آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جـوئي آهيان سوئي آهيان

ھي ڪتاب ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري محترم عبدالقادر منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
عبدالقادر منگي جي اندر ۾ ھڪ اديب ۽ ڪلاڪار لڪيل آھي، تنھنڪري ھو سنڌ ۾ جتي بہ ڪامورو ٿي ويو تہ ھن انتظامي حوالي سان گڏ اتي ادب ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني. ھو پنھنجي 33 سالن جي ڪيريئر ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ويو آھي، ھن سنڌ جي سياست جا مختلف دور ڏٺا آھن، مختلف وزيرن ۽ حاڪمن سان رھندي ھن جيڪو ڪجھ ڏٺو آھي ان کي پنھنجي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي ھڪ تاريخ آھي. ھن پنھنجي دور جي مختلف ساٿي ڪامورن، اديبن ۽ سياستدانن کان وٺي عام ماڻھن جي قصن کي پنھنجي آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آھي. ھو ملنسار ۽ ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آھي.
Title Cover of book جـوئي آهيان سوئي آهيان

18. ريٽائرمينٽ کان پوءِ

مون کي اها به ڳڻتي هئي ته ايندڙ سالن ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڪجهه ڪرڻ جو سوچجي، صحت به ٺيڪ نظر پئي آئي. ڪجهه ڪري سگهيس ٿي. جڏهن مان پنهنجي ڊاڪٽر فهيم جعفريءَ سان مليس ته هن به اها صلاح ڏني ته چپ ڪري گهر نه ويهجانءِ. مارچ 2008ع ۾ جڏهن سائين قائم علي شاهه سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو هيو ته کيس مبارڪ ڏيڻ ويو هيس. سائين قائم علي شاهه سان سال 95-1996ع کان خيرپور ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون. اهو ڏسي چوڻ لڳو ته “توهان ته اڃان صحت مند آهيو! توهان جون خدمتون استعمال ٿيڻ گهرجن.” مان اندر اندر ۾ ٽڙي پيو هيس، پر پوءِ ان قصي کي سال کن گذري ويو.

