شخصيتون ۽ خاڪا

جِهڄيو جھانگين ڪاڻِ (ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو ــــــــ شخصيت ۽ شاعري)

هي ڪتاب تحقيقي نوعيت جو آهي. جيڪو انقلابي شاعر، سماج سڌارڪ ۽ سياسي اڳواڻ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي سوانح متعلق هڪ قيمتي ڪتابُ آهي. هي ڪتاب آزاد بخاريءَ گهڻي محنت ۽ محبت سان لکيو آهي.
هي ڪتاب ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جهڙي ارڏي ڪردار جي زندگي ۽ خدمتن جي سفر کي سمجھڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ به دلچسپيءَ جو سبب بڻجندو.
  • 4.5/5.0
  • 2045
  • 402
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آزاد بخاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جِهڄيو جھانگين ڪاڻِ (ڪامريڊ  ابو  شوڪت  حمزو ــــــــ شخصيت ۽ شاعري)

باب ٽيون : ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي شاعري

[b](الف) حمزي صاحب جي شاعريءَ جو اجمالي جائزو
[/b] سنڌي شاعريءَ انگريزن جي دور ۾ نهايت اهميت حاصل ڪئي. هن دور ۾ سنڌي الف ب جي جوڙ جڪ کي مڪمل ڪري ان کي هڪ مڪمل ۽ مستند ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو ۽ سنڌي ڇپائيءَ جو آغاز ٿيو. انهن ٻنهي عملن کانپوءِ سنڌي شاعريءَ جي به اوسر ٿي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيتوڻيڪ انگريزن کان اڳ جو شاعر هيو پر ان دور ۾ پهريون ڀيرو هن عظيم شاعر جي شاعريءَ ، شاهه جي رسالي جي صورت ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتي ۽ پهريون دفعو شاعرن جي سوچ سونهن، عشق وَ محبت، زلف وبلبل جي دائري کان ٻاهر نڪري ڌرتي، سماج، مظلوم ۽ مظلوميت، پورهيت ۽ هارين جي مسئلن ڏانهن وڌي، انهي وقت شاعرن پنهنجي شاعري کي جدوجهد، انقلاب، آزادي ۽ وطن پروريءَ جي درس ڏيڻ لاءِ وقف ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. اهوئي سبب آهي جو شاعريءَ کي اظهار جو اعليٰ وسيلو تصور ڪيو ويندو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جو مشهور نقاد ۽ عالم ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو صاحب چوي ٿو ته “اها شاعري جيڪا ڪنهن کي سڏي نه ٿي سگهي ڪنهن کي پيار نه ٿي ڪري سگهي. ڪنهن سان به سچي ناهي ۽ ڪنهن کي جيئاري ۽ اڀاري نه ٿي سگهي، سا شاعري نه پر صرف بڪواس آهي. جيڪا رڳو ماڻهن جي ڪنن جي قوت سماعت تي برو اثر ڪري سگهي ٿي ۽ ٻيو ڪجهه به نه” (1).
نامور ليکڪ عبدالواحد آريسر چيو آهي ته:
”جنهن شاعر جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ وارن جي ڳالهه نه آهي ان شاعر جي شاعريءَ ۾ هڪ وئشيا جي مرڪ ۾ ڪوبه فرق نه آهي.“ (2)
شاعريءَ جي باري ۾ شيلي (1822-1892) جو چوڻ آهي ته:
”شاعري سڀني کان بهترين ۽ مسرت وارن ذهنن جي لمحن جو بهترين ۽ وڏو يادگار آهي“. (3)
مٿين دانشورن جي راين کي آڏو رکندي ۽ اڄوڪي سنڌ جي معروضي حالتن کي به مدنظر رکندي جائزو وٺبو ته منهنجي خيال ۾ هڪ عوامي/قومي شاعر جي شاعريءَ ۾ هيٺين ڳالهين جو هجڻ نهايت ئي ضروري آهي:

(1) حسن ۽ سچ جو بيان
(2) عام مروج قومي ٻوليءَ ۾ شاعري
(3) پنهنجي ڌرتي ۽ قوم سان وفاداري، وطن ۽ عوام دشمن قوتن سان نفرت ڪرڻ ۽ انهن خلاف قلم ذريعي جدوجهد ڪرڻ.
(4) انساني قدرن جي نمائندگي ڪرڻ
(5) امن، انقلاب ۽ آزاديءَ جو درس ڏيڻ

