باب ستون : ايران ۽ وچ ايشيا جي ملڪن ۾ اسلام جي اشاعت
شهرن جي ماڻهن، مزدورن ۽ ڪاسبين اسلام کي تمام گهڻو پسند ڪيو. جيئن ته هي ماڻهو پنهنجي ڌنڌن ۽ ڪمن ڪارين ۾ باهه، مٽيءَ يا پاڻيءَ کي پليت ڪندا هئا، انهيءَ ڪري زردشتي مذهب موجب انهن کي خود به ناپاڪ تصور ڪيو ويندو هو. قانونن انهن کي اڇوت قرار ڏنو ويو هو ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي عزت نه ڏني ويندي هئي. انهيءَ جو آخرين نتيجو اهو نڪتو، جو انهن ماڻهن نهايت ئي گهڻي شوق ۽ چاهه مان هڪ اهڙو دين قبول ڪيو، جنهن انهن کي يڪدم آزادي ڏني ۽ مذهبي برادريءَ ۾ انهن کي به هڪ جهڙو درجو عطا ڪيو زردشتي مذهب جي ماڻهن جو اسلام قبول ڪرڻ پڻ گهٽ دلچسپ نه آهي. هن قومي مذهب جي شاندار عمارت جا، ساساني خاندان جي مدد سان قائم ٿي هئي، سا انهيءَ خاندان ختم ٿيڻ تي خود به خود ڊهي پئي. هاڻي زردشتين لاءِ اسلام کان سواءِ ٻيو اهڙو مرڪز نه رهيو، جنهن جي چوگرد هو وري جمع ٿين. انهيءَ ڪري انهن لاءِ هڪ اسلام ئي اهڙو مذهب وڃي بچيو، جنهن کي هو پنهنجي زردشتي مذهب سان آسانيءَ سان بدلائي ٿي سگهيا، ڇاڪاڻ ته انهن جي قديم مذهب (زردشتي) ۽ هن نئين مذهب (اسلام) جي وچ ۾ گهڻيون ئي هڪجهڙيون ڳالهيون هيون. ايرانين قرآن شريف ۾ پنهنجي دين جهڙا گهڻائي بنيادي اصول ۽ عقيدا ڏٺا، جيتوڻيڪ انهن جي صورت ڪجهه قدر بدليل هئي. اهرمزد (Ahuramazda) ۽ اهريمن (Ahriman) جي جڳهه تي انهن کي الله ۽ ابليس ڏسڻو پيو. دنيا جو ڇهن زمانن ۾ پيدا ٿيڻ، ملائڪن ۽ جنن جو هجڻ، شروع ۾ آدم جي بي قصور هجڻ جو قصو، قيامت جي ڏينهن، مُردن جو اٿڻ، جنت ۽ جهنم جو برحق هجڻ، هي سڀ ڳالهيون ايرانين کي اسلام اندر نظر آيون روزمره جي عبادت ۾ پڻ اسلام ۽ زردشتي مذهب اندر هڪجهڙيون ڳالهيون هيون. زردشتي جڏهن مسلمان ٿيا، تڏهن انهن کي پنهنجي نئين دين مطابق روزانو پنج وقت نماز پڙهڻي پيئي، جهڙيءَ طرح هو اڳ ۾ ئي اويستا (Avesta) مطابق ڏينهن ۾ پنج وقت عبادت ڪندا هئا. (هانبرگ (Haneberg). اتر ايران ۾ اهڙا قبيلا پڻ هئا، جي زردشتي مذهب اندر ديني رهبرن جي منظم جماعت جي انهيءَ سبب ڪري سخت مخالفت ڪندا هئا ته هر هڪ شخص پنهنجي گهر ۽ خاندان ۾ ديني معلم جي ئي حيثيت رکي ٿو ۽ هنکي ٻئي ڪنهن به ڌارئين جي رهبريءَ جي ضرورت نه آهي. هو الله تعاليٰ جي وحدانيت ۽ روح جي دائمي بقا تي ايمان آڻيندي، پنهنجي گهر جي ماڻهن کي هن ڳالهه جي تعليم ڏيندو هو ته هڪ انسان کي پنهنجي پاڙيسريءَ سان محبت، پنهنجي نفس تي قبضو ڪرڻ ۽ هڪ سٺي ۽ بهتر زندگي گذارڻ لاءِ صبر سان محنت ڪرڻ گهرجي. اهڙن ماڻهن کي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ تمام ٿوريءَ ترغيب جي ضرورت هئي. ايران جي بدعتي فرقن مان جن فرقن تي عيسائيت جو اثر غالب هو، تن فرقن جا گهڻائي عقيدا اسلام جي عقيدن سان ملندڙ جلندڙ هئا.
