شخصيتون ۽ خاڪا

جِهڄيو جھانگين ڪاڻِ (ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو ــــــــ شخصيت ۽ شاعري)

هي ڪتاب تحقيقي نوعيت جو آهي. جيڪو انقلابي شاعر، سماج سڌارڪ ۽ سياسي اڳواڻ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي سوانح متعلق هڪ قيمتي ڪتابُ آهي. هي ڪتاب آزاد بخاريءَ گهڻي محنت ۽ محبت سان لکيو آهي.
هي ڪتاب ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جهڙي ارڏي ڪردار جي زندگي ۽ خدمتن جي سفر کي سمجھڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ به دلچسپيءَ جو سبب بڻجندو.
  • 4.5/5.0
  • 2045
  • 402
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آزاد بخاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جِهڄيو جھانگين ڪاڻِ (ڪامريڊ  ابو  شوڪت  حمزو ــــــــ شخصيت ۽ شاعري)

باب پهريون : ڪامريڊ ابوشوڪت جو ڳوٺ ۽ آس پاس جو ماحول

[b](الف) ڳوٺ هنباهه جو مختصر تاريخي پس منظر:
[/b] داتا فيض درياهه شاهه ۽ ابو شوڪت حمزي خان جي جنم ڀومي ڳوٺ ”هنباهه“ ضلعي شڪارپور جي تعلقي لکيءَ ۾ چڪ شهر جي ويجهو ۽ اتر طرف واقع آهي ۽ سنڌو درياء جي بچاءَ بند جي ڀرسان اولهه طرف آباد آهي. هن ڳوٺ جي تاريخ بابت ڪابه مستند لکت نه ٿي ملي. جنهن ڪري هن ڳوٺ جي تاريخ تي روايتن ۽ ڏند ڪٿائن جا تهه ڄمي ويا آهن. هتي اسين انهن روايتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري واضع ڪنداسين.
مهدي شاهه فياضي پنهنجي ڪتاب ”انباهه ۾ آڙاهه“ ۾ لکيو آهي ته:
”روايت آهي ته گذريل زماني ۾ درياءَ بادشاهه جڏهن موج ۾ ايندو هو ۽ ڪچو ٻڏندو هو ته مالوند ماڻهو پنهنجو چوپايو مال ڪاهي اچي موجوده ڳوٺ انباهه وٽ جمع ٿيندا هئا.جنهن سبب اتي چوپائي مال جا انبوهه لڳي ويندا هئا ۽ بعد ۾ انهيءَ لفظ ”انبوهه“ جو تلفظ بدلجي ”هنباهه“ يا ”انباهه“ ٿيو ۽ داتا ولايت علي شاهه رحه جن فرمايو آهي ته:

”آهن انباهه ۾ آڙاهه،
جنگي جنگاهه جنگ وارا“

ڳوٺ هنباهه جو جاگرافيائي پس منظر هن ريت آهي ته “اوڀر ۾ سکر بيگاري بند، اتر ۾ ڳوٺ آندلاڻي، اولهه ۾ علي شاهه پير ۽ رورل هيلٿ سينٽر چڪ ۽ ڏکڻ ۾ يوسف علي شاهه پير، جڙيا پور محلو (چڪ) اٿس. هي ڳوٺ هڪ چوراهي تي بيٺل آهي ۽ خشڪيءَ رستي سکر ۽ شڪارپور سان ڳنڍيل آهي.
مقامي روايت مطابق هي ڳوٺ اندازي موجب ميرن جي آخري دور ۾ آباد ٿيو. هن ڳوٺ کي حاجي پير شاهه، داتا فيض درياءَ شاهه، سيد مهدي شاهه، مُکي ڪرپال داس، حاجي سالار مهر، خالق ڏنو مهر، رئيس پنڃل ماڇي ۽ الهڏنو ڊکڻ جن جي وڏن اچي آباد ڪيو هو. هن ڳوٺ ۾ ورهاڱي کان اڳ سيد، هندو ، مهر، ڊکڻ، انصاري، ماڇي، ۽ ڪجهه شيدي ذات جا ماڻهو به رهندا هئا. هن وقت انصاري ۽ هندو ڪونه ٿا رهن، بلڪ ورهاڱي کانپوءِ دايا ذات جا ماڻهو به اچي آباد ٿيا آهن.