هي قدر ته هيا هڪ عوامي ۽ قومي شاعر جي پرک لاءِ پر اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته شعر جي وصف ڇا آهي ۽ ان جا ڪيترا قسم آهن.
حقيقت ۾ شعر عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڄاڻڻ ۽ پروڙڻ. اهڙي طرح نظم جي معنيٰ آهي موتي ڌاڳي ۾ پوئڻ ۽ لڙهي ٺاهڻ.
هن وقت جيڪو شعر چيو وڃي ٿو سو ٽن قسمن جو آهي. هڪ آهي نج سنڌي نمونو بيت، وائي، ڪافي وغيره ۽ ٻيو آهي فارسي شعر جي طرز تي نظم جو نمونو: غزل، مسدس، قصيدو، رباعي، قطعو وغيره ۽ ٽيون نمونو آهي نج جديد شاعري: آزاد نظم، نثري نظم، تجريدي نظم ۽ هائيڪو وغيره.
مزاحمتي شاعريءَ جو سرواڻ هاري اڳواڻ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو خان سنڌ جو اهو گمنام سپاهي آهي جنهن جي شخصيت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. هيءَ سياست، صحافت ۽ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ هڪ ٽمڪندڙ ستارو هو/آهي هتي حمزي خان جي شاعريءَ جو جائزو وٺنداسين ته اسان کي سندس شاعريءَ ۾ اهي خوبيون نظر اينديون جيڪي مٿي بيان ٿيل آهن ۽ معلوم ٿيندو ته سندس شاعري، شاعريءَ جي وصف تي پوري لهي ٿي يا نه!
ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان جي شاعري سماجي اپٽار جو انمول خزانو آهي. ”سندس شاعري ٽينڪنڪ جي لحاظ کان مڪمل مثنوي (نظم) آهي. پر نظم جوهر بند پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل دوهو آهي. اسين ان کي مضمون جي لحاظ کان نظم چئون ٿا نه ته اهي دوها آهن. جيڪڏهن دوهي جي هر بند جو موضوع جدا جدا هجي ها ته اسين انهيءَ کي نظم نه پر دوها چئون ها.“ (4)
سندس شاعري ڇڙواڳ ۽ غير موزون نظر نه ايندي کيس شاعريءَ جي پوري پوري ڄاڻ هئي ۽ هُو ان ۾ ماهر نظر ٿو اچي، هو نه رڳو شاعري جي اصولن کان واقف هو پر انهيءَ تي دسترس پڻ حاصل هئس. “بحر وزن جي وڍ ڪٽ کان به باخبر هو. لفظن جي تقطيع يا لفظن جي جوڙجڪ نهايت شاندار آهي. سموري شاعريءَ ۾ هن ٻه بحر ڪم آندا آهن، هڪ بحر متقارب ۽ ٻيو هزج. “انقلابي ڏنڊي” ۾ صرف “هارين جي دانهن ڌڻيءَ جي درٻار ۾ 2 نظم آهن جيڪي بحر هزج مثمن سالم تي ٻڌل آهن. نموني طور هڪ بند ڏجي ٿو:

ڌڻي تون دانهن ٻڌ منهنجي،
ٻيو ڪونهي ٻڌڻ وارو
نه آهي تو بنا ڪو مهربان،
مون ڏي ڏسڻ وارو،

[b]ٻئي نظم جو پهريون بند:
[/b]
ڌڻي تون دانهن ٻڌمنهنجي سوين ظالم ستائن ٿا،
وڏيرا خواه ڪامورا، اسان جو خون چوسين ٿا.(5)

