شخصيتون ۽ خاڪا

جِهڄيو جھانگين ڪاڻِ (ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو ــــــــ شخصيت ۽ شاعري)

هي ڪتاب تحقيقي نوعيت جو آهي. جيڪو انقلابي شاعر، سماج سڌارڪ ۽ سياسي اڳواڻ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي سوانح متعلق هڪ قيمتي ڪتابُ آهي. هي ڪتاب آزاد بخاريءَ گهڻي محنت ۽ محبت سان لکيو آهي.
هي ڪتاب ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جهڙي ارڏي ڪردار جي زندگي ۽ خدمتن جي سفر کي سمجھڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ به دلچسپيءَ جو سبب بڻجندو.
  • 4.5/5.0
  • 2045
  • 402
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آزاد بخاري
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جِهڄيو جھانگين ڪاڻِ (ڪامريڊ  ابو  شوڪت  حمزو ــــــــ شخصيت ۽ شاعري)

باب ڇهون : حمزي صاحب بابت سنڌ جي عالمن ۽ اديبن جا رايا

[b](1) پير حسام الدين راشدي
[/b]”چڪ جو مشهور خلافتي ۽ قومي ڪارڪن، مرحوم ابو شوڪت حمزو پوءِ ته گهرو دوست ٿي ويو. ليڪن سڀ کان پهريون ملاقات ساڻس اتي ٿي. خدا بخشيس سنڌ جي قومي ورڪرن ۾ اهو به املهه ماڻڪ هو. نج سُونُ، ڦيٽ جي رتي به ڪانه، چڪ جو ويٺل، ذات جو مهر، ڊگهو مڙس، سرو جهڙو سڌو قد، شڪل صورت ۾ ڏاڍو موچارو، ڏاڙهي شرعي ۽ ڀور ڪاري، جوڙيءَ جا صاف اڇا لٽا سندس ڄڻ خصوصيت هئا. کاڌيءَ جي ڳوٿري نما اڇي ٽوپي جيڪا سندس پنهنجي ايجاد هئي ۽ سندس تائين محدود رهي. هٿ ۾ ٿلهو بيد جو لڪڻ، لڪڻ نه بلڪ داسو ۽ زبان تي هميشهه وڏن ماڻهن (زميندارن، پيرن ۽ ڪامورن) جي مخالفت، اها ان ڪري جو اهي قوم جا ويري ۽ انگريزن جا پٺو ۽ پُشتي بان هئا. مرحوم جي محاوري مطابق اهي سڀئي “لغور” هئا. جن جي ڪڍ کٿو ۽ کريو کڻي پوڻ عين ثواب آهي. مولانا شوڪت علي سان خاص عقيدت هيس، پٽ ڄايس ته ان تي اهو نالو رکي پنهنجي ڪنيت ئي ”ابو شوڪت“ ڪري ڇڏيائين. جيئن مولانا جو نالو سندس نالي جو جُزُ بڻجي وڃي. تقرير جو چست، قومي خبرن خواهه زميندارن جي خلاف شڪايتي مضمون لکڻ جو ماهر، سنڌ جي سڀني اخبارن جو نامه نگار بلڪ ”الوحيد“ ۽ ان جي پيدا ڪيل دائري جو هڪ اهم بلڪ مرڪزي ڪردار هو. مرحوم هڪ زميندار جي مخالفت ۾ اليڪشن لڙندي، نمونيا جي سٽ لڳڻ سبب جڏهن فوت ٿيو، تڏهن سنڌ جي ڪامورن ۽ سکر ضلعي جي وڏيرن دل ئي دل ۾ ڪلما پڙهيا:

”ير چڱو ٿيو، الله کڻي جند ڇڏائي!“

هر ڪنهن يڪ زبان چيو، ليڪن قوم ۽ ملڪ جي دل مان دانهن نڪري وئي، سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ڪيترن ڏينهن تائين ماتم هليو. پر اهو سڀ ڪجهه انهيءَ وقت ٿيو، پوءِ سڀني کيس وساري ڇڏيو جيتوڻِيڪ هو اهڙو وطن دوست سنڌي هو، جنهن جي ياد کي هر سال ياد ڪرڻ گهرجي.(1)