ايران ۾ اسلام جي ايتريقدر جلد اشاعت جا سبب جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آهن، انهن سان گڏوگڏ هن ڳالهه کي به ياد رکڻ گهرجي ته حضرت امام حسين بن علي رضي الله جي شادي ساساني خاندان جي آخرين بادشاهه يزدجرد (Yazdagird) جي ڌيءَ بيبي شهربانوءَ سان ٿيل هئي، انهيءَ ڪري ايرانين جي دلين ۾ اسلام لاءِ ملڪي ۽ قومي همدردي پيدا ٿي. انهن بيبي شهربانوءَ ۽ حضرت امام حسين رضي الله جي اولاد کي پنهنجن قديم بادشاهن ۽ قومي روايتن جو وارث ڪري سمجهيو. هيءُ حب الوطنيءَ جو جذبو ئي هو، جنهن ڪري ايرانين حضرت علي رضي الله جي اولاد سان خاص همدردي ڏيکاري ۽ شيعن جي هڪ جدا فرقي جي شروعات به پهريائين ايرانين کان ٿي، ايران ۾ ايتريقدر ڪثير ۾ ماڻهن جو اسلام قبول ڪرڻ مسلمانن جي ظلم ۽ زبردستيءَ ڪري نه هو. هن حقيقت جي ثابتي اسان کي هن ڳالهه مان ملي ٿي، ته مسلمان حاڪمن انهن ٿورن ماڻهن کي پڻ مڪمل مذهبي آزادي ڏني، جيڪي اڃا تائين پنهنجي قديم مذهب جا پيرو هئا. ايران جي ڪن ضلعن ۾ اسان کي اڄ ڏينهن تائين آتش پرستن جا ڪجهه ڪجهه فرقا نظر ايندا، جيتوڻيڪ ڪنهن ڪنهن دور ۾ انهن تي سختيون به ڪيون ويون هيون. هجري سنه جي اوائلي صدين ۾ انهن آتش پرستن جي وڏن کي هڪ اعليٰ درجي جي مذهبي آزادي مليل هئي. انهن جي آتش ڪدن جي ته ڏاڍي عزت ڪئي ويندي هئي، بلڪه اسان تائين هڪ نهايت عبرت جهڙو هي واقعو پهتو آهي، ته خليفي المعتصم باالله (سنه 833-844ع) جي دور حڪومت ۾ هڪ مسلمان سپہ سالار مسجد جي هڪ امام ۽ موذن کي محض انهيءَ عيوض دُرا هڻايا جو انهن سخد جي شهر ۾ هڪ آتش ڪده کي ڊاهي ان جڳهه تي هڪ مسجد بڻائي هئي.. عيسوي ڏهين صديءَ ۾ (يعني ايران جي فتح کان 300 سئو سال پوءِ) عراق، فارس، ڪرمان، سجستان، خراسان، جبال، ۽ آذر بائيجان ۾ مطلب ته ايران جي تقريبن هر هڪ صوبي ۾ آتش ڪده موجود هئا خود فارس جي علائقي ۾ ڪي اهڙا ٿورا شهر هوندا، جن ۾ آتش ڪده ۽ مجوسي نه هئا، شهرستانيءَ پڻ عيسوي ٻارهين صديءَ ڌاري هي لکيو آهي، ته انهيءَ وقت خود بغداد جي ڀرسان اسفينيه جي شهر ۾ هڪ آتش ڪده موجود هو