[b]ڌرتي ٽي. وي
[/b]ٻيو آپشن اهو هيو ته فيمليءَ جيڪا سو کن ايڪڙ زمين خريد ڪئي هئي. گهاري ۾ ان ۾ مشغولي ڳولهجي ۽ آبادي ڪجي، مان بي ايس سي فاريسٽري جي بنياد تي پراعتماد هيس ته ڪجهه نه ڪجهه مشغولي ته ڪڍي وٺبي ۽ روزگار جو ڌرتي ٽي. وي تي حيلو وسيلو به ٿي ويندو.
مان جڏهن 2003ع کان 2005ع تائين سکر ۾ ڊي سي او هيس ته، سيد ناصر شاهه صاحب سان، جيڪو ضلع جو ناظم هيو ۽ مهر صاحبن کي ويجهو آهي. ان موضوع تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي ته توهان جي سياسي گروپ کي هڪ ٽي وي چئنل هجي، مان به نوڪريءَ مان جلدي واندو ٿيندس. ان ڪم کي اڳتي ڪجي. کين TV جو لائسنس به جلد ملندو ۽ لائسنس ان وقت سستو به هيو، پر اها ڳالهه گهڻو اڳتي نه هلي. پوءِ مان ڪراچيءَ بدلي ٿي آيس. سيڪريٽري ڪلچر هيس ته هڪ ڏينهن شاهه صاحب سان ملاقات ٿي، هن ٽي وي چئنل لاءِ سنجيدگي ڏيکاري. مان نوڪري ۾ هيس، پر شام جو مون چئنل جو پيپر ورڪ شروع ڪيو.
8-2007ع ۾ اليڪشن ٿيڻي هئي. محترمه دبئي ۾ ويٺي گهڻو active ٿي وئي هئي. نوازشريف به سعودي عرب مان پنهنجي جلاوطني ختم ڪري پاڪستان پهچڻ جا سانباها ڪرڻ لڳو هيو. ان دوران مشرف ۽ محترمه جي وچ ۾ سياسي ڊائيلاگ شروع ٿي ويو. چون ٿا ته امريڪا ۽ عرب امارات به ان معاملي ۾ ٽياڪڙي ڪري رهيا هئا. محترمه ۽ نواز شريف جي وچ ۾ ميثاق جمهوريت Charter of Democracy (CoD) به لنڊن ۾ صحيح ٿي ويو هيو.
هي اهو دور هيو، جو ڪنهن به ٽئين سنڌي چئنل لاءِ ماحول سازگار لڳي رهيو هيو. اسان ڪم کي تيز ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سيد جاويد شاهه جيلاني سابق MNA خيرپور به اچي ناصر شاهه سان شامل ٿيو. ٻنهي جو خيال هيو ته مان به سندن ڀائيوار ٿيندس. پر منهنجا کيسا خالي هئا. مون کين ٻڌايو ته مان ورڪنگ ڀائيوار ٿي سگهان ٿو. پر شيئر هولڊر، جيئن هو محسوس ٿا ڪن، تيئن نه. سئي ۾ سڳو سرندو رهيو. گلاس ٽاور ۾ آفيس قائم ڪئي سون، مهرين رزاق ڀٽو به ڊائريڪٽر ٿي وئي. حميد ۽ رفيق ڀٽو به جاويد شاهه جي معرفت چئنل ۾ آيا، يونس مهر اڳ ۾ ئي مون سان هيو. رحمت ماڃوٺي، غلام حيدر صديقي، غازي صلاح الدين (پراڻو سپاف وارو ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم جو ميمبر) ان به اچي جوائن ڪيو ۽ خبرن جو حصو الطاف ميمڻ ۽ ان جي ٽيم جي حوالي ٿيو.
شروعات ۾ ئي اسان کي اهو ڌڪ لڳو ته اسان چئنل جو نالو مهراڻ ٽي وي تجويز ڪيو هيو سي، پر اسان جي ئي ڪجهه ساٿين اهو نالو غلام نبي مورائيءَ تي ظاهر ڪيو ته هن اسان کان اڳ ۾ ان نالي سان درخواست پيمرا کي ڏني. جڏهن اسان جي درخواست ان نالي سان وئي ته اها ان سبب جي ڪري واپس ڪئي ويئي ته ان نالي سان اڳ ۾ ئي درخواست مليل آهي. پوءِ اسان ‘ڌرتي ٽي وي’ جي نالي سان درخواست ڏني. ائين ڊسمبر 2007ع ۾ ڪيئرٽيڪر سيٽ اپ ۾ نثار ميمڻ صاحب انفرميشن جو وفاقي وزير ٿيو ته هن ڪافي مدد ڪئي. ڪراچيءَ ۾ پيمرا جي اڇي ڪاري جي مالڪ الطاف مجيد (DIG) ڪافي مشڪلاتون به پيدا ڪيون، پر نثار ميمڻ جي مهربانين سان لائسنس به، ۽ سيٽلائيٽ ڪنيڪشن به ملي ويو. 9 فيبروري 2008ع تي وزير اطلاعات نثار مميڻ، ڌرتي ٽي وي جو افتتاح ڪيو. ائين صحيح وقت هيو. مارچ 2008ع ۾ اليڪشن هئي.
مون شاهه صاحب کي چيو ته مان مارڪيٽنگ ۾ جڏو آهيان، ته مارڪيٽنگ جو شعبو سائين ناصر جي پٽ علي شاهه جي حوالي ڪندي سندس مدد لاءِ سرفراز بروهي ۽ سيد ذوالفقار شاهه ايف ايم واري کي مقرر ڪيو ويو. شاهه صاحب ٽي وي جو ملازم نه ٿيو.
ايڊمنسٽريشن ۽ اڪائونٽس تي سوشل ويلفيئر جي سينيئر ريٽائرڊ آفيسر صلاح الدين پنهور کي مقرر ڪيو ويو، جنهن مون سان گهڻو وقت ڪم ڪيو هيو. هو آفيسر ته هيو، پر سنڌ جو ڪلچر ۽ ٻولي به سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي.
جڏهن مان جولاءِ 2007ع ۾ عمري تي ويل هيس ته پويان ناصر شاهه صاحب ۽ جاويد شاهه صاحب مون کي ”ڌرتي نيوز“ جو چيف ايگزيڪيوٽر آفيسر (CEO) مقرر ڪري ڇڏيو هيو.

