آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جـوئي آهيان سوئي آهيان

ھي ڪتاب ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري محترم عبدالقادر منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
عبدالقادر منگي جي اندر ۾ ھڪ اديب ۽ ڪلاڪار لڪيل آھي، تنھنڪري ھو سنڌ ۾ جتي بہ ڪامورو ٿي ويو تہ ھن انتظامي حوالي سان گڏ اتي ادب ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني. ھو پنھنجي 33 سالن جي ڪيريئر ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ويو آھي، ھن سنڌ جي سياست جا مختلف دور ڏٺا آھن، مختلف وزيرن ۽ حاڪمن سان رھندي ھن جيڪو ڪجھ ڏٺو آھي ان کي پنھنجي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي ھڪ تاريخ آھي. ھن پنھنجي دور جي مختلف ساٿي ڪامورن، اديبن ۽ سياستدانن کان وٺي عام ماڻھن جي قصن کي پنھنجي آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آھي. ھو ملنسار ۽ ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آھي.
Title Cover of book جـوئي آهيان سوئي آهيان

مهاڳ

آٽو بائيو گرافي لفظ اصل ۾ يوناني لفظ آهي، ان جي معنيٰ آهي هڪ شخص جي حياتي جو لفظن ۾ احوال، جيڪا ان شخص جي پنهنجي لکيل هوندي آهي.اولهه واري دنيا جي اهم اوائلي آتم ڪٿائن ۾ سينٽ آگسٽن( 354-430) جي ليٽن ٻوليءَ ۾ لکيل اعتراف تمام اهم آهن ساڳئي وقت قبل مسيح دور ۾ جوليس سيزر (144-100 ق- م) جون گيلڪ جنگ بابت لکيل يادگيريون، اسپيني ٻوليءَ جي پهرين آتم ڪٿا ليونر ڊيڪورو دوبا (1420-1362)، اسلامي دنيا جي پهرين لکيل آتم ڪٿا اسپين جي بادشاهه عبدالله ابن بگلن ( 1090-1056 ) جيڪا هن غرناطا مان جلاوطن ٿيڻ بعد مراڪش جي شهر اغمط ۾ ويهي لکي هئي ۽ اتي ئي هو گذاري ويو.
آٽو بائيو گرافي جو لفظ پهريون ڀيرو مسٽر وليم ٽيلر1797ع ۾ هڪ انگريزي مئگزين ۾ ڪتب آندو هو. ساڳئي وقت ايسا ڊورا Isadora (1927-1877ع) جيڪا مشهور آمريڪي ڊانسر هئي. سندس لکيل آتم ڪٿا My life پڙهڻ جهڙي آهي. هن سڄي يورپ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هوءَ- آمريڪي شهر سان فرانسڪو جي هئي، هن فرانس جي شهر نائيس ۾ زندگيءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن گذاريا.
مشهور هدايتڪار ستيه جيت ري جي آتم ڪٿا، جيڪا هن بنگالي ٻوليءَ ۾ لکي شاندار آهي، آتم ڪٿائون، سوانح حيات،يادگيريون، تاريخ جي حوالي سان خاص اهميت رکنديون آهن.
آتم ڪٿائن لکڻ جو سلسلو قديم آهي. مغل سلطنت جو باني تيمور گونگائي امير تيمور لنگ (وفات 1405ع) پنهنجي دور جو هڪ قهار حاڪم هو. ملڪن کي فتح ڪرڻ جو جهڙوڪر جنون هيس. جيڪڏهن ائين چئجي ته ان ۾ ڪوئي وڌاءُ هرگز نه ٿيندو، نه هن روءِ زمين تي جيتري رتوڇاڻ ڪئي، اهڙي ورلي ڪنهن حڪمران ڪئي هوندي. بهرحال هو پنهنجي خودنوشت لکيويو، ”تزڪ تيمور“ اڄ به پڙهڻ جهڙي آهي، سندس پونئيرن مان هندستان جي پهرئين مغل بادشاهه بابر (وفات 1650ع) ۽ جهانگير (وفات 1627ع) جون آتم ڪٿائون به اهم آهن. اهي حڪمران پنهنجون آتم ڪٿائون پاڻ لکندا هئا، يا وري پنهنجي درٻار جي فاضل ۽ قابل منشين کي ڊڪٽيشن ڏيئي لکرائيندا هئا، تنهنجي خبر خدا کي- پر اڄ به دنيا ۾ اهي آتم ڪٿائون، ”بابر نامو، ۽ تزڪ جهانگيري“ پڙهيون وڃن ٿيون. بابر جي خودنوشت ۾ مصوري جا اعليٰ شاهڪار موجود آهن. ان کانسواءِ جهانگير جي خودنوشت ۾ اندور جي مشهور مصور نهر هڪابوالحسن ۽ منوهر جا ٺاهيل چتر اڄ به ڏسڻ وٽان آهن. هندستان جي پهرين مغل حڪمران ظهيرالدين بابر پڻ پنهنجي آتم ڪٿا ترڪي ٻوليءَ ۾ لکي هئي ان جا مختلف ٻولين ۾ ترجما به ٿيا آهن. بابر پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته هندستان ۾ نه ته کائڻ لاءِ گهوڙي جو گوشت ٿو ملي، نه وري وهنجڻ لاءِ حمام خانا. عورتون گوڏ پائن ٿيون جڏهن ته هندستانين کي نه وري سٺين جاين ٺاهڻ جو شوق آهي.
ساڳئي وقت بابر جي ڌيءُ گلبدن بيگم، جيڪا پنهنجي ڀاءُ همايون سان گڏ رهي ان پڻ پنهنجيون يادگيريون لکيون آهن. هوءَ پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي شهر پاٽ ۾ همايون جي حميده بيگم سان شادي جو ذڪر ڪري ٿي.
مغل بادشاهه جهانگير پنهنجي آتم ڪٿا ” تزڪجهانگيري“ ۾ ڏاڍا دلچسپ واقعا لکيا آهن. مشهور مصور ابوالحسن کي لقب ”نادرالزماني“ سان نوازڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته اڄ تيرهين جشن نوروز جي موقعي تي ابوالحسن کي ”نادرالزماني“ جي خطاب سان نوازيو ويو. هن منهنجي تخت نشينيءَ جي جيڪا تصوير جهانگيري ۾ مهاڳ طور شامل ڪرڻ لاءِ ٺاهي هئي. اها مون کي به ڏيکاري ڇاڪاڻ ته اها تصوير ڏاڍي سُهڻي ۽ واقعي واکاڻ جوڳي هئي، ان ڪري هو منهنجي بيپناهه عنايت ۽ مهرباني جو مستحق ٿيو. هن جو فن ڪمال تائين پهچي ويو آهي ۽ هن جون ٺاهيل تصويرون زماني جي شاهڪار جو درجو رکن ٿيون. هو واقعي هندورجو هڪ بيمثال فنڪار آهي. جيڪڏهن اڄ استاد شهزاد ۽ استاد عبدالحئي جهڙا فنڪار هن دنيا ۾ موجود هجن ها ته اهي به هن جي فن کي داد ڏيڻ کانسواءِ نه رهي سگهن.
تزڪ جهانگيري ۾ هن جهانگيري دور جي هڪ ٻي چترڪار استاد منصور جو به ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته مون کي تصويرن سان ايتري دلچسپي ۽ انهن کي پرکڻ ۽ سمجهڻ جي ايتري قدر مهارت حاصل ٿي ويئي آهي، جو جيڪڏهن ماضي ۽ حال جي ماهرن قاشي جي ڪا به تصوير، نقاش مصور جو نالو ٻڌائڻ کانسواءِ منهنجي آڏو رکي وڃي، ته آئون فوري طور تي سمجهي ويندس ته اهو فلاڻي استاد جو ڪم آهي.
***

محترم عبدلقادر منگي جي آتم ڪٿا ”جوئي آهيان سوئي آهيان“ڪمپوز ٿيل ۽ دستخط شدهه منهنجي آڏو آهي. هڪ شخص جي زندگي جي ڪٿا جو سربستو احوال. زندگي ڪيڏي نه عجيب آهي. بس ڊوڙندي رهي ٿي. ۽ اسين ان ڊوڙ ۾ شامل ٿي، وقت جو حصو ٿا بڻجي وڃون. پوءِ رهجي وڃن ٿيون ڇڙو يادگيريون ۽ اهي ساروڻيون ئي انسان جو بهترين سرمايو هونديون آهن.اهي يادگيريون ئي انسان جو ساٿ ڏينديون رهن ٿيون. هڪ حساس دل ماڻهو جڏهن اڪيلو ويهي پنهنجي گذري ويل زندگيءَ تي ويچار ڪندو آهي، ته اهو گذري ويل سمو، اهو دور کيس سپني وانگر، ڪنهن چانڊوڪي رات وانگر، هوا ۾ جھومندڙ وڻن جي پنن مان لنگھندڙ هوا جي جھوٽي وانگر،سج لٿي مهل سمنڊ جي ڪناري لهندڙ سج جي لام جيان، يا آڪاس تي بيٺل سترهين تاريخ جي چنڊ وانگر ڀاسندو آهي. حياتي ڪوئي هوا جو جھوٽو آهي- ڄڻ گذري ويل وقت به ان هوا جي جھوٽي وانگر، لنگھي وڃي ٿو.
انسان پنهنجي ڄمار ۾ آهستي آهستي سج جي نيرڙي ٽپهري مهل تي اچي پهچي ٿو. پر هن کي ان ڳالهه جو احساس ڏاڍي دير سان ٿو ٿئي. ماڻهوءَ کي ڄڻ اهو ڇهاءُ ئي نٿو ٿئي ته صبح ويو، سج مٿان اچي بيٺو. منجھند ٿي پاڇا. لڙيا. ٻپهري سانجهيءَ ۾ منهن مٽائي ويئي، پر ماڻهو گذاريل زندگيءَ ۾ هر دم جوان شگفته ۽ پرباش رهي ٿو. ڄڻ عمر جي اڃا هاڻ باک ڦٽي آهي. ماڻهو ڀلي ڄمار ۾ ڪيترو به وڏو ٿئي، پر ڄڻ بت هن جو بنهه نه جھريو آهي ۽ هو اهڙوئي آهي. اصل ۾ انسان جو مزاج آهي ئي عجب جھڙو. بنهه ڪڏهن به نه سمجھ ۾ ايندڙ!
***