جيڪي به حقيقتون مٿي بيان ڪيون ويون آهن، تن جي روشنيءَ ۾ اهو هرگز چئي نٿو سگهجي، ته مسلمان حاڪمن زبردستيءَ زردشتين کي مسلمان بڻائي زردشتي مذهب جو خاتمو آندو. عربن جي اوائلي عهد حڪومت ۾ جن به ايرانين اسلام قبول ڪيو، تن جو تعداد غالبا تمام گهڻو هو، ۽ انهن جي اسلام قبول ڪرڻ جا مختلف سبب اڳ ۾ ئي مٿي بيان ڪيا ويا آهن مگر بعد ۾ وري زردشتي مذهب جو زور وٺڻ، ۽ ان کان پوءِ ايندڙ لاڳيتين صدين ۾ زردشتين جو وقتن بوقتن مسلمان ٿيڻ هن ڳالهه جي ثابتي آهي، ته ماڻهو صلح سانت ۽ پنهنجي ئي رضا خوشيءَ سان اسلام قبول ڪندا رهندا هئا. عيسوي اٺين صديءَ ڌاري خراسان جي گورنر اسد بن عبدالله بلخ جي هڪ امير سامان (Saman) جي مدد ڪئي، ۽ سامان وري پنهنجو زردشتي دين ڦٽو ڪري، اسلام جي آغوش قبول ڪئي ۽ پنهنجي پٽ تي پنهنجي سرپرست جي نالي جهڙو اسد نالو رکيو. ساماني خاندان (سنه 874-999ع) جو اهو نالو به هن نو مسلم امير جي نالي پٺيان پيو. عيسوي نائينءَ صديءَ جي شروعات ڌاري قبوسيه (Qabusiyah) خاندان جو پهريون بادشاهه ڪريم ابن شهريار مسلمان ٿيو. سنه 813ع ۾ ديلم (Daylam) ۾ نصر الحق ابو محمد جي اثر ڪري آتش پرستن جو هڪ وڏو تعداد اسلام اندر آيو. سنه 912ع ۾ علوي خاندان جو بادشاهه حسن ابن علي ڪئسپين سمنڊ (Caspian Sea) جي ڏاکڻي ڪناري تي حڪومت ڪندو هو. هن جي متعلق بيان ڪيو ويو آهي، ته هو علم عقل جو صاحب هو، ۽ مختلف فرقن جي مذهبي عقيدن جو به چڱيءَ طرح ڄاڻو هو. هن طبرستان ۽ ديلم جي ماڻهن کي، جن مان ڪجهه بت پرست ۽ ڪجهه آتش پرست هئا، اسلام جي دعوت ڏني. انهن مان گهڻن هن جي آواز تي لبيڪ چئي ۽ ڪي ٿورا ماڻهو پنهنجي پراڻي دين تي ئي محڪم رهيا سنه 394 هجري ۾ (سنه 4-1003ع) ديلم جو هڪ مشهور آتش پرست شاعر ابوالحسن مهيار پنهنجي استاد ۽ مشهور ۾ مشهور شاعر شريف الرضا جي تلقين تي مسلمان ٿيو هن قسم جا اسلام قبول ڪرڻ جا واقعا جيتوڻيڪ گهٽ آهن، تڏهن به عربن جي ايران فتح ڪرڻ کان پوءِ ساڍن ٽن سئون سالن تائين اهڙن واقعن جو وجود ۾ ايندو رهڻ هن ڳالهه جي چٽي ثابتي آهي، ته ايرانين کي مڪمل مذهبي آزادي مليل هئي، ۽ انهن جو اسلام قبول ڪرڻ امن پسند طريقن ذريعي هو. ان کانسواءِ اهو پڻ ثابت ٿئي ٿو، ته ايرانين ۾ اسلام رفته رفته ڦهلبو ويو.
