رهن ٿا، ساڳيا حق ڏنا ويندا.
سلطان ازبڪ خان جي مذڪور فرمان (Charter) ۾ رڳو لفظ ئي لفظ نه هئا، پر حقيقت هئي ۽ جنهن مذهبي آزاديءَ جو وعدو ڪيو ويو هو سا واقعي عيسائين کي ملي. هن حقيقت جي ثابتي اسان کي هڪ خط مان ملي ٿي جو پوپ جان ستاويهين سنه 1318ع ۾ ازبڪ خان ڏانهن روانو ڪيو، جنهن ۾ هن سلطان جي عيسائي رعيت تي مهربان هجڻ ۽ انهن سان سهڻو سلوڪ اختيار ڪرڻ جو شڪريو ادا ڪيو آهي. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ازبڪ خان جي جائنشين ۾ اسلام جي اشاعت جو اهڙو جوش ۽ جذبو نه هو جهڙو ازبڪ خان ڏيکاريو، انهيءَ ڪري جتي ازبڪ خان اسلام پکيڙڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو، اتي سندس جائنشينن جو ڪامياب ٿيڻ خلاف توقعه هو، روس جا ماڻهو جيستائين محصول ادا ڪندا رهيا، تيستائين انهن کي پوري آزادي هئي ته جيڪو به مذهب انهن کي وڻي سو اختيار ڪن. انهن جي زندگيءَ ۾ عيسائي مذهب ايتريقدر ته پيوسته ٿي ويو هو جو باوجود ڪيتري ڪوشش ڪرڻ جي، انهن کي انهيءَ دين تان هٽائي نه سگهيو ويو. ڇاڪاڻ ته ولگا نديءَ جي ڪناري تي منگولن جي آباد ٿيڻ کان اڳ تقريبن ٻن سئو سالن تائين رشيا جي ماڻهن جو قومي مذهب عيسائيت رهيو هو.
منگولن کان اڳ ٻي هڪ قوم هئي، جنهن رشيا جي ماڻهن کي اسلام طرف آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ساڳيءَ طرح ناڪام رهي. اها قوم بلگيريا جي مسلمانن جي هئي جا عيسوي ڏهين صديءَ ۾ ولگا نديءَ جي ڪناري تي اچي آباد ٿي. هي ماڻهو غالبن انهن مسلمان واپارين جي تلقين تي مسلمان ٿيا، جيڪي انهيءَ وقت اتر وارن ملڪن ۾ پشم وغيره جو واپار ڪندا هئا. سنه 921ع کان ٿورو اڳ خليفي المقتدر انهن مسلمانن ۾ پنهنجو هڪ سفير موڪليو ته انهن کي اسلامي اصولن ۽ احڪامن جي تعليم ڏئي پنهنجي مذهب ۾ پختو ڪري.
بلگيريا جي انهن مسلمانن انهيءَ وقت جي رشيا جي بادشاهه والدمير (Valdimir) کي مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ ته (هڪ روسي مورخ جي بيان موجب والدمير جي مرضي هئي ته پنهنجي بت پرستيءَ واري مذهب کي ترڪ ڪري ٻيو ڪو بهتر مذهب اختيار ڪريان، پر اهي مسلمان پنهنجي ڪوشش ۾ انهي ڪري ڪامياب نه ٿيا جو بادشاهه طهر ڪرائڻ ۽ شراب جي بندش تي اعتراض ورتو ۽ مسلمانن کي ٻڌايو ته رشيا جي ماڻهن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ سڀ کان زياده خوشي پهچائيندڙ شيءِ شراب آهي، انهيءَ ڪري هو ان کي ڪنهن به حالت ۾ ڇڏي نه سگهندا. ساڳيءَ طرح يهودين پڻ بادشاهه والدمير کي پنهنجي موسوي مذهب ۾ آڻڻ لاءِ هٿ پير هنيا، پر هو پڻ ناڪامياب ٿيا. يهودي خزرجي ملڪ (Cuntry of Khazars) مان آيا هئا. جو ڪئسپين سمنڊ جي ڪناري تي واقع هو ۽ انهن ملڪ جي بادشاهه کي اڳيئي پنهنجي دين ۾ آڻي ڇڏيو هو. جڏهن بادشاهه يهودين جي دليلن کي چڱيءَ طرح سان ٻڌو، تڏهن انهن کان سوال ڪيائين ته انهن جو ملڪ ڪهڙو آهي؟ يهودين جواب ڏنو ته ”جيروسلم اسان جو ملڪ آهي، پر خدا تعاليٰ غصي ۾ اچي اسان کي سڄيءَ دنيا ۾ منتشر ڪري ڇڏيو آهي.“ هي ٻڌي بادشاهه جي وات مان بي اختيار نڪتو ته: ”ڇا اوهان تي خدا تعاليٰ جو عذاب ٿيل آهي ۽ پوءِ به ٻين کي پنهنجي مذهب جي تعليم ڏيڻ چاهيو ٿا؟ وڃو! وڃو! اسان نٿا چاهيون ته اوهان وانگر اسين به بي وطن ٿيون.“ بادشاهه والدمير کي سڀني کان وڌيڪ هڪ يوناني پادريءَ متاثر ڪيو. هن ٻين مذهبن تي مختصر تنقيد ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي مسيحي دين جي سچيءَ تعليم کي دنيا جي وجود ۾ اچڻ ۽ حضرت آدم عليہ السلام جي قصي کان وٺي يوناني ڪليسا جي تسليم ڪيل ستن مذهبي مجلسن (Seven Oecmenical Councils) جي منعقد ٿيڻ تائين، کولي بيان ڪيو. ان کان پوءِ پادريءَ بادشاهه کي قيامت جي ڏينهن جي هڪ تصوير ڏيکاري، جنهن ۾ ايماندار ۽ ديندار ماڻهو جنت ۾ داخل ٿي رهيا هئا ۽ گنهگار ۽ ظالم ماڻهو جهنم ۾ ڦٽا ڪيا ويا ٿي. پادريءَ بادشاهه کي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن هو مسيحي دين قبول ڪندو ته پوءِ هن کي جنت جو ورثو ملندو.
جيتوڻيڪ والدمير يوناني ڪليسا کان متاثر ٿيو، تڏهن به هن اٻهرائي ڪري، پنهنجي بت پرستيءَ واري مذهب کي ڦٽو ڪري، ٻيو ڪو نئون مذهب اختيار ڪرڻ پسند نه ڪيو. هن پنهنجي حڪومت جي سڀني سردارن ۽ اميرن کي گڏ ڪيو ۽ انهن کي مختلف مذهبن بابت جيڪي ڪجهه احوال کيس معلوم هو، سو ٻڌائي پنهنجي راءِ پيش ڪرڻ لاءِ چيو. انهن عرض ڪيو ته ”بادشاهه سلامت! هر شخص پنهنجي پنهنجي مذهب جي تعريف ڪري ٿو. هاڻي جيڪڏهن توهان کي بهترين مذهب جو انتخاب ڪرڻو آهي ته ڪن عقلمند انسانن کي مختلف ملڪن ڏانهن موڪليو ته وڃي اتي معلوم ڪن ته سڀني قومن مان ڪهڙي قوم آهي، جا خدا تعاليٰ جي بندگي سندس لائق شان شوڪت مطابق ڪري ٿي.“ بادشاهه کي هيءَ راءِ ڏاڍي پسند آئي ۽ هن انهيءَ ڪم واسطي انهن ڏهن ماڻهن جو انتخاب ڪيو، جيڪي عقل ۽ سياڻپ ۾ سڀني کان ممتاز هئا. هي ماڻهو پهريائين بلگيريا جي مسلمانن ۾ پهتا ۽ اتي ڏٺائون ته مسلمانن جون مسجدون ڏيک ويک ۾ ادنيٰ درجي جون هيون. انهن جي عبادت جو طريقو مايوسيءَ جهڙو هو، انهن جا چهرا هميشہ مغموم ۽ گنڀير هوندا هئا. مسلمانن کانپوءِ هو جرمنيءَ جي رومن ڪئٿلڪ مذهب وارن وٽ پهتا ۽ اتي به انهن ڏٺو ته انهن جون ديني رسمون شان شوڪت ۽ جاه و جلال کان خالي هيون. آخرڪار قسطنطنيه پهتا. قسطنطنيه جي عيسائي بادشاهه پنهنجي ماڻهن کي چيو ته: ”ڀلي ته هي روسي اسان جي خدا جو جلوو پسن.