[b]هن ڳوٺ جا خاص مقام:
[/b] داتا فيض درياهه جو مقبرو، محمد شاهه مست ۽ مهدي شاهه جو مقبرو ۽ گهوڙو ”لال پر“، ڀورڀٽ، ان کانسواءِ فيض درياهه جي چلي پچائڻ جي جاءِ لوڙهو، بنگلو “ڪوئٽا” مشهور آهن. داتا فيض درياء جو مقبرو مستري محمد صالح شيخ نئين سر 1290هه ۾ ٺاهيو هو. هي اصل ۾ امرتسر جو سک هو جنهن کي داتا فيض درياء مسلمان ڪيو هو. ورهاڱي کان اڳ ابوشوڪت حمزي خان جي ڪوششن سان ۽ سندس سرپرستيءَ ۾ 1930ع ۾ هڪ مسلم گرانٽي مدرسو قائم ٿيو. جيڪو 1942ع تائين هليو. هن مدرسي مان جيڪي شخصيتون فارغ التحصيل ٿيون تن ۾ ڊائريڪٽر ڊرينيج جناب غلام رسول مهر ۽ اي سي حبيب الله سولنگي قابل ذڪر آهن.
1965ع (1) ۾ پرائمري اسڪول (بوائز) قائم ٿيو ۽ 1970ع ۾ پرائمري اسڪول (گرلس) قائم ٿيو ۽ 1987ع ۾ گورنمنٽ گرلس مڊل اسڪول هنباهه قائم ٿيو. تعليمي رجحان مردن ۾ 30 سيڪڙو آهي ۽ عورتن ۾ 2 سيڪڙو آهي، پرائمري ليول تائين. هتان جي ماڻهن جي اڪثريت جي رهڻي ڪهڻي محنت ڪش ماڻهن واري آهي. جن جون جڙيل جايون اڪثر طور ڪچيون ۽ ڪکائيون جهوپڙيون آهن. داتا فيض درياهه جو مقبرو ڏسڻ وٽان آهي. جنهن کي 1980ع واري ڏهاڪي ۾ نئين سر سنواريو ۽ سينگاريو ويو. مقبرن اندر شيشن جي جڙاوت ڏسڻ وٽان آهي، جيڪا هڪ ايراني ڪاريگر محمد رضا جي شاهڪار محنت آهي. مقبرن اندر داخل ٿيڻ سان عجيب و غريب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي ۽ دل دماغ ايراني ڪاريگريءَ کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي!
هن ڳوٺ جي ماڻهن جي ٻولي جو لهجو اترادي شڪارپوري آهي. توهان کي ”تون“ ۽ هيڏانهن کي “هيڏي” ۽ ڪيڏانهن کي “ڪاڏي” چئي ڳالهائين. عورتون پردو تمام گهٽ ڪن پنهنجن مردن سان گڏ ڪم ۾ هٿ ونڊائين. آڳاٽي دور ۾ عورتون چوليون ۽ پڙا پهرينديون هيون، هاڻ سلوار ۽ قميص پهرين ٿيون. هي ڳوٺ هيٺين ڳالهين جي ڪري گهڻو مشهور آهي:
هڪ داتا فيض درياهه شاهه ۽ داتا ولايت شاهه جي سالياني ميلي جي ڪري، ڇو ته ميلي ۾ سڄي سنڌ جا صوفي فقير اچي هن درگاهه جي حاضري ڀريندا آهن ۽ ٻيو آچر شيدي جي ڪري جيڪو سنڌجو پهريون نمبر ملهه پهلوان هو ۽ جنهن جي توسع سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ملهه اچي هنباهه جي ميلي ۾ شريڪ ٿيندا هئا جنهن جي منعقد ڪرائڻ ۾ آچر شيدي جو هٿ هوندو هو. ٽيون سنڌ جي هاري اڳواڻ، مزاحمتي شاعريءَ جي