شخصيتون ۽ خاڪا

جِهڄيو جھانگين ڪاڻِ (ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو ــــــــ شخصيت ۽ شاعري)

هي ڪتاب تحقيقي نوعيت جو آهي. جيڪو انقلابي شاعر، سماج سڌارڪ ۽ سياسي اڳواڻ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي سوانح متعلق هڪ قيمتي ڪتابُ آهي. هي ڪتاب آزاد بخاريءَ گهڻي محنت ۽ محبت سان لکيو آهي.
هي ڪتاب ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جهڙي ارڏي ڪردار جي زندگي ۽ خدمتن جي سفر کي سمجھڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ به دلچسپيءَ جو سبب بڻجندو.
  • 4.5/5.0
  • 2045
  • 402
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آزاد بخاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جِهڄيو جھانگين ڪاڻِ (ڪامريڊ  ابو  شوڪت  حمزو ــــــــ شخصيت ۽ شاعري)

باب چوٿون : ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جون خدمتون

[b](الف) سياسي خدمتون
[/b](1) خلافت تحريڪ ۽ ابو شوڪت حمزو خان
هتي سڀ کان پهريائين خلافت تحريڪ جو مختصر پسمنظر ڏجي ٿو. جيئن ان جي روشنيءَ ۾ ابوشوڪت حمزي خان جي ڪردار کي پرکي سگهجي.
”يورپ جي پهرين مهاڀاري لڙائي سنه 1914ع ۾ لڳي. انهن ڏينهن ۾ ترڪي سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي واحد آزاد سلطنت هئي. ترڪيءَ جي سلطان کي سڄي دنيا جا مسلمان خليفه المسملين ڪري سڏيندا هيا. گويا مسلمانن طرفان کيس خلافت مليل هئي. انهيءَ لڙائي ۾ برطانيه ۽سندس حامي هڪ طرف هئا ته ٻئي طرف جرمني، سندس مددگارن ۾ ترڪيءَ جي خلافت عثمانيه به شامل هئي. جڏهن انگريزن کي لڙائيءَ ۾فتح حاصل ٿي ۽ هو مسلم حڪومت ترڪيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري اتحادين ۾ ورهائڻ ۽ مسلم خلافت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪمر ڪشي بيٺا. آخر ترڪيءَ کي ورهايو ويو. جنهن جو ڳچ حصو انگريزن ۽ يونانين کي مليو. انهن اتي وڃي ترڪن تي اهڙا ته ظلم ڪيا جو دنيا جي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون.“ (1)
هند سنڌ جي مسلمانن ان جو شدت سان اثر قبول ڪيو ۽ ان ظلم خلاف متحد ٿيا. انهيءَ ڪري هند ۽ سنڌ جي علمائن گڏجي ڪري هڪ جماعت تيار ڪئي. جنهن کي “خلافت ڪاميٽي” جي نالي سان سڏيائون. انهيءَ سلسلي ۾ سيد حسن رياض لکي ٿو:
“بمبئي جي سيٺين “مجلس خلافت” جي نالي سان هڪ انجمن قائم ڪئي آهي ان کي “آل انڊيا سينٽرل خلافت ڪميٽي” نالو ڏنو ويو آهي. جنهن جو صدر سيٺ ڇوٽاني ۽ حاجي صديق کتري سيڪريٽري مقرر ٿيو. حاجي صديق جي نظربنديءَ کان پوءِ مولانا شوڪت علي سيڪريٽري ٿيو”. (2)
“ آل انڊيا سينٽرل خلافت ڪاميٽيءَ جي سنڌ ۾ برانچ قائم ڪئي ويئي جيڪا سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جي نالي سان مشهور ٿي سنڌ ۾ ان جو باني مولانا تاج محمود امروٽي هو.”

هن تحريڪ جا خاص مقصد هيٺيان هئا:
(1) مسلمانن جون پاڪ جايون ترڪن جي حفاظت ۾ رهن.
(2) خلافت برقرار رهي
(3) ترڪي سلطنت جون حدون اهي ساڳيون رهن جيڪي جنگ کان اڳ هيون (3)
جيئن ته مٿي بيان ٿيل آهي ته هيءَ تحريڪ عالمن جي گڏيل تحريڪ هئي تنهنڪري سنڌ جي عالمن هن تحريڪ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو. ان سلسلي ۾ چڪ شهر ۾ به خلافت تحريڪ 1921ع ۾ وجود ۾ آئي جنهن جو پهريون صدر مولوي غلام رسول شاهه بخاري (راقم جو پڙڏاڏو) هيو بعد ۾ وڏيرو الهڏنو خان سيٺار صدر ٿيو جنهن بعد ۾ ابو شوڪت حمزو به ان ۾ شامل ٿيو.
”1923ع ڌاري مولانا محمود امروٽيءَ جي چوڻ تي ۽ زور ڀرڻ تي سياست ۾ گهڙيو. خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتائين ۽سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائين“. (4)
خلافت تحريڪ (ڪاميٽي) ضلع سکر جو سيڪريٽري عبدالستار آدم خلافت ڪانفرنس جي اٺين اجلاس ۾ رپورٽ ڏيندي ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان لاءِ رقمطراز آهي ته؛
“ٻيو اجلاس جنوري 1923ع ۾ حضرت مولانا امروٽي صاحب جي زير صدارت ٿيو. مولانا مولوي احمد علي صاحب لاهوري جي پرجوش تقرير جو اهو اثر ٿيو جو امير بخش عرف حمزه خان مهر بر وقت اسڪول ماستريءَ کي ٽي ڀتر ڏئي غلاميءَ کان آزاد ٿيو ۽ سندس همٿ ۽ مردانگي ڏسي کيس مبلغ ڪري رکيو ويو حسابداني جي لياقت ڪري ضلع جو محاسب به هن وقت اهو آهي”.

(هن رپورٽ جي فوٽو ڪاپي ۽ ڪامريڊ حمزي خان جي ماليات جي پوتا ميل جي فوٽو ڪاپي هٿ ڏجي ٿي).

جيئن ته مولانا تاج محمود امروٽيءَ جو ڪامريڊ تي ڪافي راز هو، تنهنڪري هو کيس هميشه پاڻ سان گڏ کڻندو هو. اهڙي طرح سب کان پهريائين هن چڪ شهر کي پنهنجي سياست جو مرڪز بڻايو چڪ جي سيٺارن واري جامع مسجد ننڍي هجڻ ڪري چڪ جي مين بازار ۾ نئين جامع مسجد جڙي راس ٿي مولانا تاج محمود امروٽي ان جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ مولوي عبدالعزيز شاهه بخاري ( راقم جي ڏاڏي جي ڀاءُ) کي ان مسجد جو پيش امام مقرر ڪيو چڪ ۾ خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ گهڻا جلسا ڪوٺائڻ ۾ مرحوم ابوشوڪت حمزي خان سان گڏوگڏ الهڏنو خان سيٺار جو پڻ وڏو هٿ هو. خلافت تحريڪ ۾الهڏنو خان سيٺار ابو شوڪت حمزي کان اول، پنهنجي استاد مولوي غلام رسول شاهه سان گڏ ميمبر ٿيو هو.ان سلسلي ۾ هڪ 29 سيپٽمبر 1922ع ۾ چڪ خلافت تحريڪ جي ڪانفرنس ٿي. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو اڃان خلافت تحريڪ چڪ جو ميمبر نه ٿيو هو پر 1923ع ۾ ميمبر ٿيو.

سيد محبوب علي شاهه (سکر وارو) پنهنجين يادگيرين ۾ لکي ٿو:
”هڪ ڏينهن خبر مليس ته حضرت (امروٽي) صاحب رڪ اسٽيشن لڳ لٿل آهي سو اتي وڃي پهتو. جڏهن حضرت جن کي خبر پئي ته هيءُ مولوي عبدالڪريم جي واقعي وارو حمزو آهي ته پاڻ اٿيو ۽ کيس ڀاڪر پاتائين. ان ڀاڪر کان پوءِ حمزي خان جي ڪايا پلٽ ٿي ويئي. هو هڪ وڏو ديندار شب خيز ۽ پرهيزگار ماڻهو ٿي پيو ۽ مرڻ تائين ٻيون نمازون ته ٺهيو پر تهجد نماز به ڪڏهن قضا نه ڪيائين. هن جي دل کي ايتري ته تقويت اچي ويئي جو کيس دنيا جي ڪنهن وڏي ۾ وڏي طاقت کان به خوف نه ٿيندو هو. ان وچ ۾ سندس ملڪيت به جائز ذريعن سان وڌي ٻه ٽي سال اسڪول ماستري ڪيائين ۽ ان کانپوءِ استعيفيٰ ڏيئي خالفت ڪاميٽي جو مبلغ ٿيو ۽ مرڻ تائين اهو فرض بجا آڻيندو رهيو“. (5)
ڪامريڊ جي سياسي جدوجهد جون خبرون ان دور جي مشهور اخبارن الوحيد، اصلاح، پيغام صلح ۽ همدرد ۾ وقت به بوقت شايع ٿينديون رهيون انهن مان جيڪي ميسر ٿي سگهيون سي هيٺ ڏجن ٿيون.

[b]وفد خلافت، تعلقه سکر ۾؛
[/b] 8 اپريل 1923ع جي ”الوحيد“ ۾ خبر شايع ٿي ”مولوي عبدالرزاق صاحب سکر مان لکي ٿو ته هڪ وفد مولانا مولوي غلام قادر صاحب جي زير سرڪردگي ۾ جنهن وفد جا ارڪان پير بخش خان (سيٺار) سيڪريٽري چڪ ۽ ميان علي بخش شاهه صاحب صدر ڳڙهي عادو شاهه ۽ حمزو خان مبلغ ضلع سکر هئا تاريخ 30 مارچ هوٿين جي ڳوٺ ۾ ويو اتان ٽانورين جي ڳوٺ ۾ ويو. جمع ڏينهن چاچڙن جو ڳوٺ، سيري، الهڏني جي وانڍ ۽ شاهه حسين ۽ ڳڙهي عادو شاهه ۽ هنباهه ۾ گهميو.“(6)

[b]هنباهه، تعلقه سکر ۾ ميلو:
[/b] 8 جون 1923ع ”الوحيد“ ۾ هيٺين خبر شايع ٿي “تاريخ 29-30 مئي هتي ميلي جي موقع تي وفد خلافت به تبليغ لاءِ وڃي پهتو. الله اڪبر جي نعرن خلق خدا کي حيران ڪري ڇڏي ڇو ته هتي اڳي اهڙا نعرا ڪڏهن به ٻڌڻ ۾ نه آيا هئا. ماڻهن رڳو ڪافين ۽ سرودن جا آواز ٻڌا هئا، ڪلام الله جي وعظ ايترو اثر ڪيو جو ملاکڙو ته بلڪل بند ٿي ويو اڪثر ماڻهو وعظ جي ٻڌڻ ۾ مشغول هئا جو صبح شام وعظ جي مجلس برپا هئي. ڪيترا صوفي فقير به مجلس ۾ هر وقت موجود هئا جن ساري عمر نچڻ ۽ ڳائڻ گذاري هئي. اڪثر فقيرن جا اهڙا ته بد عقيدا آهن جو چون پيا ته علي الله آهي نماز جي حالت اها آهي جو فقير ته ڇڏ پر سندن پير طريقت به ڪڏهن عيد نماز جو سجدو به نه ڏنو هوندو ڇو ته انهن ويچارن جيلاني پيرن کي خانقاهه آهي پر مسجد اٿن ئي ڪانه اگرچه وعظ جو ماڻهن تي چڱو اثر پيو پر جتي گمراهي جي اها حالت آهي اتي تبليغ جو ڪم اعليٰ پئماني تي ٿيڻ گهرجي تنهنڪري جميعت العلماءَ ضلع سکر کي منهنجو عرض آهي ته جلد اتي جو ڪو تدارڪ ٿيڻ گهرجي.
حمزو مبلغ ضلع خلافت ڪميٽي سکر“ (7)