عيسوي اٺين صديءَ جي وچ ڌاري ايران ۾ هڪ نئين تحريڪ ”اسماعيليه فرقي“ جي شڪل ۾ ظاهر ٿي، ۽ اشاعت، اسلام جي تاريخ ۾ هن تحريڪ جو احوال نهايت دلچسپ آهي. هتي اسماعيليه فرقي جي تاريخ يا ان جي مذهبي عقيدن يا انهن جي معاشرتي ۽ سياسي ڳالهين، جن جي ڪري هن فرقي زور ورتو، بيان ڪرڻ جو هي موقعو نه آهي، پر هن فرقي اندر پنهنجي مذهبي عقيدن ڦهلائڻ لاءِ اهڙو ته عجيب و غريب تبليغي نظام هو، جو ان جي معلوم ڪرڻ لاءِ لازمي طرح اسان جو ڌيان اوڏانهن ئي ڇڪجي وڃي ٿو. هن تحريڪ جو باني عبدالله بن سيمون هو، جنهن کي انساني فطرت پرکڻ ۽ پنهنجن عقيدن کي ماڻهن جي مختلف مزاج ۽ مذهبي نظرين جي مطابق پيش ڪرڻ ۾ ڏاڍي مهارت حاصل هئي. هن ڳالهه ۾ هو يسوعي فرقي جي بانيءَ کان به گوءِ کڻي ويو. عبدالله عيسوي نائين صديءَ ۾ اسماعيلين اندر هڪ نئون روح ڦوڪيو. هن پنهنجن مبلغن کي مختلف ويسن ۾، جهڙوڪ صوفين ۽ تاجر وغيره جي لباس ۾ سڀني طرفن ڏانهن روانو ڪيو، ۽ انهن کي هي هدايت ڪئي، ته هو هر ڪنهن ماڻهوءَ سان هن جي ئي خيالن مطابق گفتگو ڪن، ۽ مختلف مزاج جي ماڻهن کي ڪنهن به کيڏ ۽ اٽڪل سان پنهنجي اولين آقا (حضرت علي رضي الله ) جي اطاعت طرف آڻين، مثلن هر ڪنهن ماڻهوءَ سان سندس زبان ۾ گفتگو ڪرڻ ۽ پنهنجيءَ تعليم کي سامعين جي ئي مذهبي رجحانات ۽ طبيعت جي رنگ ۾ پيش ڪرڻ وغيره، اهي مبلغ جڏهن جاهل ماڻهن ۾ پهتا، تڏهن انهن جون دليون حيرت انگيز ڪارنامن سان، جن کي معجزا ۽ ڪرامتون سمجهيو ويو، ۽ عجيب عجيب رازدار ڳالهين جي ذريعي انهن جي اندر هڪ قسم جي تڙپ پيدا ڪري، پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتيون، ديندار ماڻهن اڳيان وري هو اهڙيءَ طرح ته پيش آيا، جو ڄڻڪ هو اخلاق ۽ دينداريءَ جا پتلا هئا. صوفين جي اڳيان انهن عام ۽ رواجي ڳالهين جون مخفي معنائون ظاهر ڪيون، ۽ انهن کي سندن لياقت ۽ قابليت مطابق علم غيب سيکاريو. جڏهن انهن مبلغن ڏٺو، ته مختلف مذهبن جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن مذهبي عقيدن موجب ڪنهن نجات بخشيندڙ (Deliverer) جي اچڻ جا منتظر آهن، تڏهن انهن، ماڻهن جي انهيءَ انتظار ۽ شوق جو فائدو ورتو، ۽ مسلمانن کي امام مهديءَ، يهودين کي مسيح عه ۽ عيسائين کي فارقليط (Comforter or paraclete) جي اچڻ جي خبر ڏني، پر انهيءَ سان گڏوگڏ انهن ماڻهن کي اهو پڻ ٻڌايو، ته سندن اهي تمنائون تڏهن پوريون ٿينديون، جڏهن آخر ۾ سڀني کان بلند تر نجات بخش حضرت علي رضي الله هن دنيا ۾ تشريف فرمائيندو. اسماعيلي مبلغ جڏهن شيعن وٽ پهتو، تڏهن پاڻ کي ائين ظاهر ڪيائين، ته گويا هو شيعه مذهب جي سڀني عقيدن جو سرگرم سرپرست آهي. شيعن سان هن ڳالهه ۾ پورو اتفاق ڪيائين، ته سنين واقعي