سرواڻ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي بي باڪي ۽ بي ڊپائي جي ڪري جنهن هتان جي وڏيرن جي ظلم ۽ هارين جي مظلوميت کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنايو ۽ ان آواز کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن انگريز سامراج جي خلاف ڀرپور جدوجهد ڪندي ۽ سماجي ۽ صحافتي خدمتون ادا ڪندي پنهنجي سموري زندگي گذاري ڇڏي. ان کانسواءِ چوٿون مهدي شاهه جي گهوڙن جي ڊوڙ (ريس) مشهور هئي. جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا، گهوڙن جا شوقين اچي هن ڊوڙ ۾ حصو وٺندا هئا. ان جي ياد تازي ڪرڻ خاطر اڃان تائين فيبروري مهيني ۾ سکر بيگار بند جي چوڏهن ميل چينل تي گهوڙا گهمايا ويندا آهن. ان کانسواءِ داتا ولايت شاهه ۽ محبوب فقير ، داتا بگن شاهه جهڙا شاعر ۽ سگهڙ فنڪار ٿي گذريا آهن. محبوب فقير ته سنڌ جي مشهور راڳي مٺوءَفقير سان گڏ ڳائيندو هو. هتان جي ديني هستين ۾ داتا فيض درياهه شاهه، داتا ولايت شاهه، بگن شاهه (صوفيت جو درس ڏيندڙ)، ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو خان (تحريڪ خلافت جو کاهوڙي اڳواڻ)، غوثيه فقير خالق ڏنو مهر، محمد شاهه مست (قادري طريقي جو) لطيفي بزرگ قابل ذڪر آهن.
اڄ به هي ڳوٺ جاگرافي پکيڙ جي لحاظ کان وڌي رهيو آهي ۽ اچي چڪ شهر سان مليو آهي ۽ چڪ شهر جي هڪ محلي جي صورت اختيار ڪئي آهي. هن ڳوٺ ۽ چڪ شهر جي هائير سيڪنڊري اسڪول چڪ جي وچ ۾ پير يوسف شاهه جو مقام آهي. (هي ڳوٺ ڪڏهن چڪ يوسي ۾ شامل ته ڪڏهن پاڻ يوسي هيڊ ڪواٽر هوندو آهي) هتان جا نوجوان مختلف ميدانن ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. داتا فيض درياء جي گادي نشين جو پٽ تاج محمد شاهه، بشير بيدار مهر، طالب فقير جسڪاڻي (درگاهه جو خدمتگار)۽ ٻيا سٺا شاعر آهن. داتا تاج محمد شاهه جي پاڻ پنهنجي شاعري ڳائيندو آهي ته سندس فقير به ميلن ۾ سريلي آواز ۾ ڳائي داد حاصل ڪندا آهن، بشير بيدار مهر، عبدالحميد مهر ۽ ٻيا اڀرندڙ شاعر چڪ جي ادبي حلقي سان وابسته آهن ۽ سندن شاعري مختلف ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهي آهي. هنباهه جا ڊکڻ ڏاند گاڏيءَ جا ڦيٿا ۽ هر ٺاهڻ ۾ مشهور آهن ته وري هنباهه جا ماڇي ڏوڪن راند (جهمر) کيڏڻ ۾ مشهور آهن ۽ باقاعده شادين ڪاجن ۾ ڪانڍجي ويندا آهن ۽ پنهنجي فن جو خوب مظاهرو ڪندا آهن.