پرڏيهي ادب ۾ آتم ڪٿا، سوانح عمري، اعترافن ۽ تحقيقي ادب جي وڏي اهميت حاصل آهي. ماڻهو جيڪي ڪجهه پنهنجي گرد و پيش ڏسي ٿو، محسوس ڪري ٿو، سندس دل ۽ ذهن ۾ سندس چوگرد واقعا رونما ٿي ماضي جو حصو بڻجن ٿا، انهن کي نٿو وساري سگهي. ڇاڪاڻ ته اهي واقعا ۽ ڳالهيون، جيڪي مٿس اثر ڇڏين ٿا، انهن جو عڪس مٿس سدائين طاري رهي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ شابس هجي، ميرزا قليچ بيگ کي، جنهن سڀ کان پهرين پنهنجي آتم ڪٿا، ”سائو پن ۽ ڪارو پنو“ لکي.ان ۾ هن جي روزاني ڊائري پڻ شامل آهي. دراصل ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ ڪهاڻي، شعر کانسواءِ ٻين موضوعن تي لکڻ جو رواج گھٽ هو. البت ان دور ۾ڪن اهم شخصن جي حياتيءَ جا احوال ضرور لکيا ويا. ننڍي کنڊ ۾ ادب ۾ تحقيق جو عنصر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شاهه جو رسالو ترتيب ڏيئي شاهه صاحب جي زندگيءَ جو احوال لکي ڪيو. بعد ۾ محترم جي ايم سيد، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي۽ ڪجھ ٻين جو ڪارنامو آهي، جن پنهنجي حياتي جو احوال لکيو۽ ساڻن گڏ گذاريل شخصن بابت به گھڻو مواد فراهم ڪري ويا. مشهور اديب شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا لکي ويو، اها سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار ڪتاب آهي. مشهور اديب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي حياتي جو احوال لکيو آهي.
ڪجھ وقت کان سنڌ ۾ شاعري، ڪهاڻي جو رجحان خاص طرح هر شاعر ڪهاڻيڪار جي لکڻين جا ڪتاب وڏي تعداد ۾ ڇپجڻ لڳا. اها چڱي ڳالهه پر محسوس ٿي رهيو هو ته اسان وٽ سوانح عمري، آتم ڪٿا وغيره، لکڻ جو سلسلو گھڻو ڪري ختم ٿي رهيو آهي. پر هن وقت ڏٺو ويو آهي ته سنڌ ۾ آتم ڪٿائن لکڻ جو رجحان تيز ٿي ويو آهي. ڪيترا بيوروڪريٽ به سنڌيءَ ۾ پنهنجيون آتم ڪٿائون لکي رهيا آهن. دراصل سنڌي ادب ۾ هاڻ تحقيقي ادب، توڙي ماضي قريب واري سياست تي لکڻ ۽ تحقيق جي ضرورت آهي. ۽ خوشيءَ جھڙي ڳالهه آهي ته ان موضوع تي هاڻ گھڻو ڪجھ سرجي رهيو آهي.
***

گهڻو ڪري سمجهيو ويندو آهي ته آتم ڪٿائن ۾ لکڻ واري جي ذات ۽ شخصيت جو عمل دخل گهڻو هوندو آهي، جنهن جي ڪري واقعات جو توازن قائم نٿو رهي. ڪنهن حد تائين اهو صحيح به آهي، پر تاريخ جو شاگرد ان ڳالهه جو سولائي سان پتو لڳائي سگهندو آهي. آتم ڪٿائن ۽ يادگيرين جي مطالعي مان هڪ وڏو فائدو اهو هوندو آهي ته ليکڪ اهڙن واقعات جو ذڪر ڪندو آهي، جن کي ٻيا سوانح لکندڙ يا مورخ غيرضروري سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهي غير اهم واقعات، يعني مسائل جي صحيح تصوير تيار ڪرڻ ۾ ڏاڍا اهم ۽ ضروري ثابت ٿي پوندا آهن. خاص ڪري اها آتم ڪٿا، يادگيريون، ڪنهن اهڙي شخص جون مرتب ڪيل هجن، جنهن پاڻ مختلف دور ڏٺا، يا انهن جو اکين ڏٺو شاهد هجي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو شاهد ڏنل واقعات کي ڪيتري ايمانداريءَ سان ٿو ويهي بيان ڪري. مثال طور سنڌ ۾ نائونمل جون ياداشتون، جيڪي هن جي پوٽي آلومل انگريزي ۾ لکيون.
***

آتم ڪٿائون پڙهڻ منهنجي هابي رهي آهي. مون کي منگي صاحب جي آتم ڪٿا پڙهندي زيڊ اي بخاري جي آتم ڪٿا پئي ياد اچي. مرحوم زيڊ اي بخاري، مشهور شخص هو. پاڻ ۽ سندس وڏو ڀاءُ پطرس بخاري، آل انڊيا ريڊيو جا بنيادي معمار هئا. زيڊ اي بخاري پنهنجي آتم ڪٿا ”سرگزشت“ ڏاڍي پيرائتي انداز ۾ لکي جيڪا ڏاڍي دلچسپ هئي. هو آواز ۽ اُچار جو بادشاهه هو. محرم ۾ پاڻ ريڊيو ڪراچي تان مرثيو پڙهندوهو.
جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته آتم ڪٿائن جا ڪتاب پڙهڻ منهنجي هابيءَ ۾ شامل آهن. پاڪستان جي ٽن اهم بيوروڪريٽس جون آتم ڪٿائون پڙهندي مونکي محسوس ٿيو ته هنن جو ورتاءَ خصوصي طور تي سنڌي رهنمائن سان تعصب سان ڀريل آهي. انهن ڪتابن ۾ روئيداد خان، م. ب. خالد، ۽ سلطان محمد خان شامل آهن. مثال طور روئيداد خان لکي ٿو ته ” جناب ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم پاڪستان، سوئيزرلينڊ جو دورو ڪري آيو. واپس اچي حڪم جاري ڪيائين ته سنڌ جي مشهور ڍنڍ ڪينجهر تي جنيوا وانگر هڪ عاليشان ڦوهارو ٺهرايو وڃي. پر اسان ڄاڻي واڻي ان پروجيڪٽ کي مهمل ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ڪٿي جنيوا ۽ ڪٿي وري ڪينجهر م. ب. خالد پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ” ايوان صدر ۾11 سال“ ۾ هڪ سنڌي سياستدان جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ته غلام محمد گورنر جنرل منڇر ڍنڍ تي شڪار ڪرڻ هليو. جڏهن ٻيڙيءَ مان لهندي بوٽ پائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان سنڌي سياستدان پنهنجي هٿن سان کيس بوٽ پارائي پوءِ ٻئي هٿن جون آڱريون عقيدت طور پنهنجي اکين تي رکيون ته جيئن غلام محمد گورنر جنرل جي خوشنودي حاصل ڪري سگهجي.
سلطان محمد خان آتم ڪٿا ” هڪ سفارتڪار جي سرگزشت“ ۾ پڻ وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان پنهنجي رفاقت جو ذڪر نيڪ نيتي سان نه ڪيو آهي. جڏهن ته آتم ڪٿا ۾ ڪوشش ڪجي ته سچ لکجي نه ته اها نه لکجي. بنيادي طور تي سچ اهوئي هوندو آهي جيڪو انهيءَ دور ۾ چيو وڃي باقي بعد ۾ چيل ڳالهون سچ نه پر مرثيو ٿي سگهن ٿيون.
***

منگي صاحب جنهن دور ۾ شروعاتي نوڪري ڪئي. اهو وقت سک ۽ سلامتي وارو هو. ماڻهن ۾ ماڻهپو موجود هو. ٻيو ته ٺهيو، پر ان وقت جي ڌاڙيلن به حيا ۽ شرم جو دامن نه ڇڏيو هو. پاڻ لکي ٿو ته اهو ڀٽي صاحب جو زمانو هو. ميرپور ماٿيلي مان ٻارن کي وٺي هو رتيديري لاءِ نڪتو. شڪارپور ۾ سانجهي ٿي ويس. ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ سون واهه ڪراس ڪندي سندس پويان هڪ جيپ اچي لڳي. ان ۾ ڪي هٿيار بند ماڻهو ٻُٽ ٻڌل ويٺا هئا. اهي هنن کي ڏسي ڀر مان نڪري ويا. پر هو وڃي خيرسان ڳوٺ پهتا. بعد ۾ ٽن ڏينهن بعد سندس مامي ٻڌايس ته، ٻي جيپ ۾ مشهور ڌاڙيل ميهر شاهه هو، جيڪو نياپو ڏيئي ويو آهي ته ادا کي چئو ته اهڙي بيگاهه وقت ٻاهر نه نڪرندو ڪري! ميهر شاهه ان وقت مشهور ڌاڙيل هو.اهو تر جي هڪ چڱي مڙس جو فرزند هو. منگي صاحب سان گڏ اسڪول ۾ پڙهيو هو. منگي صاحب، ان ڌاڙيل جو ذڪر ڪري هڪ ديومالائي ڪردار کي زندهه ڪري ڇڏيو آهي. ميهر شاهه کي بعد ۾ لاڙڪاڻي جي ايس پي پنڃل خان ڇاپو هڻي صالح جيهو، دريا خان جاکرو سميت قتل ڪري ڇڏيو.
***

