آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

جـوئي آهيان سوئي آهيان

ھي ڪتاب ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري محترم عبدالقادر منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
عبدالقادر منگي جي اندر ۾ ھڪ اديب ۽ ڪلاڪار لڪيل آھي، تنھنڪري ھو سنڌ ۾ جتي بہ ڪامورو ٿي ويو تہ ھن انتظامي حوالي سان گڏ اتي ادب ۽ ثقافت کي ھٿي ڏني. ھو پنھنجي 33 سالن جي ڪيريئر ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ ويو آھي، ھن سنڌ جي سياست جا مختلف دور ڏٺا آھن، مختلف وزيرن ۽ حاڪمن سان رھندي ھن جيڪو ڪجھ ڏٺو آھي ان کي پنھنجي ڪتاب ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس جيڪا سنڌ جي ھڪ تاريخ آھي. ھن پنھنجي دور جي مختلف ساٿي ڪامورن، اديبن ۽ سياستدانن کان وٺي عام ماڻھن جي قصن کي پنھنجي آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آھي. ھو ملنسار ۽ ڌيمي انداز سان ڳالھائيندڙ ۽ محبتون ارپيندڙ شخصيت جو مالڪ آھي.
Title Cover of book جـوئي آهيان سوئي آهيان

پنهنجي پاران

نيٺ مون فيصلو ڪيو ته پنهنجي آتم ڪٿا لکندس!
سوچيندو رهيس ته مان پنهنجون ننڍي هوندي کان ذاتي ڊائريون ته لکيون ڪونه، جيڪڏهن ڪجهه وقت لکيون به ته اهو سوچي اهي تباهه ڪري ڇڏيون ته متان اهي ڊائريون ڪنهنکي هٿ نه اچي وڃن جن ۾ منهنجا ‘راز’ سمايل هئا. ته پوءِ ڪجهه دوستن ڪن چاهڻ وارن جا خط اهي سانڍيا! پوءِ جڏهن 27 ڊسمبر 1970ع تي منهنجي شادي ٿي وئي ته انهن کي سانڍڻ به مشڪل ٿي ويو. وهندڙ ڳوڙهڻ سان اهي ”چند تصویریں اور چند ھستیوں کے خطوط“ تيليءَ جي حوالي ڪري ڇڏيا.
ريٽائر ٿيڻ جي ڇهن سالن تائين عبدالغني ”سليم“ چنا، عاشق منگي ۽ ڪجهه ٻيا دوست زور ڀرڻ لڳا ته مان پنهنجون ”ساروڻيون“/آتم ڪٿا لکان. مون 2013ع ۾ فيصلو ڪيو ته آتم ڪٿا لکندس ۽ قلم کنيون. ٻه ٽي صفحا لکي منجهي پيس، پين ۽ پنا هڪ پاسي رکي ڇڏيم!
ڇا لکجي؟ اڳ ۾ ڇا لکجي، پوءِ ڇا لکجي. وري هڪ ڊگهي وقفي کان پوءِ لکڻ شروع ڪيو. وقفا ايندا رهيا. در اصل سالن کان نثر، افسانا، ترجما ۽ مضمون لکڻ ڇڏي ڏنا هيم. شاعري ڪڏهن ڪڏهن ڪندو هيم پر لکڻ جي پريڪٽس ڪونه رهي هئي! منهنجي ڳالهائڻ واري ٻولي به عجيب ٿي وئي آهي، سڄي سنڌ ۾ سالن جا سال نوڪري ڪيئي اٿم تنهن ڪري اترادي، وچولي، لاڙيءَ، ڪاڇو ۽ ٿر جا لهجا شامل ٿي ويا آهن. مون بهتر سمجهيو ته جيڪو لکان اهو پنهنجي ڳالهائيندڙ لهجي ۽ ٻوليءَ ۾ ۽ ننڍن ننڍن سٽن ۽ جملن ۾ لکان، جيڪو منهنجي لاءِ سهوليت وارو ڪم آهي. نه ڪتاب ۾ ادبي ”چاشني“ ملندي نه ادبي انداز ۽ ڊيگهه. هيءَ ڪتاب سڌن سادن پڙهڻ وارن لاءِ هوندو. ڳالهه شروع ڪيم ئي زندگيءَ جي شروعات کان.