حضرت علي رضي الله ۽ سندس اولاد سان بي انصافي ڪئي، ۽ مٿن ظلم و ستم ڪيا. ان کان پوءِ شيعن وانگر هو به سنين جي پهرين ٽن خليفن تي کليءَ دل سان تبرا ڪندو هو. اهڙيءَ طرح هو ميدان هموار ڪري شيعه مذهب جي طريقي کي مڪمل ڪرڻ جي بهاني سان پنهنجي اسماعيلي مذهب جا خاص مخفي اصول انهن جي دلين ۾ داخل ڪندو رهندو هو. هو جيڪڏهن يهودين سان ملندو هو، ته انهن اڳيان نفرت وچان مسلمانن ۽ عيسائين کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو ۽ انهن جي هن دعويٰ کي قبول ڪندو هو، ته هڪ مسيح موعود (The promised Messiaa) دنيا ۾ اچڻ وارو آهي، پر پوءِ هو آهستي آهستي انهن کان پنهنجي ڳالهه قبول ڪرائيندو هو، ته اهو مسيح موعود اسماعيلي مذهب جي مسيح اعظم حضرت علي رضي الله کانسواءِ ٻيو ڪو ٿي نٿو سگهي. عيسائين کي پنهنجي مذهب ۾ آڻڻ لاءِ هو (اسماعيلي مبلغ) انهن جي اڳيان يهودين جي اجائي ضد ۽ مسلمانن جي جهالت جو ذڪر ڇيڙيندو هو، ۽ عيسائيت جي مکيه اصولن ۽ عقيدن لاءِ پنهنجي عظمت ظاهر ڪندو هو، پر نهايت نرميءَ سان اشارتن انهن کي ٻڌائيندو هو، ته اهي سڀيئي اصول ظاهر ۾ اشارا آهن، ۽ انهن اندر هڪ اونهي معنيٰ لڪل آهي، جنهن جي خبر صرف اسماعيليه مذهب وارن کي آهي. تمام خبرداريءَ سان انهن کي پڻ هي ٻڌائيندو هو، ته توهان عيسائين فارقليطه جي عقيدي کي ڪجهه قدر غلط سمجهيو آهي، ۽ حضرت علي رضي الله کانسواءِ ٻيو ڪو به سچو فارقليط نه آهي. ساڳيءَ طرح جڏهن اسماعيلي مبلغ هندستان ۾ پهتا، تڏهن اتي به انهن هندن کان پنهنجن عقيدن قبول ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن ظاهر ڪيو، ته حضرت علي رضي الله وشنو ديوتا جو ڏهون اوتار آهي، جو مغرب کان يعني (انهن جي دعويٰ مطابق) الاموت (Alamut) کان اچڻ وارو آهي. انهن هڪ ڪتاب مهدي پرانَ (Mahadi Purana) لکيو ۽ ڪيترا ڀڄن (Hymns) واما چارين (Vamcarins) يا سڪتاس (Saktas) جي طرز تي ٺاهيا، جن ۾ اڳيئي ويدانت يا تصوف جون اهڙيون ڳالهيون لکيل هيون جو هندن جون دليون اسماعيليه مذهب جي مخفي اصولن کي قبول ڪرڻ طرف مائل ٿي ويون
مطلب ته اسماعيلي مبلغن انهن ئي طريقن سان مختلف مذهبن جي بيشمار ماڻهن کي پنهنجي مذهب ۾ شامل ڪيو، جنهن جي اصلي مقصدن جي ڪن ٿورن کي خبر هئي. هن تحريڪ جي شروع ڪرڻ ۾ عبدالله بن ميمون جو مقصد محض سياسي هو، پر جيئن ته هن پنهنجي تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ جيڪي ذريعا استعمال ڪيا، سي مذهبي هئا، ۽ امام مهديءَ جي اچڻ جو هڪڙو ئي عام يقين هو، جنهن سندس پوئلڳن کي هڪ فرقي اندر جوڙي ڇڏيو، انهيءَ ڪري اسان جي لاءِ ضروري هو، ته هنن چند صفحن ۾ هن تحريڪ جي تبليغي سرگرمين بابت ڪجهه احوال ڏيون.