آتم ڪٿا ۾ ڀٽو صاحب ۽ شيخ مجيب جو ذڪر آهي. اصل ۾ بيوروڪريٽ جي حيثيت سان منگي صاحب ڪيترا تاريخي، سياسي دور اکين سان ڏٺا آهن. ڏاڍا دلچسپ واقعا به لکيا اٿس. مثال طور ڀٽو صاحب جي دور ۾ جڏهن شيخ زيد بن سلطان لاڙڪاڻي آيو. المرتصيٰ لاڙڪاڻي ۾ ڀٽو صاحب طرفان ڪيل دعوت ۾ ناهيد صديقي طرفان ڪيل ڪٿڪ ڊانس.ڊاڪٽر اشرف عباسي، طرفان سفيرن جي ڪيل دعوت. ان ۾سري لنڪا جي سفير مسز ٿيجاوتي گناورڌني جوزيتون کائڻ ۽ منگي صاحب جو مائي صاحبه کي جهلڻ ته ”مهرباني ڪري گهڻا زيتون ڪافيءَ سان گڏ نه کاءُ، ڇاڪاڻ ته زيتون Laxative هوندا آهن.“ اهو ڏسي بار بار ڊاڪٽر اشرف صاحب جو کائنس پڇا ڪرڻ ته تو سفير صاحب کي ڇا چيو، وارو واقعو دلچسپ آهي. اهو قصو غالبن سال 1972ع جو آهي.ڀٽو صاحب سفيرن کي هڪ اسپيشل ٽرين ۾ راولپنڊي کان لاڙڪاڻي وٺي آيو هو. مشهور سفارتڪار، سلطان محمد خان پنهنجي آتم ڪٿا، ” هڪ سفارتڪار جي سرگزشت“ ۾ سفيرن جي لاڙڪاڻي واري دعوت جو ذڪر ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته” اسين صبح ساڻ هڪ خاص ٽرين ۾ لاڙڪاڻي پهتا سين، جيڪا حقيقت ۾ هڪ پر تڪلف ٽرين هئي. هڪ هڪ جوڙي کي ننڍو ڪمپارٽمينٽ ڏنو ويو هو. فرش تي غاليچا وڇايل هئا. لاڙۡڪاڻو ريلوي اسٽيشن کي جهنڊن، جهنڊين ۽ غاليچن سان سينگاريو ويو هو.اسٽيشن تي دهلاري سنڌي ڌنون وڄائي رهيا هئا. ڄڻ ڪنهن شهزادي جو استقبال ٿيڻو هو. ٽرين ۾ نيرن ڪرڻ بعد مهمانن جو هڪ گروپ ڍنڍ تي پکين جو شڪار لاءِ ۽ ٻيو موهن جو دڙو ڏسڻ لاءِ روانو ٿي ويو. رات جو ڊنر شاهي خيمي ۾ ڪئي ويئي هئي. ان ۾ سنڌي راڳ جو خاص اهتمام ڪيل هو. جڏهن مشهور گيت هو جمالو ڳايو ويو، ته ڪيترن وزيرن به اٿي ڊانس ڪيو.“
منگي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿيل هڪ ملاقات جو ذڪر ڪري ٿو. اها ملاقات جون- جولاءِ 1970ع ۾رتوديرو کان ٽي ميل پري ڳوٺ ڪوڏراڻي ابڙا ۾ ٿي هئي. ان وقت منگي صاحب لاهور جي مشهور مخزن نصرت پڙهندو هو. اها مخزن مشهور ترقي پسند اديب، ۽ مصور محمد حنيف رامي ڪڍندو هو. اها مخزن اسان به پڙهندا هئاسين- بلڪ حنيف رامي ۽ سندس وڏو ڀاءُ چوڌري نذير احمد جو رسالو سويرا مشهور ادبي مخزن ٽائيپ ۾ شايع ٿيندو هو. افسوس ته ان ملاقات ۾ ڀٽو صاحب سان منگي صاحب جي خواهش هوندي به تصوير نه نڪري سگهي، جو ڪئميرا جو رول ختم ٿي ويو هو۽ بقول منگي صاحب جي ته ڀٽو صاحب چيو،ته ” ڪا ڳالهه ڪونهي. فوٽو ٻئي دفعي ڪڍائينداسين“ پر اهو ٻيو دفعو هن جي زندگيءَ ۾ نه آيو. ۽ وري ڪڏهن ايندو.“
***

بيوروڪريٽ، جنهن کي سنڌ ۾ اڪثر ڪامورو ڪري سڏين، ڪنهن وقت ان جو وڏو رعب ۽ تاب هوندو هو. ڪليڪٽر، ڊپٽي ڪليڪٽر، ۽ ڪماني صاحب يعني ايس پي ته مٿين سطح جا هوندا هئا. پر عام سنڌي ماڻهن لاءِ، جمعدار، مختيارڪار، هيڊ منشي، ۽ تپيدار به وڏي ڳالهه هئا. پوءِ ته ڪليڪٽرن سان گڏ ڪمشنر به اچي ويا. صدر ايوب خان جي زماني ۾ ته ڪمشنر به جهڙوڪر ڊويزن جا مالڪ هئا. حيدرآباد جو ۽ خيرپور جا ڪمشنر صاحبان جهڙوڪ مسرور حسن خان ۽ سيد درٻار علي شاهه، جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ اڃا به پوئتي وڃو. انگريز فيل مست جو دور. ڪامورڪي ۽ وڏيرڪي راڄ جي سهڪار سان زنده هو. انگريز بهادر جو پنهنجي هيٺئين آفيسر تي اعتماد ۽ ڀروسو هوندو هو۽ اهي به پنهنجي صاحب جي خوشنودي، سندس راڄ کي قائم رکڻ لاءِ ڪڏهن به پوئتي پير اصل نه ڪندا هئا. ٻيو ته ٺهيو، پر صاحب لوڪن يعني انگريز آفيسرن جا بٽلر به زور هوندا هئا. اسان ان دور جو ڏاڍ، جبر، ۽ زور ته ڪو نه ڏٺو، پر ايوب خان جي دور جا ڪامورا ضرور ياد بيٺا آهن. پير علي محمد راشدي ۽ پير حسام الدين راشدي جي ٻن ڪتابن هر هڪ ” اُهي ڏينهن اهي شينهن“ ڀاڱو پهريون، ۽ ” هوڏوٿي هو ڏينهن “ ۾ ان دور جي ڪامورن جي چڱي چوکي عڪاسي ڪئي ويئي آهي. پير صاحبن جي نظر ۾ ان وقت جي سنڌ ٽن طبقن ۾ ورهايل هئي- هڪ هندو، ٻيو مسلمان، ٽيون ڪامورو.
پر منهنجي نظر ۾ تڏهن به طبقا ٻه هئا- هڪ امير ٻيو غريب! باقي جنهن نگاهه سان هن پنهنجي ڪامورڪي دور جي سياسي، معاشري حالتن کي اکين سان ڏٺو آهي.
منگي صاحب جي هن جي آتم ڪٿا ۾ انيڪ ڳالهيون، سندس من جي چاهه، ۽ ذاتي آبزرويشن جون شاهدي ڏين ٿيون. عميق جهڙي گهرائي، مونکي سندس هڪ ليکڪ ۾ نظر آئي. 28 فيبروري ۽ پهرئين مارچ 1991ع تي هن پنهنجي اهليه خورشيد قادر جي هن جهان ڇڏڻ وارو ذڪر ڏاڍي اثرائتي نموني ڪيو آهي. جڏهن ڊاڪٽر سندس اهليه کي ڏسي چوي ٿو، ”سر سوري شي از ڊيڊ“ امالڪ منگي صاحب جي واتان نڪري ٿو،” اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هاڻي ته ڳالهائي رهي هئي،“ اها ڳالهه پڙهندڙ جي من کي ڇهي وڃي ٿي. اصل ۾ عبدالقادر منگيءَ جي دل ۾ هڪ ڪلاڪار ويٺل آهي. جيڪو سندس آتم ڪٿا ۾ بار بار پنهنجي اصلوڪي روپ ۾ نظر ٿو اچي.
***

لڳي ٿو ته منگي صاحب کي مٺيءَ ۾وڃي ميرزا قليچ بيگ جو ساءُ اچي ويو هو. هو صاحب مختيارڪاري آفيس ۾ گهمندي رڌڻي ۾ هڪ پٿر کي ڏسي ان تي ويهي بورچي ماني پچائي رهيو هو. پٿر کي ڏٺائين ته پٿر تي 1858ع لکيل هو. پڪ ٿيس ته اها مختيارڪاري آفيس هئي، جنهن جو اهو پٿر اتي پيو هو. منگي صاحب اها 1858ع وارو پٿر ان عمارت جي مٿان هڻائي ڇڏيو. اهائي عمارت هئي، جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ مختيارڪار جي حيثيت ۾ 1898ع ۾ اچي رهيو هو.
هن ڪتاب ۾ 20 هين ۽ 21 هين صديءَ جي واقعات جو ذڪر آهي. هڪ بيورڪريٽ جيڪو هڪ ليکڪ هو. جڏهن پير وسڻ ۾ داخل ٿئي ٿو، ته کيس مرزا قليچ بيگ ياد اچي ٿو، اتي هن مٺيءَ بابت مرزا صاحب جو شعر به ڏٺي کيس ياد ڪيو آهي. يا وري ڏيپلي کان مٺي ويندي جڏهن هو روهيڙي جي وڻن جا جُهنڊ ڏسي ٿو ته انهن ۾ کڙيل گل مهر جهڙا نارنگي رنگ جا گُل ڏسي شيخ اياز ٿو ياد اچي.
ساڳئي وقت هن سنڌ جي وساريل نوجوان شاعر واجد ناز، يا واجد منگي،کي ياد ڪيو آهي. واجد ۽ رزاق مهر منهنجا به شخصي دوست هئا. اڄ اهي ٻئي هن جهان ۾ ڪونهن، پر واجد منگيءَ جو ذڪر پڙهي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها لهي آيا.
ٿر ۾ رهي کيس ٿر جي ريتن رسمن جي به ڄاڻ پئجي وڃي ٿي، تڏهن ته لکيو اٿس ته ٿر ۾ جيڪڏهن ڪنهن عورت کي ٻانهن ۾ ٺونٺ کان هيٺ ۽ مٿي چوڙا هجن، ته اها مائي پرڻيل هوندي.
***