شيخ اياز جي پروجيڪٽ جي اسڪيم به سائين ابراهيم جوئي جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي هئي، شيخ صاحب جي نياڻي ادي ڊاڪٽر روحي به ان ڪميٽيءَ ۾ شامل هئي، ان ڪميٽيءَ جي به نوٽيفڪيشن سرڪاري سطح تي مون جاري ڪري ڇڏي هئي، جنهن ۾ اهڙا ماڻهو به شامل ڪيا ويا هيا جن شيخ اياز سان زندگي گذاري ۽ جهڙوڪر سندس عاشق به هئا. مان مطمئن ٿي ويو هوس، تاج جويي جڏهن ابتدائي خرچ جو ڪٿائون ٺاهيون ته مان ڪم ڪندڙن لاءِ 10 کان 20 سيڪڙو تائين پيسا وڌايا. ان ڪري به ته ڪمپوزر، ايڊيٽر ۽ ٻيا اهو محسوس نه ڪن ته کانئن گهٽ اجوري تي ڪم ورتو ٿي ويو. ٻيو سبب اهو به هيو ته اجورو سٺو ملڻ ڪري ڪم به دل سان ڪندا.
منهنجي ئي وقت ۾ اهو طئي ٿي ويو هيو ته اياز جي مزار ڪيئن ٺهندي؟ مٿس ڪو قبو يا ڇت نه هوندي. حالانڪه منهنجي خواهش هئي ته مٿان ڪجهه هجي ته جيئن ڪنهن مزار جو ڏيک نظر اچي، پر مون به جويو صاحب جي حڪم آڏو ڪنڌ جهڪايو. سال 08-2007ع جي سنڌ سرڪار جي ترقياتي رٿائن جون تجويزون ظاهر ٿي ويون هيون. مان مطمئن هيس ته منهنجو پيش ڪيل نيون تجويزون شامل هيون. ايندڙ سالن ۾ به اهي تجويزون ڪارگر ثابت ٿينديون.
ڊائريڪٽر ڪلچر جي جاءِ جيڪا ڪيڊر آفيسرن مان ڀربي آهي، اها خالي هئي. ڪوبه 18-19 گريڊ آفيسر هتي اچڻ لاءِ تيار نه ٿيندو آهي. عمران عطا سومري کي مون راضي ڪري هتي پوسٽ ڪرايو. اها غير اهم پوسٽ هئي. آفيس ورڪ لاءِ عمران بيحد تجربيڪار، سياڻو ۽ ڪارآمد آفيسر هو. هن ڪافي سٺو ڪم ڪيو. خاص طور تي جيڪي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جون پيرا (PARA) هيون، انهن کي به سڌي ڪرڻ ۾ ڪافي ڪارگر ثابت ٿيو. جڏهن عمران جي پوسٽنگ ٿي ته وزير صاحب ملڪ کان ٻاهر هيو. موٽي آيو ۽ مهيني کن کان پوءِ وري ٻاهر وڃي رهيو هيو، ايئرپورٽ تي ويندي ويندي ‘ڪنهن’ کيس چيو ته سيڪريٽري ته توهان کي کنگهي به نٿو. پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجا لاڏلا آفيسر پوسٽ ڪرائي رهيو آهي. وزير صاحب ايئرپورٽ تان ڳالهايو، پر زمين آسمان هڪ ڪري ڏنو ته عمران کي ڇو پوسٽ ڪرايو ويو آ ۽ هاڻي جو هاڻي کيس بدلي ڪيو وڃي.
سنڌ سرڪار جي انجنيئر شاهه صاحب ڪينجهر ريسٽ هائوس جون ايسٽيميٽس ٺاهي مون کي ڏنيون. سيوهڻ ۽ سمبارا جون به رٿائون ٺهيون پئي. وزير جي پرائيويٽ سيڪريٽريءَ جي معرفت مون کي نياپو ڪيو ويو ته اهي 80 لک روپيه ايم ڊي ٽوئرزم جي حوالي ڪريان ته هو ڪم ڪرائي. مون هن جو چيو پٺيءَ پويان اڇلي ڇڏيو. کيس چيم ته منهنجي ان معاملي تي وزير صاحب سان ميٽنگ ٿيندي!

[b]اسي لک
[/b]ڪجهه ڏينهن کان پوءِ طارق مرزا نئون مئنيجنگ ڊائريڪٽر مون وٽ ساڳئي حوالي سان آيو، چوڻ لڳو ته وزير صاحب کي ناراض نه ڪرڻ گهرجي. اهو به جڏهن ايم ڪيو ايم جو وزير رئوف صديقي هجي. توهان کي جيڪو گهرجي، اهو مان توهان کي ڏيندس، توهان کي گهر به ڪونهي، توهان کي نوڪريءَ جا هڪ ٻه مهينا آهن. توهان کي پيسن جي ضرورت به پوندي. هروڀرو توهان ريٽائرمينٽ کان اڳ ۾ بدلي ٿي وڃون ڇا فائدو. ڪم به ٿيندو. پيسا سرڪاري آهن. توهان کان پوءِ ٻيو ڪو آفيسر اچي به اهو ڪم ڪندو. توهان جي ذميداري به نه ٿيندي.”
طارق مرزا منهنجي گهر ويٺو هيو. چانهن پئي پيتائين. هن چانهن پوري ڪئي ته مان اٿي کڙو ٿيس. چيو مانس ”طارق! خدا حافظ“ تون منهنجي گهر ۾ نه هجين ها ته مان توکي ٻي طرح پيش اچان ها! هن موضوع تي وري نه ڳالهائجانءِ!