”باقي سڄي ڪتاب ۾ بحر متقارب استعمال ڪيو ويو آهي. پر ڪٿي ڪٿي هڪ رڪن يا پورو پد کٽايو ويو آهي جنهنڪري بحر متقارب مثمن مقصود يا محذوف ٿئي ٿو. اهڙي طرح ”انقلابي ڪهاڙو“ حصو پهريون۾ به ساڳيو وزن استعمال ٿيل آهي“. (6)
سندس سموري شاعري فني توڙي فڪري لحاظ کان شاندار آهي. سنڌي سماج جي سياسي ۽اخلاقي تنزلي، بک، مفلسي ۽ معاشي حالتن جو مختصر جائزو آهي.
ڪامريڊ حمزي خان مرحوم پنهنجي سموري شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جي حقيقي منظر ڪشي ڪئي آهي. هن نه صرف هارين تي ٿيندڙ ظلمن بابت لکيو آهي بلڪ انهن جي اخلاقي، معاشي ۽ ذهني پستيءَ ۽سندن غلط رسمن جي به نشاندهي ڪئي آهي. انهن ۾ جيڪي به بداخلاقيون يا اجايون رسمون آهن انهن کي به کولي چٽو ڪري سڄي سنڌ جي ماڻهن، هارين نارين کي ٻڌايو آهي. سندس هيٺين نظم جو بند وڏيرن جي ظلم ۽ سندن ذهني پستيءَ جي ڀرپور نشاندهي ٿو ڪري. گهڻا ظلم آهن وڏيرن هٿان، اٻوجهن ۽ بي علم هارين مٿان، نه هارين کي انسان ڄاڻن مگر، زميندار وٽ جانورن کان بدتر (7)
هڪ ٻئي نظم جو بند جنهن ۾ ظالم زميندار جو ڪردار بيان ڪيل آهي:
گلوءَ نالي هڪڙو زميندار هو،
لچن بدمعاشن جو سردار هو
ڀنگوڙو رنڊي باز بي علم هو،
غريبن تي ان جو سدا ظلم هو. (8)

هڪ ٽئين نظم جو بند جنهن ۾ وڏيرن جي حڪومت سان وفاداري ڏيکاريل آهي:

سکر ۾ گورنر جي درٻار ٿي ،
وڏيرن سندي گرم بازار ٿي،
ٿيو سڏ هر ڪنهن زميندار کي،
حڪومت جي هر هڪ وفادار کي. (9)

ڪامريڊ حمزي خان نه صرف وڏيرن جي ظلم ۽ ان جي ڪردار کي بيان ڪيو آهي، پر ان سان گڏ هارين جي اصلي ، حقيقي ۽ بنيادي حالتن تي پڻ نظر وڌي آهي ان کي اهڙي نموني شاعريءَ جو ويس ڍڪايو آهي ۽ رنگ ڀريو آهي جو ڄڻ زنجير جيان ڪڙي ڪڙي سان ملائي آهي، ڪامريڊ هارين جي ڪم علمي، هارين جي ريتن رسمن، هارين جي اخلاقي حالت، هارين جي مذهبي حالت ۽ هارين کي نصيحت جهڙا عنوان پنهنجي شاعريءَ جا موضوع بڻايا آهن.
هيٺ سندس نظمن جا ڪجهه بند ڏجن ٿا:

[b]هارين جي اخلاقي حالت
[/b]ڏسڻ ۾ ته انسان آهن اهي،
حقيقت ۾ حيوان آهن اهي،
نه تن پيٽ پورو، بدن ڪيئن ڍڪن،
گذارو ٻچن جو ڪري ڪيئن سگهن. (10)

[b]هارين جون ريتون رسمون:
[/b]ڪريان هاڻي شاديءَ جو مان قصو،
مگر ٿورڙو مختصر ڪو،
گهڻو شوق شاديءَ جو زالون رکن،
ڳڻي ڏينهن مشڪل سان پورا سي ڪن،
ڳائن وڄائن ۽ سينگار ڪن،
کلنِ ۽ ملنِ پاڻ ۾ خوش ٿين. (11)

[b]هارين جي مذهبي حالت:
[/b]عقيدا به اهي رکن ٿا عجيب،
نه ڄاڻڻ اهي علم ديني غريب،
خدا جو دفعا پنج سڏ ٿو ٿئي،
انهيءَ ڏي نه ڪوئي به ڪن ٿو ڏئي
مگر جي ڪٿي ڪو ميلو لڳي،
هلن شوق سان هڪ ٻئي کان اڳي. (12)

[b]هارين جي ذلت جا سبب:
[/b]رهن ڇو سدائين اهي خوف سان،
خدا کان زياده زميندار کان،
انهن ڳالهين جو رڳو هڪ سبب،
نڪو علم تن وٽ نه آهي ادب. (13)