منگي صاحب، پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ڪيترن ساٿي ڪامورن جو ذڪر محبت سان ڪيو آهي. مثال طور رشيد عباسي، جيڪو اڄ هن جهان ۾ موجود نه آهي. پر سندس فضيلت کلمک طبيعت ڪڏهن به وسرڻ جوڳي ڪونهي. منهنجي ساڻس ويجهڙائپ هئي. جڏهن لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر هو ته 1983ع ۾ سندس ئي مهرباني سان، آئون ڪونج رسالي جي ايڊيٽر دوست هري موٽواڻي کي لاڙڪاڻي وٺي ويو هوس. تڏهن موهن جي دڙي ريسٽ هائوس تي اسان جي رهائش جو بندوبست عباسي صاحب ڪيو هو. سندس وڏي ڀاءُ سان گڏ ڪراچي حيدرآباد سپر هاءِ وي تي ڪار جي ايڪسيڊنٽ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.ساڳئي وقت قلي بخش رند، جيڪو سنڌ جو چيف سيڪريٽري پڻ ٿيو، يا وري امتياز قاضي جيڪو حيدرآباد جو ڪمشنر به ٿيو، جو ذڪر هن دل سان ڪيو آهي.
***

هڪ بيوروڪريٽ جي حيثيت سان ماڻهو، مختلف هنڌن تي نوڪري ڪري ٿو. منگي صاحب به پنهنجي ڪٿا ۾ انهن ضلعن جو ذڪر ڪيو آهي- 1983ع ٺٽي ۾ اڳوڻي آمر جنرل ضياءُالحق جي ٺٽي سرڪٽ هائوس ۾ ماني جو بندوبست هو. دادوءَ ۾ ضياءَ سان اڳي ئي ماڻهن جٺ ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ جڏهن شام جو حيدرآباد آيو،عبرت، آفتاب، ۽ سنڌ نيوز جي ايڊيٽرن کي سرڪٽ هائوس ۾ سڏايو هئائين. قاضي عبدالمجيد عابد، شيخ علي محمد، ۽ آئون سرڪٽ هائوس پهتاسين، ته پاڻ اڃا نه پهتو هو. پر جيئن آيو، ته ان وقت ڏاڍوتتل هو. ايندي شرط قاضي عابد صاحب، ڏي منهن ڪري چيائين” توهان جي ڪري هي سڀ ڪجهه ٿيو آهي.! “ ائين چئي پاڻ اندر هليو ويو. اها ڳاله هن ڇو چئي ته بعد ۾ خبر پئي ته دادوءَ ۾ صدر صاحب سان ماڻهن اهڙو ڪم ڪيو جو هو پنهنجي ڪاوڙ نه روڪي سگهيو.
جڏهن ضياءُالحق ٺٽي پهچي ٿو، ته ان وقت ڊي سي قلي بخش رند، ۽ ايس ڊي ايم منگي صاحب هئا. صدر صاحب جي ماني جو انتظام سندس حوالي هو. ضيا جي ماني اغوا ٿيڻ جي ڊپ کان ماني جون ديڳيون پوليس وين ۾ وجهي سرڪٽ هائوس آنديون ويون.
جنرل ضيا ٺٽي شهر کان پر ڀرو مڪلي هل تي ٺهيل عوامي احتجاج ڏسڻ کان بچي ويو. سچ پچ ته هڪ بيوروڪريٽ جي حيثيت سان ماڻهوکي ڪيترا اڻوڻندڙ ڪم به ڪرڻا پون ٿا. جيئن پاڻ ذڪر ڪري ٿو، ته اهو ڪيڏو نه مشڪل وقت هو، جڏهن مارشلا اختيار وٽان حڪم آيو، ته ميرپور بٺوروي جي مشهور سياسي شخصيت ۽ فرنٽ ليڊر اعجاز علي خواجه کي گرفتاري جو حڪم آيو ۽ پاڻ پوليس آفيسر سان گڏجي، اعجاز خواجه کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هن جي گهر وڃن ٿا. پر اعجاز هڪ بردبار سياسي شخص وانگر گرفتاري ڏيئي ٿو.
سچ پچ ته نوڪري ائين ئي ڏکي هوندي آهي.ضياءُالحق جي مارشل لا جو دور ان لحاظ کان تمام ڏکيو هو. سنڌي اخبارن لاءِ به مشڪلاتون هيون، ته انتظاميه ۾ به پئي ڏڪندي هئي. منگي صاحب جي ٽنڊي الهيار وارو سندس اسسٽنٽ ڪمشنري وارو دور به ياد اٿم. آئون ان وقت عبرت گروپ ۾ ڪم ڪندو هيس. قاضي عبدالمجيد عابد صاحب، گورنر جهانداد خان جي صوبائي وزارت ۽ مير علي احمد خان ٽالپر به ضيا جو دبنگ ڊفينس منسٽر هو. ٽنڊي الهيار واري قومي اسيمبلي جي سيٽ تي مير علي احمد خان ٽالپر بيهڻ جو اعلان ڪيو. قاضي عابد سندن ايم اين اي لاءِ نه پر حيدرآباد تعلقي واري صوبائي سيٽ تان بيهڻ جو ارادو ڏيکاريو. قاضي عابد صاحب، مون کي سڏي چيو، ” توهان جي وڏي ڀاءُ سان مير صاحبن جا شخصي تعلقات رهيا آهن، توهان مير صاحب وٽ وڃو ۽ منهنجي لاءِ هن کان ملاقات جو ٽائيم وٺي اچو. مير صاحب علي احمد خان حيدرآباد آيل هو. آئون وٽس هليو ويس. ۽ کيس قاضي صاحب جي خواهش ٻڌائي. هن چيو،قاضي صاحب مون وٽ ڇو ٿو اچي،اهو ته مون کي معلوم آهي. بهرحال مون وٽ هلي ايندو ته مون کي مجبور ٿي سندس ڳالهه مڃڻي پوندي، ان ڪري توهان هن کي چئو ته آئون توهان وٽ صبح جو هلي ايندس.!“ مون اها ڳالهه اچي، قاضي صاحب کي ٻڌائي. هوڏاڍو خوش ٿيو. يڪدم سندس وڏي پٽ قاضي افضل عابد، جي ڊفينس حيدرآباد واري بنگلي تي مير صاحب جي بريڪ فاسٽ جو بندوبست ڪرايو، ۽ مون کي تاڪيد ڪيائين، ته مير صاحب کي فون ڪري چئو ته صبح جو بريڪ فاسٽ مون وٽ اچي ڪري. ٻئي ڏينهن صبح جو 9 وڳي مير صاحب پنهنجي سرڪاري اٽالي ۽ پنهنجي سيڪريٽري ڪرنل يوسف سان اچي قاضي افضل جي بنگلي تي پهتو. اندر ڊرائينگ روم ۾ سندن ڳالهه ٻولهه ٿي. قاضي افضل عابد،( الله سائين کيس وڏي حياتي ڏي، اڃا حيات آهي.) ۽ آئون اتي موجود هئاسين. قاضي صاحب پنهنجو مسئلو کيس ٻڌايو، ته توهين ايم اين اي تي بيهو، آئون هيٺ ايم پي اي جي سيٽ تي بيهڻ ٿو چاهيان!ان سيٽ تي مير صاحب جو ڀائيٽو، ۽ مير رسول بخش ٽالپر جو پٽ مير رفيق ٽالپر کي بيهڻو هو. بهرحال مير صاحب کيس چيو، ” آئون اوهانکي ڪجهه ويچار ڪرڻ بعد جواب ڏيندس.!“
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري قاضي صاحب مون کي مير صاحب ڏي موڪليو. وٽس شيخ علي محمد ايڊيٽر روزاني آفتاب پڻ ويٺل هو. مير صاحب چيو،” سرڪار ڳالهه سڌي آهي. مير رفيق ٽالپر ان ايم پي اي جي سيٽ تان ايم پي اي جو اميدوار آهي. ان ڪري مير صاحب اتان بيهندو. ۽ آئون اڳي ئي ايم اين اي سيٽ جو اميدوار آهيان. اوهين ڀلي قاضي صاحب کي اهو وڃي نياپو ڏيو!“آئون اهو نياپو کڻي، يڪدم قاضي عابد جي سول لائين حيدرآباد واري بنگلي تي موجود ڪاوش اخبار جي آفيس ڀرسانپهتس. پاڻ منهنجي انتظار ۾ ويٺو هو.ڳالهه سڄي سربستي ڪري کيس ٻڌايم. پاڻ ڪاوڙجي پيو. منهنجي ويٺي گورنر جهانداد کي فون ڪري کائنس ٻئي ڏينهن جو ٽائيم ورتائين، ۽ان وقت ئي ڪراچي روانو ٿي ويو. پوءِ ڪراچي مان ئي اچي ايم اين اي جي سيٽ تي مير علي احمد ٽالپر سان مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪيائين. ساڳئي وقت هن ايم پي اي جي سيٽ تي مير رفيق ٽالپر جي سامهون حاجي راول خان پهوڙ کي بيهاري ڇڏيو.
بس پوءِ ته بقول منگي صاحب جي ته ” ڀير تي ڏونڪو وڳو ۽ ڌمال شروع ٿي ۽ سياسي ناچوئن ناچ شروع ڪيو.“
تعجب انگيز ڳالهه اها هئي ته ان وقت حيدرآباد تعلقي جو اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالجبار عباسي ۽ ٽنڊي الهيار جو ايس ڊي ايم عبدالقادر منگي ٻئي منهنجا شخصي دوست هئا. هوڏانهن آئون ڇاڪاڻ ته عبرت گروپ ۾ ڪم ڪندو هوس، ان ڪري قاضي صاحب جي اليڪشن مهم جي خبر هوندي هئي. 28 فيبروري 1985ع تي سڄي ملڪ ۾ غير جماعتي چونڊون ٿيون. مير علي احمد خان ٽالپر، ۽ سندس ڀائيٽو مير رفيق ٽالپر ٻئي قاضي عبدالمجيد عابد ۽ حاجي راول خان پهوڙ جي مقابلي ۾ هارائجي ويا.
منگي صاحب ان تاريخي مُعرڪي يعني اليڪشن جي حوالي سان قاضي عابد صاحب جي ڪارکي آرمي طرفان پڪڙڻ جو ذڪر ڪيو آهي. منگي صاحب موجب کيس خبر پئي ته ان گاڏيءَ ۾ نوٽن جون پيتيون ۽ ڊگيءَ ۾ مير علي احمد خان ٽالپر جون قابل اعتراض تصويرون به هيون ۽ گرفتار ٿيندڙ شخص قاضي سعيد اڪبر هو.
اهو قصو تفصيل سان منگي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ بيان ڪيو آهي. قاضي سعيد اڪبر اڄ هن جهان ۾ ڪونهي. پر اها خبر اٿم ته قاضي سعيد، پنهنجي چاچي قاضي عابد صاحب تي اصل فدا هوندو هو. اسان کي قاضي سعيد جي گرفتارريءَ جي خبر بعد ۾پئي،بقول منگي صاحب جي برگيڊيئر صاحب، مٿي بالا عملدار صاحب سان ڳالهايو ۽ آخر ڪار قاضي سعيد کي، ان ڪار سميت جنهن ۾ فوٽا پيل هئا.،آزاد ڪيو ويو.
منگي صاحب لکي ٿو ته کيس اڃا تائين اها حسرت آهي ته ان موٽر ڪار ۾ مير صاحب جا اُهي چٽ پٽا فوٽو ڏسڻ کان هو ۽ ڊي ايس پي جهان شاهه محروم رهجي ويا.
سو منگي صاحب جي اها حسرت هنن لفظن ۾ ٿو پوري ڪريان. ” اصل ٿيو ائين ته قومي اسيمبليءَ جي ان چونڊ مهم ۾ برابر قاضي صاحب جي ڪيمپ طرفان هڪ فوٽو ورهايو پئي ويو. ان فوٽوءَ جي هڪ جهلڪ مون به ڏٺي. بلڪ ڪجهه وقت تائين اهو فوٽو مون وٽ به پيل هو. جنهن فوٽوءَ جو منگي صاحب ذڪر ڪري پيو. ان فوٽوءَ ۾ مير علي احمد خان ٽالپر، ڪنهن فيملي دعوت ۾ ويٺو آهي، دعوت شايد نيوايئر يا ڪنهن جي سالگرهه جي هئي. باقي فوٽوءَ ۾ عورتون ست اٺ کن هيون. مون کي تجسس رهيو ته اهو فوٽو ڪٿان جو نڪتل آهي. بعد ۾ خبر پئي ته اها تصوير، مير صاحب جي هڪ ڄاڻ سڃاڻ واري عورت جي بنگلي ۾ نيو ايئر نائيٽ وري تقريب جي آهي. ۽ اهو فوٽو، ان وقت قاضي صاحب کي ڪنهن شخص پهچايو هو. مير علي احمد خان ٽالپر جي هارائڻ کان پوءِ منهنجي ساڻس پارسي ڪالوني واري بنگلي تي سيپٽمبر 1985ع ۾ ملاقات ٿي هئي. آئون کيس پنهنجي وڏي ڀاءُ ممتاز علي قريشي جي ورسيءَ جو ڪارڊ ڏيڻ ويو هوس. پاڻ پنهنجي بنگلي جي آڳنڌ ۾ چمپا جي وڻ هيٺان ويٺو هو. جنگ جو عيوضي هن کان انٽرويو وٺي رهيو هو. جڏهن مير صاحب کان صحافي پڇيوته اوهان جو جنرل ضياءُالحق بابت ڪهڙو خيال آهي، ته مير صاحب اڙدو جو هي شعر پڙهيو هو:
هم تو زخمي هوئي خير هوئي
عشق ۾ جان چلي جاتي هي.