“ پوءِ انهن کي سانتا صوفيا جي ڪليسا (Church of santa Sophia) ۾ آندو ويو، جتي ڪليسا جو پئٽرئارڪ پنهنجي خاص قسم جي پوشاڪ پائي نماز پڙهائي رهيو هو. ڪليسا جي شاندار بناوت، پادرين جي شاندار پوشاڪ، نماز جي جڳهه جي ساز و سامان، لوبان وغيره جي مٺي خوشبوءِ، نمازين جي با ادب سُڪونَ ۽ هڪ عجيب ديني ماحول وحشي روسين جون دليون حيرت ۽ عبرت سان ڀري ڇڏيون. انهن محسوس ڪيو ته هي ڪليسا يقينن خدا تعاليٰ جي رهڻ جي جاءِ آهي ۽ هن فاني انسان مٿان پنهنجو جلوو هتي ئي ظاهر ڪيو آهي. هي سفير واپس جڏهن پنهنجي وطن آيا، تڏهن بادشاهه کي سربستو احوال ڪري ٻڌايائون. انهن اسلام جو احوال حقارت آميز لفظن ۾ ڪيو ۽ رومن ڪئٿلڪ مذهب جي ڪجهه به تعريف نه ڪئي، پر يوناني ڪليسا جي تعريف ڏاڍي جوش خروش سان ڪيائون، انهن چيو ته” جيڪڏهن ڪنهن هڪ دفعو مٺي شربت جو ڍُڪ ڀريو هوندو ته هميشہ ڪڙي شئي کي ڌڪاريندو رهندو. هاڻي جڏهن اسان کي يوناني ڪليسا جي دين بابت معلوم ٿيو آهي ته سٺو دين آهي ته پوءِ دل نٿي چاهي ته ٻئي ڪنهن مذهب طرف توجهه ڪريون. والدمير وري به پنهنجن اميرن سان صلاح ڪئي، جن کيس ٻڌايو ته: ”جيڪڏهن يوناني ڪليسا جو مذهب سڀني مذهبن کان بهتر نه هجي ها ته توهان جي ڏاڏيءَ اولگا جا سڀني انسانن ۾ وڌيڪ عقلمند هئي، ڪڏهن به انهيءَ دين کي قبول نه ڪري ها.“ انهيءَ جواب ٻڌڻ کان پوءِ والدمير ڪجهه به دل من نه هنيو ۽ سنه 988ع ۾ مسيحي دين قبول ڪيائين. هن عيسائي بڻجڻ ۽ بپتسمه جي رسم ادا ڪرڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن سڀني بتن کي جن جي سندس ابا ڏاڏا پوڄا ڪندا هئا، ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو ۽ هڪ حڪم جاري ڪيو ته سڀئي روسي خواهه امير هجن يا غريب، آزاد هجن يا غلام، عيسائي مذهب اختيار ڪن..
اهڙيءَ طرح رشيا جي ماڻهن جو قومي مذهب عيسائيت بڻجي ويو. منگولن جي فتح بعد روسين تاتارين جي وچ ۾ جيڪي مختلف قومي خصوصيات هيون، تن اڄ ڏينهن تائين ٻنهين قومن کي هڪ ٻئي کان الڳ رکيو آهي. رشيا جي ماڻهن جو تاتاري حڪومت کان نفرت ڪرڻ، انهن جو پنهنجي مذهب تي مضبوطيءَ سان محڪم رهڻ ۽ تاتارين جي دلين ۾ ديني شوق جو نه هجڻ. هي سڀ اهڙيون ڳالهيون هيون، جن مفتوح قوم (روسين) کي فاتح قوم جي مذهب (اسلام) قبول ڪرڻ کان پري رکيو. هي پڻ فرض ڪيو وڃي ٿو ته اسلام ۾ شراب جي استعمال تي بندش هجڻ ڪري به رشيا جي ماڻهن اسلام قبول ڪرڻ کان پاسو ڪيو. انهيءَ هوندي به اهو چئي نٿو سگهجي ته رشيا ۾ منگولن اسلام جي ڦهلائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. ڪريميا جي مسلمانن ۾ جن کي تاتاري فرض ڪيو وڃي ٿو، ڪي اهڙا به يوناني شڪل شبيهه جا ماڻهو ملن ٿا، جن مان اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته انهن تاتاري مسلمانن ڪريميا اپٻيٽ ۾ رهندڙ يونان ۽ اٽليءَ جي ماڻهن کي مسلمان بڻائي، پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو. انهن مسلمانن ۾ ڪريميا جي اصلي باشندن جو اولاد ۽ گينوئي (Genoese) قوم جو اولاد پڻ شامل آهي. عيسوي سترهين صديءَ جو هڪ سياح اسان کي ٻڌائي ٿو ته ڪريميا جي تاتارين پنهنجن غلامن کي مسلمان بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن ڪيترن غلامن کي آزادي ڏيڻ جي وعدي سان مسلمان ڪيو.