[b]اسٽيشن ماسٽر سانگي ۽ حمزه خان محاسب خلافت:
[/b] 25 مارچ 1924ع ”الوحيد“ ۾ خبر شايع ٿي. ”19 مارچ (خلافتي وفد) ٽرين ۾ سکر کان منڊي دائري جي ٽڪيٽ وٺي سانگي اسٽيشن تي وڃي لٿو جٿي هن 2 آنا ڏنڊ ۽ 2 آنا ٽڪيٽ خوشي سان ڀري ڏنو پر اسٽيشن ماستر خواهه مخواهه هن سان ناشائسته الفاظ ڳالهائڻ لڳو ۽ خلافتين کي چور بدمعاش وغيره چوڻ سان دل جا بخار ڪڍڻ لڳو. خلافتين کيس سمجهايو ته اسان ڪرائو ۽ ڏنڊ ڀري ڏنو آهي اوهان کي اهڙا بد تهذيب لفظ ڪم آڻڻ نه گهرجن. بس رڳو ايترو چوڻ تي اسٽيشن ماسٽر کي باهه وٺي وئي هڪدم پنهنجي اسسٽنٽ ۽ ٽن رپورٽرن جي مدد سان کيس بڪنگ آفيس ۾ گهلي وٺي ويا کائنس ڪيش وغيره ڦري ورتائون ۽ چيائونس ته تون قيد آهين ۽ ٽڪ ٽڪ ڪري کيس چوڻ لڳا ته اسين پوليس ٿا گهرايون جو تون بڪنگ آفيس ۾ گهڙي آيو آهين. قيد جو شائق خلافتي اسٽيشن ماسٽر جا اهي لفظ ٻڌي اتي ويهي رهيو. ڪلاڪ کن کان پوءِ اسٽيشن ماسٽر کي چيائين ته مان قيدي آهيان ته پوءِ منهنجي ماني کائڻ جو وقت ٿي ويو. مونکي ماني ڏيو. اهوٻڌي هن ويچاري جا حواس باخته ٿيڻ لڳا ۽ پورٽرن جي معرفت پيغام اچڻ لڳا ته لکيل معافي وٺ ته توکي ڇڏيو وڃي. ڀلا رڳو زباني ئي معافي وٺ پر هي يار به اٿڻ جي ڪل نه ڪري، بدستور ماني سو گهرندو اچي. اسٽيشن ماستر اچي ڦاٿو سامان به موٽائي ڏنائين ته به هي يار نه اٿيو چوي ته دير نه ڪريو مونکي ماني ڏيو، نيرن جي بجاءِ منجهند به ٿي وئي. آخر اسٽيشن ماسٽر پنهنجي بيزاري ڏيکاري جيئن تيئن خلافتي کان جند ڇڏائي ٽن ڪلاڪن بعد حمزه خان کلندو اسٽيشن ماسٽر جي قيد مان آزاد ٿي دُبرِ ۾ اچي خلافتين سان شامل ٿيو“.
سيڪريٽري خلافت ڪميٽي.”(8)

[b]سکر ضلعي جا صوبي تي عيوضي؛
[/b] ”الوحيد“ 25 ڊسمبر 1925ع جي خبر مطابق سنڌ صوبائي خلافت ڪاميٽي ۾ سکر ضلعي مان هيٺيان عيوضي چونڊياويا: (1) مولوي فضل الله (2) حضرت ابوالحسن شاهه تاج محمود امروٽ شريف (3) ميان محمد حمزه خان (چڪ) (4) ميان محمد ادريس مبلغ(9)“

[b]شڪارپور خلافت ڪاميٽي جو سالانه جلسه:
[/b] ”هميشه جي دستور موجب شڪارپور خلافت ڪاميٽي جو ساليانه جلسه 4 آگسٽ جمع ڏينهن زير صدارت حضرت پير سيد حاجي علي اڪبر شاهه صاحب ٿي گذريو،گھڻائي علماءَ ڪرام ۽ مشائخ عزام جلسه ۾ رونق افروز هئا، مولانا مولوي حافظ محمد هاشم صاحب اسحاق وڏيرو، مولانا مولوي دين محمد وفائي صاحب وفائي جون تنظيم ۽ تبليغ تي نهايت پر اثر ۽ زوردار تقريرون ٿيون. مولانا مولوي حاجي محمد عبدالڪريم چشتي حالات حجاز کان ماڻهن کي آگاهه ڪيو ۽ چار ٺهراءُ پيش ڪيا جن جي تائيد ميان محمد حمزه خان ۽ مولانا مولوي حاجي رحيم بخش صاحب ۽ حاجي محمد يعقوب خان صاحب ڪئي. ٺهراءُ بالاتفاق پاس ٿيا. (10)

[b]ڪارڪنان ضلع خلافت ڪميٽي سکر جو دورو ڳڙهي ياسين ۾:
[/b] تاريخ 12 آڪٽوبر رات جو ڳڙهي ياسين ۾ هڪ اسلامي جلسو ڪيو ويو جنهن ۾ چڱو انداز مسلمانن جو آيل هو. تقرير ڪندڙ هر هڪ نمبر وار (1) ابو شوڪت حمزه (2) مولانا چشتي (3) پروانه اسلام سيد محبوب علي شاهه صاحب هئا. شاهه صاحب جي تقرير حاضرين جلسه تي گهرو اثر ڏيکاريو. گهڻا ماڻهو ايندڙ خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سکر وڃڻ لاءِ تيار ۽ وقت جو انتظار ڪري رهيا آهن. ننڍو وڏو شاهه صاحب جي همت ۽ استقلال تي آفرين چئي رهيو آهي. خدا تعاليٰ شاهه صاحب کي نيڪ ڪمن ۾ همت ۽ استقلال عطا ڪري ۽ نيڪ ارادن ۾ هميشه ثابت قدم ۽ ڪامياب فرمائي آمين. اين دعا ازباد از جمله جهان آمين باد.
(خادم اسلام از ڳڙهي ياسين) (11)

سيد محبوب علي شاهه لکي ٿو ته:
خلافت ڪاميٽي ۽ ضلع سکر جي جنرل بورڊ جي آخري ميٽنگ (جنهن کان پوءِ وري ميٽنگ نه ٿي) جو احوال روزانه “الوحيد” تاريخ 13 نومبر 1930ع ۾ شايع ٿيل هيٺ ڏجي ٿو:
ميٽنگ جي ڪارروائي تاريخ 10 نومبر 1930ع صبح جو 10 وڳي زير صدارت حاجي باغ علي شاهه جي شروع ٿي. 13 آڪٽوبر 1930ع تائين جو حساب ڪتاب پيش ٿيو سو پاس ٿيو. گذريل ميٽنگ جي ڪاروائي پڙهي ٻڌائي وئي. اها به پاس ٿي پوءِ نئين سال لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
صدر مولوي عبدالعزيز ٿريچاڻي، نائب صدر مولوي هاشم، سيڪريٽري محبوب علي شاهه، جوائنٽ سيڪريٽري ابو شوڪت حمزو خان، خزانچي سيد حاجي سردار علي شاهه (12)

[b]صوبه سنڌ خلافت ڪميٽي جي سالياني ميٽنگ:
[/b] صوبه سنڌ خلافت ڪميٽي جي سالياني ميٽنگ بابا حاجي مير محمد صاحب بلوچ جي صدارت هيٺ 10 فيبروري (1931ع) تي الوحيد پريس تي رکي وئي هئي سا الوحيد پريس جي بدران ميمڻ ڊبيٽنگ سوسائٽي جي دفتر گاڏي کاتي ۾ پوري 12 بجي شروع ٿي هيٺيان صاحب ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيا.
(جن مان فقط سکر ضلعي جا شرڪت ڪندڙ هيٺ ذڪر ڪجن ٿا.)
مولوي عبدالڪريم چشتي، حڪيم قادر بخش، ميان محمد حمزو، سيد محبوب علي شاهه، مولوي عبدالحميد، مولانا محمد هاشم، ميان محمد ادريس، مولوي دين محمد وفائي (13)

[b]ضلع خلافت ڪميٽي سکر جي سالياني ميٽنگ:
[/b] وقت 12 بجي تاريخ 3 جنوري 1936ع حڪيم عبدالحق تاجر ڪتب جو دڪان شهر سکر
حاضر ميمبر: 1. نعمت الله عليگ 2. ابو شوڪت حمزه 3. حڪيم عبدالحق 4. مولوي وفائي 5. عبدالرزاق 6. مستري رسول بخش 7. وڏيرو عزيز الله 8. مستري عيدن 9. ڊاڪٽر محمد عمر 10. سيٺ عبدالڪريم 11. ميان عبدالڪريم 12. مولوي عبدالڪريم 13. حافظ عبداڪريم.
ڪارروائي مولانا وفائي جي زير صدارت شروع ٿي. جنهن ۾ ڪيتريون ئي رٿون تائيد سان منظور ڪيون ويون مختلف ڪامٽين ۽ عهديدارن جي چونڊ ۽ مقرري بابت هيٺين ريت ذڪر ٿيل آهي:
1. صدرمولوي عبدالعزيز صاحب 2. نائب صدر ميان نظام الدين شاهه 3. سيڪريٽري ابو شوڪت حمزه 4. نائب سيڪريٽري حڪيم امير شاهه 5. خزانچي حڪيم عبدالحق.
2. مئنيجنگ ڪاميٽي جا ميمبر پنج مٿيان عهديدار 6. سيد حاجي محبوب علي شاهه 7. مولوي وفائي 8. ڊاڪٽر محمد عمر 9. ميان نعمت الله 10. عبدالرزاق پيرزادو 11. مولانا حماد الله صاحب12. وڏيرو الهڏنو (سيٺار) 13. وڏيرو هدايت الله.
صوبه خلافت ڪميٽي لاءِ چونڊيل ميمبر 1. ابو شوڪت حمزه 2. مولوي وفائي 3. سيد محبوب علي شاهه 4. ميان نعمت الله 5. وڏيرو هدايت الله 6. حڪيم امير شاهه 7. حڪيم عبدالحق 8. مولوي محمد علي شاهه (رياست خيرپور مان) 9. ڊاڪٽر محمد عمر.
هن اجلاس ۾ هڪ تحريڪ پيش ڪندڙ ابو شوڪت حمزه ۽ تائيد ڪندڙ سيٺ عبدالڪريم جو نالو ڏنل آهي (14).
9،10،11-1939ع تي سکر ۾ سنڌ پروانشل احرار ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ مولانا عطاءُ الله شاهه بخاري، مولانا مظهر الدين ۽ ٻين عالمن شرڪت ڪئي.
هن ڪانفرنس ۾ پڻ ڪامريڊ ڀرپور نموني حصو ورتو. ياد رهي ته ان وقت مجلس احرار سکر جو جنرل سيڪريٽري مرزا نصير بيگ هيو. (مدينه بجنور-جون 1939ع).
ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو جيترو وقت جيئرو هو آزاديءِ ۽ آجپي جي جدوجهد ۾ مصروف رهيو. ڏاڍ، جبر ۽ ظلم خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي هارين جي حقن لاءِ ۽ ديس جي آزادي لاپاڻ پتوڙيائين سندس زندگيءَ جي ڪٿا وڏن سياسي ڪارنامن سان ڀريل آهي.