۽ پوءِ جنگ جو عيوضي جڏهن اتان اٿي ويو، ته منهنجي لاءِ ڪافي گهرائي هئائين، ۽ ان ۾ ماکي ملائي مون کي ڏنائين.انهيءَ آخري ڪچهريءَ ۾ جڏهن مون ان تصوير جو ذڪر ڪڍيو ته کلي چوڻ لڳو،”سرڪار اهو فوٽو گهريلو فوٽو هو. ۽ فلاڻي صاحب جي زال به ان فوٽوءَ ۾ ويٺي آهي. پر هن مائي جي ڏير وڃي اهو فوٽو قاضي صاحب جي حوالي ڪيو. بس سرڪار ڇا ڪجي؟ خدا جي پناهه آهي، هنن ماڻهن کان.!“
منگي صاحب هڪ دلڪش، ۽ ايماندار ماڻهو آهي. انتهائي ميٺاج واري طبيعت اٿس. گلاب جي گلن جو شوقين رهيو آهي. گلن ۽ وڻن پوکڻ جي به عادت اٿس. اها ڳالهه هڪ چڱي ماڻهوءَ جي اعليٰ طبيعت جي نشاني آهي. ٽنڊي الهيار جي ايس ڊي ايم واري نوڪريءَ کان وٺي جتي به ويو، اتي گلن پوکڻ جي اها عادت برقرار رکيائين. نوڪريءَ دوران ساڻس هڪ دهشت ناڪ واقعو به ٿيو.اها ڳالهه ڊسمبر 1985ع جي آهي، ٽنڊي آدم واري روڊ تان ٽنڊي الهيار وڃي رهيو هو. ان مهل جيپ ۾ سراج الحق ميمڻ جو ڪتاب ” اٺون ماڻهو“ پڙهيائين پئي، ته مين روڊ تان ڌاڙيل نورو ماڇي وارا کيس اغوا ڪري ويا. بهرحال کيس پڇا ڳاڇا ڪري، ڇڏي ڏنائون.
اهو واقعو هن بيان ڪندي هن ٻڌايو آهي ته ڪچي ۾ ڇڌڻ وقت هڪ ڌاڙيل سندس تلاشي ورتي، ته وٽس کيسي ۾ پئسا نه هئا. جيڪا ڳالهه ضرور ڌاڙيل صاحب کي محسوس ٿي هوندي. ان دور ۾ توڙي اڄ هڪ ايس ڊي ايم اغوا ٿئي ته اها تمام گهڻو اهم واقعو ٿي وڃي ٿو. منگي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ننڍي کان ننڍين ڳالهين جو به ذڪر ڪيو آهي. مثال طور ان وقت جي چيف منسٽر سيد غوث علي شاهه جو چوڻ هو ته جڏهن ٽوئر تي اچي، ته سندس باٿ روم ۾ صابڻ جون ٻه چڪيون پيل هجن. ۽ ضياءُالحق مرحوم جي اي ڊي سي جي تاڪيد موجب هن لاءِ باٿ روم ۾ سرنهن جو تيل ضرور رکيو ويندو هو. يا وري ڪن بيوروڪريٽس جو ذڪر ڪندي هو ٻڌائي ٿو ته اسلم سنجراڻي حيدرآباد جي ڪمشنريءَ واري دور ۾ ڪمشنر هائوس ۾ هڪ سوئمنگ پول ٺهرايو. سچ پچ ته اهي ڳالهيون پڙهي ماڻهو اچرج ۾ به ٿو اچي وڃي. مثال طور هڪ ڪمشنر صاحب فقط پنهنجي دلپسنديءَ لاءِ ڪمشنر هائوس ۾ سوئمنگ پول ٿو ٺهرائي. پر ماڻهن کي ان مان ڪهڙو فائدو پهتو؟ ماڻهو ڪم اهو ڪري وڃي، جنهن سان عام جي ڀلائي ممڪن ٿي سگهي. جيئن اڄ منگي صاحب کي ٿرپارڪر، ٽنڊي الهيار، گهاري، ۽ لاڙڪاڻي جا ماڻهو ياد ڪن ٿا.
منگي صاحب هن ڪتاب ۾ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي ڊائري جو به ذڪر ڪيو آهي. اها ڊائري واقعي ڏاڍي دلچسپ آهي. ان ۾ سنڌ جي دوري دوران ايوب خان جي ڪيل شڪارن جو تفصيلي ذڪر آهي. مثال طور هڪ هنڌ لکي ٿو ته سنڌ جي دوري دوران هڪ چيئرمين ضلعي ڪائونسل تقرير ڪندي کيس گذارش ڪئي، ته پاڪستان ۾ توهين تاحيات صدر ٿي وڃو.!
اهو احوال اسان کي انهن ذاتي ڊائرين ۽ آتم ڪٿائن مان ئي ملي سگهي ٿو. آتم ڪٿا ۾ منگي صاحب جي ڊي سي خيرپور دوران پيش آيل واقعا به ڏاڍا دلچسپ آهن. خيرپور ۾ رهندي سيد قائم علي شاهه، موجوده پير صاحب پاڳارو عرف راجه سائين، ممتاز علي خان ڀٽو، وغيره سان هن جا ويجها ناتا قائم ٿيا. پر جڏهن سندس تعلق وارو ممتاز ڀٽو صاحب نگران وزير اعليٰ ٿيو، ته هن منگي صاحب جي بدلي ڪئي. پاڻ ٻڌائي ٿو ته ان جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو ته هن بطور ڊپٽي ڪمشنر خيرپور، سندس هڪ ڪم نه ڪيو هئائين. پر ممتاز صاحب وري کيس سڏائي، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو به مقرر ڪيو. سو اهي هوندا آهن، اسان جي سياستدانن جا طور طريقا. يقينن اهو ڏکيو دور هو. مير مرتضيٰ ڀٽو ڪراچي ۾ شهادت واري افسوسناڪ واقعي بعد شهيد محترمه بي نظير ڀٽو جي حڪومت کي سبڪدوش ڪيو ويو هو. وڏي ڳالهه ته 5 جنوري 1997ع تي شهيد ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي محترمه لاڙڪاڻي پهتي ته منگي صاحب ڊي سي هوندي به سرڪاري لينڊ ڪروز محترمه شهيد لاءِ پوليس گرائونڊ لاڙڪاڻي تي ڏياري موڪلي.
منگي صاحب جنهن دليريءَ سان لاڙڪاڻي ۾ سياسي ماڻهن کي منهن ڏنو. ان مان سندس اندر جي دليري ظاهر ٿئي ٿي. ان وقت محترمه غنويٰ ڀٽو سان لاڙڪاڻي ۾ وڃي ملاقات ڪرڻ کان انڪار يا وري سبڪ مجيد جي دڙڪن ۽ دهمانن ۾ نه اچڻ. هڪ باهمت ماڻهو جي همت جو اظهار آهي-ساڳئي وقت نگران وزير اعليٰ ممتاز ڀٽو جي انتظامي صلاحيت جو اظهار سبڪ مجيد کي اهو جواب پڻ آهي ته ” ڊپٽي ڪمشنر ڪنهن جو به ڪمدار ڪونهي. جنهن کي به ڪا شڪايت آهي ته اهو وڃي ڊي سي آفيس ۾ کيس چوي.“
يا وري اهم ڳالهه ته ممتاز ڀٽو نگران وزير اعليٰ هوندي هڪ ڀيرو به ڊي سي لاڙڪاڻي عبدالقادر منگي سان اليڪشن متعلق ڊسڪس نه ڪيو، جنهن اليڪشن ۾ يعني 3 فيبروري 1997ع تي نگران وزير اعليٰ جو پٽ امير بخش خان ڀٽو، اياز سومرو کان فقط ٽن سون ووٽن تي هارائي ويو.
منگي صاحب جي آتم ڪٿا، هر طرح سان دلچسپ ۽ دلڪش آهي. ۽ سنڌي ادب ۾ آتم ڪٿائن جي ڀاڱي ۾ هڪ اهم جاءِ والاريندي. مون کي اها پڙهندي مٿس لکيل منهنجي هيءَ تحرير ياد اچي ويئي:
ڪو وقت هو انگريز آفيسر سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جا ڏاڍا مداح هوندا هئا. ميرن جي صاحبي فيبروري 1843ع ۾ وڃڻ کان پوءِ واقعي انگريزن سنڌي ٻولي کي اوج وٺرايو. سڀ کان پهريون ته سر چارلس نيپيئر سنڌ جو گورنر ٿيڻ شرط فارسي کي دفترن مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي. پوءِ فارسي جي جاءِ تي سنڌي ٻوليءَ کي فارسي جي جاءِ تي سرڪاري آفيس ۾ رائج ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيائين. بعد ۾ خدا ڀلو ڪري، سر بارٽل فريئر جو، پاڻ 1851ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر ٿي آيو.هن ايندي شرط پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايليس کي سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي سڌارڻ جو حڪم جاري ڪيو.هن هڪ ڪميٽي ٺاهي، ڪميٽيءَ ۾ ديوان ننديرام مير چنداڻي، ديوان پريداس، راءِ بهادر جڳنناٿ، ۽ خانبهادر، مرزا صادق علي (مرزا مخلص بيگ جو پٽ) جهڙا عالم شامل هئا. فريئر صاحب جي ڪوشش سان شمس العلماءِ مرزا مخلص بيگ سنڌ جي پهرئين ليٿو گراف پريس ڪراچي قائم ڪئي. اتان مشهور فارسي اخبار مفرج القلوب ۽ مطلع خورشيد (سنڌي ۽ فارسي) نڪرنديون هيون. بعد ۾ پهرين سنڌي اخبار سنڌ سڌار به انگريز سرڪار 1866ع ۾ جاري ڪئي. پر ان کان اڳ فريئر صاحب جي ڪوششن سان 1854ع ۾ سنڌي زبان جي 52 اکرن جو عربي رسم الخط ٺهي راس ٿيو. 1858ع ۾ ارنيسٽ ٽرمپ جو پهريون سنڌي ريڊنگ بوڪ لنڊن مان شايع ٿيو هو. 1866ع ۾ فريئر جي مالي مدد سان ٽرمپ جو شاهه جو رسالو، جرمني جي شهر لبزڪ مان ڇپرائي آيو هو. 29 آگسٽ 1857ع ۾ هڪ ساڳيو ڏينهن آهي. هن تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر پنهنجي دربار مان حڪمنامو جاري ڪيو. ان ۾ لکيل هو ته آئنده هر سرڪاري لک پڙهه فقط سنڌي ۾ ڪئي ويندي.