ابو شوڪت حمزي جي شاعري جي اجمالي جائري مان خبر پوي ٿي ته ڪامريڊ شاعريءَ جو هڪ نئون انداز متعارف ڪرايو؛ هاري ۽ انهن سان وابسته مسئلا. سندس اهڙي قسم جي شاعري کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ سندس دوست ڪامريڊ حيدربخش جتوئي به اهڙو انداز بيان پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪم آندو آهي. ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو خان ۽ باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي شاعريءَ جي دنيا ۾ ٻه اهرا ستارا هئا جن پنهنجي علم ۽ عمل کي هارين جي اهنج ايذاءَ جي تدارڪ لاءِ استعمال ڪيو ۽ اهڙي شاعري جو سهرو ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ ڏي وڃڻ کان پهريون ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان جي ذات وٽان به ٿيندو وڃي ٿو ۽ اهڙي شاعري جي سوچ، تخليق ۽ ڏات جو شروعاتي محرڪ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي کي به چئي سگهجي ٿو.
ڪارل مارڪس چيو آهي ته ”فنڪار زندگيءَ جي جدلياتي قوتن کي ظاهر ڪري ٿو، فنڪار جي حيثيت انقلاب ۾ مشينريءَ جي هڪ پرزي جيان آهي. جيڪو پنهنجي تخليق وسيلي انقلابي عمل کي تيز ڪري ٿو. سندس تخليق مخصوص طبقاتي شعور مان جنم وٺي ٿي ۽ اجتماعي قدم پيش ڪري ٿي“. (14)
ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو به هڪ هاريءَ جو پٽ هو جنهن ڪري کيس هارين جي ڏک درد ۽ انهن جي سبب جي پوري ڄاڻ هئي. هو ڄاڻي پيو ته هارين جي پستيءَ جا ڪهرا سبب آهن اهوئي سبب هو جو هن پنهنجي تخليق وسيلي هارين کي عقل، علم سوچ، جدوجهد جو گس ڏسڻ ۽ استحصال ۽ ناانصافي کي ختم ڪرڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪرڻ جو درس ڏنو. کيس اهو مڪمل يقين هو ته هارين جي سڄاڳيءَ ۽ بيداريءَ سان انقلاب ضرور ايندو، ظلم جو انت ٿيندو ۽ روشن صبح ضرور ٿيندو.
هڪدم اٿو غريبو، اڄ وقت آهي آيو
دنيا ۾ ڌاڪو پنهنجو، گڏجي اوهان ڄمايو
باطل جو ڀو رکو ڇو طاقت اوهان کي آهي،
ظالم کي زور لائي، پنهنجي اڳيان جهڪايو. (15)