[b](2) محبوب علي شاهه بخاري (سکر وارو):
[/b]ابو شوڪت حمزو خان ذات جو مهر ڳوٺ هنباهه لڳ چڪ ضلعي سکر جو ويٺل هو. ڏهين جون 1894ع تي ڄائو. ست درجا سنڌي پاس ڪري ڪاميٽي (فائنل) پاس ڪيائين. ٽريننگ ڪاليج جو ٽن سالن جو ڪورس به پاس ڪيو هئائين. پهريائين شهدادڪوٽ تعلقي جي دوداپور اسڪول ۾ ماستر ٿيو. جنهن سان پوسٽ ماستريءَ جو ڪم به لاڳو هو، دوداپور کان اٽڪل اٺن ميلن تي محمدپور جو ڳوٺ هو، جتي حضرت صاحب امروٽيءَ جو خليفو، مولوي عبدالڪريم ڪهاڙو رهندو هو. اتان جو زميندار اوڍن جو سردار هو ۽ مولوي صاحب جي حق گوئي ۽ هق پسنديءَجي ڪري ، ساڻس تنازعو هو. هن هڪ سازش سٽي مولوي صاحب ڏي سرحدي قبيلن جي سردارن طرفان لکيل ٻه هٿرادو خط تيار ڪيا. جن ۾ لکيل هو ته اوهان اڳ اسان وٽ اچي واعظ ڪيو هو، جنهن جو اسان جي ماڻهن تي ڏاڍو اثر ٿيو هو، هينئر اسان سڀئي وري اوهان جي وعظ ٻڌڻ جا ڏاڍا مشتاق آهيون. مهرباني ڪري هيڪر وري اسان ڏي اچو ته اسان اڳي وانگر وري به جيترا هٿيار گهرندا ته اوترا ڏينداسين. اهي خط پوسٽ ماستر دوداپور جي معرفت مولوي صاحب ڏانهن موڪليا ويا. ڇو ته محمد پور ۾ پوسٽ آفيس ڪانه هئي.
خط ٽپال ۾ وجهڻ کان پوءِ مٿين وڏيري جو ماڻهو ماستر حمزي خان سان مليو ۽ کيس چيائين ته مون کي وڏيري صاحب موڪليو آهي. سندس چوڻ آهي ته ٻه خط مولوي عبدالڪريم جي نالي ، اوهان جي معرفت اچڻ وارا آهن، جيڪڏهن اهي خط مولوي عبداڪريم صاحب کي ڏيڻ جي بدران اسان کي ڏيندين ته توکي ان جو معاوضو پنج سو روپيا ڏينداسون.
تن ڏينهن ۾ ماستر حمزو خان ديندار ماڻهو ڪونه هو. پنج سو روپين جي رقم ٻڌي سندس ڪن کڙا ٿيا، پر قدرت طرفان کيس قلب سليم عطا ٿيل هو. ايتري زبردست آڇ ملڻ تي لالچ پيدا ٿيڻ جي بدران سندس دل ۾ نيڪي ءَ جو جذو سجاڳ ٿيو. وڏيري جي ماڻهوءَ کي دلاسي ۾ رکيائين ۽ خط ملڻ شرط سخت گرميءَ جي موسم ۾ پيرين اگهاڙو، گوڏ ۽ ٻُٽَ ٻڌي پنڌ محمد پور ڏانهن راهي ٿيو ته جيئن کيس ڪوبه سڃاڻي نه سگهي.
مولوي صاحب خط کولي ڏٺا، سازش ظاهر ٿي پئي جنهن تي حضرت امروٽيءَ جي صلاح سان ٻئي خط سي- آءِ ڊي پوليس ۾ پيش ڪيا ويا. جاچ کانپوءِ وڏيرو پڪڙجي پيو ۽ سرڪار سندس هٿيارن جا ليسن ضبط ڪيا.
تنهن کانپوءِ حمزو خان مولوي صاحب جي صحبت ۾رهڻ لڳو ۽ کيس حضرت امروٽيءَ جي زيارت جو شوق ٿيو. هڪ ڏينهن خبر مليس ته حضرت صاحب رُڪ اسٽيشن لڳ لٿل آهن سو اتي وڃي پهتو. جڏهن حضرت جن کي خبر پئي ته هيءُ مولوي عبدالڪريم جي واقعي وارو حمزو آهي ته پاڻ اٿي بيٺا ۽ کيس ڀاڪر پاتائون ابو شوڪت جو چوڻ آهي ته سندس ڀاڪر پائڻ تي هن ائين محسوس ڪيو ته هڪ بجلي سندس سڄي بدن ۾ ڊوڙي رهي آهي ۽ سندس جسم ساڻو ۽ بيجان ٿيندو ٿو وڃي. جنهن جي ڪري ڀاڪر مان نڪرڻ شرط زمين تي مردن وانگر ڪري پيو. حضرت صاحب به سندس حق ۾ ڊگهي دعا گهرندا رهيا نيٺ هو ڪجهه وقت کانپوءِ هوش ۾ آيو.
ان ڀاڪر کانپوءِ حمزي خان جي ڪايا پلٽ ٿي ويئي. هو هڪ وڏو ديندار شب خيز ۽ پرهيزگار ماڻهو ٿي پيو ۽ مرڻ تائين ٻيون نمازون ته ٺهيو پر تهجد نماز به ڪڏهن قضا نه ڪيائين. هن جي ڏک کي ايتري ته تقويت اچي ويئي جو کيس دنيا جي ڪنهن وڏي ۾ وڏي طاقت کان به خوف ڪونه ٿيندو هو. ان وچ ۾ سندس ملڪيت به جائز ذريعن سان وڌي ٻه ٽي سال اسڪول ماستري ڪيائين ۽ ان کانپوءِ استيعفيٰ ڏيئي خلافت ڪاميٽيءَ جو مبلغ ٿيو ۽ مرڻ تائين اهو فرض بجا آڻيندو رهيو.
هو پنهنجي تر ۾ هميشه زميندارن جي مقابلي ۾ هارين جي حمايت ڪندو هو. ۽ جيڪو غريب ڪنهن ڪم لاءِ وٽس ايندو هو ته ڏنڊو هٿ ۾ کڻي هڪدم سندس مدد لاءِ تيار ٿيندو هو.
هڪ دفعي ڳڙهي ياسين ۽ سکر تعلقي جي صوبائي چونڊن ۾ ڳڙهي ياسين جي شمس الدين خان بار ڪزئي پٺاڻ ۽ وڏيري امير بخش مهر (تماچاڻي) جي مقابلي ۾ بيٺو وٽس موٽرون يا ٻي ڪا سواري ڪين هئي. نه ڪارڪن ۽ اخبارن توڙي اشتهارن جي پروپيگنڊا هيس. پولنگ اسٽيشن تي سندس ورڪر يا ايجنٽ به ڪونه هئا. مقابلي ٻنهي سرمائي دارن جو هيانو کائي وڌو هو. کيس ووٽ فقط ڏيڍ هزارمليا باقي زميندارن ۽ وڏن ماڻهن سان مقابلي لاءِ قومي ورڪرن جي همٿ وڌي.
جنوريءَ 1945ع ۾ نمونيا ٿيڻ ڪري وفات ڪيائين. سندس ٽي پٽ آهن: شوڪت علي، محمدعلي ۽ ظفر علي. (2)