تنهن کان سواءِ انگريز آفيسرن جهڙوڪ جارج اسٽيڪ، ڪيپٽن ايسٽيوڪ، جيمس برنس، ميجر آئو ٽرام، ڪيپٽن اسٽينلي ريڪس، وليم نيپيئر، اليگزينڊر برنس، ۽ رچرڊ برٽن به پنهنجي جاءِ تي سنڌ بابت لکڻ ۾ پاڻ ملهايو. پر سر رچرڊ برٽن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ عجيب ماڻهو هو. هن سنڌ بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا. سندس نگاهه ڏورس ۽ دوربينيءَ جهڙي هئي. سنڌ بابت علمي ۽ ادبي شوق ڪيترن تي انگريز آفيسرن ۾ هوندو هو، رچرڊ برٽن جا ڪتاب ته پڙهندي ته من ٿو وٺجي وڃي.
اهو مون ڪيترن سنڌي آفيسرن ۾ به ورهاڱي کان پوءِ قائم رهيو. ڪيترا ڪليڪٽر جهڙوڪ سائين مدد علي شاهه، عبدالله چنا، آغا عبدالنبي، الله بخش عقيلي، قاضي سچيڏني، نون صاحب به موجود هو.ڪهڙي سندن ڳالهه ڪجي، سنڌ جي علم ۽ ادب سان کين چاهه هوندو هو. سائين الله بخش نظاماڻي، آغا تاج محمد مرحوم ڪليڪٽر ته ڪو نه هئا. تعليم کاتي ۾ نوڪري هوندي هئن، پر اهي ٻئي به شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي هر ميلي توڙي ڀٽ شاهه، ڪلچرل ڪميٽيءَ سان سلهاڙيل رهيا. رٽائرمينٽ کان پوءِ عبدالله چنا مرحوم به ڀٽ شاهه ڪميٽي لاءِ ڪم ڪندو رهيو. شاهه صاحب بابت ڪانفرنسون ڪرائڻ سندن اعليٰ خدمتن ۾ شامل آهي، سنڌ جو وزير اعليٰ پيرزادو عبدالستار مرحوم ته سنڌي راڳ جو عاشق هو. سيد ميران محمد شاهه، ۽ سائين جي ايم سيد، شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي ميلي جي شروعاتي بانين مان رهيا آهن. ميران محمد شاهه، مرحوم 1958ع ۾ مارشل لا اچڻ کان پوءِ ڪنڊائتو ٿي ويو. پر ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر ٺهرائڻ ۾ سيد ميران محمد شاهه، سائين جي ايم سيد، ۽ پيرزادو عبدالستار جا نالا ڪڏهن به وساري نٿا سگهجن. اهو شروعاتي دور هو. شاهه جي ميلي کي زور وٺرائڻ ۾ انهن سان گڏ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو به وڏو هٿ هو، اڄ سندن پوکيل ٻوٽو وڏو وڻ ٿي ويو آهي.
سو ڳالهه پئي هلي سنڌي آفيسرن ۾ سنڌي ادب لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي، ته انهيءَ لسٽ ۾ وري اسان دوست، عبدالقادر منگيءَ جو نالو به ڪنهن طرح سان هرگز پوئتي ڪونهي. سندس همعصر ۽ ڪجهه سينيئر بيورڪريٽس ۾ محمد هاشم ميمڻ، نوراحمد شاهه، حميد آخوند، سيد محب الله شاهه، عبدالله جي ميمڻ، مظهرالحق صديقي، غلام محمد ميمڻ، قُلي بخش رند، امتياز حسين قاضي، عبدالغفار سومرو، آغا شهاب به اچي وڃن ٿا. انهن به سنڌي ادب، ڪلچر، ۽ ٻولي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. هاڻوڪن آفيسرن ۾ وري اڪبر لغاري، شفيق مهيسر، قاضي شاهد پرويز، سليم رضا کيڙو، منظور قناصرو، اعجازميڻ به پنهنجي طور تي اهو سلسلو جاري رکيو پيا اچن.
عبدالقادر منگي ته ٿرپارڪر ۾ اڃا به ماڻهن کي ياد بيٺو آهي، ٺٽي جا ماڻهو کيس سدائين پيا ساريندا آهن. آئون جيڪڏهن وساريان نٿو، ته ڀاءُ عبدالقادر منگي، پهريون ڀيرو، ڀنڀور سيمينار 1983ع ۾ منعقد ڪرايو هو. تڏهن پاڻ گهاري جو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ضلعي ٺٽي جو ڊپٽي ڪمشنر وري قلي بخش رند هو. رند صاحب، پاڻ هڪ علمي ۽ ادبي ذوق رکندو هو. مون کي ياد آهي ته 1972ع ڌاري جڏهن پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو، ته يونيورسٽيءَ جي سينٽرل ڪينٽين ۾ شاهه عبدالطيف لائبريري قائم ڪئي هئائين. اتي شاگردن کي ڪتاب پڙهائيندي ڏسيڏاڍو خوش پيو ٿيندو هو. اهو ئي شوق ۽ جذبو رند صاحب کي ڪجهه وقت نوڪري دوران به رهيو. پر منگي صاحب ان شوق ۾ سڀني کان زور رهيو. هن 10 اپريل 1983ع تي ڀنڀور جي ڀڙڀانگ ماڳ ۾ ميلو مچائي ڇڏيو. سيمينار ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، جي ايم مهڪري، ڊاڪٽر رياض الاسلام، ڊاڪٽر ايف اي خان، حڪيم محمد سعيد، ڊاڪٽر لوئي فيم، ڊاڪٽر حميده کهڙو، بيگم ممتاز اڪبر راشدي، ميڊم امينه خميساڻي، حيدرآباد جو ڪمشنر عبدالله جي ميمڻ ، ايم ايڇ پنهور، علي احمد بروهي، مظهر يوسف، مهتاب راشدي، مير محمد بخش ٽالپر، غلام رباني آگرو، عزيز جعفراڻي، عبدالله ورياهه، سراج الحق ميمڻ، حسين شاهه راشدي، حميد آخوند، تاج سحرائي، جهڙن عالمن اچي شرڪت ڪئي هئي.
ڀنڀور سيمينار جي اهم ڳالهه ته هن ڀنڀور جي کوٽائي واري سرواڻ ڊاڪٽر ايف اي خان جي سيمينار ۾ شرڪت هئي. موهن جي دڙي کي سرجان مارشل ڊسڪور ڪري 1922ع ۾ ان جي کوٽائي پنهنجي ساٿين راءِ بهادر ڏيارام، گوپال مجمدار، ۽ ڊاڪٽر اين جي مئڪيءَ سان گڏ بيهي ڪرائي هئي. هو صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ وري ڪڏهن موهن جي دڙي کي نه ڏسي سگهيو. نه وري سندس حياتيءَ ۾ موهن جي دڙي تي ڪو سيمينار ٿيو. پر پاڪستان آرڪيالاجيڪل ڊپارٽمينت جو اڳوڻو ڊي جي محترم ايف اي خان خوش قسمت هو. هن پنهنجي اکين آڏو ڀنڀور جي کوٽائي ڪرائي هئي. هن ڀنڀور جي کوٽائي واري ڪم جي شروعات 1958ع کان شروع ڪرائي هئي. ڀنڀور بابت 23 مارچ 1959ع جي روزاني ڊان ۾ ڀنڀور بابت پهرين خبر شايع ٿي هئي. ان خبر ۾ چيل هو ته ڀنڀور جي کوٽائي مان خليفي هشام بن عبدالملڪ جو سڪو لڌو ويو آهي. انهيءَ کوٽائي وقت سڪي هٿ اچڻ کان پوءِ جهڙوڪر ثابتي ٿي هئي، ته ڀنڀور جي قدامت ڪيڏي نه پراڻي آهي.