[b]بمبئي کان سنڌ کي الڳ ڪرائڻ لاءِ سنڌ آزاد جماعت جي چڪ ۾ شاخ جو قيام:
[/b] 13 فيبروري 31ع مولانا محمد عثمان صاحب جي زير صدارت جامع مسجد ۾ جلسو ٿيو چڪ جي ماڻهن وڏي انداز ۾ شرڪت ڪئي وڏيري الهڏني خان جوش ڀري تقري ڪئي ۽ سنڌ ۾ سنڌ آزاد جماعت جي باري ۾ فائدا سمجهايا ۽ آخر ۾ سنڌ آزاد جماعت برپا ڪئي وئي. جنهن جا هيٺيان عهديدار مقرر ڪيا ويا.
صدر: خان صاحب مير محمد خان پٺاڻ، نائب صدر: پير بخش خان سيٺار، سيڪريٽري: ابو شوڪت حمزو خلافتي، خزانچي: وڏيرو الهڏنو خان بروقت هڪ آنو ڏئي 79 ميمبر ٿيا
حمزه سيڪريٽري سنڌ آزاد جماعت چڪ (15)

[b]ڳوٺ ڀرڪڻ ۽ سنڌ آزاد جماعت جو قيام:
[/b] (ڀرڪڻ) تاريخ 27 فيبروري 1931ع انجمن شيدايان اسلام چڪ جا والنٽيئر ۽ ابو شوڪت حمزه جهنڊا کڻي الله اڪبر جا نعرا هڻندا ڀرڪڻ تعلقي سکر ۾ ويا جمع نماز بعد وڏيره جان محمد خان مهر جي زير صدارت جلسو ٿي گذريو، شهر ۽ پسگردائي جا ماڻهو موجود هئا.
سنڌ آزاد جماعت قائم ڪرڻ لاءِ وڏيرو جان محمد خان، وڏيو الهڏنه خان (سيٺار) ۽ ابو شوڪت حمزي تقريرون ڪيون، اتفاق راءِ سان سنڌ آزاد جماعت قائم ٿي جنهن جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا: صدر: وڏيرو جان محمد خان، سيڪريٽري: عطا محمد خان پٺاڻ، خزانچي: ملان در محمد (خاطو) (16)

[b]اپرسنڌ مسلم اليڪشن بورڊ:
[/b] 1934ع واري اليڪشن ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي اليڪشن ۾ کٽرائڻ لاءِ سنڌ جي سڄاڻ رهنمائن ۽ قومي ورڪرن “اپر سنڌ مسلم اليڪشن بورڊ” قائم ڪيو جنهن جي پهرين ميٽنگ جي خبر “الوحيد” ۾ هيٺين ريت شايع ٿي.
13 سيپٽمبر 1934ع خميس ڏينهن مولانا عبدالڪريم چشتي جي اوطاق تي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ 21 ماڻهو حاضر هئا. جن مان مکيه نالا هي اهن. 1. وڏيرو الهڏنو خان 2. مولانا حاجي رحيم بخش 3. مولانا حافظ هاشم صاحب 4. مولانا مولوي سيد صدر الدين شاهه 5. ماستر ابو شوڪت حمزو 6. مولانا حڪيم فضل الله 7. مولانا حڪيم الاهي بخش 8. مولانا حضرت حماد الله هاليجوي 9. آخوند ميان عبدالرحمان 10. سيد غلام قادر شاهه 11. فقير ممتاز علي وغيره. (17)

[b]اپر سنڌ مسلم اليڪشن بورڊ جي مخالفت:
[/b] پير علي محمد راشدي پنهنجي اخبار ”ستاره سنڌ“ جي ايڊيٽوريل ۾ مخالفت ڪندي لکيو
“اپرسنڌ اليڪشن بورڊ جي ڪارروايون مطالع ڪندي واقف ماڻهن کي چڱي طرح پتو پئجي وڃي ٿو ته ان بورڊ جي حقيقت ڇا آهي؟ سنڌ جي مسلمانن کي گهڻي وقت کان معلوم آهي ته مولانا چشتي صاحب، ماستر حمزي چڪائي، مولوي محمد هاشم وغيره جو ڌنڌو سواءِ واعظ ڪرڻ جي ٻيو ڪو ڪو نه آهي، جيڪي صاحب بورد جي ميٽنگن ۾ هيل تائين شريڪ ٿيندا رهيا آهن سي گهڻو ڪري، چشتي، محمد هاشم ۽ حمزي صاحبان جي مخصوص حلقه جا ماڻهو آهن......” (18)

[b](2) ڪانگريس ۽ ابو شوڪت حمزو خان:
[/b] 1930ع ۾ انگريزن کي ٽئڪسون نه ڏيڻ لاءِ هڪ تحريڪ جي ڪانگريس جي پليٽ فارم تان ابتدا ڪئي ويئي جنهن جو نالو “هلچل عدم ادائگي ٽئڪس” هو. هن تحريڪ جو اڳواڻ مسٽر جئه رام داس دولت رام هو. هي صاحب ڪانگرس جو ليڊر هو. هن تحريڪ جو سکر ۾ هيڊ ڪوارٽر چڪ ۽ بيچانجي ڳوٺ هئا ۽ سکر (تڏهو ڪو تعلقو) ۾ هن تحريڪ جي سرواڻن ۽ مددگارن ۾ شهيد الله بخش سومرو، ابو شوڪت حمزو خان ۽ ڪامريڊ برڪت آزاد وغيره هئا ۽ چڪ جو انچارج ڪامريڊ مبارڪ ساغر هو(تنهن وقت ڪانگريس چڪ جو صدر نيوند مل هيو) ۽ بيچانجي جو اڳواڻ علي احمد خان مغل هيو).
هن تحريڪ جي سلسلي ۾ چڪ ۾ جيڪي به جلسا ٿيا تن ۾ ابو شوڪت حمزو خان سڀني کان اڳرو هو. انهن جلسن ۾ شهيد الله بخش سومرو ، سائين جي ايم سيد، بلو ڀائي ڊيسائي به شامل ٿيا هئا.
ان دوران ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان جي عبدالصمد اچڪزئي سان پهرين ملاقات شهيد الله بخش سومري معرفت ٿي هئي. اِهو اُهو وقت هو جڏهن شهيد الله بخش جي وزارت ختم ڪئي وئي هئي.

[b]هاليجي شريف ۾ ڪانگريس ڪميٽي جو انعقاد:
[/b] تاريخ 3 سيپٽمبر 1937ع جمعي جي ڏينهن هاليجي شريف ۾ زير صدارت حضرت مولانا عبدالعزيز صاحب ٿريچاڻوي جي زبردست جلسو ٿي گذريو. عوام ۽ خواص جي گهڻي انداز ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ هيٺين صاحبن جي تشريف آوري جلسي کي دوچند رونق بخشي:
(1) حضرت بزرگ مولانا حماد الله صاحب (2) حضرت مولانا عبدالعزيز صاحب (3) مولانا محمد صادق هاليجوي (4) مولانا محمود حسين ناظم جميعت علماءِ تعلقو پنوعاقل (5) مولانا عبيد الله صاحب ديوبندي (6) مولوي عبدالحق رياستي (7) مولوي احمد الدين مدرس مدرسه دارا السعادت گورو پهوڙ (8) مولوي احمدالدين مجاهد (9) مولانا محمد اسماعيل هاليجوي (10) مولانا محمد اسماعيل ڀٽاروي (11) مولانا عبدالرب صاحب (12) ماستر ابو شوڪت حمزه خلافتي (13) مسٽر چوئترام وليڇا پريزيڊنٽ ڪانگريس ڪاميٽي ضلع سکر، جمع نماز بعد مسٽر وليڇا، حضرت مولانا عبدالعزيز صاحب ۽ ماستر حمزه صاحب جميعت العماءِ صوبه سنڌ جي فرمان موجب ڪانگريس ۾ داخل ٿيڻ ۽ ميمبر بڻجڻ لاءِ زوردار اپيلون ڪيون. پڇاڙي ۾ مولوي محمود حسين صاحب ناظم جميعت، هاليجي شريف ۾ ڪانگريس ڪميٽي برپا ڪرڻ لاءِ زبردست ۽ مختصر لفظن ۾ استدعا ڪئي. بروقت پنجاهه ميمبر ٿيا ۽ باقي حاضرين به تمام اشتياق سان ڪانگريس ڪاميٽي ۾ داخل ٿيڻ جو انجام ڪيو. ڪانگريس ڪميٽي هاليجي جا عهديدار هيٺيان صاحب بالاتفاق چونڊيا ويا.
(1) صدر حضرت مولانا هاليجوي (2) ناظم ۽ خزانچي مولوي محمود حسين هاليجوي پڇاڙي ۾ صدر صاحب جي طرفان فلسطين جي عربن سڳورن سان همدردي جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ۽ بالاتفاق منظور ٿيو. جلسه ختم ٿيڻ وقت مولوي محمود حسين صاحب هاليجوي آيل مهمانن خاص ڪري مسٽر وليڇا ۽ ماستر حمزه خان خلافتي جو شڪريو ادا ڪيو. عصر جي وقت دعا سان جلسو ختم ٿيو. (خاطو) (19)
هڪ روايت موجب گهوٽڪيءَ ۾ هڪ جسلو مسلم ليگ طرفان ٿيو هو. سکر کان محبوب علي شاهه، آغا نظر علي (ايڊيٽر سنڌ زميندار) نعمت الله قريشي (پراڻو سکر) ان ۾ شامل ٿيا ۽ محبوب علي شاهه ڪامريڊ حمزي خان کي سکر کان گهوٽڪيءَ ڪار تي وٺي ويو. جلسي ۾ هنن اعلان ڪيو ته هاڻي توهان اڳيان اهو ماڻهو ڳالهائڻ لاءِ ايندو جيڪو هن وقت ڪافرن جي جماعت (ڪانگريس) جو آهي. تنهنڪري پهريائين ان کان واعدو وٺو ته هو مسلمانن جي جماعت (مسلم ليگ) ۾ شامل ٿئي.
ڪامريڊ حمزو خان جڏهن تقرير ڪرڻ لاءِ آيو ته چيائين ته “برابر مان مسلم ليگ ۾ نه آهيان بلڪ مان ڪافرن جي جماعت ۾ ڇو آهيان؟ اها وضاحت ٻڌو” پوءِ ڪامريڊ حمزي خان پنهنجي ڪتاب انقلابي ڏنڊي مان ڪجهه شعر پڙهي ٻڌايا.
جلسي ۾ شريڪ ڪجهه ماڻهن وڏيرن خلاف اهڙا شعر ٻڌا ته هٿ کڻي وڏي آواز ۾ دانهيندي چوڻ لڳا ”اسان جي ڌيءَ محبوب شاهه جي پٽ ويهاري آهي. محبوب شاهه اسان جي زال ويهاري آهي ۽ ان جي نوڪر اسان جي زائفان ويهاري آهي وغيره وغيره.“
جڏهن حمزو خان تقرير پوري ڪري ويٺو ته سندس هڪ به ساٿي اسٽيج تي موجود ڪونه هو. حمزي خان کان جلسي ۾ ماڻهن (تقرير بعد) سوال پڇيو ته ”توهان ڪهڙي جماعت ۾ شامل آهيو؟“ ته ڪامريڊ چيو ته ”غريبن ۽ هارين جو ڪم جنهن جماعت ۾ ٿيندو، مان ان جماعت ۾ آهيان”.
مٿين واقعي مان ۽ ڪامريڊ جي جواب مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪامريڊ ڪانگريس جو ڪڏهن ميمبر نه رهيو پر ڪانگريس جي مولوين واري ڪاميٽي جو ميمبر ۽ همدرد و مددگار رهيو.