وچ ايشيائي ملڪن ۾ ويندي ايران جي اتر طرف تائين ڪٿي به اسان کي اسلام جي اشاعت جو احوال گهڻو نٿو ملي. جڏهن ابن قطيبہ سمرقند پهتو، تڏهن هن اتي گهڻائي بت ڏٺا، جن جي پوڄارين کي اهو ئي يقين هو ته جيڪو به شخص انهن بتن جي بي حرمتي ڪندو، سو يڪدم مري ويندو. مسلمان فاتح (ابن قطيبہ) جو انهن وهمي ڳالهين کان ڪنهن به حالت ۾ ڊڄڻ وارو نه هو، انهن سڀني بتن کي ساڙي ڇڏيو. انهيءَ واقعي کان پوءِ سڀني بت پرستن اسلام قبول ڪيو تنهن هوندي به وچ ايشيا ۾ مسلمانن جي ڪاميابيءَ جي ابتدائي تاريخ ۾ اسلام قبول ڪرڻ جي اهڙن واقعن جو احوال تمام گهٽ درج ٿيل آهي. انهيءَ کانسواءِ اهو پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته انهن ملڪن جا ماڻهو ٻاهرين طرح ٿورڙي وقت لاءِ اسلام قبول ڪندا هئا، پر پوءِ جڏهن مسلمانن جو لشڪر انهن ملڪن مان نڪري ويندو هو، ته هي نوان مسلمان به اسلام ڦٽو ڪري خليفي جي اطاعت کان منهن موڙي بيهندا هئا. بخارا ۽ سمرقند ۾ اسلام جي مخالفت جو ايتريقدر ته سخت زور هو، جو انهن شهرن جي ماڻهن مان سواءِ انهن جي جن اسلام قبول ڪيو هو، باقي ٻئي ڪنهن کي به هٿيار کڻڻ جي اجازت نه هئي، ۽ ڪيترن سالن تائين مسلمان خود مسجدن ۾ يا ٻيءَ ڪنهن عام جڳهه تي هٿيارن کڻڻ کانسواءِ وڃي نه سگهندا هئا. نون مسلمانن مٿان پڻ نظرداري رکڻ لاءِ جاسوس مقرر ڪيا ويندا هئا. مسلمان حاڪمن طرح طرح جون ڪوششون ڪيون، ته جيئن انهن شهرن جا ماڻهو مسلمان ٿين. انهيءَ کانسواءِ جمعه نماز وقت مسجدن ۾ زياده ۾ زياده ماڻهن جي جمع ٿيڻ لاءِ انعام مقرر ڪيا ويا هئا، ۽ قرآن شريف عربيءَ ۾ پڙهڻ بدران پارسيءَ ۾ پڙهڻ جي اجازت ڏني ويئي. انهيءَ لاءِ ته سڀيئي آسانيءَ سان سمجهي سگهن
افغانستان جي ماڻهن متعلق جيڪي روايتون ملن ٿيون، تن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته انهن ۾ اسلام امن پسند طريقن سان ڦهليو. هجري پهرين صديءَ ۾ افغانن هرات جي اڀرندي طرف غور جو ملڪ هٿ ڪيو، ۽ چوڻ ۾ اچي ٿو، ته خالد بن وليد رضي الله اتي اچي انهن ماڻهن کي اسلام جي خبر ڏني ۽ انهن کي دعوت ڏني ته سڀيئي اچي پيغمبر خدا جي جهندي هيٺان جمع ٿيو. ان کان پوءِ حضرت خالد رضي الله افغان جي ڇهن يا ستن نمائندن جي وفد سان گڏ حضور اڪرم جن جي خدمت اقدس ۾ اچي حاضر ٿيو. هي افغاني نمائندا جڏهن پنهنجي وطن واپس وريا، تڏهن انهن پنهنجي قوم جي ماڻهن ۾ اسلام جي تبليغ جو ڪم شروع ڪري ڏنو.. مگر حقيقت ۾ هيءَ روايت ڪنهن به تاريخي ڪتاب ۾ نه ٿي ملي. تاريخ مان اسان کي افغانن جي اسلام قبول ڪرڻ جو پهريون پهريون معتبر احوال خليفي المامون جي دورِ حڪومت ۾ ڪابل جي هڪ بادشاهه جي مسلمانن ٿيڻ جو ملي ٿو. .