وولگا نديءَ جي ڪناري تي فن (Finn) قوم جا ماڻهو پڻ انهن نئو مسلمن مان هئا، جن کي تاتارين مسلمان ڪيو هو. چرمس (Tcheremiss) قوم جا گهڻائي ماڻهو نالي ماتر عيسائي هئا. اهي هڪ طرف روسين جو مذهب اختيار ڪندا ٿي ويا ته ٻئي طرف وري انهن جا ڳوٺن جا ڳوٺ اسلام اندر داخل ٿيندا ويا. چرمس قوم جو هڪ فرقو چوواش نالي ڪريميا جي ڏاکڻي حصي ۾ آباد هو. هن فرقي جي ماڻهن پڻ اسلام قبول ڪيو. جيڪڏهن روسي حڪومت مسلمانن ۽ عيسائين ٻنهي کي هڪ جهڙا حق ڏئي ها ته هيڪر فن قوم جا سڀئي ماڻهو هن کان اڳ مسلمان ٿي وڃن ها.
اسلام جي تبليغي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ عبرتناڪ واقعو وچ ايشيا جي قرغيز (Kirgeiz) قوم جي اسلام قبول ڪرڻ جو آهي، جن کي تاتاري مولوين مسلمان ڪيو. عيسوي ارڙهين صديءَ ۾ روسي حڪومت تاتارين کي قرغيز قوم ڏانهن سفير ڪري موڪليو، جن وري انهن ۾ اسلام جي تبليغ جو ڪم شروع ڪري ڏنو. هن قوم جي ماڻهن سنه 1731ع ۾ روسي حڪومت جي اطاعت قبول ڪئي هئي ۽ 120 سالن تائين روسي حڪومت انهن سان سڄي سرڪاري لکپڙهه تاتاري زبان ۾ هلائي هئي. ڇاڪاڻ ته هو انهيءَ غلط فهميءَ ۾ مبتلا هئا ته قرغيز قوم جا ماڻهو به انهيءَ ساڳئي نسل مان آهن، جنهن مان وولگا جا تاتاري آهن. ان کانسواءِ انهن کي به غلط فهمي اها ٿي جو انهن قرغيزين کي مسلمان ڪري سمجهيو. پر حقيقت ۾ عيسوي ارڙهين صديءَ تائين هن قوم جا تقريبن سڀئي ماڻهو شاماني مذهب جا پوئلڳ هئا ۽ اڄ ڏينهن سوڌو انهن جو ڪافي تعداد شاماني مذهب تي محڪم آهي. جنهن وقت قرغيزين جو ملڪ روسي حڪومت سان لڳايو ويو، تنهن وقت رڳو ٿورا خان ۽ سلطان هئا، جن کي اسلام جي ڪجهه معمولي ۽ غلط معلومات هئي. انهن جي ملڪ ۾ هڪڙي مسجد به نه هئي ۽ نه وري ڪو هڪڙو به اهڙو عالم هو، جو انهن کي اسلام جي تعليم ڏئي. انهن جي اسلام قبول ڪرڻ جو سبب هي ٻڌايو وڃي ٿو ته روسي حڪومت انهن کي مسلمان ڪري سمجهيو ۽ انهيءَ ڪري انهن سان برتاءُ به مسلمانن وانگر ڪيو. روسي حڪومت مسجدن بڻائڻ لاءِ هڪ وڏي رقم انهن کي ڏني ۽ مسلمان عالم انهن ڏانهن موڪليا ته اتي وڃي اسڪول کولين ۽ انهن جي ٻارن کي اسلامي تعليم ڏين. شاگردن کي پنهنجي زندگيءَ جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ روزانو ڪجهه نه ڪجهه ملندو هو ۽ انهن جي مائٽن کي انعام يا ٻين ذريعن سان پنهنجن ٻارن کي اسڪولن ۾ موڪلڻ لاءِ ترغيب ڏني ويندي هئي. مٿي