[b](ب) هنباهه ۽ چڪ جو مختصر ادبي پس منظر:
[/b] هتي هنباهه ۽ چڪ کي انهيءَ ڪري ملائي، ادبي پسمنظر ڏنو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته هينئر هنباهه چڪ جو هڪ محلو ٿي ويو آهي. تنهنڪري هتي انهن ٻنهي ۾ رهندڙ ادبي شخصيتن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي.
سنڌي ادب مجموعي طور انگريزن جي دور ۾ تمام سٺي ترقي ڪئي ۽ ارتقائي منزلون طئي ڪيون آهن. انگريزن مقامي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ انهن تي مستقل حڪومت ڪرڻ لاءِ سنڌيءَ ٻوليءَ کي ترقي وٺرائي. هن ئي دور ۾ ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿي ويا. نظم خواه نثر ۾، درسي توڙي ادبي ڪتاب باقائده مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويا ۽ عام ماڻهن جي هٿن تائين پهچڻ لڳا. هن دور ۾سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ کي مستقل شڪل ملي ۽ ان جو باقائده گرامر جوڙيو ويو.
ورهاڱي کان اڳ ۾ سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جيان چڪ ۾ به چڱا ليکڪ ۽ شاعر هئا. ڪن جو ذڪر ته ادبي تاريخن ۽ ادبي ڪتاب ۾ ملي ٿو پر ڪيترا اهڙا ليکڪ/شاعر ٿي گذريا آهن جن جو ذڪر ڪٿي به ڪو نه ٿو ملي. انهن مان ڪن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏنو ويو آهي. انگريز دور جا ڪيترائي اهڙا شاعر به ٿي گذريا آهن جيڪي پاڪستان جي دور ۾ وفات ڪري ويا آهن انهن جو ذڪر پڻ هت ڏنو ويو آهي، ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ چڪ ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو هو. چڪ ۾ هڪ پرنٽنگ پريس رام لعل هريجن جي هئي ۽ ٻه وڏيون لائبرريون پڻ هيون جن مان هڪ هندو پئنچائت جي ۽ ٻي ٽائون ڪاميٽي طرفان هال فورڊ لائبريري قائم ڪيل هئي جنهن جا ڪجهه ڪتاب هن وقت شاه لطيف لائبريري چڪ ۾ پيل آهن اها لائبريري روچلداس تلريجا قائم ڪرائي هئي جنهن جي بلڊنگ اڄ به موجود آهي جنهن کي ٽائون ڪاميٽي جي آفس بڻايو ويو آهي .ان دور ۾ اديب،شاعر تمام سٺا پيدا ٿيا پر افسوس اهي تاريخي ورقن کان وانڍا رهجي ويا، پر پوءِ به ڪي سنڌي ادب توڙي فارسي ادب جا روشن ستارا رهيا جن مان ڪن سماج ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڻ توڙي انهن جي رچنائن چڱو موکيو. فني توڙي فڪري لحاظ کان هنن سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا ۽ رجحان پيدا ڪيا اچو ته ڏسون هن دور ۾ اسان کي ڇا ڇا مليو:

[b]مولوي عبدالڪريم شاهه (اول):
[/b]جنهن فارسيءَ ۾ حڪمت جو هڪ ڪتاب لکيو. مشهور ڪتاب ”بيان العارفين“ جو فارسيءَ مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪجهه مولود لکيا ۽ چيا. هي چڪ جو پهريون ليکڪ هو.

[b]داتا فيض درياهه شاهه:
[/b]جنهن سچل جي پيروي ڪندي ”اناالحق“ جو نعرو بلند ڪيو ۽ صوفيت جي تحريڪ کي پنهنجي علائقي ۾ هٿي ڏني ، جنهن جون ڪجهه ڪافيون وائي جي ٽيڪنڪ تي به مليون آهن.(3)

[b]سوامي گنگا رام:
[/b]جنهن جا سلوڪ، دوها، بيت ڪتابي صورت ۾ ”اَمرت واڻي“ جي روپ ۾ ملن ٿا . تمام اعليٰ درجي جا سلوڪ آهن جيڪي سامي صاحب کانپوءِ ٻئي نمبر تي حيثيت رکن ٿا. (4)

[b]ڪوي تيجومل:
[/b]جنهن جا ڪجهه ڀڄن ملن ٿا، جيڪي ڪافيءَ واريءَ ٽيڪنڪ تي آهن. هونئن به ڀڄن ڪافيءَ واري ٽيڪنڪ تي لکيا ويندا آهن پرفرق صرف اهو هوندو آهي جو انهن جو مضمون جدا جدا هوندو آهي، هندو شاعرن جو مضمون ۽ لهجو هڪ علحدو حيثيت رکي ٿو. (5)

[b]مولوي عبدالعزيز شاهه بخاري:
[/b]هن جي شاعريءَ جو ڪجهه حصو مليو آهي. شاعريءَ کان علاوه هن نثر به لکيو، پر نثري ادب مان صرف ڪتابن جا نالا ملي سگهيا آهن. ”هڪ شرعي مسئلن تي”ٻيو“ علم ابجد جا اصول“ شاعريءَ ۾هن ڪافيون، ڏوهيڙا، نعتون، مولود، غزل، مثنوي ۽ مناقبا لکيا آهن. ان کان علاوه الف اشباع جي نوع تي هڪ غزل پڻ لکيو اٿس، مولوي عبدالعزيز شاهه چڪ جو واحد شاعر هو جنهن الف اشباع جي ٽيڪنڪ تي هن ترقيءَ واري دور ۾ غزل لکيو ۽ هڪ دفعو وري پراڻي صنف کي سنڌي ادب جي تذڪري هيٺ آندو. ڏوهيڙي ۽ ڪافيءَ جو سٺو شاعر هو. ان کان علاوه فارسي ۽ سرائڪي ۾ به شاعري ڪيائين سندس فارسي شاعريءَ جو صرف هڪ غزل مليو آهي.

[b]سنت رگهورام:
[/b]هي صاحب به سٺو شاعر هو، پر سندس شاعريءَ جو نمونو ملي سگهيو آهي. هي “واڻيءَ” جو سٺو شاعر هو، جيڪا هندي شاعريءَ جي صنف آهي سندس لکيل گيتا جو ڪجهه حصو سنڌيءَ ۾ترجمو ٿيل ڪتابي صورت ۾ ڇپيل مليو آهي. (6)

[b]ماستر پهلاج راءِ جيواڻي:
[/b]هي صاحب چڱو شاعر هو. سندس شاعري سگهڙن جي فن تڪ بنديءَ واري انداز ۾ ٿيل آهي، جنهن ۾ شاعريءَ جي اسلوب ۽ ٽيڪنڪ جي کوٽ نظر ايندي، پر خيال جاندار اٿس، کيس شاعريءَ جي صنفن جي گهٽ واقفيت هئي. جنهن جو سبب سندس مطالعي جي گهٽتائي معلوم ٿئي ٿو. ائين ٿو لڳي ته سندس ذهن ۾ جيڪي به ويچار ايندا هئا انهن کي نظم جو روپ وٺائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

[b]سوامي شانتي پرڪاش:
[/b]نه صرف مها ڪوي هو پر مها سنت به هو. سندس ويدانتي شاعريءَ جو ججهو مقدار ملي ٿو. “ڀڄن بهار” ۽ “ڀڄن ڦلواڙي” سندس قابل ذڪر پستڪ آهن. پاڻ ٽيئون صاحب جا ٽيان گادي سر هيا ۽ هند ۽ سنڌ ۾ لکين پوئلڳ هين.
داتا ولايت شاهه: هن جي شاعري جو ڪجهه حصو ڪتاب “انباهه ۾ آڙاهه” جي صورت ۾ ڇپيو آهي. سندس ڪافيون موسيقيءَ جي سُرنَ تي جڙيل آهن.