ساڳئي ڀنڀور تي ٿيندڙ پهريون عاليشان سيمينار کوٽائي جي 24 ورهين کان پوءِ ٿيو. اهو واقعو ڊاڪٽر خان لاءِ وڏو اهم هو. ان سيمينار ۾ ڊاڪٽر خان به پنهنجو مقالو پڙهيو. پنهنجي اکين سان ڊسڪوري آف ڀنڀور کي ڏسي خوش ٿيو هو. سيمينار ۾ عالماڻيون تقريرون ۽ مقالا ٻُڌي، هن کي اطمينان ٿيو هو، ڀلا هڪ اسڪالر ۽ هڪ آرڪيالاجسٽ لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ٿي انعام ٿي سگهيو. مون کي ياد آهي ته سال 1990ع ۾ منهنجي ڊاڪٽر ايف اي خان سان ملاقات ڪراچي ۾ ٿي هئي. پاڻ تڏهن پي اي سي ايڇ ايس جي بنگلي نمرب 58-2 ايل ۾ رهندو هو. بنهه جهور ٿي ويو هو. تڏهن آئون روزاني هلال پاڪستان ڪراچي جو چيف ايڊيٽر هوس. ڀنڀور بابت ڪا معلومات وٺڻ لاءِ وٽس ويو هوس. جڏهن ڀنڀور سيمينار جي ڳالهه نڪتي ته ڏاڍو خوش پئي ٿيو.
عبدالقادر منگي ۾ ڏاڍي سٺي عادت آهي، هو صاحب هر سيمينار ۾ پڙهيل مقالا گڏ ڪري رکندو آهي، بعد ۾ انهن مقالن کي ڪتابي شڪل ۾ ڇپائيندو آهي. ڀنڀور سيمينار جا مقالا به ڪتابي شڪل ۾ 1986ع ۾ ڇپرايا هئائين.
منگي صاحب، ڀنڀور سيمينار کان پوءِ ماٺ ڪري نه ويٺو. 1985ع ۾ ٽنڊي الهيار جو اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو. ان وقت هن وتائي فقير تي هڪڙو سيمينار ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. اها سندس وڏي همت هئي، وتائي فقير تي تحقيق مقالا لکرائي هڻي وڃي هنڌ ڪيائين. مقصد ته اتي به هن پنهنجي ادبي شوق ۽ چاهت کي ڪنهن به طرح سان ختم نه ڪيو. بلڪ انهيءَ ڳالهه کي اڳت وڌائيندو رهيو. تان جو وڃي 1991ع ۾ ٿرپارڪر جا وڻ وسايائين. اپريل 1990ع ۾ ٿر ضلعي جي شڪل اختيار ڪري چڪو هو. هن صاحب به اچي ٿر ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر جو عهدو سنڀاليو. ٿر جهڙي علائقي ۾ به هو چپ ڪري نه ويٺو. بلڪ اڪٽوبر 1992ع ۾ ٿر سيمينار ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سچ پچ ته ٿر جي هيڊ ڪوارٽر مٺيءَ ۾ سيمينار ڪرائڻ ڪا سولي ڳالهه بنهه نه هئي. هڪ ته مٺي شهر پري ٻيو پنڌ اڻانگو ۽ مٺي ۾ مهمانن لاءِ سهوليتن جي اڻاٺ، پر هڪ سٺي منتظم اعليٰ۽ پنهنجي سٻاجهي طبيعت جي ڪري اهوسيمينار به ڪرائي ڏيکاريو.هن سيمينار ۾ به هن ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، عبدالقادر جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، بدر ابڙي، غلام محمد لاکي، بشير احمد لغاري، تاجل بيوس، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، اعجاز قريشي، سلطانه وقاصي، نسيم شيخ، هدايت پريم، ڊاڪٽر بشير احمد شاهه، عبدالله ورياهه، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ۽ ٻين چڱن چوکن سڏائي ورتو. ڄڻ ريگستان ۾ منگل ٿي ويو. مٺي جي ڀٽن به پنهنجي ڌرتي جي عظمت کي ٻڌو ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي جو ذڪر جيڪڏهن ڪنهن پهرئين انگريز آفيسر پنهنجي ڪتاب ۾ آندو، ته اهو هو ڪرنل جيمس ٽاڊ هو.
سندس ڪتاب Annais and Antiquities of Rajistan on the Central and Western Notes of India آهي. اهو ڪتاب سال 1829ع ۾ ڇپيو هو. پر ٿر تي انگريزيءَ ۾ پهريون ڪتاب لکندڙ ڪيپٽن اسٽينلي ريڪس هو. هن اهو ڪتاب ميمسائرزآف ٿر اينڊ پارڪر جي عنوان سان لکيو هو. منگي صاحب، اهو اڻلڀ ڪتاب ڪٿان هٿ ڪيو جنهن جي خبر خدا کي، پر کيس شابس هجي پاڻ ان جو ڊاڪٽر علي نواز شوق کان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايو. ۽ پوءِ اهو ڪتاب ڇپائي سيمينار ۾ ورهائي هڻي وڃي هنڌ ڪيو. ٿر تي مير محمد بخش ٽالپر به 1967ع ۾ مارئي ميلو ڪرايو هو. سائين نوراحمد شاهه ٿرپارڪ ضلعي تڏهن ميرپورخاص ۽ ٿر هڪ ئي ضلعو هو، جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو تڏهن به 1967ع ۾ ٿر بابت هڪ سيمينار اڃا تائين گهڻ اديبن کان نه وسريو آهي.
اصل ۾ ٿر آهي به دلڪش پاڻ ڏي ڇڪيندڙ ۽ موهيندڙ خود عبدالقادر منگي کي به پاڻمرادو، ٿر پاڻ ڏي، Facinate ڪيو هو. سندس چواڻي ته ڪيترن ورهين کان جڏهن هو اڃا ٿر نه ويو هو ته کيس ٿر لاءِ ڇڪ محسوس پئي ٿيندي هئي. پهريون ڀيرو هو ڊپٽي ڪمشنر ٿي مٺي شهر ۾ داخل ٿيو.سائين مصري شاهه جي درگاهه وارو وراڻو ٿيندي مٿس هڪ عجيب ڪيفيت ڇائنجي وئي هئي. پهرئين پهرئين سال 1858ع ۾ ٺهيل ريسٽ هائوس جي عمارت کيس مائل ڪري ڇڏيو. کيس شايد خبر هئي ته هن ئي عمارت ۾ سنڌ ۽ سنڌي ادب جو محسن ميرزا قليچ بيگ سان 1889ع ۾ ٿرپارڪر جي دپٽي ڪليڪٽر جي حيثيت سان اتي رهيو هو. ٿر وسڪاري بعد دلڪش ۽ ڏڪار ۾ ڏکوئيندڙ منظر ۾ بدلجي ويندو آهي. هتي پاڻي جي ڍُڪ لاءِ وڏا ڪشالا ٿا ڪڍڻا پون. علاج ۽ ٻين سهوليتن جي اتي سدائين اڻاٺ آهي. اتي اڄ رستا هوندي به ڪيترين ڳالهين جي کوٽ آهي، پر مٺي شهر اڄ ٻهراڙي نه رهيو آهي. ميرزا قليچ بيگ، ڪيپٽن تروٽ اسٽينلي ريڪس، امرڪوٽ جي قلعي ۾ آرامي انگريز ڪليڪٽر هربرٽ واٽسن وارو ٿر به ساڳيو نه رهيو آهي. پر ٿر جون هوائون ٿر جو آسمان ۽ ان تي چمڪندڙ تارا، مٺيءَ جي ڀٽ گڊي تي چمڪندڙ چوڏهينءَ جوچنڊ، ائين آهي. ۽ ٿر جي فضائن ۾ سمورا آواز موجود آهن. جن ٿر جي چڱائيءَ لاءِ پاڻ ويهي پتوڙيو.
منگيءَ صاحب ٿر کانسواءِ، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ به ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو آهي. خيرپور ۾ هن سال 1995ع جي پڇاڙي ڌاري 15 ڏينهن وارو جشن خيرپور ۾ ڪرايو هو. خيرپور جي رهواسين کي به اهو جشن خيرپور بنهه نه وسريو آهي، خيرپور جا ڀلا اڳي ئي رياستي ماڻهو سچل سائين به اتي موجود ۽ مير علي نواز ٽالپر، مرحوم جا قصا به اتي مشهور. منگي صاحب خيرپور ميلي جي موقعي تي سچل سرمست جي مقبري جو ننڍڙي ريپلڪا ٺهرائي، اهو اديبن ۾ انعام طور ورهايو. ايڏو خوبصورت تحفو اڃا تائين مون نه ڏٺو آهي. خيرپور جي جشن ۾ به وڃڻ ته ٿيو هو. پر دوست سرفراز راڄڙ جي گهر ۾ سندس ڊرائينگ روم ۾ سچل سائين جي مقبري جو خوبصورت ريپلڪا ڏسي دنگ رهجي ويو هوس. خواهش اٿم ته شاهه لطيف جي عرس جي موقعي تي سنڌ ثقافت کاتي لطيف ايوارڊ لاءِ لطيف سائين جي روضي جو ريپلڪا ٺهرائي. انعام طور ڏيو وڃي.