[b]سفاري پارڪ
[/b]وزير صاحب پنهنجي پروجيڪٽ ”سکر سفاري پارڪ“ تي زور ڏئي رهيو هيو. غلام سرور کيڙو، جيڪو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هيو، ان کي چئي ان وٽ ان اسڪيم جي منظوريءَ لاءِ ميٽنگ رکرايائين.
ميٽنگ شروع ٿي، ٻيلي کاتي جو سيڪريٽري، محترم محبوب انصاري صاحب به موجود هيو. مون کيڙو صاحب کي چيو ته ”انصاري صاحب جي هجڻ تي مونکي اعتراض آهي. جڏهن ٻيلي کاتي جي وزير لکي ڏنو آهي ته پوءِ ان کي گهرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.“ کيڙي صاحب منهنجو اعتراض رد ڪيو، سفاريءَ واري اسڪيم منظور نه ٿي، ان وچ ۾ مون وزير کي فون ڪيو، پاڻ ڪونه مليو. PS کي نياپو ڏنم. مون کيڙي صاحب کي اهو به چيو ته توهان اصولاً اها اسڪيم منظور ڪيو، پوءِ اعتراض دور ڪنداسون. پر اها ڳالهه قبول نه ٿي. ميٽنگ ختم ٿي. ڪلاڪ کان پوءِ وزير سان ملاقات ٿي ته ظاهر ۾ اسڪيم جي منظور نه ٿيڻ تي ڏاڍو ڪاوڙيل هيو. اسڪيم جي منظوريءَ لاءِ ٻي به ميٽنگ ٿيڻي هئي. پر هن جي دماغ ۾ 80 لک رپيا ڦري رهيا هئا. وزير اتان اٿيو ته وڃي گورنر وٽ پهتو ته سيڪريٽري عبدالقادر منگيءَ کي بدلي ڪري شمس جعفراڻيءَ کي مقرر ڪرايو. گورنر چيف منسٽر کي چيو. چيف منسٽر ارباب صاحب دير ئي نه ڪئي. ٻئي ڏينهن صبح جو منهنجو سروسز کاتي ۾ ريورٽ ڪرڻ جو حڪم اچي ويو. هڪ اڳ ۾ ئي رُسي ويٺي هئي، وري پيڪان نياپو آيس!
شمس جعفراڻيءَ جو ٻڌو ته منهنجي آفيس ۾ هليو آيو. چيائين ته “منهنجو سيڪريٽريءَ جو آرڊر ٿيو آهي، منهنجي لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ڏک جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن توهان جي ريٽائرمينٽ ۾ مهينو ڏيڍ ئي وڃي رهيو آهي. اچو ته وزير وٽ هلون کيس چئون ته في الحال آرڊر روڪرائي.” مون همدرديءَ لاءِ شمس جو ٿورو مڃيو ۽ سندس نيڪ نيتيءَ جي باوجود ساڻس گڏجي وڃڻ کان انڪار ڪيو.
مان ان وقت ئي چارج ڏيڻ جا ڪاغذ ٺهرايا. صحيح ڪري شمس کي ڏنا. ٽيبل جي خاني مان پنهنجا ذاتي فائيل ۽ ڪاغذ کنيا. آخري چانهن جو ڪوپ آفيس ۾ پيتو. شمس کي سيڪريٽريءَ جي ڪرسيءَ تي ويهاريو. گهران پنهنجي ذاتي ڪار گهرائي. هيٺين اسٽاف سان انهن جي آفيس ۾ وڃي موڪلائيندي نوڪريءَ دوران تعاون ڪرڻ لاءِ ٿورو مڃيو. گاڏيءَ ۽ ڊرائيور شمس حوالي ڪري، اولڊ ڪي ڊي اي بلڊنگ مٿان جهولندڙ پاڪستان جي جهنڊي کي سلام ڪري گهر روانو ٿي ويس. تقريباً 33 سالن جي نوڪريءَ جو الميه انجام! اهو اسان نوڪري ڪندڙ آفيسرن لاءِ سٺو سبق آهي. توهان ڪجهه به ڪيو. ڪيتري به سرڪار جي خوش آمد، عوام جي خدمت ڪريو، پر توهان جو انجام ائين به ٿي سگهي ٿو.