ايران جي اتر طرف اسلام تمام آهستگيءَ سان ڦهليو. ماوراي النهر (Transoxania) جي ڪجهه ماڻهن خليفي عمر بن عبدالعزيز رحه (سنه 717-720ع) جي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت کي قبول ڪيو. ۽ خليفه هشام (سنه 724-743ع) جي ڏينهن ۾ هڪ مسلمان مبلغ ابو صيدا جي وعظ و نصيحت تي گهڻي تعداد ۾ ماڻهو مسلمان ٿيا. پر خليفه المعتصم بالله (833-842ع) جي حڪومت کان اڳ ماوراء النهر جي ماڻهن جو مذهب عام طور اسلام نه هو خليفي المعتصم جي حڪومت ۾، ۽ ان کان پوءِ ماوراي النهر ۾ اسلام جي جلدي ۽ وسيع پيماني ۾ ڦهلجڻ جو غالبن هڪڙو سبب هي به هو جو هتي جي ماڻهن جا اسلامي سلطنت جي تختگاهه بغداد سان ترڪن جي ذريعي گهرا تعلقات قائم ٿي ويا. هزارن جي تعداد ۾ ترڪ هتان نڪري بغداد ۾ وڃي خليفه جي لشڪر ۾ شامل ٿيا ترڪي قومن ۾ اسلام اهڙيءَ طرح سان پنهنجا پير کوڙڻ شروع ڪيا، پر ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته عيسوي ڏهين صديءَ جي وچ تائين انهن ۾ اسلام ڪا گهڻي ترقي حاصل نه ڪئي. پوءِ جهڙيءَ طرح اتر يورپ ۾ بادشاهه ڪلووس (Clovis) ۽ ٻين وحشي بادشاهن جي عيسائي مذهب قبول ڪرڻ سان سندن قومن به عيسائي مذهب اختيار ڪيو، اهڙيءَ طرح جڏهن ڪن ترڪ سردارن اسلام قبول ڪيو، تڏهن سندن قوم به پنهنجي پنهنجي سردار جي پيروي ڪئي، ۽ سڀني گڏجي اسلام قبول ڪيو، مثلن ترڪستان جي شاهي خاندان ايلخانيءَ (Ltak Khan) جي بانيءَ، جنهن ڪجهه وقت ٿيو، ته ڪئسپين سمنڊ کان وٺي چين جي سرحد تائين رهندڙ سڀني ترڪي قومن کي پنهنجي هٿ هيٺ آندو هو، پنهنجي قوم جي ٻن هزار خاندانن سان گڏ اسلام قبول ڪيو، ۽ هن انهن ترڪ مسلمانن کي ترڪمان (Turkomans) نالو ڏنو، ته جيئن انهن ۾ ۽ جيڪي ترڪ اڃا مسلمان نه ٿيا هئا، تن ۾ فرق محسوس ڪري سگهجي ايلخاني خاندان جي لڙاين ۾ جن ترڪ سردارن حصو ورتو، تن ۾ هڪڙو سردار سلجوق (Saljuq) نالي هو. سلجوق پنهنجي قوم جي سڀني ماڻهن سان قرنميز جي صحرائي ميدان (Kirghiz Steppes) مان نڪري سنه 956ع ۾ بخارا جي علائقي ۾ اچي رهيو، جتي هن ۽ سندس سڀني ماڻهن تمام گهڻي شوق سان اسلام قبول ڪيو. هن واقعي کان ئي مشهور سلجوقي ترڪ سلطنت جو بنياد پيو، ۽ پوءِ انهيءَ سلطنت جي ڪامياب لڙاين مسلمان فوجن جي مٽيل شان و شوڪت کي وري تر و تازه ڪيو، ۽ مغربي ايشيا جي سڀني اسلامي حڪومتن کي هڪ اسلامي سلطنت ۾ ملائي ڇڏيو.
جڏهن عيسوي ٻارهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري سلجوقي سلطنت، ايشيا مائنر کان سواءِ ٻين سڀني هنڌان پنهنجي طاقت وڃائي ڇڏي ۽ جڏهن محمد غوري خراسان کان وٺي اڀرندي طرف اتر هندستان تائين پنهنجي سلطنت وڌائيندو ويو، تڏهن وري افغانن ۾ اسلام نئين سر زور وٺڻ لڳو. عرب مبلغ ۽ هندستان جا نئو مسلم، افغانن جي ملڪ ۾ ڦهلجي ويا ۽ انهن تمام گهڻيءَ همت ۽ جوانمرديءَ سان افغانن کي اسلام طرف آڻڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو ايران ۽ وچ ايشيا ۾ اسلامي تاريخ بابت ڪجهه وڌيڪ تفصيلي احوال ايندڙ باب مان معلوم ٿيندو.