جيڪو بيان ڪيو ويو آهي ته قرغيز جي ڪوهستاني علائقي ۾ اسلام جي تبليغ جو ڪم رشيا طرفان هلايو ويو، تنهن جي هڪ پڪي شاهدي هيءَ آهي، جو قرغيز جا اهي ماڻهو، جيڪي يورپ جي بلڪل نزديڪ رهندا هئا، تن اسلام قبول ڪيو هو، باقي جيڪي پري مشرق ۾ آباد هئا، انهن ۾ اسلام زور وٺي نه سگهيو ۽ اڄ ڏينهن تائين خاص ڪري، قرغيز جي انهن خانه بدوش قبيلن جا ماڻهو، جي خيرا، بخارا ۽ قوقند جي آسپاس رهن ٿا، شاماني مذهب رکندڙ آهن. جيتوڻيڪ هي شهر صدين تائين مسلمانن جي هٿ هيٺ هئا غالبن هي پهريون ئي مثال آهي، جنهن ۾ هڪ عيسائي حڪومت اسلام جي اشاعت ۾ مدد ڪئي ۽ هي مثال انهيءَ ڪري زياده مشهور آهي، جو انهيءَ زماني ۾ خود روسي حڪومت يورپ ۾ پنهنجي مسلم رعيت کان زبردستي عيسائي مذهب قبول ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. پادرين کي پنهنجي تبليغي سرگرمين ۾ پوليس ۽ حڪومت جي ٻين آفيسرن وٽان مدد ملندي هئي، جيتوڻيڪ ڪجهه تاتارين عيسائي مذهب اختيار ڪيو هو، تنهن هوندي به عيسائي مصنفن هن ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته: ”هي بي شرم نوان عيسائي تاتارين جي ڪيترين خراب رسمن جا پابند هئا. انهن نڪي دل سان عيسائي مذهب قبول ڪيو هو ۽ نه وري انهن کي انهيءَ مذهب جي ڪجهه معلومات هئي.“ جڏهن پادرين جي ديني نصيحتن اثر نه ڪيو، تڏهن روسي حڪومت پنهنجن آفيسرن کي حڪم ڏنو ته: ”جن تاتارين عيسائي مذهب قبول ڪيو آهي، پر مطران (Metropholitan) جي حڪمن کي نٿا مڃين، تن کي پهريائين راضي ڪيو وڃي ته جيئن خوشيءَ سان تاتاري مذهب ڇڏي، دل سان مسيحي دين جي پيروي ڪن. پر جيڪڏهن ائين نه ڪن ته پوءِ کين قيد ڪري، لوهي زنجيرن ۾ جڪڙي يا ڪنهن ٻئي طريقي سان انهن کي ڊيڄاري تاتاري مذهب کان باز آڻجي.“ جڏهن اهي سخت طريقا به بي اثر ثابت ٿيا، تڏهن راڻي ڪئٿرائين دوم ((Catherine-II سنه 1778ع ۾ حڪم جاري ڪيو ته سڀئي نوان عيسائي لکت ۾ هن ڳالهه جو عهد ڪن ته: ”هو پنهنجي ڪفر وارن (اسلام جي) غلط عقيدن کي قطعاَ ڏي ڏيندا ۽ غير عيسائين (مسلمانن) سان ڪنهن به قسم جو تعلق قائم نه ڪندا ۽ بغير ڪنهن سوچ ويچار جي پختيءَ طرح عيسائي مذهب جي عقيدن ۽ احڪامن جي پيروي ڪندا.