پهريون باب، ڄمڻ ۽ اسڪول جي تعليم جو منهنجي لاءِ ڏکيو ۽ صبر آزما هيو. پوءِ اَينٽَ سڌي ٿي وئي. فاريسٽ ڪاليج جي باب لکڻ سان. مون فيصلو ڪيو ته جنهن تسلسل سان زندگي گذري آهي ۽ نوڪري ڪئي آهي، ان تسلسل سان ئي لکڻ کي اڳڻي وڌائجي.ڪتاب جا باب، ان ترتيب سان لکيا اٿم پر مون وٽ ڪوبه مواد ڪتاب لکڻ لاءِ ڪونه هيو سواءِ يادگيرين جي. انهن کي به پنجاهه سالن جو وقت گذري ويو. يادگيرين کي ورائڻ وڏو ڏکيو، بلڪه جيءَ کي جنجال ۾ وجهڻ وارو ڪم هيو. ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون اڌ جاڳي ۽ اڌ سمهي انهن يادين کي موٽائيندو رهيس ڄڻ پاڻ کي Hypnotize ڪندو رهيس. ڪڏهن ڪڏهن ته مان انهن پراڻين ڪيفيتن ۾ داخل ٿي ويو هوس. ڏينهن جا ڏانهن مون انهن ڏکن ۽ سکن جي پراڻين حالتن ۾ گذاريا. انهن مان نڪرڻ ته ڪڏهن ڪڏهن اوکو ٿي پوندو هيو. جيڪڏهن نڪري به ايندو هيس ته مڪل طرح نه! اڪثر ائين محسوس ٿيندو هيو ته مان هڪ وقت ٻه زندگيون گذاري رهيو آهيان! هڪ اڄوڪي ۽ ٻي گذريل.
ڪتاب ته مڪمل ٿي ويو، پر آهي جان جي خطري جو ڪم. وڏو خطرو اهو آهي ته جنهن کي نه وڻندو اهو هٿ ۾ پٿر کنيون بيٺو هوندو. سچ پڇو ته ڪنهن کي رنج پهچائڻ کان وڌ ۾ وڌ پرهيز ڪئي اٿم. سچ ڪڏهن ڪڏهن ڏوهاري به ٿي پوندو آهي. ڪو سمجهي ته سندس ناجائز دل آزاري ٿي آهي ته درگزر ڪري. حقائق جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو صحيح نه لکيا ويا آهن ته انهن لاءِ اڳواٽ معافي، ساٿي جيڪڏهن انهن جي نشاندهي ڪندا ته درستگي ڪئي ويندي. ڪتاب سڄو يادگيرين جي بنياد تي ئي لکيو ويو آهي، واقع، تاريخون ۽ نالا ڪٿي ڪٿي غلط ٿي سگهن ٿا.
هن ڪتاب جو چيپٽر ٿر جنهن کي ”جي مون گهاريا ٿر ۾“ الڳ ڪري، ٿري ماڻهن سان واعدي مطابق کين مڃتا ڏيڻ لاءِ ڇاپيو ويو آهي، ته جيئن کين خريد ڪرڻ ۽ پڙهڻ ۾ سهوليت ٿئي، اهو چيپٽر/ڪتاب به هن سڄي آتم ڪٿا جي حصي طور شامل آهي. هن چيپٽر کان سواءِ ته منهنجي آتم ڪٿا مڪمل ناهي. ان ڪتاب کي پريس توڙي اهل ادب ۽ ٿر جي دوستن کان وڏي مڃتا ملي آهي اهو چيپٽر ڄڻ هن ڪتاب جو مهاڳ آهي. ان چيپٽر تي انگريزي ۾ لکيل گل محمد عمراڻي صاحب پاران تعارف يا Review هت توهان جي ڄاڻ لاءِ ڏجي ٿو. گل محمد صاحب ميرپور خاص جو ڪمشنر رهيو آهي، ٿر به جنهن جو حصو رهيو آهي.
من ۾ محبت پائي رنڊا روڙ يا اٿم، ڪنهن خاص ترتيب سان ڪونهن. جيئن، جتي جهڙو وقت وهيو واپريو آهي ان کي ورجايو اٿم. دعويٰ ڪونهي ته ڪو هيءَ وڏو ادبي شهڪار آهي ڪو ريفرنس جوڳو ڪتاب آهي. جتي وڏن ماڻهن جا من موهيندڙ مضمون هوندا اتي غريب غربن جا حال احوال به هوندا، جنهن ۾ جمعي فقير جو قصو ته وتائي فقير جون ڳالهيون شامل آهن، جتي چيف سيڪريٽرين ۽ سيڪريٽرين جي رعب تاب جا ليک هوندا اتي توهان کي هوت خان پٽيوالي ۽ سنيڌل ڪلارڪ جون ڳالهيون به ملنديون، جتي وڏن ماڻهن جا وڏا قصا آهن اتي انهن کي چهنڊڙي به پائي ورتي اٿم اها ڪنهن پڙهڻ واري کي محسوس ٿيندي ڪنهن کي نه ٿيندي. بخش ته پاڻ کي به ڪونه ڪيو اٿم! انسان آ ان جي زندگيءَ جا ڪي ڪمزور ترين لمحا به آهن. مون ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي واکاڻ نه لکان پر پنهنجين ڪمزورين ۽ ڪچاين جو ذڪر ضرور ڪيان. ڪي ته اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن جيڪي مونکي ڏوهاري ۽ قابل تعزير بڻائين ٿيون! پر جيڪو منهنجي ۽ منهنجي رب پاڪ جي وچ ۾ وهي واپري ٿو تنهنجي ‘توکي’ ڪهڙي خبر. سندس درگذر جا در سدا کليل آهن. انهن ڳالهين جي لکڻ جو رواج آتم ڪٿا ۾ ڪونهي، خاص طور آفيسرن طرفان.