[b](3) پير علي محمد راشدي:
[/b]”چڪ جو ويٺل هو، سنڌي ماستري ڇڏي ٿلهو وڏو بيد جو ڏنڊو هٿ ۾ کڻي اچي سياست جي ميدان ۾ گهڙيو. سندس اصول هو هر ظلم ، هر زبردستيءَ ۽ هر قسم جي غلاميءَ ۽ مجبوري جو مقابلو ڪرڻ، جبر ۽ استبداد جي هر ديوار سان مٿو ٽڪرائڻ جڏهن سکر ايندو هو ته غريب مظلوم ڳوٺاڻن جي درخواستن سان پنهنجا کيسا پُر ڪريو ايندو هو. ڪجهه عملدارن ۾ ورهائيندو هو، ڪجهه اخبارن ۾ شايع ڪرائيندو هو. سندس تقرير هڪ بهادر سپاهيءَ جي تقرير هوندي هئي. اصل خود اعتمادي ۾يقين محڪم تي مبني حقيقت ٻڌائيندو، انصاف ۽ انسانيت جي اصولن تي ان جو تجزيو ڪندو ۽ ”فوري جبري قدم“ کڻڻ لاءِ به اعليٰ عملدارن کي چوندو نه ته پبلڪ کي آرڊر ڏيندو هو فيل مست فرنگيءَ کي ڦوسڙيءَ ۽ لاکٽياڻيءَ سان تشبيهه ڏيندي به ڪونه گسندو هو. جو دم جيئرو هو جهاد ۾مصروف رهيو. جو قدم کنيائين ظلم ۽ استبداد ۽ غلاميءَ خلاف“. (3)