[b]سيد انور علي شاهه ”روشن“:
[/b]هي صاحب هڪ ڪلاسيڪل راڳي هو. سندس گهڻي شاعري ڪونه ٿي ملي البت ڪجهه منقبت ۽ ڪافيون مليون آهن جيڪي اڪثر سندس شاگرد ڳائيندا آهن.
داتا بگن شاهه جيلاني:
هن جي شاعري به ڪتابي صورت ۾ اچي چڪي آهي سندس ڪافيون موسيقيت سان ڀرپور آهن. هن پنهنجي والد داتا ولايت شاهه جي پيروي ڪئي آهي. پر هن اڳتي هلي پاڻ کي قادري سڏائڻ شروع ڪيو.

[b]ڪشنچند نيوندرام پرياڻي:
[/b]هن صاحب، شلوڪ، شبد ۽ واڻيون ججهي تعداد ۾ لکيون آهن. سندس شاعري جو ڪتاب ”اَمرت واڻي“ ملي ٿو. سندس پوٽا هن وقت احمد آباد اِنڊيا ۾ رهن ٿا.

[b]سک لعل پنجواڻي:
[/b]هي صاحب راجستان، ڪوٽا شهر ڏانهن لڏي ويو. سندس شايع ٿيل ڪتاب ۾ (1) سنڌين جي ڪاميابيءَ جون ڪهاڻيون (2) ڪوٽا جا سنڌي (3) هڪ لک سنڌين جي ڊائريڪٽري قابل ذڪر آهن. هوُ سٺو چترڪار هيو.

[b]رام گيان چنداڻي:
[/b]هي صاحب ناٽڪ نگار ۽ مضمون نگار ۽ جي حيثيت ۾ ڄاتو وڃي ٿو،. ڪيترائي ترجما ڪيا اٿائين. سنڌي ادب جو روشن خيال اديب آهي هن وقت احمد آباد ۾ رهي ٿو.

[b]چندر ساوناڻي:
[/b]هي صاحب سٺو ڊراما ليکڪ، هدايتڪار ۽ ادڪار آهي. هن 23 ڊرامن ۾ حصو ورتو، ان حوالي سان سٺو ملهايائين. هن وقت انڊيا احمد آباد ۾ رهي ٿو.

[b]مکي ڪروڙي مل تلريجا:
[/b]سٺو شاعر آهي، شاعريءَ ۾ پياسي تخلص اٿس. غزل، ڀڄن ۽ شلوڪ اڪثر لکيل اٿس، پاڻ حال حيات آهي ۽ چڪ ۾ رهي ٿو. چڪ جي هندن جو مکي آهي.
چڪ ۽ هنباهه جي مختصر ادبي پسمنظر جو جائز وٺڻ کان پوءِ نظر ايندو ته هن دور ۾ چڪ پنهنجي پسگردائي ۾ ادبي تحريڪ جو مرڪز هئو.

[b]حوالا:
[/b](1) مهدي شاهه فياضي: ”اَنباهه ۾ آڙاهه“ ڇاپو پهريون سال 1995ع ادارو فيض درياه اڪيڊمي ڊکڻ، ضلعو شڪارپور
(2) ماهوار شريعت سوانح نمبر سکر
(3) شريف شاد سومرو: ”تعلقي لکيءَ جي شاعرن ۽ اديبن جو جائزو“ ايم ـــ اي ـــ سنڌي جو مونو گراف ـــ1987ع (اڻ ڇپيل)
(4) ڪشچند نيوند رام پرياڻي ”امرت واڻي“ انڊيا 1995ع
(5) شريف شاد سومرو: ”تعلقي لکيءَ جي شاعرن ۽اديبن جو جائزو“ ايم اي سنڌي جو مونو گراف 1987ع (اڻ ڇپيل)