منگي صاحب 1996ع جي وچ ڌاري لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو. پر اهو مدو مختصر هو. نه ته پڪ لاڙڪاڻي ۾ به مرحوم محمد هاشم ميمڻ وانگر لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو جهڙو جشن ضرور ڪرائي ها. مرحوم محمد هاشم ميمڻ 1985ع ۾ اهو فنڪشن ڪرايو هو. ۽ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو جهڙو عاليشان مضمونن جو ڪتاب به ڇپرايو هئائين.
چون ٿا ته ماڻهو ۾ ڪي چڱايون کيس پنهنجن وڏڙن کان ٿيون منتقل ٿين. منگي صاحب ۾ به پنهنجن وڏن جون دعائون ۽ چڱايون شامل آهن. هو وري جڏهن سيڪريٽري ڪلچر ٿيو ته اتي به طرح طرح سان پاڻ ملهائيندو رهيو. سندس آفيس ۾ وڃبو هو ته اديبن ۽ فنڪارن جا ميلا متل هوندا هئا. غريب غربي فنڪار جو ڪم پاڻ مرادو پيو ٿيندو هو. مون کي ياد آهي ته سال 2006ع هڪ تقريب ۾ ان وقت جي وزير اعليٰ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم کي رٿ ڏني، ته شيخ اياز جا ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ ۽ شيخ اياز جو مقبرو ٺهرائڻ لاءِ سندس حڪومت کي هدايت جاري ڪري، وزير اعليٰ فوري طور تي اها رٿ ان تقريب ۾ قبول ڪئي. ۽ ڪلچر کاتي کي اهڙي هدايت ڏني. ان وقت سيڪريٽري ڪلچر منگي صاحب هو. هن سان مون صلاح ڪئي پوءِ پاڻ فوري طور تي هڪ ڪميٽي محمد ابراهيم جويو جي سربراهي ۾ جوڙي ورتي. ساڳئي وقت ان سلسلي ۾ پي سي ون ٺهرائي سي ايم هائوس کي ڏياري موڪليائين. ان پي سي ون منظوري کان پوءِ ڪلچر کاتي شيخ اياز جي سمورن ڪتابن کي شايع ڪرائڻ ۽ اياز جي قبر جوڙائڻ لاءِ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. اهو ڪم منگي صاحب ۽ سندس رٽائر ٿيڻ کان پوءِ وري شمس جعفراڻي سيڪريٽري ڪلچر، ۽ ان وقت جي صوبائي وزير ڪلچر سسئي پليجو جي ذاتي دلچسپي سبب تڪميل تائين پهتو.
منگي صاحب سان منهنجي شخصي ملاقات تمام پراڻي آهي. اها جنوري 1972ع جي ڳالهه آهي مرحوم نبي بخش کوسي سان گڏ آئون ۽ ارباب کهاوڙ شيخ اياز سان ملاقات ڪرڻ لاءِ سکر ويو هوس. اتان ٻئي ڏينهن اسين شڪارپور ويا هئاسين. اتي بيدل مسرور، جي جاءِ تي هدايت پريم، ۽ عبدالقادرمنگيءَ سان پهريون ڀيرو ڪچهري ٿي هئي. تڏهن پاڻ شڪارپور فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندو هو. بعد ۾ 1981ع ۾ دوست سرفراز راڄڙ جي دعوت تي قاضي اسلم اڪبر، چيف ايڊيٽر ڊيلي سنڌ نيوز سان گڏ کپري وڃڻ ٿيو. اتي شام جو سرفراز راڄڙ، اسان کي اسسٽنٽ ڪمشنر کپري جي بنگلي تي وٺي ويو هو. تڏهن خبر پئي هئي ته اسان جو پراڻو دوست عبدالقادر منگي کپري جو ايس ڊي ايم آهي. ان وقت به سندس ڪچهريءَ جو موضوع سنڌي ادب هو. هڪ ڀيري گهاري ۾ به وٽس وڃڻ ٿيو هو. هن سان محبت ۽ تعلق جو رستو قائم آهي.
هو ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتيديري جو رهاڪو آهي. رتوديرو ضلعي لاڙڪاڻي جو اهم تعلقو رهيو آهي. هي علائقو گهڻي وقت کان خان بهادرن، راءِ بهادرن، سرصاحبن، جاگيردارن، ۽ موچارن جڳ مشهور ماڻهن جي جنم ڌرتي رهي آهي. ڀر ۾ ڳڙهي خدابخش، جو تاريخي ماڳ به اٿس. نئون ديرو به هن تعلقي ۾ شامل رهيو آهي. سر شاهنواز خان ڀٽو، راءِ بهادر گوڪلداس ( سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ بعد پهرين سنڌ وزارت ۾ شامل وزير) سنڌ مان پاڪستان جو پهريون ڀيرو ٿيندڙ صدر ۽ وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، خاتون وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو. هندستان جي پهرين سينيٽرل اسيمبليءَ جو ميمبر نواب واحد بخش خان ڀٽو، نواب نبي بخش خان ڀٽو، سائين پير شاهه راشدي، رسول بخش خان ڀٽو، خانبهادراحمد خان ڀٽو، ممتاز علي خان ڀٽو، پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين راشدي، ۽ سردار الله بخش خان جلباڻي اول، سيد خير شاهه، سيٺ هرچي مل، سيٺ قيمتراءِ، ڌيارام ڪشنچند، جئسنگهاڻي، ديوان خوبسنگهه، قاضي عبدالحئي قائل، شيام جئسنگهاڻي مشهور شاعر پرڀووفا، ۽ ذوالفقار راشدي، ديوان ريواچند، ( جيڪو ورهاڱي کان پوءِ به وطن نه ڇڏي ويو) بنگل ديري جو رهاڪو ڊاڪٽر ٻَلديو متلاڻي، ( بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌيڊپارٽمينٽ جو اڳوڻو سربراهه) ڊاڪٽر منوهر متلاڻي ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو هاڻوڪو سربراهه اسان جو پراڻو يار ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي مرحوم ۽ ڪامريڊ نذير احمد جلالي، سائين ديدار حسين شاهه، عبدالرزاق سومرو، پروفيسر نذير احمد سومرو، قاضي منظر حيات، عبدالخالق ڪنڌر، نئين ديري وارو به هتان جا آهن.
منگي صاحب پاڻ هڪ کلمک شخص آهي. مون ته سدائين کيس مُرڪندي ۽ ڌيرج سان ڳالهائيندي ڏٺو، نه ڪڏهن کيس وڏي واڪي ڳالهائيندي ٻڌو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪيترن سڄڻن کيس رنجايو به هوندو. ڏکويو به هوندو پر ڇاڪاڻ ته هي سنڌ آهي، هڪ هزار ورهين جي غلامي به هڪ بيماري آهي. ان ڪري ڪنهن به صورت ۾ ڏک ۾ اچي ڪڏهن به نه ٻوليندو. لاڙڪاڻي مان هاڻ سڳداسي چانور اڻلڀ ٿي ويا آهن، پر منگي صاحب ۾ اها سڳداسي چانورن واري سڳنڌ اڄ به موجود آهي، بنهه ماٺيڻو ۽ محبتي ماڻهو بختوارو هئڻ سان گڏ ابي امان جون دعائون به شامل اٿس. پير به ڪو ڏاڍو سڀاڳو اٿس، ڀاڳوند آهي. الله سائين کيس سکيو ستابو رکيو آهي، گهر ٻار جي به خوش اٿس. رٽائرمينٽ کان پوءِ پنهنجو گهڻو وقت مطالعي ۾ گذاري ٿو. ڪتب خانو پنهنجو شاندار اٿس- ڀلا ٻيو ماڻهوءَ کي ڇا گهرجي! سامهون اجهو به سنڌي سمنڊ جي لهرن کي ڏسندي، هن لاءِ اياز جو هي شعر ٿا ڀيٽيون:
پرينءَ جي پکي ۾ وڃين ٿو اياز،
تڙي آهه ٽانگر ٻه ٽي ڦول کڻ.

شال سدائين خوش هجي. شل سدائين ائين ئي مُرڪندو رهي. اسان جون دعائون ساڻس شامل راهه آهن.

[b]مدد علي سنڌي
[/b]نيشنل ميوزيم،
برنس گارڊن، ڪراچي
12-آڪٽوبر 2017ع
فون نمبر: 03232574353