[b](4) عبدالستار آدم (سکر وارو):
[/b]”جميعت العلماءِ صوبه سنڌ جا اجلاس: پهريون اجلاس صوبه خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي ٿيو. سنڌ جا علماءِ ڪرام ۽ امڪاني تعداد ۾ موجود ٿيا هئا ۽ ولايتي ڪپڙي جي حرمت بابت متفقه فتويٰ جاري ڪيائون.
ٻيو اجلاس جنوري 1923ع ۾ حضرت مولانا محدث لاهوري جي پرجوش تقرير جو اهو اثر ٿيو جو امير بخش عرف حمزه خان مهر بروقت اسڪول ماستريءَ کي ٽي ڀتر ڏئي غلاميءَ کان آزاد ٿيو ۽ سندس همت ۽ مردانگي ڏسي بروقت کيس مبلغ ڪري رکيو ويو. حسابداني جي لياقت ڪري ضلع جو محاسب به هن وقت اهو آهي“.(4)

[b](5) محمد علي خان (سکر وارو)
[/b]”اي ابو شوڪت تون اسان وٽان اوچتو هليو وئين انا عليه وانا اليه راجعون. اجل جو وارو سڀ ڪنهن تي اچڻو آهي. توتي به آيو مگر تنهنجو نالو سنڌ جي هاري طبقي وٽ هميشه زنده رهندو. تنهنجي سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفيٰ خلافت هلچل واري زماني کان وٺي عام هاري ناريءَ کي نوڪر شاهي ۽ زميندار شاهي جي ظلمي چڪيءَ مان ڇڏائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ، اهي تنهنجا ڪم تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکڻ جي لائق آهن. تنهنجا انقلابي ڏنڊا ۽ انقلابي ڪهاڙا آئينده سرزمين سنڌ تي نوڪر شاهي ۽ زميندار شاهيءَ خلاف بي پناه انقلاب آڻيندا. هيءَ دنيا مرده پرست واقع ٿي آهي. تنهنجو نالو به اڄ کان وٺي سرزمين سنڌ تي روشن ٿيندو. هارين جون دعائون تنهنجي روح کي راحت رسائڻ لاءِ ڪافي آهن“.(5)

[b](6) ڪامريڊ برڪت علي آزاد:
[/b]”1930ع ۾ انگريزن کي ٽئڪسون نه ڏيڻ لاءِ تحريڪ جي ابتدا ڪئي وئي. جنهن جو نالو “هلچل عدم ادائگي ٽيڪس” هو. هيءَ تحريڪ سکر ضلع کان شروع ڪئي وئي . هن تحريڪ جو سرواڻ مسٽر جئه رام داس دولت رام هو. مسٽر جئه رام داس ڪانگريس جو ليڊر هو. هيءَ تحريڪ ڪانگريس جي پليٽ فارم تان هلائي ويئي. هن تحريڪ جو سکر ۾ هيڊ ڪوارٽر چڪ ۽ بيچانجي هئا.
چڪ ۾ هن تحريڪ جي برانچ جو انچارج ڪامريڊ مبارڪ ساغر هو، جيڪو اصل ۾ لاهور جو رهاڪو هو. پر هن پنهنجي زندگي ڪانگريس لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي ۽ ڪافي وقت چڪ ۾ رهيو. هن تحريڪ جي سرواڻن ۾ شهيد الله بخش سومرو، ابو شوڪت حمزو ۽ برڪت علي آزاد به شامل هئا. ابو شوڪت حمزي چڪ واري علائقي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو.“ (6)