“ پر باوجود انهن سڀني ڳالهين جي اهي تاتاري جن کي عيسائي سمجهيو ويو اڄ ڏينهن سوڌو عيسائيت کان ايترو پري آهن جيترو عيسوي سورهين صديءَ ۾ هئا. جيتوڻيڪ سرڪاري رجسٽرن ۾ انهن جو نالو عيسائين جي فهرست ۾ لکيل آهي. پر انهن کي صحيح عيسائي بڻائڻ ۾ جيڪي به ڪوششون صرف ٿيون تن جو نهايت همت ۽ استقلال سان مقابلو ڪندا رهيا. هڪ مضمون نگار (سنه 1872ع ۾) پنهنجي هڪ نيم سرڪاري مضمون ۾ لکيو آهي ته” هيءَ ڳالهه واقعي قابل توجهه آهي ته عيسائي مذهب کي ترڪ ڪرڻ جو سلسلو انهي وقت شروع ٿيو آهي جنهن وقت نون عيسائين کي مسيحي دين اندر پختي ڪرڻ لاءِ هر طرح جي ڪوشش هلندڙ هئي. انهيءَ ڪري ضرور ڪو اهڙو سبب هوندو جنهن ڪري عيسائين انهيءَ وقت پنهنجو مسيحي دين ڦٽو ڪيو، جنهن وقت ان جي برعڪس اها اميد هئي ته ماڻهو سچيءَ دل سان عيسائي مذهب اختيار ڪندا.“ دراصل حقيقيت هن طرح آهي ته اهي تاتاري هميشہ کان سچيءَ دل سان اسلام جي پيروي ڪندا ٿي آيا. انهيءَ ڪري انهن هر ڪنهن اهڙي قدم جي مخالفت ڪئي جنهن سان انهن جي مسيحي دين کي قبول ڪرڻ جي ظاهري اقرار کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي موجوده روسي حڪومت اڃا تائين اسڪولن کولڻ سان پنهنجي تاتاري رعيت کي عيسائي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ حڪومت کي اها اميد آهي ته اسڪولن ذريعي تاتارين جو اولاد عيسائيت طرف مائل ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪو به اهڙو ذريعو نظر نه ٿو اچي جنهن سان تاتارين ۾ عيسائي مذهب پکڙجي سگهي. هڪ روسي پروفيسر پڻ لکيو آهي ته ”قازان جي تاتارين جو عيسائيت طرف اچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. پر اسان ڳوٺن جي ڪن ننڍن ڇوڪرن کي هٿ ڪري انهن کي خدا جي خوف جي تعليم ڏيون ٿا. پوءِ اهڙا ڇوڪرا جڏهن هڪ دفعو اسان سان ملي وڃن ٿا ته وري اسان کان ڪڏهن به جدا نٿا ٿين انهيءَ جو هڪ سبب هي به آهي جو روسي حڪومت جي فوجداري قانون اندر عيسائي مذهب کي ترڪ ڪرڻ واري لاءِ نهايت سخت سزا ڄاڻايل آهي. ان کانسواءِ ان شخص لاءِ به سخت سزا مقرر ٿيل آهي، جيڪو ڪنهن عيسائي کي مسلمان بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو، هن کي سڀني شهري حقن کان محروم ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏ هن کي اٺن کان ڏهن سالن تائين قيد جي سزا ملندي. باوجود حڪومت جي اهڙن سخت قانونن جي اسلام جي اشاعت جو ڪم وڌندو رهي ٿو، ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ خاص ڪري انهن قومن جا جيڪي رشيا جي اتر اوڀر طرف آباد آهن، اسلام ۾ شامل ٿيندا رهن ٿا..
