زميندار جو نقل
ڀنگوڙو رنڊي باز بي علم هو، غريبن تي ان جو سدا ظلم هو.
سندس حد جو جيڪو عملدار هو، انهيءَسان سدا هي رساڪار هو،
جمعدار ان جو وڏو يار هو، انهيءَ سان ٺهيل ڪارمختيار هو.
رسائي ڪري خوب ڪپتان جي ، خوشامد ڪري خانسامان جي،
اچي ڊپٽي ان کي ڪرائي شڪار، گورنر جي ليڊيءَ کي پارائي هار.
جڏهن هن علمدار پنهنجا ڪيا. ڦري تنهن جا پردا مٿي جا ويا،
رکياءِ گهڻا ڪاٽڪو پنهنجا، اهي خوب ڌاڙا هڻندا هئا.
پتي ڪجهه وڏيري کي ڏيندا هئا، ٻيو مال گهر پنهنجي نيندا هئا،
ڪرڻ خون کان ڪين گسندا هئا، قسم ساک کان ڪين ڊڄندا هئا.
سڄي راڄ مان ڪو وٽس جي اچي ته هڪدم وڏيري کي پيرين پوي،
سندس روبرو ڪونه کٽ تي وِهي،نه برتن سندس مان ڪو پاڻي پئي.
ڏسي ڪوبه هاري ته خوشحال آهه، وٽس روڪ پيسو گهڻو مال آهه،
هڻائي ستت کاٽ گهر تنهن جي کي، صبح جو نه گهر ۾ ٺڪر ڪو ڏسي.
سندس ڇيڙ بيگر نه هرگز کٽي، انهيءَ ظلم کان ڪونه هاري ڇٽي،
ڪري ڪو به انڪار جي ڇيڙ کان، ٻنڌائي سندس ڍور چورن هٿان.
وهائي سدا ڇيڙ بيگر گهڻي، نه تعظيم سان بلڪ پادر هڻي،
ڊکڻ کي سداءِ ڪهاڙو ڪلهي، سڄو ڏينهن انکي نه ماني ملي.
هميشه هلي حڪم لوهر مٿي، ڪهاڙي ڪهِ ڪاتي سگهو ڏي ٺپي،
ڪنڀر کان وٺي ٿانو سارو ورهه، وڃي فصل مان ٻارهو ئي نرهه.
حجم کي نه ديري مان داڻو ملي، ڪڇي لفظ هڪرو ته گاريون جهلي،
سڄو سال موچي به پادر ڳنڍي، نه ٽويو انهيءَ کي ڏئي هڪ ڀري.
مڇي ماس جنهن کان وڏيرو وٺي، رقم لاءِ هر روز رڙندو وتي،
وڏيرو وڏو وير ان سان رکي، ڍڪي صاف ڪپڙا گهمي مُنهن مَکي.
وڏيري کي جيڪو نه پيرين پوي، نه ٻانهون ٻڌي ۽ نه سائين چوي،
قلم سو ڏهين ۾اڙائي اهو، ته ان مان سبق مر سِکي ڪو ٻيو.
غريبن مٿان ڪيس ڪوڙا ڪري، وڏيون تهمتون ڏوهه تن تي ڌري،
وٺي رشوتون خوب کيسا ڀري، آفيسر به ان مان ئي راضي ڪري.
انهيءَ ريت هن جي هٿان بيگناهه، ويا جيل ۾ ڪيترا ٿيا تباهه،
زنا کان نه ان کي ذرو لڄ پئي، سندس ڏاڙهي توڙي اڇي ٿي وئي.
گهڻن کان کسي حق ڦٻائي ويو، ائين پاڻ پنهنجو پٽائي ويو،
ٿيو جڏهن پوڙهو ته بيمار ٿيو، دوائون ڪري سخت لاچار ٿيو.
جيئڻ جو جڏهن آسرو ئي ويو، سڏي پنهنجي پٽ کي انهيءَ هئن چيو،
”وصيت ڪريان ٿواها دل تي رک،پڇاڙيءَ ۾مونکان اهوعقل سک“.
ته هاري سدا اَڻ پڙهيل سڀ هجن، نه اسڪول ۾ ٻار تن جا پڙهن،
اِهي قاعده کان نه واقف ٿين، ته تنهنجي چوڻ کان نه ٻاهر وڃن.
چوان ڳالهه ٻي پڻ اها دل تي رک، پڇاڙي ۾ مونکان اهو عقل سک،
رکج پنهنجا ڪڙمي سدائين سڃا، هجن صاف ڪنگال بکيا ۽ اڃان.
ٿئي ڪوبه هاري جڏهن مالدار، سڃو ٿئي نه جيسين نه ڪر تون قرار،
ڪرائينس چوري ٻڌائينس ڍور، رکج پنهنجي هٿ ۾ سدائين تون چور.
نه هاري ٻنيءَ جو خريدار ٿئي، وٺي زور سچ پچ زميندار ٿئي،
وِهي تنهنجي سامهون چڙهي کٽ مٿي، صبح شام پادر هجي ڄٽ مٿي.
انهي ڳالهين تي عمل جو ڪرين، زميندار بيشڪ تڏهن تون ٺهين،
چيم صاف توکي ڪريان هاڻ بس، انهيءَ تي عمل آهه منهنجي ئي وس.
ائين چئي دنيا مان لڏي ويو هليو، پٺيان نانوءَ بڇڙو ڇڏي ويو هليو!
•