[b](1) مسلم ليگ ۽ ابو شوڪت حمزو خان:
[/b]خلافت تحريڪ جي ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ يا غير سرگرم ٿيڻ بعد ٻين ڪيترن ئي خلافتن جيان ابو شوڪت حمزو به ڪجهه وقت ڪانگريس ۽ بعد ۾ مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ان لاءِ سرگرم رهيو جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

[b]سنڌ مسلم ليگ جي سلطان ڪوٽ ۾ ڪانفرنس:
[/b] هفتيوار ”پيغام صلح“ ڳڙهي ياسين پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو ”رات خير جي گذري صبح جو اسان به مستري غلام نبي خان کان بصد حسرت وار مان رخصت ياب ٿياسون. فخر قوم شيخ صاحب ۽ مسلم ليگ جي نومسلم چاچي ابو شوڪت کي مسلمانن جي قسمت بد تي شڪايت شڪوه ڪندي اتيئي ڇڏيوسين......“ (20)
پير علي محمد راشدي جڏهن مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي تڏهن ”پيغام صلح“ ان بابت هيٺين ريت لکيو: ”ميان علي محمد راشدي کي ڪير نه سڃاڻيندو هوندو؟ هي سنڌ جو مشهور اهل قلم راشدي خاندان جو چشم و چراغ موجوده سياست جو خاص ماهر آهي. بفضل الاهي گذشته هفته ۾ چاچي ابو شوڪت وانگر ڪانگريس کان منهن موڙي تحريڪ حق مسلم ليگ ۾ داخل ٿيو آهي. هن صاحب کي جيڪڏهن سنڌ مسلم ليگ جو ٻيو مشهور نومسلم سڏيو وڃي ته اهو غلط نه آهي. هن نمايان فتح تي سنڌ مسلم ليگ جا مبلغ ۽ داعي جيترو به ناز ڪن اهو بجا آهي. اسين اميد ٿا ڪريون ته راشدي صاحب پنهنجي خدادا لياقت سان سنڌ مسلم ليگ کي به جلد نمايان فائدو پهچائيندو“ (21)

[b]سنڌ مسلم ليگ جي سالياني تنظيم ۽ ٺهراءُ:
[/b] ”تاريخ 28 جنوري 1939ع سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي جنرل باڊيءَ جي گڏجاڻي حاج عبدالله هارون جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ مسلم ليگ رليف فنڊ لاءِ هيٺيان عهديدار مقرر ڪيا ويا:
صدر: محمد ايوب کهڙو، جنرل سيڪريٽري: سيد محبوب علي شاهه، خزانچي:حافظ محمد صديق ۽ ٻيا ميمبر هئا: آغا نظر علي خان، جي ايم سيد، سيد خير شاهه، محمد يامين، نعمت الله قريشي، ابو شوڪت حمزو، شيخ واجد علي، سيد رسول بخش شاهه، قاضي فضل الله، آغا غلام نبي، حاجي گل خان، تاج الدين ۽ غلام نبي بروهي. (22)

[b]سن ۾ مسلم ليگ جو جلسو:
[/b]”پيغام صلح“ ۾، سن ۾ سائين جي ايم سيد طرفان ڪوٺايل جلسي جي روداد شايع ٿي جنهن ۾ ڪامريڊ ابو شوڪت جو ذڪر هيٺين ريت ملي ٿو:
”................ ضلعي ضلعي لاءِ جدا جدا ڪم ڪندڙ چونڊيا ويا. سکر ضلعي لاءِ پُکو پيو ابو شوڪت حمزه تي. اهي ماڻهو 15 اپريل کان ڪجهه وقت سن ۾ وڃي هدايتون وٺندا. پوءِ ڪم شروع ڪندا.......“ (23)

[b]سکر سٽي ۽ ضلعي مسلم ليگ جي عهديدارن جي چونڊ:
[/b]15 مئي (1941ع) آچر ڏينهن سکر ۾ سٽي مسلم ليگ ۽ ضلع جي عهديدارن چونڊڻ جو آکاڙو هيو. بسم الله ئي غلط، جيڪي نوٽيس ڪڍيا ويا تن ۾ پهريون پيغام ڏنو ويو ته 17 مئي آچر ڏينهن سکر اچجو، پوءِ وري جڏهن اها عالم بد حواسي يارن جي دوري ۽ کين خبر پئي ته آچر 18 مئي ٿيندو تڏهن وري هن بار به دعوت نامي کي دهرايو ويو. صبح جو اول سٽي مسلم ليگ جي ميٽنگ هئي. مسلم ليگ کي سال ٿيا آهن مگر سکر ۾ اڃان ان کي پنهنجي ڪا آفيس يا اجهو به ڪونهي . خير ڪارروائي هلي. شهر جو شهر ۾ هڪ اهم سڏ هيو. مگر ايتري تڪليف به ڪيترين بزرگن گوارا نه ڪئي. مس مس الله الله ڪري ڪورم پورو ڪيو ويو جن ۾ ڪيترا ته اهڙا به نظر ٿي آيا جو ڄڻڪي رستي مان وٺي آڻي ويهاريا اٿن، مسلم ليگ جي دنيا جو ڪوبه ويچارن کي پتو ڪونه هو. سارو وقت ڇت جي پکي ۾ ديد هين. خدا خدا ڪري اهو مرحلو طئه ٿيو ته وري وارو آيو ضلع مسلم ليگ جي عهديدارن چونڊجڻ جو. ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهَه، اهائي بي اصولي اهائي بدنظمي، نه قاعده نه قانون . رٿن مٿان رٿون ڄڻڪي راڄوڻو ڪارخانه لڳو پيو هو. هيڪاري ڏک تڏهن ٿيو جڏهن هڪ تمام جهوني مسلم ليگيءَ ۽ جوابدار عهديدار جي واتان هي لفظ ٻڌا پئي ويا ته ٺهيو ٺهيو، مسلم ليگ ڪا ڪانگريس وغيره وانگر بااصول ته نه آهي جو اصول پرستي لاءِ چِچَ ٿا ماريون. ٻي ڏک جهڙي ڳالهه اها هئي جو ڪن ليگين ۾ اڃان به پراڻي عادت بتن پُوڄڻ جِي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. ڪي وڏا ماڻهو مسلم ليگ جي عهديدارن ۾ رڳو هن لاءِ گهليا ٿي ويا. ڇاڪاڻ جو اهي قوم جا پراڻا “بت” آهن.حالانڪه اهي اڃان ٻه آنن جا مسلم ليگ جا ميمبر به نه ٿيا آهن. جن ڳالهين ڪيترن مسلم ليگين کي نهايت مايوس ڪري ڇڏيو ٿي. عهدين جون چونڊون ٿيون. صدر وري به حضرت شاهه صاحب خانصاحب پير رسول بخش شاهه ايم –ايل –اي گهوٽڪي کي ،جنرل سيڪريٽري مسٽر غلام نبي افغان، خزانچي آغا بدرالدين احمد دراني کي ڪيو ويو، نائب صدر مسٽر واجد علي صاحب سکر ستياه گره جو ڊڪٽيٽر-پروپيگنڊه سيڪريٽري پراڻي خلافتي ابو شوڪت وغيره چونڊيا ويا. جنرل باڊي به بڻائي وئي ۽ صوبي لاءِ عهديدار به چونڊيا ويا. ڪوٽ سلطان ۾ٿيندڙ ڪانفرنس ڪيئن ڪامياب ڪجي ان لاءِ به مشوره ٿيا. ابو شوڪت حمزه نهايت ڪار آمد گذشته تجربه بيان ڪيا. (24)
1943ع ۾ ڪامريد ابو شوڪت کي ضلعي سکر مسلم ليگ جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. (25)
هڪ روايت موجب ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو ٻٽيهون اجلاس ٿيو. جنهن جي صدارت محمد علي جناح ڪئي هئي. اتي يوپي (اترپرديش) جو وزير اعظم تقرير ڪري رهيو هو. هن چيو ته “هندستان ۾ اسان هونداسين يا هو .......... هوندا (انگريز) جڏهن وزير موصوف تقرير مان لفظ انگريزي کائي ويو ته ڪامريڊ حمزي خان کيس هڪل ڪندي ڪاوڙ مان چيس “اڙي لغور! سڌو سنئون ڇو نه ٿو چوين، لفظ کائي ٿو وڃين؟ چئه ته اسان هونداسين يا انگريز هوندا؟.
ان اجلاس ۾ حمزي خان سان گڏ سندس پٽ شوڪت علي به هو، جنهن کي ڪامريڊ نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ان وقت ڪراچي ءَ وٺي ويو هو.

[b](4) هاري جماعت ۽ ابوشوڪت حمزو خان:
[/b] سنڌ جو ناميارو صحافي حاجي محمود هالائي پنهنجي اخبار “همدرد” جي پاليسي جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته همدرد پنهنجي مستقبل ۾ غريب ۽ مزدورن جي ترجماني لاءِ ميدان عمل ۾حاضر آهي جا وقت به وقت هارين جي نازڪ ۽ اهم مسئلن تي کليءَ دل سان نقطي چيني ڪندي ۽ مطالبا ڪندي ته خصوصا سنڌ جي هاريءَ سان انصاف ڪيو وڃي ساڻس جيڪي موجوده تڪليفون آهن (اهي هر صورت دور ٿيڻ گهرجن. ڪامريڊ محمد امين خان کوسو سنڌ اسيمبليءَ ۾ هارين جو اڪيلو خدمتگار آهي ۽ ڪامريڊ عبدالقادر، ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي، ڪامريڊ برڪت علي ، ڪامريڊنور محمد پليجو، حاجي فقير محمد ابڙو، ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو ۽ ٻيا هندو ۽ مسلم نوجوان سنڌ ۾ انهيءَ مسئلي ۾ بلڪل سٺي دلچسپي وٺي رهيا آهن” (26).