هن ڪتاب ۾ مون ڪيترن ئي ويجهن ماڻهن ۽ اهم واقعن جو ذڪر نه ڪري سگهيو آهيانجيڪي منهنجي آڏو گهمندا ڦرندا نظر ايندا رهيا آهن پر رهجي ويا آهن. هونئن به مون تي اهو الزام عام آهي ته مان پنهنجن کي نظرانداز ڪندو آهيان. مثلاً عاشق منگي جنهن مونتي لکي لکي ڪاغذ ڪارا ڪيا آهن يا امتياز منگي پنهنجو هڪ سفرنامي جو ڪتاب مونکي ‘ارپيو’ آهي يا منهنجو ننڍن ڀائن جهڙو دوست ڊاڪٽر فقير محمد کوکر. اهڙا ڪيترائي ٻيا سائين ۽ سانئڻون رهجي ويا. هڪ خوبصورت خاتون کي خبر پئي ته مان آتم ڪٿا ٿو لکان! چيائين ته ”جيڪڏهن ان ۾ منهنجو ذڪر نه هوندو ته ڄڻ تنهنجي آتم ڪٿا مڪمل نه هوندي!“ مون دل ۾ چيو ”چري! الله ته درگذر ڪري ٿو پر انسان انسان جو ويري آهي، هرو ڀرو مفت ۾ مارجي وڃان!“ کھایا پیا کچھ نہیں، گلاس توڑا، صاحب سے 12 آنے لو! چريا کريا آهيون پرسمجهئون سڀ ڪجهه ٿا!
هن ڪتاب کي هن حالت ۾آڻڻ ۾ ڪيترن ئي ڀلن انسانن جي مدد ۽ مشورا شامل آهن. روشني پبلڪيشن جي علي نواز گهانگهري ۽ سندس نوخيز پٽ وڪي گهانگهري ۽ سندن سڄي ٽيم جي مهرباني. نصير مرزا بٺا اجر اجوري جي ڪتاب جون پروف پڙهيون ۽ ايڊيٽنگ ڪئي. ڪمپوزر تولا رام کي شابس هجي جنهن گهڻو ڪتاب ڪمپوز ڪيو. انور بلوچ صاحب ڪجهه پروف پڙهيا ۽ مونکي مشورا ڏنا. نعيم ديش والي ٿر چيپٽر لاءِ ٽائيٽل ٺاهي ۽ ڪلر فوٽو تيار ڪري سٺو ڪم ڪيو. ٽائيٽل در اصل منهنجي پٽ محمد عريس خان منگي، جيڪو ڪمپيوٽر ڊيزائننگ ۾ سند يافته آهي ان ٿر چيپٽر لاءِ Design ڪيو هيو، پر ان کي سندس مشوري سان آخري شڪل نعيم ديش والي ڏنو.
سنڌيڪا جي ٽيم پنهنجي سرواڻ نور احمد ميمڻ جي سرواڻيءَ ۾ ڪتاب ”جوئي آهيان سوئي آهيان“ کي خوبصورت ڪري پيش ڪيو آهي. نور احمد ميمڻ هر طرح جي دامي، درمي ۽ سخني مدد ڪئي. انهن کان سواءِ غلام حسين قريشي، امتياز منگي ۽ منير منگي جي به مدد ۽ مشورا شامل رهيا.
مان مدد علي سنڌيءَ جو به ٿورائتو آهيان جيڪو منهنجو ديرينه دوست آهي، منهنجي ساڻس واقفيت 71-1970ع کان آهي. جڏهن مان ٻيلي کاتي شڪارپور ۾ نوڪري ڪندو هوس. ان کان پوءِ ساڻس سٻنڌ قائم رهيو آهي. مصروفيت مان ٽائيم ڪڍي جنهن محنت سان هن آتم ڪٿا جي ڪتاب لاءِ مهاڳ لکيو اٿائين، ان لاءِ سندس ٿورائتو آهيان.
وڏي مدد گهر مان ملي منهنجي گهر واريءَ جي طرفان! گهر واريءَ کان وڌيڪ نقاد ڪير ٿو ٿي سگهي! لکيل هر سٽ کي ٽٽوليائين ۽ ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ مشورا ڏنائين.
هن منهنجي هر لحظي هر پل همت افزائي ڪئي ۽ منهنجو اعتماد بحال رکيو! ڪي وسريل ڳالهيون به ياد ڏياريون! سندس مدد کان سواءِ هن ڪتاب جو هن شڪل ۾ اچڻ ممڪن نه هيو. منهنجا پٽ محمد عريس خان منگي ۽ علي حميص قادر منگي، ننڍي عمر ۾ لٽريچر، ناولن ۽ آرٽ ورڪ ۽ ڊيزائننگ دلداد آهن. انهن به پنهنجا معصوم مشورا ڏنا. اسان پراڻا پکي آهيون هو ٻئي هن دور جا ديدهه ور. ڊاڪٽر انيس قادر منگي پڻ پاڻ موکيو.


[b]عبدالقادر منگي
[/b]2017-11-26