سائبريا جي تاتارين ۾ اسلام جي پکڙجڻ جو ڪجهه احوال اسان کي ملي ٿو. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سائبريا ۾ اسلام عيسوي سورهين صديءَ جي آخري حصي ۾ پنهنجا پير کوڙيا. جيتوڻيڪ ان کان اڳ وقت به وقت اسلام جا مبلغ هن ملڪ ۾ انهيءَ اميد سان ايندا رهيا ته هتي بت پرستن کي اسلام طرف رجوع ڪن. پر انهن مان اڪثر مبلغن کي شهادت جي سعادت نصيب ٿي. جڏهن سائبريا جو ملڪ ڪوچم خان (Kuchum Khan) جي اسلامي حڪومت جي هٿ هيٺ آيو، تڏهن بخارا جي هڪ پيرسن بزرگ انهن مبلغن مان ستن جون قبرون ڳولي هٿ ڪيون. اهو بزرگ بخارا کان خاص انهن مبلغن جي قبرن جي تلاش ۾ نڪتو هو ۽ هن جي اها سخت خواهش هئي ته انهن اسلام جي شهيدن جي قربانيءَ جو ڪو نه ڪو يادگار ضرور محفوظ ڪيو وڃي. هن بزرگ انهن ستن شهيدن جا نالا پڻ ٻڌايا ۽ آخري صديءَ تائين سائبريا جا تاتاري انهن جي يادگيري ملهائيندا آيا.. ڪوچم خان (جو چنگيز خان جي وڏي پٽ جوجي خان جي نسل مان هو) يا ته سائبريا جو ملڪ فتح ڪري پوءِ اتي جو حاڪم بڻيو (سنه 1570ع ڌاري)، يا (ٻيءَ روايت موجب سائبريا جي ماڻهن جي دعوت تي، جن جو حاڪم لاوارث مري ويو هو، ان ملڪ جي حڪومت سنڀالي. ڪوچم خان سائبرياجي تخت تي ويهڻ بعد پنهنجي رعيت کي مسلمان بڻائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. هن انهيءَ مبارڪ ڪم ۾ پنهنجي مدد لاءِ بخارا ۾ ماڻهو موڪلي ڪجهه مبلغ گهرايا. بخارا کان جيڪي مبلغ سائبريا پهتا تن مان هڪ مبلغ پنهنجو احوال بيان ڪري ٿو ته ڪيئن هو پنهنجي هڪ رفيق سان گڏ بخارا مان روانو ٿي ڪوچم خان جي دارالحڪومت ۾ پهتو جا ارتش نديءَ جي ڪناري تي واقع هئي. هتي ٻن سالن کان پوءِ سندس ساٿي وفات ڪئي ۽ پاڻ ڪن سببن جي ڪري (جيڪي مصنف بيان نه ڪيا آهن) واپس پنهنجي وطن هليو ويو. جلد ئي ڪوچم خان بخارا ڏانهن وري ساڳي درخواست موڪلي ۽ هن ڀيري به اهو ساڳيو مبلغ ٻئي هڪ ساٿيءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو قازان کان به مسلمان مبلغ سائبريا ۾ پهتا، پر ڪوچم خان جي تبليغي ڪوششن اڃا رنگ ئي نه لاتو هو ته روسين جي مسلسل فتوحات انهن تي پاڻي وجهي ڇڏيو. ان کانسواءِ خاص ڪري ڪوچم خان جي حڪومت ۾ ڪيتريون اهڙيون قومون به هيون جن پنهنجي مسلمان ٿيڻ جي هر ڪنهن ڪوشش جي سخت مخالفت ڪئي.
جيتوڻيڪ روسين جي سوڀن اسلام جي اشاعت ۾ سخت رڪاوٽون پيدا ڪيون، تڏهن به اسلام جي ترقي ڪنهن به حالت ۾ بند نه ٿي وئي. بخارا ۽ وچ ايشيا مان مسلمان مولوي ۽ قازان کان مسلمان واپاري سائبريا ۾ مسلسل پهچندا رهيا ۽ اسلام جي تبليغ جو ڪم ڏاڍيءَ ڦڙتيءَ سان ڪندا رهيا. سنه 1745ع ۾ بربر جي تاتارين ۾ اسلام جي اشاعت جو آغاز ٿيو. جيتوڻيڪ هلندڙ صديءَ (اوڻهين) جي شروعات ۾ گهڻائي تاتاري اڃا بت پرست هئا. پر هاڻي اهي سڀئي مسلمان ٿي ويا آهن قرغيز جي ماڻهن جي اسلام قبول ڪرڻ جو احوال اڳ ۾ ئي مٿي بيان ڪيو ويو آهي. سائبريا جي ٻين گهڻن ئي مسلمان قومن جي اسلام قبول ڪرڻ جو احوال اڃا اونداهي ۾ آهي پر گهڻو ڪري ائين سمجهيو وڃي ٿو ته انهن قومن تازو اسلام قبول ڪيو آهي. موجوده وقت ۾ سائبريا جي اندر اسلام جي اشاعت جا جيڪي ذريعا استعمال ٿي رهيا آهن تن ۾ زياده دلچسپ بيان ڪرڻ جهڙو هي آهي ته قرغيز جي قومي راڳن ۾ ٻين قصي ڪهاڻين سان گڏ اسلام جي مکيه حقيقتن جو گهڻو احوال ڏنل آهي. جنهن جو عام ماڻهن جي دلين تي ڏاڍو اثر ٿئي ٿو.