[b]صوبه سنڌ لاءِ هاري ڪاميٽي جو قيام:
[/b]”پنو عاقل ۾ جميعت العلماءِ صوبو سنڌ ڪانفرنس جي موقعي تي مٿين ڪاميٽي جو بنياد وڌو ويو ۽مولانا عبدالعزيز صاحب ٿريچاڻي تعلقي بني عاقل (خليفه صاحب امروٽي جماعت) کي عارضي طور صدر چونڊيو ويو ۽ مسٽر علاوالدين محمد صاحب بي-اي سکر کي جنرل سيڪريٽري ۽ ابو شوڪت حمزه صاحب چڪ واري کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. ڪاميٽي جو هيڊ ڪوارٽر عارضي طور سکر چونڊيو ويو. مولانا عبيدالله صاحب سنڌي ۽ مولانا احمد علي صاحب لاهوري ڪاميٽي جي اصولن سان شامل راءِ ٿيا ۽ هر قسم جي امداد ڏيڻ جو واعدو فرمايو“. (27)
جڏهن سنڌ بمبئيءَ کان 1936ع ۾ آزادي ورتي ته سنڌ اسيمبلي جي 1937ع ۾ اليڪشن ٿي. ان ۾ حمزو خان هاري جماعت چڪ طرفان آزاد اميدوار طور بيٺو. سندس انتخابي نشان “تلوار” هو اصلاح اخبار ۾ هيٺين ريت خبر شايع ٿي.
سنڌ اسيمبلي لاءِ ضلعي سکر جي مسلم اميدوارن هن طرح نامينيشن پيپر داخل ڪيا.
(1) خانبهادر الله بخش خان (2) خانبهادر جان محمد خان (3) پير سيد محمد شاهه (4) خانصاحب امير بخش مهر (5)وڏيرو شمس الدين (6) مسٽر عيساڻي (7) ابو شوڪت حمزو (8) پيرزاده عبدالستار (9) مسٽر رحيم بخش وڪيل (10) مير صوبدارخان (11) خان صاحب پير رسول بخش شاهه (12) وڏيرو الهڏنو سندراڻي (13) محبوب علي شاهه (13) خان بهادر قيصر خان (15) خان صاحب دادن خان (28)
ڪامريڊ صاحب انهن زميندارن جو بغير لشڪر ۽ ناڻي جي مقابلو ڪيو جيتوڻيڪ هن ڏيڍ هزارن کَنُ ووٽ کنيا ۽ اليڪشن ۾ هاريو پر پوءِ به ڪامريڊ جي ان جرائتمندانه قدم غريب طبقي جو حوصلو وڌايو. سندس مهرن جي سردار علي گوهر خان مهر شڪارپور جي سومرن جي حمايتي اميدوار امير بخش مهر (تماچاڻي) جي مقابلي ۾ مڪمل مدد ڪئي هئي. اليڪشن ۾ علي گوهر مهر کانسواءِ جن ماڻهن سندس ساٿ ڏنو انهن ۾ مولانا نظام الدين شاهه (امروٽ شريف)، مولانا حماد الله (هاليجي) مولانا خليفه محمد صالح (بائجي)، مولانا عبدالڪريم ڪهاڙو، مولوي عبدالعزيز (ٿريچاڻي) وغيره شامل هئا.
محبوب علي شاهه صاحب پنهنجين يادگيرين ۾ هن طرح رقمطراز آهي: “هڪ دفعو ڳڙهي ياسين ۽ سکر تعلقي جي صوبائي چونڊن ۾ ڳڙهي ياسين جي شمس الدين خان بار ڪزئي پٺاڻ ۽ وڏيري امير بخش مهر جي مقابلي ۾ بيٺو، وٽس موٽرون يا ٻي ڪا سواري ڪين هئي ۽ نه اخبارن توڙي اشتهارن جي پروپيگنڊا هئس. پولنگ اسٽيشن تي سندس ورڪر يا ايجنٽ به ڪونه هئا. مقابلي ٻنهي سرمايو دارن جو هيانو کائي وڌو هو. کيس ووٽ فقط ڏيڊ هزار مليا باقي زميندارن ۽ وڏن ماڻهن سان مقابلي لاءِ قومي ورڪرن جي همٿ وڌي” (28)
ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو صاحب هاري جماعت چڪ طرفان واحد ۽ پهريون اميدوار هو. سندس حمايت ۾ تر جي اڪثر مسلم ليگ مخالف مولوين ۽ جميعت علماءِ سنڌجي عالمن جي عالمن ۽ مشائخن هڪ پمفليٽ شايع ڪرايو. ان پمفليٽ جو پورو متن هيٺ ڏجي ٿو:
پير بزرگن ۽ عالم سڳورن جو اعلان
تعلقه سکر ۽ ڳڙهي ياسين جي ووٽر صاحب ڏانهن
ووٽ ڏيو ابو شوڪت حمزه کي
بسم الله الرحمٰن الرحيم
نحمده و نصلي عليٰ رسوله الڪريم
اسان هيٺ صحيح ڪندڙ سکر تعلقه ۽ ڳڙهي ياسين تعلقه جي سڀني ووٽرن کي نيڪ صلاح ٿا ڏيون ته ووٽ هڪ قومي امانت آهي جو اهڙي ماڻهوءَ کي ڏيڻ گهرجي جيڪو مسلمانن جوسچو همدرد هجي ۽ هارين ۽ غريبن جو ڏک ڀائي ۽ درد رکندڙ هجي. لقبن ۽ ٻين عزتن جي لالچ کان پري هجي. پنهنجي قرباني ڪري مسلمانن جو فائدو ڪندڙ هجي. الحمد الله جو اهي سڀ خوبيون توهان جي هاري غريب ڀاءُ ابو شوڪت حمزه ۾آهن. جنهن کي توهان چڱي طرح سڃاڻو. جنهن 40 روپين واري نوڪري ڇڏي 13 سال غريبن جي خدمت ڪئي آهي. هو ڪنهن ظالم ڪامورن کي سچ چوڻ کان ڊڄڻ وارو ڪونه آهي. هو بي خوف، بي ڊپو، هميشه غريبن جي بچاءُ لاءِ پوليس جي بي واجبي ظلمن ۽ ٻين ڪامورن جي اهنجن بابت لڙندو رهندو آهي ۽ ان بابت اخبارن ۾ لکندو آهي. ڌاڙن ۾ جڏهن ربن ڳوٺ تعلقه سکر ۾ بيگناهه بيبيون پوليس گرفتار ڪري ٽي ڏينهن بيچانجي (تعلقه سکر ) ۾بند رکيو.تڏهن ڪو خان صاحب زميندار صاحب ڏسڻ ۾ به ڪونه ٿي آيو. هاڻي ته سانوڻيءَ ڏيڏر وانگر موٽرن کي ڊان ڊان ڪرائي ماڪڙ وانگر ڪري پيا آهن. ووٽ وٺڻ کان پوءِ وري گم. رڳو سکر تعلقه مان هڪ حمزو ئي هو جنهن انهن بيگناهه بيبين کي ناحق بند مان آزاد ڪرايو. مطلب ته هو غريبن جي هر هڪ ڪم ۽ اسلامي ڪم ۾ سر تريءَ تي ۽ ڏنڊو ڪلهي تي رکي مجنون وانگر پيرين پنڌ گهمندو ڦرندو وتي، غريب هاريءَ کي اميدوار بيهاريو ويو آهي. ساري سنڌ مان اهو فخر اوهان کي حاصل ٿيو آهي جو اوهان جي تڪ مان هڪ غريب هاريءَ کي بيهاريو ويو.
اميد ته توهان پنهنجي هاري ڀاءُ کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندا. جو غريبن آبادگارن پاران اسيمبليءَ ۾ وڃي ڳالهائيندو ۽ اوهان کي هر طرح جي ظلمن کان بچاڻ بابت پڪاريندو. حضرت مولانا نظام الدين شاهه سجاده نشين امروٽ شريف، حضرت مولانا حمادالله صاحب هاليجوي، حضرت مولانا خليفه محمد صالح صاحب بائجي، ميان عبدالعزيز ٿريچاڻوي، حضرت مولانا عبدالهادي صاحب دينپوري شريف بهاولپور، سيد نادر شاهه گادي ڌڻي هنباهه شريف، مولانا عبدالڪريم چشتي، مولانا محمد هاشم صاحب، مولانا عبدالڪريم صاحب ڪهاڙو، سيد محبوب علي شاهه سکر ۽ سيد پير محمد شاهه رضوي ڳڙهي چاڪر.
(حافظ پرنٽنگ پريس سکر ۾ ڇپيو)

[b]هاري حقدار
[/b]”پيغام صلح“ هارين جي مسئلن بابت ايڊيٽوريل ۾ لکيو
”مگرڪنهن معقول جواب ملڻ بجاءِ ڪن يارن ته فلسفو شروع ڪري ٿي ڏنو يا ڪن دوستن ڪنن ڪڍڻ جي آزادي سان دفع الوقتي ڪري ڪو جڏو فڏو جواب ڏئي جند آزاد ڪرائڻ ٿي گهري مگر اسانکي جواب دل سان رڳو پنهنجي دوست ابو شوڪت حمزه جو آئيڙيو ته
”هڪ ڏينهن حضرت علي ڪرم الله وجه کان ڪن ماڻهن سوال ڪيو ته سائين اڄ ڪلهه ڇو اچي مسلمانن ۾ تلوار پئي آهي اڳين جي وقت ۾ ائين نه ٿيو، سو ڇو؟ تن کي پاڻ فرمايائون ته انهن جا وزير اسان هياسون مگر اسن جا اوهان آهيو سبب رڳو اهو آهي......“ (29)

[b]مرزا پور شڪارپور ۾ هڪ وڏو جلسو
[/b] تاريخ 11 سيپٽمبر 1940ع جي شام جو مرزا پور ۾ شڪارپور ۽ سکر تعلقي جي مسلمانن جو هڪ وڏو ميڙ ٿيو. جنهن ۾ اٽڪل ٽي چار سو ماڻهو آيل هئا. ميٽنگ وڏيري الهڏني سيٺار جي صدارت ۾ شروع ٿي.
وڏيري صاحب مسلمانن جي پست حالي ۽ نفاق تي هڪ پرجوش تقرير ڪئي جنهن جو ويٺلن مسلمانن تي چڱو اثر پيو. ابو شوڪت حمزه هڪ رٿ پيش ڪئي ته هيٺين ڳالهين جي دور ڪرڻ لاءِ هڪ جماعت ٺاهي وڃي جا غريب ۽ هارين سان جو سرمائيدار، زميندار ۽ عملدار غير واجبي هلت هلن ٿا. اها جماعت انهن جي تڪليفن کي دور ڪرائڻ جي ڪوشش وئي....... انجمن جو نالو ”انجمن همدرد وطن“ رکيو ويو جنهن جا مقصد مٿيان هجن. ساليانو چندو ٻه آنا هجي.
رٿ يڪراءِ بحال ٿي ۽ بروقت 200 ميمبرن نالا داخل ڪرايا. سال جي لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا: صدر حاجي مرزا عبداڪريم خان، نائب صدر وڏيرو الهڏنو سيٺار ۽ سيد محمد عظيم شاهه سيڪريٽري ميان فيض محمد، پروپيگنڊا سيڪريٽري ابو شوڪت حمزه ۽ ٻه ٻيا خدا بخش، ميان ثناءُ الله آڊيٽر قاضي عزيز الرحمان صاحب، آخر ۾ مرزا عبدالڪريم صاحب سڀني ماڻهن جو شڪريه ادا ڪيو ۽ پنهنجي قيمتي وقت ۽ خدمتن ڏيڻ جو واعدو ڪيو هڪ جاءِ دفتر وغيره لاءِ ڏيڻي ڪئي. (خاطو) (30)
ٻهراڙي جا ڪي وڏيرا ڪيئن مسلمانن کي ستائين ٿا؟
”پيغام صلح“ ڪامريڊ ابو شوڪت جي وڏيرن جي ظلمن بابت شاعري کان متاثر ٿي لکيو:
چاچي ابو شوڪت جيڪو ٻهراڙي جي ڪن وڏيرن جي افعالن جو نقشو چٽيو آهي ان کي پڙهندي ندامت ۽ شرم کان هڪ طرف ته ڪنڌ جهڪي ٿو وڃي ته ٻئي طرف وري غم کان حلق خشڪ ٿي ٿو وڃي......“ (31)

[b]هاري حقدار ڪانفرنس جي صدر ۽ ابو شوڪت جي جهڙپ
[/b]1941ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هاري ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن بابت “پيغام صلح” ۾ شايع ٿيل خبرن مان معلوم ٿيو ته ان ڪانفرنس ۾ ڪانفرنس جي صدر مولانا محمد حسين کهاوڙ ۽ ابو شوڪت حمزي جي وچ ۾ جهڙپ ٿي. (32)
هڪ ٻي روايت موجب 1944ع ۾ ڪراچيءَ ۾ هارين جي حقن بابت هڪ ڪميشن ويٺي جنهن ۾ ابو شوڪت حمزي خان کي گهرايو ويو (ڪامريڊ هاري جماعت جي اڳواڻ طور ان ڪميشن جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو هو) هن اتي ڳالهائيندي چيو ته “زمين جو مالڪ هاري آهي هاري حقدار آهي وغيرو وغيره” جنهن تي ڪميشن جي اڳواڻ کيس چيو ته ڇا تون پنهنجي زمين هارين جي حوالي ڪندين؟! چيائينس ته لکي ڏي، ته ڪامريڊ اتي جو اتي پنهنجي زمين هارين کي لکي ڏني. (اهڙو ليٽر سندس ڏي پٽ استاد شوڪت علي وٽان 1991ع ۾ گم ٿي ويو).