[b](7) مولانا عزيز الله ٻوهيو:
[/b]”فرنگي سامراجي دور ۾ هتي ٻن قسمن جا ماڻهو هئا. پهريان اهي جيڪي انگريز حڪمرانن اڳيان ڌڙهو هڻي سلوٽ ڪرڻ وارا ۽ پويان اهي جيڪي سامراج سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائڻ وارا بيباڪ بهادر. پهرين قسم جي ماڻهن جو بنيادي محرڪ سرسيد احمد خان ۽ پوئين قسم جي ماڻهن جا بانيڪار ۽ سرواڻ مولانا قاسم نانوتوي ۽ مولانا محمود الحسن هئا. اهڙو ئي مرد مجاهد ابوشوڪت حمزو خلافت تحريڪ جو سرگرم رڪن ۽ سنڌ ۾ هاري جماعت جو پايو وجهندڙ هيو. هو حضرت تاج محمود امروٽي جهڙي پارس سان لڳي سون بڻجي ويو“.

[b](8) ڪريم بخش خالد:
[/b]سکر قومي ورڪرن جو وڏو اڏو هوندو هو: ميان سردار علي شاهه مرحوم جي لوهه جو ڪارخانو، ميان سردار علي شاهه آزاد خيال بزرگ هوندو هو ۽ سندس پٽ ميان محبوب علي شاهه قومي تحريڪن جي چڱي سرپرستي ڪندو هو. ان وقت جا سمورا ورڪر ساڻس وابسته هوندا هئا. ابو شوڪت حمزو، ماستر ميان عبدالرزاق، مولانا دين محمد وفائي، مسٽر تاج محمد عليگ، ميان نعمت الله صاحب قريشي وغيره... (8)

[b](9) ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري:
[/b]”ابو شوڪت حمزو اصل چڪ جو رهواسي ۽ ذات جو مهر هو. مولانا شوڪت علي سان خاص الخاص عقيدت ۽ محبت هجڻ ڪري پٽ ڄائس ته مٿس نالو ئي شوڪت علي رکي، پنهنجي ڪنيت ئي ابو شوڪت ڪري ڇڏيائين. جيئن مولانا شوڪت علي ڌارين ۽ فرنگين جي خلاف تيئن ابو شوڪت زميندارن، ڪامورن ۽ پيرن جي مخالفت ۾ نه رڳو ڳالهه کي ڳالهه تائين رکيائين، پر عملي طور به طوفان کڙا ڪري ڇڏيائين. ان مد ۾ پنهنجي قلم جي جهاد سان گڏ ڪلام به جوڙيائين ته تقريرون ۽ واعظ به خوب ڪيائين، هن جي تحريڪ تي نظر ڪجي ٿي ته چئجي ٿو ته هي اڪيلو انسان هڪ ادارو هو ۽ هڪ تحريڪ هو. جا اڄ تاريخ جي صورت ۾ اسان تائين ان خسته مخطوطي وانگر پهتل آهي جنهن جا سڀئي صفحا به سالم ۽ ثابت ڪونه آهن. چڪ وارن قلم ڌڻين کي جُڳائي ته هن غريبن ، نادارن ۽ هارين جي حمايتي همدرد ۽ مهان ماڻهوءَ جو تاريخ ۾ مهانڊو چٽو ڪري چٽين نه ته ايندڙ دور ۾ الائي ڇا!؟. (9)