[b](ب) تصنيفون: [/b]مرحوم ابو شوڪت حمزو خان نه صرف وطن دوست سياسي اڳواڻ هو پر ان سان گڏوگڏ سٺو نثر نويس، صحافي، سماجي ورڪر، هاري اڳواڻ ۽ مزاحمتي شاعريءَ جو سرواڻ هو. کيس علم ادب سان ڏاڍو چاهه هوندو هو. سندس تحريرن ۾ انفراديت نظر اچي ٿي. جيڪي مضمون يا خط لکندو هو سي الوحيد اخبار ۾ ڇپجندا هئا. تن کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو چاهه سان ۽ غور سان پڙهندا هئا.
سندس شاعري جا چار ڪتاب آهن جن مان ٻه ڪتاب ڇپيل صورت ۾ ملي سگهيا آهن. (1) انقلابي ڏنڊو (2) انقلابي ڪهاڙو (حصو پهريون) باقي (3) انقلابي ڪهاڙو (حصو ٻيو) ۽ (4) انقلابي بم گولو ۽ سندس ٻي شاعري بلڪل ناياب آهن. سندس پهرين ٻن ڪتابن جا باري ۾ مختصر معلومات هيٺ ڏجي ٿي.
”انقلابي ڪهاڙو“ نمبر ٻه ۽ ”انقلابي بم گولو“ وارو مواد جيئن ته نه ملي سگهيو آهي تنهن ڪري انهن جو ذڪر نه ٿو ڪري سگهجي.
انقلابي ڏنڊو: سن 1939ع ۾ فيريئر روڊ ڪراچي جي هڪ پريس مان هاري جماعت چڪ تعلقو سکر طرفان سلسلي ڪتاب نمبر هڪ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ دعا، هارين جي عام اخلاقي حالت، هارين جي شادي وغيره ۽ رسمن جو بيان، هارين جي عام مذهبي حالت، زميندارن جا ظلم هارين تي، زميندار جو نقل، سنڌ واهه جو کنڊ ٻڌڻ ۽ ڇيڙ جو بيان، گورنر جي درٻار، ووٽ جو بيان، هارين جي ذلت جو سبب، علم جي فضيلت، هارين کي نصيحت، هاريءَ جي دعا، هارين جي دانهن ڌڻيءَ جي درٻار ۾، هارين کي دعوت عمل ۽ ناڪن جي ظلم بابت تفصيلي/ موضوعاتي شاعري ڏنل آهي.
ڪتاب جي ديباچي ۾ لکيل آهي ته: ”جيتوڻيڪ ڪانگريس خواهه مسلم ليگ جي پروگرام ۾ هارين جي بهتري داخل آهي، پر هڪ نه ٻي سبب ڪري ڪي ماڻهوانهن جماعتن جا مخالف آهن تنهنڪري انهن مان هارين جي فائدي جي اميد گهٽ ٿي نظر اچي . ملڪ جي آزديءَ لاءِ پهريائين ضرورت آهي ته هارين کي زميندارن ۽ سود خورن جي غلاميءَ کان آزاد ڪرايو وڃي ۽ هارين کي اها آزدي تڏهن ملندي جڏهن ملڪ ۾ ڪو انقلاب (ڦيرو) آندو ويندو. انهيءَ انقلاب آڻڻ لاءِ هن ڪتاب ۾ هارين جي حالات ۽ زميندارن جي ظلم بابت گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، تنهن ڪري هن ڪتاب جو نالو ”انقلابي ڏنڊو“ رکيو ويو آهي. خدا ۾ اميد آهي ته هن انقلابي ڏنڊي سان هاري بيدار ٿيندا ۽ زميندارن کي به هوش اچي ويندو“
7 جون 1937ع ابو شوڪت حمزو (16)