[b]سماجي ۽ مذهبي خدمتون
[/b]
ڪامريڊ حمزو خان نه صرف سياستدان هو پر هڪ سماجي ۽ مذهبي ورڪر به هو. سندس سماجي خدمتن جو اعتراف ڪندي پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن” ۾ رقمطراز آهي ته :
”سندس اصول هو هر ظلم، هر زبردستيءَ ۽ هر قسم جي غلاميءَ ۽ مجبوريءَ جو مقابلو ڪرڻ جبر ۽ استبداد جي هر ديوار سان مٿو ٽڪرائڻ جڏهن به سکر ايندو هو ته غريبن مظلومن ڳوٺاڻن جي درخواستن سان پنهنجا کيسا پُر ڪرايو ايندو هو ڪجهه عملدارن ۾ ورهائيندو هو ۽ ڪجهه اخبارن ۾شايع ڪرائيندو هو.” (33)
سندس باري ۾ محبوب علي شاهه پنهنجي يادگيرين ۾ هڪ واقعو بيان ڪيو آهي جنهن جو پورو متن هٿ ڏجي ٿو جنهن جي استاد شوڪت علي مهر پڻ تصديق ڪئي آهي.

[b]خط جو واقعو
[/b]”دوداپور کان اٽڪل اٺن ميلن تي محمد پور جو ڳوٺ هو، جتي حضرت صاحب امروٽيءَ جو خليفو ، مولوي عبدالڪريم ڪهاڙو رهندو هو. اتان جو زميندار، اوڍن جو سردار هو ۽ مولوي صاحب جي حق گوئي ۽ حق پسنديءَ جي ڪري ساڻس تنازعو هو. هن هڪ سازش سٽي مولوي صاحب ڏي سرحدي قبيلن جي سردار طرفان لکيل ٻه هٿرادو خط تيار ڪرايا. جن ۾ لکيل هو ته اوهان اڳ اسان وٽ اچي واعظ ڪيو هو، جنهن جواسان جي ماڻهن تي ڏاڍو اثر ٿيو هو. هينئر اسان سڀئي وري اوهان جي وعظ ٻڌڻ جا ڏاڍا مشتاق آهيون مهرباني ڪري هيڪر وري اسان ڏي اچو ته اسان اڳي وانگر وري به جيترا هٿيار گهرندا اوترا ڏينداسين. اهي خط پوسٽ ماستر دوداپور جي معرفت مولوي صاحب ڏانهن موڪليا ويا. ڇو ته محمد پور ۾ پوسٽ آفيس ڪانه هئي. خط ٽپال ۾ وجهڻ کانپوءِ مٿئين وڏيري جو ماڻهو ماستر حمزي خان سان مليو ۽ کيس چيائين ته مون کي وڏيري صاحب موڪليو آهي. سندس چوڻ آهي ته ٻه خط مولوي عبدالڪريم جي نالي، اوهان جي معرفت اچڻ وارا آهن جيڪڏهن اهي خط مولوي صاحب کي ڏيڻ جي بدران اسان کي ڏيندين ته توکي ان جو معاوضو پنج سو روپيا ڏينداسون. تن ڏينهن ۾ ماستر حمزو خان ديندار ماڻهو ڪونه هو پنجن سو روپين جي رقم ٻڌي، سندس ڪن کڙا ٿيا، پر قدرت طرفان کيس قلب سليم عطا ٿيل هو ايتري زبردست آڇ ملڻ تي لالچ پيدا ٿيڻ جي بدران سندس دل ۾ نيڪي جو جذبو سجاڳ ٿيو. وڏيري جي ماڻهوءَ کي دلاسي ۾ رکيائين ۽ خط ملڻ شرط سخت گرميءَ جي موسم ۾ پيرين اگهاڙو، گوڏ ۽ ٻُٽ ٻڌي پنڌ محمد پور ڏانهن راهي ٿيو ته جيئن کيس ڪو به سڃاڻي نه سگهي. مولوي صاحب خط کولي ڏٺا، سازش ظاهر ٿي پئي، جنهن تي حضرت امروٽيءَ جي صلاح سان ٻئي خط سي، آءِ، ڊي پوليس ۾ پيش ڪيا ويا. جانچ کانپوءِ وڏيرو پڪڙجي پيو ۽ سرڪار سندس هٿيارن جا ليسن ضبط ڪيا.“ (34)

مهران قوم هيڏي ڏسو
کسی نے یہ بقراط سے جاکے پوچھا
مرض تیرے نزدیک مہلک هیں کیا گیا
کہا دکھ جہاں میں نہیں کوئی ایسا
کہ جس کی دوا حق نے کی ہو نہ پیدا

افسوس ۽ ارمان جواسان مهرن جي قوم (ذات) غفلت جي ننڊ ۾ اهڙي بي خبر آهي جو ان کي پنهنجي فلاح ۽ بهبودي جو ڪنهن به قسم جو خيال ڪونهي. مهرن جي قوم تعداد ۾ ڏهن لکن کان زياده ٿيندي جا اتر سنڌ، ٿر، لاڙ، بهاولپور ۽ راجپوتانه جي ڪيترن ڀاڱن جهڙوڪ جوڌپور، جيسلمير وغيره ملڪن ۾ رهي ٿي. جي ڪاسبي قومون سڏجن ٿيون جهڙوڪ: ڌوٻي، حجام، ڀنگي، وغيره انهن کي به قومي حيات آهي جنهنڪري (اخبارن جي پڙهندڙن کان پڻ ڳالهه مخفي نه هوندي ته) انهن پنهنجا قومي مجموعا گڏ پنهنجي قوم جي واڌاري جا ٺهراءُ پاس ڪري پنهنجي فلاح لاءِ ڪوشان ٿيا مگر مهرن جي ڏهن لکن کان زياده قوم ڀنگي قوم جيتري لياقت جو اظهار به نه ڪري سگهي، هي سندن شان انسانيت جي خلاف آهي، اڳوڻي وقت ۾اها قوم پنهنجي سردار سان اهڙو تعلق رکندي هئي جهڙوڪ رعيت جو حاڪم سان هوندو آهي (شايد اڳوڻا سردار، خان عزت ۽ آنريري ماجسٽريٽي کان دور هُئا) مگر هن وقت ان کان به باغي آهن تنهنڪري ذي عام وڏي عزت بزرگان ان طرف متوجه ٿي مهرن جي هڪ مجلس جي انعقاد جو بندوبست فرمائي مهر قوم جي ٻڏل ٻيڙي غفلت جي غار مان ڪڍي ڪري آخرت جو ثواب ۽ دنيا جي نيڪ نامي حاصل ڪن. هن نيڪ ڪم ۾، جي صاحب معاونت ڪرڻ جا خواهان هجن ته هن سرنامي تي اطلاع فرمائين ته انهن صاحبن جي مشورن سان مهر قوم جي چڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي.
فقط خادم مهر قوم (ذات) حمزه مهر هنباه خلافت آفيس سکر نئون (6 فيبرروي 1924ع) (35)
انجمن اتحاد ترقي قوم مهر هنباهه تعلقو سکر
28 شعبان 1344هه مطابق 4 اپريل 1924ع ڏينهن جمعه وقت بعد نماز جمعه
زمانو تمام تڪڙائي سان ڦيرو کائي رهيو آهي. ڪيتريون قومون اڳئي سجاڳ آهن ڪن کي زماني بيدار ڪيو آهي مگر مهر قوم جا سنڌ، جيسلمير، جوڌپور ۽ بهاولپور اندر ڏهه لکن کان به زيادو آهي ۽ ڪنهن وقت اتر سنڌ ۾ هڪ زبردست قوم هئي سا اڃان تائين ننڊ ۾ آهي مرڻي پرڻي جي اجاين خرچن، ميلن، ملاکڙن، مقدمي بازيءَ مهرن کي قرض ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو آهي بي علميءَ جي ڪري ڪيتريون ئي جهل جون رسمون مهرن فرض ڪري ورتيون آهن. دنيا ۾ عزت واريون قومون اڄ ڪلهه اهي آهن جن وٽ واپار ۽ هنر آهي، پر مهر وٽ ٻئي ڪين آهن، تنهن ڪري مهر قوم مان بي علمي غفلت ۽ ٻين خرابين کي دور ڪرڻ ۾ کيس ترقي وٺائڻ لاءِ پڻ انجمن ڪوٺائڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي جتي هڪ باقائده انجمن ٺاهي ويندي جا مهر قوم جي ترقي ۽ سڌاري جو ڪم هٿ ۾ کڻندي ته پاڻ ۾ اتفاق هجي، اجاين خرچن ۽ بد رسمن کي بند ڪيو وڃي، شرعي احڪامن موجب فيصلا ڪري مقدمن جي مصيبت کان قوم کي بچايو وڃي. عام واپار هنر ڏانهن قوم کي توجه ڏيارجي، تنهنڪري مهر قوم جي هر هڪ فرد کي عموما اهل علم ۽ همدردان قوم ۽ زميندارن کي خصوصا منهنجو عرض آهي ته مقرر وقت تي هزارن جي تعداد ۾اچي ڪٺا ٿين ۽ قوم جي سڌاري لاءِ پنهنجي قيمتي راءِ سان انجمن جي امداد ڪن ۽ آئيندا انجمن جا قانون ٻڌي ان تي عمل ڪن جيڪڏهن اوهان ۾ڪا قومي غيرت آهي ۽ پاڻ کي ذلت کان آزاد ڪرڻو آهي ته هي موقعو هٿان نه وڃايو هر طرح اوهان جي خاطرداري ڪئي ويندي. جمعي جي شام جو هن خادم قوم جي طرفان اوهانجي مهمانيءَ جو بندوبست ڪيل آهي. واعظ لاءِ وڏن وڏن علمائن سڳورن کي دعوت ڪيل آهي.
حمزه – خادم قوم مهر
ازهنباهه تعلقه سکر اسٽيشن باگڙجي (36)

[b]بيبين جي نظر بندي ۽ رهائي
[/b]1930ع ۾ جڏهن ڪچي ۾ ٻوڏ آئي ته ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا. انهن ڳوٺن ۾ ربن ڳوٺ به ٻڏو! ٻوڏ جو فائدو وٺي ماڻهن گهرن ۾ ڌاڙا هنيا) ۽ ڌاڙن جي شڪ ۾ پوليس ربن ڳوٺ جي بيبين کي ٽي ڏينهن تائين بيچانچيءَ ۾ نظربند ڪري عام ماڻهن جي ميڙ ۾ کٽن جي پاون هيٺيان بيبين جي هٿن جون تريون ڏياريون ۽ مٿن (کٽن تي) ماڻهو ويهاريا. تر جا سردار خان صاحب ۽ وڏيرا موجود هئا، ان کان علاوه ٻيا مرد جوابدار موجود هئا، ڪنهن کي جرئت نه ٿي جو کين آزاد ڪرائي، جڏهن چڪ ۾حمزي خان کي خبر پئي ته پيادل ڏينهن تتي جو ويو، کيس پري کان ڏسي سردار امام بخش جتوئي خان صاحب گل محمد مهر کي چيو ته ”گل محمد خان..! حمزو پهچي ويو“.
حمزي خان جي پهچڻ شرط پوليس ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. ڪامريڊ هڪدم هڪل ڪئي ”اي يزيد جا ٽولو هي بيبيون توهان ناحق بند ڪيون آهن . ڇا بيبين ڌاڙا هنيا آهن؟ اصل ڌاڙيل ته چڪ ۾ خوش ٿي کلندا کائيندا ٿا وتن“ اها ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ پوليس بيبين کي يڪدم آزاد ڪيو.
اصل واقعو هيءُ هيو ته پوليس کي ڪنهن غلط خبر ڏني ته ٻوڏ ۾ ڦريل مال ڌاڙيلن سيدن جي ”ڪوٽ“ ربن ڳوٺ ۾ لڪايو آهي جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪري بيبين کي گرفتار ڪيو هو.

