19. هڪ دؤر جي پڄاڻي
هفتي کن کان پوءِ سروسز کاتي ۾ ويس، انهن کان منهنجي ريٽائرمينٽ جي ڳالهه وسري وئي هئي، ريٽائرمينٽ جو آرڊر ڪڍرايو.
چيف سيڪريٽريءَ سان مليس. فضل الرحمان صاحب جي بدلي کان پوءِ شڪيل دراني چيف سيڪريٽري ٿيو هيو. هو سرحد صوبي جو هيو، سنڌ ۾ دال نه ڳريس. چئن مهينن ۾ بدلي ٿي ويو هيو. ان تي ايم ڪيو ايم اهو الزام لڳايو ته هو پٺاڻ آهي. تنهن ڪري مهاجرن جي مقابلي ۾ پٺاڻن جي مدد ڪري رهيو آهي. حالانڪه هو پٺاڻن کي انتظامي طرح سڌو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو هيو. هي 12 مئي 2007ع وارو دؤر هيو، جنهن ۾ مشرف جي چوڻ تي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي ايئرپورٽ تي بند ڪيو ويو ۽ ڪراچيءَ ۾ مار موچڙو ڪيو ويو هيو ۽ ماڻهو ماريا ويا.
شڪيل درانيءَ کان پوءِ اعجاز احمد قريشي ٿوري وقت لاءِ چيف سيڪريٽري ٿيو هيو. هن به گهڻي نوڪري سرحد صوبي ۾ ڪئي هئي. هن پنهنجي لاءِ مشهور ڪرايو هيو ته سخت، ايماندار ۽ اصول پرست آهي. مان وٽس سلام ڪرڻ لاءِ لنگهي ويس. کيس چيم ته ”توهان منهنجي بدلي ڪري ڇڏي آهي، ٺيڪ ٿيو، پر پوسٽنگ به ڪونه ڏني آهي، جڏهن ته مهيني کن ۾ مان سٺ سال جو ٿي رهيو آهيان ۽ ايندڙ مهيني ريٽائر ٿيندس ته پينشن ڪٿان کڻندس؟“
هن چيو ”پر مونکي ته ڪنهن به نه ٻڌايو ته ڪو توهان نومبر ۾ ريٽائر ٿيڻا آهيو.“ مان کيس خدا حافظ چيو ۽ نڪري آيس.
ٻن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي ٿر جي پراڻي يار، جيڪو چيف منسٽر سنڌ هيو ۽ جنهن منهنجي بدليءَ جا حڪم ڏنا هئا ۽ ان وٽ پهتس. ”موڪلائڻ ۽ خدا حافظ ڪرڻ آيو آهيان، ايندڙ مهيني ريٽائر ٿي رهيو آهيان!“
چيائين، ”بس!“ مون به چيو ”جي بس!“ ۽ موڪلايو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گورنر صاحب وٽ ملاقات جو ٽائيم مليو، ممتاز الرحمان سندس پرنسپل سيڪريٽري هيو.!
گورنر سان ملاقات ٿي. کانئس موڪلايو!
ٻئي ڏينهن تي ممتاز الرحمان جي فون آئي، چيائين ته گورنر صاحب چئي ٿو ته ”منگي صاحب کان پتو ڪر ته اومبڊ سمين جو ڪنسلٽنٽ ٿيندو؟“ ان وقت ڪنسلٽنٽ کي پنجويهه، ٽيهه هزار پگهار ملندي هئي. هاڻي ته ستر هزار کن آهي. مون گورنر صاحب جا ٿورا مڃيا ۽ انڪار ڪري ڇڏيو.
مون پنهنجو من ۽ “عشق” ڌرتي نيوز ۽ ٻنيءَ سان لڳائي ڇڏيو هيو.
ڪُنڍي ڪِلين وچ ۾، جڏهن هئين جن،
موٽي مون پرين، ڪڍڻ جي ڪين ڪئي.
منهنجي ٻارن 26 نومبر 2007ع تي، منهنجي پسنديده جڳهه، گهارو ريسٽ هائوس تي، منهنجي سالگرهه جو پروگرام رٿيو. منهنجو اولاد ۽ انهن جي اولاد سڀ اچي اتي گڏ ٿياسون. “هيپي برٿ ڊي ٽو يو ڊيڊي” جا آواز اڀريا، هڪ ميڻ بتي وسائي. منهنجي ڪهول جي ٻن ننڍي ۾ ننڍن ٻارن مريم انيس ۽ هبا فاطمه منهنجي ڪيڪ ڪٽڻ ۾ مدد ڪئي.
مان انهن ٻارن جي صحبت ۾ شامل ٿي ويس.
ائين هڪ دؤر جي پڄاڻي .... يا نئين دؤر جي شروعات ٿي!!