ڪامريڊ جو دوست ”سيد محبوب علي شاهه“ پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو:
”ابو شوڪت خان حمزه جو ميان عبدالرزاق پيرزادو خاص رفيق هو ۽ سندن پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي، ابو شوڪت وقت بوقت جن خيالن جو اظهار ڪيو هو، ميان عبدالرزاق انهن کي شعرن جو روپ ڍڪائيندو هو. اهڙي طرح نظمن جا ٻه ڪتاب ٿيار ٿي ويا. هڪ انقلابي ڏنڊو جيڪو سرڪار شاگردن کي انعامي ڪتاب طور ڏيڻ منظور ڪيو هو ٻئي ڪتاب جو نالو انقلابي بم گولو هو جيڪو ڇپجي نه سگهيو.“ (17)
ان سلسلي ۾ تعلقي لکي جي شاعرن ۽ اديبن جي جائزي واري قلمي مونو گراف ۾ محترم شريف شاد لکي ٿو ته: ”اها ڳالهه سراسر غلط آهي ته شعر ميان عبدالرزاق جوڙيندو هو. پر خود حمزو صاحب پاڻ شعر جوڙيندو هو. باقي حمزي خان وٽ وقت جي ڪمي هئڻ سبب ۽ سياسي ڪمن سبب کيس فيئر ۽ ڪتابت ڪرڻ جو وقت نه ملندو هو تنهن ڪري هن پنهنجي ڪتابن جا مجموعا ميان عبدالرزاق کي فيئر/ڪتابت ڪرڻ ۽ ڇپائي لاءِ ڏنا هئا. ڇاڪاڻ جو ميان عبدالرزاق هڪ سٺو خوشنويس ۽ ڪاتب هو. هن عمر جو گهڻو حصو ڪتابت جي مشغلي ۾ گذاريو هو ان سبب ڪري ڪامريڊ هن کي پنهنجو قلمي مواد ڏنو هو ۽ ڇپائي جو سمورو مرحلو ميان صاحب طئي ڪيو هو. اهو چوڻ بلڪل ناانصافي ٿيندي ته اهو شعري مواد ميان عبدالرزاق جو هيو انهن مجموعن جو شاعر خود حمزو خان هو، تنهنڪري اها ڳالهه بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهي“.
ميان عبدالرزاق جي شاعري ۽ حمزي خان جي شاعري ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي. ميان عبدالرزاق جي شاعري مولودن، قصيدن تي ٻڌل آهي ۽ حمزي صاحب جي شاعري سماج جي اپٽار آهي، هارين جي حالت تي چيل آهي“. (18)
ان کانسواءِ هي دليل پڻ اهم آهي ته ميان عبدالرزاق جو هاري جماعت سان ڪو به واسطو نه هو. ۽ هن ڪتاب ۾ جيڪا به شاعري ٿيل آهي. اها هارين بابت آهي ۽ سموري شاعري ۾ حمزو ۽ ابو شوڪت تخلص ڪم آندل آهي آءُ سيد محبوب علي شاهه جي ان راءِ سان سهمت نه آهيان ۽ ڪامريڊ حمزي خان جا پٽ به ان راءِ جا مخالف آهن ته ڪو شعر ميان عبدالرزاق پيرزادو جوڙيندو هو.
انقلابي ڪهاڙو: هن ڪتاب جي ڇپائي به ڪراچيءَ جي هڪ پريس مان ڪرائي وئي ۽ هاري جماعت چڪ تعلقو سکر طرفان سلسلي ڪتاب نمبر 2 سن 1943ع ۾ پڌرو ڪيو ويو.
هن ڪتاب ۾ تفصيلي موضوعاتي شاعري ڏنل آهي. جنهن ۾ وڏيرن جا پرڪار ظاهر ٿيل آهن. ان ڪري ڪتاب جو نالو ”انقلابي ڪهاڙو“ عرف وڏيرن جا پرڪار پئجي ويو. هن ۾ وڏيرا ۽ چوريون، وڏيرا ۽ قوم، وڏيرن جا ظلم، وڏيرن جون رسمون، وڏيرا ۽ هاري ۽ هارين کي دعوت عمل وغيره شاعريءَ جا خاص موضوع آهن.
هن ڪتاب جي ديباچه جو پنو گم ٿيل آهي ۽ صفحن جي به خبر نه پئجي سگهي آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ شاعر جي دعا ڏنل آهي. جنهن جا ڪجهه بند هيٺ ڏجن ٿا چوي ٿو ته:
ڌڻي منهنجا ڪر مون سان پنهنجو ڪرم، ته مان قوم خاطر هلايان قلم،
وڏيرن جا پرڪار مان کولي لکان، ٻه ٽي لفظ تن کي نصيحت چوان. (19)

[b]حوالا:
[/b](1) لنڊ ملوڪ “ماهوار ساڃاهه حيدرآباد ” آڪٽوبر-نومبر 1993ع ص 2
(2) آريسر عبدالواحد “تقريرون”
(3) لنڊ ملوڪ “ماهوار ساڃاهه” آڪٽوبر-نومبر 1993ع ص 82
(4) سومرو شريف شاد : “ تعلقي لکيءَ جي شاعرن ۽ اديبن جوجائزو (قلمي) 1987ع (مونوگراف) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
(5) ساڳيو
(6) ساڳيو
(7) حمزو ابوشوڪت: “انقلابي ڏنڊو” هاري جماعت چڪ 1939ع ڇاپو پهريون.
(8) ساڳيو
(9) ساڳيو
(10) ساڳيو
(11) ساڳيو
(12) ساڳيو
(13) ساڳيو
(14) لنڊ ملوڪ “ماهوار ساڃاهه” آڪٽوبر-نومبر 1993ع
(15) حمزو ابو شوڪت: ”انقلابي ڏنڊو“ هاري جماعت چڪ 1937ع
(16) ساڳيو
(17) سيد محبوب علي شاهه ماهوار پيغام ڪراچي. مارچ-اپريل 1981ع
(18) سومرو شريف شاد : “ تعلقي لکيءَ جي شاعرن ۽ اديبن جو جائزو (قلمي) 1987ع
(19) حمزو ابو شوڪت “انقلابي ڪهاڙو” هاري جماعت چڪ 1943ع.