[b]ڀرڪڻ ۾ شيدائين جوجلسو
[/b] انجمن شيدايان اسلام چڪ پاران هڪ جلسو ٿي گذريو جنهن جي شروعات ۾ والنٽيئرن هڪ غزل چيو ته:
ابو شوڪت به ان باري ۾گهڻو ڳالهايو وڏيري الهه ڏني خان سڀني کان ٽن ڳالهين جو انجام ورتو.
(1) هٽن تي ۽ بازارن ۾ پنهنجون زالون نه موڪليو
(2) ڇٻي واري ۽ گهورائو هندو يا ڪنهن به هندو کي گهر ۾ اچڻ نه ڏيو
(3) واپار ڪيو،دڪان ڪڍو،
جلسي جي برخواست ٿيڻ کانپوءِ مسٽر حمزه والنٽيئرن سميت هوٿين جي ڳوٺ ويو. شهر جي ماڻهن مولود ۽ الله اڪبر جا نعره ٻڌا، ڪيترائي اچي شريڪ ٿيا. زالن جو انداز به چڱو هو. جامع مسجد ۾ حمزي هڪ زبردست تقرير ڪئي. تقرير جي دوران هڪ پوڙهي زال سڀني مسلم زالن کي مخاطب ٿي چيو ته جيڪڏهن شرم حياء هوندو ته وري گھٽين ۾ رلڻ پنڻ نه وينديون ۽ هٿ کڻي شيدايان اسلام جي ڪارڪنان کي دعا ڪرڻ لڳي ته خدا اوهان کي سوڀ ڏيندو جو اسلام جو جهنڊو کنيو اَٿوَ، سچ ته مسلمانن کي رنن روليو آهي ۽ گهر سڃو ڪيو آهي ان کان پوءِ سرگس سان 6 بجه چڪ پهتا (خاطو) (37)

[b]عبدو ڳوٺ ۾ عيدگاهه جي مسئلي تي اسلامي جلسو
[/b] ”..................... ماڻهن کي هي ڳالهه معلوم ٿي وئي هئي ته ٻاهران آيل صاحب عيد گاهه واري ٽڪري جي ڀت ڊهرائڻ جو رايو ڏيندا تنهن ڪري ماڻهن ۾ سخت جوش ۽ ناراضپو نظر آيو ٿي ۽ جوش وچان ڪيترائي مسلمان جلسو ڇڏي وڃڻ تي هئا مگر پوءِ ماستر محمد حمزه جي سمجهائڻ سان ماڻهن ۾ ڪجهه سانت ٿي ۽ انکان پوءِ محمد حمزه جي تحريڪ ۽ ميان عبدالرزاق جي تائيد سان مولوي دين محمد وفائي کي صدر جلسه مقرر ڪيو ويو.....“ (38)

[b]اسڪول آفيسرن کان ڦر ۽ ڳوٺاڻن جي رهائي
[/b] هڪ روايت موجب بيچانجي جو مسٽر چوئٿ رام انسپيڪٽر آف اسڪولس ڌاريجن جي اسڪول ۾ وزٽ ڪرڻ ويو. واپسيءَ ۾ واٽ تي ڪن ماڻهن کائنس بندوق ۽ ٻيو سامان کسيو. سندس فرياد تي پوليس ان علائقي ۾ اچي لاڳيتو ڳوٺن مان ماڻهو گرفتار ڪري صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين ٻانهون پٺيان ٻڌرائي بيٺي پَيرِ، سج ڏانهن تڪائڻ شروع ڪيو. اتان ڪنهن ماڻهوءَ کسڪي اچي رات جو ڳوٺ هنباهه پهچي حمزي خان کي حقيقت ڪئي. هن ان وقت ئي پيادل ٻارنهن ڪلوميٽر پنڌ ڪري صبح جو پهچي پوليس سان ڳالهايو ۽ کين طنزيه طور چيائين ته ”عيد جو چنڊ ته سانجهيءَجو اولهه طرف کان ڏسبو آهي هيءَ ڪهڙي نحس عيد آهي جو ماڻهو ڏينهن ڏٺي، تتي سج کي پيا ڏسن“ نيٺ پوليس وارن سان ٽڪر کائي، انهن ماڻهن کي آزاد ڪرايائين ۽ پوليس وارن کي ڪڪڙن ۽ ڇيلن جا ٻوڙ کارائڻ بجاءِ (جيڪي تيار ٿي رهيا هئا غريبن جي طرفان، جوئر جي ماني ۽ لسي کارائي روانو ڪيائين).

[b]ڳوٺاڻن کي پوليس حراست کان بچائڻ
[/b] (ا) ڏهرن جي ڳوٺ ۾ گهوڙي هڪڙي ماڻهوءَ کي لت هنئين، جنهن تي اهو ڳوٺاڻو مري ويو. جڏهن پوليس کي خبر پئي ته انهن کڻي ڳوٺاڻي جي ڪيترن ئي ٻين مائٽن کي ٻڌي ويهاري ڇڏيو. جڏهن ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي کي اطلاع ڪيو ويو ته هن اچي پوليس وارن کان ڳوٺاڻن کي ڇڏايو ۽ پوليس مايوس ٿي موٽي وئي. کين هڪ روپيو به نصيب نه ٿيو.
(ب) رستم ويجهو ٻورڙي جي ڳوٺ ۾ پڻ اهڙي ئي قسم جو ٻيو واقعو ٿيو. اتان جي کٽي ذات جي هڪ ڳوٺاڻي کي نانگ چڪ پاتو جنهن جي زهر چڙهڻ سبب ڳوٺاڻو مري ويو. پوليس کي جڏهن خبر پئي ته هنن اچي فوتيءَ جي مالڪن کي حراسان ڪيو ته اوهان همراهه کي زهر ڏئي ماريو آهي. جڏهن ڪامريڊ ابو شوڪت کي خبر پئي ته هن پوليس کي اتان ڀڄائي ڪڍيو ۽ پوليس کي ٽڪو به پلئه نه پيو.


[b]صحافتي خدمتون:
[/b]
ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو خان هڪ بيباڪ شاعر، سياستدان، سماجي ورڪر سان گڏو گڏ بيباڪ صحافي به هو. اهو ئي سبب هو جو علائقي جا وڏيرا سندس جاني دشمن ٿي پيا هئا ۽ کائنس پوليس لنوائيندي هئي. ڪامريڊ جڏهن پوليس وٽ ويندو هو ته پوليس کيس ڏسي ٿرٿلي ۾ پئجي ويندي هئي ۽ سندس چوڻ تي ناحق بند ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪري ڇڏيندي هئي. کين خطرو هوندو هو ته ڪٿي اخبار ۾بيان نه ڏئي. اهو ئي سبب هو جوان وقت با اثر وڏيرا هارين کي با آسانيءَ ڦاسائي نه سگهندا هئا ۽ نه وري انهن جا حق ڦٻائي سگهندا هئا ڪامريڊ حمزو خان پنهنجي پوري حياتي روزنامه الوحيد، سنڌ زميندار، همدرد ۽ سکر جي ٻين مقامي اخبارن سان وابسته رهيو. سندس اخبار سان وابستگيءَ جي باري ۾ پير حسام الدين شاهه راشدي پنهنجي ڪتاب “هو ڏوٿي هو ڏينهن ۾” هيئن لکيو آهي ته: تقرير جو چست قومي خبرن خواهه زميندارن جي خلاف شڪايتي مضمون لکڻ جو ماهر سنڌ جي سڀني اخبارن جو نامه نگار بلڪ “الوحيد” ۽ ان جي پيدا ڪيل دائري جو هڪ اهم رڪن بلڪ مرڪزي ڪردار هو”. (39)
ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو پنهنجي ڪتاب ”شڪارپور جي صحافتي تاريخ” ۾ لکي ٿو ته ”ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي سکر مان 26 اپريل 1931 کان هفتي وار اخبار ”مزدور“ جاري ڪئي جنهنجي اشاعت ۽ ادارت ۾ ساڻس حافظ عبدالحميد ڀٽي به گڏ هو. اها اخبار محموديه پريس سکر مان 1932ع تائين جاري رهي “ (40)
ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو خان پنهنجي بيباڪ صحافت جي ڪري وڏيرن جي خلاف اخبارن ۾ بيان ڏيڻ ۽ انهن سان مقابلو ڪرڻ ۽ انهن جي خلاف شعر لکڻ پنهنجو مقصد بڻائي ڇڏيو هو. جنهن جي ڏوهه ۾ چيو وڃي ٿو تر جي هڪ وڏيري گل محمد مهر جي پٽ کيس مارائڻ ٿي چاهيو. ڇو ته ڪامريڊ سندس ظلمن ۽ هارين سان ڏاڍاين کي وائکو ڪري سندس پيءُ خلاف هڪ نظم لکي شايع ڪرايو هو. جنهن جي پاداش ۾ کيس گورنر جي درٻار ۾ سڏ ٿيو. جتي گل محمد مهر جي پٽ ڪامريڊ تي باهيو گورنر ڪامريڊ کي کان پڇا ڪئي ته ڇا واقعي تو هن جي پيءُ خلاف نظم لکيو آهي؟
ڪامريڊ يڪدم گورنر کي چيو ته “ هن وڏيري کان پڇو ته سندس پيءُ جو نالو ڇا آهي؟ وڏيري يڪدم چيو ته “ منهنجي پيءُ جو نالو گل محمد خان مهر آهي”. ان تي ڪامريڊ وراڻيو ته مون گلوءَ (نالي) وڏيري جي خلاف نظم لکيو آهي جي هن جي پيءُ جو نالو گلو آهي ته ٺيڪ جي نه ته پوءِ هن هرڀرو ڪيس ڪيو آهي ائين ڪامريڊ ڪيسَ مان بري ٿيو. مگر وڏيري ۽ ان جي پوين جو اندر نه ٺريو. ڪامريڊ کي مارائڻ جي ڪوشش جاري رکي. سڄي سنڌ جي اخبارن ۾ اهڙو بيان آيو جنهن جي فوٽو ڪاپي ۽ پورو متن ڏجي ٿو:

[b]نظم[/b]

گلوءَ نالي هڪڙو زميندار هو، لُچنِ بدمعاشن جو سردار هو،
ڀنگوڙو رنڊي باز بي علم هو، غريبن تي ان جو سدا ظلم هو.

سندس حد جو جيڪو عملدار هو، انهيءَسان سدا هي رساڪار هو،
جمعدار ان جو وڏو يار هو، انهيءَ سان ٺهيل ڪارمختيار هو.

رسائي ڪري خوب ڪپتان جي ، خوشامد ڪري خانسامان جي،
اچي ڊپٽي ان کي ڪرائي شڪار، گورنر جي ليڊيءَ کي پارائي هار.

جڏهن هن علمدار پنهنجا ڪيا. ڦري تنهن جا پردا مٿي جا ويا،
رکياءِ گهڻا ڪاٽڪو پنهنجا، اهي خوب ڌاڙا هڻندا هئا.

پتي ڪجهه وڏيري کي ڏيندا هئا، ٻيو مال گهر پنهنجي نيندا هئا،
ڪرڻ خون کان ڪين گسندا هئا، قسم ساک کان ڪين ڊڄندا هئا.

سڄي راڄ مان ڪو وٽس جي اچي ته هڪدم وڏيري کي پيرين پوي،
سندس روبرو ڪونه کٽ تي وِهي،نه برتن سندس مان ڪو پاڻي پئي.

ڏسي ڪوبه هاري ته خوشحال آهه، وٽس روڪ پيسو گهڻو مال آهه،
هڻائي ستت کاٽ گهر تنهن جي کي، صبح جو نه گهر ۾ ٺڪر ڪو ڏسي.

سندس ڇيڙ بيگر نه هرگز کٽي، انهيءَ ظلم کان ڪونه هاري ڇٽي،
ڪري ڪو به انڪار جي ڇيڙ کان، ٻنڌائي سندس ڍور چورن هٿان.

وهائي سدا ڇيڙ بيگر گهڻي، نه تعظيم سان بلڪ پادر هڻي،
ڊکڻ کي سداءِ ڪهاڙو ڪلهي، سڄو ڏينهن انکي نه ماني ملي.