[b](10) غلام علي چنه (چڪ)
[/b]”ابو شوڪت حمزي مرحوم مسلم ليگ جي هڪ ادنيٰ ڪارڪن جي حيثيت سان عظيم کان عظيم ڪردار ادا ڪيو. هي مرد مجاهد هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ عمر ڀر وڙهندو رهيو. ابو شوڪت حمزو صالح ۽ شريف قومي ڪارڪن هيو جنهن ۾ قوم اندر ذهني ۽ مادي انقلاب پيدا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت هئي ۽ سدائين هيڻن جي همراهي ۽ عاجز انسانن جي معاونت ۾ مصروف ۽ مشغول رهندو هو“. (10)

[b](11) گوهر سنڌي (رستم)
[/b]”ڪامريڊ ابوشوڪت جي شعرن جي هر هڪ بند ۾ اڻ ٿڪ جدوجهد ملي ٿي. قلم کان تلوار ۽ ڏنڊي جو ڪم ورتو آهي. ابو شوڪت به ان عرب شاعر وانگر آهي جنهن چيو ته ”آءُ جنهن ڏينهن قومي ناموس جي حفاظت جي فرض ۾ گسان ان ڏينهن منهنجي مٿان سج جي روشني نه پوي“. (11)

[b](12) مکي ڪروڙي مل تلريجا:
[/b](ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان جي 99 سالگره سنڌ ساگر پارٽي چڪ طرفان جون 93ع تي ملهائي ويئي. جنهن ۾ مکي ڪروڙي مل تلريجا ڪامريڊ حمزي خان جي ياد ۾ هي نظم پڙهيو)
وري آءُ حمزا وطن جا سپاهي
سڏي توکي ٿي قوم جي خير خواهي

قوم نه جهڙس، تو سرواڻ آهي
ڏنڊو هو هٿن ۾، ادا يا الاهي،

”انقلابي ڏنڊو“ تصنيف تنهنجي ظاهر،
ملي ٿي مطالعي سان عجب رهنمائي

هيو ابو شوڪت مجاهد سچن مان،
خلافت تحريڪ جو هيو ادنيٰ سپاهي،

ڪفن ٻڌي سر سان هلندو ئي هل تون،
هٽي ويندي هڪدم چاڙهي ۽ لاهي

ڪيون نياز نوڙي اڄ توکي بهادر،
پوين ۾ ڀرجانءِ ساڳي سورهيائي،

ڏسان ڪونه شوڪت ۾ جلوو جوش اهو،
وڌي ويئي قوم ۾ به آهي بي حيائي،

ويا ڪيئي ”پياسي“ واڄا وڄائي
انهن مان هي هڪڙو هو حضرت هنباهي (12)

[b]حوالا:
[/b](1) راشدي پير حسام الدين “هو ڏوٿي هو ڏينهن” ڇاپو پهريون 1987ع
س-ا-پ حيدرآباد
(2) سيد محبوب علي شاهه ماهوار پيغام ڪراچي مارچ-اپريل 1981ع
(3) راشدي پير علي محمد “اهي ڏينهن اهي شينهن” جلد پهريون 1965ع
(4) آدم عبدالستار سيڪريٽري ضلع خلافت ڪميٽي سکر جي رپورٽ
1924ع ص 2
(5) خان محمد علي نائب صدر هاري ڪاميٽي سکر هفتيوار همدرد
ميرپور خاص 24 اپريل 1945ع
(6) آزاد ڪامريڊ برڪت علي “انٽرويو” حاڪم علي مهر (سيڪريٽري
س-ا-ب چڪ کي ڏنل)
(7) ٻوهيو مولانا عزيز الله روزنامه عوامي آواز ڪراچي.
(8) خالد ڪريم بخش ماهوار پيغام ڪراچي. مارچ- اپريل 1981ع.
(9) لاشاري ڪليم الله ڊاڪٽر “سکر تاريخ ۽ سماج” صفحه 210 ۽ 211
سن 2000ع
(10) چنا غلام علي “تقريرون ” صفحه 55 سن 2005ع
(11) سنڌي گوهر مقالو ماهوار ڪينجهر صفحه 100 مئي 1995ع
(12) تلريجا ڪروڙي مل مکي “نظم” (قلمي).