هميشه هلي حڪم لوهر مٿي، ڪهاڙي ڪهِ ڪاتي سگهو ڏي ٺپي،
ڪنڀر کان وٺي ٿانو سارو ورهه، وڃي فصل مان ٻارهو ئي نرهه.

حجم کي نه ديري مان داڻو ملي، ڪڇي لفظ هڪرو ته گاريون جهلي،
سڄو سال موچي به پادر ڳنڍي، نه ٽويو انهيءَ کي ڏئي هڪ ڀري.

مڇي ماس جنهن کان وڏيرو وٺي، رقم لاءِ هر روز رڙندو وتي،
وڏيرو وڏو وير ان سان رکي، ڍڪي صاف ڪپڙا گهمي مُنهن مَکي.

وڏيري کي جيڪو نه پيرين پوي، نه ٻانهون ٻڌي ۽ نه سائين چوي،
قلم سو ڏهين ۾اڙائي اهو، ته ان مان سبق مر سِکي ڪو ٻيو.

غريبن مٿان ڪيس ڪوڙا ڪري، وڏيون تهمتون ڏوهه تن تي ڌري،
وٺي رشوتون خوب کيسا ڀري، آفيسر به ان مان ئي راضي ڪري.

انهيءَ ريت هن جي هٿان بيگناهه، ويا جيل ۾ ڪيترا ٿيا تباهه،
زنا کان نه ان کي ذرو لڄ پئي، سندس ڏاڙهي توڙي اڇي ٿي وئي.

گهڻن کان کسي حق ڦٻائي ويو، ائين پاڻ پنهنجو پٽائي ويو،
ٿيو جڏهن پوڙهو ته بيمار ٿيو، دوائون ڪري سخت لاچار ٿيو.

جيئڻ جو جڏهن آسرو ئي ويو، سڏي پنهنجي پٽ کي انهيءَ هئن چيو،
”وصيت ڪريان ٿواها دل تي رک،پڇاڙيءَ ۾مونکان اهوعقل سک“.

ته هاري سدا اَڻ پڙهيل سڀ هجن، نه اسڪول ۾ ٻار تن جا پڙهن،
اِهي قاعده کان نه واقف ٿين، ته تنهنجي چوڻ کان نه ٻاهر وڃن.

چوان ڳالهه ٻي پڻ اها دل تي رک، پڇاڙي ۾ مونکان اهو عقل سک،
رکج پنهنجا ڪڙمي سدائين سڃا، هجن صاف ڪنگال بکيا ۽ اڃان.

ٿئي ڪوبه هاري جڏهن مالدار، سڃو ٿئي نه جيسين نه ڪر تون قرار،
ڪرائينس چوري ٻڌائينس ڍور، رکج پنهنجي هٿ ۾ سدائين تون چور.

نه هاري ٻنيءَ جو خريدار ٿئي، وٺي زور سچ پچ زميندار ٿئي،
وِهي تنهنجي سامهون چڙهي کٽ مٿي، صبح شام پادر هجي ڄٽ مٿي.

انهي ڳالهين تي عمل جو ڪرين، زميندار بيشڪ تڏهن تون ٺهين،
چيم صاف توکي ڪريان هاڻ بس، انهيءَ تي عمل آهه منهنجي ئي وس.

ائين چئي دنيا مان لڏي ويو هليو، پٺيان نانوءَ بڇڙو ڇڏي ويو هليو!(41)


ابو شوڪت حمزه کي بچاءُ ڏيو
توجهه طلب ڊي-ايم ۽ ڊي-ايس-پي صاحب سکر
ابوشوڪت حمزه ويٺل ڳوٺ چڪ هنباهه تعلقو سکر هڪ مشهور پبلڪ ورڪر ۽ جهونو خلافتي آهي. هن جي هميشه غريبن ۽ مظلومن سان همدردي پئي رهي آهي، برسات جنهن جي باعث تر جا هلنديءَ وارا زميندار توڙي لوفر هميشه سندس پرخلاف پئي رهيا آهن هن سان شروعات ۾وڏيرو گل محمد مهر جو تڪرار هو ۽ ان جي فوت ٿيڻ بعد سندس پٽ پير بخش جو به ابوشوڪت حمزه سان تڪرار هلندو پيو اچي.
چيو وڃي ٿو ته ابوشوڪت حمزه ۽ پير بخش خان جي درميان ٺاهه ڪرائڻ لاءِ تازوان وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر ڪيهر صاحب گهڻي ڪوشش ورتي مگر پير بخش خان ٺاهه ۾اچي نه سگهيو آخرڪار جنهن زمين تان ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تڪرار هلندڙ هو سا انصاف موجب ابو شوڪت حمزي جو نالو داخل ڪيو. جنهن تي پير بخش لاءِ چيو وڃي ٿو ته ابو شوڪت حمزي سان وڌيڪ وير رکيو آهي. (42)

[b]اخبار جي خبرجو متن
[/b] ”نه ڄاڻ الائي جي ڇو هندستان اندر هر هڪ ورڪر قومي ڪم ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جي خادم جي حياتي هر وقت پنهنجن جي ئي مهربانين سبب هميشه خطري هيٺ رهي ٿي، جهالت جي هيءُ حد نه آهي؟ جو انسان محسن ڪش ثابت ٿئي، غريب ابوشوڪت حمزه جنهنجي عمر عزيز جي شباب جا سمورا لمحا رڳو هن شغل ۾ گذريا آهن ته خاص وضع قطعه جو ڏنڊو ڪلهي تي، خلافت جي دور گذشته جي يادگار ٽوپي مٿي ۾ ”انقلابي بم گولو“ يا ڪو ٻيو هارين نارين کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ننڍڙو ڪتاب هٿ ۾ ، ٻهراڙيءَ جي راهن رستن پيچرن تي صبح شام ان جا ڪي مزيدار شعر جهونگاريندو پيو نظر ايندو آهي.
(1) نٿوپيرين پوي هاري جي وڏيري کي، وڏو سو لچو.
(2) قلم هڪ سو ڏهون ان تي ڪري، لاڳو ٿيڻ وارو،
(3) وڏيري جي رشوت وٺڻ تي، هريو گڏهه اوڏڪو ڄٽڪ پوک
۾ کريو.

اهڙي مرنج مرنجان، غرين جي همدرد سان ڪن پنهنجن اچي پائيندڙ پاتي آهي، سبب رڳو اهو آهي جو خادم هميشه مخدوم رهندو آهي.
ابو شوڪت جي عزت کين پسند نه ٿي اچي ڇو ته چمڙي کي آفتاب جي روشني مرغوب نه هوندي آهي. ابو شوڪت سان خاص عداوت رکندڙ سندس هم قوم وڏيرو گل محمد سيوهاڻي هيو، جنهن جي وفات بعد چوڻ ۾ ٿو اچي ته ان جي ڪن وارثن اهو شغل عزيز خاص ورثه ۾ ورتو آهي ۽ هڪ ٽوله خاص ابو شوڪت کي ڪنهن رواجي نقصان رسائڻ لاءِ نه پر اصل ان جي عزيز جان وٺڻ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي جيئن جو هڪ اوباش کي ٻارو زمين جو به ڪونهي. مگر ڪن جي مهربانيءَ سان هُو اڄ لٺ بردار آهي. حالانڪ سندس گذران فقط هوائي ڪمائي تي آهي.
ابو شوڪت ڇو خطري هيٺ آهي؟ يا اهي ڪير ماڻهو آهن؟ اهي سموريون حقيقتون خود ڪن وڏن عملدارن کي به معلوم آهن ۽ ابو شوڪت اهڙو وسوارن جو ڌيان به ڇڪايو آهي اڄ ٻهراڙي ۾ ابوشوڪت جهڙي غريب قومي ڪم ڪندڙ جي جان وٺڻ وحشي ٽوله لاءِ هڪ رواجي ڳالهه آهي. تنهنڪري وسوارن جو فرض آهي ته ابو شوڪت جي قيمتي جان جي حفاظت لاءِ هر ممڪن اپاءَ ورتا وڃن. سندس مخالفن تي ايتري ڪرڙي نظر رکي وڃي جيئن هو ڪو ناجائز فائدو نه وٺن ۽ ساڳئي وقت گهٽ ۾ گھٽ ابو شوڪت کي پڻ جان جي حفاظت لاءِ ضروري هٿيار ڏنا وڃن. اميد ته عام پبلڪ جي هن تقاضا موجب وس وارا جلد هن طرف توجه ڏيڻ فرمائيندا. (43)

[b]حوالا:
[/b](1) عرساڻي محمد اسماعيل ۽ ٽالپور الله بخش ”تاريخ هند و پاڪستان“ 1956، صه 199
(2) سيد حسين رياض ”پاڪستان ناگزير تها“ سال 1980، صه 83
(3) ڊاڪٽر عبدالمجيد ۽ عبدالغفور ”پاڪستان جو اڀياس“ سنڌ ٽيڪسٽ
بوڪ بورڊ حيدرآباد 1981ع
(4) سومرو شريف شاد ”تعلقي لکي جي شاعرن ۽ اديبن جو جائزو 1987
قلمي مونو گراف شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور
(5) سيد محبوب علي شاهه: ماهوار پيغام ڪراچي مارچ 1981ع
(6) الوحيد 8 اپريل 1923ع
(7) ساڳيو 8 جون 1923ع
(8) ساڳيو 25 مارچ 1924ع
(9) ساڳيو 25 ڊسمبر 1925ع
(10) ساڳيو 14 آگسٽ 1926ع
(11) ساڳيو 21 آڪٽوبر 1928ع
(12) سيد محبوب علي شاهه : ماهوار پيغام ڪراچي مارچ 1981ع
(13) ساڳيو 13 فيبروري 1931ع
(14) ساڳيو 11جنوري 1936ع
(15) ساڳيو 25 فيبروري 1931ع
(16) ساڳيو 13 مارچ 1931ع
(17) ساڳيو 22 سيپٽمبر 1934ع
(18) ”ستاره سنڌ“ سکر 14 سيپٽمبر 1934ع
(19) اصلاح 10 سيپٽمبر 1937ع
(20) ”پيغام صلح“ ڳڙهي ياسين 30 جولاءِ 1938ع
(21) ساڳيو 13 آگست 1938ع
(22) زرداري محمد لائق ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ 1986ع
ص 178
(23) ”پيغام صلح“ 19 اپريل 1941ع
(24) ساڳيو 24 مئي 1941ع
(25) زرداري محمد لائق ”تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“ 1986ع
ص 178
(26) هفتيوار ”همدرد“ هالا مارچ 1940ع
(27) ساڳيو
(28) اصلاح ڪراچي 8 جنوري 1937ع
(29) ”پيغام صلح“ 22 جنوري 1938ع
(30) ساڳيو 5 آڪٽوبر 1940ع
(31) ساڳيو 5 آڪٽوبر 1940ع
(32) ساڳيو 26 اپريل 1941ع
(33) راشدي پير علي محمد ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جلد پهريون س.ا.ب
حيدرآباد ص 992
(34) سيد محبوب علي شاهه ماهوار پيغام ڪراچي مارچ 1981ع
(35) الوحيد 9 فيبروري 1924ع
(36) ساڳيو 21 مارچ 1924ع
(37) ساڳيو 12 مارچ 1931ع
(38) ساڳيو 4 ڊسمبر 1927ع
(39) راشدي پير حسام الدين ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ڇاپو پهريون 1977ع
(40) هڪڙو ڊاڪٽر انور فگار ”شڪارپور جي صحافتي تاريخ“
(41) حمزو ابو شوڪت ”انقلابي ڏنڊو“ هاري جماعت چڪ
(42) الوحيد ڪراچي 27 آگسٽ 1944ع
(43) آغا نظر علي ايڊيٽر سنڌ زميندار سکر سيپٽمبر 1940ع